سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :50

 ٻارن جو رسمون

جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي- پوءِ اهو پٽ هجي يا ڌيءَ- ته گهر ۾، پُڄنديءَ آهر، خوشي ڪبي آهي ۽ مٺائي ورهائبي آهي. ويم جي ٻيءَ رات، ماءُ جون مائٽياڻيون گڏجي کير کڻي ساڻس ملڻ وينديون آهن. اُهي اهڙي ريت ڇهه ڏينهن ساندهه اينديون رهنديون آهن. مهمانن جو آڌرڀاءُ کير، مٺائيءَ ۽ تماڪ سان ٿيندو آهي. پوءِ ڪو عالم گهرائبو آهي ۽ گهڻن سالن سؤڻن ڏکڻائن ڏيڻ بعد ٻار جو نالو ڪهن ديني ڪتاب مان، ۽ ڪن گهرن ۾ علم جوتش جي اصولن مطابق، ڪڍبو آهي. جبل جا پٺتي پيل ماڻهو ٻارن تي وڻن ۽ ميون جا نالا به رکندا آهن، جيئن ته ڪنڊو، ٻٻر، صوف، ٻير، ڏاڙهون، ليمون، ڄمون، انب،  نم، اڪ ۽ ڪرڙ وغيره. مٿين طبقن جي ماڻهن جي ڄم جي تاريخ هڪ خاص ڪتاب ۾ درج ڪئي ويندي آهي. پر اهي يورپ جيان، ٻارن جي سالگرهه ڪونه ملهائيندا آهن.

عقيقو يا جهُنڊ لهرائڻ

هيءَ رسم تڏهن ادا ڪبي آهي، جڏهن ڇوڪر جي عمر ٽن مهينن کان هڪ سال تائين ٿيندي آهي. ڪن هنڌن تي ماڻهو انهيءَ جشن ۾ هڪ بي عيت ٻڪري يا دُنبي جي قرباني ڪندا آهن. دُنبو شرعي اصولن مطابق حلال ڪيو ويندو آهي. پوءِ گوشت مان هڏا خبرداريءَ سان ڪڍندا آهن ته جيئن ڀڄي نه پون. گوشت مان عالمن، عزيزن ۽ فقيرن لاءِ کاڌو تيار ڪندا آهن. جڏهن حجام ٻار جا جهنڊ لاهيندو آهي، تڏهن اها دُنبي جي هڏن سان گڏ کل ۾ وجهي، ڪنهن مقام يا در جي چانئٺ هيٺان پوري ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته قيامت جي ڏينهن اهي شيون گهوڙي جي صورت وٺي اٿينديون ۽ ٻار کي پلصراط جي مٿان ٽپائي بهشت ۾ ڇڏينديون. چئن ورهين ۽ چئن مهينن جي ڄمار ۾ ڇوڪر کي اسڪول ۾ ويهاريندا آهن. انهيءَ موقعي تي استاد کي خرچي يا ڪا سوکڙي ڏيندا آهن ۽ ٻي ڪا خاص شيءِ ڪانه ڪبي آهي.

