سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 4

صفحو ؛ 6

 

باب چوٿون

ٻوٽا

ٿر ۾ گهڻن ئي نمونن جا ٻوٽا ٿين ٿا، جي اُٺ ٻڪريون، ڇيلڙا ۽ رڍون وغيره کائيندا آهن. ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه وغيره انهن مان ڪي ڪي ٻوٽا کائين، نه ته اهي فقط گاهه کائين، پر ڏڪار وقت جڏهن گاهه جي اڻاٺ هوندي آهي، تڏهن بک مرندي ڪي ٻوٽا چاري جو ڪم ڏين. ٻوٽا چئن نمونن جا آهن. (1) وڏا ٻوٽا، (2) ننڍا ٻوٽا، (3) ڀاڄي وارا جهنگلي ٻوٽا، (4) گهرو ٻوٽا. انهن مان هر هڪ جو جدا جدا مختصر بيان ڏجي ٿو:

 

وڏا ٻوٽا

انهن ٻوٽن جا ٿُٻَ سدائين بيٺا هوندا آهن. سياري اونهاري به پاڙون ۽ هيٺيان ڀاڱا ساوا هوندا آهن، پر مٿان سُڪي ويندا آهن، جنهنڪري ڏسڻ ۾ ائين ايندا آهن ته ڄڻ صفا سُڪي ويا آهن. پر جڏهن برسات پوندي آهي تڏهن يڪدم ساوا ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترائي نوان به اُڀرندا آهن جو مال کائي ڍؤ ڪندو آهي. انهن مان ڪي هي آهن.

*جِهل: هي ڀٽن تي يا نرم زمين ۾ ڪونه اُڀري، پر ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀري. ڊيگهه ۾ ٻه فوٽ کن ٿيندو آهي، جو پاڻ ۾ ڳتيل گهاٽو ٿيندو آهي. هن مان ڏندڻ سٺا ٿيندا آهن. جي ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. اونهاري جو پن ڪونه هجن ۽ ڍنگهر جهڙو پيو لڳندو آهي. برساتي موسم ۾ سائو ٿيندو آهي، ان وقت اُٺ، رڍون ۽ ٻڪريون کائينديون آهن.

* ٻُوهه: هي ٻوٽو ٿر ۾ عام آهي ۽ اهڙو گهاٽو اڀرندو آهي جو ڄڻ ته هن جي پوک ڪيل هجي! يڪي ٿڙ سان به اُڀري ۽ ڏانڊين سان جهڳٽو ڪري به بيهندو آهي ۽ پکڙيو به آهي. علحده به اُڀري. هن ۾ اڇا گول ڦل ٿيندا آهن، جن کي ”ڊوُنَڍڻ“ چوندا آهن. ڪاٺيون سنهيون ٿين جي ٻارڻ جي به ڪم اچن. وسڪاري جو جڏهن ٻُوهه گهاٽا ٿيندا آهن تڏهن ماڻهو انهن کي وڍي مال لاءِ دونهيون ڪندا آهن. جڏهن ڪچا هوندا آهن تڏهن ٻڪريون ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. سڪڻ بعد ڪونه کائين، پر ڏڪار وقت جڏهين ٻيو ڪو گاهه ڪونه ٿئي تڏهين بک مرندي گهوڙا ڍڪيون ۽ گڏهه به کائيندا آهن. هي گرم ٻوٽو آهي، تنهنڪري ماڻهو وڍي سياري جو ٻڪرين جي واڙن جي لوڙهن کي آڏو ڏيندا آهن، جيئن سيءَ جو بچاءُ ٿئي.

* کِپ: هي ٻوٽو نرم زمين ۾ ٿيندو آهي، ڏهرن جي سخت زمين ۾ بنهه ڪونه اُڀري. هن جو تڙيڪو ڪونه ٿئي. پر هڪ هنڌان سنهين شاخن جو مُچو نڪرندو آهي، جي ڪجهه ٿلهيون ٿينديون وينديون آهن ۽ پاڻ مان سنهيون شاخون ڪڍنديون آهن، جي ٽي-چار فوٽ يا وڌيڪ ڊگهيون ٿينديون آهن. انهن ۾ ٽي – چار انچ ڊگهيون ڦريون ٿينديون آهن. اُٺ ۽ ٻڪريون هن ٻُوٽي کي چاهه سان کائينديون آهن. کپ گهڻو ڪري ڪنهن ٻئي وڻ يعني ٻُوهه، کٻڙ، ڦوڳ، ٻير يا مُرٽ سان گڏ اُڀرندو آهي، بعضي علحيده به اُڀري.

گهڻا کپ وڍي، سَٿو ڪري، بار جو ڏَپَ ڏيئي، سڪڻ بعد چونرن، ڪُڙهن ۽ ڇَنن جي مٿان ڇاڄو ڏيندا آهن. چونئرن لاءِ ڪپ جو ڇاپو بلڪل سٺو آهي، ڇو جو برسات جي ڪري پاڻي مٿان وهي ويندو ۽ چونرو چوئندو ڪونه يعني پاڻي اندر ٽِمي ڪونه ايندو. آلو ڪپ وڍي ان جون نوڙيون وٽيندا آهن جن ڪکاين جاين ۾ ڪايا، کونٽا، ۽ مَلَ ٻڌڻ ۽ ڇتين تي گاهه وجهڻ بعد مٿان وراڪا ڏيڻ لاءِ ڪم اينديون آهن، انڪري گاهه قابو پيو هوندو آهي نه ته جيڪر هوا جي ڪري اُڏامي وڃي. آلو کپ نه ملي ته سُڪل کي پُسائي ان جون به نوڙيون وٽيندا آهن. نوڙيون آليون توڙي سڪل ڪم آڻبيون آهن. سُڪل نوڙين کي پُسائي، واريءَ ۾ ٿورو پوري، مٿان پاڻيءَ سان آلو ڪري ڇڏبو ته اڌ ڪلاڪ بعد نرم ٿي پونديون، پوءِ ڪم آڻبيون آهن. ٿر جا ماڻهو وسڪاري جو يا جڏهين وجهه لڳين تڏهين نوڙيون وٽيندا گڏ ڪندا ويندا آهن. جي ضرورت وقت ڪم آڻين.

غريب ماڻهو کِپ جون سنهيون نوڙيون وٽي ان سان کٽولا واڻيندا آهن، جي ڪافي وقت جٽاءُ ڪنديون آهن. ان ڪري پئسي جي خرچ جو به بچاءُ آهي. کپ جو هڪ ٻيو قسم ٿيندو آهي، جنهن جون تندون ٿلهيون ٿينديون آهن ۽ انهن ۾ کير ٿيندو آهي، جنهنڪري اُن کي ”کِيرَ کِپَ“ چوندا آهن. هي وقتي ڪن بيمارين ۾ به ڪم ايندو آهي ۽ اهو بلڪل ٿورو، ڪٿي ڪٿي ٿيندو آهي، عام نه آهي.

