سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 20

صفحو ؛ 31

 

باب ويهون

ڀرم ۽ وهم

ٿر جا هندو مسلمانن کان وڌيڪ ڀرمي آهن. هو ڄمڻ، مرڻ، ڪنهن به ڪم تي وڃن، بيماري، ڌنڌي، واپار، مڱڻي، شادي ۽ مسافري وغيره هر ڪنهن حالت ۾ چڱو ڏينهن، وار، تٿ وغيره جو پچار ڪندا آهن. اُن لاءِ برهمڻن ۽ گُرڙن کان پڇندا آهن، جي کين ٽپڻو ۽ جوتش جا ڪتاب ڏسي ڏس ڏيندا آهن. اهو ڌنڌو برهمڻ، گرڙا، جوتشي، ڀوپا، جهاڙون وجهندڙ ۽ ٽوٽڪائي ماڻهو ڪندا آهن، جنهن ڪري اڻ پڙهيل عوام ۾ انهن جو ڏاڍوقدر آهي ۽ ڪيتريون ڳالهيون عام هئڻ ڪري وڏن کي ڏسندي ننڍا از خود سکي ويندا آهن.

زالون ننڍي ٻار کي نراڙ تي تَئي جي ڪاراڻ جو ننڍو داغ ڪنديون آهن ته نظر نه لڳي. ٻار ڪجهه ڪوماڻيل حالت ۾ ڏسنديون يا اکيلو ٿيو ۽ اُلٽي وغيره ڪيائين ته جهاڙ وجهائينديون يا ڌاڳو وٽائي ٻڌنديون. نظر جو شڪ پين ته جهاڙ وجهائينديون پاڻي پڙهائي بدن ۽ منهن ي لائي ڪجهه پيارينديون. ٿورو اٽو ڳوهي، ان مان ماڻهوءَ جو بوتو ٺاهي، ٻار جي قد جيڏو ڪچي سُٽ جو ڌاڳو ڪڇي، اڻ بوتي تي ويڙهي، چُلهه جي ڪوسي ڪِر ۾ پورينديون. جي ڌاڳو نه سڙيو ته چونديون نظر جو اثر هو، جو ان ععمل بعد هليو ويو. يا ڦٽڪي ٻار تان گهوري چُلهه ۾ چڙهيل دانگي تي رکنديون. ائين ڪرڻ سان ڦلو ٿي پوندو، تڏهين چونديون ته هاڻي بدنظر جو اثر هليو ويو.

ٻار رات جو اوچتو رڙ ڪري اُٿيو ته چونديون ڊنو آهي. ان لاءِ اَسر ۽ نماشام جو ڇا ڪنديون جو ٺڪر جي تباڪ (طباخ) ۾ ٽي چار ٻرندڙ ٽانڊا رکي ان جي مٿانٺڪر جي لوٽي اونڌي رکنديون، جيئن ٽانڊا سڀ لوٽي ۾ پون. پوءِ لوٽي جي مٿان زناني جتيءَ جو پادر اُبتو رکي، مٿان لوهه جي اٿلاڻي رکي، اُن تي ٻار جو ساڄو هٿ رکائي مٿان پاڻي جو لوٽو هارينديون، ته پاڻي سڀ اونڌي لوٽي ۾ بُڙ بُڙ ڪري چڙهي ويندو، تڏهين چونديون ته ٻار برابر ڊنو آهي، جو اونڌي لوٽِ ۾ پاڻي چڙهي ويو. انهيءَ کي ”گهڙلو“ چون. (نه ته حقيقت ڪري باهه جي سيڪ سبب لوٽي جي هوا ختم ٿيڻ ڪري خال ٿيو پوي. اهو خال ڀرڻ لاءِ ٻاهرين هوا جي داٻ جي ڪري پاڻي مٿي چڙهيو وڃي.)

رات جو گگهه پکي (چٻرو) ڪنهن جي جاءِ تي، يا پاڙي ۾ ڪنهن وڻ تي ويهي ٻوليو ته اهو نڀاڳو سمجهن. ان لاءِ جي بندوق هوندي ته ڇوڙي ٺڪاءُ ڪرائيندا، جيئن ڊڄي اُڏامي وڃي ۽ وري نه اچي. سهاڳڻ زال سهائي آرتوار، منگل يا وسپت تي مٿي ۾ ميٽ وجهي نه وهنجي. پُٽ رات جو ڏند ڪَرٽي ته چون ڀاڳ وارو آهي، پر جي ڌيءَ ڪَرٽي ته چون نڀاڳي اهي. ان لاءِ ڇا ڪن جو رات جو ڪنهن کوه جي سارڻ مان ڪو ڀتر آڻي سندس سيراندي کان رکن. زال جي ڏائي اک ڦرڪي ۽ مرد جي ساڄي اک ڦرڪي ته چڱو، ان جي ابتڙ ٿئي ته بڇرو سمجهن. ان لاءِ ڇا ڪن جو ڪک جو ننڍو ٽڪر کڻي وات سان چٻاڙي اک تي رکن، جيئن وري نه ڦَرڪي.

رات جو ڪُتو اونائي ته چون نڀاڳو آهي. انهي ڪري ڪا بيماري پوندي يا اوچتي آفت ايندي. جيڪڏهن ڪنهن ٻار جو ڪو عضوو سڪي ويو يا طاقت کان خارج ٿيو ته چوندا. ڇَرَيو آهي ۽ هن تي اُپَرلين (پَريَن) جي ڇانو ٿي آهي، اُوپرليون يعني اُوپَر = مٿان هلندڙ يعني پَريُون. سندن عقيدو آهي ته پَريُون رات جو آسمان ۾ اُڏامنديون وتنديون آهن، سو جي ٻار ٻاهر سنئون ستل هوندو ۽ مٿان پَريون لنگهيون ته انهن جو پاڇو پوندو ۽ ٻار سُڪي پوندو، يا ڪو عضوو سڪندو يا ڪونه ڪو عيب ضرور ٿيندو. ساڄي هٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي ته چوندا ته پئسا ملندا. رات جو تپ اچي ته ان کي چور تپ چون. ان لاءِ ڪنهن چور کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي ته تپ لهي ويندو وغيره. اهڙيءَ طرح ڪئين ڀرم آهن، جن جو جيڪڏهن تفصيل ويهي لکجي ته الڳ ڪتاب ٿي پوي، تنهنڪري هتي فقط ڪي ٿورا مختصر طور لکيا ويا آهن.

 

قبر پرستي ۽ ٿانَ

ٿر جي عوام ۾ بي علمي سبب انڌ شرڌا گهڻي آهي. گهڻو ڪري ڳوٺن جي ڀرسان سڀڪنهن هنڌ ٻه ٽي يا وڌيڪ اهڙا هنڌ هوندا جتي لوڙها ڏنل هوندا ۽ جهنگ ۾ به ڏسبو ته ڪٿي ڪٿي هنڌ اهڙا ڏسبا جن مان ڪنهن هنڌ قبر هوندي، ڪٿي وڏو ڪَندو هوندو، ڪٿي وڏو ڄار يا ڪرڙ جو وڻ هوندو ته اُن جي چوڌاري لوڙهو ڏنل هوندو. ڪن قبرن جي مٿان پکا به رکيل هوندا آهن، جيتوڻيڪ ڪيترن اهڙن هنڌن بابت ماڻهن کي پوري خبر به ڪانهي ته انهن قبرن ۽ وڻن وٽ ڇا آهي، يا اُهي ڪنهن جون آهن، ۽ اُهي لوڙها ڪنهن ڏنا آهن. ۽ ڪڏهن کان ڏنل آهن، ته به ڪونه ڪو مقرر نالو، پير، فقير، سامي، ساڌءَ جو ضرور رکيل هوندو، جنهن نالي سان اُن کي سڀڪو پيو سڏيندو. مسلمان هوندو ته قبر جي ڀرسان پنج ست ڪونرا رڱکيل ۽ وڻ ۾ ڌڄائون ٻڌل هونديون ۽ ڪنهن نه ڪنهن پير، درويش فقير جو نالو رکيل هوندو، ۽ جي هندو هوندو ته پاڙيئو وغيره ٺهيل هوندو يا فقط ڌڄائون ٻڌل هونديون ڪن هنڌن تي مٽيءَ جا کُڏلا ٺهيل هوندا ۽ ڪنهن پير، ساڌو، يا سامي جو نالو رکيل هوندو ۽ ان کي ٿانَ سڏيندا.