طهر

هي رسم گهڻو ڪري تڏهن ادا ڪبي آهي، جڏهن پُٽ اٺين سال ۾ پير پائيندو آهي. حال سارو مجلس لاءِ پلاءَ، ٻوڙ ۽ ٻيا لذيذ طعام تيار ڪبا آهن ۽ راڳيندڙ گهرائبا آهن ۽ ڪن گهراڻن ۾ آتشبازي جو بندوبست ڪبو آهي، ڇوڪر کي گيڙو رتا ڪپڙا پهرائي، موڙن سان سينگاري، گهوڙي تي چاڙهي شهرن مان سرگس ڪري گهمائيندا آهن. اُن سان گڏ باجا وڄائيندا، راڳ ڳائيندا ۽ بندوقن جا ٺڪاءَ ڪندا هلندا آهن. گهر موٽڻ تي حجام طهور ڪندو اٿس. هتي به طهر ساڳئي نموني ڪبو آهي، جيئن عربستان ۾ ڪبو آهي. پر هتي ايڏا سٺا حجام ڪونهن. زخم تي گيهه، ميڻ ۽ نم جي پٽي ڪندا آهن. ڦٽ گهڻو ڪري اٺن- ڏهن ڏينهن ۾ ڇُٽي ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اينگهه به ڪندو آهي. طهر کان پوءِ هڪدم ڪپڙا ۽ پئسا ڇوڪر جي مٿان گهوري، حجام ۽ لنگهن کي ڏيندا آهن. جڏهن ڇوڪر ڇٽندو آهي، تڏهن کيس ٻاهر ڪڍي پير ڌوئاريندا آهن ۽ ڪجهه خرچي ڏيندا اٿس، ۽ غريبن کي کارائيندا ۽ خيرات ڏيندا آهن. جيڪي غريب خرچ نه ڪري سگهندا آهن، سي رڳو حجام کي سنت جا ٻه چار پئسا ڏيندا آهن. هتي ڇوڪرين جو طهر ڪونه ٿيندو آهي.

مڱڻو

مڱڻو گهڻو ڪري تڏهين ڪبو آهي، جڏهن سامائجڻ جو تسيلم ٿيل نشانيون نروار ٿينديون آهن، يعني پٽن جي پندرهن سالن ۽ ڌيئرن جي ٻارهين سال ۾. شاهوڪارن ۽ وڏن ماڻهن ۾ ننڍي هوندي شادين ڪرائڻ جو رواج آهي. وچولي درجي جي معزز ماڻهن کي پئسي جي تنگي، مخفي لاڳاپن ۽ گهرو اعتراضن جي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن نڪاح جي رسم لاءِ، جيڪا سندن دين موجب فرض آهي، ويهن يا ٽيهن ورهين تائين ترسڻو پوندو آهي. پر عام رواج هو ته ڇوڪريءَ کي جيترو ٿي سگهي اوتر جلد شادي ڪرائجي. مڱڻو شادي لاءِ هڪ تياري آهي. ٻنهي رسمن جي وچ ۾ ڪجهه وقت گذرڻ ضروري هوندو آهي. شادي کان اڳ مڱڻو هڪ رسم آهي ۽ ان جو شرعيت سان ڪو واسطو نه آهي، پر هاڻي هڪ ضروري قدم ٿي ويو آهي. جنهن کي به خرچ جي سگهه هوندي آهي، سو مڱڻي کان نٽائڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، پوءِ ڀل مڱڻي جي خرچ ڪري ورهين جا ورهيه ترسڻو پويس. جيستائين هو ميڙي چونڊي ڪري نڪاح جي رسم ادا ڪري. عام خيال آهي ته شادي ۾ پڄندي کان گهٽ خرچ ڪرڻ بخل ۽ گلا جي نشاني آهي. تنهن ڪري مذهبي ماڻهو به ناموس جهڙي چڱي مراد لاءِ، قرض کڻڻ تي اعتراض ڪين واريندا آهن. پر اها فضول خرچ فقط پهرينءَ شادي ۾ جائز ٺهرائبي آهي. ٻي شادي يا ڏنيل عورت سان شادي ڪرڻ ۾ ايتري ڊيگهه ڪانه ڪبي آهي. ڪن عالمن انهي رواج کي فضول ٺهرايو آهي. انهي رواج جو پايو سوچي سمجهي وڌو ويو، ته جيئن ماڻهن جي دلين تي پهرين شادي جي مذهبي اهميت ويهاري وڃي ۽ شادين جي ڪثرت ۾ رڪاوٽ پوي. مڱڻي کان پوءِ سياڻا ماڻهو طرفين کي ملڻ جو وجهه ڪونه ڏيندا آهن، پر مرد ٻيءَ ڌر جي مردن سان ۽ زالون زالن سان ملنديون رهن ٿيون. مٿئين طبقن جي ماڻهن ۾ شاديءَ کان اڳ گهوٽ ڪنوار جو ملڻ ڳالهائڻ بدناميءَ جو باعث سمجهيو وڃي ٿو. گهوٽ جي ماءُ، پنهنجي مڙس جي علم کان سواءِ، گهوٽ ۽ ڪنوار جي ملاقات تي لڪ ڪندي آهي. پر انهيءَ جي اها معنيٰ ناهي ته ڪو هروڀرو بدناميءَ جهڙو ڪم ٿيندو آهي. سنڌ ۾ گهٽ ذات وارا ماڻهو سمجهن ٿا ته کين سندن مڱن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو حق آهي.