*سِڻَ: هي ٻوٽو ڀٽن تي ڪونه ٿئي، پر هيٺاهينءَ زمين ۽ ڏهرن جي ڏاڍي زمين ۾ جام ٿئي، سڄي ٿر ۾ عام آهي. هن کي يڪو تڙ هوندو آهي پر سڄو زمين سان لاڳو ۽ اندر ٿيندو آهي. ٻاهر سنهيون سنهيون شاخون ٿي گول دائري ۾ جهڳٽي وانگر ٿي بيهندو آهي. ڇڪڻ سان بعضي پاڙ سميت پَٽجي ايندو آهي. جيستائين ڪچو هوندو آهي تيستائين اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائين، ٻڪري کير وڌائي ٻيڻو ڪندي آهي. هن ۾ ننڍا اڇا ۽ پيلا گُلڙا ٿيندا آهن، ٻيو ڪو خاص ڪمائتو ڦل ڪونه ٿئي. سڻ وڍي ڪجهه ويرا ڪري هڪٻئي مٿان سَٿي ڍنگهرن ۽ ڪاٺين جو ڏَپَ ڏيئي ڇڏبو آهي. پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ سڪڻ بعد ماڻهو چونرن، لانڍين ۽ ڇنن جي ڇتين تي ڇاڄو ڏين ۽ پوءِ ان مٿان وري مُرٽون يا کپ ڏيئي نوڙين سان قابو ڪري ڇڏين. ڇاڄي ڏيڻ وارا اهڙا ڪاريگر آهن، جو جاءِ جي اندران سِڻن جو ڪوبه گوڍ يعني تڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو.

ساوا سڻ وڍي اُن مان نوڙيون وٽين، جي جاين لاءِ ڇاڄي جي مٿان ٻڌڻ جي ڪم اچن. سُڪل سڻ پسائي اُن مان به نوڙيون وٽين. وسڪاري جو يا جڏهين وجهه لڳي، تڏهين نوڙيون وٽي گول ويڙهي سُٿي ٺاهي گڏ ڪندا ويندا آهن. ضرورت وقت پاڻيءَ ۾ پسائين ته گهمجيو نرم ٿيو پون، جي پوءِ ڪم آڻين. نوڙين مان ڇِڪا ٺاهي گهرن جي ڇتين ۾ ٽنگي ڇڏين، جن ۾ کير، مکڻ، اتو، مانيون يا ٻيون شيون رکن ته ماڪوڙين، ٻلين ۽ جيتن کانبچيل رهن. نوڙين جا گول سُٿيا ٺاهي رکن، جي مَٽن، دلن ۽ ڪُنن جي هيٺ ڪم اچن. انهن تي رکيل ٿانءُ ڦٻي بيهندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن اُلڙهه ڪندو ڪونه.

جهنگ ۾ بيٺل سِڻ نيٺ سُڪي ڪار اٿي ويندا آهن، جي ڍڳيون ڪونه کائينديون آهن، پر ڏڪار وقت گاهه جي نه هئڻ ڪري کائينديون آهن. پوءِ جڏهن برسات پوندي آهي ۽ پَلر پاڻي ٿيندو آهي جو ڍڳيون پيئنديون آهن ته بعضي ڪي مريو وڃن، چوندا آهن ته ”هن کي سِڻ لڳا آهن.“

غريب ماڻهو سڪل سِڻ آڻي گهر ۾ رکندا آهن. باهه ٻارڻ وقت زالون ٿورو مُچو ڪري تيليءَ سان يا منجهس ٽانڊو وجهي ڦُوڪ ڏيئي باهه ٻارينديون آهن.

* پَٽِ ڪُنوار: هن ٻوٽي کي سنڌيءَ ۾ ايريال ۽ ’ڪنوار ٻوٽي‘ چون. هي ڏيپلي تعلقي ۾ سامروٽيءَ ۾بلڪل گهڻي ۽ عام ٿيندي آهي. ڀٽون، مٿاريون ۽ مَڙها سڀ پٽ ڪنوار سان ڀريا پيا هوندا آهن ۽ ميلن جا ميل يڪي فصل وانگر نظر ايندي آهي، ڄڻ ته ڪنهن پوک ڪئي آهي. جڏهن هن جون شاخون ڦٽي ڳاڙها گل ڪڍنديون آهن، تڏهن اهو نظارو ڏسڻ سان اکين کي فرحت ۽ دل کي آرام پيو ايندو آهي.

هيءُ بلڪل ڪمائتو ٻوٽو آهي تنهنڪري باقي ٿر ۾ ماڻهو هاسيڪار پنهنجن گهرن ۾ پوکيندا آهن. اُن جو پن ڏانڊيءَ سميت پٽي زمين ۾ پوري پاڻي ڏبو ته اُڀري پوندو ۽ پوءِ ازخود وڌندو ويندو. اُن جا پن ٿلها، ڊگها ڦرها ٿين جن جي اندر ڳردار رس ٿيندي آهي. سوڄ يا ڦٽ ٿئي يا ڪٿي سور ٿئي ته اُن جو پن چيري هيڊ جو سفوف ٻُرڪي، مٿان ٻڌجي ته فائدو ٿي پوندو. اُن جا پن ۽ رسَ ڪيترين ئي بيمارين ۾ فائديمند ۽ دوائن ٺاهڻ جي ڪم ايندا آهن. پنن جو مُربو به ٺاهبو آهي جو لائڻ ۾ لذيذ ٿيندو آهي.

*مُرِٽ: هي ٻوٽو هي ٻوٽو ڀٽن ۽ ننڍن دڙن تي ڪنئريءَ زمين ۾ اُڀري، ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اڀري. اُن جا گهاٽا ٿُٻَ هوندا آهن، جي اونهاري جو اڌ سُڪا بيٺا هوندا آهن، پر برسات پوڻ سان انهن مان تيليون تيليون نڪرنديون اينديون تان جو گهاتو مُچو ٿي پوندو آهي. تيلي بانس جي لٺ وانگر سَنڌن واري هوندي آهي. هر هڪ سَنڌ وٽان پردي سان سنهو ڊگهو پڻ ٿيندو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو تيليءَ کي ويڙهيل ۽ باقي جدا ٿيندو آهي. هي ٻوٽو اڇو، ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سنهو اَن ٿئي، جو غريب ماڻهو ڏڪار وقت کائيندا آهن. هي ٻوٽو جيستائين سائو هوندو آهي تيستائين ڍڳيون ۽ مينهون لائين، اُن ڪونه لائي. جڏهن ٻيو گاهه ختم ٿي وڃي، تڏهين ۽ ڏڪار جي وقت سڪڻ بعد به ڍڳيون ۽ مينهون کائين.

