سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :16

منٺار فقير راڄڙ

منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ، ’راڄڙن جي کاڻِي‘ تعلقي کپري جو ويٺل هو. سن 1865ع ۾ ڄائو. مجاز جي چوٽ لڳيس ۽ فقيري ويس اختيار ڪيائين. مخدوم امين محمد هالن واري کان طريقت جو فيض حاصل ٿيس. سندس ڪلام بيتن، ڪافين، مولودن، ٽيهه اکرين، مداحن ۽ مناجاتن تي مشمل آهي، ليڪن خاص طرح ڪافين ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيائين. سن 1937ع/1357هه ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام ٽن جلدن ۾ ڇپيل آهي: رسالو خدائي، رسالو مرتضى پنجتني ۽ رسالو رهنمائي. شامل ڪافيون رسالي خدائي تان ورتل آهن، جنهن ۾ جملي اٺ سؤ (800) ڪافيون ڇپيل آهن(1).

[610] راڳني ملاري

جر پَلرُ جالار، يار اَبر وسڻ آکاڙ ۾ ايندا

1.      ڏکيا ڌينهن ڏڪار جا ويندا

ٿيندا ساندهه چار سُڪار يار
2.      ڪارن ڪڪرن منجهان رب قادر

نديون وهائيندو نار يار
3.      رڍون ۽ ڳوئِيوُن ڪئين رڄ ڪنديون

۽ مَرڪندا ميهار يار
4.      آيو ذوق زبان تي زابر

چئي ملاري ”منٺار“ يار.

 

[611] راڳني ڪسوري: تار تين تار

منهنجا جوڳي ويا جامير اديون

آءُ جا ويندي پرين جي پير اديون

1.      آءُ ويراڳي نه وساريندي، لاءِ آديسين جي اوساريندي
        ڪٿي نرمل ناٿ نهاريندي، هت دم نه ڪنديس دير اديون
2.      منهنجو ساهه نِيوتن ساميڙن، ڪيئن تر سان تل هتي ريءَ تن

ڪل درد دکن سندي سورن، سهندا ڪاپڙين ريءَ ڪير اديون

3.      منهنجا پرين پورب پار ويا، ڪٿي ڪاشيءَ گنگا گرنار ويا
        ڪنهن نانيءَ تيرٿ نظار ويا، هوءِ جي اُٿي هليا هنگلير اديون
4.      چئي ”منٺار“ مهيسين جي، ڪا جا اٿم اُداس آديسين جي
        ڏسان صورت مان سناسين جي، آءُ جا ويندي سامين جي سير اديون.

 

[612] راڳني بلاول

ڪير ويري آهي ڪير واهرو، ڳولي ڳجهارت ڏس تون
1.      ڪير وڙهندڙ ڪن سان، ڪير ڀڄندڙ ڪن کؤن
        ڪير سورهه ڪير ڪانهرو، اهڙي اشارت ڏس تون
2.      ڪير ماريندڙ ڪن کي، ڪير رکندڙ ڪن جو
        ڪير باطن ڪير ظاهرُو، ڏي ٿو مدارت ڏس تون
3.      ڪير پيو سڏي ڪن کي، ڪير نڀائيندڙ ڪن جو
        ڪير اندر ڪير ٻاهرُو، سمجهي ستار ته ڏس تون
4.      ڪير پينار پنڻ جو، ڪير ڏاتار ڏيڻ جو
        چئو قِبلي چوڌارو، تنهن جي تجارت ڏس تون
5.      اي ”منٺار“ ڪير مخفي، حال ڀائي هر ڪنهن جو
        ڪير محرم ڪير ماهرُو، دؤڙي ڌُتارت ڏس تون.

 

 

راڳني بسنت: تار تين تار

بسنت جي گل بهاريءَ جا

سي گهرجن رنگ رتول محل ۾

1.      تيتر ڪم جا ڪين ٿين سي، ڪنهن شهزادي جي سڌاريءَ جا
                سي جيتر آهن جُوءِ جهنگل ۾

2.      جهنگل ۾ آهن حيوان پيا خوشي، جي شائق نه آن هٻڪاريءَ جا

جن کي اچي نه عطر عقل اٽڪل ۾

3.      سمجهي سڄاڻن گوهر گلن کي، جي لائق آهن سرداريءَ جا
                جن جي اک اُپٽيل آهي روز اول ۾

4.      چئي ”منٺار“ انهن مردن کي مليا، هونش هِيا هشياريءَ جا
                جن اها تانگهه سڃاتي پنهنجيءَ ٽَل ۾.

 

[614] راڳني جوڳ: تار ڪلواڙو

جوڳيان دا بيکڙا بنايا نانءُ ڇپايا

ميڏا رانجهو رنگپور آيا

1.      تخت هزارا آپ رانجهو دا، هُڻ پوش فقيران والا پيا
2.      عشق رانجهن ڪُون اُٿون هُڻ اپڻا، محبت مُلڪڙا ويکايا
3.      ڪَنان وچ والڙا ڳلي وچ ڪَنٺان، مرلي دا سازڙا وڄايا
4.      نال جادو دي من کيڙيان دا، مَنجهيان والڙيان مُنجهايا
5.      اکي ”منٺار“ مئن سمجهه سڃاتا، هُڻ بيرنگي هي رنگ لايا.

 

[615] راڳني جوڳ: تارتين تار

لِيمڪ آهيان لَٽِي لَٽِي، مُنهن محبوبن جي

1.      حسن حڪم هاگام ڪري

پوءِ جوڀن آهيان جَهٽي جَهٽي
2.      عشق آيو کڻي هٿيار حسن جا

سو جوان ويو آهي جنگ کَٽي کَٽي
3.      ڀِرون اَبرو ٻئي تيغون تراڙيون

تن سيفن آهيان سَٽي سَٽي
4.      هاڻ وڃڻ جون واٽون چلڻ جا چارا

گم ٿيم سڀ گهَٽي گهَهٽي
5.      اکڙيون يار جون ڪجليون ڪٽاريون

تن ڦٽيل دل واري ڦَٽي ڦَٽي
6.      آڻي رکيس عشق آڏيءَ تي

تنهن قرب ڪباب جيئن ڪَٽي ڪَٽي
7.      چوي ”منٺار“ ملم مريضن     

            پاڻ ٻڌن من پَٽي پَٽي.

 

[616] راڳني ڌناسري

اسين تنهنجا اوڏ غريب، لاکا توتي لڄ ننگڙو نماڻيءَ جو

1.      جهڙي جي تهڙي تنهنجي آهيان

اِهو تنهنجو آسرو مور نه لاهيان

ڪج تون ڪرم قريب وي ميان
2.      اسان جن عيبن ڏي مَ نهارج

پنهنجو ننگ پاڻئون پارس پارج

۽ چڱي تنهنجي عادت عجيب وي ميان
3.      اوڏڻ نماڻي سڏايان ٿي اَهنجي

لطف وڏي سان مون کي ڪِج پنهنجي

ڪنهن ساڻ نواز نصيب وي ميان
4.      مهر موچارا ڪر ”منٺار تي،

نياز وندي هن عرضدار تي

۽ هٿڙو رکج حبيب وي ميان.