ڪيترا انهن جا ڀوپا ۽ پائوريا ٿيندا آهن، جي اٻوجهن کي ڏٽا ڏيئي ڪرامتن جون ڳالهيون ٻڌائي پيا ڦريندا آهن. پوءِ عوام تي اهڙو اثر ٿيو وڃي جو ڪو واٽهڙو اتان اچي لنگهيو، ته جُتي لاهي وڏي صدق سان ڪنڌ نمائي پوءِ اڳتي ويندو. جي ڪا ڄڃ اتان اچي لانگهائو ٿي، ته يڪدم وهٽ ويهاري هيٺ لهي کارڪون يا ڳڙ ذرو قبر جي ٿان تي رکي باقي پاڻ ۾ ورهائي، ڪنڌ نمائي پوءِ چڙهي روانا ٿيندا. ڪي اڪيلا ماڻهو ته بعضي رات جو اهڙن هنڌن کان ڪجهه پاسو ڏيئي لنگهندا آهن.

ٿر ۾ اگهائي سگهائي يا ٿوري به تڪيلف وقت ڪنهن نه ڪنهن پير فقير يا سامي جي باس باسڻ جو رواج آهي. ڪو بيمار ٿيو يا ڪنهن کي اولاد نه هوندو ته اولاد لاءِ يا ڌيون هونديون ته پُٽ ڄمڻ لاءِ، ڪو دل جو مقصد پورو ٿيڻ لاءِ باسون باسيندا آهن. پوءِ مقرر وقت تي وڃي زيارت ڪري باسيل جاتون چاڙهيندا آهن. ڪي پتاشا، ڳڙ،. مٺايون ورهائين، ڪي ٻڪر گهيٽا، بلڪ ڪي پاڏا ڪُهي خيراتون ڪن. ٻارن جا جهنڊ لهرائين يا وارن جي چڳ وڍي رکن. ڪاري، اڇي يا ڳاڙهي اڳڙي جي ڌڄا ٺاهي ٻڌندا ۽ ڪجهه روڪڙ به نذرانو رکندا، جا انهن جا ڀوپا ۽ پائوريا کڻندا آهن. قبر جي خاڪ (مٽي) کڻي ڪجهه پاڻ کائيندا ۽ ڪجهه گهر ۾ رکندا جا اويل سويل ڪو ڀاتي يا اوڙي پاي جو بيمار ٿيو ته انهن کي وات ۾ وجهندا يا پاڻيءَ ۾ وجهي پياريندا. ڪيترا ماڻهو ته ڊگهيون مسافريون ڪري، تڪليفون سهي، پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي، ڀاڙا خرچ ڪري، يا پيرين پيادا، اڪيلا بعضي ٻارين ٻچي جاتون چاڙهڻ ايندا آهن. پوءِ اچي قبرن يا اهڙن هنڌنم تي واس ڌوپ ڪري پَڙَ (ڪپڙي جو ٽڪر) ۽ ڌڄائون چاڙهين. ڪٿي ڪٿي ته چڱي پيماني تي سائين مقرر ڏينهن تي ميلا به لڳندا آهن، جتي ڪيترا زيارتي ۽ تماشبين اچي گڏ ٿيندا آهن. انهن ميلن جو احوال مان اڳ ۾ باب ارڙهين ۾ ڏئي آيو آهيان.

ڪيترن ڳوٺن جي ماڻهن تي اهي اثر ايتريقدر آهن، جو جديد دنيا جي ماڻهن کي اعتبار ئي ڪونه ايندو ته ڪو سچ پچ ائين هوندو. هن هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو، جا بلڪل صحيح حقيقت آهي.

ڇاڇري تعلقي ۾ ڳوٺ ڇيلهار کان 6 ميل پري، مٺي ڏي ويندڙ شاهي رستي تي هڪ ڪڍي مٽيءَ جو کُڏڌ (ڪوٺي) ٺهيل آهي. جنهن کي ”مالهڻ جو مَڙهَه“ چوندا آهن. اُتي سال به سال ننڍي پيماني تي ميلو به لڳندو آهي. ڀرسان هريار جو ڳوٺ ميل پنڌ تي آهي، جتي ٺڪر مالهڻ جو ڀوپو به رهندو آهي. جنهن وٽ مالهڻ جون مورتيون هڪ پيتيءَ ۾ بند ٿيل رهنديون آهن، جنهن کي ڪلف ڏنل هوندو آهي. ڀوپو ميلي واري ڏينهن اُها پيتي کڻي ايندو آهي. ماڻهو چون ٿا ته پوڄا وقت پيتي ڀرسان رکي ڌوپ ڪبو آهي ته ڪلف ازخود وڃي پري پوندو آهي. پوءِ مورتيون ڪڍي ٻاهر رکبيون آهن ۽ ماڻهو زيارت ڪندا آهن.

ڳوٺ وارن تي ايترو اثر آهي جو مٽي جي ڇڪي سِر ته بجاءِ، پر ڪچي سر وجهي پنهنجي رهڻ لاءِ ڀت سان ڪوٺي يا ڀت سان چونرو ڪونه ٺاهين، تنهنڪري سڄي ڳوٺ ۾ ڪابه ڪوٺي يعني مٽيءَ جو کڏ ڪونه آهي. ڇونرن کي ڀت جي بدران ڪاٺين جي پارهائي هوندي آهي. ۽ جاءِ کي ڪوبه دروازو ڪونه چاڙهين. فقط در تي ڍنگهر ڏيو ڇڏين.

مالهڻ جي مڙهه واري هنڌ ۽ چوڌاري ڪجهه پنڌ تائين سڄي جهنگ ۾ ڪنهن وڻ مان ڪابه ڪاٺي ڪونه وڍين. ماڻهن کي اهو يقين آهي ته مٿين ڳالهين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪري اسان کي ڪونه ڪو نقصان پوندو ۽ تڪليف هيٺ اينداسون. تنهنڪري وڏن کان جو دستور هليو اچي، سو پاڻ به ان جي پيروي ڪندا اچن.

ڪيترن هنڌن پاڙن ۾ يا ڪن گهرن ۾ اهڙا ٿانَ ٺهيل آهن، جن تي چنڊ، يارهين، اُماس يا ٻين مقرر ڏينهن تي وڄا ڪبي آهي. اهي ٿانَ کيترپال، چانڊ، مالهڻ، ٻائو، اُپرليون، ڌڻياڻيون، مائوجي جوڳڻيون، ماتاجي، پاٻُو، پورسو، ڪارو نانگ ۽ ٻين ڪيترن قسمن جا ٿيندا آهن.

’ٻاٻُو‘ خاص ڀيل قوم جو ڏيوُ آهي. ’مائوجي‘، ’ماتاجي‘، ’کيترپال’، برهمڻ، مهيشوري، مالهي، سوٽهڙ وغيره جو ڏيوُ آهي. اهڙيءَ طرح ڪي خاص ذاتيون، خاص ڏيوَن کي، ۽ سڀيئي مٿين ڏيوَن مان ڪنهن نه ڪنهن کي مڃيندا ۽ عام طرح پوڄا ڪندا آهن.

مُقام ۽ مساڻ

مسلمان لاشو مقام ۾ پوريندا آهن. ڪن ڪن ڳوٺن ۾ ڪي اوليائن جون تُربتون هونديون آهن، جن جي چوڌاري لوڙهو ڏيئي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ ڳوٺ وارا لاشا اُتي وڃي پوريندا آهن. گهڻو ڪري تربتون پڪين سرن سان ٺهرائيندا آهن. اُهي سرون ننڍيون ۽ سنهيون ٿينديون آهن. جي ڪنڀر نهائينءَ ۾ پچائيندا آهن. رواجي طرح تربت ٺهرائڻ لاءِ پنهنجي آهت واري ڪڀار کي چئبو، جو سِرون پچائي تربت ٺاهي ڏيندو، جي فقط مٽيءَ جي گاري سان سرون چنبڙيل هونديون، سيمينٽ وغيره ڪيل نه هوندو. ان لاءِ کيس هوند سارو لونگي، اجرڪ ۽ ڪجهه ڏوڪڙ ڏبا. جي ڌُڻودِي هوندو ته ٻَڪري يا وهڙِي ۽ ڪو ڪپڙو، لونگي، اجرڪ يا گهر جي لاءِ چُني ڏيندو. ڪي شآهوڪار مسلمان پنهنجن وڏن جون تربتون بلڪل عاليشان پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان ڪافي خرچ ڪري ٺهرائيندا اهن. ڪيترن پيرن، فقيرن ۽ درويشن ۽ ٻين جون عاليشان تربتون ٺهيل آهن.

مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي لاشو پوريندا آهن. ڪي ورلي اڙيندا به آهن. مقام کي لوڙهو ڪونه ڏين، ڪي مينگهواڙ ڪنڀارن کان قبرون ٺهرائيندا آهن.