مُرٽ بلڪل ڪمائتو ٻوٽو آهي. ٿري ماڻهو اُن کي ڪُهاڙي يا ڏاٽي سان ڪپي ڀاڪرون ڀري هڪ هنڌ سَٿي هڻي مٿان ڳري ڪاٺ ۽ ڍنگهرن جو بار وجهي ڇڏين. هفتي بعد ڪڍي کڻي اچن ۽ لانڍين ۽ چونرن تي پهريائين سِڻن جو تهه ڏيئي، مٿان مُرتن جو ڇاڄو ڏيئي، نورين جا ڏوريا تاڻي قابو ڪري ڇڏين. ڪهڙي به برسات پيئي پوي،. بعضي پڪيون جايون ڊهيو پون، پر هن جي ڇاڄي مان پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به اندر ڪونه اچي. ننڍن ڇنن تي به ڇاڄو ڏين مُرٽن کي سنهو ڪتُري مٽيءَ سان گڏي ڳوهي جاين تي راڳو (لنب) ڏين، انهيءَ ڪري راڳو ڦٽي ڪونه ۽ برسات ۾ به جٽاءُ ڪري. ڪن ڪن مُرتن ۾ پِپُون ۽ ڪونڊير به ٿيندا آهن.

ڪيترا غريب ماڻهو مُرٽون وڍي ڀريون ڪري يا اُٺن تي لَڏا ڪري اچي شهرن ۾ وڪڻن، جن مان پنهنجن ٻچن جو گذران ڪن. هي گهٽ خرچ ۽ ڪمائتو ٻوٽو آهي.

*گهامُون: هي ٻوٽو ڪِرڙن، ڄارين، ڦوڳن، ڪونڀٽن، مُرٽن، موراڙين، ٻنين جي لوڙهن، ڍنگهرن وغيره جي اوٽ يا وچ ۾ اُڀرندو آهي، ان کي گَنڀَلَ به چون. هي تمام تڪڙو وڌندو آهي. هن جون تيليون ڪانهن وانگر ڳُرين سان ٿينديون آهن، پر ڪنهن کان سنهيون آهن. هرهڪ ڳُريءَ وٽان پن ٿيندو آهي جنهن جو ڪجهه حصو تيليءَ تي ويڙهيل هوندو آهي، باقي جدا ٿيندو آهي، جو ڪجهه ويڪرو ۽ ڊگهو ٿيندو آهي. هن جون تيليون ڊگهيون ستن – اٺن فوٽن تائين ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ سنگ ٿيندو آهي، جنهن جون جدا جدا سنهيون ڦاڪون ٿينديون آهن، جن ۾ ننڍيون ننڍيون مکڙيون جهڳٽن وانگر نظر اينديون آهن.

گهامُون جڏهين ڪچو هوندو آهي تڏهين رون، ٻڪريون، اُٺ، ڍڳيون، گڏهه ۽ مينهون کائيندا آهن. پچڻ بعد جانور ڪونه کائين. ماڻهو گهاما وڍي سڪائي ڇَنن، چؤنرن ۽ لانڍين تي سڻن جي مٿان، مُرٽن سان گڏي ڇاڄو ڏين. وسڪاري جو ڪَرِيءَ ۾ گهامن جا تهه ڏيئي سنگ وجهيو رکن.

*اِڪَڙ: هي ٻوٽو سخت زمين ۾، جتي پاڻيءَ جي مار گهڻي هوندي آهي، اتي اُڀرندو آهي. لس ئي لس وڌندو ويندو آهي، ست-اٺ فوٽ ڊگهو ٿئي. ان جي ڇوڏن ۾ تاندورا ٿين. ماڻهو اهي تاندورا ڪڍي گڏ ڪن، ان کي اڪوارو چون، جنهن مان رَسا، ولوڙن جا نيترا ۽ کٽن جي واڻ ٺاهين. هي مضبوط ٻوٽو آهي ۽ پارڪر ۾ گهڻو ٿئي ٿو.

*لاڻا ۽ لاڻيُون: هي ٻوٽو کاري ۽ ڪلراٺي زمين ۾ ٿيندو آهي، پر ٿر ۾ اهڙي زمين بلڪل گهٽ آهي. جيئن ته مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي ۾ جتي لوڻ جا سَن ۽ ڍنڍون آهن، انهن جي آسپاس واري زمين کاري ۽ ڪلراٺي آهي، اتي هي ٻوٽا ٿين ۽ ٻين وري پارڪر ۾ ڪڇ جي رڻ سان لاڳيتي ڪلراٺي زمين ۾ اهي اُڀرن. اُٺن ۽ ٻڪرين جي لاءِ عمدو کاڌو آهي. مٿين هنڌن کان سواءِ ٻئي ٿر ۾ ڪٿي به ڪونه ٿئي.

ننڍا ٻوٽا

هي ٻوٽا برسات پوڻ وقت اڀرندا آهن. اُنهن جي ڊيگهه فوٽ- ڏيڍ مس هوندي آهي. اُٺ، ٻڪريون، رڍون، ڇيلا کائيندا آهن. ڍڳيون ۽ مينهون به ڪي ٻوٽا کائينديون آهن. سياري جو سڪيو وڃن. انهن مان ڪن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو.

*ڀَنگيري: هي ٻوٽو عجيب قسم جو آهي. هن جي ڏانڊين جي وچ۾ پن ۽ انهن سان گڏ هڪ قسم جو ٻاجهريءَ جي سنگ وانگر ٻه-اڍائي انچ ڦل ٿيندو آهي. اهو ڦل، سيتاڦل جي نموني نظر ايندو آهي. ان ۾ داڻا داڻا ٿيندا آهن. پر هرهڪ داڻو پردن اندر لڪل هوندو آهي ۽ اهي سنگ ۾ چوڌاري ڳتيل هوندا آهن. هرهڪ داڻي جي پردي جي چوٽي سنهي نوڪدار ٿيندي آهي، جا ڪنڊي وانگر هوندي آهي. هي فوٽ کن ڊگهو ٿئي. سائي ڀنگري اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون کائينديون آهن. سڪڻ بعد مال ڪونه کائي.

*جهرڪِلِي کيت: هي ٻوٽو نرم زمين ۾ گهڻو، ۽ سخت زمين ۾ ٿورو اڀرندو آهي. هي زمين تي پکڙندو آهي. ڏانڊيءَ جو رنگ هيڊو ۽ پن سائي رنگ جا سنها، لوڻڪ جي پنن جهڙا، پر البت لاٺيرا ٿيندا آهن. هن ۾ ڦل گول گول سنها داڻا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن کي ”چڙيال“ به چوندا آهن.