 

[617] راڳني پرڀاتي: تار تين تار

ٿي ڪتڻ ويل وڃي ساري، اُٿو ڙي آتڻ واريون

اُٿوڙِي ٻَڙِي آتڻ واريون

1.      وقت صبح جوڙي اَديون، وڃي گذرندو الو
                        پوءِ متان پئي رات آنڌاري

2.      سُٽ سڀڪنهن جوڙي اَديون، ڪانڌ ڪَٿيندو الو

هٿن سين پاڻ هڪ واري

3.      ڪُل جي ڪمائي ڙي اَديون، پاڻ پسندو الو

شل اتي ٿئي ڪا مَ ڪاڻياري

4.      چئي ”منٺار“ ڙي اَديون، هِن ماريس اوسيڙي الو

جو ڪتيم تند ڪانه موچاري.

 

 

الهڏنو فقير ماڇي

فقير الهڏنو پٽ جيئندو ماڇي، ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو ضلعو سانگهڙ. سندس جنم 1880ع ڌاري ٿيو.کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق ٿيو. ان وٽ پير حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري فقيري اختيار ڪئي ۽ الهڏني فقير کي پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪيائين، جتان ڳائڻ وڄائڻ ۽ پختگي حاصل ڪيائين پير صاحب جي وفات بعد منٺار فقير راڄڙ جي صحبت ۾ شاگردي اختيار ڪيائين. اُن وقت هو پنهنجو ڪلام چوڻ لڳو. بعد ۾ پنهنجي ٻاري ٺاهي ڳائڻ وڄائڻ لڳو ۽ ايتري مشهوري ٿيس جو پري پري کان دعوتون ملڻ لڳس. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي ڳچ حصي جو سير ڪيائين. لکڻ پڙهڻ به ان وقت ۾ سکيو. فقير الهڏنو فطرتاً خوش مزاج ۽ خوش طبع هو. ڪافيون ته هڪ هزار کان به مٿي ٺاهيون اٿس، پر مختلف موقعن تي سندس في البديہ چيل بيت خوش طبعي ۾ شامل آهن. 1383هه/1963ع ۾ وفات ڪيائين.

ڪافي: انسان جي حياتي جون منزلون

 

[618] سر ڪلياڻ

پٺيءَ مان پيءُ جو آيَل جي پيٽ ۾ آيو

پٺيءَ مان پيءُ جي آهيان آَيَل جي پيٽ ۾ آيو

1.      مهنا نَّو سانڍيائين، بدن ۾ لڪايائين
        تهان پوءِ سُور کاڌائين، انهيءَ دستور آءُ ڄايو
2.      پسر پيارو ڪري ڄاتائين، پِرت جو پيچڙو پاتائين
        ڳل ڳل ساڻ ٿي لاتائينڪ چمي تنهن چاهه سان چايو
3.      مون کي ٿڃ ماءُ ڌارائي، دُڪا کنڊ کير کارائي
        هلي منهنجي مٿي رائي، منجهان جنهن ناز نپايو
4.      جڏهن ڪجهه سمجهه مون ٿيڙي، تڏهن مون راند پئي ڪِيڙي

بوربڪ بحال اچي وئڙي، صورت مجاز ڪيم سعيو
5.      مڃيون مائٽن منهنجون آريوُن، مڙئي منهنجي مَتي واريون
        ڏيهاڙا ڪئين راتيون ساريون، تڏهن مان سال سامايو
6.      اَبي اَمڙ قرب ڪهڙا، ”الهڏنا“ ڪيا اهڙا
        لک ٿورا نه لاهڻ جهڙا، انهن جو ڳُڻ اٿم ڳايو.

 

ڪافي: انسان جي حياتي جون منزلون

[619] سر پيلو

وئي جواني ڇڏي، آهيان پوڙهو پَڪَ

اڳيان اوج ويا، ڇهه ڇِڄي پيا ڇَڪَ

1.      انڌي گهوڙي جو احمق اَنڌُ، جنهن تي چڙهي نه ڪمايم سمجهي سَنڌُ

تنهن پاپيءَ جو آهي اهڙو پنڌُ، هن جو هلڻ چلڻ هجي ڊوڙڻ ڊُڪَ

2.      هلي هٿن مان ويئي وَهِي، هَٽي جيڪا جُسي مان سارِ ٿا رَهي
        لُڇڻ لوچڻ وارو ويو لٽا ڪولهي، تقوى طاقت واري تُڪِي ٿي تَڪَ
3.      لوڏو لهر نٿو بُت جَهلي، حيلو حرص هَوَس جو ڪونه هَلي
        پتوپَهه پَهُچتَ سندو ڇڏيوسون پَلي، هاڻي جهليندا وتون ڌُوڻا ڌَڪَ
4.      همت هلڻ جا خيال، ختم، ڳرو بار کڻڻ ڪجهه ناهي ڪم
        ڳجهو ڳالهه انهيءَ جو اٿم گَهرو غم، سَت سونهن سَجائِي سا
                                        جَهٽي وئي جَهڪَ
5.      اوائلي عروج تي ويو آصلِي، وَجَهه پيچ ويا ويتر وَسِلي
        تحقيق اٿم ٿِي تَڪ تَسلِي، اڄ ”الهڏنو“ چئي کِيان پيو اَڪَ.

 

[320] سر ڀيروي

چڱي ڪر چڱو ٿئين ڀَلي لا سڃاڻي
        هستي ۽ هئڻ جو تندو ڇو ٿو تاڻي
1.      مَٺو گُهرڻ پَرکي، گهاٽو پوڻ گهرَ کي
        ڳهلا ڳالهه هيءَ اٿئي، صريحاً سَچاڻِي
2.      جهڙي آهي ڪرڻي، تهڙي آهي ڀرڻي
        ڪڍي ڇڏ قلبئون ڪلفت جي ڪَهاڻي
3.      جيڪا پوک پوکيندؤن، لُڻِي ساڳي وِيندؤن
        نفعي ۽ ڇيهي جي اِها اٿئي اُهڃاڻِي
4.      ثابت ڪر سچائي، ڪوڙي ڪڍ ڪَچائِي
        ”الهڏنا“ اِهو جي تون ڄاڻ ڄاڻي.

 

[621] سر تلنگ

برهه بيرنگ باز وي ميان،مشتاقن جو مار ڪري ٿو

لُوهون ڏيو جو لغڙن وانگي، نامُڙي هو ٻئي ڪنهن سانگي
        پرتئون ڪري پروازوي ميان، چنبن سان چُڀڪا ڪري ٿو
2.      عشق عقابن جيئن اُڏاميون، کائي خيالي ڪري طعاميو
        رکيو روحي راز وي ميان، هي حڪم هر وار ڪري ٿو
3.      بحري بهادر ڪيو ڀڙڪارا، وڄن وانگي ور ڏيو وارا
        ڪوڏئون ڪريو ڪَواز وي ميان، سڪ وارا سنگسار ڪري ٿو
4.      ”الهڏنا“ اِي نينهن نيارو، چُوز چَرغو مشهور مارو
        طبل ساڻ تراز وي ميان، ڪُوپن جو ڪاپار ڪري ٿو.

