سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 18

صفحو ؛ 27

 

باب ارڙهون

ٿر جا ميلا

سنڌ وانگر ٿر ۾ وڏا ميلا ڪونه ٿا لڳن. ننڍا ننڍا ميلا لڳندا آهن، سي به اُتي، جتي ڪنهن نه ڪنهن پير، فقير، اولياءُ درويش، سنت وغيره جو قبو، پاڙيئو يا قبر وغيره آهي. انهن ميلن ۾ وڏا ناٽڪ، گهڻو واپار، يا نامي مَلَهن جا ملاکڙا ڪونه هوندا آهن، فقط معمولي دڪان، خاص ڪري مٺائيءَ جا دڪان ۽ چانهه جون هوٽلون وغيره کُلن، ڇو ته ماڻهو سُکا پوري ڪرڻ لاءِ مٺايون ورهائيندا آهن. او سي پاسي جا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، جي ملاکڙا لڳائيندا آهن. اُهي ڪجهه انعام به ڏيندا آهن. اُٺ ۽ گهوڙا گهمائيندا آهن. بعضي شرطون لڳائيندا آهن. ٺلهي واه واهه هوندي آهي. هندو درويشن تي ڀڄڻ ڳائبا اهن. اهي ٽوليون مينگهواڙن جون هونديون آهن. ڪٿي هڪ ڏينهن ڪٿي ٻه، ٽي يا وڌيڪ ڏينهن ميلو هلندو آهي. ڪن ڪن هنڌن ڪي ماڻهو ديڳون رڌي عام طرح کارائيندا آهن. ڪي ٻڪر قرباني ڪندا آهن، مڍايون ورهائيندا آهن. اهي ميلا جيتوڻيڪ بلڪل معمولي آهن، پر ٿر جي ماڻهن (جن مان ڪيترن اڃا ريل گاڏي به ڪانه ڏٺي آهي) کي انهن جي ڏسڻ مان ڏاڍو مزو ايندو آهي. ٿر جا هيٺيان ميلا مشهور آهن:

*راضي شاهه: هي ميلو مٺي تعلقي ۾، نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيسن جي ڏڱڻ – اوڀر طرف، ٿر ۽ سنڌ جي ڪَس تي مير ڪرم علي خان ٽالپر جي ٺهرايل ڪوٽ (جو اڃا بيٺو آهي) جي ڏکڻ – الهندي طرف ذوالحج يعني عيد الضحيٰ تي سال بسال لڳندو آهي. هتي سيد راضي شاهه گهوٽ لڪياريءَ جو عاليشان قبو آهي ۽ مُجاور رهي ٿو. هي سڀني کان وڏو ميلو آهي، جتي ڪافي ماڻهو پري پري کان ايندا آهن. هر ڪنهن قسم جو چڱو واپار هلي ٿو. ملاکڙو به لڳندو آهي.

*پاربرهم: ڏيپلي تعلقي ۾ شهر کان 6 ميل اتر الهندي طرف ’ويڙهي جهپ‘ جي ڳوٺ ۾ سڀڪنهن سال 5- ڄيٺ کان 20- ڄيٺ تائين 15 ڏينهن لڳندو آهي. هتي پارُو فقير (پاربرهم) جيئري سمانڌ ورتي هئي، جا اڄ تائين ٺهيل آهي. مٿان ڇت جوڙائڻ جي منع آهي. هتي پينگهون، ملاکڙا، تماشا ۽ طائفا ڪونه ٿين. هتي جاترين لاءِ ڀيل ڪچيون لانڍيون ٺاهيندا آهن. معمولي دڪان کلندا آهن، ڀڄن ڳائبا آهن. چانورن جون ديڳيون لاهي ورهائيندا آهن. برهمڻن لاءِ برهم ڀوڄ ٿئي. شام جو جاتري سمانڌ وٽ وڃي آرتي ڪن روٽ ورهائين.

*شِو جو ميلو: هي ميلو ٽن هنڌن تي شو راتڙي ڏينهن لڳندو آهي:

1- عمرڪوٽ جي ڀرسان کاروڙي ڳوٺ وٽ، جتي شِوَ جو مندر ٺهيل آهي. ٽي ڏينهن هلندو آهي.

2- ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي سارڌري تيرٿ تي شوراتڙيءَ جي ڏينهن لڳندو آهي. هي هندن جو مشهور تيرٿ آهي. ڪيترائي شرڌالو ايندا آهن، ڀڄن ڀاو ٿيندو آهي.

3- مٺي شهر ۾ شوراتڙيءَ تي مهراج شامداس مختيارڪار پنهنجي سوڳواسي پتا مهراج مکي تارا چند جي يادگيريءَ ۾ لڳائيندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. سنڌ کان ڪافي ملهه، ڀڄنن وارا، ڳائڻا ۽ ڀڳت ايندا آهن. گهوڙن ۽ اُٺن جون شرطون، ناٽڪ ۽ ملاکڙو لڳندو آهي. ڀڳت ٿيندي آهي. مهراج پنهنجي سر انعام ڏيندو آهي ۽ ميلي لاءِ خرچ ڪندو آهي.

*رام گِر جو ميلو: هي ڇاڇري کان ٽي ميل اوڀر طرف ننگرپارڪر ڏانهن ويندڙ شاهي رستي تي ’رامجي جي ويري‘ ڳوٺ جي ڀرسان مانگهه جي چانڊوڪي ستمي ۽ ڀڊي جي گيارس تي لڳي ٿو، جو ٻه ڏينهن هلندو آهي. هتي ڪچي مٽيءَ جو آستان ٺهيل آهي. ننڍي پيماني تي مٺائي جا دڪان کلندا آهن ۽ ملاکڙو لڳندو آهي. روايت آهي ته ڌُوپ لاءِ باهه تي گيهه جي بدران پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻبو آهي ته لاٽ ٿي پوندي آهي!

* مالهڻ: هي ميلو ڳوٺ چيلهار کان 6 ميل ڏکڻ طرف مٺيءَ ڏي ويندڙ شاهي رستي تي ڳوٺ هريار جي ڀرسان هر ڪنهن سال مانگهه جي چوڏس سهائي تي لڳندو آهي. جو ٻه ڏينهن هلندو آهي، مالهڻ هڪ راجپوت ڇوڪري هئي، جنهن جو مڱڻو ٿيو هو پر ڪن سببن جي ڪري شادي ڪانه ٿي جنهنڪري هوءَ سَتي ٿي. ان بعد راجپوتانا ۽ ٿر ۾ هن جي اڄ تائين ماڻهو ديوي وانگر پوڄا ڪندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ميلا به لڳانيدا آهن. انهيءَ هنڌ شاهي رستي جي اتر طرف ڪچي مٽيءَ جي ڪوٺي ٺهيل آهي، جنهن جي چوڌاري جهنگ آهي. ميل – ڏيڍ چوگرد دائري اندر ڪوبه ماڻهو وڻ نه وڍيندو آهي. ماڻهو کي اهو وهم ويٺل آهي ته اسان کي نقصان پوندو. ڀرسان ميل کن پنڌ تي هَريارَ جو ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جتي راجپوت، مينگهواڙ ۽ مسلمان ڪنڀر رهن ٿا. هتي راجپوت ذات جو ڀوپو رهي ٿو، جو ميلي واري وقت ۾ مورتيون کڻي اتي وڃي کُڏ ۾ رکندو آهي. ڪيترا ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن جي ڀيٽا به رکندا آهن، جا ڀوپو کڻندو آهي. ميلي گذرڻ بعد مورتيون کڻي اچي پنهنجي سنڀال هيٺ رکندو آهي. زيارتي سُکائون چاڙهيندا آهن. رواجي دڪان هوندا آهن. ملاکڙو لڳندو آهي. هتي ماڻهو پاڏا ۽ ٻڪر قرباني ڪندا آهن، جن جو جهاٽڪو ڪبو آهي ۽ پلاهه رڌي سڀني کي ورهائي ڏيندا آهن.

