سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :1

ڪافيون (جلد ٽيون)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

مهاڳ

         سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

پهريان ٻه سال 1975ع ۽ 1985ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي.

گڏ ٿيل مواد کي موضوعن جي لحاظ سان چاليهن جلدن ۾ شايع ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي. جنهن موجب  ”لوڪ ادب سلسلي“ جو ويهون ڪتاب ”قافين“ بابت ٿيڻو هو، جيڪو مواد جي گهڻائي سببان ٻن جلدن ۾ شايع ڪرڻو هو، پر جيئن جيئن قافين گڏ ڪرڻ جي ڪوشش وڌندي وئي ته   مواد ايڏو ته گهڻو ٿي پيو، جو باوجود چونڊ ۽ اختصار جي ان کي ٽــن جلدن ۾ سموهڻــو ۽ سنوارڻـو پيو.

پهريان ٻــه جلد هن کان اڳ هڪٻئي پويان سنه 1985ع ۽ سنه 1987ع ۾ شايع ٿي چڪا آهـن، ۽ هيءُ ٽيون جلد آهي جيڪو هاڻي شايع ٿي رهيو آهي.

         انهن ٽنهي جلدن ۾ شامل مواد کي، تاريخي لحاظ سان دؤر-وار ڪري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پهرئين جلد ۾ انهن شاعرن جو ڪلام شامل آهي، جيڪي تيرهين صدي هجري جي آخر تائين ٿي گذريا، ٻيو جلد 14- صدي هجري جي اوائلي دؤر وارن شاعرن سان شروع ٿي، 14- صدي جي اوائلي ڏهاڪن وارن شاعرن جي دؤر تي پورو ٿئي ٿو. هيءُ ٽيون جلد 14- صدي هجري جي اوائلي دؤر وارن شاعرن سان شروع ٿي، موجوده دؤر جي انهن شاعرن تي پورو ٿئي ٿو جن قافين جي تاريخي روايت جي دائري ۾ پنهنجيون قافيون الحانن (ڳائڻ جي طرزن ۽ روپن) جي آڌار تي منظوم ڪيون آهن.*

جيتوڻيڪ ٽنهي جلدن ۾ مواد بابن جي عنوانن سان دؤر-وار ورڇيل آهي مگر ڪيترن ئي شاعرن جي سوانح نه ملڻ سببان اها دؤر-وار تقسيم تخميني طور قائم ڪيل آهي. ان کان سواءِ ڪن جدا جدا خصوصيتن سببان ساڳئي عرصي وارن شاعرن کي جدا جدا بابن ۽ ڀاڱن هيٺ پڻ رکيو ويو آهي. ٻئي جلد ۾ جملي پنج باب هئا ۽ هن جلد جو مواد هيٺين ٽن وڌيڪ بابن ۾ دؤر-وار ورڇيل آهي.

باب ڇهون: محمد فقير کٽياڻ چوڏهين صديءَ جي اوائلي دؤر جي ٻين شاعرن تي پڻ ساڳيو رنگ چڙهيو. تنهنڪري هن باب ۾ (الف) محمد فقير کٽياڻ ۽ سندس طالب ۽ ٻالڪا ۽ (ب) ٻيا اهي معاصر شاعر جن تي محمد فقير کٽياڻ جي ڪلامن جو رنگ چڙهيو، آندا ويا آهن.

باب ستون: 14هين باب ۾ چوڏهين صدي جي وچئين دؤر جا اهي شاعر شامل ڪيا ويا آهن، جن سنه 1960ع کان پوءِ وفات ڪئي.

باب اٺون: هي باب موجوده پوئين ويجهي دؤر جي شاعرن تي مشتمل آهي. هن دؤر کي ٻن ڀاڱن ۾ ورڇيو ويو آهي: (الف اُهي شاعر جيڪي سنه 1960ع کان پوءِ گذاري ويا، ۽ (ب) ٻيا اهي شاعر جيڪي حال حيات آهن.* قافي-گو شاعرن ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ هلندڙ دؤر جو نمائنده شاعر آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان هن باب جي ٻئي ڀاڱي جي شروعات به مخدوم صاحب جن کان ڪيل آهي. ازانسواءِ جيڪي قافيون هت شامل ڪيون ويون آهن، سي پڻ راقم جي استدعا تي مخدوم صاحب مهرباني فرمائي پاڻ چونڊي موڪليون.