*گيرول: هي ٻوٽو ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀرندو آهي. زمين تي پکڙيو پيو هوندو آهي. ان جا پن سنها ننڍا ٿيندا آهن. ان جي ڏانڊيءَ کي ڀڃبو ته منجهانئس اَڪَ ۽ ٿوهر وانگر کير نڪرندو، جو اهڙو کارو نه هوندو آهي، جنهنڪري ٿري ماڻهو هن کي ڏُڌيلِي (ڏُڌ وارو ٻوٽو) به چون. رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ جام کائيندا آهن.

*اُبَتَ ڪَنڊِڙي: هي ٻوٽو ڏهرن جي سخت زمين ۾ ٿيندو آهي اٽڪل ٻه فوٽ کن ڊگهو ٿئي. رنگ جو گهاٽو سائو ڏسبو آهي. ان جون ٽاريون ڏانڊيءَ مان نڪرنديون آهن. هر هڪ ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾ ٽي انچ کن سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڀُرٽ وانگر ٻج بند ٿيل هوندو آهي. هرهڪ ٻج جي مٿان سنها ڪنڊا ٿيندا آهن، جي سنگ تي اُبتا لڳل هوندا آهن جنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. هن کي رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن.

* ويِسُونِي: هي ڀٽن جي نرم زمين ۽ ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀري. ڪٿي ڪٿي ڏهرن ۾ جام اُڀرندي آهي. هي ٻوٽو ڏيڍ ٻوٽو ڏيڍ فوٽ کن ڊگهو ٿئي. ان جا پن سون مَڪئيءَ کان ڪجهه ننڍيرا ٿين. ڏانڊيءَ ۾ ٻنهي پاسن کان پنن جون قطارون هونديون آهن. منجهس عمدا ڳاڙهي رنگ جا گل ٿيندا آهن. ڪچي هوندي آهي، تڏهن فقط رڍون ٻڪريون کائين. اُٺ ڪو نه کائي، جي کائي ته چون ٿا ته انڌو ٿي پوي. پَڪِي ٿيڻ بعد اُن ۾ سائي رنگ جون چپڙيون، ڪامن وانگر وريل ڦريون ٿين، جن ۾ ٻج هوندو آهي. ان مهل اُٺ ۽ ڍڳيون به کائينديون آهن.

* کُرسَڻ: هيءُ ٻوٽو اڌ فوٽ کن ڊگهو، ڀٽن ۽ دڙن جي پاساڙن تي ٿئي. اُن جون ڏانڊيون گهاٽيون ۽ ڳاڙهسري رنگ جون ٿين. هن کي اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن. گرميءَ جي بيماريءَ جي حالت ۾ گهوٽي پيارڻ سان فائدو ڪندو آهي.

* جوڳِيڙو: هيءُ ٻوٽو ڄارين، ڦوڳن، ڪانڪهه، ٻائورين جي وڻن جي واٽ ۾ اڀرندو آهي. هن جو ٻج ڪو نه ٿئي پر کُنڀين وانگر اُڀري، سيتاڦل وانگر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اُن جو رنگ پيلو ڳاڙهسرو ٿئي ۽ گل پيلا ٿين. هي گهڻو ڪري علحده اُڀرندو آهي يا ڪٿي هڪ کان وڌيڪ به ٿيندا آهن. اُن کي ٻڪريءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به جانور ڪو نه کائي. ماڻهو دوائن طور ڪم آڻيندا آهن.

* جُوٺِي: هيءُ ٻوٽو ڀٽن جي لاهن تي اڀرندو آهي. هيٺ ٻُٿ وانگر گهاٽو جهڳٽو پنن ۽ تيلين سان گڏيل ٿيندو آهي. وچ مان ٻه – چار تيليون وڌي فوٽ – ڏيڍ جيڏيون ڊگهيون ٿينديون آهن. جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا ۽ سنها سنگ ٿيندا آهن. هن ٻوٽي کي ڪي ”ڌنار کٿوري“ ۽ ڪي ”مارئيءَ جو پٿر“ ۽ ڪي ”سسئيءَ جو پٿر“ چوندا آهن، پر ٿر ۾ عام طرح ”جوٺي“ نالي سان مشهور آهي. هي خوشبودار ٻوٽو آهي. ماڻهو پٽي کڻي ايندا آهن. ڀاڳياڻيون کير ڪوسي ڪرڻ ۽ ولوڙڻ جا ڪُنا اُن سان صفا ڪنديون آهن. ڪُننن ۾ پاڻي وجهي منجهس جوٺي وجهي باهه تي چاڙهي ڇڏينديون آهن. ڪوسي ٿيڻ تي لاهي اندر جُوٺي سان چڱيءَ طرح ڌوئي ڇڏينديون آهن. اهڙيءَ طرح پاڻي ڪوسو ڪري ڌوکئڻ کي ”اُڪِراسڻ“ چئبو آهي. هي ٻوٽو ٿانون کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو آهي، ڄڻ ته برش جو ڪم ڏيندو آهي. خوشبودار پڻ آهي، جنهنڪري ٿانون ۾ سُرهاڻ به ٿيندي آهي. ڌوئڻ بعد وري رکي ڇڏين ۽ وري وري پيون ڪم آڻين. ٿر جون ٿريليون اڪثر ڌنارن کي چونديون آهن ته اسان کي جوٺيون آڻي ڏج، تو کي مکڻ ڏينديونسين، ڇو ته ڌنار مال جي سانگي روزانو جهنگ ڏي ويندا آهن.

* ڪُنٽِي: هيءُ ٻوٽو نرم زمين تي ٿورو ۽ ڏاڍي پوٺي واري زمين تي گهڻو ٿيندو آهي. اُن جا پن ننڍا ٿيندا آهن ۽ تَسروُن ڪري زمين تي پکڙندو ويندو آهي. منجهس پيلي رنگ جا ننڍا وڻندڙ گل ٿيندا آهن، جن ۾ پوءِ ڦل ٿيندو آهي، جو ننڍي گول ٻاٽِلي وانگر هوندو آهي ۽ منجهس مضبوط ۽ تکا ننڍا ڪنڊا ٿيندا آهن. سڪڻ بعد ٻوٽو ڀُري ويندو آهي پر ڪنڊا زمين تي پکڙيا پيا هوندا آهن. ماڻهو اُڀِراڻو (جُتيءَ کانسواءِ) هليو ته پيرن ۾ لڳندا آهن. هي ٻوٽو اُٺ جي خاص خوراڪ آهي. رڍون، ٻڪريون، ڇيلا ۽ گانيون به کائينديون آهن. ماڻهو پٽي ڀريون ڪري شام جو اُٺن جي چاري لاءِ گهر کڻي ايندا آهن ۽ مال کي دُونِهي ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم آڻيندا آهن.

