سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 9

صفحو ؛ 13

 

ڏورو گيت

وراڻي- درياءَ ري ڪپ ري ماءُ پاٻڻين-

گهوري ڍوراڻي ري ڪپ راجهاڙ-ڏورو.

ڏورو ساچي هيم رو.

 

1-      ٻيجين ماءُ سَرتين رَهين اوڏڙين-                          

       ماءُ مانهنجي ڌيئل ٻائي رهيو ڙِي ڏور-ڏورو.

2-     ڪيهِي جي روجايَل موريو-             

  ڪيهي جي ري جايُ-ڍيل ڏورو...

3-     جِي روجايل موريو-

                        جي ري جايَل ڍيل – ڏورو...
4-     پنگ تان جَهٻُروڪي پولڙي-

                        هِينئڙي جهٻُوڪي هار- ڏورو...
5-      هَجاران هٿان رو گهاگهرو-

                        گهوري سَورَهن سَريو هار- ڏور...
6-     چڙهتي تان ٽوڙيو گهاگهرو-

                        اُترِتي ٽوڙيو نوَ سرَهار- ڏورو...
7-     بيري جي جهجليو ڏيولو-

                        باڀل پرويو نوَسَرهار – ڏورياو...
8-     ڌورئي ڍَرتي پاڇلڙي ڦوري –

                        ڏاڏاڻو رهي گيو ڏوُر – ڏوريو...
9-     اُنڏين تو کِيبين کِيبِڻين-

                        جهِرمِر برسين ميگههَ ڏورو...
10-    ڀَيا ما توڀا ٽوڀڙين –

                        ڀريو مانهنجي ڏاڏاڻي رويس- ڏورو....
11-    ڀِينر ماءُ جُوائي جي رو موڙيهو-

                        ڀينو ٻائي رونوسر هار-ڏورو...
12-    ماءُ ڀورايو آنگڻيو ماءُ-

                        باڀل ٻائي رونوسر هار – ڏورو...
13-    سرتيئي ڀورائي سيمڙي-

                        ماءُ منهنجي ڌيئان ٻائي رامڻ ميلهه – ڏورو...
14-    ڏورئي چڙهتي مين جويوڙو-

                        اَباڻو رهي گيو ڏور – ڏورو...
15-    چوڏس پوُنم چاندرڻي ماءُ-

                        مانهنجي ڌيئا ٻائي رامڻ ميلهه – ڏورو...
16-    ٻيجين تان ڪلي رَهين نيڙڪين-

                        ڏيئا ٻائي ڏيها ڏوُر- ڏورو...
17-    اوُنڏوڪسي بيراگاسيڙو-

                        ڍيلي ڇڏي ڪرهيل ري مُهار – ڏورو...
18-    جمڻي هاٿ ڪرهئي ري مُهار-

ڏاوئي هاٿ ڪر هو ڪانٻَ-ڏورو...
اهو لوڪ گيت ڳائي پوءِ واپس گهر اينديون آهن.

 

ڪنوار آڻڻ

هندو ماڻهو ڪنوار کي گهر آڻڻ لاءِ سڳورو ڏينهن ۽ سڳوريءَ ساعت جو گهڻو خيال ڪندا آهن. هو لگن نهارڻ وقت ئي اهو ويچار رکندا آهن ته شاديءَ جو ڪم جيستائين پورو ٿي رهي، تيستائين وچ ۾ ڪو وگهن نه پوي ۽ گهر اچڻ وقت به سڳورو وقت هجي. چوندا آهن ته ”ڪنهن گهڙيءَ جي آندل ڪاٺي به سڀاڳي“، سو ڪنوار به اهڙي ساعت گهر ۾ پير وجهي، جيئن سڀ ڪنهن نموني سک سانت ۽ رزق ۾ برڪت رهي.

 

جيئري تي جيئري شادي ڪرڻ

مسلمانن کي شرع موجب چئن شادين ڪرڻ تائين اجازت آهي، بشرطيڪ هو سڀني سان هڪجهڙو ورتاءَ ڪري. ٿر ۾ ڪي شاهوڪار مسلمان هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا آهن، پر اهڙا مثال ٿورا آهن، نه ته عام طرح هر ڪو هڪ شادي ڪندو آهي.

