سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد پهريون)

 باب:

صفحو :2

 

(الف) 1291-1280هه (1874-1959ع) واري دور ۾ لکيل قلمي بياض

مجموعہ ڪافيات ميان سچيدنو فقير“ (جنهن ۾ ٻيو ڪلام به شامل). مير صاحب حسين علي خان لاءِ علي مراد نالي ڪتاب جو تاريخ 29 رمضان مبارڪ سن 1291هه تي لکي پورو ڪيل‏. هي سڀ کان آڳاٽو قلمي بياض آهي جنهن ۾ سچل فقير ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام شامل آهي: گهرام فقير جتوئي (30 ڪافيون)، بلا شاهه (21)، خيرشاهه (26)، گل محمد (14)، فقير قربان علي (13)، عبدا: فقير ڪاتيار (6)، دريا خان فقير زنگيجو (1)، مراد فقير زنگيجو (1)، شاهو فقير زنگيجو (4)، قلندر شاهه (2)، صالح درويش (2)، غلام علي غالباً زنگيجو (2)، ابوبڪر فقير (1)، محمد غوث مستانه (1)، جمعو فقير (1)، پارو فقير (1)، صوفي فقير (1)، ابر علي شاهه (1)، انهن کانسواءِ شاهه لطيف، محڪم الدين سيلاني، شاهه حسين ۽ بلال شاهه جا ڪلام پڻ شامل آهن. (ٽالپور ڪتبخانو ۽ (ع))

ڪڙيي گنهور جي بزرگن جي فقيرن مان ڪنهن جو لکيل بياض (ناقص) 584 ڪلام)، اندازاّ 1300هه

سيد شاهه زمان شاهه جو لکيل بياض (خيرمحمد فقير هيسباڻي جي سلسلي بابت ميان غوث محمد، ڪوٽڙي ڪبير جي ڪتبخاني جو)، اندازاً 1300هه

سنڌي ادبي بورڊ ڪتبخاني جو وڏو بياض (يارهن سئو کن ڪلام لکيل) اندازاً 1922ع

سنڌي ادبي بورڊ ڪتبخاني جو ٻيو بياض (359 ڪلام)، اندازاً 1922ع

ڊاڪر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض (اڌرام جو لکيل، 183 ڪافيون)، اندازاً 1915-1930ع

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض [”هيمن“ (= موهن؟) ۽ ٻين جون ڪافيون] اندازاً 1915ع

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض ”بياض الشعر“، ۾ لکيل ماستر غلام محمد لغاري جو، اندازاً 1932ع

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض (شاهه نصير جي فيض درياهي سلسلي جو بياض، 267 ڪلام) اندازاً 1950ع

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض (ڪلام وڏيرو الله بخش اڍو) اندازاً 1354هه

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض (الله ڏني فقير ماڇي جو لکيل، 173 ڪلام) 1940-1955ع

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض (پير ڪمال جا 431 ڪلام، مرحوم آخوند ڪريم بخش، مدرسه نوشهروفيروز کان مليل) 1910ع

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض (ثنائي جون 467 ڪافيون ۽ ٻيا مولود ۽ غزل) 1930-1940ع

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتبخاني جو بياض (سيد عابد علي شاهه رضوي جا ڪلام)، 1323هه

احمد بخش فقير مهيسر جو بياض (لکيل 19 ربيع الاول سنه 1353هه)، 1834ع [ع]

بياض مجموعو مير فتح محمد خان عرف فتح خان ٽالپور، ٽنڊي محمد خان واري جو 1914ع ڌاري لکيل. [ع]

بياض مجموعو گل محمد خان لاشاري (سابق وارڊن خيرپور جيل، وفات 1955ع)، 1915ع ۾ لکيل. [ع]

ديوان بيدلان‏ تان نقل ڪيل قاضي عبدالرحمان عادلپوري وٽان مليل. [ع]

قاضي سرور بخش فدائي (وفات 8-مئي 1928ع) جو بياض. [ع]

