سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :14

پير حسن بخش شاه

حسن بخش شاهه ولد پير گلزار علي شاهه 1262هه ڌاري ڄائو. سندس حسب نسب جو سلسلو جناب سيد عبدالقادر جيلاني رحه سان ملي ٿو. پنهنجي ناني پير سبحان علي شاهه جي سنڀال هيٺ تعليم حاصل ڪيائين. جوانيءَ ۾ مجاز جي  چوٽ لڳس ۽ ڪلام چيائين. وٽس راڳ جي محفل سدائين متل رهي. سندس ارادت ۽ عقيدت پير صاحب پاڳاري جناب حزب الله شاهه سان هئي. تاريخ 7 جمادي الاول 1318هه1900ع ۾ ڳوٺ ڊُٺڙي (تعلقو شهدادپور) ۾ وفات ڪيائين. (1)

[486]

هن عشق جي آڙاهه ڪئين هزار ٻهڳڻ ٻاريا

هر دوجهان، نينهن جي نشي، جوڳي جُنگ جياريا

1.      بره باب جي عتاب، ٻيا ڪتاب ڪُل وساريا
        ڪئين جوان منجهه طوفان، ڪن جا ڏيک ڪرٽ ڏاريا
2.      ڪربلا قرب ڪبريا، قهري قتل ڪاريا
        اُهي مير مُڙيا ڪينڪي، جن جي موڙ سر ملهاريا
3.      مَجني مير امير تي، بر ۾ گل بهاريا
        جنهن کي ليلى هڪڙي لاڏ سان، سو سبق سور سيکاريا
4.      مچ عشق جي محال ”انالحق“ اُجاريا
        منصور جهڙا مُنصب، تن سُوريءَ سر سينگاريا
5.      چاڪ صاحب تخت جي اسباب ڪول اُڏاريا
        جهنگ سيال جي خيال، رانجهن ڀڻ ٻهارايا
6.      ”حسن بخش“ عاشقن لئي، هَي هَي لڙڪ هاريا
        قربان تن جي نام تان، جن قول ”قالُوا“ جا پاريا

 

[487] گنڌارا-تين تال

جن کي لڳو آهي خبر اُنهن کي

اهڙو نيڻن جو ناتو آ
1.      ”فاذ ڪُرؤنِي اذڪُر ڪُم“

سڄڻن پاڻ سڃاتو آ
2.      غيبئون غيب غيوب  ۾ ويڙا

ڄاڻ انهن سڀ ڄاتو آ
3.      ”صُم بُڪُم عُمي“ ٿيڙا

بِره ٻوڙو عشق ٻاتو آ
4.      هوش ”حسن بخش“ تن جو ويڙو

جن پيچ پرين سان پاتو آ.

 

[488] ڪارايل: تين تال

عشق عُقاب شتاب مون کي

باز وانگون اچي جهٽيو آ
1.      چُستئون چڙهي ويو چَرغي وانگر

چنبو سيني ۾ سٽيو آ
2.      لُهون ڏيئي لغڙ واريون

هانءُ کان پٽيو آ
3.      سينو اُمالڪ زوران زوري

اندر اسان جو ڦٽيو آ
4.      بيشڪ ڏسي اِهي باشا بحري

ڪين ”حسن بخش هٽيو آ.

 

[489] ڀيروي: تين تال

جڏهن عين عجب ٿو چيائين، لاڏ ڪيو ني مَواريان
                        هڪ لاڏ ڪيو لک ڊاهين

1.      ڪئين منصور چڙهايو سُولي، ڪئين ٿو ڪرٽ چيرائين
        ”ونحن اقرب“ يار اصل کان، ساراهيو ٿو سُڻائين
2.      کول نقابا مُنهن اکيون نِي، گهونگهٽ گهنڊ ٿو پائين
        ڪئين ته گهوٽ گهايو ڪامل، قابل سڀ ٿو ڪنبائين
3.      ”الانسان سِري و اَنا سِره“ ڳجهه اندر ٿو ڳالهائين
        منصف ٿي ميدان محبت،ڪربل قتل ڪرائين
4.      ”العشق بارُ الله“ اندر ٿي، آڙهه مچ مچائين
        ”فاذ ڪروني آذڪر ڪم“، ”حسن بخش“ فائق ائين فرمائين.

 

[490] ڪلياڻ: تين تال

جوڀ ن جنسار جانب جو

تفنگ تلوار ڦهه ڦهه ڦهه

ڪنڍا ڪاڪُل قفس قهري، خمرو خمدار صف سحري
        زوراور زلف زور زهري، حُسن هُٻڪار ٻهه ٻهه ٻهه
2.      منورّ پاڪ پيشاني، ۽ ابرو قوس ڪرماني
        به ترڪش تير مزگاني، چشم چمڪار چهه چهه چهه
3.      مُنهن مهتاب مهنداري، عجب آ انف اسراري
        دندان لب لعل مرواري، گوهر گفتار ٽهه ٽهه ٽهه
4.      ”حسن بخش“ هوت کي هيڪر، ڏسي جيڪو جلي جيڪر
        شاهي شرطاً نذر ڏيڪر، پون پاسار پهه پهه پهه.

سهڻي: تين تال

اڱڻ اساڏي آ مٺا دلبر، مين جا تيڏي گولڙيان
1.      اڱڻ تون آوين ڦيرا پاوين

جند جان ساري مين گهولڙيان
        شمس قمر وت هيرا جواهر

ڀر ڀر گهولان جهولڙيان
2.      نِس دن سڪدي کڙي پُڪاران

شب روز تيڏي مين ڳولڙيان
        هر دم هر هر هِن اندر وچ

هئي هئي تيڏيان هولڙيان
3.      نال نماڻي مُرڪ اَلاوين

ٻاجهه وچون لب چولڙيا
        هڪ هڪ سخن هي لعل بدخشان

ٻهڳڻ ٻولين ٻولڙيان
4.      بات زباني سڀڪا آکي

عشق واليان ڪي ٿولڙيان
        ”حسن بخش“ هر دم موج بحرديان

ڇوهيان آوان ڇولڙيان.