هندو ڌرم موجب به گهڻين زالن پرڻجڻ کان روڪ ڪانهي. اڳي به ڪيترا اهڙا مثال آهن جو هڪ کان وڌيڪ زالون پرڻبا هئا. پر انهن مان بعضي خراب نتيجا نڪتا، جنهنڪري سڌارڪن انهيءَ رواج تي بندش وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنهن هوندي به جي ڪنهن جي استري چري هجي، ڪوڙهه يا ڪو خوفناڪ مرض هجي، سُنڍ هجي جنهن ۾ اولاد جي پيدا ٿيڻ جي اميد نه هجي، يا صرف ڏيئون ڄڻيندڙ هجي ته ان حالت ۾ ٻي شادي ڪري سگهجي ٿي.

برهمڻ، مهيشورين، لهاڻن، سونارن، سوٽهڙن وغيره ۾ جيئري تي جيئري شادي جو رواج ڪونهي، مگر ٺڪر هڪ کان وڌيڪ زالون پرڻبا آهن، بلڪ ٻه- چار شاديون به ڪندا آهن. مينگهواڙن، ڀيلن ۽ ڪولهين ۾ به اهو رواج آهي.

 

مرد جي ٻيهر شادي

سڀني قومن ۾ زال مري وڃي ته مرد وري شادي ڪندا آهن. هن حالت ۾ ڪي ساهرا، جي پاڻ وٽ سڱ هوندو ته ناٺي کي وري پرڻائي ڇڏيندا يا ڪوشش سان ٻئي هنڌان سڱ مليو ته اُتان شادي ڪرائيندا، پر جي انهن کان بندوبست نه ٿي سگهيو ته پوءِ پنهنجي سر ڪٿان به بندوبست ڪبو آهي.

ڌارئين هنڌان شادي ڪرڻ کان سالِيءَ سان شادي ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي، ڇو ته جي پهرئين گهر مان اولاد هوندو ۽ سالي پرڻيو ته اها پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي وڌيڪ پيار سان پاليندي، جيتوڻيڪ ماءُ جو ساءُ ماسيءَ مان نه ايندو. چوندا آهن ته:

”ماءُ سا ماءُ، ٻيو سڀ سنسار جو واءُ.“

اُها وري به ڌارئين کان ٺيڪ، ڇو ته آخر ويجهو رت آهي. چوندا آهن ته ”رت کي رُمي لڳندي آهي. ٻي شادي ڪيل زال کي اڳئين گهر جا ٻار ماسي چوندا آهن. ڪي زالون اهڙيون هونديون آهن جو اڳئين اولاد لاءِ جنسي مصيبت ٿي پوندي آهي، تڏهين چئبو آهي ته ”ٿلهي ڀڃي ٺڪر هٿ آيو.“ پر ڪي ويچاريون چڱيون به هونديون آهن. ”هٿن جون سڀ آڱريون سَريکيون ڪونه آهن“، تنهنڪري اڳيان ٻار خوش به رهندا آهن. پر تڏهين به چوندا آهن ته ”ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساهه.“ ماءُ نيٺ ماءُ آهي. انبن جو ساءُ انبڙين مان نه ايندو آهي. گهر آهي زال سان، زال کان سواءِ گهر مساڻ جي مثل آهي. زال جي مرڻ جي حالت ۾ ائين چئبو آهي ته ”فلاڻي جو گهر ڀڄي پيو آهي.“ اڪيلو مرد ڪجهه ڪري نٿو سگهي، تنهنڪري لاچار ٻيهر شادي ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو.

 

عورت جو وري پرڻجڻ

مسلمانن ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري وڃي ته هوءَ ٻي شادي ڪري سگهي ٿي، جي ٻيو مڙس مري وڃي ته وري به شادي ڪري سگهي ٿي، يعني رنڙ زال جي شاديءَ جو رواج آهي.