* ساٽوڙو: هيءُ ٿر جو عام ٻوٽو آهي، جو جتي ڪٿي ٿيندو آهي، خاص ڪري ڀاڻ وارن هنڌن تي جام ٿيندو آهي. جيئن ڳوٺن جي آسپاس جتي ڪجهه زمين ڏاڍيري ۽ وٿاڻ هوندا آهن، اتي جام اڀرندو آهي. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙي جا پن ڪجهه وڏيرا ۽ مٿان سائي رنگ جا ۽ هيٺان اڇا، ٻئي جا پن ڪجهه ننڍيرا ۽ هيٺان ڳاڙهيري رنگ جا.

هيءُ ٻوٽو تسرون ڪري زمين تي پکڙندو ويندو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، مينهون ۽ اُٺ وغيره کائيندا آهن. سُڪڻ بعد ڀُري ويندو آهي، پر هن جي پاڙ آڱر جهڙي ٿلهيري، زمين اندر سائي رهندي آهي. ٻوٽي کي ڇڪبو ته پاڙ سميت نڪري ايندو. وسڪاري جو ماڻهو پٽي ڀريون ٻڌي کڻي وڃي مال کي ڏيندا آهن. سڪڻ بعد به ڪيترا ماڻهو ڪوڏر سان کوٽي اُن جون پاڙون ڪڍي گڏ ڪري مال کي کارائيندا آهن. وسڪاري جو صبح توڙي شام پٽي مال لاءِ دونهي ڪرڻ جي ڪم آڻيندا آهن.

* هَرڻ چَپڙي: هي ٻوٽو ٿورو مٿاهين، وائکي ۽ نرم زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جي ڊيگهه ڏيڍ فوٽ کن ٿئي. اُن جا پن سنها ٻُوهه جهڙا ۽ رنگ جا ساوا ٿين. اُن جا گل نيراڻ تي مائل اڇيرا ٿيندا آهن. ان جون ڦريون اڌ گول وانگر چِپِٿريون ڪونڀٽ جي چَپڙن سان مشابهت رکندڙ ٿينديون آهن، جن جي اندر جدا جدا داڻا ٿيندا آهن. هي ٻوٽو اُٺ ۽ ٻڪري جام کائيندا آهن. هي ٻوٽو هرڻ جو خاص کاڌو آهي، جنهنڪري مٿس اهو نبالو پيو آهي. ڍڳيون، مينهون ۽ گڏهه به کائيندا آهن.

* جانوليو: هي ٻوٽو سنئين ڪنئري زمين ۾ فوٽ کن ڊگهو، ڏاني سنهي، مٿي ٽاريون ڪري جهڳٽو ڪندو آهي. اُن جا پن سنها، ننڍا، ڪنڊي جي پنن جهڙا، گل اڇا ۽ ٿورو پيلاڻ تي مائل، جن ۾ ڦريون ٿينديون آهن، اندر داڻا ٿين. هي ٻوٽو اُٺ جو خاص کاڌو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون ۽ گڏهه به چاهه سان کائيندا آهن.

* هاڏو اُکِراڙ: هي ٻوٽو سنئين، پر ڪجهه نرم زمين ۾ فوٽ کن ڊگهو ٿئي. اُن جا پن ڊگهيرا ۽ چهنبدار ٿين. منجهنس ڏيڍ انچ کن ڦريون. ٿينديون آهن. جي چهنبدار هونديون آهن، جن اندر ننڍا ڪارا داڻا ٿيندا آهن. وسڪاري جو اُڀري. ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. ڪانءُ پکي هن جون ڦريون ڀَڃي داڻا ڪڍي کائيندو آهي، جنهنڪري مٿس ”هاڏي جي اُکراڙ“ نالو پيو آهي. ٿري ماڻهو ڪانءُ کي ”هاڏو“ چوندا آهن.

* سَنِهاڙي: هي ٻوٽو ساٽوڙي جهڙو، پر تندون سنهيون ۽ ڊگهيون، پن ننڍڙا گول، ڏاڍيري ميدان زمين تي پکڙندو ويندو آهي. اُٺ، ٻڪريون، رڍون ۽ ڍڳيون کائينديون آهن.

* سونيل: هي ٻوٽو فوٽ سوا کن ڊگهو ڏاڍيري زمين ۾ ٿئي. پاڙ کان ٿورو مٿڀرو سنهيون ٽاريون ڪري جهڳٽي وانگر بيهندو آهي، جو پري کان ڏاڍو سهڻو دل کي وڻندڙ پيو لڳندو آهي، منجهس پليا گل ٿيندا آهن، جن ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري ماڻهو خاص ڪري ڌنار ۽ هاري پٽي سِنگهندا آهن. اُٺ، رڍيون، ٻڪريون ۽ ڇيلا کائيندا آهن.

* ٻائِيءَ جا ٻاٽيا: هي ٻوٽو ٻه اڍائي فوٽ ڊگهو، ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ سنئين ميداني زمين ۾ ٿيندو آهي. ان جا پن گول پر ٿورا چهنبدار، ڏانڊي سنئين ۽ نرم، گل پيلي رنگ جا، جن ۾ ڦل ٿيندا آهن، جي گول ٻاٽلي وانگر هوندا آهن. اُٺ، ٻڪريون، رڍون، ڇيلا، ڍڳيون ۽ گڏهه کائيندا آهن.

* لام لُوڻي: هي ٻوٽي سخت زمين ۾ اُڀري زمين تي پکڙندو ويندو آهي.اُن جي ڏانڊي ڳاڙهيري رنگ جي ٿئي. پن ننڍا ٿين، منجهس پيلا ننڍا گل ٿين. پن ذائي ۾ چهرا ٿين، تنهنڪري ننڍا ٻار پٽي کائيندا آهن، اُٺ، رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا به کائين.

* رينگِڻي: هن کي آڏيري به چئبو آهي. هي ٻوٽو فوٽ کن ڊگهو سخت ميداني زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جا پن ننڍا، چهنبدار ۽ ڦاڪن سان، مٿس ننڍڙا نرم ڪنڊا ٿيندا آهن. ڦل پهريائين سائو، پچڻ بعد وڏي ٻير جيڏو پيلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪارا ننڍا داڻا ٿيندا آهن. گهوڙن جي سرگيل بيماريءَ لاءِ فائديمند آهي. ماڻهو ڏاٺ ۽ ڪن جي سور لاءِ ٻج گهوٽي سنهو ٻورو ٽانڊي تي ڀُرڪائي دونهون ڏيندا آهن ته اندران جي لَٽون هونديون آهن، سي ٻاهر ڪِري پونديون آهن ۽ سور ختم ٿي ويندو آهي. هن کي ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن.