 

ضميمو: هن جلد جي ڇپائي هلندي پڻ راقم جون سنڌ ۾ جدا جدا جاين تي ڪچهريون ٿيون، جن ۾ وڌيڪ شاعرن جون قافيون مليون جيڪي قلمبند ڪيون ويون. انهيءَ مواد کي ’ضميمي‘ هيٺ آندو ويو آهي.

سنڌي شاعري جي سڀني صنفن ۾ ”بيتن“ ۽ ”قافين ڪلامن“ جو مواد گهڻي ۾ گهڻو آهي، جيتوڻيڪ قافين ڪلاڪن جو گهڻو حصو ضايع به ٿي چڪو آهي. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي، جو باوجود چونڊ جي به هي مواد ڪم از ڪم تن جلدن ۾ سمائجي سگهيو آهي.

پهرئين جلد کان وٺي ٽئين جلد تائين قافين توڙي صفحن جا عدد مسلسل طور رکيا ويا آهن ته جيئن حوالن ڏيڻ يا فهرستن تيار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. پهرئين جلد جو متن 644 صفحن تي پورو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ٻه سؤ ٽيهن شاعرن جون 1027 قافيون شامل آهن. ٻيو جلد صفحي 645 کان شروع ٿي صفحي 1143 تي ختم ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ٻه سئو چئن شاعرن جون 709 قافيون آندل آهن. هيءُ ٽيون جلد 1144 صفحي کان شروع ٿي 1532 صفحي تي پورو ٿيو آهي، ۽ ان ۾ جملي هڪ سئو ايڪانوي شاعرن جون 518 قافيون ڏنل آهن. اهڙيءَ طرح هن ٽئين جلد جي خاتمي تائين، جملي ڇهه سئو پنجويهن شاعرن جون 2245 قافيون قلمبند ٿي چڪيون آهن.

قافين جو هيءَ وڏو ذخيرو گذريل ٽيهن-چاليهن سالن واري عرصي ۾ جدا جدا جاين تان جدا جدا وقتن تي ڪافي ذوق ۽ محنت سان سهيڙيو ويو آهي. گهڻائي ڪي ڇاپي ذيرا توڙي قلمي بياص ۽ دفتر ڳوليا ڦوليا ويا آهن ۽ پڻ زباني روايتن مان ڪافي مواد کنيو ۽ ڀيٽيو ويو آهي. اهو اڻ ڇپيل مواد، جيڪو هنن ٽن جلدن ذريعي پهريون ڀيرو ڇاپي هيٺ آيو آهي، سو وڏي اهميت وارو آهي. ڇاڪاڻ جو ٽنهي جلدن ۾ شامل جملي 2245 قافين مان اندازاً 1349 (اڌ کان وڌيڪ) قافيون اهڙيون آهن، جيڪي زباني روايتن ۽ قلمي بياضن مان هٿ ڪيون ويون آهن.

هن وڏي ڪشالي ڪڍڻ ۾ گهڻن ئي سڄڻن مدد ڪئي، جن سڀني جو آءٌ شڪر گذار آهيان. مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محمد اسماعيل شيخ هن جلد جي مواد کي اُتاري يڪجا ڪرڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ پڻ پروفن جي نگراني ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ پريس جي مئنيجر محترم الله بچائي يوسف زئي هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي نگراني ڪئي. ڪتاب جي رٿا ۽ آخري سٽاء توڙي ترتيب ۽ تاليف لاءِ راقم خود ذميوار آهي.

 

مقدمو

         قافين بابت بنيادي مقدمو جلد پهرئين جي مقدمي طور اچي چڪو آهي جنهن ۾ ’سنڌي نظم قافي‘ جي تاريخي ارتقاء تي روشني وڌي وئي آهي، قافي نظم ۽ ان جي ڳائڻ واري صورت قافي يا وائي توڙي قافي نظم ۽ غزل جي مضمونن جي وضاحت ڪئي وئي آهي، ۽ پڻ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل مجموعن جي تفصيل ذريعي قافين جي وڏي شاهي ذخيري ڏانهن توجهه ڇڪايو ويو آهي. مقدمي جي هن ٻئي ڀاڱي ۾ قافين جي مختلف موضوعن ۽ مضمونن، قافي، نظم جي اندروني سٽائن طور روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. (1)

 

قافين جا موضوع ۽ مضمون

بنيادي لحاظ سان هڪ ثنا ۽ ساراهه (مولود)، ۽ ٻيو پنهنجي اندر جو حال اورڻ قافي نظم جا ٻه مکيه موضوع هئا. وقت گذرڻ سان، قافيون مختلف قسم جي موضوعن ۽ معنائن جي اظهار جو ذريعو بنيون. هنن ٽن جلدن ۾ شامل ذخيري جي مطالعي مان قافين جا هيٺيان موضوع ۽ مضمون نروار ٿين ٿا.