برهمڻ، مهيشوري، ٺُڪر، سوٽهڙ، لهاڻا سونارا، وَرتيئا مڙدا ساڙيندا آهن. اهي مقام کي مساڻ چون. هر ڪنهن قوم کي پنهنجو مساڻ جدا هوندو آهي، جنهن کي لوڙهو وغيره ڪونه ڏين. برهمڻن، مهيشورين ۽ لهاڻن مان تمام ورلي ڪو ساڌو سنت يا فقير تن هوندو ته ان لاءِ چکيا واري هنڌ تي پڪ سرو يادگار ٺهرائيندا، جنهن کي ”ڏيهڙو“ يا ”پارئيو“ چوندا اهن، نه ته عام طرح ڪجهه ڪونه ٺهرائين.

ٺڪرن ۾ ڪو چڱو بيٺل ماڻهو هوندو، ته ان جي يادگار لاءِ پٿر جو چورس ٿنڀي جهڙو پنج – ست فوٽ ڊگهو پائو تيار ڪرائي مٿس ڪا نشاني اُڪرائي مقام ۾ چکيا واري هنڌ زمين ۾ اُڀو کوڙي ڇڏيندا آهن، جنهن کي ”لوهَرٽِي“ چوندا آهن. ٺڪرن جي مقامن ۾ اڪثر لوهرٽيون ڏسبيون آهن. اُهي اڳئين وقت جون آهن. هاڻي ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪو اهڙو مثال ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو آهي. چوڌاري لوڙهو وغيره ڪونه ڏين.

ٻاوا يا سامي پنهنجن گهرن جي ڀرسان ڪنهن گوشائتي هنڌ تي مُڙدن رکڻ لاءِ ڪو ٽڪرو مقرر ڪندا اهن، جتي کڏ کڻي اندران لنبي، لاشي کي لوڻ ڏيئي اندر ويهاي، ڄاڙي جي هيٺان ڪاٺيءَ جي ٽڪر جو ٽيڪو ڏيئي (جنهن کي پائوڙي چون) مٿان نالي ماتر ڪچي مٽي جو نشان ٺاهي ڇڏيندا آهن.

 

مڙدن جو نيڪال

مسلمان لاشي کي وهنجاري اڇي ڪپڙي جو ڪفن ڏيئي، مُردن جي حالت ۾ مٿان اجرڪ، ۽ سهاڳڻ زال جي حالت ۾ چُني، نه ته رواجي ڪپڙو وجهي ڪاٺي جي مَنجڻ ٺاهي، مٿان ڪک ۽ ڪپڙو وجهي لاشو ڪلهن تي رکي ڪافي ڪانڌي گڏجي کڻي وڃي مقام ۾ اسلامي رسمن موجب پورين. قبر کوٽي ان جي پاسي ۾ پور (خال) ڪندا اهن، جنهن کي ”ڳجهه“ چوندا آهن. اها سرن سان تيار ڪري ان ۾ لاشو رکي چڱيءَ طرح بند ڪري، باقي قبر واريءَ سان اهڙيءَ طرح لٽي ڇڏين، جيئن لاشو سلامت پيو هجي، ۽ ان تي واري نه پوي. اهي لاشو پنهنجي ئي مقام ۾ پوريندا آهن. اتفاقاً جي ڪنهن ٻئي هنڌ فوت ٿي پيو، ته به لاشو کڻي ايندا اهن، نه ته ڪنهن مقرر مُدي تائين امانت طور پوري ايندا. پوءِ مدي تي يا اڳ ۾ کڻي اچي پنهنجي مقام ۾ پوريندا آهن. انهيءَ وچ ۾ لاشو خراب نه ٿيندو آهي. چوندا آهن ته ”اَماڻ ڌرتي به نه رکي.“

برهمڻ، مهيشوري، سونارا، سوٽهڙ، مالهي ۽ لهاڻا مڙدي کي وهنجاري ڪفن ڏيئي ڪائي تي کڻي وڃي مساڻ ۾ ڪاٺين تي ساڙيندا آهن، جنهن کي چکيا چون. لاشي سان ڪانڌي مقام تي وڃن، جنهن کي ”سَرَ وڃڻ“ چون. چکيا کي تيلي ڏيندا آهن. جنهن کي ”سَرَ وڃڻ“ چون. چکيا کي تيلي ڏيندا آهن، جنهن کي ”لائپُوئو“ چون. ڪي پڄنديءَ وارا چندن جون ڪاٺيون ۽ ناريل به چکيا ۾ وجهندا آهن. اهي مقام کي مساڻ سڏين. ننڍن ٻارن کي پوريندا آهن. لاشي کي ساڙڻ بعد ٽئين ڏينهن سڙيل هڏا رک ميڙي کڻي اچن. اڳي گنگانديءَ ۾ وجهڻ لاءِ کڻي ويندا هئا يا ٽپال رستي موڪليندا هئا، اتي سندن ايجنٽ اهو پارسل وٺي رک ۾ هڏا گنگا نديءَ ۾ وجهندا هئا. پر هاڻي اتي ئي ڪنهن تيرٿ تي پروار ڪندا آهن ۽ چکيا واري هنڌ پاڻي هاريندا آهن. جنهن کي آروڳي ٺارڻ چئجي. چکيا واري هنڌ قبر لاءِ ڪوبه نشان ڪونه ٺاهين، جنهنڪري گهڻو ڪري مڙدا ساڳئي هنڌ پيا ساڙيندا آهن. ڪي وري نشان طور ”ديهرا“ ٺهرائيندا آهن. ڪو ساڌو سنت هوندو ته انهيءَ نشان کي ”سمانڌ“ چوندا.

سامي يا ٻاوا مڙدي کي لکوڻ ڏيئي کڏ ۾ بند ڪري ڍڪي ڇڏين. ٺَڪر وري چکيا تي چاڙهين ۽ ڪي لوهرٽيون ٺهرائي کوڙي ڇڏين.

اڇوت قومون مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي مڙدا پورين، ڪي ورلي ساڙين، ڪي قبرون به ٺهرائين. مڙدي کي ”مَڙو“ چون. مئل ٻار ڄمي يا ننڍو ٻار مري وڃي ته مقام ۾ ڪونه پُورين، گهر ۾ ئي ڪنهن گوشآئتي هنڌ تي پوري ڇڏين.

جي ڪا زال گرڀ سان مري وڃي ته ڪُک ڦاڙي ٻار ڪڍي، ڪڱ ۾ ناريل وجهي سبي بند ڪري پوءِ لاشي جو نيڪال ڪن.

ڀوت ۽ ڀوپا

ٿر جون قدرتي حالتون اهڙيون آهن جو ٻهراڙيءَ جو عوام علم کان عاري رهيو آهي. انهيءَ ڪري هنن ۾ نئين ترقي، نوان رواج ۽ نئون سڌارو به ڪونه ٿيو آهي. ملڪ ۾ بي علمي هئڻ ڪري جهالت گهڻي، وهمن، ڀرمن، ڀوتن ۽ ڀوپن جو اثر مٿن ڪافي دل تي پڪو ٿي ويو آهي، جنهنڪري انهن رواجن ۽ رسمن تي هري ويا آهن. ڪنهن جي مجال آهي جو کين مائٽاڻي پَرَ کان رتي ماتر به هٽائي سگهي. وڏا جي اڳئين ماحول جا پليل آهن، تن جي اڳيان پڙهيلن کي به ڪن حالتن ۾ جهُڪڻو پوي ٿو. اڻ پڙهيل عوام گهڻو، سي انهن جهونين ڳالهين کي اکيون پوري پيا مڃين. هاڻي علم ۾ ماڻهن ڪجهه ترقي ڪئي آهي پر تعداد ٿورو اٿن،  تنهنڪري پڙهيل ۽ سمجهو ماڻهن کي به ڪن حالتن ۾ لاچار ائين ڪرڻو پوي ٿو. هاڻي جيتوڻيڪ تعليم وڌندي وڃي ۽ ڪجهه سڌارو به ٿيو آهي. پر تنهن هوندي به انهيءَ جاهليت جي صفا تڙي ڪڍڻ لاءِ وقت کپي. ڀرم ۽ سنسا تمام گهڻا آهن، ۽ انهن ۾ وري اهڙو صدق، يقين ۽ ويساهه، جو لوهه تي ليڪو! ان جي برخلاف ڪوبه سمجهو پڙهيل، سياڻو، عاقل ڪيترو به سمجهائي، پر ان تي اعتبار ڪونه ڪندا.