* مُنڍيري: هي ٻوٽو سخت پوٺن واري زمين ۾ ٿيندو آهي. پاڙ مان ڏانڊيون ڏاڍيون هونديون آهن. هن ۾ ننڍيون ڦريون ٿينديون آهن، جي سڪڻ بعد سخت ٿينديون آهن. سائي ٻوٽي کي ٻڪريون، رڍون ۽ ڇيلا کائيندا آهن. هي ڪيترين دوائن ۾ به ڪم ايندو آهي.

سهائي پونم جي رات جو چئين بجي صبح جو پَٽي گهوٽي سنگهه مصري وجهي ڇاڻي پيئجي ته گرميءَ جي اثر کي گهٽائي ٿي. احتلام لاءِ فائدي واري آهي. مُنڍيري گهوٽڻ ۾ بلڪل چيڙهالي آهي، جنهنڪري پڙي مان ڇاڻڻ ڏکيو آهي. ڇِڊي اوني ڪپڙي ۾ گهوٽيل رس وجهي هٿ سان زور ڏيئي نپوڙي ڇاڻبي آهي. هي فقط وسڪاري جو ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو مُنڍيري پٽي ڇانو ۾ سڪائي رکي ڇڏيندا آهن، جا ضرورت وقت ڪم آڻين. هونئن ته مُنڍيري هر طرح فائدي واري آهي پر پونم جي رات جو مٿس چنڊ جا ڪِرڻا پوندا آهن، تنهنڪري انهيءَ رات واري صبح جو چئين بجي پَٽيل وڌيڪ اثر ڏيکاريندي آهي!

* بوبريو: هي ٻوٽو ڏاڍيري زمين ۾ گهڻو، ڪنئري زمين ۾ ٿورو ٿئي. هي ٻوٽا ڇڊا ڇڊا ٿيندا آهن. اٽڪل منو فوٽ کن ڊگهو ٿئي. پاڙ وٽان پنج – ست شاخون ڪڍندو آهي، جن جي ڇيڙي ۾ جهيرڻي وانگر ڦاڪدار ٿيندو آهي، انهن ۾ پيلي رنگ جا سنها داڻا ٿيندا آهن. ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون، گڏهه ۽ اُٺ کائيندا آهن.

* مَلير ميندي: هي ٻوٽو ڏهرن جي سنئين ۽ سخت زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جي ڏانڊي سنهي ۽ پن سنها تکا ۽ ڊگهيرا ٿيندا آهن. اڇا گل ڪندو آهي، جن ۾ ٻاجهريءَ جي داڻي جيڏو ڦل ٿيندو آهي مثانه ۽ گرميءَ جي بيماريءَ جي حالت ۾ گهوٽي پيارڻ سان فائدو ٿيندو آهي. پُسائي رکڻ سان پاڻي مينديءَ جي رنگ جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو آهي، تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو آهي. ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن.

* سِراڌيا: هي ٻوٽو ڏاڍيري زمين ۾ منو انچ کن ڊگهو ٿيندو آهي. ڏانڊي ۽ ٽارين ۾ انچ ڏيڍ جي وِٿي تي گول ٽنؤر ٿيندو آهي، جو نرم ٻُرٻُر وارو هوندو آهي. ٽارين جي چوڌاري پکڙجي بيهندو آهي. هر هڪ ٽنؤر وٽان پن نڪرندا آهن، جي ننڍا سنها ۽ چهنبدار ٿيندا آهن. هندو ماڻهو پنهنجن مري ويل مائٽن جا شراڌ (آتما کي ثواب پهچائڻ لاءِ خيرات جي ماني) ڪرڻ وقت هي ٻوٽو پٽي پوڄا جي ڪم آڻيندا آهن، تنهنڪري مٿس اهو نالو پيو آهي. اُن کي اُٺ رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلڙا کائيندا آهن.

انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا ننڍا ٻوٽا ٿيندا آهن.

ڀاڄي وارا جهنگلي ٻوٽا

ڪي ٻوٽا اهڙا آهن، جي مال ته کائيندو آهي، پر ٿري ماڻهو اُنهن جي لذيذ ۽ وڻندڙ ڀاڄي به ڪندا آهن. اهي ٻوٽا فقط وسڪاري وقت اڀرندا آهن. پوءِ سُڪيو ڀَڄيو ڀُريو ختم ٿي وڃن، جيئن ته

* مَريِڙو: هي ٻوٽو ڏاڍي زمين ۾ اهڙو سٺو ڪونه ٿئي، پر ڪنئري وارياسي زمين، ڪرڙن، ڄارين، ڦوڳن ۽ ٻيرڙين وغيره وڻن جي اندر ڀرپاسي اوٽ ۽ ڀاڻ وارن هنڌن ۾ گهڻو ۽ سٺو ٿيندو آهي. هن جا پن گلاب جي گل جهڙا، پر ڪجهه لاٺيرا ۽ بنا ڏندن جي لسي ڪِنار سان چوٽي وارا ٿيندا آهن. ڊيگهه ۾ فوٽ کن ٿيندو آهي. ڏانڊي ۽ ٽاريون ڳاڙهيري رنگ جون ٿينديون آهن. پچڻ تي ننڍن ننڍن داڻن جا جهڳٽا ٿيندا آهن. جن ۾ ڪاي رنگ جو ٻج هوندو آهي.

مَريِڙي جي ماڻهو ڀاڄي رڌي کائيندا آهن، جا بلڪل مزيدار ٿيندي آهي. سائو مريڙو پٽي ڇانو ۾ سڪائي رکيو آهي، جو سياري اونهاري ڀاڄي جي ڪم ايندو آهي. اٺ، رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا کائيندا آهن.

* لُلَر: هي ٻوٽو سخت زمين ۾ ٿيندو آهي. هن جا پن مريڙي جي پنن کان وڏا ۽ ويڪرا ٿيندا آهن. فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. ڏانڊي اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. برسات پوڻ سان ازخود اڀري پوندو آهي:

وليون وڻ ڦلاريا، لُلر نڱو لس.

ٿري ماڻهو هن جي ڀاڄي رڌي کائيندا آهن. اُٺ، ٻڪريون، ڇيلا، رڍون، گانيون ۽ گڏهه به کائيندا آهن.

