سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :8

ويجهو منهنجي وهن، ڏسي نيڻ ڦرن

         مارو مال ڇوڙن، ٿئي چونگار چڙن

                           اکين ڌڻ ته ڏسان مان ڌنارن جو

4- چوي ”غلام حيدر“، پرين پيا ٿَئِي پڌر

چڙهي نيڻ نظر، آيا تنهنجي در

ڪڍي ڪوٽ قهر، نيندا نال نڌر

اهو ٻول ٻڌل آ ٻڪرارن جو

مير غلام محمد خان فقير

مير غلام محمد خان ولد مير غلام حسين خان ڳوٺ ٽالپور وڏا جو ويٺل هو. ننڍپڻ کان فقيرن جي صحبت ۾ رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو حافظ هو. تاريخ 9- جمادي الاول 1362هه/1944ع تي وفات ڪيائين.

[1823]

لنگهي ويا لڪن مؤن، سورن جا ساٿي الا

1- لائي روهه روان ٿيا، ڇني ويا ڇاتي الا

2- وڍي ٿي ته وجود کي، قربن جي ڪاتي الا

3- وڏا ٽوڙ ٽڪر جا، هيبت جا هاٿي الا

4- آءٌ به وينديس اوڏهين، واچوڙي واء ٿي الا

5- ”غلام محمد“ پرين جي، جُوء بچي جا ٿي الا

[1824]

ساٿ ڏڻي سردار، لنگهائيج لَڪنَ مون

1- ورهن ويڙهي آيهان، اٿم عشق اپار

2- ورتون وسيلا سپرين، ٿي اڙيل جي آڌار

3- رليءَ جي روهن ۾، سگهي لهج سنڀار

4- ”غلام محمد“ جا غمڙا، علي پاڻ اُتار

مير عطا محمد خان ”عطا“

مير عطا محمد خان ولد مير غلام نجف خان ويٺل ٽالپور وڏا، ضلعو خيرپور، پنهنجي پيءَ وانگر وڏو حڪيم ۽ سٺو شاعر هو. سنه 1870ع ۾ ڄائو ۽ 1944ع ۾ وفات ڪيائين.

[1825]

مُجرو ڀريان ٿي، تنهنجي در تي اچي اچي

1- ٻانهي مون ٻاڏايان، ٿي پاند ڳل ۾ پايان

تنهنجا مون ڳڻ ٿي ڳايان، ڍولڻ نچي نچي
2- عيبن سان هي نماڻي، پئي آ سڄي وڪاڻي

جي شاهه ٿيندو ساڻي، وينديس بچي بچي
 

تنهنجي سخا سوائـــــي، ڪر ڪا ”عطا“ سان ڀـــلائي

                  ٻي واهه ناهي ڪائي، ساجن سچي سچي

فقير عبدالله صوفي

         عبدالله صوفي فقير ولد خير محمد صوفي، ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمرڪوٽ ۾ 1900ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد زمينداري ڪاروبار سنڀاليائين. عبادت گذار هو. پر ان سان گڏ راڳ ٻڌڻ ۽ ڳائڻ به سندس خاص شغل هو. خرارن جا خرار اَنّ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، جنهن ڪري کيس عبدالله غازي به چوندا هئا. مجازي عشق جي چوٽ مان مجذوبيت کي رسيو، انهي حالت ۾ کيس جهوڪ شريف وٺي ويا، جتي نصير فقير جلالاڻي سان سندس صحبت ٿي. آخرڪار 3- محرم 1364هه/1945ع تي سالم هوش سان ذڪر پڙهندي وفات ڪيائين.

[1826]

تنهنجي جوت جمال، جيءَ کي جوڙي جادو ڪيو

1- لکين هزارين حورون پريون، چشمن چوري ڪيون سڀ چريون
ڪُٺيون حسن ڪمال، ناز نهوڙي تن کي نهوڙيو
2- کنئي ڌاڙي سان دام وجهي دل، هوت اچن هٿ موٽي مشڪل
منهنجي ڇاهي مجال، وِره وڪوڙي وسهج ويئڙو
3- لُٽيئون لاشڪ لات لساني، زود ذري منجهه بات بياني
موهيو جنهن کي مقال، ڪيئن مُنهن موڙي محڪم ٿيڙو
4- ”عبدالله“ عاشق پرتو پارس، وعدو وفا جو ڪر ڪو وارث
ٻڌ سائل جا سوال، ڇڏج مَ ڇوڙي پيوند پيڙو

[1827]