 

 

 

 

[622] سر تلنگ

کَٽي جيڪو کَٽي کَٽي ميان، عارف بازيءَ راند کي

1.      نِتُ نهاري نبضون ناڙون، پَهِي پروڙي پنهنجون پارون
        پَٽي جيڪو پَٽي پَٽي ميان، رَهي راضي راند کي
2.      لَههَ لاڳاپا لوڪن وارا، ساري سنڀاري ثابت سارا
        لَٽي جيڪو لَٽي ميان، ڪري نيازِي راند کي
3.      نسنگ نيهي ٿئي نانگو، ساهه سريءَ جو سڀئي سانگو
        سَٽي جيڪو سَٽي سَٽي ميان، ٿي غازي راند کي
4.      ”الهڏنا“ عشق اِلاهي، رکي شائق شهنشاهي
        وَٽي جيڪو وَٽي وَٽي ميان، ساڻ طلب تازي راند کي.

 

[623] سر آسا

چِت جو تون چوري چنگ، سِڪ جو سدائين ساز سڻائج

1.      ’آڙو‘ اندر جو ’سول‘ ’سُواري‘، طبلو طائوس تن ۾ تياري
        محبت جو ’مڌنگ‘، الست وارو آواز اَلائج
2.      ’هارمونا‘ حُب جا سرود ستارون، تندون طلب جون ’تُون‘ جون تارون
        راڳ رقص رس رنگ، رمز رنداني راز رلائج
3.      مُرلي منڌم ۽ نادِ نيارو، واڄو وصالي وحدت وارو
        نعرو هڻي ته نسنگ، ڪَلوَنت ٿي به ڪواز ڪمائج
4.      روحي رباب ڪماچ قرنايون، سُر منڊل، سُر متا بينون شرنايون
        سُرندو سارنگي اُپنگ، ”الهڏنا“ بي انداز وڄائج.

 

 

 

[624] سر ضلعو

تهدل تار طلب جا وحدت واڄا وڄايان
        ’سُواري‘ ۽ ’سُول‘ ’سرگم‘ ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايان
1.      تون تون طبل، ترانا، تومتومتا نا نا نا
        گوهر گُر گِيانا، ٻولي ٻولي ٻڌايان
2.      ڌُو ڌُو ڌُر پت ڌمالي، قائم ڪري ڪمالِي
        وَجہ الله وِردِ وصالي، سبحاني سُر سڻايان
3.      ساز سينو ستارون، تندون طلب جون تارون
        پلپل پريم پچارون، هوڪو حَقِي هلايان
4.      ”الهڏنا“ اوقاتي، صورت پسي صفاتي
        لاهوت لاحد لاتي، روحيءَ جو راڳ رمايان.

 

[625] سر سورٺ

راجا ڪيو رَس راڳ، منگتي جو منظور

1.      راڳيندڙ جي راءِ ڏياچ کي، ڪيڙو ساز سجاڳ
                معلوم ڪيائين مذڪور

2.      سائل ۾ سلطان جو آهي، ملڪ ملڪان ماڳ
                هڪڙو هنڌ حضور

3.      ميراثيءَ جو مطلب ٿيڙو، سولو سانگ سڀاڳ
                دُوڌو در دستور

4.      ”الهڏنو“ چئي آسُون پُنيون، سر ڏيڻ جو سهاڳ
                مظهر ٿيو مشهور.

 

 

[626]

ننگر تخت نواب، آءُ تنهنجي مڇي کاِئڪَ مهاڻِي
                گولي غلام آهيان گندري، ورتل رِيءَ ناڻِي
        1.      اگلي گولِي اصل اوهان جي، ڄام ڄَٽِي آڻ ڄاڻِي
                پارس پرتي توکي توڙان، تو وٽ سما سڱ سڄاڻِي

2.      هردم هادي حُب هِڪائي تهدل توڙ تاڻِي
                والي وارث وحدت وائِي تو در ور وڪاڻِي
        3.      سر منهنجي تي سائين منهنجا کاري ککيءَ هاڻِي
                راجا راوَل راز تنهنجي ۾ رَءِ رَءِ تنهنجي راڻي
        4.      مون نوريءَ تي ڪرين نوازش، وهوا ٿئي واکاڻِي
                مٿان مڙني مِهر ملاحن، مَرڪي سون مياڻِي
        5.      ”الهڏنو“ چئي عاجز اَڀري، اهڙي آهيان اياڻِي
                ناتي نينهن نظارن نهوڙي نِجَس نار نماڻي.

 

[627]

ياد مِٺلَ محبوب مَيڪُون هِن تيڏي ڳُڻ دِيان ڳالهڙيان

1.      نازڪ ناز تيڏي ديان نِت نِت رانجهن رمزان نِرالڙيان
        چاهه وچون ميڏي چِت تي چڙهديان چوکيان تيڏيان چالڙيان
2.      وارث واتان آپ اَلائين وايان وحدت والڙيان
        باتيان بزم بقائِي بيحد موهن محض مڪالڙيان
3.      محسن ميڪون مَحو ڪتوِيئي جُکدِي جا مئن جالڙيان
        خُوبيان تيڏي خاطر خوش تر خاص ٿَئِي يان خوشحالڙيان
4.      هَٿُون آپي تَئُون وَلايان واڳان وَصُل وصالڙيان
        آکي ”الهڏنا“ ڀاوان تساڏي ڀال ڀلايان ڀالڙيان.

 

تارو

تارو، الهڏني فقير ماڇي جو ٻالڪو هو. سندس هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪافيون نظر مان نڪتيون،جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون. *

[628] روپ سورٺ ۽ ڪلياڻ

وسامي ڪين ويڄن کان، برهه جا باه آ ٻاري

1.      جگر منهنجو جلي وِيَڙو، سڙي سو خاڪ ٿيڙو
        عشق اهو ڪم آهي ڪِيڙَو، نيڻن مان نِير آ جاري
2.      پير پڙ ۾ ويٺس پائي، سگهان نٿو هاڻ هٽائي
        ديدون ديدنِ اٽڪائي، دلبر کي دل ڏنيم ساري
3.      درسن ري ناه ڪو دارون، سڄڻ لهندم اچي سارون
        مڃيندو سو سڀئي آرون، واري وائي وصل واري
4.      عاشق عاشق کي ڄاڻي، عام ڇا عاشق سڄاڻي
        منصوري موج جو ماڻي، ”تارا“ تنهن سان تون رک ياري.

 

[629] روپ ڪؤنسيو

جڏهن قبوليم سڀئي ڪچايون

تڏهن ڪرين ڇو هوت حساب

اٺئي پهر آءُ آهيان اڪيلي، بره ڪيو آهي مون بيتاب
2.      توکي ساري راهون نهاريان، هاريان پئي اکيين آب
3.      جانب جيئري ڪر نه جدائي، سهي نه سگهان ٿو اهو عذاب
4.      ”تارا“ طلب تنهنجي تن ۾، محب اچي مل مُئي کي شتاب.