· حمد، ثنا، مناجات، مولود، صفت ۽ ساراهه، ولين ۽ درويشن جي منقبت.

· توحيد، تصوف، سلوڪ طريقت، عشق الٰهي، سير سبحاني، اسرار الٰهي، وحدت جي وائي، پاڻ پروڙڻ، رندي رمز، همہ اوست، ذات صفات، اسم جسم، نفي اثبات، فنا بقا،وحدت ڪثرت، نصيحت هدايت.

· عشق ۽ سڄڻ جي سڪ: عشق جي ڪيفيت، عشق جو بي انت بحر، بره جي بازي، عشق عقل جو جهيڙو، عشق ٿيو استاد، عشق ٿيو امام، عشق سپهه سالار، عشق جو شهباز، عشق جو شينهن، عشق جا سلام ۽ پيغام وغيره.

محبوب جو حسن ۽ سينگار: حُسن سرڪار، يار جادوگر، اکيون، اکين جون عادتون، زلف ۽ رخسار، حسن جا جلوا، خوشبو ۽ حسن جي هٻڪار، حسن جي فوج، حسن جي

· بازار.

· سڪ ۽ محبت جا قاصد: ڪانگ، چَتُون، ڪونجڙيون، هنج، پانڌي، صبا.

· اڳين عاشقن جي سور سختي جا مثال.

· سروار قافيون، ۽ انهن ذريعي عشق ۽ محبت ۾ ڏکن ڏوراپن جو اظهار: سسئي، مارئي، سهڻي، مومل راڻو، نوري گندري، ليلان، گهاتو، مورڙو، سامونڊي، موکي، سورٺ، ٻيجل راءِ ڏياچ، چرخو ۽ ڪاپاتي، ڏوٿي کاهوڙي، سپڙ ڄام ۽ منگتو، اوڏ ۽ لاکو، ريٻاري، سامي جوڳي، هير رانجهو، ليليٰ مجنون، سيفل بديعل، ست سريون.

· نصيحت هدايت: نيڪي جي تلقين، جواني ۽ پيري، زماني جو حال وغيره.

· جهڙ ۽ ڪڪر، ميگهه ملار، سانوڻ، سارنگ، وسون ۽ اوڀر، بسنت بهار، چيٽ جي موسم، چيٽ ڪتي جون پوکون، پوک جا اصطلاح.

· واقعات جو بيان: مثلاً مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه، پير پاڳاري حزب الله شاهه جي وفات، خان خدا داد خان کي دعا، محمد فقير کٽياڻ جو ميلو وغيره.

16- صدي جي تحريري حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور تائين جيڪي قافيون ڳايون ويون تن ۾ درد ۽ محبت، سڪ ۽ سوز جا مضمون سمايل هئا، ۽ غالباً انهن جي ڳائڻ جي انداز تي پڻ سوز ۽ گداز ڇانيل هو. وقت گذرڻ سان انهن ٻنهي پهلوئن ۾ تبديلي آئي، يعني هڪ ته مختلف مضمون ’قافي‘ جا موضوع بنياد، ۽ ٻيو ته سوز واري ڳائڻ سان گڏوگڏ ’قافي‘ جي موسيقي ۾ هنرمندي ۽ ڪاريگري سان ڳائڻ جا پڻ ڪيئي نوان انداز نروار ٿيا.

