سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ هندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:11 

باگراڻي:

باگراڻين جا سنڌ ۾ وڏا راڄ هئا. سندن سردارن مان سوائي خان ۽ ميوا خان شهداداڻي سرڪار وٽ عهديدار هئا. ڪرم خان سهراباڻي سرڪار وٽ عهديدار هو. علي مراد خان جيڪو ميوا خان جي ٻي پيڙهي مان هو، تنهن کي خدمتن جي عيوض پهرئين چؤياري پاران سوني ترار ملي. هر هڪ بلوچ سردار کي سندس رتبي موجب جاگير ۽ عهدا مليا. ڇاڪاڻ جو جنگ وقت ٽالپر فوجن کي امداد ڏيندا هئا. مير نصير خان جي زماني ۾ علي مراد خان باگراڻي ڪاردار هو. کيس شهدادپور ۾ جاگير مليل هئي. سنه 1860ع ۾ هن وفات ڪئي(1).

ڀرڳڙي:

سنڌ جي نئين جوڙجڪ موجب ڀرڳڙين جي سردار غلام حيدر خان کي مير غلام علي خان وڏو عهدو ڏنو، تنهن کان سواءِ ان کي ساليانو وظيفو به ملندو هو. سندس پٽ احمد خان ٽالپرن سان مٽي مائٽي سبب وڏي عزت ۽ مرتبي وارو هو. ڪجھ بلوچي سردارن وٽ قبيلو ته ڪونه هو، پر خانداني لحاظ ڪري کين ٽالپرن جاگيرون ڏنيون هيون. مثال لاءِ فضل محمد ڀرڳڙي ۽ سندس پٽ غلام محمد ۽ فتح خان کي حيدرآباد تعلقي ۾ جاگيرون هيون. احمد خان کي شهدادپور ۾ جاگير هئي. غلام محمد خان فيبروري 1875ع ۾ وفات ڪئي. فتح خان آگسٽ 1879ع ۾ وفات ڪئي. جعفر خان (المتوفي 1860ع) کي سرداري ڪانه هئي. سندس ڏاڏي کي مير غلام علي خان حيدرآباد ۽ هالن ۾ جاگيرون ڏنيون هيون. سندس پٽ حسن خان ڀرڳڙي سنه 1837ع ۾ انگريزن سان جٺيون ڪرايون هيون. ميهڙ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڀرڳڙين کي ٽالپرن جاگيرون عنايت ڪيون. ڀرڳڙي سردارن جي مائٽن کي به ٽالپرن عهدا ڏنا هئا.

جمالي:

جمالين جي چئن پاڙن مان هئبتاڻي ۽ بخشاڻين جي سردار بخشو خان کي مير فتح علي شاهه ديره داري جو عهدو ڏنو ۽ سرڪاري دفتر ۾ سردار شمار ٿيندو هو. مير غلام علي خان کيس ديهه ڦلجي جو چوٿون حصو ڏنو. مير نور محمد خان سندس جاگير ۾ اضافو ڪيو. بخشو خان 1872ع ۾ وفات ڪئي. سردار ڏاتو خان جمالي کي ديهه روپاه ۾ جاگير عنايت ڪئي ويئي. جمالي سردار بلوچي سردارن ۾ پنهنجي سادگي ڪري مشهور هئا.

حاجي زئي مري:

حاجي خان مري جي بڊاڻي ۽ لوهاراڻي سردارين کي ٽالپرن تسليم ڪيو. سنڌ ۾ اثر وارا هئا، ڇاڪاڻ جو ٽالپرن منجھان شاديون ڪيون هيون. محبت خان مري مير سهراب خان جو صلاحڪار هو. سندس پٽ مير رستم خان جو صلاحڪار هو. سندس نياڻي سان مير رستم خان جي ٽئين پٽ مير علي مردان خان شادي ڪئي هئي. نوشهري ۽ ڪنڊياري ۾ کيس جاگيرون مليون. رستم خان جي فراري کان پوءِ مير علي مراد جو طرفدار ٿيو. حاجي خان جي وڏي پٽ مستي خان ٽنڊو مستي خان ٻڌرايو. ٽنڊوآدم به سندن يادگار آهي. مستي خان جو پٽ ڪمال خان کي ٽنڊي باگي ۽ هالن ۾ جاگير هئي. دٻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. خير محمد خان جو پٽ دائود خان جنهن کي مير فتح علي خان سند ۾ جاگير لکي ڏني هئي، سو دٻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. گوهر خان مري مياڻي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو. مري ٽالپرن جا ناناڻا هئا، ان ڪري کين شهدادپور، ڪنڊيارو، ٽنڊوآدم، ٽنڊو باگو، هالا، گوني، سيوهڻ، بدين ۾ جاگيرون هيون. اهي رئيس سڏجن ٿا. لوهاراڻين مان نندو خان مير نور محمد خان وٽ 12 سو مرين جي دستي مٿان سپهه سالار هو. حيدرآباد ضلعي ۾ وٽس جاگير هئي. سنه 1858ع ۾ سندس عمر سؤ سال کي پهتي. پٽن سميت ٽنڊوآدم ۽ بلاول ڪوٽ ۾ رهندو هو. سنه 1861ع ۾ هن وفات ڪئي. مرين جي شاهداڻي قبيلي جي سردار شاهه بيگ کي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان وٽان پروانا مليل هئا. شهدادپور، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص ۾ سندس جاگيرون هيون. سندس ننڍي ڀاءُ غلام حيدر خان سنه 1862ع ۾ وفات ڪئي. سردار مصري خان کي مير غلام علي خان ڪاردار مقرر ڪيو. وٽس دادوءَ ۾ جاگير هئي. باعزت سردار هو. سنه 1867ع ۾ وفات ڪري ويو(1).

ڇلگري:

ڇلگري مرين جي شاخ آهن. پهريان هرنائي جبل تي رهندا هئا. وري جڏهن مرين کين لوڌي ڪڍيو، تڏهن ڪڇ ۾ ڇلگري ڳوٺ ٻڌي ويٺا. ٽالپرن سان گڏجي سنڌ ۾ آيا ۽ ٽالپري لشڪر ۾ ڀرتي ٿيا. وٽن سرداري هئي.

لغاري:

جيمس برنس لکي ٿو ته لغاري ٽالپري صاحبي ۾ ڏولين ۽ پالڪين ۾ گهمندا هئا. پهرئين چؤياري ۾ وزارت جو قلم سيد آغا اسماعيل شاهه ۽ نواب ولي محمد خان لغاري جي هٿن ۾ هو. چانڊڪي شورش پسند پرڳڻي مٿان نواب ولي محمد خان لغاري نائب هو. کيس ڦاسي ڏيڻ جو اختيار هو. شاعر ۽ حڪيم به هو. سندس چوڻ هو ته حڪمت جي ڏات کيس خوابن جي ذريعي حاصل ٿي. بلوچيت جي لحاظ ڪري چؤياري جا امير سيد اسماعيل شاهه جي مقابلي ۾ مٿس اعتبار ڪندا هئا. نواب صاحب جي اهائي منشا هئي ته انگريزن ۽ ٽالپرن ۾ دوستي قائم رهي. سندس پٽن مان احمد خان ۾ پيءُ جون خصلتون هيون. نواب صاحب جو ٻيو پٽ محمد خان بوزدارن جو سردار هو. گوني ۽ لاڙڪاڻي تعقلن ۾ وٽس جاگيرون هيون. سندس ٽئين پٽ نواب الله داد خان کي لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون هيون. چوٿين پٽ نواب غلام حيدر کي لاڙڪاڻي ۾ جاگير هئي. پهرئين چؤياري ۾ جاتي پرڳڻي مٿان نائب هو. نواب ولي محمد خان جو ڀائيٽو غلام شاهه بوزدار مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي پاران پارڪر جو مختيارڪار هو. عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ کيس جاگيرون هيون. سندس پٽ نواب احمد خان جي نياڻي سان شادي ڪئي. ولي محمد خان جي ٻي ڀائٽي خان محمد خان کي ميرن مٽيارين، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ جاگيرون ڏنيون. ولي محمد خان جو وڏو ڀاءُ نواب علي محمد خان وڏو بهادر ٿي گذريو. مياڻي جي جنگ ۾ اختيار خان لغاري سان گڏ مير جان محمد خان ۽ خان محمد خان سان همرڪاب رهيو هو. مٽياري تعلقي ۾ تاجپور سندس جاگير هئي. مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان جون وٽس لکيل سندون هيون. عالياڻين کي ميرن جاگيرون عنايت ڪيون. ٻڍو خان عالياڻي پويون بزرگ هو، جنهن ڊسمبر سنه 1883ع ۾ وفات ڪئي. نواب علي محمد خان 1862ع ۾ وفات ڪري ويو. حسين خان براهماڻي کي ٽالپرن ميرپور بٺورو، گوني ۽ ٽنڊي محمد خان تعلقن ۾ جاگيرون عنايت ڪيون. اختيار خان عيساڻي کي ميرن وٽ وڏي عزت هئي. مير مراد علي جي وفات وقت روڄ راڙي ڪرڻ جي موقعي تي ٽالپري شهزادن کيس سونيون تراريون عطا ڪيون. شهدادپور، هالن ۽ ميهڙ ۾ وٽس جاگيرون هيون. گل محمد خان ڪچائي گاج جي لغارين جو سردار هو. مير فتح علي کيس ويهه هزار بيگها (لڳ ڀڳ 10 هزار ايڪڙ) زمين عطا ڪئي. ڇاڪاڻ جو جوهي تعلقي جون حدون ڪوهيار (جھالاوان) علائقي سان لاڳو هيون. سندس حفاظت جو ڪم گل محمد خان جي سپرد هو. باغبان تائين ناري جون زمينون سندس جاگير ۾ هيون. دوداڻي (مرراڻين) کان پوءِ لغارين ٽالپر دؤر ۾ نوابي جا رتبا حاصل ڪيا هئا(1).

