سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :4

سمون فقير ڪورائي

         سمون فقير ڪورائي مست مجذوب، ويٺل صوفي فقير تعلقو عمرڪوٽ، ڪجهه سال اڳ گذاري ويو. محمد فقير کٽياڻ جو طالب هو، پر مجذوبي کان پوءِ فقير صاحب کيس ”سئوٽ“ سڏيندو هو. هڪ ڏينهن محمد فقير چيس ته ”سؤٽ، ڄُلون مديني!“ ته سمون فقير اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”ڄُلو“. تنهن تي محمد فقير چيس ته ”سؤٽ، سنبر، پڇي ڄُلندئيون“ تنهن تي سمي فقير چيس ته ”تون آپ سنبر، پڇين ميڪون آکين ها“*.

[1759]

ايسا گرو گڏياسي يار، ڪلمي ڪفر پڙهاون والا

1- پار پيالي پرت دي ڏيندا

لشڪر لحاظي وچ لُٽيندا

نينهن نسنگ نروار، نازڪ نر نچاوڻ والا

2- مينهن بنا سب رهندي نوئي

ڪل اِها سر ڄاڻي ڪوئي

انالحق اظهار، ٻولي ٻول ٻڌاوڻ والا

3- ٻهڳڻ ٻولي ٻي نه ٻولي

توڪل تند طلب دي چولي

سما سر سردار، هادي حق رساوڻ والا

وحدت علي

 

الله بخش عمر وحدت علي پٽ حاجي علي خان نقرج ويٺل ڳوٺ عبدالمجيد نقرج، تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ. هو پاڪستان کان اڳ ڄائو ۽ اندازاً 1970ع ۾ گذاريائين. جواني ۾ محمد فقير کٽياڻ جو مٿس اثر هو.

[1760]

ڪري سوداگري سر جي اچي ايوان ٿو ڪوڪو

هڻي نعرو نسنگ نانگو ٿئي نيشان ٿو ڪوڪو

1- بحر بيخود واري بندر، مَٽيءَ جي موج تي مرڪي
ڏيئي سر سُرڪ تي سٽ ۾ پئي پيمان ٿو ڪو ڪو
2- لکين مجنا ملن ماکيءَ مٿي مشتاق ٿا ماهر
ڪڙي قاتل ڪُڏي ڪاهي مرد مستان ٿو ڪوڪو
3- عقل جو هت ناهي چارو نڪا ڪا عارضي اٽڪل
دلاور دار تي دائم اچي ديوان ٿو ڪوڪو
4- ويڙهي ”وحدت علي“ عاشق اچن اظهار ٿي اَرڏا
پچائن پهه ڪئين پوپٽ، پڇي پروان ٿو ڪوڪو
 

[1761]

نوڪ لڳي نرواري، نينهن نازڪ جو نت نت نسري

1-       نرواري ڪئي ناز نماڻي، گهاوَ گهورن جي گهوٽ گهائي
         نين نينن سان لاڏڪ لائي، ديدن ڪيا درباري
                           عشق اندر ۾ اُلان ڪيو اسري

2- نسري نينهن نجيب جو نازڪ، ڏيو اشارا اچن امالڪ
آيا اوٽ انهيءَ ڪئين عاشق، شاها تخت هزاري
وحدت وارو وِرِهه نه وسري

3- وسري وئڙا تخت شاهانا، مام انهيءَ ڪيا ڪئين مستانا
ڀلجي وئڙا ڀيد بهانا، بره بشارت باري
نينهن نمايا ننگا نجهري

4- نجهري نرگس نين نماڻي، مشفق ميٺ مشابهت پائي
شفق شمع شفتين سان ڇاهي، اتي عرش زمين ڪن زاري
چايا چاهه زنخ جي چهري

5- چهري ڪئين خورشيد خجل ڪيا، سي مَہ راتي مهتاب مثل ٿيا
”الله بخش“ دربان اصل ٿيا، نوري ڪئين هٿ ناري
قائم ڪيڙا قُلزم قطري.

قادن فقير سومرو

قادن فقير سومرو (چاڪي)، اڳ ويٺل ميرپورخاص، پوءِ ٽنڊي الهيار ۾ اچي ويٺو. محمد فقير کٽياڻ جو طالب ٿيو ۽ پنهنجون قافيون چيائين. 1983-1984ع واري عرصي ۾ وفات ڪيائين.

