سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :6

باب ستون

14- صدي هجري جي وچين دور جا شاعر

ميون محمد علي پٺاڻ

         ميون محمد علي پٺاڻ، عالم ۽ استاد هو. ساماري تعلقي ۾ ڪاميابي سان مدرسو هلايائين. پاڪستان کان اڳ وفات ڪيائين. سنڌي ۾ ’صاحب ديوان‘ شاعر هو، ۽ پڻ فارسي ۾ سندس غزل چيل آهن. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ چيل سندس ستانوي کن قافيون نظر مان گذريون جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.*

[1797]

بره بيشڪ بي بيان، بره باتيون ڪنهن نه ڄاتيون

1- محبتي ميدان ۾ ڪو پير پائي پهلوان

اُت هٿيارن جي نه حاجت ٿيا ڪُسي قربان جُوان

ڪنڌ جهليائون قرب ڪاتيون

2- عشق جي امواج ۾ کائج مَ تون غوطو گمان

سچ رکي لنگهه سير ثابت وڃ تري طالب طوفان

ڪر نه ڀاتون ڀات باتيون

3- بره جي بازار ۾ ٿي بي عقل ۽ بي زبان

ڪهه نه ڪنهن سان قرب ڳالهيون ٿيون ذرو ظاهر زيان

لَئُه لساني تون نه لاتيون

4- وِره جي وادي اندر وڃ مُڇ ڪري جند جان مان

”لن تنالو البر“ باسج ”محمد علي“ منجهه هن مڪان

ٿيون ٿين ضايع ذواتيون

[1796] سورٺ

اِنهين حسن جي هُٻڪار، گرم بازار ڪَئي

1- زلفن مان ٿِي زينت ظاهر، رنگ ڀرئي رخسار

عجب جهلڪار ڪَئِي
2- لعل لبن مان هِيرا هاري، دُرعدن اَنوار

گوهر گفتار ڪَئِي
3- آبرو سيف ڪَما نڪَش ڪُنڊڙن، تيز کڻي تلوار

سيني سُٽڪار ڪَئي
4- ”محمد علي“ موهيو مون کي، ڪري سڄڻ سينگار

چَشم چمڪار ڪَئي.
 

[1799]

نقطي ناز، مست ڪياسون

1- مَنَ جو مرغ ٿيو سو قابو

 

جنهن کي لڳا لَک بِره جا باز

2-        واه وَڻي محبوبن ماڻو

نينهن وارن جا وڻن نياز

3- بِره ڪري ٿو بانڪا بَردا

سرڪش سُره تير انداز

4- مَنهن محراب ”محمد علي“

پڙهه پِرت مان نينهن نما.

[1800] سورٺ

دلبر دامَ، وڌا جي دل کي

1- سالَ ڀايان هڪ ساعت تورِي

ناهي صبر سُک آرام

2- بي پرواهيون ڪر نه پيارا

طلعت تنهنجي جڏهن آه تمام

3- روبرو تو قول ڪَيا جي

سي پرين تون پاڙ انجام

4- ”محمد علي“ مَست ڦِري ٿو

هر صبح هر شب هر شام

 

[1801] پيلو

آيو اڄ يار گهر منهنجي، ڪِئم صدبار شڪرانا

1- ڪيئم جي دوست لئي دانهون، جِڪس آيو سڻي آهون
پرين اَچي پُور ڪِئا پاهُون، ويا سڀ سور آرمانا
2- هنيم هٿ دوست جي دامن، بدن ٿيو باغ گل گلشن
کليا سُنبل سَمن سوسن، عهب رنگ روپ ريحانا
3- جنت جايون سندم سڀ ٿيون، اکين عيدون اِلاهي ڪِيون
وِره وايون وڃڻ کي ويون، لکان ڪنهن ڏانهن پروانا
4- ”محمد علي“ سان مَهرُو، ٿيو خوش سو کلي خوشبو
رقيبن جو سِيّہ رنگ رُو، سِر تان طبل طعنا
 

[1802] سارنگ

رُت بهاري آئي ووميان، حسن هُڳا ٿئو گُل گُل گُل ۾

1- گل ٽِڙئا هر جا هنڌ هنڌ، هُوڪ حسن ڪِي حنائي وو ميان
نينهن نالا ته ڏِس بُل بُل بُل ۾

2- ناز بُوبَن نوان ناز ڏيکارئا، رنگ رنگ رمز رَلائي وو ميان
اَهلِ چمن پيا هُل هُل هُل ۾

3- سنبل سهجئون زلف سينگارئا، چؤڏس چشم نمائي وو ميان
ڪيف ڏٺم وري ڪُل ڪُل ڪُل ۾

4- شُغل اِنهينءَ ۾ ”محمدعلي“ آهي نور خُدائي وو ميان
ڀَومَ ڀور تون ڀُل ڀُل ڀُلَ ۾

 