 

نظاماڻي:

نظاماڻي ڪلهوڙن جي ڏينهن کان جاگيردار هئا. ڪرماڻين مان دريا خان نظاماڻي کي مير مراد علي خان پنهنجو مختيارڪار مقرر ڪيو هو. سنه 1834ع ۾ شاهه شجاع سان وڙهندي سکر وٽ شهيد ٿيو. بهليلاڻي جي امير نظام خان جي ڀاءُ گاگن خان جي اولاد مان هئا. منجھانئن ابراهيم خان تائين جيڪي به ٿي گذريا، تن سڀني وٽ جاگيرون هيون. سنڌ فتح ڪرڻ وقت ٽالپرن جي طرفداري ڪرڻ ڪري سندن جاگيرون بحال رهيون.

ڪلمتي:

ڪلمتي سنڌ جا قديم بلوچ هئا. وٽن اورنگزيب جون سندون هيون. مير فتح علي خان ملڪ مريد خان، الله بندو خان، فتح خان ۽ مزار خان جي جاگيرن کي بحال رکڻ لاءِ اعلان ڪيو. ڪلمتي ۽ نومڙيا پڇاڙي تائين ٽالپرن سان وفادار رهيا(1). نومڙين کي ڪوٽڙي جي پلن ۽ شراب جو محصول معاف ڪيو ويو.

جوکيا:

جوکين وٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي سند هئي. مير فتح علي خان سندن جاگير کي جيڪا ٽن سؤ ميلن ۾ هئي، بحال رکي. مگر جوکيا سنڌ جو پهريون قبيلو هو، جنهن انگريزن سان سازباز رکڻ شروع ڪيو هو. 1843ع ۾ مير نصير خان سندن سردار ڄام مهر علي خان کي انباري ۾ هدايت ڪئي. مگر هو انگريزن جي هندو ايجنٽ سيٺ نائون مل جو گراهڪ بڻجي انگريزن کان ٺيڪا کڻڻ لڳو(2).

بکر ۽ روهڙي جا سادات:

سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع رضوي اصل مشهد جو رهاڪو هو. مڪي شريف ڏانهن ويندي سلطان العارفين حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي ؒ جي نور نظر سان بغداد ۾ شادي ڪيائين. سيد محمد مڪي هلاڪو جي بغداد شريف تي ڪاهه وقت سنه 658هه/1260ع ۾ سنڌ پهتو. سلطان علاءُالدين خلجي کيس بکر بطور جاگير ڏنو. سندس مقبرو سکر جي ڪليڪٽري هيٺان آهي. سندس فرزند سيد مير صدرالدين جو مقبرو بکر قلعي جي اُتر اوڀرندي واري ڪنڊ تي آهي. روهڙي جا سيد جن کي ڪوٽائي سيد ڪوٺين ٿا، سي سيد بدرالدين بن سيد صدرالدين خطيب نقوي جي اولاد مان آهن. سيد مير مڪيؒ جو اولاد اُچ، ملتان ۽ پوءِ جهاد جي سلسلي ڪري هندستان تائين پکڙجي ويو. اُهي سيدالمؤمنين جي لقب سان سڏجڻ لڳا. شاهه بيگ ارغون بکر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سيدن کي روهڙي ۾ زمينون ڏنيون. مغليه دور ۾ شاهجهان صاحبقران ثاني کين الور ۽ عالي واهڻ کان سواءِ 995 بيگها زمين (لڳ ڀڳ 5 هزار ايڪڙ) جاگير ڪري ڏنا. غازي اورنگزيب عالمگير وٽان کين سند مليل هئي، ان ڪري ڪلهوڙن جاگير کي بحال رکيو. ٽالپرن مان مير سهراب خان، مير رستم خان، مير مبارڪ خان، سيدن جي جاگير کي بحال رکيو. سيد غلام علي شاهه مير رستم جو مرشد هو(1).

14- آڪٽوبر 1858ع ۾ سنڌ جي اسپيشل ڪمشنر مسٽر بي.اي.ايلس بمبئي حڪومت پاران جاگيرن ۽ سردارن جي جيڪا فهرست حڪومت کي پيش ڪئي هئي، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپرن جي صاحبي ۾ هيٺيون بلوچن جون سرداريون سنڌ ۾ قائم آهن: (1) ٽالپر، (2) نظاماڻي، (3) لغاري، (4) حاجي زئي مري، (5) جمالي، (6) باگراڻي، (7) رند، (8) چانگ، (9) ڇلگري، (10) لاشاري، (11) نوحاڻي، (12) لُنڊ، (13) ڪلوئي، (14) جتوئي، (15) نوتڪاڻي، (16) ننداڻي، (17) جلالاڻي، (18) ڀرڳڙي، (19) کوسا، (20) مگسي. بلوچي سردار خيل قبيلن کان سواءِ ٽالپرن کوکر، کٽياڻ ۽ ابڙا سنڌي قبيلن جي سردارين کي بحال رکيو هو(2).

ٽالپرن جي باهمي نااتفاقي:

ٽالپر رشتيداري ڪري پاڻ ۾ جسم ۽ جان هئا، مگر بگڙڻ کان پوءِ جنگين ڪرڻ کان سواءِ ڪين ٽڙندا هئا. انباري ۾ مسٽر ايڊمنڊ، سي، ڪاڪس بمبئي کاتي جي تاريخ جو مصنف لکي ٿو ته ٽالپرن جي اندروني نااتفاقي ڪري مير فتح علي خان کي سنڌ ٽن حصن ۾ ورهائڻي پئي(1). مغربي مؤرخ پنهنجي دعويٰ ۾ درست هجي يا نه هجي پر مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ جيڪي واقعا رونما ٿيا، تن مان حقيقت عيان آهي. مثال طور مير ٺاري خان جي شهداداڻين سان جنگ، شهزادي صوبدار خان جي چاچن سان بغاوت، مير رستم خان خلاف سندس ننڍي ڀاءُ مير علي مراد خان جون سازشون، شادين ۽ غمين جي موقعن تي ڪجهه ٽالپر ميرن جو غير حاضر رهڻ کليل آثار هئا، جن مان باهمي نااتفاقين جو پتو پئجي سگهي ٿو. مٿين نااتفاقي آخري دم تائين قائم رهي، جا فرنگين لاءِ سازشن جي ڄار پکيڙڻ لاءِ گهڻو مفيد ثابت ٿي.