دوئي دل تان ٿي وئي دور، ’مُوتوا‘ مرڻا اڳي مئاسين

1- ذات ذڪر سين ذوق لڳوسين، صورت جو هي ڀولو ڀڳوسين
ظاهر پوءِ ڏٺوسين ظهور، وهم وجودي وڍي وياسين
2- عشق ته عزرائيل ٿي آيو، جنهن نيئي محبن سان ملايو
ساهه تان لهي ويا سختيون سور، سانگ سجايا سڀيئي ٿياسين
3- ”انا احمد پلاميم“ چيائون، ڳالهه ڳجهيءَ کي ظاهر ڪيائون
سڻ او مُلان اي مذڪور، اسين ته انهي پاسي پياسين
4- ظاهر باطن رنگ رچائي، ”عبد“ ڪڏهن ”الله“ سڏائي
ڪهڙو پوءِ اسان جو قصور، ناز انهيءَ ته نهوڙي نياسين
 

[1828]

 

ناز وارا نانءَ خدا، آ هڪ دفعو هيڏي هلي

عشق تنهنجي لائِي آتش، جِي ويو جانب جلي

1-       ڪيم سي وعدا وسارج، محب ڪيا جي تو ملي
         قول سي قائم ڪري، خوش ٿي اچج مون وٽ هلي
2- صبر ساعت ناهه، ڳوليان ڳوٺ جي هر ڪا ڳلي
روئندي گذرن راتيون، سک ڪيئن سمهان اوڍي رَلي
3- دل ڪري دانهون ٿي سا، جا ڇپرت تنهنجيءَ تي پلي
تو کان جانب ٿي جدا، هت ڪيئن هِري هيءَ هيڪلي
4- اچ وساءِ ويران ويڙها، ڪم ڀلن جو آ ڀلي
سڏ سڻي ”صوفي“ سندا، وٽ ”عبدالله“ يا علي!
 

[1829]

ملڪ ملير جي ڪريان ڳالهه ڪيهي

توسين او عمر ڄام امير

1- رهن ريلن ۾ مارو موچارا

ڀاڻا ڀٽن تي اڏين اوتارا

کائين کنڀيون کليو اُت کير

2- مينهن وسي ڪيون تار ترايون

پِپُون پٽن تي سونهن سايون

پاڻي پلر هو آهي اڪسير

3- سبز سفيدي کيٽ آهن کاشا

تجلا تڙن تي نوري نماشا

عطر کان اعليٰ هُتي جي هير

4- عمر توکي آءُ پلؤ ٿي پايان

ڏکي ڏوٿين ري ”عبدالله“ آهيان

واري ڇڏ وطن تي سومرا سڌير

شير محمد لغاري

شير محمد لغاري، ڳوٺ غلام شاه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ سنه 1298هه/1880ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ نَقُر تعلقي سڪرنڊ ۾ حاصل ڪرڻ بعد پراڻن هالن ۾ آخوند محمد موسيٰ پڃاري ۽ قاضي خان محمد وٽ فارسي جي تعليم ورتائين. شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. سندس ڪلام ڊگهن بيتن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. ڳوٺ ۾ لاڳيتين ٻوڏن اچڻ سبب اتان لڏي ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهدادپور ۾ اچي رهيو. 65 ورهين جي ڄمار ۾ 1945ع ۾ وفات ڪيائين.

 

[1830]

اُٿِي ته سالڪ ٿيءُ سجاڳ، سُمهندي سُر ته پَسڻا

1-       ڪک پن دي وچ حاضر هويا، متان ڄاڻين ٻِئي ماڳ
                           هر جا هادي وَسڻا

2- پَهر ڀَڀُوتي خرقا خاڪي، لاءُ لِکان نُون لاڳ
گوهر گُرُسِين گسڻا

3- ’هُوهُو‘ دا وڻ هووي هميشہ، رڳ رڳ دي وچ راڳ
رهبر سو وڃ رَسڻا

4- شائق ٿِي ڪر ”شير محمد“، ڀلا ٿيوي تيرا ڀاڳ
ٻئي نون ڪِيا وَت ڏَسڻا

[1831]

پيرا ڏاڍو عشق دنيا سين، لايو تو سو ٿَئِي اجايو تو

1- دنيا دورنگي ڪم نه ايندي، جنهن سان روح رَلايو تو
2- غافل ٿي تو ننڊ ۾ گذاريو، ڪانئر ڪين ڪمايو تو
3- سنگت تنهنجي سفر سڌايو، اڃان پئي ساٿ سنباهيو تو
4- ”شير محمد“ وطن ڪيئن وساريئي، هِتي ڪيئن باغ بنايو تو.

نواز علي شاه ”نواز“

 

حاجي نواز علي شاهه ولد ڏنل شاه، ويٺل ڳوٺ الياس تعلقو ڳڙهي ياسين. سنه 1945ع ڌاري وفات ڪيائين.