عطا محمد حاجي مرحوم جو لکيل بياض (جنهن کي اسان 1959ع ۾ ڏٺو ۽ درست ڪيو-ن.ب). [ع]

بياض لطف علي پٽ مير خان فقير ٽالپور (وفات 25 صفر 1315هه/1897ع. [ع]

(ب) ڪافين جا ننڍا وڏا ڪتابڙا جيڪي ڪاروبار خاطر ڪتب فروشن 1900-1947ع واري دؤر ۾ ڇپايا*

ڪافين جو ڪتاب وڏو سنڌي زبان ۾ (52 شاعرن جون ٻه سئو کن ڪافيون) چوٿون دفعو رفاه عام پريس لاهور.

ڪافيون، ڇپايل پوڪرداس (ٿي سگهي ٿو ته هي ڪتاب مٿئين ڪتاب جو ڪو حصو ڀاڱو، يا ٻيو ڇاپو هجي) سنه 1905ع.

ڪافين جو وڏو ڪتاب (چونڊيل ويهن حصن مان)، هريسنگ پينشنر ڪتبخانو سکر نئون، مفيد عام پريس لاهور (ليٿو)، دفعو ٻيو، 6-اپريل 1906ع.

ڪافين جو ڪتاب، لاهور 1907ع.

ڪافين جو وڏو ڪتاب (صفحا 40)، شولداس ٿانورداس شڪارپور، پهريون ڇاپو، 25-نومبر 1910ع.

اتم رس سرڳواسي ماستر ڌرمداس سترامداس سڌاڻي ويٺل ڪراچي جو، سوڌي تيار ڪيل مستراڌنمل سترامداس سڌاڻي جو)، سناتن ڌرم سڀا ڪراچي، سنبت 1968/عيسوي سنه 1911ع)، پهريون ڀيرو، نولڪشور اسٽيم پريس *

ڪافيون ڀاڱو پهريون، شاهه عبداللطيف صاحب جون (صفحا 36)، هريسنگ پينشنر سکر، چوٿون ڇاپو، 4 جون 1915ع.

ڪافيون شاهه عبداللطيف صاحب، ڀاڱو ٻيو (صفحا 369، هريسنگ پينشنر سکر نئون پهريون ڇاپو 5 آگسٽ 1915ع.

نيون ڪافيون ڀاڱو پهريون، شولداس ائنڊ سنس، سکر پهريون ڇاپو، 10 آگسٽ 1915ع.

درد وندن جي دانهن، عاشقن جا آلاپ (ڪافيون نيون)، چوهڙسنگ ديوان بلند راءِ ملڪ ڪتبخانه لاڙڪاڻو دفعو ٻيو ڇاپارايو، 1 آڪٽوبر 1916ع.

عجيب نيون ڪافيون، ڀاڱو پهريون: اي مينگهراج ۽ سنس. سکر پهريون ڇاپو، 29 آڪٽوبر 1916ع.

عجيب نيون ڪافيون، شولداس ائنڊ سندس (دفعو ٻيو)،  1 اپريل 1917ع.

ڪافيون نيون ڀاڱو ٻيو (صفحا 36)، هيمنداس ائنڊ سندس، سکر پهريون ڇاپو 23 آگسٽ 1917ع.

عجيب نيون ڪافيون ڇاپو ٻيو، هيمنداس ۽ سندس بڪ سيلر سکر، 5 ڊسمبر 1917ع.

ڪافيون نيون، لاڙڪاڻو، 1918ع

عجيب نيون ڪافيون، ڀاڱو ٽيون، ميشرس مينگهراج ائنڊ سندس سکر پهريون ڇاپو، جنوري 1918ع.

گلزار عشق-ڪافيون ۽ درد جو داستان، تصنيف فقير صالح ولد غازي ڪلهوڙو، ويٺل ڳوٺ غازي ڪلهوڙو، تعلقه ميروخان، ضلع لاڙڪاڻه، شولداس تاجر ڪتب شڪارپور لاهور جي مفيد عام پريس (ليٿو) مان ڇاپايو، 14 مارچ 1918ع.