 

اهي عجب رنداني رازُ، ريءَ رندن ٻيو ڪير ڄاڻي
1.      پنهنجي پسڻ جي پُور ۾ پئڙا، غرق غيب اونهي ۾ ٿيڙا
        ڇڏي الله آواز، هِنيون ڇڏيون تن حُسن سان واڻي
2.      نسنگ هڻن پيا نينهن جو نعرو، پسي پلپل پاڻ پيارو
        سورهيه ٿيا سرفراز، عبديت ۾ خيال اُڏاڻي
4.      ”تارا“ عشق جو جِهنڪارو، خيال خودي کسي وين سارو
        پالِين سي بره باز، وحدت موج ڏٺي جن ماڻي.

 

[631] روپ ڀيروي

ڏس ته ڪير ٻُڌي ٿو، ٻيو ڪير ٻولي
        سهي ڪر سِرّ کي سالڪ، لِڪي ڪير ڳولي
1.      پڃرا لک چوراسي، جوڙي ٿيو پياسي
        اُداسي سناسي، بَڻِي آيو اولي
2.      باهه بره جي ٻاري، پاڻ ماري جياري
        انيڪ روپ ڌاري، رمزئون پاڻ رولي
3.      ڪير پاڻ سڃاڻي، وحدت موج ماڻي
        ڪير پاڻ سڃاڻي، وحدت موت ماڻي
4.      ڪير سُولي چڙهي ٿو، اناالحق لڙهي ٿو
        ڪير ڏوهه مڙهي ٿو، قرآن پُران کولي
5.      ڪير بڻيو آ ”تارو“ اصل نور نيارو
        موهن مُرلي وارو، عشقئون آيو چولي.

 

 

 

پريل ”پينار“ *

پريل پٽ چڀڙ ڀيل سنه 1911ع ۾ ڄائو. ويٺل اصل ڳوٺ سدا واه ۽ پوءِ ٻيراني تعلقي شهدادپور ضلعي نوابشاهه ۾ اچي ويٺو. ڪي قدر سنڌي ۽ اردو پڙهيل هو. پهريائين سيلاني ٿي گهمندو رهيو، پر پوءِ 1932ع کان فقيري اختيار ڪيائين. منٺار فقير ۽ مخدوم غلام محمد جي صحبت ۾ رهيو ۽ شاعري ڪيائين. سندس تخلص ”پينار“ هو. سنه 1949ع ۾ وفات ڪيائين.

[632]

حسن جي بازار ۾ سودو صفا سر جو ڪجي
        ڪلهن تان ڪوري ڪپي کڻي دست دلبر جي ڏجي
1.      ناه ناڻي جي خوشامد هت رضا جي آهي راند
        ڪرڻ ڀي ٿو ايئن کپي، اڳلو جيئين روحڙو رجي
2.      محب جي مجلس ’هجي تنهن ۾ هجي وڃڻو ضرور
        تاڻ سٺي سوغات سارو ساه نذرانو نِجي
3.      اڳتئون عجيبن جي هميشه حال هيڻي سان هلي
        نياز سان ناتو رکي پو پرت سان پڌرو ٿجي
4.      اي ”پريل“ پينار توکان جي پڇن پاڻهي پرين
        عشق جو احوال سارو مر چٽو چوري چِجي.

 

سيد فاضل شاهه جي ڪافين جي ڪتاب ڇپيل سال 1300هه

(1883)  ۾ آندل ڪي ٻيا شاعر *

 

جلال

جلال جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1300هه  (1883) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه کيس ”جلال کٽي“ ڪري لکيو آهي، مگر اهو ’سنڌي سينگار شاعري‘ جو مشهور شاعر ’جلال کٽي‘ ناهي پر ڪو ٻيو جلال آهي. فاضل شاهه جي لکڻ موجب هن جا گهڻا قصا پڻ بيتن ۾ جوڙيل آهن. ان مان گمان نڪري ٿو ته شايد شاعر ’جلان نظاماڻي‘ هجي جيڪو سانگهڙ طرف ٿي گذريو ۽ لڳ ڀڳ انهيءَ دور جو هو. فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس فقط هڪ ’ڪافي‘ ڏنل آهي جيڪا هتي ڏجي ٿي.

وئڙم سانگ سنگهار، جيڪس ويڙهيچن آءُ وساري
1.      قضا آنديس ڪوٽ ۾، لِکئي جي لغار
2.      اچي عمر ڪوٽ ۾ ٿيس ڌراڙن کان ڌار
3.      ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار
4.      اٿم اهڙو آسرو، پرچن مانَ پنوهار
5.      جاني ميڙ ”جلال“ چئي، جنهن لئي سِڪان سڀ ڄمار.

 

قاضي عبدالقادر

قاضي عبدالقادر جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي ۽ هو سن 1303هه (1883) کان اڳ ٿي گذريو هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”هالن جو رهندڙ هو.“ ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس هڪ ڪافي ڏنل آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

[634] *

ڀينر ايئن نه ڀانيم، ته ڪو ساڄن سفر چتايو

1.      ٻر ٻر ٻاروچل جي آڳ اندر کي لايم
                        جوش جيئڙو جلايو

2.      وَنگيم هوند وارن سان، ڏاگهن کي ڏايم
                        چلندي اوٺين ڪين چتايو

جيڏيون جيهَر جَت ويو، اوهيرَ ڍؤنڪو آيم
                        لُوٺي ننڊ فراق مچايو

صبح سويلو سرتيون واٽن واجهايم
                        لڪن سِر چڙهي مون ليلايون

5.      اڱڻ ”عبدالقادر جي پاتا پير پِريَم
                        واليءَ واري ساٿ ورايو.

 

 

حافظ عبدالله ڪلهوڙو

حافظ عبدالله جو ذڪر سيد فاصل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي ۽ ان وقت 1300هه (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو. سيد فاضل شاهه جي بيان موجب ”حافظ عبدالله ذات جو ڪلهوڙو هو ۽ اکين کان معذور هو. ”ڀيمن جي پُڙي“ تعلقي گهوڙاٻاري (ضلعي ٺٽي) جو ويٺل هو، پر حياتي جو پويون وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذاريائين. قرآن شريف جو حافظ ۽ يگانو قاري هو.“

فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس 87 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ڏنل آهن، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

[635] سر مارئي*

ساڻيهه مان اڄ اسلام عمر، اوٺين هٿ مان ڏي آيا

1.      ماروءَ جي هِت موڪليا، پانڌين کان پيغام پنوهر
                        سنيها سي سنڀايا

2.      ساريان ويٺي سومرا، سدا صبح شام سڳر
                        جن لئي جيءَ جوش پِرايا

3.      ڏوراپا ڏوٿين جا، جاڙَ سهان ٿي جام جگر
                        جهانگين جي ڏک جلايا

لکيو لوڙيم لوح جو، آنديس هت انجام اَمُرَ
                        انهين گهاريم ڏينهن اجايا

اُنهن جي ”عبدالله“ چئي، ماريس آءُ ملامَ مڱر
                        تنهن ماتم مچ مچايا.