*چُندو پير: هي مشهور بزرگ پير پٿوري جي ڪُل مان آهي، جنهنڪري کيس پٿوري پوٽو چوندا آهن. هتي هڪ ڪچڍي مٽِءَ جو پاڙيئو ٺهيل آهي، جو ڳوٺ ڪانٽيي تعلقي ڇاڇري کان ٽي ميل ڏکڻ الهندي طرف ڇاڇري ڏي ويندڙ شاهي رستي تي، ڳوٺ مٺڙيي ڀرسان آهي. هتان ڇاڇرو- ڪنري لاريءَ جي سروس آهي. ميلو سڀڪنهن سال ڀڊي جي چنڊ تي لڳي ٿو، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. رواجي دڪان، خاص ڪري مٺائيءَ جو کلندا آهن. ملاکڙو ۽ وهٽن جون شرطون لڳنديون آهن. ماڻهو ڪافي انداز ۾ ايندا اهن. ڳوٺ ڪانٽيي جي پئنچات جي پاران سڀني کي ڀَت کارايو ويندو آهي.

* هَرداس ڀڳت: هي ميلو مٺي شهر ۾ اوڀر طرف دڙي تي سڀڪنهن سال چيٽي چنڊ تي لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. هتي ڀوت جو ”ڏيهرو“ ٺهيل آهي. هرداس ڀوت ذات جو پشڪرڻو برهمڻ اصل ڇاڇري جو ويٺل هو،. درويش صفت ۽ سنت هو. هن پيشنگوئي ڪئي هئي ته ترت ڇاڇري تي ڪا مصيبت اچڻي آهي، تنهنڪري پاڻ ۾ ڪي ماڻهو لڏي اچي مٺيءَ ۾ ويٺا. ترت ئي مدد خان پٺاڻ اچي ڇاڇري ۾ ڦرلٽ ڪئي. ڀڳت جا پويان اڄ تائين مٺيءَ ۾ رهن ٿا، جن کي به ڀڳت سڏبو آهي. اُنهن لاءِ ماڻهن ۾ اڄ تائين چڱي شرڌا آهي.

*سيد مصري شاهه: هي ميلو مٺي شهر کان الهندي طرف نئين ڪوٽ ڏي ويندڙ شاهي رستي تي، گاڏي واري لڪ وٽ، هر ڪنهن سال ڀڊي جي ڏهين تاريخ لڳي ٿو، جو ٻه ڏينهن هلي ٿو. هتي هڪ قبو ٺهيل آهي، جنهن کي چوڌاري ڪَنڊن جو لوڙهو ڏنل آهي. ڪافي خلق ايندي آهي. چڱو ملاکڙو لڳندو آهي. مٺائيءَ جا دڪان ۽ چانهه لاءِ هوٽل لکندا آهن.

* معين شاهه: هي ميلو ڳوٺ ٽِڳٺيو تعلقي ڇاڇري ۾ سڀڪنهن سال عاشورن جي وقت لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. هتي معين شاهه جي تربت ۽ شاهي مقام آهي. مجاور به رهي ٿو. ڪافي زيارتي ايندا آهن ۽ ڇيلن جون قربانيون ٿينديون آهن. چوپائي مال جي بيماريءَ جي حالت ۾ ماڻهو باسون باسيندا آهن، تنهنڪري مالدار ماڻهو کير آڻي کيرڻي رڌي ماڻهن کي کارائيندا آهن. ڀت جون ديڳيون پڻ لهنديون آهن.

* مائي جيتان: هي ميلو ڳوٺ ميهلاڻو تعلقي ڇاڇري ۾ ڀڊي جي چنڊ تي لڳندو آهي. سڄي ٿر ۾ خاص ڪري مينگهواڙ اُن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي جيتان جا ڀوپا آهن، جتي ننڍي پيماني تي روٽَ، ڪُنِي (ڀت) ۽ گهيٽا قرباني ڪندا آهن.

*کنگهار پير: هي فقير پير پٿوري جي نسل مان آهي. هــي ميلو ڳوٺ جانـــهيرو تعلقي عمـر ڪوٽ ۾ سڀڪنهن سال ڀڊي جــــي چنڊ تي لڳندو آهي، جو ٻـــه ڏينهن هلندو آهــــي.

هتي ڪچي مٽيءَ جو ٿلهو ٺهيل آهي، جنهن کي کنگهار پير جو ”اوٽو“ چوندا اهن. ڪافي جاتري ايندا آهن. سڄي رات ڀڄن هلندا آهن ۽ صبح جو ملاکڙو لڳندو آهي. مٺائيءَ جا دڪان کُلندا آهن.

*رامڏيو پير: ڳوٺ ڪاسبو تعلقي ننگر پارڪر ۾ سڀ ڪنهن سال ڀڊي جي يارهين تاريخ لڳندو آهي.

*ڏيول ڏيوي: هي ميلو ڳوٺ روهڙ تعلقي ڇاڇري ۾ دسهڙي تي لڳندو آهي. هي چارڻن جي ديوي آهي.

*پير عالم شاهه: هي ميلو ڳوٺ گڍڙي کان ڏکڻ طرف نو ميل پنڌ تي ڳوٺ عيساڻيءَ ۾ لڳندو آهي.

*پير حسن علي شاهه: هي ميلو هيرار ڏيٿا تعلقي ڇاڇري ۾ لڳي ٿو.

*همير پير: هي ميلو ڳوٺ چيلهار کان ٻه ميل اتر طرف ڳوٺ کيجراڙو ڀرسان مانگهه جي چنڊ تي لڳندو آهي. هتي پڪ سِرو ڏهرو ٺهيل آهي. ميلو هڪ ڏينهن هلندو آهي ۽ رواجي دڪان کلندا آهن. ڳوٺ جي ٺڪرن جي پاران کيرڻي ۽ ڀت کاريو ويندو آهي.

*سامي: ڳوٺ ميگهي جو تڙ تعلقي ڇاڇري جي اوڀر طرف ڏيڍ ميل پنڌڏ تي هيڪل ڪوريءَ جي ڏهر ۾ ڀڊي جي چنڊ تي هڪ ڏينهن لڳي ٿو. هتي ٻڪر قربان ڪندا آهن.

*مارئيءَ جو ميلو: ڳوٺ ڀالوا تعلقي ننگرپارڪر ۾ مارئيءَ جي کوهه وٽ پهريون دفعو 6- مارچ 1967ع تي، مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر، سابق وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۽ سابق ايم پي اي جي ڪوشش سان لڳو هو، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس (مقالا ۽ شعر)، ٿري ناچ ۽ لوڪ گيت، ناٽڪ، سئنيما شو وغيره ڪيا ويا. بجليءَ جو بندوبست هو. مير صاحب پاران سڀني لاءِ کاڌي جو بندوبست پڻ ڪيل هو.

مڪان ڇَهڙو تلقي ڇاڇري ۾ گڍڙي کان چوڏهن ميل ڏکڻ طرف سيد صلاح الدين شاهه جو ۽ اسلام ڪوٽ ۾ چيتن ڀڳت جو ميلو لڳندو آهي.

ٿر ۾ ٻيا به ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جي ڪنهن نه ڪنهن پير، فقر، ڀوت ۽ بزرگ جي نالن سان مشهور اهن، جتي ڪن خاص ڏينهن تي ڇيلا ۽ گهيٽا قربان ڪيا ويندا اهن، ڀت ڪندا آهن ۽ مٺايون ورهائيندا آهن.