گهر ۾ ڪو بيمار ٿيو ته ڊاڪٽر جي علاج کان وڌيڪ سڳا ڌاڳا وٽيندڙن، جهاڙون وجهندڙن، جنتر منتر ڪندڙ ڀوپن ۾ وڌيڪ ڀروسو آهي. مسلمانن جو وري پيرن، فقيرن، ڦيڻو هڻندڙن ۽ تعويذ لکندڙن ۾ ويساهه آهي. ٿر ۾ ڀوپا گهڻائي آهن، جي گهڻو ڪري مينگهواڙ ۽ ڀيل قومن مان هوندا آهن. ايڪڙ ٻيڪڙ ٻين قومن مان به آهن. ڪو بيمار ٿيو ته ان جا عزيز ڪونه ڪو ڀوپو وٺي اچي ڌوڻائيندا. انهن جو ڌوڻڻ وقت جهولڻ مزيدار آهي. ڀوپا ڪنهن نه ڪنهن اولياءُ، پير يا فقير جي نالي مشهور ڪندا آهن ته اسان جي پِنڊَ (جان) ۾ انهن جو وائرو (اثر) اچي ٿو. ۽ اسين ان جا ڀوپا آهيون ۽ وڻڻ مهل جڏهن وائري جي حالت ۾ هوندا آهيون تڏهين اسان کي پنهنجي سُڌ نه هوندي آهي ۽ ان وقت جيڪي چوندا آهيون، سو اُهو اولياءُ، پير يا فقير پاڻ اسان جي واتان چورائيندو آهي. اهڙيون ڳالهيون عوام تي گهاٽو اثر ڪنديون آهن ۽ ماڻهو ڏسو ته ان مهل ڀوپي جي پيرين پيا پوندا، مٿو ٽيڪيندا، ڪابه ڳالهه هٿ ٻڌي پڇندا وغيره.

اڪثر بالغ ڇوڪرين ۽ تازو پرڻيل زالن کي اهڙي بيماري ٿيندي آهي جنهن ۾ وڦلنديون آهن، ان کي ٿري ”گهُٽِي“ چون. اهڙيءَ حالت ۾ ڀوپو ضرور ڌوڻائين، ڇو ته سندن ويساهه آهي ته ڪنهن جِن ڀوت جو اُنهن تي اثر ٿيو آهي ۽ اُن کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ ڀوپي کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. اهڙن موقعن تي ڀوپا ڪيترن نمونن جا ڇَل ڪري چڱو ڦُوريندا آهن. ڪيترن ماڻهن جي گذر جو اهو ئي ذريعو آهي.

ڀوپي ڌوڻائڻ وقت سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ري ڪوٺيا اچي مڙندا ۽ ڌوڻائڻ لاءِهيٺيان طريقا استعمال ڪندا آهن. چار – پنج ڄڻا حلقو ٺاهي ويندا. هڪ ڄڻو تنبورو وڄائيندو، ڪو ڪانسيا ۽ ڪو جانجهه وڄائيندو ۽ گڏجي ڳائيندا. ڀوپو ڌوڻ لاءِ سهي سنڀري ويهندو. ٽي – چار ڀڄن ڳائيندا ته ڀوپي کي وائرو اچي ويندو ۽ ڌوڻڻ شروع ڪندو. بعضي هڪ ڄڻو دهل تي ڪي مقرر ڀڄن ڳائيندو جن کي ”سائورُون“ چوندا آهن. سائورون چوڻ لاءِ ڪي ڀوپا خاص پنهنجا ماڻهو رکندا آهن، جن کي پائوريا يا ٻالڪا چوندا آهن. ڀڄن تي اسائورن تي ڀوپو ڌوڻ شروع ڪندو. پوءِ ڌوڻ واريءَ حالت ۾ ٻڌائيندو ته هن کي فلاڻو ”بِڀِرو“ (ڀوت يا جن جو اثر) آهي، يعني لڳت جو حساب آهي. هڪ ڇيلو ڪجهه ڪارو يا ڳاڙهو ڪپڙو (بيمار جي قد جيڏو) ڀوت لاءِ، (ڪي نَوَ هٿ به چوندا اهن). روٽ جو امان (ڪڻڪ، کنڊ، گيهه وغيره) ۽ ٻيون به ڪيترن ئي قسمن جون شيون ڏسيندا آهن، ته حاضر ڪريو. يڪدم اهو سامان تيار ٿي ويندو. پوءِ گهر کان ٻاهر ڪنهن مقام جي ڀرسان يا ڪنهن موزون هنڌ تي وڃي چيلو ڪهي ڪجهه گوشت جا ٽڪرا چئن ئي طرفن اڇلائي يا ڪجهه زمين ۾ پوري باقي پاڻ ۽ سندس ڇاڙتا کائي ڇڏيندا. ڪي ڀوپا ته وري اهو ڇيلو ۽ سامان پنهنجي گهر کڻي ويندا آهن، ۽ ٻيو به بيمار کان هوند سارو وٺندا آهن. پاڻي پڙهي ڏيندا ته اهو پياري ڇڏيو، ۽ ڌاڳو وٽي ڏيندا ته اهو حال ٻڌي ڇڏيو ۽ پوءِ ٽامي جي ماڏرئي ۾ وجهي ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏجو، ويساهه رکو، فائدو ٿي ويندو! چوندا آهن ته ”پير وڏا ڪي ويساهه وڏا، فائدو سڀ آهي يقين تي. جي يقين نه هوندو ته فائدو ڪٿان ٿيندو. ائين ڏٽا ڏيئي پنهنجي پورت ڪري روانا ٿيندا. پوءِ جي اتفاق سان ڪجهه وقت بعد فائدو ٿيو ته ماڻهن ۾ واهه واهه ٿي ويندي، پر جي نه ٿيو ته ائين چيو ويندو ته ويچاري ڀوپي ڏاڍا وس ڪيا، پر جن ڪو زبردست هو، يا نهايت نُگرو هو، جو ڪنهن جي ڌاڳي ۾ نٿو اچي. ڀوپو ويچارو ڇا ڪري؟ نگرا ڪنهن جي ڌاڳي ۾ اچڻ جا نه آهن. انهيءَ حالت ۾ به ڀوپي لاءِ صدق گهٽ ڪونه ٿيندو.

ماڻهو ويساهه وسوڙيل، بي علمي ۽ جاهليت جي ڪري ٺوڳين جي ڦندي ۾ ترت ڦاسجيو وڃن، مردن کان وڌيڪ زالن ي انهن ڳالهين جو اثر ٿيندو آهي. ڪيتريون زالون به ڌوڻڻ ۽ ٽوڻن ڦيڻن ڪرڻ جو ڪم ڪنديون آهن. انهن کي ”ڀوپيُون“ چوندا آهن. زالون وري گهڻو ڪري انهن ڀوپين جي چنبي ۾ هونديون آهن. جيتوڻيڪ گهڻا پڙهيل، سمجهُو ۽ مسلمان اعتبار ڪونه ڪن. پر گهڻي ڀاڱي بي علم، جاهل ۽ خاص ڪري زناني عالم جو انهن تي ويساهه ۽ يقين آهي. مسلمانن ۾ وري پيرن فقيرن کان دعائون ڪرائڻ، تعويذ لکائڻ ۽ ڦيڻا وجهائڻ جو رواج آهي.

 

سوڻ

ٿري ماڻهو مسافريءَ تي وڃڻ وقت، يا ڪنهن ڪم ڪرڻ مهل سَوڻ ويچاريندا آهن. چوندا آهن ته ”سَوَڻَ سَڄَڻ، مَنَ ويِري.“ مَنَ يعني دل ڪم ڪرڻ لاءِ تڪڙ ڪندي آهي پر جي ڪم ٿيڻو نه هوندو ته سوڻ به اهڙو ٿيندو آهي، جنهنڪري ترسڻ چڱو آهي. پر جي سوڻ ڏي خيال نه ڪبو ۽ دل تي هلبو ته ڪم ڪونه ٿيندو ۽ اجايو ڦڏو پوندو. بلڪ ڪن حالتن ۾ تڪليف به ڏسڻي پوندي. ڪن خاص ڏينهن تي خاص طرفن ڏي مسافري ڪندا آهن: جيئن ته ٻڌر ۽ ڇنڇر جي ڏينهن اُتر طرف، شڪر ۽ آرتوار ڏينهن اولهه طرف، منگل ۽ وسپت ڏينهن ڏکڻ طرف ۽ سومر ڏينهن اوڀر طرف، ڪو ڪم هوندو ته انهن ڏينهن تي نه ويندا ڇو ته چوندا آهن ته انهن ڏينهن تي ”ڏساسُول“ انهن طرفن ڏي هوندو آهي، انڪري وڃڻ سان ڪم نه ٿيندو ۽ ڪا نه ڪا تڪليف ڏسڻي پوندي.