 

[636] سر آسا*

پانڌي پياري دي پيغام، ڏيندا خلاصيان خبران

1.      مرد پُڇَيسن محب والي، مشتاقين دا مقام
                        ڪوڙين جٿان هن قبران

2.      ويکڻ سِيتِي وِسر ڳيوسي سڀ، پيش جزم ادغام
                        شد مد زيران زبران

3.      ڪاڻ محبوب دي قتل قبولن، ماهِي مريندا مدام
                        تيغ تفنگ تِير تبران

4.      ”عبدالله“ سانون اِيو ين جو اَکيس، ڪرڻ چڱا اِهو ڪام

گوشي هووڻ ڪنون گبران

 

[637]  سر بلاول*

جاني ڏي ڪوثر دا جام، صبح شہ شام

گدا تيري در دا مئن هون

1.      نينان دي ناز، عجب اغماز، بڇايا باز، بره باري
                ول ڪيها ڪيتس ڪام، نِيتُس آرام

بنيا بلڪل بَردا مئن هون

2.      ماريا تقدير، ڏاڍا ڪوئي تير، گهتيئي زنجير، ميري دل ڪُون

وڃ دور پَئي وچ دام، سِيتي پيغام

ملڻ ٻاجهون مَردا مئن هون

حسن دي فوج، آئي ڪر اوج، لُٽيا من موج، محبت دي
                گهن نرمل تيڏا نام، خودي سَٽ خام

ڏيکين ڪيوين ڏردا مئن هون

4.      ماهِي معراج، ماڻي محتاج، آوڻ دا آج، عَهد اَپني
                        ڪَڏان نال وفا وريام، رکي انجام

فدا جند جيءَ ڪردا مئن هون

5.      ”عبدالله“ ارشاد، مڱي امداد، تَهِين دا داد، ڪرين دائم
                        ٿيوي جنت جاءِ مقام، عطا انعام

نهين طالب زر دا مئن هون.

 

[638] سر تلنگ

سُکَ ساريان سڀ ڄمار يار تنهنجا

سي وهان ڪيئن وسارين

سوين سٺم سپرين، سِر تي هميشه هزار بارَ تنهنجا
                ڀانيان مهڻا ميٺِ موچاري

2.      سُخن سندءِ سڦرا، منجهه گوهر ٿيا گفتار هارَ تنهنجا
                ڳل پاتم ڏيہ ڏيکاري

3.      فِڪر ۾ فالون وجهان، ڳوليان عهد اقرار وارَ تنهنجا
                شل ايندوُن اڄ اوتاري

4.      اُٿئي ويٺي ”عبدالله چئي، پڇان پلپل پتيڪار پارَ تنهنجا
                وٺان پانڌين پاڻ پُڪاري

 

[639] سر مالڪونس

نازن واري رمز ڏيکاري، تو هڪواري آن تنهن ماري

1.      ظالم زلف جڏهن ڇوڙي جاني، ٻاڻ ٻَڌائون تڏهن ٻانهي
        ڪريان زاري، سا سڻ ساري، بيقراري دل ويچاري
2.      ابرو اُلٽا اَجهل آهن اهڙا،ڪامڻ تن ۾ ڪوڪٽ ڪنہ پر ڪهڙا
        چشم چوڌاري چوڏِس چاري، پِرَم ڪٽاري سَٽين شڪاري
3.      خوني خنجر مان ڏين نَينَ کڻين ٿو، حملا ڪريو هر هر هڻين ٿو
        ڪيبر ڪاري، بَڇِئي باري، ڪن هسواري رک تون ياري
4.      سڪ منهنجي اهي سُڌ سڀڪنهن کي، تان نه مٽينديس توڙان
                                        ڪو تل تنهن کي
        ٿي نرواري پاتِئي ڳارِي، سر برداري مڃڻ موچاري
5.      ”عبدالله“ چوي اٿم عشق اهوئي، گوشي گڏجي ڪريون گفتگوئي
        تَن مان تاري  مون نه وساري، ڏئي دلداري ڪر غمخواري

 

[640] سر راڻو

سوڍا سائين واڳ ورائين، مون ويچاريءَ تي، محبت ماريءَ تي

1.      راڻا ڇاکؤن رنججي، پرين پلنگ پير نه پائين
                        ڳڻن ڳاريءَ تي، عيبن واري تي

2.      ڪرم ڪري آءُ ڪاڪ ۾، اِهو لائق ٿورو لائين
                        بيقراريءَ تي، عشق آزاري تي

3.      مٽ ٿئي ڪئن مينڌرا، مڃي ڀال ڀلا جي ڀائين
                        ڏاتر ڏاريءَ تي، ڪوڙ ڪوڻياريءَ تي

4.      واقف ويس وِسهي، ساڻ وعدي وره وڃائين
                        سُخن سچاريءَ تي، ٻاڻ ٻُهاريءَ تي

5.      ساهه ڪنديس صدقو، ڏيان سڀ سٽ ۾ سِر تائين
                        دل فگاريءَ تي، انتظاريءَ تي

6.      آءُ اَلَهه لڳ عبدالله چئي، سڻ سوال سندم سؤڏائين

وَرَ وِساريءَ تي، ڏاه ڏهاريءَ تي.

 

[641] سر سسئي*

جيءُ جيءُ چوان جتن

جن، مان پنهل پيارو

جاڳان ڏسان نه جاني، جنهن جي ٻڌيس آءُ ٻانهي
        مٽيو حال ٿي حيراني، ويو هوت مان هٿن

ڪن ڪيچ نيو ڪوهيارو

2.      سنڀريا سوير سڀيئي، ڏک مون ڏکيءَ کي ڏيئي
        پڇان پار پوءِ پيئي، بنان ڪانڌ جي ڪَتن

تن، منهن قبيح ڪارو

ڏيرن نه ڏوه ڪيڙو، پُرجِهئُم فراق پيڙو
        وٺي رات ساٿ ويڙو، ساجن وٽان سُتن

ٻَن، سُک ڀنڀور سارو

”عبدالله“ آهي آرياڻي، نڪريا ڇڏي نماڻي
        وري وتان ويڳاڻي، وينديس آن وطن

من، عشق ڪيو اُمارو.

 

[642]سر ڪلياڻ*

يار منهنجي کي ڪر مون لئي مُسخّرَ، يا الــٰهي

مٺو ٿئي موم دل مِهرئون مقرّر، من جو ماهي

1.      وجهين محبوب کي من ۾ محبت ملڪ جا مالڪ
        رَکيَئِين بيرنگ باري تاج برسر، بادشاهي
2.      لکين موهيا ڏسي منهن مست ٿيا ميخاني تي مانجهي
        سڏي سالم سَدا سهڻو ستمگر، سو سپاهي
3.      چئي الله اڪبر ڪَئين ڪُسي قربان ٿيا قربئون
        انهيءَ گفتي سندي گولو گداگر،ڏي گواهي
4.      اشارو ”عبدالله“ اَحسن اَلَستُ بِرَبّڪُم اَعلى
        سخن سمجهي ڪري صفتون ثناگر، ٿي سَراهي.