ٿر ۾ هندو ۽ اڇوت عورتون ويرت ۽ ايڪاڻا رکنديون آهن، جي گهڻن ئي نمونن جا آهن. خاص ڪري ساوڻ مهيني ۾ ننڍي ٽيج ۽ وڏي ٽيج مشهور آهن. اهو وقت ڀرپور وسڪاري جو آهي، چوڌاري جهرجهنگ ۾ ساوڪ جي بهادري هوندي آهي. ٻنين ۾ ڇانهه (جي اڃا ڪچا هوندا اهن) ڇڊا، مگر چِڀڙيون (گدريون) مڙيئي کائڻ جهڙيون هونديون آهن. اُن وقت ٻنين ۾ ٻاجهريون گوڏي يا چيلهه جيڏيون هونديون آهن، ڪي لِنگهلنديون آهن ۽ ڪي انهيءَ سعيي ۾ هونديون آهن. ان وقت ٿري ماڻهن – مرد ۽ عورت، ڇوڪر ۽ ڇوڪري ۾ بهادري هوندي آهي. ٽيجون به انهيءَ موقعي تي ٿين. عورتون ۽ ڇوڪريون ٽيجون رکن. صبح جو سوير اَسر ڌاري جهرڪين سُتي مهل ماني کائين، ڏينهن جو چانهه پيئن، ڪوپرا، ميوات وغيره کائين، ماني وري رات جو 9 بجي ڌاري کائين.

ان وقت ڏينهن جو وندر لاءِ پينگهه لُڏن. ڪي ته پنج – ست ڏينهن اڳ پينگهه ٻڌندا آهن. نه رڳو عورتون پر مرد به اهو چشڪو وٺن. ڳوٺن ۾ ماڻهن جي گهرن ۾، چوسولن تي ڀرپاسي ڪنڊن ۽ نمن جا وڻ عام آهن. ڪنهن اهڙي سهوليت واري هنڌ، جو وڻ پينگهه جي ڏانوَ جو هوندو آهي، ان جي مضبوط ٽار ۾ ڪنهن مضبوط رسي يا وَرتَ، جا کوهه مان پاڻي ڇڪڻ لاءِ ڪم ايندي آهي، سا آڻي ٻيڻي ڪري (ڇو جو هيڪوڻي جي ڇڄڻ جو انديشو رهي ٿو) مضبوط پينگهه ٻڌي لڏبو آهي. پوءِ ته جوانن کي رونشو لڳي. پاڻ ۾ شرطون رکن ته ڪير ٿو پينگهه وڌيڪ مچائي ۽ مٿي وڃي.

هڪ ڪاٺيءَ جي مضبوط پٽي ڏيڍفوٽ ڊگهي کڻي ان جي ٻنهي پاسن سِرَڻَ جي پڇ وانگر يعني کليل ڪئنچيءَ جي هڪ پاسي جيئن ڪٽي تير ڪري هيٺ پينگهه ۾ ٻنهي پاسن کان اٽڪائيندا، جيئن بيهڻ يا ويهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ۽ پاسن کان سَروُن خلاسيون بيهن. ڪي وري ٻه ڪاٺيونک ڻي لاڳيتيون رکي ٻنهي کان ڏيڍ – ڏيڍ انچ ڇڏي وچ ۾ سنهي رسي سان ڳُتي مضبوط ڪندا اهن ۽ پوءِ اها پينگهه اٽڪائيندا آهن، هن کي ”پينگهي“ چئبو آهي. پير پينگهيءَ تي رکي پاسن کان ٻنهي هٿن سان جهلي مڇائيندا آهن. ڪي فط اڳئين پاسي زور ڪندا اهن. ڪي پوئتي موٽڻ وقت به پُٺڀرو زور لڳائيندا آهن. ائين دو طرفي زور سان وڌيڪ مچندي آهي ۽ انهن کي وڌيڪ هوشيار ليکبو آهي. ڪي اڪيلا ڪي ٻه ڄڻا آمهان سامهان بيهي لڏندا آهن. پر مزو اڪيلي لُڏڻ ۾ آهي.

عورتن لاءِ گهرن ۾ يا ڀرپاسي ۾ ڪو وڻ هوندو ته اتي پينگهه ٻڌن، جتي سڄو ڏينهن عورتن ۽ ڇوڪرين جي پيهه لڳل هوندي. ڪي اڪيليون، ڪي ٻه ڄڻيون آمهون سامهون بيهي لُڏنديون آهن، يا هڪ ويٺل ۽ هڪ بيهي لڏندي آهي. بعضي هڪ ويهندي ۽ ٻي پٺيان لوڏا ڏيندي. ڪي پاڻ ويهي، هنج ۾ ننڍو ٻار ويهارينديون آهن، ٻيون پٺيان لوڏينديون آهن.

پينگهه جي ٻن رسن کي ويڪرو ڪري ننڍي کٽولي اُبتي ڪري رکن ته ساهمي جي پُڙ وانگر ٿي پوي، پوءِ ٻه ٽي ننڍيون ڇوڪريون ان کٽولي تي ويهنديون ۽ ٻيون لوڏينديون آهن. يا ٻنهي رسن کي وڪرو ڪري هڪڙي هڪڙي پاسي ۽ ٻي ٻئي پاسي آمهون سامهون ويهي پير آمهان سامهان پاسن وارين رسين ۾ اٽڪائينديون آهن تهوڇچ ۾ تختي وانگر جاءِ ٿي پوندي، جنهن تي هڪ ٻه ننڍا ٻار ويهارينديون ۽ ٻنهي پاسن کان ٻيون زالون کين لوڏينديون.

بَهوُئاريون يعني نُهون، ڏينهن جو نه لُڏنديون آهن، ڇو ته وڏا مائٽ جيئن ته سُهرا ۽ جيٺ وغيره ڏسي نه وٺن، تنهنڪري رات جو لُڏنديون آهن.

اهڙي موقعي تي جي سهولت وارو وڻ نه هوندو ته گهر جي ويڙهي ۾ مضبوط ڪاٺين جون ٿوڻيون کوڙي مٿان آڏوري (آڏي ڪاٺي) رکي، ان ۾ پينگهه ٻڌبي آهي، اهڙين ڇوٽين پينگهن لاءِ رسا ڪم آڻبا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ٻار وندر لاءِ پينگهه ٻڌندا آهن. وسڪاري جو کِپ يا سِڻَ جي نوڙي وَٽي، اُن سان ٻني ۾ ڪنهن وٽ ۾ پينگهه ٻڌي ننڍا ٻار لڏندا آهن. بعضي ننڍا ٻار گهر ۾ آڙو ڪندا آهن تهمائٽ در جي چوکت جي مٿئين ڪاٺي يا منڏهيڙي آڏيري ۾ رسيءَ سان پينگهه ٻڌي ڇڏيندا آهن.

بعضي ڌنار ۽ ٻڪرار مال چاريندي جهنگ ۾ ڪنهن وٽ ۾ نوڙي سان پينگهه ٻڌي لڏندا آهن.

 

چينڪلو

جيتوڻيڪ سڀڪو مارُو ماڻهو ننڍو وڏو سڄو ڏينهن ڪم ۾ رڌو پيو آهي، ته به ننڍا ڇوڪرا ڪم ڪندي به وقت بچائي يا جيڪا ٿوري گهڻي فرصت ملي، تنهن ۾ ويچارا ڪانه ڪا وندر به وڃي ڪندا آهن. ڌنارن جي خاص وندر چيڪلو به آهي. صبح جو مال جي جيستائين ڏُهئي ٿئي يا شام جو وٿاڻ تي اچڻ مهل ڪجهه وقت مڙيئي ملندو آهي، يا ڏينهن جو مال پهرائي جهنگ ۾ وڃن، مال پيو چَري، پاڻ ڪٿي ويهن ته وندر ضرور کپي، تنهنڪري وٿاڻن تي ۽ جهنگ ۾ اهڙن هنڌن تي چيڪلا ٺاهيندا آهن.