 

[492] ڪلياڻ: تين تال

اسان جي شاه جو ثاني، نه ڪو ڄمندو، نه ڪو ڄايو
1.      شهنشہ شاهه شريعت جو، توڪل ۽ طريقت جو
        هميشه حال حقيقت جو، معرفت مرد مرڪايو
2.      سيد آهي سخاوت جو، دولهه درياء رحمت جو
        قطب ڪامل ڪرامت جو، سو مرسل مير سامايو
3.      ”حسن بخش“مرد موچارو، آهي ڪُل پير پاڳارو
        قادر آ قرب ڪرارو، ’الف‘ جنهن ’لام‘ سان لايو.

 

[393] ڀيروي : چئنچل تال

شاهه حزب الله جو، ساري ملڪ ۾ ماتام ٿيو
1.      مي محبت جو پيالو، ڪوثري پرجام ٿيو
        سان پيڻ تنهن جام جي اثبات هي الزام ٿيو
2.      سيدِ عالي مٿان، سو شهه شهيد امام ٿيو
        عرش ڪرسي زلزلو، ارض وسماء ۽ قيام ٿيو
3.      ماڻهن جنن حُورن پرين کي زهر تُرتئون طعام ٿيو
        سيد سندي سڪ سوز ۾، سڀني سمهڻ حرام ٿيو
4.      ”واحسرتا وا“ ڪيو، جيئن ڪربل ۾ قتلام ٿيو
        تئن ڏک پاڳاري پير جو اچي سوز من ۾ مدام ٿيو
5.      تن تي لعنت رب جي جن خرن کان هي خُلام ٿيو
        شاهه شهادت کي رسي وڃي ڄامن سندو ڄام ٿيو
6.      هاڻ ”حسن بخش“ درد دلبر جو تو صبح و شام ٿيو
        در جو شاهه حسين جو اُن عاشق کي انعام ٿيو.

 

 

 

 

 

 

مولوي عبدالقادر سولنگي

مولوي عبدالقادر سولنگي، پير صاحب پاڳارن جو مريد ۽ درگاهه پير صاحب پاڳاري جو پيش امام هو. وڏو اهلِ دل درويش هو. اندازاً 1330هه ڌاري وفات ڪيائين. سندس 13 ڪافيون نظر مان گذريون.

[494] *

پارئون پرين جي مون ڏي پيغام، درد فراق جا آيا
1.      اندر منهنجي ۾ پرتئون پرينءَ جا، هر دم هل هنگامو
                        نينهن نغارا وڄايا

مُڪا محبوبن مهرئون مون ڏي، سهسين سُور مدام
                        سي مون چُمي سِرچايا

جيءَ منهنجي ۾ سِڪَ سڄڻ جي، نهرا نوان سي آهن دام
                        قرب پرينءَ جي ڪرايا

”عبدالقادر“ کي درد لُڪيءَ ۾، لائي ڪاري قيام
                        دم دم سُور سوايا.

[495]

ساعتون ساعت سنڀار، سانگين جي آهي ساهه اندر
1.      دم دم ساريان ڪينَ وساريان، مارو مُنهن موچار
                        سدا وسن منهنجي جان جگر

منهنجي پاسي تن پهنوار، پانوَر سندي پار
                        قادر ڪندم شال قبر

ميخان محبت ماروئڙن جون، هينڙي منجهه هزار
                        جودئون جَڙيون ساڻ نظر

4.      ”عبدالقادر“ تن مارن لاءِ، سِڪي ليل ونهار
                        مِهرئون مليج تون پرور.

[496]

جوڳين جيڙو جَلايو، ماء ڪري مٺيون ڳالهيون
                                ڳُڻن واريون ڪري ڳالهيون
1. ”فاذ ڪُرواني اَذڪُر ڪُم“، انهي رمز ريجهايو
                                هاڻ وهايان ٿي ناليون
2.      ”ذهبُ الله ڪَحُبّ الله“ چئي، فريبن سان ڦاسايو
                                زلفن جون وجهي دواليون
4.      ”عبدالقادر چئي اول کان، مون اهو پُور پرايو
                                وَٽيون پيتم وصاليون.
[497]

کڻي نيڻ نوري، نازئون نهاريج

1.      آءُ الستؤن آهيان، تنهنجي ساجن سموري

وير نه وساريج
2.      ”اَوفوابِعَهدِي اُوفِ بِعَهدڪُم“، ڪيو پرت پوري

ماڻن سان نه ماريج
3.      جان جگر جيءَ جوش کؤن، کامي جيئن کوري

ڏئي پرت پاڙيج
4.      دلڙي منهنجي دلبر،چسمن ڪئي چَڪچُوري

ڏکيءَ منهن ڏيکاريج
5.      ”عبدالقادر“ سان مرشد، دلبر لاهي دُوري

گڏ ڏينهن گذاريج.

 

[498]

جاڙ جيان ٿي، جهانگين ٻاجهون

1.      ڏکن سورن جي ماڙيءَ مٿي، سُرڪيون سور پيان ٿي
2.      سانگيئڙن جي سڪ ۾، سُڏڪيون ساهه ڏيان ٿي
3.      چڪيو پون مون چريءَ جا، سي سيني چاڪ سِيان ٿي
4.      خونجگر جو جوش کؤن، ”عبدالقادر“ کِيان ٿي.

 

[499] *

جُهليو جن تي حال، انهن کي آءٌ ڪين سڃاڻان

1.      ماضي مڃن ڪينڪي نڪو استقبال
2.      جِنهين سڃاتو تنهين ڄاتو، انهن جو احوال
3.      جاڏي ڪاڏي نظر انهن جي، آهن پاڻ خيال
4.      ”عبدالقادر“ سچ سڃاتو، سچو سندن حال.

 

[500]

ماهي مٺڙا مئن گهر آيا، آيا الله ملايا

1.      جايان پُراڻيان آڻ وسايس،ڪرم اُسي فرمايا
2.      دل اندر وچ ڪيتس ديرا، رڳ رڳ وچ سمايا
3.      بادل ڪرڪي رمزين والا، محبت مينهن وسايا
4.      ”عبدالقادر“ عيد ٿيوسي، ڪرم اُسي فرمايا.