مڱڻي جي رسم هن ريت ادا ڪبي آهي؛ پهريائين ڪو نيڪ ڏينهن مقرر ڪبو آهي. سومر، اربع، خميس يا جمع جا ڏينهن ۽ رمضان، ربيع الاخر، رجب ۽ شعبان جا مهينا چڱا سمجهيا وڃن ٿا. هڪڙو وڪيل يا وچ وارو، مرد هجي يا زال، خاص ان ڪم لاءِ ڇوڪريءَ جي گهر موڪلبو آهي. هو ملڪ جو واءَ سواءُ لهي هنن جي گهر ويندو آهي ۽ پهريائين هتان هُتان جي ڳالهه ڪري، نيٺ پنهنجي مطلب جي ڳالهه ساڻن چوريندو آهي. رواج موجب نينگريءَ جا رشتيدار، پهريون ڀيرو انڪار ڪندا آهن، ڇاڪڻ ته هڪدم قبول ڪرڻ زيبائتو نٿو لڳي. پهرينءَ ملاقات اهڙيءَ طرح اوچتو پوري ٿيندي آهي. مهيني کن کان پوءِ وري ٻيهر ساڳيو ماڻهو موڪلبو آهي ۽ هو وري ساڳي ڪاروائي ڪندو آهي. هن ڀيري جيڪڏهن عزيزن کي مائٽي پسند نه هوندي، ته اُهي صفا جواب ڏيندا آهن؛ ” جيڪڏهن الله کي ايئن گهربل هوندو ته لکئي کان ڪنڌ ڪڍائڻ اجايو آهي. پر، اڃان اسان کي ڇوڪريءَ کي اُٿارڻ جو ارادو ڪونه آهي.“