مجموعي طور سان، درد ۽ محبت وارو مضمون ويندي حضرت شاهه عبداللطيف جي دور تائين ’وائي‘ جو مرڪز ۽ محور رهيو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جيتوڻيڪ سُرن جي لحاظ سان مختلف موضوع آيا، مگر شاهه صاحب جڏهن انهن جدا جدا سُرن ۾ ’وايون‘ چيون ته انهن جو مرڪزي مضمون درد ۽ محبت ئي رهيو، جڏهن سسئي، مارئي، مومل يا ليلان جي زباني ڪا ’وائي‘ چيائين ته ڳالهه حال وارن جي ڪيائين، يعني ته دردمندن جي دلين جي ڪيائين. باوجود انهيءَ جي ميين شاهه عنات جي ڪلام توڙي شاهه جي رسالي ۾ ’وايون‘ مختلف موضوعن جي ظاهري لباس ۾ نمودار ٿيون، ۽ اڳتي هلي مختلف مضمون ’قافين‘ جا موضوع بنيا، سوز واري مرڪزي مضمون سان لاڳو محبوب جي سونهن ۽ صورت، سندس

ناز ۽ انداز، سندس ڏاڍائي ۽ بي پرواهي، سندس مُنهن-موڙ ۽ ماڻا، سندس رسڻ ۽ پرچڻ جي ريت وغيره ’         قافين‘ جا ذيلي مضمون بنيا. عشق ۽ محبت جي مکيه مضمون مان عاشقن جون ڳالهيون ۽ پرت وارن جون پچارون هليون: يعني ته سسئي پنهون، مومل راڻي، ليلان چنيسر، سهڻي، مارئي يا نوري جي زبان ’حال‘ جو اظهار (ته هنن هيئن يا هيئن ڪيو) ’قافين‘ جا موضوع بنيا. اهڙيءَ طرح عاشقن، درويشن، ولين جي صفت ۽ ساڻن عقيدت بابت ’قافيون‘ جوڙيون ويون. ٻئي طرف ’وحدت ۽ ڪثرت‘، حقيقت ۽ مجاز، فنا ۽ بقا، حد ۽ لاحد، دم ۽ ڌيان جا ڳُوڙها فلسفيانه ۽ نفسياتي مضمون پڻ ’قافين‘ جا موضوع بنيا. هن پوئين دور ۾ ڪن خاص واقعن يا حادثن تي پڻ ’قافيون‘ جوڙيون ويون. مثلاً: منٺار فقير راڄڙ جي ٻالڪي فقير الله ڏني ماڇي انسان جي زندگي جي مختلف مرحلن، يعني ٻار جي ڄمڻ کان وٺي پوڙهي جهور ٿيڻ تائين سلسلي وار ڇهه ’قافيون‘ جوڙيون. (1)

قافين ڪلامن جي موسيقي

قافين ۽ ڪلامن کي جدا جدا راڳين ۽ راڳنين ۾ ڳائڻ جو سلسلو ڪي صديون اڳ شروع ٿيو. آڳاٽي دور ۾ لوڙائو، جهنگلو، ڀيروي وغيره راڳ ۽ وچين دور ۾ مارئي، سهڻي، ڌنا سري وغيره راڳنيون سنڌ ۾ عام مروج ۽ مقبول هئا، انهيءَ لحاظ سان قافيون پڻ انهن راڳن ۾ ڳايون ويون. ’شاهه جي راڳ‘ جي اثر هيٺ گذريل ٻن سؤ سالن ۾ کنڀات، سهڻي، ڪوهياري، راڻو، سورٺ، ڪاموڏ، ڪارايل، پرڀاتي وغيره راڳ، قافين ڳائڻ لاءِ عام مقبول راڳنين طور رائج ٿيا، مگر قافين ڳائڻ واري انداز ۾ انهن تي ڄڻ عوامي سنگيت جو رنگ چڙهيو، ۽ انهن جي صورت قدرتي ’شاهه جي راڳ‘ واري صورت کان الڳ ٿي. اهڙيءَ طرح هندوستاني موسيقي جا راڳ جيڪي سنڌ ۾ قافين ڳائڻ لاءِ رائج ٿيا، تن تي پڻ مقامي سنڌي ڳائڻ جو رنگ چڙهيو: يعني ته سنڌي موسيقي جي دائري ۾ اهي راڳنيون ’هندستاني موسيقي‘ جي ساڳين نالن وارين راڳنين کان نرالي نوع ۽ الڳ انداز ۾ ڳائجڻ لڳيون. موجوده هلندڙ دور ۾، سنڌ ۾ جيڪي راڳنيون قافين ۾ ڳائجن ٿيون تن مان ظاهر آهي ته اهي اصلي توڙي اصولي طور يا ته خاص سنڌ جون راڳنيون آهن ۽ يا ته وري مٿن مقامي رنگ چڙهيل آهي. (1)

”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ ۾ گذريل ڏيڍ سئو کن سالن ۾ قلمبند ٿيل قافين جي مجموعن ۽ ذخيرن

۾ ڄاڻايل سُرن، روپن ۽ راڳنين جو وچور ڏنو ويو آهي جنهن

مان انهيءَ دور ۾ ’قافين جي موسيقي‘ ۾ جيڪا وسعت پيدا ٿي، تنهن جو قدري اندازو ٿئي ٿو.