هڪ مضبوط ڪاٺي وٺي هڪ پاسو ٿلهيرو نوڪدار ڪري زمين ۾ ڏور کڻي اهڙيءَ طرحکوڙيندا، جيئن ڪاٺي ٽي فوٽ کن زمين کان مٿي هجي. ٻي ڪاٺي ڇهه ست فوٽ کن وڍي وچ ۾ ٿورو گول کانچو ڪري، اُها کُتل ڪاٺيءَ جي نوڪ تي رکندا، جيئن چوگرد ڦري سگهي. پوءِ هڪ ڇوڪر مٿينَ ڪاٺيءَ جي هڪ پاسي لانگ ورائي ويهندو جيئن وهٽ تي چڙهبو آهي. ٻيو ٻئي پاسي ويهندو. پوءِ هڪ ڇوڪرو هيٺ ٿيندو ته ٻيو مٿي کڄندو، وري ٻيو هيٺ ٿيندو ته پهريون مٿي کڄندو، ائين وندر ڪندا رهندا. يا ٻيئي ڇوڪرا پيرن جي زور تي چوڌاري گول ڦرڻ شروع ڪندا آهن. پير ڪنهن مهل ڌرتيءَ تي لڳائيندا ته ڪنهن مهل مٿي ڪندا، ته چيڪلو گول ڦرندو رهندو. آهستي آهستي ٿيندو جڏهن واءُ چڙهندو آهي تڏهن پير ڌرتي کان مٿي ڪندا ته ڪجهه وقت پيو ڦرندو. جڏهن ڏسندا ڍرو ٿيو آهي تڏهن وري ڌرتيءَ تي پيرن جو زور ڏيئي ڦرندا. ائين جوڙي جوڙي ٿي پيا پاڻ وندرائيندا.

ڳچ وقت ڦرڻ ڪري ڀَونرَ (ڦيري يا چڪر) اچيو وڃي، ان مهل يڪدم چيڪلي تان لهي هلبو ته پير پيا ٿڙندا، ڪي ته ڪريو به پون، ته ڀر ۾ بيٺل ڇوڪرن ۾ کِل جو ٽهڪڙو مچي ويندو. چيڪلي ۾ ڦرڻ ڪري ڪِري پوڻ جو خطرو رهي ٿو، بعضي ڌڪ به اچيو وڃي، تنهنڪري ڦرڻ مهل خبرداري ڪبي آهي.

 

رانديون

سڄي دنيا وانگر ٿر ۾ به راندين جو ڏاڍو چاهه آهي: ڇڪر، وڪريون، عورتون، مرد، جواب ۽ پوڙها سڀ رانديون ڪندا اهن، جن جا جدا جدا نمونا اهن. راندين ۾ فقط وندر آهي پر ٻيا مقصد به آهن. ازان سواءِ موسمن، ڏينهن رات، صبح، منجهند، شام ۽ عمر وغيره جو به خيال رکبو آهي. ڪي رانديون وندر ۽ ڪمائي جي چُوش جي ڪري ڪبيون آهن، جيئن ته جوئا، ڪي ڏينهن جي وندر جي لحاظ کان هڪ هنڌ ويهي ڪبيون آهن، جيئن ته چوپڙ، پَتا، چَلهَر، نوکڻي، شينهن ٻڪري، ڪوڏين راند، کٽ کٽاڻي، اِڪي ٻَڌي، ۽ گل راند وغيره. ڪي رانديون اهڙيون آهن جي کُليي ميدان ۾ وندر لاءِ ڪبيون آهن. پر اُنهن ۾ صحت جو به سڌارو آهي، جيئن ته مَلههَ، ٻلاڙو، ڪَٻڍي، گابڙي، ونجهوٽي، ميڻ، گُهِنَين واري، نانگيل ڦُوسيل، ڀٽاڀٽي، اندر ڀوپو، ڪُڙو، اٽي ڏڪر، آنبليو، پارڪر، چقمقو، کير کيروٽي، ڦِر ڦِر سونٽو، گُڏين راند، اُٺ اُٺاڻي وغيره. ڪن راندين جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.

جُوئا: ٿر ۾ جوئا راند جو عام رواج ڪونهي. وڏن ڳوٺن يا ٻهراڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها راند ڪبي آهي. ڪولهين ۾ سرسيرو رواج آهي. هي راند ڍاري جنهن کي ڇَڪو چون) ۽ پَتن سان ڪبي آهي. ڍارو عاج جو ٺهيل ڪعب شڪل جو هوندو آهي، جنهن تي هرهڪ پاسي گول نشان، هڪڙي پاسي هڪ، ٻئي پاسي ٻه، اهڙيءَ طرح ڇهن تائين هوندا اهن. جو ڪاٺ جو هَٿيي (جو اندران پورو هوندو آهي) ۾ وجهي اڇلائبو آهي. وڏا جوئاري ڍاري سان ۽ ننڍا جوئاري پَتن سان راند ڪندا آهن.

مهيشوري، برهمڻ، لهاڻا ۽ ٿورا ٻيا خاص هولي، شوراتڙي ۽ ٿڌڙيءَ تي جوئا ڪندا آهن. اها سندن خيال موجب ڌرمي رسم آهي جا ملهائيندا آهن. انهيءَ موقعي تي عورتون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرن به پئسن ۽ ڪوڏين سان گهرن ۾ پتن تي راند ڪندا آهن.

عام طرح جوا به پتن تي ڪبي آهي.

* پَتا: هن کي تاش به چئبو آهي. بازار ۾ عام ملندا آهن. هي راند سڄي ٿر ۾ سڀيئي پوڙها، جوان، ڇوڪرا اونهاري ۾ منجهند مهل ۽ سياري ۾ رات جو باهه ٻاري يا بتيءَ تي ڪندا آهن، عام طرح چار ۽ ڇهه ڄڻا، بعضي ٻه ڄڻا به ڪندا آهن. هن راند ڪرڻ جا به ڪيترائي قسم آهن. جيئن ته پِيَس ڪوٽ، دوهٿي، هَٿ ٻول، ڪاٽوپتو، راڻي، خالص ۽ جُوئا واري وغيره.

*چوپڙ راند: هي راند خاص ڪري وڏن ڳوٺن ۾ ۽ ٿورو ٻهراڙين ۾ اڪثر اونهاري جي منجهند جو ڏينهن ٺرڻ مهل پوڙها ۽ جواب ٻه يا چار ڄڻا گڏجي ڪندا آهن. هن ۾ ٽي ڍارا عاج جا چورس ٺهيل هوندا اهن، جن جي پاسن تي گول نشان هڪ، ٻه، پنج ۽ ڇهه هوندا آهن، جي هٿ سان ٽيئي گڏ اُڇلائبا آهن.

ساريون جن کي سوگِٺيون به چون، جملي سورهن هونديون آهن، جي ڪاٺ جون گول ۽ مٿان گنبذَ وانگر جنڊيءَ چڙهيل، پڪي رنگ سان ٿينديون آهن. چوپڙ ڪپڙي جي ٺهيل، چؤپلاندي رِلڪي جنهن تي خانا نشان ٿيل هوندا آهن. ڪن تي زري ۽ ڪلابات جو ڪم ٿيل هوندو آهي. راند ڪرڻ مهل مرضي موجب کولي راند ڪري پوءِ ويڙهي رکي ڇڏبي آهي. ڍارا نه هجن ته انهن جي بدران ست ڪوڏيون به ڪم آڻيندا آهن.

*چَلِهر: هي راند ٻه يا چار، گهڻو ڪري ننڍا ڇوڪر گڏجي يا ڪي جوان به، اڱڻ جي اوٽي تي اڱر يا ڪنهن ڪاٺي سان ليڪا ڪڍي يا واريءَ تي ليڪا ڪڍي ڪندا آهن. پوڙها ڪونه ڪن.