عجيب نيون ڪافيون، نارائڻداس تارا چند، ڪتب خانه سکر ڀاڱو پهريون، 31 مارچ 1919ع.

عجيب نيون ڪافيون، هيمنداس اينڊ سنس ڪتب فروش سکر، ڀاڱو پهريون 12 اپريل 1919ع.

عاشقن جا آلاپ: دردوندن جي دانهن (عجيب نيون ڪافيون)، هيمنداس ائنڊ سندس ڪتب فروش سکر، ڀاڱو ٻيو (ڀيرو ٻيو) 5 ڊسمبر 1919ع.

عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو: هيمنداس ۽ سنس بڪ سيلر سکر، ٻيو ڇاپو 5 ڊسمبر 1919ع.

عجيب نيون ڪافيون، هيمنداس اينڊس سنس ڪتب فروش سکر، ڀاکو پهريون 12 اپريل 1419ع.

نيون لاهوتي ڪافيون، ڀاڱو پهريون، هيمنداس تاجر ڪتب سکر، 1921ع.

عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو پهريون، هريسنگ داس سکر، 1921ع، عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو ٽيون، هريسنگ سنز، سکر، 1921ع.

بلا شاهه جون ڪافيون (جملي 24 ڪافيون بلا شاهه جون باقي ٻين جون)، ماستر هريچند منگو مل ٽيڪواڻي، اسسٽنٽ ماستر عربي سنڌي هاءِ اسڪول ڪاپي تيار ڪئي، هريسنگ سکر، 9 ڊسمبر 1921ع.

صوفي ڪلام ڀاڱو پهريون، جوڙايل ۽ ڇپايل ٺاڪرداس ۽ ڪيسوداس، سکر 1921ع.

عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو ٻيو، هيمنداس تاجر ڪتب سکر، (دفعو ٻيو) فيبروري 1922ع.

عجيب نيون لاهوتي ڪافيون (ڀاڱو ٽيون)، هيمنداس سکر، 10 مئي 1922ع.

بلا شاهه جون ڪافيون: هيمنداس بڪ سيلر، پهريون ڇاپو، 9 سيپٽمبر 1922ع

نيون لاهوتي ڪافيون (ڀاڱو پنجون)، گڏ ڪيل دليپ سنگ چتر سنگ ماڻڪائي، ڇپايل مولچند هريسنگ سکر، (پهريون ڇاپو) 28 آڪٽوبر 1922ع

عجيب نيون لاهوتي ڪافيون عرف صوفي ڪلام، هيمنداس سکر، حصو ستون، 1923ع

ڪافين جو وڏو ڪتاب (صفحا 52)، مولچند هريسنگ سکر، ٽيون ڇاپو، 13 فيبروري 1923ع

عجيب نيون لاهوتي ڪافيون (حصو ستون)، هيمنداس بڪ سيلر سکر، پهريون ڇاپو، 28 اپريل 1923ع

ڪافين جو ڪتاب، لاهور 1924ع

نيون لاهوتي ڪافيون (ڀاڱو پنجون ۽ ڇهون)، مولچند هريسنگ پرنٽنگ پريس سکر، (ڇاپو پهريون) 1924ع

نيون لاهوتي ڪافيون، سکر 1924ع

ڪافين جو وڏو ڪتاب سنڌي زبان ۾، ڇپايل پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، رفاه عام پريس (ليٿو) لاهور، 1924ع

شبد ۽ ڪافيون، ٺاهيل ڀڳت جھيٽارام صاحب گلابداسي آبجيءَ واري جا ڇپايل ڀوڄومل جيوترام ويٺل ابجي، بلوٽسڪي پريس حيدرآباد، 1925ع*

ڪلام جناب حضرت احمد سجاده نشين خانڳڙهه، ڇپايل محمد اعظم سراجي ۽ حافظ شيراز گلال، صابر اليڪٽرڪ پريس لاهور، خانڳڙهه تعلقه ميرپور ماٿيلي مان تيار ڪيو.