سرائين جي سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ آخري ڪوشش:

سرائي ميان عبدالنبي خان سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي آخر چئبي پاسن کان نااُميد ٿي جوڌپور ڏانهن هليو ويو. راجا سندس خاندان جي گذران لاءِ وچين درجي جي جاگير مقرر ڪئي. ميان صاحب مارواڙ جي شهر پوڪران ۾ رهڻ لڳو. سندس وفات کان پوءِ اُتي جي ٺڪر کي سندس جواهرات هٿ لڳا. مير مراد علي خان جي زماني ۾ کوسن ڪڇ تي ڪاهون ڪيون. انباري ۾ ڪڇ جو ريزيڊنٽ مير صاحب سان لکپڙهه ڪرڻ لڳو. ميان عبدالنبي جي پونئرن مان ميان محمد خان عباسي وجهه ڏسي سنه 1832ع ۾ انگريزي ريزيڊنٽ کي هڪڙي درخواست پيش ڪئي هئي، مگر انگريزن کي خبر هئي ته ڪلهوڙا بلوچن اڳيان ڪامياب ٿي نه سگهندا، ان ڪري عرضي رد ٿي(2). سراين پاران سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ اها پوئين ڪوشش هئي.

هندستان تي زمان شاهه جون ناڪام ڪاهون:

اڳ لکي چڪا آهيون ته عيسوي 18صدي ۾ هندستان اندر انگريزن جي شهنشاهت جو بنياد مضبوط ٿي چڪو هو. انگريز جيڪي مغلن جي اوج جي زماني ۾ واپارين جي لباس ۾ هئا، هينئر انگريزي شهنشاهت هندستان اندر برپا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رڌل هئا. نظام، اوڌ، بنارس جون رياستون انگريزن جي نگراني هيٺ هيون. مرهٽا ڪنفيڊريسي ڪمزور ٿي چڪي هئي. سنڌيا، هولڪر، ڀونسلي، گائڪراڙ جي اڳ پيشوا جا مضبوط بازو هئا، سي هينئر خودمختيار هئا. فقط نالي طور پيشوا کي مڃيندا هئا. خود پيشوا جي رڌڻي ۾ رولو پيل هو. فقط دکن ۾ ميسور واحد اسلامي حڪومت هئي، جنهن انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ لاءِ جهاد في سبيل الله جو جهنڊو بلند ڪيو هو. مگر سنه 1792ع ۾ ميسور جي ٽين ويڙهه ۾ انگريزن، مرهٽن ۽ نظام گڏجي ٽيپو سلطان کي شڪست ڏني هئي. صلح جي شرطن موجب سلطان کي ٽي ڪروڙ رپيا نقد ۽ دولت خداداد ميسور جو اڌ حريفن جي حوالي ڪرڻو پيو. ٽيپو سلطان ميسور جي ٽين ويڙهه کان اڳ سنه 1788ع ۾ پنهنجا 2 سفير محمد درويش خان ۽ محمد عثمان خان کي فرانس جي بادشاهه لوئس 16 ۽ ترڪي جي سلطان ڏانهن مدد لاءِ روانا ڪيا هئا، پر لوئس 16 عياشين ۽ فضول خرچين ڪري مفلس هو. ترڪي جي سلطان به سکڻا سلام ۽ دعائون وٽس ڏياري موڪليون(1). فرينچن جو زور انگريزن هندستان اندر گهٽائي ڇڏيو هو. گهڻائي فرينچ ديسي نوابن ۽ راجائن جي فوجن ۾ عملدار هئا، اهي وقت بوقت ديسي حڪمرانن کي انگريزن خلاف ڀڙڪائيندا هئا. انگريزي ريزيڊنٽ ڏيهي نوابن ۽ راجائن جي درٻار ۾ رهندا هئا، انڪري هندستان جا رهاڪو انگريزن خلاف ڪنهن ڌاري طاقت جي حملي لاءِ منتظر هئا. پنجاب ۾ گوجرانوالا کان وٺي جمنا تائين سکن جون رياستون قائم ٿي چڪيون هيون. انگريز دکن ۽ وچ هندستان ۾ ميسور ۽ مرهٽن جي طاقت کي گهٽائڻ ۾ رڌل هئا. ان ڪري سنڌ ۾ ٽالپر حڪومت في الحال بچيل هئي. 18هين صدي جي آخر ۾ يورپ ۾ فرينچ انقلاب پوڻ کان پوءِ نيپولين بونا پارٽ جي اڳواڻي هيٺ فرانس زور ورتو. نيپولين بونا پارٽ جي خاص مراد اها هئي ته انگلينڊ جي طاقت کي ڪمزور ڪري. هندستان جي فضا ۾ ڪجهه وقت افواهه هلي رهيا هئا ته اجهو ٿو نيپولين بونا پارٽ سلطان ٽيپو جي مدد لاءِ سمنڊ رستي هندستان تي ڪاهه ڪري. ميسور جي ٽين ويڙهه کان پوءِ انگريزن کان انتقام وٺڻ لاءِ سلطان ٽيپو غلام محمد خان روهيلي کي سفير ڪري ڪابل ڏانهن زمان شاهه کي جهاد في سبيل الله ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏيڻ لاءِ روانو ڪيو. هڪڙو سفير ايران جي فتح علي شاهه قاچار ڏانهن روانو ڪيو. سلطان ايراني شاهه کي بحري ٻيڙي رکڻ لاءِ صلاح ڏني. ٻيڙي لاءِ ڪاٺ ۽ ڪاريگرن رواني ڪرڻ لاءِ انجام ڏنو هو، مگر قاچار فرمانروا لاپرواهي ڏيکاري. سنه 1796ع ۾ هندستان اندر ڪوبه اهڙو ديسي راجا يا نواب نه هو، جنهن ڏانهن ٽيپو سلطان پنهنجو سفير نه موڪليو هجي. فقط زمان شاهه سلطان جي دعوت کي منظور ڪيو ۽ هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو(1). مگر اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته پنجاب جيڪو هندستان جو ڦاٽڪ هو، سو خالصن جي طاقت ڪري روڪيل هو. تيمور شاهه سنه 1774ع کان 1788ع تائين هندستان تي برابر پنج دفعا ڪاهون ڪيون هيون. آڪٽوبر 1775ع ۾ شاهه عالم ثاني مغل شهنشاهه کيس هندستان تي ڪاهي اچڻ لاءِ لکيو هو. پنجين ڪاهه وقت سنه 1788ع ۾ راجپوت راجائن کيس مرهٽن خلاف هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئي. هن ڀيري هندستان کي دراني ڪاهه کان ايترو خطرو هو جو دهلي جا صراف دڪان بند ڪري شهر ڇڏڻ تي هئا. مگر انگريزن کين پڪ ڏني ته دراني بادشاهه هرگز ڪاهه ڪري نه سگهندو(2). واقع تيمور شاهه پنجن ڪاهن ڪرڻ وقت چناب ندي کان اڳتي وڌي نه سگهيو هو. انگريز گورنر جنرلن مان وارن هيسٽنگس ۽ لارڊ ڪارنوالس سان تيمور شاهه جي لکپڙهه غلام نقشبند خان ۽ غلام محمد خان شاهه جي ٻن ايجنٽن معرفت ڪمپني سرڪار ۽ ڪابل جي وچ ۾ جاري هئي. اوڌ جو انگريزي ريزيڊنٽ ڪابل سرڪار جون خبرون باقاعده ڪلڪتي پهچائيندو هو. 10 مارچ 1793ع ۾ گورنر جنرل مارڪئس ڪارنوالس جي حڪم موجب اوڌ جي برٽش ريزيڊنٽ ايڊورڊ آٽو آئيوز لکنؤ مان هڪڙي جاسوس غلام سرور کي ساڍا چوڏهن هزار رپيا ڏيئي ڪابل روانو ڪيو، جيئن زمان شاهه جي طاقت جو سربستو احوال معلوم ڪري ڪمپني سرڪار کي پهچائي. غلام سرور سنه 1207هه/19 آگسٽ 1792ع کان 1208هه/1793ع تائين برابر 3 ورهيه ڪابل ۾ رهي سمورو دراني سلطنت جو احوال انگن اکرن سان هٿ ڪري هڪ سؤ صفحن ۾ فارسي لکي ڪمپني سرڪار کي پيش ڪيو هو(1). اهڙي طرح انگريز ڪابل جي دراني سرڪار جي قوت کان پوري طرح خبردار هئا. سنه 1796ع ۾ زمان شاهه هندستان تي ڪاهه ڪئي، اڃا لاهور تائين مس پهتو ته هرات جي حاڪم شهزادي محمود جي ڪاهه جي وٽس خبر پهتي، ان ڪري واپس ڪابل ڏانهن موٽي ويو(2). ڪابل جي انتظام کي درست ڪرڻ کان پوءِ هو ٻيو ڀيرو لاهور تائين ڪاهي آيو. انگريزن اڳواٽ مهدي علي هڪڙي بريلي جي شيعه کي ٻه لک ڏهه هزار رپيا رشوت ڏئي ايران ڏانهن روانو ڪيو، جنهن اُتي سني افغانن پاران هندستان جي شيعن تي ڪوڙن ظلمن ڪرڻ جي تحريڪ کي زور وٺرايو. زمان شاهه لاهور ۾ خالصن سان سرگوشين ڪرڻ ۾ رُڌل هو ته پٺيان فتح علي شاهه قاچار جي افغانستان تي ڪاهه ڪرڻ جي خبر ٻڌي پوئين پير ڪابل ڏانهن موٽيو. افغانن جي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جون خبرون افسانو بنجي ويون.