هرهڪ رانديگر وٽ چار ساريون هونديون آهن، جي هو پاڻ گڏ ڪندو. مثلاً چار ڪوڏيون، ککڙيون، ڦولهڙيون، ٺِڪريون، ڀتر، ڪکن جا ٽڪر وغيره. هر هڪ سنگتي وٽ جدا جدا قسمن جون ساريون هونديون آهن، جيئن سڃاڻي سگهجن. هن ۾ ڍارا ڪم ڪونه آڻين. چئن ڪوڌين سان راند ڪبي آهي، جي ڍارن وانگر پٽ تي اڇلائبيون آهن. اونڌين ۽ سنئين پوڻ تي  داڻا شمار ڪبا آهن. چارئي سنئيون پيون ته چئبو ”چلهر“ ۽ پنج داڻا شمار ڪبا، جي چارئي اونڌيون پيئون ته ”اَٺو“ ۽ ڏهه داڻا شمار ڪبا. انهن ٻنهي حالتن ۾ رانديگر کي هڪ ڌڪ وڌيڪ هڻڻ جي مجرائي ملندي. ٻي حالت ۾ جيتريون ڪوڏيون اوتريون داڻا شمار ڪبا. جنهن پنهنجون چار ئي ساريون اڳ رچايون، تنهن کٽيو. ان بعد ٻيو ، ٽيون، باقي جيڪو چوٿون پڇاڙي جو رهندو ان جي ڪا نه ڪا ساري رهجي ويندي، ان هارايو.

 * شينهن ٻڪري: هي راند واريءَ تي ڪک سان يا اوٽي تـي ڪاٺيءَ يا اڱر سان ليڪا ڪڍي ٻــه ڄڻا ڪندا آهن. هن ۾ هڪ ڄڻي وٽ ٻه شينهن ۽ ٻئي وٽ ست ٻڪريون ٿينديون آهن، جن جي ڪوڏين، ڪکن، ٺڪرن، ڀترن، ڦولهڙين مان پورت ڪندا آهن. هڪ ڄڻو وٺندو ٻه شينهن، ٻيو ست ٻڪريون.

هرهڪ ٻڪري، واري تي خانن ۾ رکندو ويندو ته ٻيو شينهن رکڻ بعد ساريون خانن ۾ چوريندو ويندو. شينهن جي سامهون ٻڪري آئي ۽ اڳيون خانو خالي هوندو ته شينهن کي اُن ٻڪريءَ مٿان ٽپائي، اڳئين خالي خاني ۾ رکبو ۽ اوها ٻڪري مُئي، جي ڪڍي ٻاهر رکبي. جي ٽي چار ٻڪريون ماري وڌائين ته راند کٽائين، پر جي ٻڪرين وارو اهڙي طرح ٻڪريون رکي، جيئن شينهن کي چُرڻ لاءِ ڪو خانو نه بچي، ته راند کٽيائين. هي راند اڪثر جهنگ ۾ مالدنار واندڪائي وقت ۽ ڳوٺن ۾ ننڍا ڇوڪر ڪندا آهن.

*نوکُڻي: هي راند اوٽي تي اڱر يا ڪاٺيءَ يا واريءَ تي ڪاٺي سان ليڪا ڪڍي پوڙها ۽ جوان، ٻه ڄڻا ڪندا اهن. هن ۾ سمجهه جي ضرورت اهي تنهنڪري ننڍا ٻار ڪري نه سگهندا آهن. هن ۾ هڪ هڪ وٽ نَو – نَو ساريون هونديون آهن، جن کي ڪڪِريُون چوندا اهن، جن جي ڪک، ٺڪر، ڀتر، ڦولهڙين مانپورت ڪندا آهن. پوءِ واري تي سڀڪو ڪڪري رکندو ايندو. جي ڪو ٽي ڪڪڙيون سڌائي سان رکي ويو ته ٻئي جي هڪ ساري ماريندو ۽ اها ڪڍي ٻاهر رڱکندو، تنهنڪري سڀڪو اها ڪوشش ڪندو ته آءٌ ڪڪريون اهڙيءَ طرح رکان جيئن منهنجيون ٽي ڪڪريون اڳ ۾ سڌائي ۾ اچن ۽ ٻئي جون سڌائي ۾ نه اچن. آخر جيڪو گهڻيون ڪڪريون ماري ويو، تنهن راند کٽي.

ڪوڏين سان ننڍا ڇوڪرا، کٽ کٽاڻي، اِڪي ٻَڌي ۽ گِل راند به ڪندا آهن.

*کٽ کٽاڻي: ٻه، ٽي ڇار يا وڌيڪچوڪر گڏجي ڪندا آهن. هولي، ٿڌڙي ۽ شوراتڙيءَ تي ننڍيون ڇوڪريون ۽ زالون بهڪنديونآهن. هرهڪ ڇوڪر پنهنجي هڪ هڪ ڪوڏي وجهندو. اُهي سڀيئي گڏي هڪڙو چڻو داءُ لاءِ پٽ تي اپلائيندو. جنهن جو داءُ پوندو سو پنهنجي ڪوڏيءَ سان ٻين ڪوڏين کي ٺوڪ سان چُٽيندو، جيڪي چُٽي سگهيو سي هن کٽيون. وري هڪ هڪ گڏي يا جن جون کٽي ويئون، سي هڪ هڪ گڏيندا، پوي وري کٽڻ وارو سڀيئي ڪوڏيون گڏي پٽ تي داءُ لاءِ اڇلائيندو.

*اِڪِي ٻَڌِي: ٻه ڄڻا گڏجي ڪندا آهن. ڪوڏيون کڻي ٻنهي هٿن جي ٻڪ سان کَڙکڙائي هڪ هٿ ۾ ڪجهه ڪوڏيون وٺي، مُٺ بند ڪري، ٻئي کان پُڇندو ته اِڪي يا ٻَڌي؟ هو ڪو نالو وٺندو، پوءِ مُٺ کولي ڪوڏيون ڳڻيندا، جي اڳلي جي چوڻ موجب هونديون ته هُن کٽيو ۽ سڀگ کيس ڏيندو، پر جي نه هونديون ته اوتريون هن کان وٺندو.

*گِلَ راند: هي راند ڪوڏين ۽ بلورن سان ننڍا ڇوڪرا ڪندا اهن. پٽ تي ننڍڙي کٽ کوٽي پري کان بيهي ڪوڏي يا بلور اُن کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آهن. ڪي بلور کڏ ۾ وجهڻ لاءِ اُڇلائيندا آهن. ڪي بلور کڏ ۾ ڪرندا، ڪي ٻاهر ڪرندا. پوءِ جنهن جو بلور پهريائين کڏ ۾ ڪريو، اُهو باهر ڪڍي، ٻاهر پيل بلورن کي چٽيندو. جيترا چُٽي سگهيو اوترا کٽيا. جڏهن هن جو ڌڪ گسندو ته چوندا هاڻي ”کُولو“ آهي. پوءِ وري اندر ڪِريل ٻئي بلور وارو ٻاهر پيلن کي چٽيندو، اهڙيءَ طرح راند هلندي رهندي.

*مَلهَه وڙهڻ: رات جو يا صبح ۽ منجهند جو، ٿڌي وقت ۾ جوان ۽ ننڍا پڇوڪرا ملهه وڙهندا آهن، ۽ هڪٻئي جو وارو وٺندا آهن.

*ٻلاڙو: ٽي چار ڄڻا گڏجي پُٺا اٽڪائي چوڌاري مُنهن ڪري بيهندا ٻيا به اوترا سنگتي چوڌاري پرڀرو بيهندا. ٻاهريان اندرين کي ڌڪ هڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا، ته هو کين جهلڻ جي ڪوشش ڪندا. جي ڪو جهلي وڌائون ته ان کي ”کانچيَل“ چوندا ۽ اهو ٻاهريون سنگتي ويهي رهندو، پر جي ڀڄي ويو ته اندريون سنگتي کانچيل ٿيو، جو نڪري ٻاهر ويهندو. اهڙيءَ طرح راند ڪندا رهندا. پوءِ جي ٻاهريان سنگتي سڀ جهلجي رهيا يعني کانچجي پيا، ته اندرين راند کٽي. جي اندريان سڀ کانچجي ويا ته ٻاهرين راند کٽي.

