سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :3

-         پيارو پيغمبر پاڪ جو پِيرن سندو پِيران پير
         پڙ ۾ ته پڌرو پهلوان، پِيرِ مُغان تون پاڳدار
4-       حشمت حقيقي حڪم سان، هر جا هڪل تنهنجي هلي
         حسنين جو پرور پِدر حضرت علي حيدر ڪرار
5- فائق فنا في الله جو، فائض فقيرن جو فقير
فرقان جي فرمان سان فالم فتح با فوجدار
6- نيهي نظاري نور جي نوبت وڄائي نينهن جي
نروار نر ناياب ڪيو نعرو اوهان جو نامدار
7- مظهر سندو مسجود تون، ”محمد“ مدامي مرتضيٰ
موليٰ علي مشڪلڪشا مهندار مالڪ مختيار.
 

[1740] پيلو

ڳايان ڳليءَ ڳليءَ ۾، اَولنگ وڄائي آڙو

پنهنجي پسِي پيشاني پرجهي پريم باڙو

1- اظهار ٿي آوازي، محلد مچي مجازي

قائم ڪري قوازي اثبات جو آڇاڙو

2- سهڻي کولي صراحي، بيشڪ بقا بالٰهي

احوال سر اِلاهي، قُقنس ٻولي جيئن تاڙو

3- گفار گُر گياني، رفتار رنگ رنداني

سرشار ٿي سيلاني، ديدن جو هڻي ڌاڙو

4- عاشق اصل آويسي، وحدت وصال ويسي

مشهور ٿي مهيسي، ”محمد“ مٿي اگهاڙو.

 

[1741] سارنگ

آکيان نال آکيان دي اَٽڪيان، جهل پل ڪنهن نال جهليان وي

1- آڙنگ ڪر ڪر عشق واليان تي

نال وصل دي واليان وي
2- عاشق مار ڪباب ڪرينديان

ٽاهه ڪَهين نا ٽَليان وي
3- گونا گون گرم ڪر گهيري

گهور چڙهيان گَهليان وي
4- مزگان واليان مست مقالان

”محمد“ صاف ٿي سَلمان وي
 

[1742] ڀيروي

عشق مَچايا شاهي شور، ويک چَشم دا چالا چور

1- عشق الاهي عين شريعت، ظاهر دي وچ ڪفر طريقت
سجدا صاف صحي وچ صورت، ڏيندا ’لا‘ دي نال ٽڪور
2- حال حقيقت وحدت والا، سارا سمجهه نينهن نر

اهو ڳجهه اصل هي اعليٰ، جِٿ گُهوران والي گهور
3-       معرفت دي وچ موتي من دا، ڪري سارا سير صحن دا
         هي اشارا ’انا‘ ’ان‘ دا، حسن حملي هور
4-       ”محمد“ مورت مخفي معنيٰ، هي سراسر شاهه شهانا
بره دا اهو بيک بهانا، ڪيا ڄاڻي عالم اور
 

[1743] ڀيروي

’مَئن‘ دي موج محبت والي، مام سڻائي مئن وومَئن

1- مئن دي محڪم ماڳ مدامي، سُرت سمائي مئن وو مئن
ثابت ٿي سينگار صفت وچ، صاف سچائي مئن وو مئن
2- مئن مختيار منوّر مَئي دي، سُرڪ پِلائي مئن وو مئن
قربئون ڪيف ڪلالي ڪُل دي، ڪار ڪمائي مئن وو مئن
3- مئن مشتاق دَرُونِي دم دي، بِينَ بجائي مئن وو مئن
اندر هُو هُو ٻاهر هُو هُو، ايڪ ايڪائي مئن وو مئن
4- مئن مخمور ”محمد“ مئي دي، رمز رَلائي مئن وو مئن
فالم ٿي في الحال فهم دِي، فوج چڙهائي مئن وو مئن.
 

[1744] بنس

سنگي ساز، ننگي ناز، رنگي راز رَتيان

مِزگان مست مَتيان

1- طلب طُور نظر نُور پڌر پُور پَتيان

همہ حال دي خيال بن بحال بَتيان

2- ڪجل ڪار والي ڌار سِر سينگار سَتيان

الف اوڙَ گگن گوڙ ڪيتا جوڙ جَتيان

3- بزم بَرس سُرڪ سَرس تَرڪ تَرس تَتيان

جوڳي جهُوٽ لَقالُوٽ چوڙيان ڇُوٽ ڇتيان

4- طبل تال لحن لال ”محمد“ ڳالهه ڳَتيان

مَئي دِي مام وچ مدام ڪر گرام گَتيان.