[1762]

جي محب وسنِ پيا مَن، تِل نه سڄڻ ترسن

پرين پيارا پَر ۾ پورا، وِير ڀلي وهسن

1- اوج الاهي موج ميثاقي، صورت جو سامان

دام دلين کي عام انعامي، آدم جو اعلان

لاحد واري لام لڪائي مست ٿيو مهمان

قرب وارا هِن ڪل ۾ قائم باري بنايو بن

2- جٽائون جوڙي جوڳ هليا جاميري جوان

خاص خلوت خوب خماريا پرين پهلوان

عشق اڏائي ارڏا آندا سامهون سرت سجان

مَل مهيسي مَن ۾ موريا ڌُريئون تني درسن

3- نام نوازيا نرمل نيهي ڪامل ڪنگي دار

صوبا سرس سڃاڻج سِر ۾ مُورهئين سي مهندار

 

     لمح ۾ لال لڪايون لعلون جُڙيا وتن جهونجهار

     سي سڃاڻي صفا ٿي سورهيه قلب اندر ”قادن“

 

امام علي فقير

 

فقير امام علي ولد عبدالغفور، مشهور شاعر رمضان واڍي جو پوٽو، 1904ع ۾ ڳوٺ جاڙا تعلقي هالا ۾ ڄائو. رمضان فقير سندس تربيت ڪئي. مال چاريندو هو ۽ قرآن شريف ۽ ڪي سنڌي درجا پڙهيو. جوانيءَ ۾ محمد فقير کٽياڻ جو نالو ٻڌي هالا ۾ آيو، جو محمد فقير اتي گهڻو رهندو هو. محمد فقير جو طالب ٿي اُتي رهي پيو ۽ 35 سال سندس حاضري ۾ رهيو. محمد فقير جي حڪم ۽ هدايت سان شعر چيائين. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ هڪ سئو کن ڪلام چيائين. فقير امام علي حال حيات آهي.

 

[1763]

ڌار پرين ڪيئن سمجهان، جوجيءَ جُسي منجهه جِگري

نام نگهبان هڪڙو، ٻيا وهم ويا ڪُل وسري

1- صورت مورت ساڳي، سيني سمايل سهڻي

ذات صفت ۾ ظاهر، نازل ٿيو نج نِسري

2- آهي اُهو جو آهي، ڌاران اُنَ ٻيو ڇاهي

ونحن ويڙهي آيو، عشق عجائب اُسري

3- دمدم دم همدم آه، هادي هر هنڌ هرجا

هر مظهر هِردي اندر، مُحب مِٺو کان مصري

4- ”امام علي“ احمد خود محمد ۾ سمايو

بيک بشر نور نظر، ياور يسراً اُسريٰ

[1764]

ويا جادو لڳائي جوڳي، منهنجي دلي ڪري هَي موڳي

1- جوڳي جان جيارڻ وارا، ويا وير وڄائي وارا
سي ته وحدت جا وڻجارا، وڏا وينجهارا، وره ۾ وهوڳي
2- جوڳي جوان خان کاهوڙي، گن گيان وان گاروڙي
سي صحبت جا ساٿوڙي، ويا واڍوڙي، نه لوڀي ٺوڳي
3- جوڳي لاڏلا لا اُبالي، رند مست جناب عالي
سي محبت مئي جا موالي، وريام وصالي، سهاڳي سروڳي
4- جوڳي جال جام پياري، سرشار بنائي ساري
”امام علي“ اُجاري، نگاه نظاري، بتائي ڀوڳي.
 

[1765]

سردار سرڪار سرشار سارو، تون اظهار انوار اسرار وارو

1- تون مالڪ تون خالق تون عاشق اويسي

 

تون اڪمل ڪمل تون من ۾ مهيسي

 تون سينگار سِر يار نروار نيارو

2- عشاقي پوشاڪي تون ياقي يگانو

تون ڪبابي ربابي شرابي شهانو

تون مهندار مختيار پٽ دار پيارو

3- تون سُبحان سُحبان سلطان ساقي

تون فرمان فرقان يزدان ياقي

تون رهبر تون سرور پرور پاڳارو

4- تون اعلام سلام ”امام علي“

تون جبار جهلڪار جنسار جنگي

تون احمد تون محمد تون سرمد سوڀارو

(ب) ٻيا معاصرا شاعر، جن تي محمد فقير جي ڪلامن جو رنگ چڙهيو

 

سليمان فقير ڪورائي

 

سليمان پٽ محراب خان ڪورائي، ويٺل ڳوٺ ٻڍو خان ۽ شاهو خان ڪورائي، تعلقو سامارو، اصل ڳوٺ صوفي فقير جي ڀر ۾ ويٺل هو. سنه 1246هه/1830ع ۾ ڄائو سندس ڪچهريون محمد عالم ڏير ڀٽ واري، جيوڻ نُون، منٺار فقير راڄڙ، پير فضل علي شاه ساگري واري ۽ محمد فقير کٽياڻ سان ٿينديون هيون. فضل علي شاهه وٽ شعر چوڻ شروع ڪيائين، ان وقت سندس عمر پنجاه ورهيه هئي. سنه 1364هه/1945ع ڌاري وفت ڪيائين (1)

[1766] روپ تلنگ

وڻ ولايت واٽون واسي، سامي سُرها آيا

سامي سُرها آيا، ساڪن سرُّ صورت سمجهايا

1- طرف طمع جا ترڪ ڪري، پِرت کڻي ٿيا پاسي
گُرمک گوهر گنگا گڏيا، پيچ پورب جا پايا
2- چکي ڇڏيائون چمڙا چوتا، رمز رنديءَ جي راسي
نينہ نسنگ نروار ڪري، تن ڳيت انالحق ڳايا
3- ويٺا ڪين وسينءَ ۾ واقف، رهيا خيال خلاصي
سَهج سُمهڻ جا ساٺ ڇڏيائون، تاب حسن جي تايا
4- رام ريجهايئون راڳ رتيءَ تي، مُور نه مڙيا ماسي
”سليمان“ سناسي سيئي، ناز نيڻن جي نايا.
 