[1803]

         سُرڪَ سِگهي ڏي ساقي وو ميان

                                    پي پيمانا ٿيون مستانا

1-       مَست پيالو مَيخاني مند جو

جام ڀري ڏي جانان وو ميان
2- مَئي محبوبي سُرڪَ سَوائِي

مرد گهرن مردانا وو ميان
3- ڇا ڪندا وري عام اَسان کي

مَر تان هڻن لک طعنا ووميان
4- معلوم مئي جي ”محمدعلي“

ڪر مُغن کان مَعنا وو ميان
 

[1804] لوڙائو

ڪاڪَلَ آڻ ڪانگا، پار پِرن جي پَهي پَهِي

1- يار پِرين وڃ تون ڪانگا، سڀ ڇڏي هِت سر جا سانگا
رات اُتان آ رَهِي رَهِي

2- سڀ سڀئي سُورُ سڻائج، ٻانهون ٻڌي هي حال ٻڌائج
ڪج ڪشالا ڪَهِي ڪَهِي

3- پوئتي وَرڻ جي وارج وائي، واري وصل جي ڏج واڌائي
سُڌ سڻائج صحي صحي

4- خبر کيانتَل اَهڙي آندي، ”محمد علي“ ڪر دل نا ماندِي
ٺاهه ڪري ايندا ٺَهِي ٺَهِي

[1805]

نياپا نِي ميان قاصد، سِگهيرا سي سُڻا سڄڻن

1- هَئِي جَڙ جان ۾ جاني، ڦِران مستان مستاني
دُواري دُرس ديواني، سدا دلڙي اندر دردن
2- ڏسي آ روبرو ڏيهي، گهڙي پَل ڪا وٽن ويهي
سُڻي ڪا ڳالهه ڪج ٽيهي، چوي جيئڻ محب مَن موهن
3- بلاشڪ بِره ڪِي باندي، نه آهي وره کان واندي
ملڻ ريءَ ٿي مري ماندي، رهي بلڪل نه ننڊ نيڻن*
4- ”محمد علي“ سين مِل تون، اڱڻ عاشق سندي ٽِل تون

چڱيري ريت سان رِل تون، ٿيان واندي ڪَناوِرهَن.
 

[1806] ڀيروي

جي مون سان موليٰ ڪَهين ٺاهه ٺَهي

 

ته ڪُہ ڪريان چَرخو چوري

1-       ڪين ڪَتي مَر وتي البيلِي، ڇو اُٿي وري صبح سَويلي
                           ڪير تنهين کي ڪَهي

2-       آتڻ ڪَتي سا ڪيئن ديواني، جنهن جو سوداگر دلبر جاني
سا پري کان پَهي

جنهين تي فضل ٿين ري ٿورِي

3- سڀني سُهڻو سو سوداگر، نجهري نماڻي جي اچي جيڪر
رات ريجهي راول رهي

ته آءُ ڪيئن پهچان پرين جي ٿورِي

4- مُشڪ ملي سا ”محمد علي“، دامن عليءَ جي جنهن ڪنهن جهلي
لائق سو ڪَر لهي

بلاشڪ اَچي عاصين سين اوري

 

[1807]

جن جي هٿان وئڙا پرين، تن کي پڇو سڏ سور جي

1- هينئڙو ٻڌم ٻاڌاڻ ۾

ڏاڍي قرب جي ڪاڻ ۾

اسان پرين پاڻ ۾

دوستي ڏاڍي دستور جي

2- جانب بنان جيڪي جيان

سڀ سور ٿي پل ۾ پيان

هي دک درد ڪنهن کي چوان

ماهيت انهي مذڪور جي

3- ڪيچين ڪهي مون کي بات ڪا

سرتيون پروڙيم ڪانه ڪا

ڀانيم ڪندا وارث وفا

ڪل نه پيم ڪلور جي

4- ”محمد علي“ چئي واڳون وريون

آيا پرين اکڙيون اڙيون

دک درد جون جيڪي دريون

پرين ڏٺي ويون پور جي

[1808] آسا

وي لُٽي يار اساڏي دلڙي، محبين ڪيتا اسانو مستانا وي

1- ناز غمان نهوڙ چانيتي، نيٺ محبوبان مِلڙي

ڇوڙ زليخان شان سهانا وي
2- ’الف‘ اشارا مشڪل سارا، رمز ڳجهي آ رَلڙي

ٻيٺا کول نقاب نهانا وي
3- ويک ”محمد علي“ مَ تجلي، وسر ڳئي خوش کِلڙي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org