* ٻَگِرو: هي سڀ ڪنهن هنڌ ٿئي پر نرم زمين ۾ ڀلو ٿئي. هي ٻوٽو فوٽ ڏيڍ کن ڊگهو ۽ پکڙيل ٿيندو آهي. مريڙي ۽ لُلر کان گهڻو پکڙيل هوندو آهي. پن ۾ پنج ڦاڪون ٿينديون اٿس. ڏانڊي اڇي رنگ جي ۽ ڦيڦي ٿئي. منجهس اڇي رنگ جا وڻندڙ گل ٿين جن مان سائي رنگ جون ڦريون ڦٽيو نڪرن. پچڻ تي ڦرين جو رنگ ناسي ٿئي ۽ منجهن ڪاري رنگ جو ٻچ داڻا داڻا هوندو آهي. ڪچي ٻگري جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ مارُو ماڻهو پاڻيءَ ۾ اوٻاري نپوڙي لوڻ مرچ وجهي ڌُپِڪاري کائين. هن ٻوٽي کي اُٺ گهڻي چاهه سان کائيندا آهن. رڍون، ٻڪريون، گڏهه ۽ ڍڳيون به کائينديون آهن.

* پِپُون: برسات پوڻ بعد هفتي کن تي پِپُون جام ٿين. اهي مُرٽن، موراڙين، ڦوڳن، ڄارين، ٻيرڙين ۽ ڪرڙن ۾ ٿينديون آهن. اهي سائي رنگ جون ڦرين وانگر ٿينديون آهن. رواجي طرح فوٽ کن، پر ڄارين ۾ ڏيڍ – ٻه فوٽ ڊگهيون به ٿين. پچڻ بعد چوٽيءَ تي گل ڪڍن، جن ۾ ٻچ ٿيندو آهي. سياري اونهاري مٿان سُڪيو وڃن ۽ پاڙ وارو ڀاڱو زمين ۾ پيو هوندو آهي، جن کي ”سيٽ“ چئبو آهي. برسات پوڻ تي اهي سيٽ ساوا ٿيو پون. هن کي پاڙ کان پٽي ٻئي هنڌ آلي زمين ۾ لڳائبو ته اتي به اُڀري اينديون:

ٿاجا ٿر بر جهل، پِپُون پائر وَٽَ ۾.

ٿر جو ننڍو وڏو پِپُون شوق سان کائيندو آهي. صبح جو ٻارهين وڳي تائين کائڻ ۾ کَٽِيون هونديون آهن، جنهنڪري ڪي ماڻهو سنهو ڪُٽيل لوڻ لائي کائيندا آهن. هنن جي ڀاڄي کٽمٺڙي ۽ لذيذ ٿيندي آهي، يعني اهي ڏاڙهون ۽ انبچور جو ڪم ڏينديون آهن. ٿري ٻار جهٽ ۾ جهنگل مان جهول ڀري ايندا آهن، جي پاڻ به کائين ۽ شهرن ۾ وڪرو به ڪندا آهن. وساري جو ٿر ۾ بلائون ٿينديون آهن، تنهنڪري پپن چونڊڻ وقت انهن کان خيال ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته اڪثر وڻن ۽ مُرٽن ۾ بلائون هونديون آهن، تنهنڪري مُرٽن ۽ ٻين وڻن کي چڱيءَ طرح جاچي، لٺ يا ڪاٺيءَ سان ٺڙڪائي، پوءِ پپون چونڊبيون آهن.

* ماما مُوري: هي ٻوٽو ڏاڍي پوٺي واري زمين تي اڀرندو آهي. اُن جي ڏانڊي ۽ پن ڳردار ٿيندا آهن. کائڻ ۾ ڪجهه لوڻياٺي ذائقي وارو ۽ لذيذ هوندو آهي جو لوڻڪ سان مشابهت رکي ٿو. ننڍا ٻار ڪچو پٽي کائيندا آهن. ٿري ماڻهو هن جي ڀاڄي ڪندا آهن. رڍون، ٻڪريون، ڇيلا، ڍڳيون، گڏهه، گابا ۽ اُٺ کائيندا آهن.

* کُنڀيون: برسات پوڻ بعد ٽئين  - چوٿين ڏينهن کنڀيون ازخود اُڀريو پون. برسات بعد جي گرمي ٿي ته جام نڪرنديون آهن. مٿيون ڀاڱو بيضوي شل اتي اڇي رنگ جو هوندو آهي، اُڀرڻ بعد ٻن – ٽن ڏينهن تائين، ۽ پَٽڻ بعد ٻارهن ڪلاڪن تائين ڀاڄي جي ڪم اينديون آهن، پوءِ ڪاريون ٿي وينديون آهن. ٻار جهنگ مان چونڊي جهول ڀري ايندا آهن.

انهن جي ڀاڄي بلڪل وڻندڙ ۽ لذيذ ٿيندي آهي. ٻيا کُنڀا ٿيندا آهن، جن جو مٿيون ڀاڱو گول هوندو آهي، جو ڳڀ سان ڀريل هوندو آهي. انهن جي به ڀاڄي ڪبي آهي. پچڻ بعد اهو ڳڀ ناسي رنگ جو اٽو ٿي پوندو آهي، جنهن کي کُنڀن جو اٽو چئبو آهي. ٿري ماڻهو اهو اَٽو گڏ ڪري ڪنهن ڪُني ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن. ماڻهو يا وهٽ جو هَڏو ڀڄي پوي يا سخت ڌڪ لڳڻ ڪري سور هجي ته اهو اٽو مکڻ ۾ ملائي کارائبو آهي ته فائدو ٿي پوندو آهي.

گهرو ٻوٽا

ڪي ٻوٽا اهڙا آهن، جي عام طرح جهنگ ۾ نه ٿيندا آهن، پر ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پوکي انهن جي سنڀال ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته ساوا ٻوٽا گهر جي سونهن آهن. ڪن ۾ خوشبوءِ به هوندي آهي، ڪن جا پن ۽ ٻج ڪيترين بيمارين ۾ ڪم ايندا آهن، جيئن ته:

* تُلَسِي: هي نفيس، خوشبودار ۽ وڻندڙ ٻوٽو آهي، جنهنڪري ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا آهن. هڪ دفعو اڀرڻ بعد ٽن – چئن سالن تائين سائو بيٺو هوندو آهي. هندو ماڻهو ته اُن جي پوڄا ڪندا آهن. زالون صبح جو اُٿي پڻيءَ جو لوٽو ڀري هن جي پاڙ وٽ هارينديون آهن. اُن جو قد ٽي – چار فوٽ کن ٿيندو آهي ۽ چار انچ کي سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڇڊا ڇڊا ننڍا گل ٿيندا آهن، جي خوشبودار هوندا آهن، اُن جا پن مَروئي جي پنن وانگر، پر ڪجهه لاٺيرا ۽ چهچ ساوا نه هوندا آهن، پر هلڪي سائي رنگ جا ٿيندا آهن. پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻبا آهن. ڪيترا ماڻهو تُلسيءَ جا تازا نڪتل سنگ پٽي چانهه ۾ وجهندا آهن ته خوشبودار ۽ ذائقي وارا ٿيندا آهن. پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻبا آهن. ڪيترا ماڻهو تُلسيءَ جا تازا نڪتل سنگ پٽي چانهه ۾ وجهندا آهن ته خوشبودار ۽ ذائقي واري ٿيندي آهي. ٻيا به گهڻيئي طبعي فائدا آهن.