ٿر ۾ هڪ اڇي رنگ ننڍو پکي جو ڪجهه ڪارن پَٽن سان ٿيندو آهي، جنهن کي ”مالهاري“ چوندا آهن. سنڌيءَ ۾ اُن کي ”ملهالو“ چون. ڪنهن ڪم لاءِ گهر کان نڪرڻ وقت جي اهو پلي ساڄي پاسي ڪنهن سائي وڻ تي ويٺل هوندو ته چوندا ته ڪم يڪدم ٿيندو، جي سُڪل وڻ يا پٽ تي ويٺل هوندو ته سمجهندا ته ٿوري تڪليف سان ٿيندو. انهيءَ کي چون ’مالهاري ٿي ٿئي‘، جا چڱي آهي. پر جي ساڳيو پکي ڏائي پاسي ويٺل هوندو ته چوندا ته ”سانگوڻِي“ ٿي ٿئي‘، ۽ ڪم ڪونه ٿيندو ۽ موٽي ايندا ۽ ڪم تي ڪونه ويندا. پوءِ ٿورو ترسي يا ٻئي ڏينهن ويندا. منزل واري ڳوٺ يا هنڌ تي پهچڻ وقت اهو پکي ساڄي پاسي ڏسڻ ۾ آيو ته چوندا ته مالهاري ٿي ٿئي ۽ ڪم نه ٿيندو، پر جي ڏائي پاسي ويٺل هوندو ته چوندا ته سانگوڻي ٿي ٿئي ۽ ڪم ٿيندو يعني پهرئين جي اُبتڙ.

کَرَ ڏائو وِسيئَرَ جَمڻو، مَڙو اَپُوٺو جائي،

اِتنا سَوَڻ لي چلي، تو ڪَڏهِي نَه خَطا کائي.

کَر يعني گَڏَهه ڏائي پاسي هينگ ڪري، زهري نانگ بلا، جمڻو يعني ساڄي پاسي کان ڏسجي يا ڦُوڦاڙ ٻڌجي، مَڙو يعني مُڙدو پٺيڀرو کڻي ويندا هجن، هلڻ وقت انهن مان ڪوبه سَوَڻ ٿئي ته اهو ماڻهو ڪڏهين به تڪليف نه ڏسي ۽ هر حالت ۾ ڪامياب ٿئي.

نڪرڻ وقت ڏائي پاسي کان گڏهه جي هينگ ٿي ته چوندا ته ٻئون ٻارهن، يعني سٺو سوڻ آهي. پر جي ساڄي پاسي هينگ ٻڌڻ ۾ آئي ته ان کي ڇچون ’جيڻو جَترائي‘ (ترسائي). انهيءَ مان سمجهندا ته ڪم نه ٿيندو ۽ ترسي پوندا. پر جنهن هنڌ وڃڻو هوندو، اتي جي ساڄي پاسي هينگ ٿي ته چوندا ته سٺو سوڻ آهي ۽ ڪم ٿيندو، پر جي ڏائي پاسي هينگ ٿي ته چوندا ته ڏائو پير کوڙڻ ئي ڪونه ٿو ڏئي ۽ هتي ڪم نه ٿيندو ۽ ترت هتان نڪرڻو پوندو.

نڪرڻ وقت يا هلندي جي ساڄي پاسي کان ڪو نانگ بلا ڏسندا يا رات هئڻ ڪري ڦوڦاڙ ٻڌندا ته چڱو سوڻ سمجهن. جي ڏائي پاسي کان ڏسن ته بڇڙو سوڻ سمجهن، ان لاءِ پگ موڙو (ٿورو ترسي) ڪري پوءِ هلندا.

هاري ماڻهو ٻني پوکڻ لاءِ سنڀري نڪرندو، يا ڪنهن به ڪم لاءِ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا زال ٺلها دلا کڻي سامهون آئي ته خراب سوڻ، پر جي ڀريل دلن سان سامهون اچي ته چڱو سوڻ سمجهن. اڃا به جيڪڏهن سهاڳڻ زال يا ڪنواري ڇوڪري ڀريل دلن سان سامهون اچي ته بلڪل چڱو سمجهن، ۽ انهن دلن مان جي ٿورو پاڻي وٺي وات ۾ وجهجي ته جنهن ڪم لاءِ وڃجي ٿو ان جي پوري ٿيڻ جي ڄڻ ته گئرنٽي ملي ويئي. رنڙ زال سامهون اچي ته خراب سوڻ سمجهن. نڪرڻ وقت ڏائو تتر سٺو سوڻ ۽ جيڻو (ساڄو) تتر خراب، پهچڻ واري هنڌ تي وري جيڻو تتر چڱو ۽ ڏائو تتر خراب.

جولي چلي ڏائي ڀيرٻ جمڻو راجا،

او نَر گهَري، وري نه آئين ساجا.

وڃڻ وقت ڏائي پاسي کان ڀيرٻ (چٻ) ۽ ساڄي پاسي کان راجا يعني گُگهه پکي جو آواز ٿئي ۽ انهن جو خيال نه ڪري، جو ماڻهو مسافري تي ويندو، سو وري واپس چڱو ڀلو گهر موٽي نه ايندو.

رات جو مسافري ڪندي ڏائي پاسي کان ڀيرٻ جو آواز ٿيو ته يڪدم پير جهليندا ۽ ڪجهه وقت ترسي پوءِ روانا ٿيندا، ڇو ته چوندا اهن ته ڏائي ڀيرٻ ڪِيڙي تي ٿيندي آهي، يعني ڪنهن نانگ بلا جو خطرو آهي. اهڙيءَ طرح هلڻ سان جي ٻه ٽي ڀيرا ڏائي ڀيرٻ ٿي ته اڳتي نه هلندا ۽ يڪدم ترسي پوندا، ڪجهه وقت آرام ڪري پوءِ روانا ٿيندا. پر جي ساڄي پاسي ڀيرٻ جو آواز ٿيو ته چڱو سوڻ سمجهن.

اهڙيءَ طرح جي ڏائي پاسي کان گُگهه پکي ويٺل ڏسڻ ۾ آيو يا اواز ٻڌڻ ۾ آيو ته سٺو سوڻ سمجهن ۽ جنهن ڪم لاءِ وڃبو سو ضرور پورو ٿيندو. پر جي ساڄي پاسي کان اهو پکي هوندو ته بڇڙو سوڻ سمجهن ۽ اڳتي پير به ڪونه کڻن. گهران نڪرڻُ هوندن ته ڪونه نڪرندا ۽ ويهي رهندا. پر جي مسافري ۾ هوندا ته اتي ئي ترسي پوندا. گگهه جو ايڏو اثر اٿن جو چوندا آهن ته بندوق جي گولي گسي سگهي ٿي پر اهو سوڻ اصل نه ٽري. جي چڱو سوڻ ٿيو ته ڪم جي خاطري ۽ جي بڇڙو ٿيو ته ڪم نه ٿيڻ جي پڪ سمجهندا.

مسافري ڪندي جي نور اڳيان رستو اورانگهي ويو ته بڇڙو سمجهن، ۽ موٽي ايندا يا ترسي پوءِ روانا ٿيندا. جي ڪنهن ڄڦ جي اڳيان نور لنگهي وڃي ته يڪدم لهي پوندا. جهنگ هوندو ته به ڀرسان ڪونه ڪو ڳوٺ ضرور هوندو، ڪوشش ڪري اُتان ڪو ڇيلو هٿ ڪري ڪُهي سِسي پاڻ سان کڻندا ۽ ڪجهه گوشت هڪڙي پاسي ۽ ڪجهه گوشت ٻئي پاسي اڇلائي، پاڻ وچ مان لنگهي روانا ٿيندا.

ڏينهن جو ٻلي اڳيان لنگهي وڃي ته خراب، پر جي رات جو لنگهي وڃي ته سُٺو سوڻ سمجهن. وڃن وقت جي پٺيان سڌڏ ٿيو، يا ڪا شيءَ وسري ويئي يا ڪنهن ڇِڪ ڏني، ي اڪُتي ڪن ڦَڙَڦَڙايا ته خراب سمجهن ۽ ٿورو ٿرسي پوءِ روانا ٿيندا. ازان سواءِ ٻيا به ڪيترن ئي نمونن جا سوڻ ويچاريندا آهن.