چونڊيل عجيب نيون قربائتيون ڪافيون، ڇپايل دليپ سنگ چترسنگ ماڻڪائي، نزديڪ پڪو قلعو حيدرآباد، 1925ع ڌاري.

عجيب نيون ڪافيون: ڄيٺمل کيئو مل ڪتب فروش پڪو قلعو حيدرآباد، (ٽي ڀاڱا هڪ ٻئي پويان) 1925ع

نيون لاهوتي ڪافيون ڀاڱو چوٿون، سکر، 1925ع

نيون لاهوتي ڪافيون ڀاڱو ڇهون، هريسنگ سنز سکر، 1925ع نيون لاهوتي ڪافيون ڀاڱون اٺون، ثنائي فقير جون، هريسنگ ائنڊ سنز سکر، 1926ع

نيون لاهوتي ڪافيون ڀاڱو چوٿون، هريسنگ سکر، 1926ع

بلا شاهه جون ڪافيون، هريسنگ سکر، 1926ع

نيون لاهوتي ڪافيون ڀاڱو ٻارهون، تيار ڪيل مسڪين محمد نورنگ زاده، پهريون دفعو، هريسنگ سکر، 1926ع

نيون فراقي ڪافيون، سکر، 1927ع

قربائتيون ڪافيون ڀاڱو، 2، تارا چند هيمنداس تاجر ڪتب نزديڪ پڪو قلعو حيدرآباد، 1928ع

عجيب نيون ڪافيون، ڄيٺمل کيئو مل ڪتب فروش نزديڪ پڪو قلعو حيدرآباد، دفعو اول، 1928ع

قربائتيون ڪافيون، فقير خاڪن ٺاڪر صوفي تاراچند هيمنداس، نزد پڪو قلعو حيدرآباد، 1929ع.

قربائتيون ڪافيون ڀاڱو ڇهون (موڪليل منشي محمد يعقوب خان) قريشي، ڇپايل تاراچند هيمنداس تاجر ڪتب نزد پڪو قلعو حيدرآباد، نومبر 1929ع

بازارِ عشق عرف سنڌي ڪافيون (3)، ڇپايل ڪڪومل چيتن مل آسواڻي، شڪارپور، نومبر 1929ع

ڪافين جو لاجواب انتخاب ”گلشن سنڌ“، مرتب غلام احمد نظامي ”خبطي“ (جمله (160 ڪافيون، هڪ مدح، هڪ اولاڻو ۽ 2 لوليون)، ڪراچي، مئي 1929ع

ڪلام شيراز (ڪافيون از ڪلام شيرين زبان جناب سيد مراد علي شاهه ولد جناب سيد خدا ڏنه شاهه سجاده نشين ٺٽوي شيرازي)، ڇپايل آخوند محمد عمر ولد مرحوم آخوند براديه هاشماڻي، ڪتب فروش بازار ٺٽو،. دفعو پهريون، آڪٽوبر 1929ع

عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو پنجون، ڄيٺمل کيئو مل تاجر ڪتب نزد پڪو قلعو حيدرآباد، (1930ع ڌاري)

عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو ڏهون (سنڌي غزل ۽ ڪافيون مسٽر محمد صديق جون) دفعو اول، ڄيٺمل کيئومل تاجر ڪتب، ناهين جو پڙ حيدرآباد، 5 نومبر 1930ع

ڪلام جتوئي عرف گلن جي ٽوڪري، تيار ڪيل مولوي غلام رسول صاحب ساڪن محراب پور، ويڙهو مل کٽڻ مل لاڙڪاڻه، مارچ 1932ع

گلزار جتوئي (تيار ڪيل، جناب فقير الله مولوي بخش علي جتوئي)، ڇپايل ويڙهو مل، کٽڻ مل لاڙڪاڻه، 1934ع

جذبات جتوئي عرف گلدستو محراب پوري، تيار ڪيل جناب مولانا غلام رسول جتوئي، حڪيم، ساڪن محراب پور، ڇپايل ويڙهو مل کٽڻ مل لارڪاڻه، 1934ع