 

 

 

 

[501] *

هادي! اڱڻ اسان جي آيو ڪر، پيچ پريت جو پايو ڪر
اڱڻ اُڪنڊيءَ جي سهڻا سائين، پير مبارڪ پايو ڪر
1.      درد وندن کؤن دلبر سائين

لالڻ منهن نه لڪايو ڪر
2.      ڏسون ڏهاڙي ڪر اوهان جو

نا ته ڪڏهن ڪڏهن ڳل لايو ڪر
3.      اَمالسائل فلاّتَنهر“

سوال سائل جو سجايو ڪر
4.      ملڻ جو مشتاق پنهنجي سان

سهڻا سائين سعيو ڪر
5.      ”عبدالقادر“ سان پاڻ ڀلائي

نازڪ نينهن نڀايو ڪر.

 

 

ڀائي خان لغاري

ڀائي خان ولد ڀاندو لغاري، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل هو. پير صاحب پاڳاري جناب حزب الله شاهه جو مريد هو. اندازاً ٽيهه - چاليهه سال اڳ [1940] ۾ گذاري ويو.

[502] روپ تلنگ*

عشق سار و آزار وي ميان، جن کي لڳو تن صحي سڃاتو
1.      جيڪو عشق آري ۾ آيو

نا حڪيمن سوئي ڇڏايو  بره جو بيمار وي ميان

اهڙو آهي نينهن جو ناتو
2.      حاڪم هيڏيءَ حشمت وارو

اچي جنهن تي محڪم مارو
        ڪُل قسم تي قهار وي ميان

اهو اصلؤن خيال جو کاتو
3.      مير امير مشير ڪيرائي

ڪين لڳي ڪنهن ٻئي جي رائي
        آڻي نا اختيار وي ميان

مجروح روئاڙي ڏينهان راتو
4.      برهه ”ڀائي خان“ بالاء بهادر

سڀن شين تي قائم قادر
        صوفين جو سردار وي ميان

لهه لاهوتين ساڻس لاتو.

 

[503]

ڇاتي اندر ڇمڪي ڇير، نينهن ناچو ڪر نچايا

هوش عقل سارا گم جو ٿيڙا، عشق اندر وچ پاتا پير
                        ديد دلبر درشن پايا

هر دم هوئڻ هستي هارج، ويري نه ڪوئي وير
                        جنهن اَپڻا آپ ڇپايا

جام پيالا زمزم ڪوثر، آپ ونڊيندا علي شير
                        پِلاڪي طالب پُر رچايا

4.      ”ڀائي خان“ بيشڪ برهه بهادر، دانّهه درس دلير
                        پتنگ ٿي جنهن آپ بچايا.

[504]

ڪاهيان ڪيچ ڏي هاڻ، ڪوهياري جي ڪاڻ

وجهان ٻن ۾ ڀنڀور کي

1.      ڪيچن ڪر هو پلاڻيو،.                                                   ميي تي ڪو پلاڻ
2.      سار نه ٿي مون سڙيءَ کي،

ڏاگهن ڏيان ها ڏاڻ
3.      راهه وٺيو ريهون ڪريان

پنهل ڪارڻ پاڻ
4.      سورَ ته آريءَ ڄام جا،

”ڀائي خان“ چوي لک ماڻ.

 

 

 

[505] سر ڪوهياري

ڪل اوهان کي ڪهڙي اديون

سرتيون منهنجي هن سور جي

1. ڇو ٿيون جَهلان پائيو،ناهيون اوهين ڪي درد ونديون
2. ڪنهن سان اورڻ اوريان، وو نيڻين وهايان نديون
3. سٺم سڀيئي سر تي، لوڪ جا طعنا بديون
4. سر سڄڻ تان صدقو، ڪي قرب واريون ڪنديون
5. ڀينر ”ڀائي خان، چئي“ اٿم سختيون ساجن سنديون.

 

[506]

سر مبارڪ ڪلنگي پائي، آيو عالم جو سردار ميان
1.      ديو ملائڪ حورون غِلمان

سڀ تنهنجا ٿيا بردار ميان
2.      جهنگل جبل ۽ ٿر بر نديون

ٻيا واسيائين ته ولهار ميان
3.      ظاهر باطن هر مظهر جو

آهي مالڪ سو مختيار ميان
4.      ٿي فنا محبوب انهيءَ ۾

”ڀائيخان“ جسم جيار ميان.

 

[507]

مارڻ وانگي مار، نه جيار پنهنجي نفس نادان کي
1.      ڪاٽ ڪفر کي هٿيار هڻي تون

توبهه واري ترار
2.      ناهي نفعو ڪو ننڍي جهيڙي مان

وڏي جنگ نه وسار
3.      مدعو من جو ڇڏ جلائي

باهه برهه ۾ ٻار
4.      ”ڀائيخان“ ڀيڙو وڃي وحدت سان

گهَرو گهار گذار.

 

[508]

ساعت مور نه سَردي، مِئنون عشق لڳا هي دردي

خيال خودي دا ٿيا هي، روانا، بت مثل هڪ خاڪ بيانا
        نينهن بنان ٻيا نرڳ نيشانا، نَهين منزل ڪوڙمڪردي
2.      اسان صوفي صاف سمدر صافي، طبل و ڄاڪي ڳائون ڪافي

پي پيالا پر دريافي، ٿيوان وارث اپڻي ور دي
3.      صورت ويکيم سهي صفاتي، ڪيتم اِسم نفي اثباتي
        ماڻيم ذوق بقا دا ذاتي، مِئن هان تنهن دلبر دي
4.      ڳل وچ دار جنهين دي ڦاسي، مئڪون پلپل تهين دي پياسي

”ڀائيخان“ آهين دي ڪاڻ اُداسي، بيشڪ تهين دي بَردِي

 

[509]

تيري عشق ڪا جادو جَلاوِندا هي

ويکو نظر ڪر حال همارا

لَؤم لَؤم دي وچ لات لهر دي

سانون لڳڙا نينهن تمارا
2.      برهه اسان نون بات بتائي

لوڪ نه سمجهي سارا
3.      جهٽ ڪر جهاٽو دلڙي جهٽيندئين

ڏيندئين لُوهه لَمارا
4.      اَحدئون تيڏا عبد سڏايم

”ڀائي خان“ ٿيا بردارا.