نيپولين جي ڪاهه جو افسانو:

نيپولين بونا پارت جي هندستان تي ڪاهه جا افواهه فضا ۾ اُڏامي رهياهئا، هندستان جا رهاڪو ڪابل کان نااميد ٿي يورپ ڏانهن واجهائڻ لڳا. ڇاڪاڻ جو سنه 1798ع ۾ فرينچ فاتح مصر پهتو هو. انگريز خواهه مخواهه نيپولين جي ڪاهه جو هندستانين کي خوف ڏيارڻ لڳا. مثال لاءِ آگسٽ 1798ع ۾ لنڊن جي هڪڙي سياستدان جان فئربارن نيپولين بونا پارٽ جي ڪاهه متعلق هڪڙو نقشو شايع ڪرايو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته:

”جنرل بونا پارٽ جو ارادو آهي ته فرينچ لشڪر ۽ جنگي جهاز مصر جي رستي بحيره روم کان بحير قلزم کي لتاڙي ايراني نار کان ٿيندا منگلور پهچي ٽيپو سلطان کي مدد ڏين(1).“

ٽيپو سلطان جي لشڪر ۾ فرينچ علمدار نوڪر هئا.سندن صلاح سان سلطان ماريشس ٻيٽ جي فرينچ گورنر کان ڏهه هزار فرينچ ۽ ٽيهه هزار حبشي سپاهين لاءِ گهر ڪئي. فرينچ گورنر طغل تسلين ڏيڻ لاءِ ريپارڊ نالي پنهنجي ايلچي کي سرنگاپٽم جي درٻار ڏانهن روانو ڪيو. سلطان وٽ نه فرينچ لشڪر پهتو نه وري نيپولين بونا پارٽ مصر ٽپي سگهيو. بلڪه ابوڪير جي بحري جنگ ۾ فرينچ ٻيڙي انگريزي ٻيڙي هٿان شڪست کاڌي. نيپولين بونا پارٽ کي عڪه (ايڪڙ) جي جنگ ۾ ترڪي ۽ انگريزي متحده فوجن شڪست ڏني. هو موٽي فرانس هليو ويو. نيپولين بونا پارٽ جي ڪاهه افسانو رهجي ويئي. سنه 1799ع ۾ سرنگاپٽرم جي گهيري ۾ ٽيپو سلطان وڙهندي انگريزن هٿان شهيد ٿي ويو. ميسور جي اسلامي حڪومت جنهن مان انگريزن کي خطرو هو، تنهنجو خاتمو ٿي ويو. گورنر جنرل مارڪئس ويلزلي هندستاني ڏيهي رياستن لاءِ ”سسٽم سبسيڊائري“ جو قانون لاڳو ڪيو، جنهن مطابق هرهڪ رياست کي انگريزي لشڪر پنهنجي خرچ سان رکڻ لازم ٿيو، جن رياست مٿئين قانون کان انڪار ڪيو، سي انگريزن جي نظر ۾ دشمن هيون. زمان شاهه کان ڪمپني سرڪار کي ڪو خوف نه هو، ڇاڪاڻ جو فتح علي شاهه قاچار انگريزن سان ٻڌل هو(2). پنجاب ۾ سک رنجيت سنگهه جي اڳواڻي هيٺ منتظم ٿي رهيا هئا. سنڌ هڪ آزاد صوبو هو، فقط نالي ماتر ڪابل جي ماتحت هو. نظام ۽ ميسور جي طاقت کي گهٽائڻ کان پوءِ ڪمپني سرڪار مرهٽن ڏانهن رجوع ٿي، ان ڪري سنڌ اڃا بچيل هئي. مگر انگريز سنڌ کان غافل ڪين هئا.

ٺٽي ۾ انگريزن جي واپاري ڪوٺي کولڻ:

سنڌ ۾ انگريزن پهرين تجارتي ڪوٺي سنه 1635ع ۾ کولي جيڪا سنه 1662ع تائين قائم رهي. ٻيو ڀيرو سنه 1758ع ۾ کولي جا سنه 1775ع تائين قائم رهي. مٿئين عرصي ۾ انگريز واپار جي سانگي آيا هئا ڇاڪاڻ جو هندستان اندر سندن قوت ڪمزور هئي. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هندستان اندر سندن طاقت پهريون نمبر هئي، ان ڪري سنڌ جي واپار جو مقصد سياسي هو. سنه 1799ع ۾ گورنر جنرل بمبئي حڪومت کي سنڌ سان واپار جاري رکڻ لاءِ حڪم ڏنو. سنڌ نالي طور زمان شاهه جو صوبو هو، تنهن تي انگريزي اقتدار ڄمائڻ کي ڪمپني سرڪار لازمي ڄاتو(1). انگريز هندستاني لشڪر لاءِ سنڌ ويجھو ملڪ هو. نيپولين بونا پارٽ جي مصر تي ڪاهه ڪرڻ وقت مارڪئس ويلزلي ست هزار هندستاني لشڪر جرنل ڊيوڊ بائر جي اڳواڻي هيٺ سوئيز ڏانهن روانو ڪيو هو. بمبئي جي گورنر جوناٿن ڊنڪن 8 آڪٽوبر سنه 1798ع ۾ لارڊ ويلزلي کي لکيو ته ٽالپر امير ڪابل جي ماتحت رهڻ کان بيزار آهن. افعانن، فرينچن، روسين ۽ ايرانين جي سياسي ڪارواين کي معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ واپار جي بهاني سان ڪوٺي وجھڻ سان ڪمپني سرڪار کي فائدو پهچندو(2).انگريزن آغا ابوالحسن هڪڙي ايراني کي پنهنجو وڪيل ڪري سنڌ ڏانهن راونو ڪيو(3). سر جوناٿن ڊنڪن گورنر جنرل جي حڪم سان ٻه خط ايراني واپاري معرفت مير فتح علي خان ڏانهن روانا ڪيا. اهڙي خط و ڪتابت جو محض اهو سبب هو ته زمان شاهه لاءِ سياسي پيچيدگيون پيدا ٿين، جيئن هو اڳتي لاءِ هندستان تي حملو ڪري نه سگهي. خطن ۾ وڌيڪ اهو ڏيکاريل هو ته جيڪڏهن ٽالپر امير افغان بادشاهه تي ڪاهه ڪندا ته انگريز کين قنڌار وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا. خطن جو ٻيو مطلب هي هو ته ٽالپر سمجھن ته انگريزن لاءِ قنڌار وٺڻ ڪيترو نه آسان آهي(1). خطن مان هڪڙو مير هئبت جنگ بهادر جي نالي تي هو، ٻيو وزير خارجه مير غلام علي خان جي نالي تي هو. خطن ۾ دوستي رکڻ لاءِ خداوند تعاليٰ جو واسطو ڏنل هو. مضمون جي عبارت هن ريت هئي:

”پروردگار عالم حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪري سندس اولاد کي دوستي جي ڌاڳي ۾ اهڙو مضبوط ڪيو آهي جو الله جا ٻانها انساني تهذيب ڪري سڀ هڪجھڙا آهن.“