برهه جي بازار، تصنيف مسٽر شرف الدين سومرو سيلاني، هريسنگ سکر، مارچ 1936ع

عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو ٽيون، ڄيٺمل کيئومل، تاجر ڪتب پڪو قلعو حيدرآباد، 1945ع

عجيب نيون ڪافيون ڀاڱو چوٿون، ڄيٺمل کيئو مل حيدرآباد، 1945ع

 

)ج) معياري ڪتب جن مان گهڻا سڀ 1950ع کانپوءِ ڇپيا

ڪافين جو ڪتاب، سنڌ جي تعليم کاتي لاءِ“ سيد فاضل شاهه پٽ حيدرشاهه حيدرآباد سنڌ جي، شاعرن جي ڪافين مان چونڊي جناب ايجيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب بهادر سنڌ جي حڪيم موجب تيار ڪيو ۽ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي پسند ڪيو. جناب ڪمشنر صاحب بهادر جي ڇاپخاني ۾ ڇپيو. ڪراچي سنه 1883ع، پهريون ڀيرو“.

رسالو خدائي، ٺاهيل ۽ ڇپايل منٺار فقير راڄڙ، مهتاڻي پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد 1029ع

سچل سرمست، آغا غلام نبي دراني ”گلشن“، شڪارپور 1933ع

ٻڍل فقير جو رسالو، ڇپايل آنندرام طوطلداس راجاڻي، جيڪب آباد 1941ع

تذڪره شعراء هالا، آفتاب پرٽنگ پريس، حيدرآباد 1944ع

ياد رفتگان، مخدوم طالب المولى، الزمان پرنٽنگ پريس، هالا نوان 1953ع

ديوان بيدل، عبدالحسين شاهه موسوي، سنڌي ادبي بورڊ 1954ع

رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)، مرتب مرحوم عثمان علي انصاري، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع

سچل جو سرائڪي ڪلام، مرتب مولانا محمد صادق راڻيپوري، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع

ڪلام محمود فقير کٺٽياڻ، ماستر محمد صالح سپيو، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع

منطوق محمدي (محمد فقير کٽياڻ جو ڪلام)، الزمان پرنٽنگ پريس، هالا نوان.

وڻجارن وايون، عبدالڪريم پلي، اداره نوائي ادب، 1961ع

ميين شاهه عنايت جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع

ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، لطف الله بدوي، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع

ديوان بيڪس، عبدالحسين شاهه موسوي، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع

خليفي صاحب جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع

ڪليات امين، محبوب علي چنا، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع

ڪليات ڪمال، اظهر گيلاني، سنڌي ادبي بورڊ 1967ع

سڀ رنگ، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد 1968ع

ڪلام فقير ولي محمد خان لغاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع

بحرالعشق (رسالو حضرت سيد رکيل شاهه صوفي القادري جو)، ڇاپو ٽيو، ڪراچي 1968ع

ڪليات حسين ديدڙ، مرتب عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع

ڪلام حسن بخش شاهه، مرتب شاهنواز شاهه ”عارف المولى“، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع

جوتيون جواهرن جون، مرتب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو 1971ع

شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اداره سنڌ شناسي (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)، سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد 1972ع

جهانيان خاندان، وي جي مَٽائي، اداره سنڌ شناسي (سنڌالاجي) 1972ع

ڪليات ڇتو فقير سانگي، مرتب صوفي مولابخش سانگي، محمدي پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو 1973ع

ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور همايوني جو ڪلام)، نياز حسين قائم الدين همايوني، سنڌي ادبي بورڊ 1973ع

ڪليات شاهه محمد ديدڙ، مرتب عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع

راڳنامون (صوفي محمد صديق .صادق“ جو ڪلام)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبدالڪريم ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1981ع