جنهن زال جو مڙس مري وڃي تنهن کي هندو وڌوا، رن زال، ڌنيل، ڦُلائِتي ۽ سانتڻو چون. ڪنهن ڇوڪريءَ جي مڱجڻ بعد جي مڱيندو مري وڃي ته ان جي وري مڱجڻ ۽ پرڻجڻ ۾ ڪو عيب نه سمجهبو آهي. چوندا آهن ته ”ڪورن مڱن کي ڇا لڳو.“ پر جي پرڻجڻ کان پوءِ کڻي اولاد نه هجي ته به چوندا ته ”چونري جو دونهون ته لڳو.“ ان حالت ۾ ڪيتريون عورتون وري شادي ڪرڻ پسند نه ڪنديون آهن ۽ ڪي ماڻهو وري وڌوائن سان شادي ڪرڻ به پسند نه ڪندا آهن. پر انهيءَ هوندي به جن ۾ رواج آهي اُهو هليو اچي، ان کي ”وڌواهه“ چون.

برهمڻ، مهيشورين، ٺڪرن وغيره ۾ وڌواهه جو رواج ڪونهي، پوءِ کڻي ڇوڪري ڪيڏي به ننڍي هجي. اها ڳالهه تمام اتساهيندڙ آهي. ڪيتريون ويچاريون ننڍيون نيٽيون بيواهه ٿيو پون، جن لاءِ پوءِ زندگي زهر ٿيو پوي ۽ ڪيترين حالتن ۾ آخر خراب نتيجا نڪرن ته به رواج جي ڪري مجبور آهن.

مالهين، لهاڻن ۽ اڇوتن ۾ رواج آهي ته رنڙ زال جي وري شادي ڪندا آهن. رنڙ ڇوڪري جي ننڍي هوندي ته مائٽ ساهرن کان موڪل وٺي ڪوٺي ايندا، جنهن کي ”ڇوٽڪو“ يعني موڪل چوندا آهن. اولاد هوندو ته ساهرا وٺندا. پوءِ مائٽ، ڇوڪريءَ کي پنهنجي مرضيءَ سان ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏيندا. ٻئي دفعي چونريءَ جو رواج ڪونهي، پر ڪي مقرر سوڻ ساٺ ڪندا آهن. ڪي هن حالت ۾ پئسا به وٺندا آهن. اها ڇوڪري وري به ڪنهن رنڙ مرد سان پرڻائيندا آهن. ڪوبه ڪنوارو مرد رنَڙ سان شادي پسند نه ڪندو. ڇو ته ڪنوارو مرد جي رنڙ زال سان پرڻجي ته ان مان جيڪو اولاد ٿيندو، تنهن کي ”ڪنوار گرهه“ چوندا آهن. نيات وارا ان کان ڇوڪري وٺڻ يا کيس ڏيڻ پسند نه ڪندا آهن ۽ اهو هڪ عيب ليکبو آهي. جو ڪيترين پيڙهين تائين هليو ايندو آهي ۽ نيات ۾ اُن کي گهٽ ليکبو آهي.

 

ڏيروٽيءَ جو رواج

مڙس جي ننڍي ڀاءُ کي ڏير چئبو آهي. مسلمانن، لهاڻن، ڀيلن، ڪولهين وغيره ۾ جي وڏو ڀاءُ مري وڃي ته ان جي زال ننڍو ڀاءُ ويهاري سگهي ٿو ۽ ڪي مقرر ساٺ سوڻ ڪري گهر ۾ زال ڪري رکي سگهي ٿو.

برهمڻن، مهيشورين، سونارن، سوٽهڙن، ٺڪرن، مينگهواڙن وغيره ۾ اهو رواج ڪونه آهي، ڇو ته ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ کي بُرو سمجهبو آهي.

ڀيلن ۽ ڪولهين ۾ جيئري مڙس جي زال ٻيو ڪو کڻي وڃي شادي ڪري، ته نيات وارا پاڻ ۾ فيصلو ڪري وير ڀرائي ڏيندا، يعني اُنهيءَ کان سڱ وٺرائي ڏيندا يا ان جي عيوض ڪجهه مقرر رقم، جا قوم جا پئنچ مقرر ڪندا. سا ڀرائي ڏيندا.