 

[643] سر ڪلياڻ*

يار ڍولڻ ساڏي اڱڻ آؤندا ڀل آوندا

1.      ناز نينان دي هوش نِيتا، سُهڻي ساڏا ساهه سِيتا
                        پُر پيالا مئي جو پيتا

چشم جڏان چاؤندا، ڀَل چاؤندا

2.      باغ خوشي دا خوب کليا، مئن نون محرم يار مليا
                        روز ميثاقئون روح رَليا

لائق ٿوري لاؤندا، ڀل لاؤندا

3.      ڪِيتا رانجهن ويس رنگي، جوڙ آيا سامان جنگي
                        ظاهر ظالم زلف زنگي

پيچ ڪيها هُڻ پاؤندا، ڀل پاؤندا

4.      ”عبدالله‏ آکيا عرض اِيوين، اڳُون جاني دي حال جِيوين
                        سائل دا سرپوش ٿيوين

کَر پِيا جگر کاؤندا، ڀل کاؤندا.

 

 

 

 

[644] سر بروو*

جيڏيون ڪارڻ جن، مون فال ٿي پايا

اڱڻ آيا اَڄ اُهيئي

1.      مليا پُنيم مرادون مَن جون، طرحين کُليون طاقتون تَن جون
                        تڏهن مان کي تَن، ٿورا لايا

سانگ سجايا، ٿيم سڀيئي

3.      ڏک ڏولاها ڏور ڪيا ڏاتر، لڌي قريبن قرب منجهان ڪَر

پاڻ اچي پِريَنِ، وهم وڃايا

وصل وَسايا، مُلڪ مڙيئي

4.      پاريو ”عبدالله“ چئي عهد عجيبن، حُبئَون ڏيکاريم حُسن حبيبن
                        شمس قمر سُهڻن، گهور سان گهايا

نينهن نمايا، ٿيا ٻانهان ٻيئي.

 

[645] سر بروو*

قربئون بيٺا ڪن، نديءَ ڪِنارَ، نازَ نِگار

1.      زلف مٿان رخ ظهار، ڊَول چڱي ٿا ڍارن

اچن وڃن کڻي اکيون، مشتاقن کي مارِن

ڪِيا اَبرن ساڻ اُنهن، سِر ڌڙ ڌارَ، قتل ڪِبارَ

2.      غازي غمزا گهورُون، ڏين ڏهاڻي ڏَسيون

دردمندن جون دليون ڪنهن حيلي نينِ هَسيون

جَڙ لائِي جيءَ ۾ جَن، جاني جيارَ، سخن سچارَ

3.      چاڱ چڱي ٿا چڱن، لوڏ سندين مون لَکِي

ڇا گَنيرَ جي گَت، رمز نه ڄاڻي رَکِي

مِهر مَڏهن پوندين مَن، سي سردارَ، هم غمٽارَ

صاحب سهڻي صورت، اَحسن خلقيو آدم

مَلڪ مُلڪ ارض سَما، ”عبدالله“ عرش عظيم

تان نه ٻيو ڪو مَٽ تَن،منجهه سينگارَ، جي جنسارَ.

 

[646] سر بروو*

ڏاڍي داغ دل اندر، اِيُ، دک درد جي دکايو

مُرڪي ٿيا ملاقي، اُلٽي کنئي عشاقي، بالله شرف باقي

پَسِي پرتوو، پڌر  پي، تون پِرت مان پهايو
2.      رُتبو رسيو رنگينن، اعلى اَمُلهه اَمينن، حاصل ڪيو حق حَسيِينن
        چئي حمد ڪنهن هنر، هيء، حالت حُسن وڃايو
3.      صورت منجهان سَڀائي، ٿي سالڪن سهائِي، آين نظر اُهائِي
        واحد جي واٽ وَر، وِيُ، وحدت وطن وِهايو
4.      توبهه ڪري ٿيا تائب، گس غير جي کان غائب، ”عبدالله“ چوي عجائب
        جَڙ جا لڳين جگر،جيُ، جُلوي سندن جَڳايو.

 

[647] سر بروو*

آهي هٿ تنهنجي هر ڪوئي، ڪافر مومن نيڪ بَد

1.      چايو ابليس جڏهن ”اناخير“، سِگهو تڙايئي سوئي
                        مَلَڪِي مان ڪڍي ڪيئي مُرتَد
2.      ”رَبَنّا ظَلَمنا اَنفسُسَنا“، آيس ڏانءُ اِهوئِي
                        ٿيو اظهر آدم مان احمد
3.      پِنان خير هميشه خالق، وڃي شَرّ سڀوئِي
                        ڪر نه ڪنهن کي راهئون رد
4.      ٿئي ”عبدالله“ چئي آسان امن سان، جو مشڪل آه مِڙوئي
                        منهنجو مولى هي مقصد

 

[648]سر گجري*

سِــگهيرڙا آوين، ٻَهُون مَن ڀاوين

ڪوئي ڦيرڙا پاوين، تون چشمان چاوين

1.      ڪرم دا قدم، رک ٿيوي رحم

حسن هم غم، وساريا وهم

2.      ننگِي نوڪر، محبوب مشر

نينان دا نظر، ڪڏان هِڻ ڪر

مَنيا مئن اَمُر،ڪيوين فرماوين

3.      سهڻا جند ساري، تَؤن ماڻي نال ماري

ڏي ڏيکاري، نِيتُئي هڪواري

تيڏي تَن تارِي ول مکڙا وکاوين.

4.      راضي ٿيا ربُو، سدا دِن شب

مِليا مطلب، ڪِيتا سائين سبب

”عبدالله“ ڪُون ادب، دا سُخن سمجهاوين.

 

[649] سر ملار*

جُهڙ لايا جنسار، آئِي مندَ مينهنَ

اچڻ ٿيو عجيب جو، وداع ڪئي تنهن وار
                        ڏولائي جي ڏينهن

بَنيا بادل بِره جا، مٿئون مينگهه ملارَ
                        برسڻ لئي بَنيِهَن

ڏنا قاصد قرب مان، لاٿا جيءَ تان جارَ
                        سيڻن جي سَنِيهَن

اُٺا ابر ”عبدالله“ چئي، چڱيون ڪَيُون چؤڌاري
                        ٻوليون ٻاٻِيهَن.

 

[650] سر ڪيڏارو*

آ عجيب، هوت حبيب، لَهه قريب، منهنجي ڪَر

1.      ٿي خلوت خاص، ويا وسواس، لٿي وِماس وصل سان
        اٿم آس، پرت پياس، ايها اُداس منجهه اندر
2.      محبِ مانَ، مهربانَ، پنهنجا شانَ سُڃاڻي
        ڪَيبرَ ڪانَ، نيڻ شان، بَڇين ٿو بان بشيهر
3.      طلب تمام، صبح شام، مون کي مدام ملڻ جي
        سڻي انجام، ٿيس آرام، وڌم دام تو دلبر
4.      ڪِي ”عبدالله“ عيد، ديکي ديد، رِيءَ خريد ٿيو خادم
        سهنج سعيد، جُڙيا جديد، لٿا شديد وچؤن شر.