 

[510]

تجلا نور به لايا هي، ويکو حسن شاهي شاهه شهن دا
1.      ظاهر باطن ڪمند قائم، جنهن تي راضي ٿيا ربّ راحم
        دل و جان سين سمجهه ڀانيم، آيا هادي اڄ ڪاڻ ڪهن دا
2.      تخت اعلى بخت بالا، ناز نِرالا نرمل والا
        منهن منوّر محبوب والا، لعلي پسولب دَهَن دا
3.      حضرت هادي حمايت اساڏا، ڪُل دا والي وارث لاڏا
        نال سفر دي هلسي آڏا، بار اُمت دا سائين سَهن دا
4.      تصوير زينت حق حقاني، پسيم پرين دي پاڪ پيشاني
        ساهه صدق مئن ڪران قرباني، ”ڀائي خان“ موهيل من دا.

 

 

 

 

 

ٻڍل فقير عرف ٻڍڙو فقير

ٻڍل فقير ولد عبدالواسع اُنڙ، سن 1865ع ڌاري شڪارپور شهر کان 5 ميل اتر طرف ڳوٺ بخش انڙ ۾ ڄائو. هن وقت ان ڳوٺ کي ”ٻڍل فقير جو ڳوٺ چيو وڃي ٿو.  پير صاحب پاڳاري حزب الله شاهه جو مريد ۽ هڪ سالڪ درويش هو. تاريخ 27-شعبان 1358هه/12-آڪٽوبر1939ع تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو مجموعو ڇپيل آهي.

[511]

تنهنجي اکڙين جي اسرار، هزارين حيران ڪيا

1.      پير پيغمبر شاهه سڪندر،ڪامل ڪلنگي دار

موهي مستان ڪيا
2.      انهن ڪجلين ڪيئي گهايا، اَبرو جي جهلڪار

ڌتاري ديوان ڪيا
3.      عشق مجنون کي بر ۾ بيهاريو، ولين ڪيس ولهار

گوندر گهمسان ڪيا
4.      عشق ”ٻڍل“ ٿي اوکو اڻانگو، درد لايا ڌڌڪار

سورن سامان ڪيا.

 

[512]

آءُ تون اڱڻ عيدان ڪيون، گڏ ٿي گذاريون ڪا گهڙي

1.      گهوريا ڏکن جا ڏينهن هي،  جيءَ کي جدائي جهوريو
        روئندي گذاريم راتڙي، ڳوڙها پيم ڳل تي ڳڙي
2.      هٿڙا کنيون هَڪلان ڪريان، دلبر اوهان جي درد ۾
        سڏڙا سڻي آءُ تون سگهو، تو سان منهنجي جيءَ جي جڙي
3.      ازل کئون هيم عشق تنهنجو، ٻيون وايون وسري ويون
        هردم جُسو جولان ۾، ويو ساهه سورن ۾ سڙي
4.      مڃ هيءَ ”ٻڍل“ جي منٿ تون، دلبر پنهنجو ديدار ڏي
        سر هي سسي صدقي ڪريان، مون وٽ اچو لحظو لڙي

 

[513]

پنهنجو ڳولي ڏس تون پاڻ، آدم ڪيئن ڪوٺائين تون

رنگ الاهي آهين تون
1.      تو ۾ ڪعبو تو ۾ قبلو، ذات مؤن ذات جاڳائين تون
        بڻيا باغ ته دل جي اندر، هر دم حڪم هلائين تون
2.      دلدل وانگر بت بنائي، تنهن کي آپ نچائين تون
        وَنَحن اَقرب آپ اَلائي، هُڻ ڪيون آپ لڪائين تون
3.      پاڻ گهمائين پاڻ گهتائين، بازي آپ بنائين تون
        سوريءَ تي منصور چڙهائين، اناالحق اَلائين تون
4.      ”ٻڍڙو“ آکي هر مظهر وچ، آپي رنگ رلائين تون
        آپي ملان آپي قاضي، آپي درس پڙهائين تون

 

[514]*

اُلٽي بازي عشق جي آهي، درد بنان ٻيو سمجهي ڪير
1.      هيءَ جا ڪار ڪُسڻ جي آهي، راند کٽي ڪو شير دلير
2.      باهه برهه جي ڀڙڪا ڏيوي، مچ ۾ گهڙي ڪو مرد مٿير
3.      جيئري پنهنجي جان جلائي، پڙ ۾ پائي ڪو ڪو پير
4.      سمجهه ” ٻڍل“ تون ڳجهه جون ڳالهيون، لاهوتيءَ ري لکندو ڪير
[515]
*

عشق وڃايو حجاب وي ميان،

ڦِٺ ڦڪڙي آهي ڏاج منهنجو
1.      ڳالهيون ڳُڻ مان يار جون ڳايان

حال اندر جو ٻئي نه ٻڌايان

آيو ٿي عشق عقاب وي ميان

رند ڪي سمجهن راز منهنجو
2.      لَڪ لنگهي وڃي پار پياسون

مُلڪ اُنهي تي اُتي وسايون

جتي ڪونهي ڏوهه ثواب وي ميان

عرش اوتارو آهي ماڳ منهنجو

”ٻڍل“ جيڪي محبت مُٺيون

سِر تي سهنديون جهيڙا جُٺيون

اهو بِره وارن جو باب وي ميان

طعنا تهمت آهي لاڳ منهنجو.

 

صوفي محمد صديق ”صادق جي سلسلي جا ٻيا شاعر

 

 

 

نواب جان محمد خان ”جان علي“

نواب جان محمد خان (اول) تاجپوري نوابن مان نواب غلام الله خان جو پٽ هو. سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد نئين حڪومت ۾ مختيارڪار ٿيو. آخري عمر ۾ بلڪل فقيري حال ۾ رهيو ۽ گيڙو پوشاڪ پاتائين 270-محرم 1278هه 1861ع تي وفات ڪيائين. مدحيه ڪلام ۽ ڪافيون چيائين (1)

[516]

جتي باز بره ٿو بڇائي، اتي ڪانگ نه ذات لَنوَن، وهواه!