* ڪَٻَڏي: هي راند، جوان ۽ ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن. ٻه ڍڳيون واريءَ جون ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽي تي ٺاهي، ٻه جوڙيون سنگين جون هرهڪ پاسي جدا جدا بيهنديون. هر هڪ پاسي کان واري سان هڪڙو هڪڙو، ڍڳوين جي وچان لنگهي ٻين جي حد ۾ ويندو ۽ انهن مان ڪنهن کي هٿ لائي واپس اچڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُهي وري کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪندا. جي جهلي وڏائون ته اُهو ”کانتو“، ۽ ويهي رهندو، پر جي ڀڄي ويو ته جنهن کي هٿ لڳو، اُهو کانٽو ۽ ويهي رهندو. اهڙيءَ طرح جنهن پاسي جا سنگتي اڳ ۾ کانچجي ويا، انهن راند هارائي ۽ ٻئي پاسي کٽيو. پوءِ وري پاسا بدلائي نئين سر شروع ڪندا. جنهن پاسي کٽيو، اهي چوندا ته اسان جو هڪ ”لنڊو“ اوهان تي چڙهيو، پوءِ جي ٻئي پاسي وارن کٽيو ته چڙهيل لِندو لٿو. جي هارايو ته ٻيو به لنڊو چڙهيو.

* گابِڙي: هن راند جا ٻه قسم آهن: هڪڙي ڇُوٽ گابڙي، جنهن ۾ سڀيئي ٻنهي پيرن تي ڊوڙندا آهن: ٻي ڪُڙي گابڙي، جنهن ۾ هڪڙي ڄنگهه مٿي ڪري بعضي انهيءَ پير جو آڱوٺو هٿ سان جهليندا آهن، جنهن کي ڪُڙو جهلڻ چوندا آهن: پوءِ هڪ ڄنگهه تي ٽپندي ٽپندي هلدنا آهن. هن راند ۾ ٻه ٽوليون ڪندا اهن، هڪ آگ وٺندڙ ٽولي، تن کي مَٿَل وارا چون، ٻيا اگ ڏيندڙ، تن کي هيٺل وارا چون. پرڀرو هڪ هنڌ واري4 جو ڍڳ ٺاهيندا. هيٺل وارا سڀ وچ ۾ بيهندا. مٿل وارا سڀ مٿئين پاسي بيهندا ۽ هڪڙي ڀيچيءَ کي گابڙي مقرر ڪري پنهنجي پاسي محفوظ هنڌ تي بيهاريندا، جنهن کي پاڻ بچائي واريءَ جي ڍڳ کي هٿ لائڻو پوندو. مخالف ڌر کي به ٻڌائيندا ته اسان فلاڻو گابڙي بيهاريو آهي.

ٻنهي تولين جا مکيه ڀيچي (وَڏ ڌوڙي) پاڻ ۾ هٿ سان تاڙي ڏيندا، جنهن کي چئبو آهي. ”ڏارو ڏيڻ“، ۽ چوندا ڏارو لڳو پڪو (هي گويا راند جي شروعات جو مهورت آهي). بس، ڌارو لڳي ته ڄڻ راند جي شروعات ٿي، پوءِ سڀڪو ڀيچي پنهنجي ڀيچيءَ سان زور آزمائي ڪري کيس ڪيترائي کانچائڻ جي ڪوشش ڪندو.

ڪُڙي جهليل جي حالت ۾ پير جي آڱوٺي مان هٿ نڪتو يا پير زمين سان لڳو ته ”گولو“، يعني کانتو، پوءِ هو ويهي رهندو. ٻيو سنگتي وري ٻئي کي کانچائڻ جي ڪوشش ڪندو. انهيءَ وچ ۾ گابڙي انهن کان نڪري ڍويءَ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جي ڇٽي نه سگهيو ۽ قابو ٿي پيو ته راند هارائي، ٻيو گابڙِ بيهندو. اهڙيءَ طرح سڀيئي ڀيچي واري سان گابڙي ٿيندا رهندا. جڏهن سڀيئي سنگتي هڪ پاسي وارا ڍڳي تي پهچي ويا، تڏهن هڪ لنڊو چڙهيو. پوءِ وري پاسا بدلائيندا ۽ مٿل وارو پاسو ٻيءَ ڌُر کي ملندو. پوءِ جي انهن اهڙيءَ طرح راند کٽي ته لنڊو لٿو نه ته مٿن پيو هوندو.

*ونجهوٽي: ان کي دَرين راند به چئبو آهي. زمين تي پيرن سان ٻاريون يا دريون ٺاهي، ٻه ٽولا ٿي راند ڪندا آهن، هڪڙا آگ ڏيندڙ ٻيا آگ وٺندڙ ٿيندا آهن. آگ ڏيندڙ ٽولي جو هر هڪ ڀيچي هر هڪ ٻاريءَ ۾ بيهندو. اگ وٺندڙ ٽولي جا ڀيچي انهن کان پاڻ ڇڏائي سڀيئي ٻاريون اُڪري وري واپس صحيح سلامت مٿي پهتا ته راند کٽيائون، پر جي انهيءَ وچ ۾ ڪنهن به سنگتيءَ کي ڪنهن کي آگ ڏيندڙ جو هٿ لڳي ويو ته راند هارايائون. هارائڻ جي حالت ۾ ٻي ٽولي کي وارو ملندو.

*ميڻ: هي راند چانڊوڪين راترين ۾ ننڍا ڇوڪر ڪندا اهن. راند لاءِ هڪ ننڍو اڇو پٿر يا سِر جو ٽڪر هٿ ڪندا آهن، جنهن کي ”ميڻ“ چون. ٻه توليون ٿي هڪ هنڌ واريءَ جو ڍڳ ٺاهي، اتي ليڪو ڪڍي سڀيئي ان تي اڳيون پير رکي بيهندا. منجهانئن هڪڙو ڄڻو ميڻ زور سان اُڇلائيندو، جا پري وڃي ڪِرندي. پوءِ سڀيئي ڊوڙي وڃي ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪندا. جنهن کي لڀندي سو کڻي واپس ڍڳي تي اچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ هوڪو ڏيندو ته ”ميڻ ٿي وڃي“. ته ٻيا مخالف کيس جهلڻ لاءِ ايندا ۽ سندس سنگتي مدد لاءِ ايندا. جي پاڻ جهلجي پوي ته سنگين جي ڇڏائڻ سان به نه ڇٽو  ته وجهه وٺي سندس ڪنهن سنگتيءَ کي ميڻ ڏيندو، جو وٺي هوڪو ڏيئي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙيءَ طرح جي سلامت ڍڳيءَ تائين پهتو ته راند کٽيائون، جي مخالف ميڻ کسي ڍڳيءَ تي پهتا ته هنن راند کٽي. پوءِ وري نئين سر کٽيندڙ ڌر جو ڀيچي ميڻ اُڇلائيندو.

*نانگيل ڦُوسيل: هيءَ راند ڏڙي سان ڪبي آهي. اڳڙين جو ڏڙو ٺاهي، مٿان ڌاڳن سان مضبوط ڳُتي تيار ڪبو آهي. ننڍين سِرن سان ست گول ٽڪر تيار ڪري، ميدان ۾ ٿوري واريءَ جي ڍڳي ٺاهي، ان تي هڪٻئي جي مٿان رکندا آهن، جنهن کي ”نگانگيل ڦُوسيل“ چوندا آهن. هڪ پاسي ست وکون ڀري اتي پير سان واريءَ کي ٻهاري هڪ هنڌ مقرر ڪندا، جنهن کي ”بُل“ چوندا، يا ان کي ”مَٿَل“ چون. ان جي سامهون نانگيل ڦوسيل جي ٻئي پاسي به ايتري مفاصلي تي ٻيو بُل مقرر ڪندا، ان کي ”هيٺل“ چون. ٻه ٽوليون ٺڄاهيندا، هڪ ٽولي وٺندي مٿل، ٻي ٽولي وٺندي هيٺل.