         هنن ٽن جلدن جي زخيري ۾ شامل قافين مان ڪن جون راڳنيون نروار ڪيل آهن جيڪي الف-بي وار هيٺ ڏجن ٿيون.

آبري پورب

پروو/بروه پوريا

بِره ڀڀاس

بسنت/بسؤنت ڀيروي

بلاول/بلالي تلنگ

بنس توڏي

بِهاڳ ٽوڙي

پرڀات پيلو

ججونتي/جهجونتي ڪاريهر/ڪاريهل

جمن ڪاموڏ/ڪامول

جوڳ ڪانرو

جيتسري ڪلنگڙو

جهنگلو ڪلياڻ

حسيني ڪؤنسيو

حسيني ٽوڙي ڪوهياري

ديسي ڪيڏارو

ڌناسري کاهوڙي

ڏهر کماچ

ڏاکڻي کنڀات

ڍول مارو گاندري/گندري

ڍوليو گجري

رامڪلي گنڌارا/گنڌاري

راڻو مومل/مومل راڻو/راڻو گهاتو

رپ لوڙائو

سارنگ ليلان/ليلان چنيسر

سامونڊي مارئي

سراڳ/سرراڳ/سريراڳ مالڪونس

سسئي مانجهه

سورٺ (روپ) مقامي شاخ جو جوڳ

سهڻي موکي

شان ميگهه ملهار

ضلعو/زلو معذور

قصوري/ڪسوري ملار/ملاري/ملهاري

ڪاپانتي وهاڳڙو

 

ڪارائيڙو                          همير ڪلياڻ

         ڪارايل                             هوري

ٻين ڪن قافين مٿان ڏيکاريل راڳينن مان ظاهر آهي ته ڪي قافيون ٻن يا ٽن راڳنين ۾ ڳايون ويون. مثلاً

 

آسا ۽ ڪاريهر (221) جوڳ ۽ ڀيروي (217)

آسا ۽ گجري (1070) جوڳ، آسا ۽ ڌناسري (787)

بروو ۽ تلنگ (1210) ڌناسري ۽ تلنگ (1202)

بروو، ڪوهياري ۽ آسا (1857) ڌناسري ۽ جوڳ (1202)

پهاڙي ۽ ڀڀاس (1078) سورٺ ۽ ڪلياڻ (628)

ڀاڳيسري ۽ ڪانرو (1094) سهڻي ۽ ڪلياڻ (762)

ڀيروي ۽ ٽوڙي (1190) سهڻي ۽ ڀيروي (486)

ڀيرو ۽ جهنگلو (1548،7،5) ڪاريهر ۽ ڪڌار (593)

ڀيروي ۽ زلو (785) گجري، کنڀات ۽ تلنگ (808)

ڀيروي ۽ مانجهه (776) لوڙائو ۽ پهاڙي (1615)

ٽوڙي ۽ گنڌاري (591) مانجهه ۽ جوڳ (1072)

جوڳ ۽ تلنگ (1695)

مٿين سُرن، راڳنين ۽ روپن مان ظاهر آهي ته گذريل ڏيڍ سؤ کن سالن واري دور ۾ سنڌي قافيون نت نَيُن راڳنين ۾ ڳايون ويون آهن، جن ۾ سنڌ جون خالص مقامي راڳينيون توڙي هندوستاني موسيقي وارا راڳ شامل آهن. سنڌ جي عام مشهور راڳن ۽ راڳنين کان سواءِ، ٻيون ڪي مقامي راڳنيون اهڙيون به هيون جيڪي ڪنهن خاص ڀاڱي يا ايراضيءَ ۾ ڳايون وينديون هيون. مثلاً گنبٽ تعلقي واري تر ۾ فقير محمد يوسف (نانڪ يوسف) جا ڪلام اتان جي مقامي راڳنين ۾ ڳائبا هئا، جو ڪم از ڪم سندس پنجن ڇهن ڪلامن مٿان ائين ڄاڻايل آهي ته ”روپ مقامي“. فقير صاحب جو هيٺين ٿلهه وارو مشهور رندي ڪلام هڪ اهڙي ’مقامي لئي‘ ۾ ڳائبو هو جيڪا ’راڳني جوڳ جي شاخ‘ هئي. ڪلام جي قلمي ذخيري ۾ هن طرح ڄاڻايل آهي.