ڪيهر شينهن جتي گجڪاري، هَستي اُتهين ڪين گذاري
        ماريو مرون ٿو کائي، لکين لاگهه لِڪيو ٿا لڪن، وهواه!
2.      عشق عقاب ڪيا آشيانا، ڇا مجال رکن سيچاڻا
        باشا بحريون اُڏائي، نِت تازا طعام تڪن، وهواه!
3.      وِرهه واسينگ وڌا جي وِهاٽي، عشق آڙاهه مان آندا آٽي
        کُوري سي ڇڏيا کانئي، سڪ سوز ۾ روز سڙن، وهواه!
4.      نينهن نهوڙي نيا نماڻا، موٽي ڪي مجنا ٿين سياڻا!
        گُهور گُهنڊيءَ سان گهائي. سي ته ڪُٺل ڪين ڪڇن وهواه!
5.      جوڳي ”جانعلي“ جڳ فاني، وڃي رهندو نينهن نشاني
        رانول رمزرَ لائي، پنڌ پورڀ پاس پڇن، وهواه!

 

 

 

نواب غلام محمد خان

نواب غلام محمد خان ولد نواب علي خان (تاجپور واري لغاري خاندان مان) 1204هه ۾ ڄائو. ميرن جي چؤياري ۾ وڏي مرتبي وارو امير ۽ صلاحڪار هو. پنهنجي اباڻي ڳوٺ اڀپور (تعلقو سنجهورو) ۾ 1279هه/1862ع ۾ وفات ڪيائين. فارسي سنڌي ۽ سرائڪي ۾ شعر چيائين. ڪلام ۾ ”غلام“ ۽ ”غلام محمد“ تخلص هوس (1)

[517]

ڏيندا يار ڏوراپي، سهڻا سانول سانول

1.      سهڻي دي خاطر وي ميان! سڀ جڳ ڇوڙيم
                        ڇوڙيم سڱ سياپي

2.      اڱڻ اساڏي وي ميان! اؤسي رانجهن وي
                        ماهي مهرئون آپي

3.      عشق دي پوک وي ميان! گهڻي پوکِيسي
                        گِهنسُون لائِي تين لاپي

4.      ”غلام محمد“ وي ميان! دمبدم آندي وي
                        پياري دي نينهن نياپي.

 

 

 

 

 

 

نواب غلام شاهه

نواب غلام شاهه ولد غلام الله خان، تاجپوري نوابن مان هڪ برجستو ۽ همت وارو شخص هو. پنهنجي والد جي وقت ۾ ئي ٿر جي سوڍن جي بغاوت بند ڪرائي، کين آڻ مڃايائين. نواب غلام الله خان جي وفات بعد ٽالپورن وٽ امير مقرر ٿيو. هو نه فقط انتظامي لياقت ۾ برک هو، پر پنهنجي وقت جو اديب، حڪيم ۽ اهل دل صوفي هو. پاڻ کي فضل الله شاهه قلندر جو مريد هو. سلوڪ ۽ معرفت بابت رسالا تصنيف ڪيائين، ۽ سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾ ڪلام چيائين. سنه 1280هه/1863ع ڌاري وفات ڪيائين (1).

[518]

صاحب تؤن صدقي ڪيم ساهه، پوتو آهه پساه

1.      تند وڄي ٿي وحدت واري، جان هنئين ۾ آهي جاري
                                        منجهه قلب قرناه
2.      عشق سڄڻ جي آتش لائي، محبت وارو مچ الاهي
                                        جيئن چِکيي جي باهه
3.      روح رڱي ويو ذڪر رباني، حاصل ٿيڙو حال حقاني
        ’                               اندر رهيو الله
4.      موج مهراڻ جي لهر لڳائي، قلب سڄڻ جي تک ترائي
                                        دوست مليو دلخواه
5.      ”غلام شاهه“ کي شاهه قلندر، پوڄ پياري سِڪ سراسر
                                        دل پيتو درياه

 

[519]

ناهي ڪو منهنجو وس، عشق آنديس آر ۾

عجب دڀر درياء جا، پرت ڪيس پَروَسَ
2.      سنڀارن ساهڙ جي، جاڳايس جَرَس
3.      سهڻي کي سرير ۾ سدا سڪ سَرَس
4.      وڄي تار وجود ۾ طلب لائِي تَس
5.      ”غلام شاهه“ کي شوق جي، روح ۾ آهي رَس

 

  

 

 

نواب احمد خان

نواب احمد خان، ٽالپوري حڪومت جي وزيراعظم نواب ولي محمد خان جو وڏو پٽ هو. سنه 1207هه ۾ ڄائو ۽ پنهنجي والد جي نظر هيٺ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد امارت ۽ وزارت جي تربيت بعد ميرن جي درٻار ۾ حاضر ٿي حڪم بجا آڻڻ لڳو، جنهن تي کيس نواب لقب مليو. نهايت ئي دورانديش ۽ حوصلي وارو هو. ٽالپورن جي طرفان پنجاب، بهاولپور ۽ جوڌپور جي حاڪمن سان لهه وچڙ ۾ آيو ۽ ڪافي عزت حاصل ڪيائين. انگريزن ۽ ٽالپورن جي عهد نامن ۾ پڻ نواب احمد خان ايلچي هو. همت ۽ مردانگي سان گڏ سندس طبيعت فقيري ڏانهن پڻ مائل هئي، جنهن ڪري آخر عمر ۾ صوفي فضل الله قلندر جهوڪ (ميرانپور) واري جو مريد ٿيو. سنه 1286هه/1870ع ۾ وفات ڪيائين ۽ جهوڪ شريف ۾ مدفون آهي. (1)

[520]

سامي شال ملن، اَلا جيءُ جلي ٿو جن لئي
1.      جوڳي ايندا جُوءِ ۾، وري شال وطن
2.      روه رلايو سسئي، ڪيچيءَ کي ڪيچين
3.      ڏيان باهه ڀنڀور کي، لائي ڀڀوت لڱن
4.      ساريو سناسين کي اندر چاڪ چڪن
5.      اٿم آس الله ۾، من ڪا منهنجي ڪن
6.      حامي ا”احمد“ شال ٿئي، اڱڻ هوت اچن
                    [521] روپ گجري