جيڪڏهن اهڙيون رضا جون نشانيون نظر آيون ته پوءِ ڇوڪرر جا عزيز ۽ خويش ڇوڪريءَ وارن وٽ پنڌ شروع ڪندا آهن. ٻيءَ ڌر وارا به انهن وٽ ايندا ويندا آهن. گهوٽ- ڪنوار جي چال چلت، اُٿ ويهه ڏسڻ ۽ ڌرين جي دوستيءَ جي حيثيت جاچڻ لاءِ هي چڱو موقعو سمجهبو آهي. واسطيدار ماڻهن کي هڪٻئي سان ملڻ ڪونه ڏبو آهي. پر جيڪي وهندو واپرندو آهي، تنهن جي کين سموري خبر پئجي ويندي آهي. طرفين کان تفصيلوار خبرون ٻُڌايون وڃن ٿيون، تنهنڪري گهوٽ- ڪنوار کي ڳڻتيءَ جو سبب ڪونه هوندو آهي. اها ڪارروائي ڪي هفتا هلندي رهي ٿي. هڪٻئي جي وڏن کي گهڻي عزت ڏيکاربي آهي. ننڍن کي ماري ڪُٽي باادب ٿيڻ سيکاربو آهي.  پاڙي وارا به سڻڀي گرهه جي آسري تي ڌرين کي پڏائي آسمان سان لائيندا آهن. اهڙي قسم جون ٻيون به گهڻيون چالاڪيون ڪبيون آهن. نيٺ جيڪڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن کي پنهنجي ارادي بدلائڻ جو ڪو سبب نه ملي سگهندو (هنن کي ڦرڻ جي اختياري هوندي هئي) ته تاريخ ڏسيندا آهن. جيڪڏهن اڳلن کي اها تاريخ قبول پئي ته گهوٽيتا ڪنهن مقرر وقت تي گڏجي، رئو، چولو، سُٿڻ ۽ ٻيا ڪپڙا ۽ ميندي، پنجين ڇهين رپئين جي مٺائي، زيور جهڙوڪ هار، ويڙهه ۽ کيرول؛ ويڙهه هڪ قسم جي منڊي آهي، جنهن ۾ سوني يا روپي تار ٻه ٽي ڀيرا ويڙهيل هوندي آهي. کيرول سون يا چانديءَ جي پٽ مان ٺهيل هوندو آهي. هر واري مُنڊي جيان اُهي ان ۾ ٽڪ يا ٻُڙو پيل ڪونه هوندو آهي؛ يعني مُنڊيون کڻي ڪنوار جي گهر ويندا آهن. گهر ۾ اڳيئي تياري ٿيل هوندي آهي. مرد جدا ويهي ڳالهيون ڪندا آهن ۽ زالون حجامڻ/ لنگهيءَ سان گڏجي سوغاتون کڻي اندر صُفي ۾ وينديون آهن. پوءِ ڪنوار کي ڪپڙا ۽ زيور پارائي، هٿن کي ميندي لائي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ جي وچ ۾ ويهاريندا آهن. هن جي ماءُ حجامڻ/ لنگهيءَ کي کير جي دلي سان ڇوڪر جي سُهري وٽ مردن ۾ موڪليندي آهي...... حجامڻ کير مردن کي پياري، واڌايون ڏيندي آهي. پوءِ اُهي وات مٺو ڪندا آهن ۽ باقي بچيل مٺائي ڪنوار جي ڪمري ۾ موڪليندا آهن. مرد سڀ هٿ کڻي دعا پڙهندا آهن. ان کان پوءِ ڪنوار جي پيءُ کان شادي جي تاريخ گهُرندا آهن. اُهو مهينو ۽ ڏينهن ٻُڌائيندو آهي ۽ پوءِ سڀ اُٿي ويندا آهن. هن کانپوءِ رشتو ٽوڙڻ اڻ سهائيندڙ سمجهبو آهي. پر اهو رواج آهي ۽ ان لاءِ ڪا مذهبي پابندي نه آهي. ڪن حالتن ۾ گهوٽ- پيءُ ڦري سگهي ٿو، پر نياڻي جو پيءُ گلا ڪارڻ اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ڪندو آهي.

مٿين بيان مان ڄاڻ ملي ٿي ته وچولي درجي جي ماڻهن ۾ مڱڻو ڪيئن ٿيندو آهي. ٻيا ڪهڙا ساٺ سُڳن ۽ تماشا ٿيندا آهن. تنهن جو آڌار ڌرين جي وت تي هوندو آهي. گهڻا شاهوڪار ماڻهو خوب پئسو لٽائيندا آهن. ستن کان چوڏهن ڏينهن تائين مانيون، ناچ، ڳانا ۽ خيراتون هلنديون آهن. غريب ماڻهو ٿوري مان ڪم ڪڍندا آهن..... اُهي مٺائي بجاءِ کجور، سون جي جاءِ تي رپو، ۽ ريشم جي جاءِ تي سُٽ ڪم آڻيندا آهن.