لارڊ ويلزلي جي پاليسيءَ مان انگريزي عياري صاف نظر اچي ٿي. هڪڙي پاسي ڏيهي رياستن لاءِ سسٽم سبسيڊائري قانون جو شڪنجو تيار ڪري ٿو، ٻي طرف سندس گورنر ٽالپرن کي انساني تهذيب دوستي رکڻ لاءِ ياد ڏياري ٿو. 24 فيبروري سنه 1799ع ۾ آغا ابوالحسن حيدرآباد پهتو ۽ آغا سيد ابراهيم شاهه وٽ مهمان رهيو. 17 مارچ تائين ٽالپري دسترخوان تي مختلف طعام کائي آرام ڪرڻ کانپوءِ انگريزن جون موڪليل شيون ٽالپرن اڳيان پيش ڪيون. سوکڙين ۾ چيني ۽ شيشي جا ٿانو، مختلف بارود جا هٿيار، مختلف قسمن جا پلنگ، واچون ۽ قيمتي ڪپڙن جا ٿان هئا. مير فتح علي خان جي سوکڙين جي ڪل قيمت 1045 رپيا هئي ۽ مير غلام علي خان جي شين جي قيمت 849 روپيا هئي. مير ڪرم علي خان کي 735 رپين جو سامان مليو. سوکڙين مان خاص ڪري واچن کي ڏسي ننڍا شهزادا گهڻو خوش ٿيا ۽ انگريزن کي خير خواه دوست سمجھڻ لڳا. مگر آغا سيد اسماعيل شاهه فرنگين جي راز کي سلي ويو. مير صاحبن انگريزي ايراني زاده وڪيل کي چيو ته حيدرآباد سرڪار ايسٽ انڊيا ڪمپني کان ساليانو پنجاهه هزار رپين کان وٺي ٻه لک رپين تائين گرم اوني ڪپڙو خريد ڪندي(1). انگريز فقط اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ هئا. ابوالحسن جي بمبئي پهچڻ کانپوءِ سر جوناٿن ڊنڪن بمبئي سول سروس جي هڪڙي تجربيڪار عملدار مسٽر ناٿن ڪرو کي پنهنجي طرفان ايجنٽ ڪري روانو ڪيو. کيس تجارتي ۽ سياسي ٻئي اختياريون مليل هيون. درٻار حيدرآباد پنهنجي طرفان آغا محمد بيگ کي ايجنٽ ڪري بمبئي ڏانهن روانو ڪيو. ان لاءِ ته ڪمپني کي انهن شين کان واقف ڪري جن جي سنڌ کي گهرج هئي. انگريزي ايجنٽ جي اچڻ کان پوءِ انگريز ساليانو چار لک رپين جو مال سنڌ ۾ نيڪال ڪرڻ لڳا. مثلاً چين جي کنڊ، مالابار جا ڪارا مرچ ۽ ٻيون صنعتي شيون. مئي سنه 1799ع ۾ ڊريڪ نالي جھاز ڪراچي پهتو، منجهنس 69805 رپين جو مال جھڙوڪ چيني جا ٿانوَ، شيشي، ٽين ۽ لوهه جو سامان، ڪارا مرچ، قسمين قسمين ڇيٽن جا ڪپڙا ڀريل هئا. اهڙو سامان اڳ سنڌين ڪين ڏٺو هو. واپار ته دراصل بهانو هو. حقيقت ۾ سنڌ اُهو هنڌ هو جتي انگريز ايجنٽ رهڻ سان ڪابل، ايران، روس، پنجاب ۽ مرهٽن جي آساني سان خبر چار معلوم ڪري ٿي سگهيو. جيئن ناٿن ڪرو هڪڙي خط ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي سنڌ جي اهميت بابت هيٺيون بيان لکي موڪليو هو:

”سنڌ ۾ انگريزن جي رهڻ ڪري زمان شاهه جو سمورو ڌيان سنڌ ڏانهن رهندو. سنڌ هڪڙي اسلامي حڪومت آهي، جنهن سان دوستي رکڻ سان اسين آسانيءَ سان قنڌار تي فوج ڪشي ڪري سگهنداسون. افغان بادشاهه سان جيڪڏهن ٽالپرن جي جنگ لڳندي ته اسين فائدي ۾ رهنداسون. سنڌ ۾ رهڻ سان اسين ڪابل ۽ وچ ايشيا تائين خبرون رکي سگهنداسون.“

مير فتح علي خان جو انگريزن جي ڪوٺي بند ڪرڻ لاءِ حڪم:

ولايتي شيون عجيب ۽ غريب هيون. سنڌ ۾ سندن رواج پوڻ ڪري ديسي ساخت جي شين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. سنڌ جا واپاري به ولايتي مال جي آمد جي خلاف هئا. سڀ کان پهريان حيدرآباد جي سيٺين پڪار ڪئي. زمان شاهه کي انگريزن ۾ شڪ هو. گذريل هرات جي ڪاهن وقت شاهه قاچار جون خراسان ۾ فوجي نمائشون ڪرڻ کي زمان شاهه انگريزن جي سياست جو ڪرشمو سمجھڻ لڳو ۽ هئبت جنگ بهادر کي هدايت ڪئي ته هڪدم انگريزن کي سنڌ مان لوڌي ڇڏي. هندو سيٺين جو به درٻار ۾ رسوخ هو جن خداآباد کي ڇڏي حيدرآباد کي وسايو هو. مسٽر ناٿن ڪرو کي سنڌ ۾ اڃا سال کن مس گذريو هو ته 29 آڪٽوبر سنه 1800ع ۾ مير فتح علي خان انگريزي گماشتن کي 15 ڏينهن اندر سنڌ ڇڏي وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. 30 نومبر تي انگريز ايجنٽ ٺٽي مان سڙهه سانباهي روانو ٿيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني کي مٿيون اوچتو حڪم ملڻ ڪري 109659 رپين جو نقصان پهتو(1). مٿين رقم ۾ مير صاحبن کي ڏنل سوکڙين جي رقم 23145 رپيا به شامل هئي. مسٽر ناٿن ڪرو ايسٽ انڊيا ڪمپني کي سنڌ متعلق جيڪا رپورٽ پيش ڪئي، تنهن مان فرنگين جي ناپاڪ ارادن جي تصوير جا ٻئي رخ نظر اچي سگهن ٿا. هڪڙي رخ مان سنڌ جي 18هين صدي جي حالت جي جھلڪ نظر اچي سگهي ٿي. رپورٽ هن ريت هئي:

”جيڪڏهن انگريز سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ چاهين ته کين پهريان ڪراچي کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي گسري وٽ فوجون لاهڻ گهرجن. مٿئين ڏکڻ اوڀرندي واري کاري کان پريان وڏا جھاز لنگر انداز ٿي سگهن ٿا. ڪناري جي حفاظت لاءِ مختصر توبخاني جي ضرورت پوندي. ڪراچي ۾ آسودگي آهي. هت اناج، چوپايو مال ۽ گيهه جام ملي ٿو. ڪراچي کان ٺٽي تائين سڌو سنئون رستو آهي، جتان توبخانو آساني سان لنگهي سگهندو. درياءَ رستي کان به ٺٽي پهچي سگهبو. سنڌوندي جي ٻيڙين تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد جو قلعو، ڪناري کان فقط ڇهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. رستي تي فقط هڪڙي مشڪلات آهي جو بلوچي لشڪر هر وقت تيار بيٺل رهي ٿو. ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جھرڪن جو شهر آهي، هت اناج، چوپايو مال، گيهه جھجھو ملي سگهي ٿو. سڀ کان پهريان ڪراچي تي قبضو ڄمائڻ ضروري آهي. هتي جا جوکيا ۽ نومڙيا ٽالپرن جي برخلاف آهن، سندن چوڻ آهي ته ٽالپرن اميرن اسان جن زمينن تي قبضو ڪيو آهي. جيڪڏهن اسين کين دلاسو ڏينداسون ته حيدرآباد پهچڻ تائين اسان جا مددگار ٿي رهندا. ميان عبدالنبي جي پوئين مان جيڪڏهن اسين ڪو حقدار کڙو ڪنداسون ته پڪ ٽالپر سنڌ مان تڙجي ويندا(1).“

مير فتح علي شاهه جي وفات:

سنه 1217هه/1802ع ۾ مير فتح علي شاهه هئبت جنگ بهادر وفات ڪئي. مرڻ کان ٿورا ڪلاڪ اڳ کيس سجاول دائيه فرزند شهزادي صوبدار خان جي ولادت جي مبارڪباد پيش ڪئي. بلوچن ۾ مغلن وانگر دستور آهي ته خوشخبري ٻڌائيندڙن کي انعام اڪرام ڏيندا آهن. فاتح امير سجاول کي هن موقعي تي جوهردار ترار عطا ڪئي. وفات کان اڳ حڪومت جون واڳون پنهنجي ڀاءُ مير غلام علي خان کي سپرد ڪري ويو. سندس جنازو هالن جي ويجھو خدا آباد ڀرسان سپردخاڪ ڪيو ويو. مقبرو ڳاڙهي پٿر جي صفائي سان جڙيل آهي. قبر اڳيان سنگ مرمر جي تختي تي ڪتبو لڳل آهي. سندس مقبري جي ڀر ۾ هڪڙي پٿر جي ٿلهي تي مير بهرام خان، مير بجر خان، مير صوبدار خان، مير غلام علي خان جون قبرون آهن، جن تي پيل پاون سان ڇت ٻڌل آهي(2). مير فتح علي خان فاتح سنڌ تجربيڪار سپهه سالار هو. محمد بن قاسم وانگر هن پنهنجي فوجي قابليت سان 18 ورهين جي عمر ۾ ڪلهوڙن، افغانن ۽ بروهين کي شڪستون ڏيئي بلوچي حڪومت جو سنڌ ۾ پايو وڌو. سندس بلند فطرت کي فقط ايترو منظور هو ته باب الاسلام (سنڌ) اندر امن امان رهي. رعايا پروري سندس طبع لطيف جو ثمر هو، ان ڪري جنگين کان نفرت ڪندو هو. پر جڏهن ميدان رزمگاهه ۾ گهڙندو هو ته رزم آرائي ۽ دشمن شڪني ڪرڻ کان ڪين گسندو هو. جنگين جي باري ۾ سنجيدگي ۽ ڪفايت کان ڪم وٺندو هو. ملڪ داري ۽ فن سياست ۾ ماهر هو. هن عزيزن ۽ ٻين بلوچي سردارن کي سندن رتبي موجب حق ڏنا، جيئن ڪوبه شڪايت جو لفظ زبان تي آڻي نه سگهي. رعايا سايهء همايوني هيٺ دم پٽڻ جوڳي ٿي. مير صاحب سير ۽ شڪار جو شوقين هو. حيدرآباد کان سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين شڪارگاهه جُڙي ويا. سخن دان هو، شعراءِ ڪرام ۽ علماءِ هر وقت ساڻس همرڪاب رهندا هئا. مشهور بلوچي قصي سسئي- پنهون کي مولانا عبدالرحمان جامي جي يوسف زليخا جي طرز تي تصنيف ڪرايو. سندس فتوحات جا ڪارناما، سيد محمد عظيم ٺٽوي ”فتح نامه“ جي نالي سان تصنيف ڪيا(1). مير صاحب سنه 1799ع ۾ پڃاري واهه کي بند ڏياريو، پوءِ انگريزن مغلڀين وٽ بند ڏياريو هو(2). علي بندر کي به مير صاحب بند ڏياريو هو. مرڻ وقت شاهي خزاني ۾ 35لک رپيا نقد ڇڏي ويو.

باب ستون

مير غلام علي خان شير افگن

16 محرم الحرام سنه 1217هه/1802ع ۾ مير غلام علي خان گادي تي ويٺو. بلوچي سردارن ۽ رئيسن دستار بندي جي رسم ادا ڪئي ۽ مبارڪباد پيش ڪئي. هن موقعي تي مير سهراب خان آيو هو، پر مير ٺارو خان غير حاضر رهيو. اهڙن موقعن متعلق مسٽر پي. اين کيرا لکي ٿو ته جيئن مرهٽن ۾ منڍ کان وٺي نااتفاقي هئي، ساڳي حالت ٽالپرن جي هئي. مير غلام علي خان جھانداري ۽ ملڪداري جي قانون کان واقف هو. وقت جي ٻين حڪمرانن جي نظر ۾ سندس ڪارناما عديم المثال هئا.

ول جي جنگ:

سنه 1218هه/1803ع ۾ ڪنهن معمولي ڳالهه تان مير ٺاري خان ۽ مير غلام علي خان جي ڪمدارن ۽ ڪڙمين ۾ فساد پئجي ويو. نوبت ايتري قدر پهتي جو تراريون مياڻن کان نڪري چمڪاٽ ڏيڻ لڳيون. مير غلام علي خان جي وڙهڻ جي مرضي ڪانه هئي. مير محمود خان ۽ طاهر خدمتگار جي اڳواڻي هيٺ 2 هزار لشڪر ۽ توبخانو روانو ڪيو. ڌرين ۾ پهريان توبن ۽ بندوقن جي جنگ هلي، پوءِ ترارين جو وارو آيو. شهداداڻين جا چار سؤ ڏهه سپاهي ۽ ماڻڪاڻين جا 300 سو سپاهي مارجي ويا. مير ٺارو خان زخمي ٿي پيو. مير غلام علي خان کيس عزت ۽ احترام سان حيدرآباد کڻائي آيو. چاڪ ٿيڻ کانپوءِ بيش بها سوغاتون ڏيئي روانو ڪيائين. ول جي جنگ پنج ڏينهن هلي، شهداداڻي فوج جا نامور جھڙوڪ ٻيڙو خان کوکر، ڏاتو خان جمالي، نبي بخش خان ڀرڳڙي مارجي ويا(1).

زمان شاهه جو تخت تان لهڻ:

ڪابل جي صورتحال پيچيده هئي. سدوزئي شهزادن ۾ اڻبڻت هئي. سندن اندروني فسادن مان بارڪزئي سردار زور وٺي رهيا هئا. زمان شاهه وٽ رامپور، اوڌ جي نوابن ۽ جائن ڳڙهه جي راجا وٽان هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوتون موڪليون هيون. سنه 1793ع ۾ تيمور شاهه جي مرڻ وقت دراني سلطنت جي سالياني آمدني 27178400 رپيا هئي، جن مان 4615000 رپيا زمان شاهه جو خرچ هو. ڪُل فوجن جو تعداد 68830 هو. سنه 1799ع ۾ فوجن کي پگهار نه ملڻ ڪري قزلباش سپاهين بغاوت ڪري شهزادي محمود جو طرف ورتو. هن بغاوت ڪري زمان شاهه کي گرفتار ڪري محمود جي حوالي ڪيو ، جنهن سندس اکيون ڪڍرائي ڇڏيون. پوءِ انگريزن جي وظيفي تي باقي عمر جا ڏينهن لڌياني ۾ ڪاٽڻ لڳو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته زمان شاهه وڏو ظالم هو(1). حقيقت ۾ هو وڏو عالم، قرآن جو حافظ ۽ فياض هو. سندس تخت تان لهڻ ڪري اسلامي دنيا ڏک ظاهر ڪيو(2). سنه 1228هه/1803ع ۾ سندس ننڍو ڀاءُ شجاع الملڪ تخت تي ويٺو(3).

شاهه شجاع جي سنڌ تي ڪاهه:

شاهه شجاع جنهن کي بارڪزئين تخت تي ٿاڦيو هو، سو ڪمزور طبيعت جو بادشاهه هو. وٽس ڏوڪڙ ڪين هئا، جو لشڪر کي پگهار ڏيئي سگهي. جيسين ڪابل جا فساد رفع ٿين تيسين ٽالپرن ساليانو خراج ڏيڻ بند ڪيو هو. ميرن تي دٻاء وجھڻ لاءِ شجاع لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ماڻهو خوف کان ڳوٺ ڇڏي ڀڄڻ لڳا. مير غلام علي خان بذات خود لشڪر وٺي لاڙڪاڻي جي قلعي کي توبن سان مسلح ڪرڻ ۾ رڌل هو ته ايتري ۾ مير سهراب خان لشڪر سميت اچي ساڻس گڏيو. شجاع بلوچي فوجن جي صف آرائي ڏسي پنهنجي وزير حافظ شير محمد خان معرفت صلح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. مير صاحب افغاني وزير کي صاف لفظن ۾ چيو ته ”اُها ڪڪڙ مري وئي جا اڳ سونا آنا لاهيندي هئي(4).“ جيسين ڌرين ۾ فيصلو ٿئي، تنهن کان اڳ ڪابل جون حالتون بدلجڻ لڳيون. شهزادي محمود ۽ زمان شاهه جي پٽن شهزادي ڪامران ۽ قيصر خان جي پاڻ ۾ دشمني هئي. ٻي طرف قاچاري لشڪر هرات تي ڪاهه ڪئي هئي، ان ڪري شاهه شجاع ڏهه لک رپيا وٺي ڪابل ڏانهن موٽي ويو(1).