 

 

 

منٺار

منٺار جو ذڪر سيد فاضل شاه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1300    (1883ع)  کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”منٺار نالي شاعر اتر سنڌ جو رهندڙ هو“. فاضل شاهه پنهنجي ڪتاب ۾ سندس هيٺيون  ڪافيون شامل ڪيون آهن.

[651] سر مارئي*

ساري ساه سنگهار، سگها موٽن مانَ اباڻا

1.      رهن ريلن ڪنڌيين، ڌڻ چارين ڌرار

سدا سونهن ڀاڳين ڀاڻا

2.      مارو موٽيا ڪينڪي، ڪانه لڌائونم سار

هاڻي ٿئڙنِ ڪوه، نه ڄاڻا

3.      اڄ مندائتا مارُئين، ماڙيچن مَلار

مٿن ڪئڙا مِينهنِ مانڊاڻا

4.      والي واري وطن تي، ميڙئين کي ”منٺار“

روئي ڪئم نيڻ نماڻا.

[652] سر مارئي*

ڪر آجي عمر ڄام، پنهنجي وطن وڃي مارئي

1.      بنديخانو بڇڙو، قيدِ پوي ڪامَ

2.      پيرون چونڊينديس پرينءَ سين، نايو کٻڙ لام

3.      ڪو ڏينهن آهيان ڪوٽ ۾، هتي تنهنجي سام

4.      ماڙين منجهه ”منٺار“ چئي، ڀانيان ڪوٽ قيام.

[653] سر مارئي*

تَن مارُن ري، ماڻا، ميان عمر هاڻي ڪنديس ڪن سان

1.      کٽون سندئي کانئيان، وٺي وڇاڻا
        2.      سونهنِ سنگهارن جا، ڀِٽُن ۾ ڀاڻا
        3.      اچي ويٺم اوڏڙا، اَڏي آباڻا
        4.      کاجھ جن جو کنڀيون، لُلر ۽ لاڻا
        5.      ماڙين ۾ ”منٺار“ چئي، سُور به ساماڻا.

 

[654] سر مارئي

منهنجا مارو ڍول، مون تان وسان ڪين وساريا

1.      مون کي ماروئڙن  جا، هٿان هَٿّ ڪڙول
        2.      پاريندُمِ پَٻَ ڌڻي، ٻاٻاڻن سان ٻول
        3.      اچي عمر ڪوٽ ۾ هينئڙي ٿيم هول
        4.      ماڙين ۾ ”منٺار“ چوي، روئان منجهه رتول.

 

[655] سر مارئي

سا ٿِي جِهڄي جهونگاري،ماڙين اندر مارئي
        1.      ساريو سانڀيڙن کي هنجهون ٿي هاري
        2.      ماڙيءَ تي چڙهيو مارئي، نئين سڄ نهاري
        3.      ٻڪر ٻاٻاڻن جا وَلر ڪيو واري
        4.      ماڙين ۾ ”منٺار“ چئي، گهايل ٿي گهاري.

 

مرزا بنده علي

مرزا بنده علي جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي،جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1300هه (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”مرزا بنده علي مانجهند (ضلعي دادو) جو ويٺل هو. مشهور ۽ قابل شخص هو.“ فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس هڪ ڪافي ڏنل آهي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

[656] سر جوڳ*

عشق ڏنم آزار، روئي وڃايم راتيون راتيون

1.      نازن دل نهوڙي نيئي، وس وقوف وجود کان ويئي
        بره ڪيس بيمار، پل پل پاتم جهاتيون جهاتيون
2.      ماريس تنهنجي جدائي جاني، درد فراق ڦٽي ڪيس فاني
        اَمرُ نِيُمِ اختيار، قرب وهايم ڪاتيون ڪاتيون
3.      محبت ساڻ مٺا من موهيو، سهڻا ساه وٺي ڪيو سوگهو
        بت ٿيم بيڪار، ڇرڪ ڇنم ٿي ڇاتيون ڇاتيون
4.      ”بنده علي“ چوي عشق اڙايس، سُهمن هيٺ سدائين آيس
        لوڪن جون لاچار، پاڻ پلئه مون پاتيون پاتيون.

 

 

 

 

قاضي ڪمال

قاضي ڪمال جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1305هه (1887ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”قاضي ڪمال ڪڍڻ (تعلقي بدين) جي مڪان جو رهندڙ هو.“ فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس فقط هڪ ڪافي ڏنل آهي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

 

[657] سر سسئي*

سا مون ڳالهه سڻاءِ، جنهن تان جانب ڪئي تو جدائي
        1.      ڪر حقيقت حال جي، لالن ڪهڙي لاءِ
                        وڃي تو ويرم لائِي

2.      ڳالهيون ڪنديس ڳجهه جيون، جانب پنهنجي جاءِ
                        سلنديس سُڌ سَڀائي

3.      پاڻا لايَيءِ پريتَڙي، سڪ سندي ساڃاءِ
                        سڄڻ تو سڀ سڻائي

4.      ڪهڙيين ڳالهيين ”ڪمال“ چئي، ساڄن سُڌ نه لڌياءِ

ڏکيءَ سان ڪر نه ڏاڍائي.

 

 

 

 

محمد فقير

محمد فقير جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1305هه (1887)  کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”محمد فقير هالا جو ويٺل هو، شعر ٿورو چيائين.“

فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس فقط هڪ ڪافي ڏنل آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي. ٻي ڪافي 1911ع جي لکيل ڪافين جي هڪ قلمي بياض تان ورتل آهي.

 

[658] سر سسئي

جانب ري هت جال، ويٺي گوندر ڏينهن گذاريان
        1.      اڄ ٿي ڏونگر ڏوريان، ڪيچي وئڙا ڪال
        2.      گهر تڙ گهوريان پنهون تان، مڏيون هي سڀ مال
        3.      پُري وٺنديس پيچرو، رڙهي رسنديس شال
        4.      محب منهنجا ”محمد“ چوي، سڪندي ٿئڙم سال.

 

[659] *

آهي عشق بنا ڏاڍو اَنهنجو

اتي پير پاوڻ، سِر گهاوڻ يار!
        1.      ڪنڊو پير ۾ ڪونه سهي ٿو

هِت ڪات اڳيان ڪنڌ ناوڻ يار!

2.      سج جو تڙڪو ڪونه سهي ٿو

هِت پِرت ۾ پاڻ پچاوڻ يار!
        3.      سوين مرادان سڀڪو ٿو ڳولي

اِتي اصلئون پاڻ کپاوڻ يار!
        4.      ”محمد“ چوي مام پروڙج

پاڻ مؤن پاڻ سڃاڻڻ يار!