اصغر سائين جو ڪلام، مطبوع جمعيت علماء سڪندريہ، درگاهه شريف پير جو ڳوٺ 1981ع

ڪلام خوش خيرمحمد هيسباڻي، مرتب ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادبي بورڊ 1982ع

فقير عثمان سانگي جو ڪلام، ڇپايل ميمڻ عبدالغفور سنڌي شڪارپور 1983ع

نانڪ يوسف جو ڪلام، مرتب تنوير عباسي، سنڌي ادبي بورڊ 1983ع

نعتيه ڪلام، سردار علي شاهه ذاڪر، سنڌي ادبي بورڊ 1983ع

رسالو غلام محمد خانزئي جو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1985ع

 

مواد جي چونڊ ۽ ترتيب

        قافين جو مواد ايترو ته گهڻو آهي جو باوجود چونڊ ڪرڻ جي به ٻه وڏا جلد ٿيا آهن، جن مان هيءُ پهريون آهي. چونڊ ڪرڻ به ايترو آسان ناهي، ڇاڪاڻ جو وڏن مشهور شاعرن جو ڪلام نه فقط گهڻو آهي پر سڄو معياري آهي. انهيءَ ڪري ان مان ڪهڙيون قافيون چونڊي ڪهڙيون چونڊجن! ڪيترن ئي شاعرن جي گهڻي ڪلام هوندي به هن جلد کي مرتب ڪرڻ وقت ڪي ٿوريون قافيون دستياب ٿيون. ڪلام جو سڄو ذخيرو سامهون هجي ها ته چونڊ وڌيڪ وزندار ٿئي ها. پر سڀ کان اهم ڳالهه ته چونڊ ڪجي ته ڪهڙن معيارن مطابق ڪجي! ٻوليءَ جي سهڻائي، معنى جي سهڻائي، موضوع جي اهميت، اندروني ترنم واري سٽاء، شاعرانه خوبي، ڳائجڻ ۾ مشهوري وغيره سڀني معيارن کي مدنظر رکجي ٿو ته چونڊ جو دائرو ايترو ته وڌي وڃي ٿو جو ان لاءِ ٻن جلدن بدران ٻارهن جلد گهرجن.

        شاعرن جي تعداد توڙي قافين جي مواد جي گهڻائي جي ڪري ٻيو جيڪو سوال اُٿي ٿو، سو هيءُ ته مواد کي ڪهڙي ترتيب سان رکجي؟ ترتيب جا طريقا جدا جدا ٿي سگهن ٿا جن مان هر هڪ ڪنهن حد تائين ڪارائتو آهي-مثلاً

شاعرن جي سوانح مطابق سن-وار ترتيب: اهڙي ترتيب مفيد ٿيندي، پر شاعرن جا حالات توڙي سن سال قطعي طور معلوم ناهن.

شاعرن جي الف-بي وارن نالن سان ترتيب: اهڙي ترتيب سان شاعرن کي ڳولڻ ۾ سولائي ٿيندي، پر ”ڪافين“ جي موضوع جي تاريخي سلسلي جي خبر ڪانه پوندي، مثلاً پوئين دور جا (الف) اکر وارا شاعر اڳ ۾ ايندا ۽ ميون شاهه عنايت شاهه عبداللطيف پوءِ.

ٿلهه ۽ مصراعن ۾ آيل قافيا، تن جي الف-بي وار ترتيب؛ هن مان ڪلامن کي ڳولڻ ۾ سولائي ٿيندي، پر شاعرن يا موضوعن جي خبر ڪلانه پوندي.

سٽن جي بيهڪ موجب، ٿلهه يا مصراعن ۾ آيل قافيا، تن جي تعداد موجب ترتيب؛ فاضل شاهه انهيءَ ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جو ”هڪ قافيي“ واري قافي کي ”يَڪي“ سڏيو اٿس ۽ ٻين کي ”ڏيڍي“، ”ٻيڻي“ وغيره. اها تقسيم ۽ ترتيب به ڪنهن حد تائين ”ڳائڻ“ ۽ ڪنهن حد تائين شاعرانه صنعت لاءِ مفيد ٿيندي.