 

[1745] کنڀات

ڪج عشق عجب اظهار، ڪيتا هي آر

آوازي انور ڪا وهوار
ڀر ساغر سرخ سينگار، ٿيا سردار

سُڻا سُر سرور ڪا وهوا
1- ڪج اکيان اور اشاري، ڪج ابرو اُلت اوڀاري
 

ڪج چاه زنخ چمڪاري، ڪج داناء ڪيا دلدار
                           دُرس ديدار، دلاور دلبر ڪا وهوا
2-       ڪج ڪاڪل ڪيف ڪمالي، ڪج ڪار ڪجل ڪِي ڪالِي
         ڪج لال لبان سِر لالي، ڪج روپ رُوحي رخسار
رندي رفتار، رنگي رنگ رهبر ڪا وهوا
3- ڪج گفتا گُون گياني، ڪج سِر تي تاج شهاني
ڪج گُهوران گهُونڊ گياني، ڪج برزخ دي بازار
ٿيا پڳدار، پيالي پرور ڪا وهوا
4- ڪج مزگان ”محمد“ ماري، ڪج خم خم خوب خماري
ڪج نينان نوڪ نياري، ڪج مُنهن تي ميگهه ملار
منڊل مهندار، مدامي منّور ڪا وهوا.
 

[1746]

هووي حلال جُسا جو ميرا، ڪُهه ڪر يار ڪباب ميان

عاشقان دا ول معشوقان نــون کاوڻ مــاهه ثـواب ميان

1- ڏي نڙي لت ڪات وهائين

ڪنڌ ڪُلهي ڪنون گردن لاهي

لوڻ مصالحي مرچ ملائين

شيخان جوڙ شتاب ميان

2- وڍ ٽُڪ ڪرڪي هڏيان گڏيان

سَنڌ بند بازو ننڍيان وڏيان

نال خنجر دي ڀڀريان وڍيان

ڀاوان ڪونه عذاب ميان

3- ڇُريان مار جگر وچ ميري

تِريان بُڪيان آنڊري جيري

چاڙهه چُلها چا پڪا جو ٻيري

ڏيسان ڪونه جواب ميان

4- جنهن دم رانجهن سڏڙا ڪريسي

اُهِين دم ڪُٺڙي سڏڙا ڏيسي

کِل کِل مِل ”کٽياڻ محمد“

نچسي پيش نواب ميان

 

[1747] بست

بسنت بهاريان باغ بهار، برسر بوند بهاري لائي

1- سروُ صنوبر سورج سوسن، گهُيلئي گل گلابي گلشن

ڪيتڪي ڪيفن لالن جَهرڪن، ڳٻيٽي کُليئي کٽڻهار
اکيان وچ اظهاري آئي

2- نازبوءِ نرگس تڪمان تُلُ تُلُ، گونٽا گوهر غنچا گُل گُل
 

ڪيي حال حسن دي هُل هُل، هر جا هِت هُت حق هُٻڪار
                           بنيا بيگ بحال بقائي

3-       سرخ سبزي سِر سناسي، زنگي سنبل ويک عباسي
         گاڪي پُريا ڀيم پلاسي، ڇم ڇم، ڇنن ڪر ڇمڪار
چِيٽڪ چشمان چوٽ چڙهائي

4- موتيا مشڪي محسن منور، جعفري جڙاء احمر انور
صاف صنم ٿي سهڻا سرور، محبت والي ميگهه ملار
مئي پِي ”محمد“ موج مچائي.

فقير علي بخش هوت عرف گورکناٿ فقير

 

فقير علي بخش هوت عرف ”گورکناٿ فقير“، ويٺل ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ تعلقو حيدرآباد– 1960ع کان پوءِ هڪ سؤ سالن کان وڌيڪ ڄمار ۾ وفات ڪيائين. پهريائين محمود فقير کٽياڻ جو طالب هو، ان جي وفات کان پوءِ محمد فقير کٽياڻ جو طالب ٿيو، جنهن کيس ”گورکناٿ فقير“ جي نالي سان سڏيو. بي طمع فقير هو.*

 

[1748]

ڀينگ سڄي آهي ڀاھ، پلڙن پٽ پرواز منهنجو

1- مردان جي ٻيڙي ٻوڙِ، هڻي ناد نڀاڳ
ناز نظر آهي نياز منهنجو

2- تحت ثريٰ جي سير سنڀايم، مُوتُوا واري ماڳ
رهبري آهي راز منهنجو

3- پهرين ڀيڻي پنهنجي ڀڃ تون، دوئي کي ڏئي داڳ
قهر ڪُلي آهي قواز منهنجو

4- ”گورکناٿ“ بره جي بازي، لاحد واري لاڳ
اناالحق آهي آواز منهنجو

دائم فقير

 

دائم، محمد فقير کٽياڻ جو ٻالڪو هو، ۽ ان جي سُنگ ۾ شامل فقراء مان هو.