[1767]

ڇُٽڪي تير ترڪش ڪي، نظاري ناز نينان دي

 

سٽڪي سيف وچ سيني، برابر بانُ بينان دي

1-       ڪَرن شڪار ٿي مختيار بي اختيار سي بالم

                  بهري باز ڪر پرواز اُلهٽ عقاب عينان دي
2-       اکيان دي اوج محڪم موج ڦرڪي فوج ٿي فالم

                  ڪَن چافير درُس دلير ٿي سرتاج سينان دي
3- نيم نقاب ڪرن شتاب زلف زوراور ظالم

شوق شگاف سِر وچ صاف ثابت سوز سنگينان دي
4- ڪجليان ڪانَ ڀَنن نيشان، سِر ”سليمان“ سي سالم

رمزان روم دم دم دوم ڪرن چا خون خانان دي
 

[1768]

ڪفر طريقت جو آثبات، عاشق ڪن ٿا ظاهر ذات

1- شوق شريعت جا آهن شامل

لُدني علم جا اصلي عامل

سمجهي ثابت سهي صفات

2- ترڪ دنيا زهدئون ظاهر

جهڙا اندر تهڙا ٻاهر

بيشڪ بيرنگ بي سر بات

3- مرد مچي ميدان ملهائن

ڪونتل ڪاهي قرب ڪڏائن

کڻي ڪلالي قاتل ڪات

4- صورت ”سليمان“ سڃاڻن

مئي مستي جي موج ٿا ماڻن

اصل وصالئون وائي وات

 

[1769]

تنهنجي حد حسن جو ناهي دلبر دنگ

اچي عشق ڏيکاريو ٿي رهبر رنگ

1- الست بربڪم آر لڳي

قالوابليٰ قرب ڪار لڳي

يڪي ياراني توسان يار لڳي

ٻولي هنيو تو ٻهڳڻ ٻنگ

2- عشق تنهنجي وار وڄي

علم عقل جا ويا خيما کڄي

بهشت دوزخ جا ڀوَ ڀڄي

ڏيل ڏکويو ڏاڍي ڏنگ

3- مهڻي ملامت جي موڪ لڳي

ڪڙم قبيلي جي ٽوڪ لڳي

شهر بحر جهنگ جهول لڳي

نينهن نهوڙيو نيهي ننگ

4- اهو ذاتي ذوق ضرور اٿن

مليو مطلب منصور اٿن

 

مِٺا ماڳ اهو منظور اٿن

                           لکيو لوهه ڪنان اڳيئي انگ

5-         تحقيق تکي تن تار لڳي

سا بيشڪ باروبار لڳي

ساري حال حقي هزار لڳي

وحدت وڌو آهي واري ونگ

6- رمز انهيءَ ۾ ٿا رند رچن

مرد انهي ٿا ميدان مچن

ڏيئي سورهيه سر ”سليمان“ اچن

جوان کٽن اها جودئون جنگ.

 

[1770]

دلبر تنهنجي ديدار جو، پينار مان آهيان هتي

بي زر غلام بيشڪ، بردار مان آهيان هتي

1- هت گهڙيون ڪين گهاريان، هڪ وير ڪين وساريان
پلپل پرين پڪاريان، لاچار مان آهيان هتي
2- اصلؤن اِلاهي اوج ۾، فالم فياضي فوج ۾
محبت مدامي موج ۾، مهندار مان آهيان هتي
3- عشق جي احرام ۾، دائم دم جي دام ۾
قام ڪلي اعلام ۾، قربدار مان آهيان هتي
4- مزگان جي مڪان ۾، ”سليمان“ سر ميدان ۾
نر نظر نيشان ۾، نروار مان آهيان هتي
 

[1771] روپ تلنگ

اهڙو عشق عجب اظهار اديون

هر مظهر جو مختيار اديون

1- جتي عشق الاهي کيما کوڙي

دين ڪفر جا ٽڳا توڙي

شرع شريعت ٻيائي ٻوڙي

ڪري قرب وارن سان اها ڪار اديون

2- مير وزير امير هجي

توڙي فيض فياض فقير هجي

پڙهيو پارس پِير هجي

تنهن کي نانگو ڪري نروار اديون

3- عالم سالم اعلام هجي

توڙي ڪاتب قاري ڪلام هجي

توڙي واقف وير وريام هجي

تنهن کي بره ڪري بيڪار اديون

4- توڙي طالب ٿيل تلقين هجي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org