مڱڻي ۽ شاديءَ جي وچ ۾، گهوٽ جا ماءُ ۽ پيءُ ۽ عزيز ڪنوار ڏي روڪ- خرچي ۽ مٺائي هڪ ٻن وڳن سان گڏ موڪليندا يا کڻي ويندا آهن. شاديءَ جي ڏينهن کان اٽڪل مهينو اڳ، ونواهه جي رسم ادا ڪبي آهي. گهوٽيتا ڪنوار جي گهر مٺائي، گيهه، سرهو تيل، ميندي ۽ منهن ڍڪڻ جو اکيو کڻي ويندا هئا. ان وقت ڇوڪريءَ جو منهن ڪنهن به مرد توڙي زال کي ڏسڻ ڪونه ڏيندا آهن. ڪنوار کي اکيون پارائي، ونواهه کان شادي تائين، يڪو بند ۾ ويهاريندا آهن. اهڙيءَ طرح هن کي حياتيءَ جي عظيم واقعي يعني نڪاح لاءِ تيار ڪبو آهي. هن کي کنڊ ۽ گهوٽيتن واري گيهه جي ٺهيل بُصري کارائيندا آهن. چوڻ هوته چوري جي کائڻ جي ڪري چمڙي ۽ چهري جي نزاڪت وڌندي آهي. حجامڻ روز هن کي وهنجاريندي ۽ ”پيٺيءَ“ سان مليندي آهي. اها پيٺي صابڻ جو ڪم ڏيندي آهي ۽ مٺي تيل ۽ ڪڻڪ يا مانهه جي اٽي مان ٺهيل هوندي آهي.

بدن جا وار دوائن سان لاهيندا يا پٽيندا آهن. هتي (عورتن لاءِ) وارن جو پائوڊر ۽ پاڪي ورلي ڪم آندي ٿي وڃي. عام رواج وارن جي پٽڻ جو آهي. پهريان اُن ۾ ڏاڍو سُور ٿيندو آهي، پر پوءِ جلد ئي چمڙي نستي ٿي ويندي آهي. سينگار جا سڀ طريقا، جهڙوڪ هٿن پيرن ۽ وارن کي ميندي، چپن کي مساڳ،  ڳلن کي انگريزي رواج جهڙي لاک جي سرخي لائڻ ۽ اکين ۾ ڪجل پائڻ يا سُرمو پائڻ، آزمايا ويندا آهن. وارن ۾ اڳيان سينڌ ڪڍي، پٺيان هڪ ٻه چوٽيون ڪري تيل سان سرهو ڪندا آهن. چوٽي اهڙيءَ طرح ڪئي ويندي آهي؛ جيئن پٺيان وار سڀ هڪ جيترا ڏسڻ ۾ اچن. اڳيان وار پيشانيءَ تي کونئر ۽ پاڻي،  جيڪو گهڻو ڪري سرنهن مان ٺاهيندا آهن ۽ ان کي گلاب، چنبيلي يا ٻيءَ ڪنهن سرهاڻ سان معطر ڪندا آهن، ۽ مڃٺ جو رنگ ڏيندا آهن، تنهن سان چنبڙائي ڇڏيندا آهن. چهري جو نمڪ وڌائڻ لاءِ اکين جي چوڌاري ڳلن کي ڪپهه جي پوڻيءَ سان روپن ورقن يا ابرق جو ڪُٽو لائيندا آهن.

ورلي مٿو چڱي طرح ڌوئي ميٽ ۽ ليمي جي رس سان صاف ڪري، صندل ۽ گلاب، وارن ۽ بدن کي لائيندا آهن. ڪنوار کي مُشڪ ڪم آڻڻ جو هنر به سيکاريندا آهن. مُشڪ ڀرت ڀريل ڳوٿريءَ ۾ هوندو آهي، منهن ۾ چپن تي سرائي، سرمي يا ڪنهن رنگ ۾ ٻوڙي تر ڪڍندا آهن. اُن کي ايريو يا ڪڻڪڻو (ڪنڙو) چوندا هئا. هتي حياءَ واري زال ڪا ورلي مسي ڪم آڻيندي آهي. اهي امتحان ۽ تياريون ڪيترا ڏينهن هلنديون آهن. وڏن ماڻهن ۾ ڇهن هفتن تائين اُهي ساٺ سنوڻ هلندا آهن. اهو سمورو وقت برادريءَ وارا پيا ايندا ويندا آهن. ۽ ڪنواريتا انهن کي ماني کارائيندا آهن.