[1832]

عشق نٿو ڏي آرام، سِڪ سڄڻ تنهنجي سُک ڦٽايو

1- باه بره جي ڏي ٿِي ڀڙڪا، اُلا اُڏن ٿا عام
سيڪيل دل کي سورن ساڙيو

2- هر هر حملا عشق تنهنجي جا، دل کي وجهن ٿا دام
تاب اوهان جي توڙئون تايو

3- چال چشمن جي اُلٽي اوهان جي، تير لڳن ٿا تمام
جــان جگــر ۽ جيـرو جلايو

4- نينهن ”نواز“ کي ننڍڙي لاڪون، جهڙپ ڏني آهي جهام
محب مٺا تنهنجي محبت ماريو

ابراهيم گولو*

جمعدار ابراهيم گولو، ٽکڙ جو ويٺل هو، ۽ ٽکڙ جي سيدن جو خاص خادم هو. شاعريءَ جو گهڻو شوق هئس. جيتوڻيڪ سريلو نه هو، ته به پنهنجون قافيون ٺاهي، پاڻ يڪتاري تي ڳائيندو هو.

 

[1833]

پرين منهنجا آهيو پيارا، جيءَ جڏي جا جانب جيارا

1-       آءٌ ته محبن لئي آهيان ماندي

هيڪر تن سان ٿيان هيڪاندي

حسن وارا ڏسا مُنهن موچارا

2- عجيب آهن اهنجون چاليون

اچو ته ڪريون ڪي قرب جون ڳالهيون

وِره تنهنجي هي وڍبا ويچارا

3- ڪنڍيون اکيون آهن ڪاريون

سڄڻن مون کي سي ته ڏيکاريون

مون سي نيڻ خماري ساريا

4- ”ابراهيم“ وهن ٿا نينهن جا نارا

ڪونج وانگر ڪن ڳچيءَ جا ڳارا

چمڪن جيئن ٿا اُڀ تي تارا

حافظ خان محمد مُلون

حافظ خان محمد ولد مُلون، سال 1882ع ڌاري ڳوٺ ڳموري تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. ڳوٺ ۾ ئي ابتدائي تعليم ۾ قرآن شريف ۽ سنڌي ديني ڪتاب پڙهي، درس تدريس جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. عام طور کيس ’ملون‘ ڪري سڏيندا هئا، تنهنڪري پنهنجي قافين ۾ به اهو لفظ تخلص طور ڪم آندائين. سنه 1946ع ۾ وفات ڪيائين.*

[1834]

آءٌ جا نماڻي نِيرَن، سوگهي منجهه سنگهرن

مانَ موليٰ مون ميڙيين، ويڙهيچن جي وڳري

1- مينڍا منهنجي جي مڙهيم، لٽجي لوئي جا لڙهيم
پنوهارن جي پاکر جان جُثي تي جڙيم
ڌُر ته وڃي آءٌ ڌئنديس، پاڻي ساڻ پلرن
2- سي ٿي ساريان آءٌ سنديم، بر ۾ ڇڏيم جي بريون
مڃر کائي سي متيون، جهٽڪا ڏين جهريون
پهن تنين سان پهري، ڏينهڙا گذاريان ڏهرن
3- مُرٽ مانڌاڻا مڪيون، پائر پاس پڪيون
سرتيون ڪيڙون سوڙهيون، حاضر جي هيون هڪيون
چوڙيلين سان چونڊيان، سانگيئڙن جي سڳرن
4- ”خان محمد“ چئي مون کان ماروشل مَ منهن موڙين
عيب ڏسي ڪي ڏاڍا، وهم مڙيئي مَ ووڙين
ستر ڪجانءِ تون سائين، جتي ڀيٽ ٿيندي مون ڀينرن
 

 

[1835]

لڳو ڏيرن کي ڏمر، وٺي ويا منهنجو ور

ڪرڻو پيو ڪوهن ۾ ساٿين ڪاڻ سفر

1-       آءٌ نماڻي سورن هاڻي، بخت منهنجي لکيو بر
         جتن ڪارڻ ٿي جوڳياڻي، ڪريان هاڙهي منجهه حشر
2- پريت ويچاري ٿي لاچاري، ڏورڻ پيڙو ڏونگر
هيڻي کان هوت نيائون، ڪيچين ڪيو ڪيڏو قهر
3- لڳيس لام جنهن جي سام، دوست ويو سو دلبر
مشڪ عطر کان مهانگو پرينءَ جو آهي پگهر
4- ”ملون“ موت ٿيو فوت، ساريون روئي سڳر
واحد تنهن سان وڙ ڪري، من پاڪ ڌڻي پرور.
 