 

جهاڙوُن

ٿر جو عوام پراڻين رسمن ۽ روجن تي هريل آهي. ايامن کان جنهن ڍٻِي تي ٺهي ويا آهن، ان تي اکيون پوري هليا اچن. ڪيترو ئي سمجهائين ته اثر اهڙو ٿيندن جهرو پاڻيءَ تي ليڪو. بيماري ۽ ڪيترن حالتن ۾ جهاڙون وجهائيندا آهن. جيڪي مانهو اهو ڪم ڪري، ان کي ”جهاڙُو“ چون. اهڙا ماڻهو ڀڳونئون ويس ڪندا، ڳچيءَ ۾ مڻڪا ۽ مالهائون پائيندا ۽ هٿن ۾ لوهه يا ٽامي جو ڪڙو وجهندا آهن، جنهنڪري جهٽ سڃاڻڻ ۾ ايندا آهن. انهن کي ”ڀوپا“ به چون.

نانگ بَلا چڪ پائي يا وڇون ڏنگ هڻي، مٿي جو سُور، اُلٽي، نظر لڳڻ ٻارن جون بيماريون، ڇالهي ٿيڻ، اک اُٿڻ، ڪنَ جو سور وغيره جي حالت ۾ جهاڙ وجهائين ۽ پاڻي پڙهائي پيارين. جهاڙون هڻندڙ به پنهنجو اثر ويهارڻ لاءِ ڪيترائي طريقا ڪم آڻيندا آهن. ڪي مور جي کنڀن سان، ڪي ٻهاريءَ سان ڪي ڪپڙِ جي پلاند سان جهاڙ وجهندا آهن. ڪي وري ڀريل دلي مان پاڻيءَ جي کوٽي ڀرائي، هٿ ۾ سائو پن يا ڪک جهلي لوٽي ۾ گهمائيندا ويندا ۽ جهاڙ پَڙهي ٿُٿڪو ڏيندا ويندا. پنج دفعا يا ست دفعا ائين ڪري چوندا ته مريض کي پياري ڇڏيو ۽ ڪجهه پاڻيءَ جو ڇنڊو به هڻي ڇڏيو. ڪي جهارون پڙهندي اکيون ڳاڙهيون ڪري ڪَسڻا موڙيندا آهن. ڪي ڪي اوٻاسيون ڏيندا آهن، ڪي يڪساهي پڙهندا آهن. مطلب ته گهڻائي ڍونگ پکيڙيندا آهن. ته عام تي اثر ٿئي.

ڪي سڳا وٽي ڦيڻو هڻي ڏيندا آهن ته اهو ٻڌي ڇڏيو. ان کي ’رکڙي‘ به چون. ڪي ماڻهو اهو سڳو ٽامي جي ماڏرئي ۾ وجهي ٻڌندا آهن. اڪثر زالون مکڻ گهڻي لهڻ لاءِ سڳو وٽائي يا تعويذ لکائي ڪُني يا مانڌاڻيءَ ۾ ٻڌنديون آهن. مٿين ڳالهين جو اثر مردن کان وڌيڪ عورتن تي ٿيندو آهي.

 

هورَ وجهڻ

ڪو ماڻهو ٻاهر ويل هوندو ته اهو موٽي ڪڏهن ايندو، يا مال رُلي ويل هوندو يا چوري ٿي ويل هوندو، ته اهو واپس ملندو يا نه، يا ڪهڙِ طرف ويو آهي، ان لاءِ ”هورَ“ وجهائيندا آهن. هورَ کي سنڌيءَ ۾ فال چون. ڪي وري ”سرودو“ نهاريندا آهن. هور هن نموني وجهندا آهن.

زمين تي واريءَ ۾ هڪ ٻاڙي ۽ هڪ ڪُرٽ ڀري ايترو ليڪو ڪڍندا آهن. پوءِ اُن ليڪي تي اُريبن وانگر ننڍا ننڍا انچ ڏيڍ جيڏا بنان ڳڻڻ جي ليڪا ڪڍندا آهن. پوءِ پهرئين ليڪي تي نشان ڪري ٻه ليڪا ڇڏي ٽئين تي نشان ڪندا. اهڙيءَ طرح  ٻه ٻه ليڪا ڇڏي ٽئين ٽئين تي نشان ڪندا ويندا. پڇاڙيءَ جا ٻه بچيا ته چوندا ”ٿانَ“ آيو آهي، تنهن مان سمجهندا ته شيءَ ٿانئيڪي آهي ۽ ملڻ مشڪل آهي. پر جي هڪ بچيو ته چوندا ”جڳهه“، يعني مال جنگهه تي هليو اچي جو ملي ويندو، ۽ شيءَ جي به ملڻ جي اميد آهي، ۽ جي ماڻهو ٻاهر ويل هوندو ته چوندا، ته اچي پيو. اهڙيءَ طرح ٽي دفعا ڪندا ۽ هر هڪ دفعي جي نتيجي مان نيٺ وڃي آخرين فيصلي واري ڳالهه پڇندڙ کي ٻڌائيندا.

 

سَرودو ڏسڻ

هي به مال يا وڃايل شيءَ، چوري ٿيل يا رُلي ويل جي حالت ۾ پڇندا آهن. سَرودي نهارڻ وارو ماڻهو ڇا ڪندو جو هٿ جي پُٺ نڪ کي ويجهي ڪري نڪ مان هوا ڪڍي ڏسندو آهي. جي ساڄي ناس مان هوا نڪرندي ته ان کي سُرج جو سرودو، جي کاٻي ناس مان هوا نڪريندي ته ان کي چندرما جو سرودو سمجهندو آهي ۽ ان کان سواءِ وري پڇندڙ جي اچڻ جو وقت، ڏينهن ۽ هوا جي نڪرڻ جو نمونو انهن سڀني ڳالهين جو ويچار ڪري پوءِ پڇندڙ کي جوابڏيندو آهي، يعني مال يا شيءَ لڀي پوندي يا نه؟ يا ڪيترن ڏينهن بعد لڀندي؟ يا ڪهڙِ طرف هُو ڳولا ڪري؟ وغيره، مطلب ته ڪونه ڪو جواب ڏيندو. ان جو نتيجو ڪهڙو به نڪري، بهرحال پُڇندڙ کي هڪ قسم جو آٿت ٿيندو آهي. پوءِ جي هن جي چوڻ موجب ٿيو، ته واهه واهه ٿيندي، ۽ جي نه ٿيو ته ڪو نه ڪو بهانو ڏيئي ڇڏيندا.

 

قرباني ڪرڻ

ڪيترا ماڻهو پنهنجي من جي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ، جيئن ته پُٽ ڄمڻ، بيماريءَ مان صحتيابي، يا ٻين من جي مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ باسون باسيندا آهن، جن ۾ پتاشا، مصري ورهائڻ ۽ جانورن جي قرباني ڪرڻ به هوندي آهي. ڪن اڇوتن ۾ رواج آهي ته شاديءَ بعد ڇيلي جي قرباني ڪندا آهن.

گوشت خور هندو ۽ اڇوت من جي مراد پوري ٿيڻ بعد ڇيلو، گهيٽو، بعضي پاڏو پنهنجن ڏيوَن، پيرن ۽ فقيرن جي آستانن تي قربان ڪندا اهن. ڪنهن مسلمان کان حلال ڪرائي گوشت رڌي عام کي کارائيندا آهن، يا پلاهه رڌي کارائيندا آهن.

ڪي راجپوت بعضي جانور کي بيهاري تلوار جي ڌڪ سان سسي جدا ڪندا آهن. جنهن کي ”جهٽڪو“ چون.

مسلمانن ۾ ڪو بيمار ٿيو ته پَهرو پائي واٽ الله جي خيرات ڪندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پير فقير تي قرباني ڪندا آهن.

چنڊ، يارهين يا مقرر ڏينهن تي پيرن، فقيرن جي مقبرن تي ڪيترا زيارتي ايندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته ميلا به لڳندا آهن، جتي پتاشا ۽ مصري ورهائيندا آهن ۽ پهرو پائي پلاهه رڌي کارائيندا آهن.