لکيا هويا لڳام، عمر ڄام! مٿي لوئي وو هٿڙا
1.      هئم روز ازل کؤن، شايد هيءَ انجام
2.      راتو ڏينهان اچن ٿا، سندا موت پيغام
3.      ڪارڻ دنيا ڪميڻيءَ جي، وساريم پنهنجو رام
4.      سحر جاڳي جوڳ نه ڪمايم، مٿئون پيڙم شام
5.      ڦري حرص هوا ۾، ڪهڙا وڌم دام
6.      عمر سڀ اجائي ويم، هٿ نه آيم ڪوئي ڪام
7.      هاڻي ”فضل“ گهران الله کان، ٻيو سندو ”احمد“ نام

 

 

نواب الهداد خان ”صوفي“

نواب الهداد خان، نواب ولي محمد خان جو ٽيون نمبر پٽ هو، جيڪو 1238هه/1823ع ۾ ڄائو. پيءُ جي وفات بعد ننڍپڻ ۾ ئي مير نصير خان وٽ ملازم ٿيو. انگريزن جي قبضي بعد وري 1847ع ڌاري انگريزن جي ملازمت ۾ گهڙيو جتان پينشن تي لٿو. سن 1300هه/1882ع ۾ ڪوٽ لاشاري ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون آهي. نواب الهداد خان هڪ ديندار، صلح پسند ۽ صوفي منش بزرگ هو. پنهنجي وقت جو اديب ۽ صاحب ديوان شاعر هو. تخلص ”صوفي“ اختيار ڪيائين. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪافيون چيائين (1)

[522]

گولي آهيان غلام، ڀلو تنهنجي در جي

ڀلو تنهنجي در جي، سائين تـنهنجي در جي

جيهي آهيان تيهي آهيان، ڪريو مهر مدام
                                مون ڏي پاڪ نظر جي
2.      صفت سبحاني بيحد بالا، لکي قول ڪلام
                                ناهي بات بشر جي
3.      پاڻ وڃائڻ دوست پهائڻ، رکڻ تانگهه تمام
                                ناهي حاج هنر جي
4.      ”صوفي“ ويچارو عيبن هاڻو، ايهو عهد انجام
                                اهي گولي در جي.

 

 

[523]

اسان نون عشق وي يارو، عجب ڪجهه رمز وِ کلائي

قدح پُر ڪر ڏتا ساقي، وسر ڳئي بات هر ڪائي
1.      جڏان خورشيد وحدت دي وکايا نور نوراني
        مهيني ماه سڀ دل تؤن اُتر ڳئي جُون جولائي
2.      امر ٿيا فاذ ڪروني دا، بشارت عام اذڪر ڪم
        اِها لذّت جِنهان آئي، تنهان ڪيا ڪام دنيائي
3.      جڏان حق آپ فرمايا هي ”ڪَرَّ منابَنِي آدم“
        نه ويکڻ آپڻا منصب، اِها هي عين اعمائي
4.      دوئي ڪونه دور ڪر ويکون تماشا دل اندر ”صوفي“

جنهان حق احد ڪر سمجها، تنها سڀ حاج هٿ آئي.

 

 

 

 

نواب امام بخش خان

هي نواب غلام شاهه جو پٽ ۽ نواب غلام الله خان جو پوٽو هو. فقيري حال رکندڙ هو. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ تمام گهڻو ڪلام چيائين. سندس هيٺيون ڪلام نموني طور ڏجي ٿو (1).

 

[524]

سائين سار لهن وو، ماءُ منهنجي جيءَ جڏي جي
        1. مون کي ماري هليا، هينئڙو نيو هوتن
        2. سسئي کي سرير ۾ سَڪوڙيو سورن
        3. لئون جا لائي سڄڻين، مڱر ماٺ نه ڪن.
        4. آلا ڦٽ فراق جا، چِڪيو ٿا چِڪَن
        5. عاشق جي الله جا، قربئون ٿا ڪُسن
        6. هلي هوت حبيب کي ڏورينديون ڏسن
        7. ”امام بخش جي ارواح کي جاڳايو جتن.

 

 

 

 

 

 

 

فقير نواب غلام الله خان ثاني

تاجپوري نوابن مان نواب جان محمد خان (اول) جو پٽ هو. سنه 1254هه ۾ ڄائو. فارسي ۽ عربي جي تعليم سان گڏ پنهنجي والد جي تربيت جو به مٿس وڏو اثر ٿيو، جنهنڪري فقيري ۽ راه طريقت کي پنهنجي حياتي جو مقصد بنايائين. سائو لباس اختيار ڪيائين ۽ تواضع لاءِ پنهنجو نالو ”محمد مسڪين“ رکيائين ۽ شعرن ۾ ”مسڪين“ تخلص ڪم آندائين. پنهنجي جاگير سُتياري (تعلقو شهدادپور) ۾ 1303هه/1885ع ۾ وفات ڪيائين. عربي، فارسي، سنڌي، هندي ۽ سرائڪي ۾ تمام گهڻو ڪلام چيائين(1).

 

[525]

عشق نانگ آهي، متان ڪا ڀُلي لئون لائي

وره وهاٽيس پرين جي، سو ڪيئن سور سَمائي
2.      جاذب جوش پرين جا، خون جگر نِت کائي
3.      اونهون عشق الله جو، وَڙِي ڪا وِهڃائي
4.      پاڻ وڃايو پرين ۾، هي ڪا رمز رهائي
5.      سِرڙو ڪاٽي ڪات سان، پوءِ ڪا پِيّ پڇائي
6.      معنى سين ”مسڪين“ چئي، وِڄا عشق وڃائي.

 

 

نواب محمد علي خان

نواب محمد علي خان، نواب الهداد خان ”صوفي“ جو ٻيو نمبر پٽ هو. سن 1262هه ۾ ڄائو ۽ 1309هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين(1).