شينهن جو شڪار:

ٽالپر اميرن ۾ مير غلام علي خان ”شير افگن“ جي لقب سان سڏجي ٿو. سندس ڏينهن ۾ سيکاٽ جي جھنگ ۾ هڪڙو شينهن جاڳيو، جيڪو مخلوق خدا کي تنگ ڪرڻ لڳو. مير صاحب شڪارين جو دستو ساڻ ڪري شڪار لاءِ نڪتو. شينهن مٿس اوچتو حملو ڪيو. مير صاحب پٽڪو لاهي شينهن ڏانهن اڇلائي هڪڙي ڌڪ سان سندس ڪم پورو ڪيو. مخلوق تان آزار لٿو.

ڪڇ ۾ ڏُڪر:

اُنهن ڏينهن ۾ ڪڇ ۾ سخت ڏڪر پيو. ڏڪر جا گهڻائي ستايل سنڌ ۾ وارد ٿيا. اهي پنهنجا ٻار چئن رپين تي وڪڻڻ لڳا. سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ تيموري سڪو رائج هو. سنڌ ۾ في رپئي 6 سير جوئر ۽ ٻاجھري وڪامندي هئي. فياض ميرن بيشمار اناج ستايلن کي ورهائي ڏنو. ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪڇي پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويا. ڪڇ جي کنگهار راءِ بهار امير نامدار کي ستايلن جي ٻارن کي موٽائڻ لاءِ دوستانه نموني ۾ درخواست ڪئي. درٻار جي حڪم موجب فقيري خدمتگار شاهي خزاني سان وڪاميل ٻارن کي خريد ڪري ايلچين معرفت ڪڇ ڏانهن روانو ڪيو، جن کي انگريز ريزيڊنٽ مائٽن کي موٽائي ڏنو. مٿين فياضي ڪري راءِ کنگهار ۽ ريزيڊنٽ خطن ذريعي امير شير افگن جو شڪريو ادا ڪيو.

قلات ۽ حيدرآباد ۾ ڇڪتاڻ:

قلات ۽ حيدرآباد درٻار ۾ ڪراچي جي بندر تان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. سنه 1795ع ۾ مير محمد نصير خان جي وفات کان پوءِ ولي عهد شهزادو مير محمد خان صغير هو. پهريان مير بهرام خان ڪڇ ۾ بغاوت کڙي ڪئي هئي، جنهن کي زمان شاهه گرفتار ڪرايو هو. تنهن کانپوءِ قلات جون واڳون شهزادي جي ٻن ماٽيلن ڀائرن مير رحيم خان ۽ مير مصطفيٰ خان جي هٿ چڙهي ويون. مير مصطفيٰ خان برجستو سپهه سالار هو. ڪڇي، هرندَ داجل مٿان نائب هو. هن حيدرآباد سرڪار کان ڪراچي جي بندر ۽ ٽن سالن جي آمدني لاءِ گهر ڪئي ۽ بهاولپور جي دائودپوٽه نواب محمد صادق کي هن چوائي موڪليو ته جيڪڏهن نواب جو لشڪر سنڌ سرڪار خلاف قلات جي مدد ڪندو ته سنڌوندي جو کاٻو حصو نواب کي ڏبو ۽ ساڄو حصو براهوئي کڻندا. ٻنهي شهزادن جي هڪڙي پوڙهي چاچي ڪوٽڙي ۾ رهندي هئي، سندس ٽالپر پرورش ڪندا هئا. پوڙهيءَ کي مير غلام علي خان سمجھائي گندا واهه ڏانهن روانو ڪيو، هن پهچڻ شرط اهڙو مڪر کڙو ڪيو، جو شهزادن جي پاڻ ۾ نااتفاقي پئجي ويئي. نوبت ايتري قدر پهتي جو مير مصطفيٰ خان پنهنجي ڀاءُ مير رحيم خان کي گولي هڻي ماري وڌو(1). تنهن کانپوءِ مير شير افگن قلات سان دوستي رکڻ لاءِ پنهنجو سفير روانو ڪيو. ٻنهي شاهي خاندانن جو پاڻ ۾ صلح ٿيو. مير محمد نصير خان مرحوم جي ڀائيٽي سان ڀاڳ جي شهر ۾ مير غلام علي خان جي ڌوم ڌام سان شادي ٿي. هن موقعي تي ٽالپري دسترخوان تي مهمانن جو تعداد چاليهه هزار هو(2).

بهاولپور کي شڪست:

اُچ شريف جي بخاري ۽ جيلاني ساداتن جي وقت جا سلاطين گهڻي عزت ڪندا هئا. سندن پيري مريدي جو سلسلو سنڌ، گجرات ۽ بلوچستان تائين هو. نواب محمد صادق اُتي جي گادي نشين سيد ذوالفقار شاهه جي بي عزتي ڪري مٿس سختيون ڪرڻ لڳو. انباري ۾ مير نامدار نواب صاحب کي باز اچڻ لاءِ سفارشي خط لکيا، مگر نواب اٽلندو وڌيڪ سختيون ڪرڻ لڳو. مير شير افگن ناراض ٿي پنهنجن سپهه سالارن مان طاهر خدمتگار کي جرار لشڪر ڏيئي بهاولپور تي چاڙهي موڪليو. اوڀر سنڌ سري جا بلوچ لنڊ، بوزدار، پتافي، گبول، جروارن ٽالپري لشڪر سان رياست جي گهڻي حصي تي قبضو ڪري ورتو. نواب شرط منظور ڪيا. ساداتن کي سندن ضبط ڪيل جاگيرون موٽي مليون. سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙه تي ٽالپرن قبضو ڪيو. شرطن تي پابند رهڻ لاءِ طاهر خدمتگار نواب صاحب جي پٽ کي بطور عيوضي جي ساڻ ڪري ٻيڙين رستي ٽن ڏينهن اندر ٽنڊو حاجي مير خان وٽ پهتو، جتي ٽالپري درٻار پاران شهزادي مير محمد خان دائودپوٽه شهزادي جو استقبال ڪيو. شهزادو ڪجھ ڏهاڙا حيدرآباد جي قلعي ۾ شاهي مهمان جي حيثيت ۾ رهي پوءِ بهاولپور ڏانهن موٽي ويو. طاهر خدمتگار کي فتحن جي صلي ۾ نوابي جو خطاب مليو. هن جنگ ۾ بهاولپور لشڪر جو سپهه سالار فتح محمد خان غوري هو جيڪو پوءِ خيرپور جو وزير ٿيو.