مٿل وارا، مٿئين بُل وٽان وڃي هرهڪ سنگتي واري سان ڏڙي سان ڌڪ هڻي، سرن کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هيٺل وارا هيٺئين بل واري پاسي بيهي، ڏڙو جهٽڻ جي ڪوشش ڪندا. هڪ ڄڻي جو هيٺل ۾ ڏڙو جهٽجي ويو ته وري ٻيو هڻندو. اهڙيءَ طرح واري سان سڀڪو هڻندو ويندو، تان جو ڌڪ سان سرون ڪِرن. ڪڏهن ڪرنديون، تڏهن مٿل وارن مان هڪ هڪ هوشيار ڀيچي هيٺئين بُلَ ۾ ڪاٺيءَ جا ڏوٽا اڳ ۾ جهلي بيهندو، جنهن کي ”بُل جهليندڙ) چوندا. ٻيا سڀيئي پٺيان بيهندا، هيٺل وارن جو هڪ سنگتي ڪِريل سرن وٽ بيهي بل جهليندڙ کي ڏڙو هڻندو. هو ڪاٺين جي مدد سان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ ڏڙي کي روڪي پاڻ پيرن سان ٿُڏيندو يا سنگتين کي ڏيندو، جي ٿُڏي پري ويندا. انهيءَ وچ ۾ سندس هڪ سنگتي ڊوڙ پائي وڃي سرون هڪ ٻئي تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، جيتريون سرون چاڙهي سگهيو، اوتريون چاڙهيندو. هيٺل وارا ٿڏيندڙ کان ڏڙو هٿ ڪري پنهنجي سنگتيءَ کي اڇلائي ڏيندا، اهڙِءَ طرح راند پيئي هلندي. راند هلندي جي ڏڙوڪنهنکي لڳي ويو ته انهن راند هارائي ۽ ٻيا وارو وٺندا، پر جي نه لڳو ۽ سڀئي سرون چڙهيو ويئون ته راند کٽيائون. کٽڻ جي حالت ۾ هڪ لڊو چڙهيو، وري نئين راند شروع ڪبي ۽ بل وٽان وڃي سرن کي ڌڪ هڻندا. هن حالت ۾ جي سڀئي جا ڌڪ خالي وي ۽ سرون نه ڪِريون ته پوءَ هيٺل وارا وارو وٺندا. هيءَ راند اڪثر ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن.

گُهنين واري راند: هي راند: هي راند به ڏڙي سان ڪبي آهي. هن ۾ ٽوليون نه ٺاهبيون آهن، ميدان ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي زمين ۾ ٿوري کڏ کوٽبي آهي، جنهن کي ”گُهني“ چوندا آهن. پوءِ هرهڪ ڇوڪر ڪاٺيءَ جا ٻه ٽوٽا يا بُگا کڻي پنهنجي گُهنِيءَ تي بيهندو، ڏڙو مٿي اُڇلائيندا، جنهن جي پاسي ڪيڙيو، ان تي آگ آئي. پوءِ هو پُڏيندو، يعني ڏڙو کڻي گهڻين مان بيٺلن مان ڪنهن کي به، جنهن کي سهولت سمجهي، ان کي هڻندو، ته هو وري بُگا آڏا ڏيئي ڏڙي جي ڌڪ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڏڙو لڳي ويو ته آگ آئي ۽ اهو وڃي ڀڏيندو، ۽ اڳيون وڃي پنهنجي گهنيءَ تي بيهندو، جي نه لڳو ته لنگهي ويو يا بگي کي لڳو ته ڇُٽو جي بُگن کي لڳي رنڊجي پيو ۽ ڀرسان ڪِريو ته ڏوٽي سان ڏڙي کي ڌڪ هڻي پري ڪڍندو يا گهنين مان بيٺلن مان جنهن جي به ويجهو ڪِريو، سو ڌڪ هڻندو. ڪي پنهنجي گهنيءَ کان پرڀرو وڃي ڌڪ هڻي يڪدم موٽِ گهنيءَ تي ايندا آهن. انهيءَ وچ ۾ پُڏيندڙ ڊوڙ پائي هن جي گهنيءَ ۾ پنهنجو ڏوٽو وڌو ته چوندا ”گُهني ڀراڻي“ ۽ گهني وارو کولو، ۽ اهو وڄي پڏيندو. مطلب ته يا ڪنهن کي ڏڙو لڳي يا ڪنهن جي گهني ڀرجي، تڏهن آگ لهي. هي راند ننڍا ڇوڪرا ڪندا آهن.

*آنٻليو: هي راند ميدان تي به ڪبي آهي، پر ڪنهن وٽ هيٺ مزيدار ٿيندي آهي. ٻه فوٽ کن ڪاٺي کڻي وڻ هيٺان ڌُوڙ جي ڍڳي ٺاهي ان ۾ کوڙي آگ ڏيندڙ ان جو سنڀائيندڙ ٿيندو، ٻيا ڇوڪرا وڻ تي چڙهي ويندا. پوءِ هو کين هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڇوڪرا وري وڻ جي ٿڙ وٽان لهييا ٽپا ڏيئي هيٺ لهي، يا ٽارين جي ڇيڙن وٽان لڙڪي يعني لُوٻني (جنهن کي لونٻڻي چون،) هيٺ لهندا آهن، ۽ هن کان پاڻ بچائي آنٻليو کڻي ٽنگ هيٺان لنگهائي وات کي ويجهو ڪري ڏوڪارو ڪندا. انهيءَ وچ ۾ جي هُن ڪنهن کي هٿ لاتو ته هُن تي آگ آئي ۽ اُهو پڏندو. نه ته پڻ پڏندو. آنٻيلي ڏوڪارڻ وارو پنهنجي هڪ ڄنگهه مٿي ڪري هٿ سان ٽنگ هيٺان آنٻيليو پري اُڇليندو. آگ وارو ڊوڙ پائي آنٻليو ڱکڻڻ واندو ته انهيءَ وچ ۾ ڇوڪرا وڻ تي چڙهي ويندا. هو موٽي اچي آنٻيلو ڍڳيءَ ۾ کوڙيندو ۽ راند چالو ٿيندي. جڏهن ٻئي ڇوڪر کي هٿ لائيندو تڏهن آگ لٿي ۽ پوءِ اهو پڏندو. اهڙي طرح راند هلندي رهندي.

*اِٽي ڏڪر: هي راند ننڍا ڇوڪر ڪندا آهن. ڪاٺ جو ننڍو ٽڪر، ٻنهي پاسن کان ٿورو سنهو ۽ وچ تي ٿلهيرو ٺاهيندا، جنهن کي ”اِٽي“ چوندا آهن. ٻي ڪاٺي ٽي فوٽ کن ڊگهي کڻندا آهن، جنهن کي ڏڪَرَ (ڏوٽو ۽ بُگو) چوندا آهن. زمين ۾ ٿوري لانبي کڏ کڻندا، جنهن کي گُهني چون. راند وارا سڀيئي چوڪرا واري واري سان گهنيءَ ۾ اِٽي رکي ڏڪر سان هرڪو ڌڌل هڻندو، جنهن جي ڌڪ سان اٽي ويجهي ڪري يا جنهن کان ڌڪ نه لڳو ۽ گسي ويو ته ان کي کوکو چوندا، پوءِ ان تي آگ آئي ۽ پُڏيندو. پوءِ جنهن ڇوڪر جي ڌڪ سان اِٽي جتي ڪِري هوندي، اتان بيهي آگ وارو اِٽي گهنيءَ ڏي اڇليندو. گهنيءَ وٽ ڏڪر رکيل هوندو، اِتي جي ان کي اچي لڳي ته آگ لٿي، نه لڳي ته مٿي بيٺل ڏڪر کڻي اِتي کي ڌڪ هڻي پري اڇليندو، ته هو ڊوڙي اچي اٽي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو، جي پهچي ويو ۽ اِٽي ڇڏائي وڌائين ته آگ لٿي. هي راند ڪيترن ئي نمونن سان ڇوڪرا ڪندا آهن.