ڪنوار جي ڀيٽ ۾، گهوٽ کي گهڻي تڪليف ڪانه ڪرڻي پوندي آهي. هن جي تياري لاءِ ٽي ڏينهن ڪافي سمجهيا ويندا آهن. انهن ٽن ڏينهن ۾ کيس ”پيٺي“ سان مهٽي اڇو اوجل ڪري، صاف ڪپڙا، هار ۽ گل پارائي، سندس پذيرائي مولودن، ناچن، گانن ۽ دعوتن ۾ (جيڪي سندس دوستن ۽ عزيزن کي ڏبيون هيون) ڪئي ويندي آهي. سچ پچ ته ونواهه شاديءَ جي رسم جو هڪ حصو آهي. ڇاڪاڻ ته شاديءَ جي رسم گهوٽ جي تياريءَ جي ٽئين ڏينهن تي شروع ٿيندي آهي.

وهانءُ يا شادي

وهانءُ يا شادي اڪثر رات جو ڪئي ويندي آهي. گهوٽ کي سانجهي سوير ئي ، مائٽ يا حجام اچي ڪنواريتن جا موڪليل ڪپڙا، پٽڪو، قميص، قمربند، شال، سُٿڻ ۽ جُتي پارائيندا آهن. ساڳئي وقت، ڪنوار کي سندس مائٽ يا حجامڻ گهوٽيتن جا ڏنل ڪپڙا ۽ زيور پهرائيندي آهي. پرڻيل زالون گهڻو ڪري نڪ جي سڄي يا کٻي پاسي سوني يا روپي نٿ پائينديون آهن. ٻيو، نڪ جي هيٺان بولو، جو مٿئين چپ مٿان پائينديون آهن. دنيادار ماڻهو بولي ۾ مرجان ۽ موتين يا ٻين سچن پٿرن جو جڙاءُ ڪرائيندا آهن. غريب ماڻهو چانديءَ جي هڪ لڙڪڻي تي ڪفايت ڪندا آهن، جنهن کي ”پارو“ چئبو آهي. مُنڊين تي اڪثر ميناڪاري جو ڪم ٿيل هوندو آهي، پر ڪي ته بنهه ساديون هونديون آهن. زيورن جي انگ جو آڌار ڌرين جي دولت تي هوندو آهي. شاهوڪار ماڻهو زيورن تي تمام گهڻو خرچ ڪندا آهن. سينگار کان پوءِ صدقي جي رسم، جنهن کي ”گهور“ چوندا آهن، ادا ڪندا آهن ۽ گهوٽ ڪنوار جي مٿان پئسا گهوريا ويندا آهن. پراڻا ڪپڙا حجام ۽ حجامڻ جو حق سمجهبو آهي.