 

بيماريون ۽ علاج

ٿر جي تعلقي هيڊڪوارٽرن ۾ اڳيئي اسپتالون آهن. ڪن وڏن ڳوٺن ۾ هاڻي کليون آهن، جتي ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر رهن ٿا، باقي ملڪ ۾ ڊاڪٽر ڪونه آهن، نڪي ڪي هوشيار طبيب يا حڪيم آهن، تنهنڪري ڊاڪٽرن جو فائدو فقط انهن وڏن ڳوٺن جا ماڻهو، سي به پڙهيل ۽ واپاري طبقي وارا وٺن، ٻيا ٿوري گهڻي بيماريءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽر ڏي ڪونه وڃن. ٻهراڙين جا ماڻهو ته ڊاڪٽر جي پاڇي کان به پري ڀڄن. ڪٿي ڪٿي ڪي ڳوٺاڻا حڪيم ۽ ڏاها ماڻهو هوندا آهن. جي رواجي ديسي ڦڪيون سُتيون ڪندا آهن ۽ ڪي رواجي سادا ڏس ڏيندا اهن، جنهن لاءِ ڪابه في يا اڳواٽ پئسا ڪونه وٺن. فائدي جي حالت ۾ بيمار پنهنجي حالت سارو سندن يادگيري ڪري ڇڏيندو آهي. ڦڪين سُتين تي به گهڻو خرچ ڪونه ٿئي، اُهي به معمولي سيون هونديون آهن، جي اتي ئي لڀيو پون، پر گهڻا ماڻهو حڪيم يا ڊاڪٽر جي دوا وٺڻ کان ونئن ويندا آهن، باقي رواجي ٽوٽڪا ڪندا آهن.، جيئن ته:

اونهاري جو ڏينهن جو بخار ٿئي ته چوندا ته گرم هوا (لُوءَ) يعني لُڪ جي لڳڻ ڪري ٿيو آهي. اُن لاءِ بصر جو پاڻي ڪڍي اُن ۾ ميٽ پسائي ٿورو پاڻي وجهي ٻاهر گرم هوا تي رکي چڏين. سڄو ڏينهن اُس ۾ پيو هجي. شام جو اهو ميٽ انهيءَ ساڳئي پاڻيءَ ۾ ڳاري سڄي بدن تي مَلي ڇڏين. صبح جو اٿڻ وقت سنان ڪن ته بخار ڇڏي وڃي، يا ڪي گرميءَ جي بخار لاءِ مٿي تي ٿڌو پاڻي وجهندا آهن. ڪي ٻڪريءَ جي کير جي اَڇُ ڪري پيئندا آهن.

سرديءَ جي بخار لاءِ مٿي تي رات جي وقت ڄانڀي جي تيل سان بعضي ٿڌي سان ي ٿورو گرم ڪري مغز تي زور سان تِري هڻن. ڪي وري مٿان اَڪَ جي وڻ جا ساوا تازا پن (پُڙا) ڪوسا ڪري سڄو مٿو ڀري ٻڌي ڇڏين. ڪي وري اڪ جا پيلا پن ٻڌن. ڪي ٻاجهريءَ جي گرم رٻ يا چانهه پِي ڪپڙو ويڙهي سمهي رهن، جيئن پگهر نڪري.

ڇاتيءَ جي درد يا بخاري جي ڪري کنگهه ٿئي ته ٻاجهريءَ جي ماني ٺاهي اوڻ جو هڪ پاسو ڪَچو، هڪ پڪو ڪري ڇاتيءَ تي ٻڌن. رات ساري ٻڌي پيئي هجي، صبح جو ڇوڙي ڇڏين. ڪي ماڻهو ڄار جي وڻ جا پڻ اوٻاري اهو گرم پاڻي پنج تولا کن پِي مٿا رَلي اوڍي ڊُٻ سان سمهي رهن. هڪ نه ٻئي ڏينهنواري جو بخار هجي ته ان لاءِ ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جو بخار جي آکاڻي ڪندا آهن، ان وٽ ويندا آهن، جو اکاڻي ڪندو آهي، ۽ بيمار ٻڌندو آهي. ڇِڪِي کان بخار هوندو ته پيٽ کي هَٿَ هڻائين، لِڱن کي تيل جي مالش ڪرائين. جهونو تپ ٿي وڃي ته جلاب وٺن. ڪي مٿي جو سُور ۽ بخار لاءِ جهاڙ وجهائين. ڪي ڪنهن پير فقير جي باس باسين. انهن کي يقين آهي ته ائين ڪرڻ سان، ان پير فقير جي ڪرامت سان بخار ڇڏي ويندو.

دل ڪَچي ٿئي يا ڇار اوگرايون اچن ته پاڻيءَ ۾ ٿورو لوڻ گڏي پيارين ته اُلٽي ۽ پِتِ ٻاهر نڪريو اچي ۽ فائدو ٿيو پوي. مٿان جوهر جي ٽِڪي يا وڏف جا داڻا تريءَ سان مهٽي وات ۾ وجهي، آهستي آهستي چٻاڙي کائيندا رهن يا گومادر سنهو ڪُٽي اون جي ڦڪي ڀرين.

سرديءَ جي ڪري نمونيا اڪثر ٿيندي آهي، ان کي ٿري ”سِنڊوريو روڳ“ چون. ان وقت وڻ ڦوٽ يا اونهاري جي موسم هجي ته ريڍي کل ۽ سيارو هجي ته ٻاڪري کل يا هرڻ جي کل (جي ملي سگهي ته) بدن تي چاڙهين، جا بدن کي ڇنڀڙيو پوي. پوءِ ٽن چئن ڪلاڪن بعد از خود بدن کي ڇڏيو جدا ٿيو پوي، تڏهن لاهي ڇڏين. ٻيو دفعو کل جو وري ڇنبڙڻ نقصانڪار سمجهن، تنهنڪري ايتري ويڇي ڪونه ڏين. ڍڳي جي سڙيل ڇيڻي جي رک اڳواٽ تيار ڪري رکن. کل لاهيندا ويندا ۽ رک بدن تي مليندا ويندا. اهڙِءَ طرح سڄي کل لاهي وٺن ۽ رک سڄي بدن تي ملي ڇڏين. جيئن آلي بدن تي هوا نه لڳي ۽ رک آلاڻ چُهيو وٺي.

پر جي بيماري انهيءَ درجي کان وڌي وڃي ۽ سُور جون سُوٽون شروع ٿين ته ٺِڪَر جي لوٽي ۾ باهه جي ڪِر يعني گرم رک وجهي، ڇاتي ۾ سُور واري هنڌ تي سُهائيندو سيڪ ڪن، جيئن ڦڦڙن ۾ ڄميل رک پگهرجي. چانور دانگيءَ ۾ وجهي باهه تي اسڙي ڪونڊيءَ ۾ ٿوري پاڻيءَ جي ڇيڊي سان گهوٽي جڏهن ليس وارا يعني چيڪڻا ٿين، تڏهن بدن تي پلستر وانگر لائين. مٿان وري واري پُسائي، دانگيءَ تي ڪوسي ڪري ان مٿان ڪپهه جا پها رکن، جي جڏهن ڪوسا ٿين، تڏهن پلستر جي مٿان چنڀڙائي ڇڏين. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿيو پوي. ڪڪڙ جو آنو هَڪيو ملي وڃي ته اُهو تَري کائين. ٻاجهريءَ جي ماني پچائي هڪ پاسو پڪو هڪ پاسو ڪَچو ان تي سنهي پيٺل هيڊ بُرڪائي، اُهو ڇاتيءَ تي ٻڌن. گهوڙي جي پراڻي تَلَ جا ٽُڪر پُسائي گرم ڪري ٻڌن. سراب يا برانڊي ملي ته تولو اڌ صبح شام پيارين.

ٿڌ لڳي يا ليس ٿئي ته پڪل سِرَ جو ٽڪر باهه ۾ گرم ڪري بيمار کي ويڪاري ان جي اڳيان رکي، مٿان چوڌاري ڪپڙو ورائي پوءِ سِرَ تي جهَڻ هارين ته يڪدم ٻاڦ نڪرندي آهي، جنهن جي گرمائش جو اثر مغز ۽ ساري بدن تي ٿيندو آهي. ٻه ٽي منٽ ائين ڪن، پوءِ ڪپڙو پري ڪن ته فائدو ٿيو پوي. هن کي ”ٻاڦاڙو“ چون.

بدن تي ڦرڙيون ٿي پون يا سِير کوئي اچي ته ڍاماسو گاهه آڻي پاڻيءَ ۾ اوٻاري ڇاڻي ان سان سنان ڪن ته فائدو ٿيو پوي.

وائي سور ٿئي ته ترن جي تيل جي مالش ڪري مٿان هيرڻ جا پن ٻڌن، يا زناني جُتيءَ ۾ ست چپٽيُون ڌوڙ جون وجهي سور واريءَ جاءِ تي ست دفعا آهستي آهستي هڻن.