*ماڪوڙو: هڪ ڇوڪر پنهنجا ٻيئي هٿ زمين تي کوڙي، هٿن ۽ پيرن تي جانورن وانگر هلندو، هن کي ”ماڪوڙو“ چوندا. پوءِ ٽولي مان هڪ ڇوڪر هن جي مٿي تي هٿ رکي چوندو ته ”ماڪوڙا ڙي ماڪوڙا، مائيءَ پڪي ماني اڌ ڏي بُرڪ بُلي هڪ“ ائين چئي، آهستي هڪ ٿاپِي مٿي تي هڻي راند جي شروعات ڪندو. پوءِ سڀيئي ڇوڪرا هن کي مٿي تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته هو کين پنهنجي پير سان هر ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙيءَ طرح جي پير جو ڌڪ لڳي ويو ته اُن تي آگ ائي، ۽ جي ڌڪ نه لڳو ۽ ٻيا ڇوڪرا هن جي مٿي کي ست ڌڪ هڻي ويا ته يڪدم وڃي پاڻ ۾ ڳنڍبا. ماڪوڙو سنئون ٿي انهن مان ڪنهن کي ڇنڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڪنهن کي جدا ڪري سگهيو تهآگ لٿي ۽ هن تي آئي ۽ اهو ماڪوڙو ٿيندو، نه ته وري وري پاڻ ماڪوڙو ٿيندو.

*گول راند: ميدان ۾ وڏو گول ليڪو پائي هڪ هنڌ واريءَ جو ڍڳلو ٺاهيندا. پوءِ اتان دَمَ گهُٽي هرڪو ڇوڪرو واري سان گول ليڪي تان ڊوڙ پائيندو. ”ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي.... ٿو ٿو وڏي ڪٻڏي“ چوندو ويندو. جتي ساهه کنيائين اتي ويهي رهندو. سڀني کان ويجهو جيڪو هوندو تنهن تي آگ آئي. پوءِ ٻيا ڇوڪرا گول اندر پيا ڊوڙندا ۽ هن کي پُٺن تي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندا. ۽ آگ ڏيندڙ هنن کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندو. جي ڪنهن کي هٿ لڳو يا ليڪي کان ٻاهر نڪتو ته کولو. اُهو به اچي هن سان گڏبو. پوءِ ٻيئي ڄڻان پاڻ ۾ هڪٻئي جا هڪ پاسي جا هٿ قابو جهلي ٻين کي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪندا. اهڙيءَ طرح جيڪو لولو سو هنن سان گڏبو ويندو، تان جو جڏهن سڀيئي کُولا ٿيا، تڏهن اها راند پوري ٿي ۽ ورينئين سرگول تي ڊوڙي راند شروع ڪندا.

*اُٺ اٺاڻي: هڪ ڇوڪر کي هٿ ۾ گهنگهرو ٻڌي، چيچ ۾ ڏور ٻڌي، ان کي اُٺ ڪندا ۽ ٻيو ڇوڪرو پٺيان اها ڏور اٺ جي مهار وانگر جهليندو. اڳيون ڇوڪر ڊوڙندو ۽ پويون مهار جهلي هڪليندو ويندو. ڪي وري ننڍا ڇوڪرا پٺيءَ تي به چاڙهيندا آهن. اها راند خاص ڪري اکڻ ٽيجهه تي سارو ڏينهن ڇوڪرا ڪندا آهن.

*ڦِر ڦِر سونٽو: هڪ گول ٺاهي ان جي ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي سڀ اهڙيءَ طرح ويهندا جيئن سڀني جا منهن اندرئين پاسي ٿين. پوءِ ٽوال يا انگوڇو گول وِهي، گوٽِي ٺاهي هڪ ڇوڪر اها کڻي لڪائي، انهن جي ٺيان ڊوڙندو ويندو ۽ اٽڪل سان ڪنهن جي پٺيان آهستي رکي ڇڏيندو، جيئن هن کي خبر نه پوي. جي خبر پئجي ويئي ته اهو اٿي کڻي وري پاڻ ٻئي جيپٺيان رکندو ۽ جي ڪنهن کي خبر نه پيئي ته رکندڙ چوڌاري ڦري وري اچي گوٽي کڻي هن جي پٺن تي هڻندو ته هو اٿي گول جي چوڌاري ڀڄندو ۽ وري اچي ساڳئي هنڌ ويندو. ان بعد هو گوٽي وري ٻئي ڪنهن جي پٺيان رکندو. اهڙيءَ طرح راند پيئي هلندي.

انهن کان سواءِ ڀٽا ڀَٽي، اندر ڀوپو، ڪُڙو، پارڪر، چقمقوپل کير کير وَٽي، ۽ ٻيون به ڪيترن ئي نمونن جون رانديون ٻار ڪندا آهن.

رانديڪا

گُڏين راند: ننڍيون ڇوڪريون پاڻ يا سندن مائرون يا وڏيون ڀيڻون کين اڳڙين مان گُڏيون ۽ گُڏا ٺاهي ڏينديون آهن. ڇوڪريون انهن کي ڪپرا پارائي، مور يا سِرڻ جي کنڀن جي وچئين اَڇي ڏانڊيءَ جا ٽُڪر ڪري، ٻانهن ۾ چوڙن جي بجاءِ وجهنديون آهن، مٿي ۾ ڪارن ڌاڳن جا وار ٺاهينديون آهن، مڻين جا ڪَنڊلا وجهنديون آهن، لوهه جي سنهين تندن ۾ مڻيا وجهي بوليون، وينڊا ۽ نٿون ٺاهي پائينديون آهن. پاڻ ۾ گڏجي سڄو ڏينهن انهن سان راند ڪنديون آهن ۽ انهن جون پاڻ ۾ شاديون ڪرائينديون آهن.

مٽي ڳوهي ماچيسن جي تيلين واري خالي پُڙ جو سانچو ڪري ان سان سرون ٺاهي، سُڪائي ننڍيون ڪوٺڙيون ٺاهي، ان ۾ گڏين کي ويهارينديون آهن. وسڪاري جو جهنگ يا ٻنين ۾ چڀڙ ٿيندا آهن، جن مان ورلي ڪي ٻِٽا چڀڙ به هوندا آهن، اهڙو ڪو ٻٽو چڀڙ هٿ اچي وين ته ان جي ڪنهن گُڏِيءَ سان شادي ڪرائينديون آهن، ۽ ان موقعي تي هڪجيڏين کي دعوت ڏينديون آهن ته ”ٻٽو ٿو پرڻجي شادي تي اچجو“، اهڙيءَ مهل تي ٺڪر جي ٽِڀلِيءَ ۾ ٻاجهر جو ڀت به رڌينديون آهن.

سونل هڪ قسم جو کوپيدار جيت وڻن جي ٽارين کي چنڀڙيل ٿيندو آهي. جي اهو هٿ اچي ويو ته ان جي به شادي ڪنديون آهن. اهڙيءَ طرح پاڻ وندرائينديون آهن.

ننڍن ڇوڪرن کي مائرون گهرن ۾ مٽي ڳوهي ان مان اُٺ گهوڙا، ڦيٿن گاڏيون ٺاهي ڏيندو آهي. بعضي گواريا اهڙا رانديڪا ٺاهي باهه ۾ پچائي وڪڻندا آهن. انهن کي خريد ڪري، ڇوڪرا راند ڪندا آهن ۽ ٻيا به ٻارن جي راندين جا ڪئين نمونا آهن، جن سان وندر ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org