ڪپڙن پائڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي. تنهنڪري اهو ڪم اڌ رات کان اڳ پورو ڪونه ٿيندو آهي. ڪن هنڌن تي، اُن وقت ڪنواريتا گهوٽيتن کي چوائي موڪليندا آهن ته ڪنوار هاڻي تيار آهي، پوءِ گهوٽ اُتي ويندو آهي، جتي جماعت، مُلا ۽ ٻيا ماڻهو- جن جي نڪاح ۾ ضرورت هوندي آهي- ويٺل هوندا آهن. مُلا گهوٽ ۽ ڪنوار جو پيءُ جي وچ ۾ ويهندو آهي. پوءِ هو شرعي شاهد چونڊي ڪنوار جي گهر موڪليندا آهن. انهيءَ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنورا کي منهن تي گهونگهٽ هوندو آهي ۽ هوءَ پنهنجي شرم، حياءُ ۽ فضيلت ڏيکارڻ لاءِ، رسم موجب، چپن کي چُنو (ماٺ) لائي ويهندي آهي. نيٺ، پيءُ يا ٻيو ڪو ويجهو مائٽ موڪلبو آهي (مٿئين طبقن جا ماڻهو شاهد ڪونه موڪليندا آهن). پيءُ يا ڪو ٻيو ويجهو عزيز، وڪيل ٿيندو آهي، (جيڪڏهن ڪنوار ننڍيءَ ڄمار جي هوندي آهي، اُن کان سوال جواب ڪونه ڪندا آهن) ۽ شاهد موٽي اچي مجلس کي اطلاع ڏيندا آهن ته فلاڻو وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي. پوءِ مُلا وڪيل ڏي مُنهن ڪري پڇندو آهي؛ ”تو فلاڻي، فلاڻي جي ڌيءَ، پوٽي فلاڻي جي، فلاڻي جي پٽ، پوٽي فلاڻي جي کي ڏيڻ قبول ڪئي؟“ ڪنوار- پيءُ يا وڪيل ساڳين لفظن ۾ ”هائو“ ڪندو آهي. ائين ٽي ڀيرا ڪيو ويندو آهي. پوءِ ملا، گهوٽ کي چوندو آهي؛ ”تو نالي فلاڻي، فلاڻي جي ڌيءَ، پوٽي فلاڻي جي قبول آهي؟“ هي سوال جواب ٽي ڀيرا ڪيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ گهوٽ شرعيت موجب ”مهر“ جو فيصلو ڪندو آهي. رقم شاهدن جي اڳيان مقرر ڪئي ويندي آهي. اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته جدا رهڻ يا طلاق جي حالت ۾ شاديءَ کان اڳ جا ڏنل زيور مڙس جي ملڪيت ٿي رهندا يا زال جا. (معزز ماڻهن ۾ ڪنوار کي شاديءَ کان اڳ جيڪي ڪپڙا ملندا آهن، سي سندس ملڪيت سمجهيا ويندا آهن.) اهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون سنهيون ٿلهيون ڳالهيون هونديون آهن، جن جو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. اُن کان پوءِ مُلا دعا گهرندو آهي ۽ سڀ حاضرين مجلس هن سان گڏ دعا پڙهندا ويندا آهن.

پوءِ، هڪ ڊگهي مناجات پڙهي ويندي آهي ۽ گهوٽ ڪنوار جي حق ۾ دعا گهري ويندي آهي. حضرت آدم ۽ بيبي حوا، حضرت ابراهيم ۽ بيبي ساران ۽ ٻين پيغمبرن سڳورن جا مبارڪ نالا ورتا ويندا آهن. جن شاديءَ جي رسم کي شرف ڏنو هو. خطبي جي ٻئي حصي ۾، مومنن کي شادي جي فضيلت ۽ درجن کان واقف ڪيو ويندو آهي. پوءِ سڀ هٿ کڻي دعا گهُرندا آهن. بس شرعي رواج ايترو آهي. ان بعد ڪن خاص لفظن ۾، مُلا گهوٽ کي مبارڪ ڏيندو آهي ۽ مجلس جا ٻيا ماڻهو به واري واري سان ائين ڪندا آهن. گهوٽ جواب ڏيندو آهي ته ”خير سلامت“. مُلان کي گهوٽ پيءُ پنهنجي خاندان جي حيثيت مطابق اجورو ڏيندو آهي. وڏا ماڻهو گهوڙا، اُٺ، سونن مُٺين واريون تلوارون، ۽ اهڙيون ٻيون قيمتي شيون ڏيندا آهن. وچولي درجي وارا ڪجهه رپيا ۽ مُٺ کجور يا مٺائي جي، غريب ماڻهو ٻه- چار ڏوڪڙ ڏيندا آهن. تنهن کان پوءِ گهوٽ جو پيءُ مهمانن کي سندن مرتبي موافق مٺائي ۽ ڪپڙا ورهائي ڏيندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org