راڳڻين جي نالن مطابق الف - ب وار ترتيب؛ هيءَ ترتيب فقط راڳ جي موضوع ۽ ڳائڻ جي لحاظ سان ئي ڪارگر ٿيندي.

مختلف موضوعن ۽ ڳائڻ جي لحاظ سان ترتيب: موضوعن جي ڄاڻ بابت ڪارگر ٿي سگهي ٿي، پر اڪثر قافيون اهڙيون آهن جيڪي هڪ کان وڌيڪ موضوعن هيٺ ورڇي سگهجن ٿيون. ان کانسواءِ موضوع ۽ مضمون به ايترا گهڻا آهن جو انهن کي ڪنهن سلسلي سان سميٽڻ آسان ناهي.

        ڪافي غور بعد مٿين ترتيب جي بدران ”اڳواڻ درويشن سندن طالبن“ جي سلسلن مطابق مواد کي ورڇيو ويو آهي، ۽ انهن سلسلن کي حتي الامڪان تاريخي لحاظ سان دور-وار ڪري رکيو ويو آهي؛ اها ورڇ گهڻي حد تائين مناسب آهي، ڇاڪاڻ جو طالبن اڪثر پنهنجن مُربين ۽ مرشدن کان متاثر ٿي ڪلام چيا ۽ ساڳئي سلسلي جي طالبن جي ڪلامن ۾ ”موضوع“، ”معنيٰ“ توڙي ”بيان“، جي لحاظ سان ڪي قدر هڪجهڙائي پيدا ٿي. ڪن طالبن البت پنهنجي نرالي واٽ ورتي ۽ پنهنجي فڪر کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو. هن ترتيب ذريعي قافي نظم جي اندروني سٽاء، قافين جي موضوعن، قافين ۾ سمايل معنى ۽ فڪر جي دور-وار مطالعي توڙي مختلف سلسلن جي شاعرن ۽ انهن کي ڀيٽڻ ۾ نسبتاً وڌيڪ آساني ٿئي ٿي.

        قافين جي مختلف موضوعن ۽ مضمونن، قافي نظم جي اندروني سٽائن، مختلف شاعرن جي هڪ ٻئي ڀران چيل ڪلامن، قافين جي الحانن ۽ ڳائڻ جي اندازن تي سڄي مواد شايع ٿيڻ بعد ٻئي جلد جي مقدمي ۾ تفصيل سان روشني وڌي ويندي.

 

ن . ب


* منڍ ۾ ڄاڻايل ته (ساڌن فقيرن سان سنگ، راڳ سان پريم، ڀجھن ڪافيون ٻڌندو هو ته لکندو ويندو هو. پنهنجي جيوت ۾ اٽڪل هڪ هزار کن ڀجھن ڪافيون وغيره گڏ ڪيائين. ”سنبت وڪرمي 1955 ۾ سندس مرتيو ٿيو. ان بعد اڌنمل ڪتي سنبت 1967 نومبر 1910ع ۾ ڪتاب ترتيب ڏنو جنهن ۾ جملي 26 ڀجھن جن ۾ 3 گجراتي، 4 غزل اردو ڪڇي ۾، 26 ڪافيون ۽ 3 متفرقه نظم آهن).

* منڍ ۾ ڄاڻايل ته (ساڌن فقيرن سان سنگ، راڳ سان پريم، ڀڄن ڪافيون ٻڌندو هو ته لکندو ويندو هو. پنهنجي جيوت ۾ اٽڪل هڪ هزار کن ڀجھن، ڪافيون وغيره گڏ ڪيائين) سنبت وڪرمي 1955ع ۾ سندس مرتيو ٿيو. ان بعد اڌنمل ڪتي سنبت 1967/نومبر 1910ع ۾ ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن ۾ جملي 26 ڀڄن، جن ۾ 3 گجراتي، 4 غزل اردو ڪچي ۾، 26 ڪافيون ۽ 3 متفرق نظم آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org