جي ڪنهن کي ماتا ٿي پوي ته اُن لاءِ ڦڪي سُتي سان وڌيڪ ڪِري (پرهيز) تي زور ڏين. جنهن جاءِ ۾ بيمار هوندو ان جي دروازي جي ٻاهران پُراڻو هَرُ ۽ ٺڪر جي ٺَينٻَرَ ۾ گڏهه جي لِڏ پاڻي ۾ پُسائي رکندا، جيڪو به ٻاهران مانهو بيمار کي پڇڻ ايندو، سو پنهنجي پير جو آڱوٺو اُنهيءَ ٺڪر ۾ پيل پاڻيءَ واري لِڏ مان پُسائي پوءِ اندر گهڙندو. بيمار کي هاٿيءَ جي لِڏَ پاڻيءَ ۾ پُسائي پياريندا. ڪڻڇيءَ ۾ ٽانڊا وجهي، مٿان ٿوروهُرمرو وجهي وقت بوقت ان جو دونهون ڪندا رهندا. هندو ماڻهو گهر ۾ گوشت ڪونه ورتائي، تنهنڪري وڌيڪ ناراض ٿيندي ۽ نقصان رسائيندي. هن ديويءَ جي سواري گڏهه تي آهي، تنهنڪري ڪنهن نه ڪنهن گڏهه کي روزانو داڻو ڏيندا رهندا آهن، جيئن ديوي خوش ٿئي. مريض جي صحتياب ٿيڻ تي کيس منگل جي ڏينهن گڏهه تي چاڙهي، مندر يا ٿانَ يا ڪنهن ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ وٽ وڃي پوڄا ڪرائيندا آهن. سومر شام ڀَت ۽ لولاتيار ڪري رکندا. منگل صبح جو پڇوڄا ڪندا. ان ڏينهن گهر جي چُلهه ۾ ٽانڊو نه ٻاريندا. ان کي چوندا ته ”ٿڌو چلهو واريو آهي“. ڪي ته پوءِ به اهڙيءَ طرح پنج – ست ٿڌا چلها واريندا آهن، جن جي اڳ ۾ بيماري وقت باس باسي ڇڏيندا آهن.

دوائن جي خرچ ۽ مسافريءَ جي تڪليفن جي ڪري اسپتال ڏي ڪونه وڃن، البت ڏاهن جا ڏُس ڪن، پر وڌيڪ ويساهه ڀوپن ۾ رکن. بيمار تي ڀوپو ضرور ڌوڻائين، نه ته به ان کان پڇن ضرور، نه ته يبمار چڱو ڀلو نه ٿيندو، اهو يقين اٿن.

ٿر ۾ وسڪاري جون ڪيتريون ئي ٻوٽيون ٿينديون آهن، جي بيمارين لاءِ فائدي واريون آهن، پر ماڻهن ۾ انهن کي ڪم آڻڻ جي سُرت مَٺي آهي. ڪي ڪي ماڻهو جي سمجهن ٿا، سي انهن مان فائدو وٺن ٿا، نه ته ٻيا ڪوري جا ڪورا. البت ڪن کي بيمارين جي سادن علاجن جي سڌ آهي، يا ڪنهن ڏاهي کان پڇي وٺندا آهن. ائين پيا مڙيئي عمر جا ڏينهن پُورا ڪن.

 

ٽُوڻا، ڦِيڻا ۽ ٽوٽڪا

جيئين آءٌ اڳ واضح ڪري آيو آهيان ته ملڪ ۾ ڀوپا، ٽوٽڪائي ۽ جهاڙون وجهندڙ جام آهن. اڪثر پڙهيل ماڻهن جو انهن ڳالهين ۾ ويساهه اصل ڪونهي. ٻهراڙين جو آدم اڻ پڙهيل ۽ قديم ريتن رسمن جي ڪري ٽوڻن، ڦيڻن ۽ ٽوٽڪن تي هريل آهي، تن جو انهن ڳالهين ۾ ويساهه ججهو، تنهنڪري ڪيترين بيمارين ۾ ٽوٽڪن کان ڪم وٺن، ڀوپن کان پڇن ۽ جهاڙون وجهائين. ڪيترن کي فائدو به ٿيو پوي. ڪن بيمارين لاءِ ڪي خاص ٽوٽڪائي ۽ جهاڙون وجهندر ٿيندا آهن، جن وٽ علاج ڪرائبو آهي، جنهنڪري شهرن جي ڳرن خرچن ۽ ڊاڪٽرن جي فين کان بچيا پيا اهن. حقيقت ڪري ڏسبو ته انهن ۾ به طبي اصول سمايل آهن. هن هيٺ ڪن بيمارين جو بيان ڪجي ٿو، جن لاءِ ڪيترائي ٽوڻا، ڦيڻا ۽ ٽوٽڪا ڪبا آهن.

سِدڪار: جيڪڏهن گيهه کائي مٿان يڪدم پاڻي پيئبو، يا سڻڀ وڌل ٿانءُ ۾ پاڻي وجهي پيئبو، راند ڪرڻ ڪري، پورهيي ڪرڻ ڪري، يا اُس ۾ پنڌ ڪرڻ ڪري، جڏهن بدن گرم هوندو آهي، ان وقت يڪدم پاڻي پيئبو ته ”سدڪار“ پوندو آهي. تنهنڪري ساهي پٽي، ڦوڪارو کائي، پوءِ پاڻي پيئجي. اهو وڏن ننڍن سڀني کي ٿي پوندو آهي.

هن حالت ۾ مٿي ۾ سُور، بدن ۾ سستي، اَنگ ڀڄڻ، سَنڌن ۾ سور، بخار اچڻ ۽ بدن ڳورو ٿي پوڻ وغيره معلوم ڪبو آهي، جنهنڪري مانهو بيچين ٿي پوندو آهي.

هن لاءِ سدڪار جو هٿ هڻائبو آهي. ڪي مرد ۽ عورتون، سدڪار جو هٿ هڻندا آهن. ڪي سج لهڻ بعد ۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان اڳ، ۽ ڪي ڪنهن به وقت هٿ هڻندا آهن. بيمار کي ويهاري، هٿ هڻڻ وارو (مرد يا زال) ڦلهيار مان ٻنهي هٿن جا آڱوٺا، ڏُسڻيون ۽ وچيون آڱريون ٻوڙي، پهرين مريض جي نراڙ جيٻنهي پاسن زور ڏيندو، پوءِ نڪ تي ٻنهي پاسي زور ڏيندو، پوءِ ٻنهي ڳلن، ٻنهي ڪنن جي پاپڙين، ڪلهن، گوڏن ۽ پيرن تي هٿ رکي ٿورو ٿورو زور ڏيندو ۽ هر دفعي چوندو ويندو ته ”سدڪار ڀڄي“ وغيره، ته مريض کي اُٿاري، پٺيرو ڪري، پُٺيءَ تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻبو، ۽ ڪي ڦلهيار تي سُبتو هٿ رکي مريض جي پيٽ تي گهمائيندا، ۽ ٿورو زور سان مهٽي، دُن وٽ چپٽيءَ سان جهلي ٿورو لوڏو ڏيندا. ائين پنج يا ست دفعا ڪبو آهي. ائين ڪرڻ سان فائدو ٿي ويندو آهي، نه ته ٻو دفعو هٿ هڻائبو آهي.

ويلڻ: ڄنگهه ۾ ڳَڙَ ٿيو ته سٿر جي مٿئين پاسي ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، جنهن کي ”ويلڻ“ يا ”بِر اُکڻ“ چئبو آهي. هٿ سان زور ڏبو ته مٺو مٺو سور محسوس ٿيندو. هنلاءِ ڳُڙَ جو علاج ڪبو اهي. جڏهن ڳَڙَ ڇٽي ويندو آهي، تڏهن از خود ڳوڙهو ختم ٿي ويندو آهي ۽ ٻيا هيٺيان سوڻ ڪبا آهن:

(1) اَسر جو جڏهن اڃا جهرڪيون اُٿيون نه هجن، ان وقت مريض ننڊ ۾ هجي ته ٻيو ماڻهو اَٻولو (يعني اٿڻ بعد ڪنهن سان نه ڳالهائي) ٿي، وارلو (زنانو زيور جو زالون ڳچيءَ ۾ پائينديون آهن) کڻي ست دفعا آهستي آهستي ويلڻ تان ڦيري ڇڏي. اهو عمل اهڙيءَ طرح ڪجي، جيئن مريص کي سجاڳي نه ٿئي.

(2) مانين ٺاهڻ واري ويلڻ، اسر جو ننڊ جي حالت ۾ ست دفعا مٿس ڦيري ڇڏجي. مريض ننڊ ۾ هجي ته بهتر، نه ته سجاڳيءَ جي حالت ۾ به ڦيري ڇڏجي ٻه ٽِي دفعا ائين ڪبو ته فائدو ٿي پوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org