 

زال جو درجو

گهرو ڪم ڪار ته آهيئي زال جي حوالي، پر پوک جي ڪم، مال جي ڏُهائي جي ڪم وغيره ۾ به زالون مردن کي مدد ڪنديون آهن. پنهنجي مڙس جون تابعدار ۽ وفادار آهن. کين هر ڪنهن قسم جي آزادگي آهي. گهر ۾ اجائي کٽ پٽ ۽ ڪلڪل نه ڪنديون آهن. ساديون سٻاجهڙيون ۽ هر وقت ڪم ۾ رڌل رهنديون آهن. دني اجي ڇل ول، ڪپٽ ۽ چالاڪيون نه ڄاڻنديون آهن. چوندا آهن ”ٿڌو گهڙو پاڻيهي پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائيندو آهي.“ اهڙين زالن جي مرد وٽ به عزت هوندي آهي ۽ گهر جا ٻيا ڀاتي به چاهيندا آهن. اوڙي پاڙي لاءِ اهڙي عورت مثال هوندي آهي.

 

طلاق جو رواج

طلاق جو رواج فقط مسلمانن ۾ آهي. مڙس پنهنجي زال کي يا زال مڙس کان طلاق وٺي ۽ ڏيئي سگهن ٿا. ان بعد ٻئي وس وارا آهن ته ٻي شادي ڪن. طلاق وٺڻ کان سواءِ نڪاح تي نڪاح ڪري نٿو سگهجي، جو شرعي ڏوهه آهي. ڌرين جي وچ ۾ اڻبڻت جي حالت ۾ ڪورٽ اهو فيصلو ڪندي آهي. هندن ۽ اڇوتن ۾ طلاق جو رواج ڪونه آهي.

 

مائٽ ۽ اولاد

ٻار گهر جي سُونهن آهن، جنهن گهر ۾ ٻار نه آهن سو گهر کائڻ پيو ايندو. ماڻهو ٻاهران ڪم ۾ هَڄي ٿڪي گهر اچي پنهنجن ٻارن سان ڳالهائيندو، ڪڏائيندو ته ٿڪ لهي ويندس، ڄڻ ته تازو توانو. ازانسواءِ پنهنجي ٻار مان جا روح کي راحت ايندي ان جو بيان ڪري نٿو سگهجي. ٻار کان سواءِ ماڻهو موڳو ۽ ملول رهندو آهي. ننڍو ٻار گهر جي سڀني ڀاتين لاءِ وندر آهي. پُٽ ڄمڻ وقت خوشيون ڪبيون آهن. پتاشا، کارڪون ۽ ڳڙ ورهائبو آهي، دهل وڄائيندا آهن. مجلسون وغيره ڪندا آهن.

ننڍي ڇوڪر کي مائٽ پيار وچان مِنو چوَن، ڪي گِيگو ۽ گيگلو چون. وڪريءَ کي مني چوَن. ڍاٽڪيءَ ۾ پٽ کي ڏڪرو ۽ ڌيءُ کي ڏِڪري چون. پٽ ڄمي ته ان وقت ڪنجهي جي ٿالهي وڄائين، ٿالهيءَ جو واڄو ٻڌي سڀڪو سمجهندو ته پٽ ڄائو آهي. ڌيءَ ڄمي ته اُکريءَ جا کُڙڪا ڪرائين.

ڌيءَ کان وڌيڪ پٽ جي ڄمڻ تي خوشي ڪندا آهن، پر ڌيءَ کي به گهٽ ڪونه گُهرن، نيٺ ته آنڊا آهن. پوندا آهن ته هيءَ به ويچاري پنهنجو نصيب کائيندي،. گهڻن پُٽن بعد ڌيءَ ڄمندي آهي ته ماڻهو خوس ٿيندا آهن. هندن جي ڪن ذاتين ۽ مسلمانن ۾ بَدي جو رواج آهي، سو ڌيءَ جو ڄمڻ پسند ڪند آهن.

اولاد نه ٿيڻ جي حالت ۾ ڪيترا حيلا ڪندا آهن. پير فقير پڇڻ، دان پڃ ۽ خيراتون ڪرڻ، باسُون باسڻ، ساڌو، سنت درويش ۽ نياڻيون کارائڻ، جيئن ڌي مهربان ٿي مٺي مراد ڏئي.