[526]

تن مارن سان لڳي آهي ڪا منهنجي ڏاڍي محبت
        آهي منهنجي ڪا ڏاڍي محبت، قيد ڪيس هت قسمت
1.      آءُ ته بيگاني وتان ڌڻوَندن ڌارئُون

نت ته نماڻيءَ جا نيڻ وهن ڪيو نارون

ڪين جيان ٿي جيڏيون، دم هوتن ڌارئون

پهر پري تن کؤن ظلمي ڀانيان ٿي ظلمت
2.      هت خوش منهنجون جيڏيون، هت هيڪلڙي آئون
        وهڻ وِه ٿي ڀانيان، ڇا اچي ڪنديس آءُ ڇائون
        اُڌما ڏيئي عشق مؤن، دل منهنجي ڪري ٿي دانهون
                ديد بنا دلبر جي، آهيان انهيءَ منجهه حسرت
3.      زريون زيور زينت جا، ٻن اهي ٿي ڀانيان
        مهڻا مارن جا ميان عمر! هت ڪيئن هٿن کي لايان
        ڪاڻ اباڻن جي نيڻين جر ٿي واهيان
                شال ملان تن مارن، الله ڏيندم ٺشل عظمت
4.      محبت ۾ ”محمد علي“ جيءَ ۾ جانب ڪاڻ جلي
        اور اندر ۾ اوريو، سُور نه ٻئي کي سلي
        ٻڏي ٻانهن جيئن ٻانهون هڻائي سان هلي

راضي ٿيندو رب رحيمي، ڪندو شل رحمت.

 

 

نواب حسين علي خان

نواب حسين علي خان، نواب الهداد خان، ”صوفي“ جو ٽيو نمبر پٽ هو. 1264هه ۾ ڄائو ۽ 1317هه/1899ع ۾ وفات ڪيائين. (1)

[527]

ڏاڍا ٻاڻ ٿو دل کي لائين

جڏهن نيڻ ناز ڪري ٿو اُٺائين
1.      نيڻن جا نشان نسنگي، اڙٻنگ آڻي آڙائين
        نوڪن ساڻ زوراور زوري، عاشق نت ڦاسائين
2.      لاهيو نقاب رخسار تؤن، ڪِيون بدل بهار بنائين
        ڪري چمڪار پڪار چوڌاري، رم جهم ڪر برسائين
3.      جوڀن جوڙ جنسار ڪيو، گلزار چوڌاري وِکائين
        ڇا ياقُوت رُماني مرجان ساڻ لبن شرمائين
4.      محفل ۾ ڀري جام شراب جو جڏ تون يار پِلائين
        ساڻ ”حسين علي“ جي هر دم، خوش فرمان فرمائين.

 

نواب علي گوهر خان

نواب علي گوهر خان ولد نواب جان محمد خان (اول)، تعليم يافته ۽ طريقت راه ڏي مائل هو. پاڻ کي گوهر علي سڏايائين ۽ ”صوفي“ تخلص ڪيائين. حال توڙي قال ۾ وڏي منزل کي پهتل هو ۽ وفات وقت پنهنجي وقت جو صوفي قادري طريقي جو ڪامل درويش هو. سندس ڪافي هيٺ ڏجي ٿي(1).

 

[528]

ڪا جا روح رهاڻ ميان عمر! منهنجي هينئڙي، ڪا جا روح رهاڻ
وسريم تان نه ولهار وٿاڻ، مارن ساڻ، ڪا جا روح رهاڻ
1.      پيرون پٽن چونڊيان، ڏارن ڏؤنرن پاڻ
2.      ڍاٽي اُٺ ڊينگڙ ڊُونڊا، پٽ تي پهرن پنهور پاڻ

3،      ڪرڙ پچي پَٽ بار پڪا، پالُر پسيء ڪيا گهڙ گهمساڻ
4.      ”گوهر علي“ تي ٻاجهون ٿيڙيون، حق هادي ڪيون حاذق هاڻ

 

 

 

 

 

 

مراد فقير جلالاڻي

مراد فقير جلالاڻي، جهوڪ شريف جي درگاهه جو طالب هو.

[529]

تن من وسدا رانجهن سائين، سر صدقي جند گهول گهمائين
1.      قائم وچ قلوب گذاري، رهندا دل دي تخت هزاري
        روح رتا رنگ يار پياري، هر دم ويکان تي سک پائين
2.      جون جون ويکان تيون تيون جيوان، پريم پيالي هر هر پيوان
        هڪ پل پاسي مول نه ٿيوان، سهڄئون سهڄ ڪنون ڳل لائين
3.      ڪيتا ڪرم ”مراد“ اداهي، انتر جامي مليا ماهي
        کيڙيان دي منهن مَلِي سياهي، دردمندان ديان ڪرن گِلائي.

 

[530] روپ بسنت

اڄ ڍوليا آيا ميڏي گهر، سڀڪائي آکي هلو هلو

1.      ”وَنَحن اَقرب“ نيڙي لڌوسي،  آئو تُسان ڀَل مِلو مِلو
2.      دوست مليا ميڏا تن من ٺريا، سڀڪائي آکي آلو آلو
3.      نِت بسنت مبارڪ مئنون، پائي ”مراد“ مئن پلو پلو

 

[531] روپ جوڳ

سهيوڙي! ميڏا رانجهن سائين آ ويڙهي وچ وٺا

اندر چولي ٻيٺا ٻولي، ٻَهُون لڳي مَن مٺا
2.      ڪِنان دي نال سّيد آها، سو مئن اکئن ڏٺا
3.      پريم حُسن ديان فوجان چڙهيان، بنان ڪاتي ڪُٺا
4. يار ”مراد، مليوسي ماهِي، هادي آسان تي ٽٺا.