 

 

 

محمد عالم شاهه

محمد عالم ميمڻ جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1300هه (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”محمد عالم ميمڻ حيدرآباد شهر جو ويٺل هو. فارسي جي درسي ۽ خيالاتي ڪتابن جو ماهر هو.“

فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس ست ڪافيون ڏنل آهن. ان کان علاوه 1911ع ڌاري لکيل ڪافين جي هڪ قلمي بياض ۾ پڻ سندس ٻه ڪافيون آيل آهن، انهن مان ڪي ڪافيون هيٺ شامل ڪيون ويون آهن.

[660] سر آسا*

آ تون پاڻ سڃاڻِي، مون وٽ يار پيارا

1.      سڪندي تو لئي سهڻا سائين

روئندي رين وهاڻِي
        2.      معلوم تينون حال مڙوئي

دنيا ڪوڙ ڪهاڻِي
        3.      گولِي ٿينديس در در ڳولي

جانب ڪاڻ جوڳياڻي
        4.      ”عالم“ آکي سهي ڪِيتوسي

پِرت جي ناهي پڄاڻي.

 

[661] سر جوڳ*

منهنجي ٻانهپ جي ٻولي، پَرَندي شال پرين سان

1.      مهڻن خاطر محب جي، مون ته جهلي آه جهولي
2.      روئي رڱينديس رت مان، چاڪن سان چولي
3.      جبل ڄاڻان پالڪي، ٿَر ڏونگر ڏولي
4.      دل ويچاري درد ۾، آهه ”عالم“ جي اولي.

 

[662] سر کنڀات

ڏاڍو ڏٺڙم بِره بيانُ

ڪنهن سان ڙِي آءُ ڪين ڪڇان ٿي
1.      ڪارُون عشق ڪري ٿو ڪيڏيون

ڪرم لکيو منهنجي جيڪس جيڏيون
        سورن جو سامان، ڪنهن سان ڙي آءُ ڪين ڪڇان ٿي
2.      پاڻ ڏاڍي سان نينهن اڙايم

پاڻهي پنهنجو پاڻ ڦَسايم
        پوءِ ٿيم ارمان، ڪنهن سان ڙي آءُ ڪين ڪڇان ٿي
3.      جامو عشق ڍڪايو جنهن کي

لوڪ لباس وڻي نا تنهن کي
        آهي اُو عريان، ڪنهن سان ڙي آءُ ڪين ڪڇان ٿي
4.      ”عالم“ عشق اَلههُ جو ڄاڻج

ظاهر باطن صحيح سڃاڻج
        رک تون درس ڌيان، ڪنهن سان ڙي آءُ ڪين ڪڇان ٿي.

 

 

 

[663] سُرملار*

دوست اڱڻ ساڏي آيا جِي، آ اسان نون خوشدل ڪِيتا

1.      سهڻي صورت ويک سڄڻ دِي، شمس قمر شرمايا جِي

2.      آپي گُول مُل آپي بلبل، رنگِي رنگ بنايا جي
3.      صاحب ساجن يار اسان نون، مولى محب ملايا جي
4.      ”عالم“ ازلئون نال اساڏي، پيچ پيارل پايا جِي.

 

[664] سر ملار

چِيري وارا يار، رنگي تو رنگ لايو

1.      ڇَڪن تو تي پيارل پريون

چشمن تنهنجي ڪيون سي چريون

صورت جا سردار
2.      محب فراقن ماريس تنهنجي

ڪڏهن ايندين اڱڻ منهنجي

ويٺي پڇايان تنهنجا پار
3.      نيڻ جَني جا آهن نديون

دانهون درد جون ڪيئن نه سي ڪنديون

جن کي طلب جي تار
4.      ”عالم“ آکي سهڻا سائين

راتو ڏينهان روح ۾ آهين

هوت هيِين جا هار.

[665] *

اَڄُ جانِبَ ڪئي نه جَٽاوو

ڏسي ڏوهَ ويو ڄَڻ ڏَمرِي
1.      فَلڪ فراق ۾ ڦاڙي پنهنجا، لَيڙون ڪجن لَٽا
2.      هِتِ نه ٽِڪيو هرگز هاڻي، وَهندو ڪيائين ته وَٽا
3.      پرچائي ۾ پاڻ پَهِينجو، مَرُ ته ٿي مَٽا
4.      ”محمد عالم“ معنيَ سمجهي، صورت ڪر سَٽا.

 


(1) تفصيل لاءِ ڏسو ”رسالو خدائي“، ٺاهيل ۽ ڇپائيندڙ منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ ويٺل کاڻي ڳوٺ پنهنجو تعلقو کپرو، سال 1929ع. هيءُ ڪتاب مسٽر جمعيت راءِ ولد راءِ صاحب ديوان نارائڻ داس ۽ مسٽر پرتاب راءِ ولد مسٽر شامداس زميندارن ٻيرانيءَ جي مدد سان ڇپجي تيار ٿيو. ڪوشش ڪندڙ: چڀڙ ڀيل ۽ الهڏنو فقير.

*الهڏني فقير ماڇي جي بياض تان ورتل.  

* * ”ياد رفتگان“، مخدوم ”طالب المولى“، 1953ع تان ورتل.

* * سيد فاضل شاهه جي مرتب ڪيل ۽ سنه 1300هه (1883) ۾ ڇپيل ڪافين جي ڪتاب ۾ جن مشهور معروف شاعرن (مثلاً شاهه عبداللطيف، سچل، بيدل وغيره) جو ذڪر آيو آهي تن جو ذڪر هن کان اڳ اچي چڪو آهي. باقي ٻين ڪن شاعرن جو ذڪر هن عنوان هيٺ ڏجي ٿو. اهي سڀ ڪتاب جي ڇاپي واري سال کان يا اڳ ٿي گذريا يا ان سال ۽ ان بعد به زنده هئا، جئن ته خود فاضل شاهه جون ڪافيون به هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.

* اها ساڳي ڪافي ”ٽيهه اکري سنڌي: ميين عيسي جي“، مطبع فيض سبحاني ڪوٽڙي بندر، سنه 1312هه ۾ پڻ ڇپيل آهي، جنهن ۾ مصرع نمبر 4 فاضل شاهه واري ڪافي کان وڌيڪ ڏنل آهي.

* [635] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن ڪافي کي ”ڪافي ٽيڻي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [636] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن ڪافي کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [637] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن ڪافي کي ”ڪافي ٽيڻي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [641] هيءَ ڪافي پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب ۾ پڻ آهي. سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي ٽيڻي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* * [642] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [643] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* * سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي مربـّع“ جو عنوان ڏنو آهي. هيءَ ڪافي پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب ۾ اڻ ڇپيل آهي.

* [645] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي مثلث“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [646] سيد فاصل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي مثلث“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [647] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [648] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي يڪي مُقفى“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [649] سيد فاصل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [650] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي يڪي مُقفىّ“ جو عنوان ڏنو آهي.

* سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [653] کان [655] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هنن ڪافين کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [656] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [657] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

 

* * ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ موجود ڪافين جو قلمي بياض.

*[660] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [2261] [662] سيد فاضل شاهه سٽاءُ جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي بڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

*[663] ۽ [664] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.  

* * ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ موجود ڪافين جي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org