[1836]

ڪئي سبب ڪهڙي تو جانب جدائي

الا ڇو اسان کان تو محبت مٽائي

1- راڻا تنهنجي رنج جا ڪي چاڪ چڪن ٿا

اندر منجهه البت ڪي داغ دکن ٿا

بنايم بهاريون سي باغ سُڪن ٿا

مڙيئي طول تڪيا ٿيا توريءَ توائي

2- سڙيءَ مون مان سومل ڪا بازي بنائي

انهيءَ جي اندر جي ته مون ڪل ڪائي

سوا تنهنجي سوڍل ڀايان سڀ ٿي ڀائي

ڪڍي قلب مان ڇڏ تون حيلا هوائي

3- هتي جي هزارين حاڪم هئا آيا

ڪنڌيءَ ڪاڪ ٿي تن ڪرهل ڪڏايا

ڪريو ناز نخرا کِليو مون ٿي کپايا

ويا رند روئندي نه ورين ڪا وائي

4- ”ملون“ چ.ي مون مديون پڌر ڪيم پائج

ٿڪيءَ کي ڪو ٿورو لکن جو تون لائج

اکڻ تون اسان جي پرين پير پائج

ڪري معاف محبوب مڙئي مدائي

[1837]

وجود ۾ سير ڪر پنهنجي ته ٿيئي ڪل اثباتي

1- خوديءَ کي خان ڪر پانهون، انهيءَ در تي ٻڌي ٻانهون
اچي دلبر ٿي اورانهون، هنئي اٿئي قرب مان ڪاتي
2- اندر فرعون اندر هامان، اندر قارون اندر شيطان
اندر ٿيو باغ ۾ بستان، اندر منجهه ڏينهن ۽ راتي
3- وڃو جهنگل ڇو ٿو ڳولين ”وفي انفسڪم“ نٿو ڦولين
 

اجايو روهه ڇو رولين، هِن ئي هنڌ پاءِ تون جهاتي
4-       اڙانگو پنڌ آهي باري، کڻي ڪر ”خان محمد“ زاري
         خودي ڇڏ سرس ٿئي ساري، وڃائج خوف خيالاتي.

سعيد خان لنڊ

 

سعيد خان بن سردار نور محمد خان پاڙو جاداڻي لُنڊ، ڳوٺ صاحب خان لنڊ تعلقي ميرپور ماٿيلي جو، 1949ع ۾ 45 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. علم وارو هو. فارسي عربي تي عبور هئس.

[1838]

تيڏي حسن دي درسن ڪيتي مئن شهر شهر فقيران

1- سر پهريم تاج فقر دا

ڪارڻ سير گدا هر گهر دا

مک ويکان مئن دلبر دا

اهي ترت ڪران تدبيران

2- تيڏي درد ڪنون درويشان

مئن ڇوڙيا عزيزان خويشان

پيا يار تساڏي پيشان

تئن دوست دا دامنگير آن

3- مئن ڏنڊي پايان ڇيريان

پاجامان ڏيوان ڦيريان

تيڏي حسن ديان تاب تِکيريان

مئن در در تي دلگير آن

4- مئن ته ڪنگڻ ڪُلابي ڪڙيان

هن جانب ڪيتي جڙيان

پا ڳاني ڇيران ڇڙيان

ڪر ڪُلهي ناد نفيران

5- سعيد خان ملنگهه مستانا

ٻڌ شملا شور شهانا

مليا مرشد شہ مردانا

ڪُل اعليٰ ڪنون اڪسيران

[1839]

هي هر جا هوت حضور ميان

هجي ملڪ سڀو منصور ميان

1- ڪٿ قاهر تي مشهور اهو

ڪٿ نار ڪٿان ول نور اُهو

رنجور ڪٿان مسرور اهو

ڪٿ قادر تي مقدور ميان

2- انسان حيوان بيجان ڪٿان

ڪٿ سج چنڊ تي آسمان ڪٿان

ڪٿ شهر بحر بيابان ڪٿان

ڪٿ وڻ ميوا گل ٻور ميان

3- ڪٿ عاشق معشوق تي قاصد هي

ڪٿ چور چاري تي حاسد هي

ڪٿ صالح تي ڪٿ فاسد هي

ڪٿ قرب ڪٿان ڪلور ميان

4- وچ ’پيدا‘ تي ناپيد اهو

وچ قيد اهو لا قيد اهو

ڪٿ سرخ سياه سفيد اهو

رنگ بي رنگ وچ ڀرپور ميان

5- ڪٿ نام سڏا ’سعيدخان‘ آيا

ڪُل شيء هُوَالله شان آيا

آپي آپ نِهان عَيان آيا

ڪنون باطن ذوق ظهور ميان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org