 

فقير نواب ولي محمد خان

فقير نواب ولي محمد خان لغاري (ثاني)، ٽالپوري حڪومت جي وزيراعظم نواب ولي محمد خان جو پوٽو ۽ نواب احمد خان جو پٽ هو. سنه 1252هه/1836ع ۾ حيدرآباد شهر (ٽنڊي ولي محمد ۾) ڄائو. انگريزن جي قبضي بعد سندس رهائش تعلقي سڪرنڊ ۾ مرزان پور جاگير ۾ ٿي. آخوند سانوڻي ميان غلام محمد ۽ ميان محمد صادق، ۽ ڳوٺ ’سيد ڪنڊي‘ (تعلقو سڪرنڊ) جي بزرگن مان ميان مقيم ۽ ميين سجاول کان فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪيائين. طريقت جي تلقين جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي ابراهيم شاهه ’بنگلي ڌڻي‘ کان ورتائين. 1301هه/1883ع ۾ مزان پور جاگير کي درياءَ جي پائڻ سبب تاجپور ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. چاليهن سالن جي عمر ۾ سڄو دنوي ڪاروبار پنهنجي ڀاءُ نواب بخش علي خان جي حوالي ڪري گوشه نشين ٿي فقيراڻي رنگ ۾ رهڻ لڳو. شاعري ۽ موسيقي سان نهايت شغف هئس. ان وقت جو مشهور شاعر مصري شاهه به نصرپور مان ڪهي اچي ساڻس صحبت ڪندو هو. نواب ولي محمد خان جي صحبت مان ڪيترن ئي فيض پرايو، جن مان محمد فقير کٽياڻ، فتح علي خان کٽياڻ، قاضي حسام الدين، احمد فقير لاکو وغيره قابل ذڪر آهن. سن 1332هه/1914ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو تاجپور (ضلعي حيدرآباد) ۾ آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ڇپيل آهي، جنهن ۾ سنڌي ۽ سرائڪي 232 ڪافيون شامل آهن(1).

 

[532] روپ تلنگ

جوڙي قلب بيت رَبّي، انسان ۾ سمايو

ڏسي ذات کي صفت ۾، مَلڪن ٿي سِر نمايو

1.      آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لڪائي
        مچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو
2.      ڏئي حسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو
        سُوريءَ جو ڪيئين اشارو، سِر عاشقن سنڀايو
3.      اصلئون هو سِر حقاني، لاريب لامڪاني
        منجهه رمز ”لَن“تراني‘، وري طور ڪنهن جلايو
4.      ”ولي محمد“ سنڀارج، ذاتي نه دم وسارج
        پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو.

 

روپ ڀيروي

وَه رمز رندي وارن جا فن،

ڏسو دؤر دنيا ۾ ڪيئن ٿا رهن
1.      ڏئي ترڪ مشاخي کي طاهر، وڃي مڪتب مان ٿيا ماهر

لاهي پردو حجاب جو ٿيا ظاهر، دين ’انالحق‘ جا پار پچن
2.      ڇڏي لوڪ لباس هليا نيهي، اچي ميخاني ۾ رهيا ويهي
        هاڻي ڳالهه تن جي ڪجي ڪيهي، جي مَحو ڪيا ديدار حسن

ڌوئي ورق دوئي جا ٿيا آجا، ٻڌي ساز سرودن جا واڄا

آئي تنهين کي اندر ڪا جا، سي درد بنان ٻيو ڪين ڪڇن
4.      ”ولي محمد“ ڏس خيال ڪر،ٿيو دين ڪفر کان پنڌ پري
        جيڪو ٿئي عاشق سِراڏيءَ ڌري، تڏهن عين وصال جا پيچ پون.

 

 

[534] روپ پيلو

عشق ڏيندا ڀر وَٽيان وٽيان، هَئي پِيوَڻ ڏاڍي مشڪل بازي
1.      بيخودي دِي پيالي پِليندا، اُلٽي بازي اُلٽ چليندا
                                بند عقل ديان گهٽيان گهٽيان
2.      ڏيندا بار عشاقان باري، حڪم آڻي ڪر ڪي جاري
                                چاڙهه سُولي گهت ڳٽيان ڳٽيان
3.      وچ بازار ملامت والِي، ڏي عشاقان بات نرالي
                                هوڪي ڏيندا هَٽيان هَٽيان
4.      ”ولي محمد“ ڳالهين عشق حسن ديان، ڪيهان ڪر يسين باطن ديان
                                ڪيئين دِلين اُنهين لُٽيان لٽيان

 

روپ بسنت

لايا بسنت خوب نظارا، ڏي محبت مِٺا دلداري

1.      ڪيسُو ڦُولي، گل ڦل ڦُولي

جنهن دي فوج حُسن دي جهولي

آئي بوءِ بهارا، کُل پَئي باغ چمن چوڌاري
2.      گهر گهر دي وچ ٿَئِي خوشحالي

عاشق رکدي رمز نرالي

هَٽ ڳيا ڏُرت ڏڪارا، گهمندي هوڪي عام سڪاري
3.      چيٽِي ماه ڦڳڻ ڦلهاريا

تن من اندر ٿيا جنسارا

تجلي دا چمڪارا، ويک حسن ٿَئِي قلب قراري
4.      ”ولي محمد“ اها موسم سهڻي

بيخودي وچ هي مَن مُهڻي

مار انالحق نعرا، ٿي منصور تون ڪر سرداري.

 

[536] روپ تلنگ

جنهن دي حسن ڪِيتِي آن ديوانِي

تنهن ڪون ڄُل ويکو مِل سَهيان!

1.      کيڙا ڀيڙا مول نه ڀانوي، ميڏي موهه نِيتِي دل جاني
2.      چاڪ مَنجهين دامول نه ڄاڻي، جنهن دي سڀڪا رمز شهاني

3.      جهوڪ شهر وچ رانجهن رهندا، جنهن دي صورت يوسف ثاني

4.      ”ولي محمد“ هڻ حال انهين وچ، ڪر ساهه سِري قرباني.

 

 


 


(1) (1) سندس ڪلام جي ڇپيل ڪتاب ”ڪلام حسن بخش شاهه“ ۾ 31 سنڌي ۽ 3 سرائڪي ڪافيون ڏنل آهن. تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪلام حسن بخش شاهه،، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع.

* [494] کان [498 ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل۔

* [499] ۽ [500] تعلقي روهڙي مان عبدالرزاق ٻانڀڻ کان مليل.

* [501] تعلقي ميرپور ماٿيلي مان محمد عالم خانپوري کان مليل.

* [502] کان [510] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [514] تعلقي خيرپور مان عبدالرزاق ٻانڀڻ کان مليل.

* [515]  تعلقي حيدرآباد مان محمد صالح سپي کان مليل.

(1) (1) ”ڪلام فقير ولي محمد خان لغاري“ (سنڌي ادبي بورڊ 1968ع، تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1(1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org