جنهن کي اولاد نه هوندو آهي، تنهن کي ”بانجهيو“ چون. ڪنهن ڪم سان ماڻهو ويندو، جي اهڙو مرد يا زال سامهون آيا يا مٿن نظر پيئي ته اهو بدسوڻ سمجهن ۽ چوندا ته ڪم نه ٿيندو. سوير صبح بانجهئي جو مُنهن ڏسڻ چڱو نه سمجهندا. چوندا آهن ته ’ويچارن کي ڇا آهي، سامي جوڳي ٿيا ويٺا آهن، مرڻ بعد سندن پيڙهي به ڪانه رهندي جو ڪڏهن ڪو نالو وٺي ياد ڪري.‘

 

ننڍا ٻار

ٻار جڏهن ننڍو هوندو آهي تڏهن مائٽن کي سندس رئڻ به پيو وڻندو آهي. جيئن وڌندو ويندو، ريڙهيون پائڻ سکندو ته مائٽ لاڏ مان پيا هيڏي هوڏي ڦيرائڻ لاءِ سڏ ڪندا ۽ خوش ٿيندا، هنج ۾ کڻي ڪوڏائيندا، مائرون ننڍن ٻارن کي ٻانهن ۾ شيشي جا ڪارا ڪنگڻ پارائينديون، ڳچيءَ ۾ ميٿري ڪُٽي ڳوهي مڻيا ٺاهي سڪائي ان جو ڪنٺلو ٺاهي پارائينديون. ٻيا به ڪيترن نمونن جي مڻين جا هار پارائينديون آهن. اڳڙين جي گول وَٽ ٺاهي مڻين سان جنجهي هٿن ۾ پارائينديون. ڪَن توپي چوڪرن کي گول ڇلا، ڪيوٽيون يعني مُرڪيون ۽ ڇوڪين کي ٻُندڙا وغيره وجهنديون. پيرن ۾ ڇوڪرن کي هوند سارو چانديءَ ۽ لوهه جون سنهيون ڪڙيون وغيره پارائينديون آهن. ڌاڳي ۾ مڻيا پوئي ڇوڪر جي چيلهه تي ٻڌنديون، جنهن کي ”ڪَڏوليو“ چون.

شهرن ۽ پڙهيل طبقي ۾ اهي رواج ڪونه آهن يا گهٽ آهن، پر ٻهراڙين جي عوام ۾ آهن.

 

اولاد تي مائٽ جو نالو

هونئن ته اولاد پيءَ جي نالي سڏبو آهي ته فلاڻي جو پُٽ يا ڌيءَ، پر زال جڏهن ننڍا ٻار وٺي پنهنجن مائٽن ۾ ويندي آهي، تڏهن ناناڻن ۾ اولاد ماءُ جي نالي سڏبو آهي. ماءُ جو نالو وٺي چوندا آهن ته فلاڻيءَ جو پٽ يا ڌيءَ آهي، ڇو ته اُتي ناٺيءَ جو نالو وٺڻ البت مناسب نه سمجهبو آهي. مرد کڻي چوندا آهن، پر زالون گهڻو ڪري ٻار کي ماءُ جي نالي سڏينديون آهن.

ڪي ويچارا نالي جا مرد هوندا آهن. مگر ڪو چَجَ ڪونه هوندو اٿن، ۽ زالون سمجهُو، چالاڪ ۽ خبردار هونديون آهن، جنهنڪري نالو ڪڍنديون آهن. انهيءَ حالت ۾ اولاد ماءُ جي نالي تي سڏبو آهي، جيئن سڀڪو سڃاڻي سگهي، اهڙا مثال ٿر ۾ آهن.

 

اولاد گود ۾ وٺڻ

جنهن کي پنهنجو اولاد نه هوندو آهي يا فقط ڇوڪريون هونديون آهن، سو پنهنجي ڀاءُ يا ويجهي عزيز جو پٽ گود ۾ وٺندو آهي. ان مهل مجلس ڪري دهل وڄائي پتاشا يا ڳڙ ورهائيندا آهن. ان بعد اهو ڄڻ ته هن جو پٽ ٿي چڪو، جو پوءِ سندس ملڪيت جو وارث ليکبو آهي.