[1749] روپ تلنگ

راز رندي وچ سمجهن سالڪ، بيرنگي دا بحر بياض

1- عارف عشق دي بازي کيڏن، نينان وانگي ننگي ناز
2- سوره ويکن سير صورة دا، پر تئون پلپل ڪر پرواز
3- صوفي مظهر مام سڃاتي، انحد والي اُلٽ آواز
4- ”دائم“ دل وچ ديد اڙاڪي، ثابت ڪيتا سِرُ دا ساز

[1750] روپ تلنگ

عاشقان دي راز رندي دا نظارا نور هي

 

صورت والي سير سرسر چشمان ڪيتا چور هي

1-       عشق حُسن دا سير سنباهي سيني اندر صاف سمايا
         مئي محبت مچ مچايا، مستي دي مذڪور هي
2- ناز نظر دي رمز نرالي، مئي پي ويکن مست موالي
بيرنگ والي بيک بحالي، ذاتي ذوق ظهور هي
3- پرت پيالي پارس پيوَن، ڪار قتل تي قائم ٿِيوَن
موتوا قبل مَرُسي جيوَنِ، موج ايها مخمور هي
4- دائم دود دکايا دل وچ، ڪيفي ڪيف ڪلالي ڪَل وچ
وحدت ورق وجودي دل وچ، حاصل حال حضور هي

رمز علي فقير

 

فقير رمز علي ذات جو ڪاڪو، ويٺل ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪو تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد. محمد فقير جو ٻالڪو هو. هميشہ سير سفر ۾ رهندو هو.

[1751] ڪاريهل

نينهن نقاب کولي نهاني، نگهدار ناياب نوراني

1- سهڻي صورت سرور سينگاري، ڪلتار قائم قرآني
2- آءُ رانجها ٿي رهبر، ڪري اسان تي احساني
3- ماڻين تخت هزار هميشه، سردار سخي سبحاني
4- ڪرين عالم کي سدائين سهاڳي، دولهه ٿي دلدار ڌياني
5- ”رمز علي“ تي ريجهي رنداني، کولي موج مجاز مزگاني
 

[1752] ڪاريهل

منهنجو آهين تونهين تون، مالڪ مَک مظهر جو

1- اسم عاشق امام اوهان جو، عالم تون اظهر جو
2- ڏئين دام دلاور دم جا، داتا دولهه در جو
3- خلق خضر خود خادم تون خالق خاص خبر جو
4- ”رمز علي“ جي راز جا رهبر، سانگ ڪري آيون سرور جو.

فقير قاسم علي صوفي القادري*

فقير قاسم علي صوفي القادري ولد رئيس فتح علي خان ڪورائي بلوچ، ڳوٺ شهعلي خان ڪورائي لڳ صوفي فقير تعلقي ساماري جو ويٺل آهي. اندازاً 1900ع ڌاري ڄائو. سندس والد راڄ جو چڱو مڙس ۽ قاضي سڏبو هو. قرآن شريف ۽ سنڌي جي رواجي تعليم ورتائين. پر جيئن ته سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي فقيراڻي هئي، تنهن ڪري جوانيءَ ۾ گهر ۽ مائٽن کي ترڪ ڪري محمد فقير کٽياڻ وٽ وڃي بيعت ورتائين ۽ ان جي سُنگ ۾ شامل ٿيو. محمد فقير سان گڏ سير سفر ۽ رياضتون ڪري ٻين

بزرگن جهڙوڪ مخدوم غلام محمد، منٺار فقير راڄڙ، مهدي شاهه جهانيان پوٽي، سليمان ڪورائي ۽ فقير روسن الدين صوفي کان به فيضياب ٿيو.

 

[1753]

عاشقــن الله جـــي وائــي سدائيـن وات اٿن

ڪم نه ڄاڻن ڪو ٻيو، تن ۾ تنهنجي تات اٿن

1- ڪشف ڪرامات کان عاق لنگهي اڳتي وڃن
”طالب الموليٰ مذڪر“ اي سندن اوقات اٿن
2- سانگا سٽي سنسار جا، ڪوپا ڪڏي ڪاهي اچن
منصور جان مخمور ٿي، پروان جا پڙ ۾ پچن
3- بيرنگيءَ جي بحر ۾، ڪؤڙين منجهان ڪي ڪي اچن
او ملڪ ملڪن کان مٿي، لعل لاهوتي لنگهن
4- ”قاسم علي“ ڪاپڙي اُن جوءِ تي جوڳي وڃن
سر ڏيئي صوفي ٿيا، هي خبر آهي خاص تن
 

[1754]

عشق جنين تي آيو، عام ڪنئون ٿيا آجا

رام ريجهائن پنهنجو، وڄن وجودي واڄا

1- نام جپڻ، پرين پسڻ، رمز ندي منجهه رچڻ
اڳتي وڃڻ، سو ڏيهه ڏسڻ، لڪ لنگهي سڀ ”لا“ جا
2- جيئري جلڻ، محب ملڻ، خوش ٿي کلڻ، سا راند کٽڻ
شرڪ ڇنڻ، هڪ سمجهڻ، ڀول وڃايئون ڀؤ جا
3- هي پنڌ اوکو آهي، سمجهڻ سوکو ناهي
ڪامل ايندا ڪي ڪاهي، گيان سڃاڻي گر جا
4- ”قاسم علي“ ڏس تجلي، برهه جي بهار بجلي
ڪيف ڪڪوريل ڪجلي، ڪن ”فيڪوني“ ڪا جا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org