 

”روپ مقامي، شاخ جوڳ“

ڌوُ پِڙ ۾ ڌَپو، سڄڻ ڌوُ پِڙ ۾ ڌَپو

عشق جي آراهِه پئو ڏيئي ٽاه ٽنگڙ ٽپو

فقير محمد يوسف جي ڪلام ۽ پڻ نواب امام بخش خان لغاري (تاجپوري) جي ڪلام ۾ ’ڍوليو‘ راڳني جو نالو آيل آهي، جيڪا هن وقت ڪا ٿوري ٿي ڳائجي. نواب امام

بخش جي ڪلام ۾ ’نَئيم‘ ۽ ’مڪاهن‘؟ راڳنين جا نالا ملن ٿا جن مان ’نئيم‘ راڳني هن پوئين دور ۾ ڀڳت ڪندا هئا. ’اوغان‘ راڳني مير عبدالحسين خان سانگي توڙي فقير نواب ولي محمد لغاري جي ڪلامن ۾ ملي ٿي، ۽ اها ان دور جي عام مقبول راڳني هئي. هندوستاني موسيقي جي ڪيترن ئي راڳن ۽ راڳنين جا نالا ملن ٿا، جيڪي پوين ڏيڍ سئو سالن واري دور ۾ قافين ڳائڻ لاءِ رائج ٿيا.

ڳائڻ ۾ هنرمندي سببان قافي نظم

جي اندروني سٽاء ۾ تبديل

وقت گذرندي قافيون نت نين راڳنين ۽ روپن ۾ ڳايون ويون، ۽ هنرمندي سان ڳائڻ واري ذوق سببان، ’قافي نظم‘ جي سٽاء ۾ به تبديليون آيون. جيئن ئي ’قافي ڳائڻ‘ واري هنرمندي ۾ واڌارو ٿيو، ته قافيون ’وائي واري لسي چوڻي‘ کان الڳ نرالي نوع ۽ جد جدا راڳنين ۾ ڳايون ويون. باوجود انهيءَ جي، قافين ۾ ڳائڻ جو مکيه مقصد موسيقي ۾ ڪمال ڏيکارڻ بدران اهو رهيو ته ’قافي نظم‘ واري موضوع ۽ مضمون ۾ سمايل احساسن ۽ جذبن کي اثرانداز الحانن ذريعي اڀاريو وڃي.

12- صدي هجري (18 عيسوي) کان وٺي ’شاهه جي راڳ وارين واين‘ جو قافين جي ڳائڻ تي وڏو اثر پيو ۽ انهيءَ اثر هيٺ هڪ ته قافين جي ڳائڻ ۾ سوز ۽ گداز وارو عنصر قائم رهيو، ٻيو ته موضوع جي لحاظ سان مختلف قصن ۽ داستانن جي عنوانن تي مشتمل ’سرائتيون قافيون‘ منظوم ٿيون، ۽ ٽيون ته ’شاهه جي راڳ‘ جي اداري وارا ڪي سر هڪ خاص نئين انداز ۾ يعني ڪوهياري، سورٺ، راڻي وغيره راڳنين جي صورت ۾ قافين ڳائڻ لاءِ عام مقبول ٿيا. ’سرائتين قافين‘ جي ڳائڻ سان اهو خيال پختو ٿيو ته هر ’قافي‘کي ان ۾ سمايل موضوع جي لحاظ سان خاص سر واري ’راڳ‘ ۾ ڳائجي: يعني ته هر ’قافي‘ خاص ’راڳ‘ يا ’راڳني‘ ۾ ڳائجي. آڳاٽي دور کان وٺي الحان ۽ لئي قافي جي ڳائڻ جا لازم ملزوم جز هئا: قافي ڳائڻ لاءِ ئي هئي ۽ انهيءَ ڪري هر قافي جي منظوم سٽاء ئي ڄاڻ ڳائڻ واري سانچي ۾ سموهيل هئي. ’قافي جي موسيقي‘ ۾ جيئن ئي وڌيڪ وسعت ۽ جِدّت پيدا ٿي ته ’الحاني قالب‘ ۾ سموهجي ويو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org