* هيرڻ: هي ٻوٽو ٿر ۾ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ کوهن تي پوکيندا آهن. اُن کي پاڻيءَ جي ججهي ضرورت ٿيندي آهي ۽ شروع ۾ سنڀال ڪرڻي پوندي آهي. هڪ دفعو اُڀريو ته ٽي سال هلندو آهي، ان بعد سُڪي ويندو آهي. اُن جا پن وڏا، پنجن چهنبن وارا ٿيندا آهن. بدن ۾ ڪٿي به سور هجي ته مٿان پن ٻَڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي. اُن جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڳاڙهيري رنگ جون ٿينديون آهن. اُن جي ڪاٺي پوچِي هئڻ ڪري ڪنهن به ڪم ڪو نه اچي. اُن جي ٽارين ۾ ڳاڙها گلن جا جهڳٽا ٿين، جن ۾ ڏينا ٿين، جن جي اندر داڻا هوندا آهن. پچڻ بعد ڏينا لاهي ڀڃي اندران داڻا ڪڍندا آهن، اُن کي ٿر ۾ ”ايرنڊا“ چون. انهن داڻن ۾ تيل ٿئي ٿو. ايرنڊن کي پيڙي تيل ڪڍبو آهي، جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. پارڪر ۾ هيرڻ جو فصل پوکيندا آهن. سموريون ٻنيون ساون هيرڻن سان ڀجر وينديون آهن، جي پريان ائين پيون ڏسبيون آهن جو ڄڻ ته وونئڻن جو فصل آهي. قد به وونئڻن جيڏو هوندو آهي. هن فصل مان ماڻهو پوکڻ بعد چار دفعا ڏينا ڪڍندا آهن. پوءِ کرن ۾ سڪائي ڪُٽي ڳاهي صفا ڪري گڏ ڪندا آهن، جي خرارن جي انداز ۾ ٿيندا آهن. سال بسال هزارين ماڻ ايرنڊا ٻاهر وڪري لاءِ ونيدا آهن، جن مان ججهي پيدائش ٿيندي آهي. پارڪر ۾ ٻانڀڻ ۽ ڪولهي خاص انهيءَ پوک جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن.

هيرڻ جا ٻه قسم ٿين: پهرئين قسم جا پن وڏا، سائي رنگ جا، ڏانڊي جو رنگ ڳاڙهو، گل ڳاڙها ۽ ٻجن جو جهڳٽو وڏو، جن ۾ داڻا به ڳاڙهيرا ٿين. اهو قسم ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا آهن. ٻئي قسم جا پن، ڏانڊي ۽ گل اڇاڻ تي مائل، ٻجن جو جهڳٽو ننڍو ٿئي، هي قسم جا پن، ڏانڊي ۽ گل اڇاڻ تي مائل، ٻجن جو جهڳٽو ننڍو ٿئي، هي قسم ٻنين ۾ پوکيو ويندو آهي.

* مَرُوئو: هي ٻوٽو ٽن فوٽن تائين ڊگهو ۽ بلڪل خوشبودار ٿيندو آهي، جنهنڪري ماڻهو گهرن ۾ اڱڻ تي شوق ڪري پوکيندا آهن. اُن جون ڏانڊيون ٿوري ناسي رنگ جون ٿينديون آهن، جهڳٽو ڪري اهڙيءَ طرح بيهندو آهي، جو بلڪل وڻندڙ پيو لڳندو آهي. اُن کي هٿرادو پاڻي ڏبو آهي. اُن جا پن سون مڪائيءَ جي پنن جهڙا، پر ننڍيرا چهچ ساوا ٿيندا آهن. ان جو گلمُچي وانگر گهاٽو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ننڍا ننڍا داڻا ٿيندا آهن، جي پچڻ بعڳد ڪاري رنگ جا ٿي پوندا آهن. خوشبودار هئڻ ڪري اُن جا گل پٽي رکي ڇڏبا آهن. زالون رلين ٺاهڻ وقت گلن کي مهٽي ڀوري انهن ۾ وجهنديون آهن، ته جيئن سڳنڌ ٿئي ۽ جيوڙا ناس ٿي وڃن. اُن جا پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻيندا آهن. سنڌ ۾هن کي نازبوءِ چئبو آهي.

* ڌاتورو: هي ٻوٽو عام نه ٿيندو آهي، پر ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ پوکي سنڀال ڪندا آهن. هي قد ۾ پنج – ڇهه فوٽ کن ٿيندو آهي. هن جي ڏانڊي سائي ڀوري رنگ جي هوندي آهي. اُن جا پن وڏا، چهچ ساوا نه، پر ٿورا اڇاڻ تي مائل هوندا آهن. هي گهاٽو ۽ وڻندڙ ٿيندو آهي. پهريائين اڇا گل توتاري جي شڪل جهڙا ڪڍندو آهي، جن ۾ گول ڏينا ٿيندا آهن. انهن جي مٿان ٻُر ٻُر وارا ڪنڊڙا ٿيندا آهن ۽ اندر ٻج هوندو آهي، جي ننڍا ڇپڙا داڻا هوندا آهن. ڏينا پهريائين ساوا ۽ پچڻ بعد ناسي خاڪي رنگ جا ٿيندا آهن. جيڪڏهن ماڻهوا هو ٻج کائي ته ڪافي وقت هوش کان خطا ٿيو وڃي، يعني خوفناڪ آهي، پر ان سان گڏ ڪمائتبو به آهي. ڪنهن هنڌ بدن ۾ سور هجي ته ڌاتوري جا پن مٿس ٻڌجن ته فائدو ٿي پوندو. دم ڪشيءَ جي حالت ۾ ڏينا ڀوري حُقي ۾ وجهي پيئڻ سان فائدو ٿيندو آهي. هن کي چريو ڌاتورو به چيو ويندو آهي.

ڌاتوري کي ٻيو ڪو جانور ڪو نه کائي، پر ٻڪري کائيندي آهي. هڪ دفعو اُڀرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين هلندو آهي، ان بعد سڪي ويندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org