 

ڀائرن جي پريت

ڀائر پاڻ ۾ محبت سان رهندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن پيا وڙهندا جهڙندا آهن، يا هڪٻئي سان تکو مٺو ٿي کُهرو ڳالهائيندا آهن. ائين ته پاڻ ۾ ٺڪر به پيا ٺهڪن، پر ته به ڪنهن نه ڪنهن مهل هڪٻئي جو تاءُ ضرور ايندن. رت نيٺ رت آهي. سيڪ نيٺ رت کي ايندو. ڀائر کڻي پاڻ ۾ وڙهيل هجن پر جي ڌارئين ڪنهن حملو ڪيو ته اوڏيءَ مهل پنهنجو رت اڳيون ڳالهيون وساري اچي ٻانهن ٻيلي ٿيندو. ”رت دانگيءَ تي به وري ايندو آهي!“ ڌاريو کڻي ڪهڙو به گهرو سنگتي هجي ته به پنهنجو ٻي شيءِ آهي. چوندا آهن ته ”رت جي رتي صحبت جو قرار“، ”پنهنجو ماري به ڇانوَ ۾ ڇڏيندو.“

 

مائٽن کان جدا ٿيڻ

شادي ڪرڻ بعد پٽ کي ترت يا دير سان آخر جدا ٿيڻو پوندو آهي، ان وقت مائٽ کيس رهڻ لاءِ جڳهه، کاڌي پيتي جي ضرورت ٿانون ۽ ملڪيت مان ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن سنئون جيڪو حصو ٿيو سو کيس ڏيندا. جي غريب آهي ۽ شاديءَ لاءِ قرض کنيل آهي ته جيستائين گڏ هوندو تيستائين قرض پيو ڀربو، پر جدا ٿيڻ جي حالت ۾ رهيل قرض کيس ڀرڻو پوندو. ڪي ترت ئي مائٽن سان وڙهي جهيڙو ڪري جدا ٿيندا آهن، پر ڪي اهڙا به آهن جي گهڻي وقت بعد ڪافي ٻارن ٿيڻ کان پوءِ ڪٽنب وڌڻ ڪري جدا ٿيندا آهن، پر جدا ٿيڻ بعد به مائٽن سان ڪم ڪار وغيره ۾ رس رکيو ايندا آهن، رڳو نالو جدا جو هوندو اٿن.

ڌارئين ڇوڪرِي گهر ۾ اچي ٿي ته اڳئين گهرو سنپت گم ٿيندي وڃي، تان جو نوبت جدا ٿيڻ تي پهچندي آهي. اڄ جي حالت ته ملوڪ چوندا آهن ته مائٽ ڌيءَ پرڻائي ساهرن گهر رواني ڪئي ته ڪَر پاڻ تان بوج لٿو ۽ نئون ڄائو ٿيو، پر جي پٽ پرڻيو ۽ ننُهن گهر ۾ آئي ته سَسُ سهري جي ماني اَڪ ٿي. جيڪي اڳي پنهنجي ڪمائيءَ مان سکيو ٽڪر کائيندا هئا سو به ويو. اڄ اها حالت ملڪ ۾ وڌي رهي آهي.

جيستائين ڀائر ڪنوارا هوندا آهن تيستائين منجهن محبت هوندي اٿن ۽ ڪنهن کي جدا ٿيڻ جو خيال ئي ڪونه هوندو آهي. شادي ڪرڻ بعد به جي ڇوڪرو يا ڇوڪري سمجهو آهن ته گاڏو پيو گهلبو. پر ڪي ڇوڪريون اهڙيون آهن جي چونديون ته سڄي گهر جي ڪم ۾ ڇو ڇڄي مرجي، ۽ سس سهري جي هٿ هيٺ رهجي، جدا ٿيون ته ٻن ڄڻن جو لولو ڪري آزادگيءَ سان پيو وقت گذارجي. پوءِ سڄي گهر ۽ مڙس کي تپائي کڻنديون، انهيءَ حالت ۾ لاچار جدا ٿيڻو پوندو. روز روز جي ڪَرِ هَرِ گهر ۾ چڱي نه آهي. حقيقت ڪري گڏ رهڻ وڌيڪ سٺو آهي، جو چئبو آهي ته ”ڀيڙن ۾ ڀرم آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org