ڪابل ۽ لاهور سان انگريزي تعلقات:

لارڊ منٽو جڏهن هندستان جو گورنر جنرل مقرر ٿيو، تڏهن انگريز سلطنت هندستان اندر ڪمزور هئي. نظام دکن ۽ پيشوا ۾ دم خم ڪين رهيو هو جو برٽش سان هٿ اٽڪائي سگهن. مگر سنڌيا شاهي، هولڪر شاهي مرهٽن جا مضبوط راڄ هئا. ايسٽ انڊيا ڪمپني جا عملدار جي هندستانين جي خون ۽ پئسي جي زور تي ديسي نوابن ۽ راجائن کي پاڻ ۾ ويڙهائي انگريزي شهنشاهيت کي زور وٺرائي رهيا هئا، هينئر ڪمپني جا خزانا خالي هئا. پنڊاري پاٿاريدار جن جي مرهٽا سردار پرورش ڪندا هئا، سي انگريزن کان ڳريون رشوتون وٺي ڏيهي رياستن ۾ ڦرون ڪرڻ لڳا(1). نيپولين بونا پارٽ جو وجود اڃا يورپ ۾ قائم هو. انگلينڊ جيڪو جگري دشمن هو. توڙي جو هندستان پهچي ڪين سگهيو، مگر ڳچ وقت يورپ سندس کڙيءَ هيٺان رهيو. جرمني کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ هن ”برلن ڊڪري“ موجب اعلان ڪيو هو ته ڪابه يورپ جي حڪومت انگلينڊ سان تجارتي ناتو نه رکي. سنه 1807 ۾ ٽلسٽ جي عهدنامي موجب هن زار روس سان هندستان تي حملي ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو هو. مٿئين معاهدي ڪري هندستان جي فضا تي افواهه هلي رهيا هئا ته روس ۽ فرانس گڏجي هندستان تي حملو ڪندا. ان معاهدي ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪلڪتي جي ”چيمبرس آف ڪامرس“ ايوان تجارت ۾ سياسي هلچل مچي وئي. لارڊ منٽو هندستان جي پاڙيسري ملڪن ڏانهن ايلچين رواني ڪرڻ لاءِ ارادو ڪيو. ڇاڪاڻ جو ڪي فرينچ عملدار توبن سميت ايران پهچي اُتي جي فوجن کي جنگي قواعد ڏيڻ لڳا. حقيقت ۾ گورنر جنرل جي اها مرضي هئي ته مٿئين بهاني جي اوٽ ۾ انگريز سياستدان سنڌ، پنجاب، ڪابل ۽ ايران پهچي اُتي جي صورتحال معلوم ڪن. پنجاب تي رنجيت سنگهه جو سڪو ڄميل هو، سندس مرضي هئي ته ستلج پريان سک رياستن کي لاهور جي خالصا سرڪار جي جھنڊي هيٺ آڻي. سندس خوف کان اهي رياستون ڪمپني کان اجھو گهرڻ لڳيون. هيڏانهن انگريزن کي خوف هو ته جيڪڏهن خالصا، مرهٽا ۽ راجپوت گڏيل محاذ کڙو ڪندا ته انگريز شهنشاهت لاءِ هندستان اندر خطرو پيدا ٿيندو. ان ڪري سڀ کان اول گورنر جنرل کي رنجيت سنگهه کي روڪڻ لاءِ فيصلو ڪرڻو پيو. 22 ڊسمبر سنه 1808ع ۾ برٽش ايلچي مٽيڪاف رنجيت سنگهه کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته ستلج پريان سک رياستون ڪمپني جي حفاظت هيٺ آهن. رنجيت سنگهه سياڻو هو ۽ کيس انگريزن جي قوت جي پوري خبر هئي، ان ڪري سنه 1809ع ۾ خالصا لاهور جي سرڪار ۽ انگريزن جو پاڻ ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن موجب ڌرين جي وچ ۾ ستلج ندي آخري حد مقرر ٿي. باقي رهيو ڪابل جو سوال تنهن ڏانهن گورنر جنرل رجوع ٿيو. ڪابل جي سياسي فضا سدوزئي ڀائرن جي نااتفاقي ڪري اڳيئي غبار آلوده هئي. شاهه شجاع سنه 1803ع ۾ تخت هٿ ڪيو هو، سو بارڪزئي سردارن جو محتاج هو. ڇاڪاڻ جو شهزادو محمود هرات جو حاڪم دستور موجب مخالفت ڪري رهيو هو. سنڌ، بهاولپور، ديره جات ۽ ڪشمير جا علائقا دراني سلطنت جي ماتحت هئا. گورنر جنرل کي ڪابل سميت مٿين علائقن جي احوال معلوم ڪرڻ جي ضرورت هئي. پهريون انگريز جارج فاريسٽر هو، جيڪو ڪابل پهتو هو(1). ڪلڪتي جي ڪائونسل مانسٽيورٽ ايلفنسٽن کي ڪابل ڏانهن رواني ڪرڻ لاءِ انتخاب ڪيو. ايلفنسٽن 13 انگريزي عملدار ۽ 4 سؤ سولجر ۽ هندي سوارن جي دستي سان اُٺن ۽ هاٿين جي قافلي سميت دهلي کان روانو ٿيو. فرنگي وفد بيڪانير، بهاولپور، ديره جات ۽ ڪوهاٽ رستي کان وڃڻ جو ارادو ڪيو. رنجيت سنگهه جي علائقي کان لنگهڻ کي فرنگين نظرانداز ڪيو. رنجيت سنگهه شباب جي عمر ۾ شوخ طبع هو. جيڪي پسند ايندو هئس صاف چئي ڏيندو هو. پوءِ کڻي سندس دشمن ڪيترو ئي ڳرو هجي. کيس شراب پيئڻ جي سخت علت هئي. جيئن جيئن سندس عمر ۾ اضافو ٿيندو ويو تيئن تيئن درٻار کي هن لاءِ سخت شراب تيار ڪرائڻا پيا. گهڻي شراب جي استعمال ڪري سندس طبيعت چيڙاڪ ۽ ضدي ٿي پئي هئي. هڪڙي ڀيري پشاور جي هڪڙي افغان سردار جي گهوڙي ليليٰ جي تعريف ٻڌي سردار کي گهوڙي پهچائڻ لاءِ هن چوائي موڪليو. جڏهن هن انڪار ڪيو، تڏهن خالصا فوج کي پشاور تي چاڙهي موڪليائين. هزارين خالصن جون حياتيون مفت ضايع ٿي ويون ۽ خالصا سرڪار کي لکين رپين جو نقصان سهڻو پيو(2). فرنگي ايلچي کي راجپوتن ۽ دراني مقضوبات جي خبر لهڻي هئي، تنهنڪري مٿين علائقن مان لنگهيو. واٽ تي راجپوتن، نواب بهاولپور ۽ ديره جات جي بلوچي سردارن کيس اُٺن ۽ پاڻي جي مدد ڪئي. ايلفنسٽن اڃا ڪالاباغ جي لوڻ جي کاڻين وٽ مس پهتو هو ته کيس نيپولين بونا پارٽ جي شڪست ۽ انگريزي جرنيل لارڊ ويلنگٽن جي فتح جي خبر پهتي. روس ۽ فرانس جي خطري جنهن هندستان جي سياسي اُفق کي ڪو وقت غبار آلوده بنايو هو، سو مٽجي ويو ۽ مطلع صاف ٿي ويو. سنه 1809ع ۾ قافلو پشاور پهتو. جتان سلامتي سان ڪابل پهتو. فرنگي ايلچي جو قيام گاهه عام توڻي خاص لاءِ هڪ جهڙو پٽيل هو. خوش نصيبي سان هت کيس ٻه ڇاڙتا گڏيا. هڪڙو ميرزا گرامي جيڪو هڪڙي ايراني امير جو پٽ هو. هندستان ۾ ڳچ وقت رهڻ ڪري انگريز تهذيب کان واقف هو. ٻيو مُلا بهرمند، جنهن جون اکيون علامه البيروبي وانگر سنسڪرت علوم سکڻ لاءِ متلاشي هيون، ٻنهي همرازن معرفت فرنگي ايلچي دراني بادشاهه جا ٽپڙ جاچڻ لڳو. ظاهري شاهه شجاع جي پيشاني تي ڪوه نور هيرو چمڪاٽ ڏيئي رهيو هو، مگر سندس اندروني پريشانين جي ڪا انتها ڪانه هئي. هرات ۽ قنڌار ۾ شهزادي محمود جون بغاوتون، بارڪزئي وزير فتح خان جون سازشون، درٻار ۾ قزلباش ۽ دراني سردارن جي اڻبڻت مان صاف ظاهر هو ته حڪومت اندر انتشار پوڻ ڪري شيرازه درهم برهم هو. ڪشمير جو گلريز علائقو فسادن ڪري سازشن جو مرڪز هو. شاهه شجاع جي خزانن جا ٽين کڙڪي رهيا هئا. ساڻس انگريزن جي ايلچي اڃا فرينچن متعلق ڳالهه مس شروع ڪئي ته جهٽ دراني بادشاهه پنهنجي رعايا کي دٻائڻ لاءِ انگريزن سان شرطن جي فهرست پيش ڪئي. ايلفنسٽن سندس مطلب سمجهي ويو. هن جواب ڏنو ته امدادي شرطن ڪرڻ جي کيس اجازت ڪانهي. باقي سنڌ جي نالي طور دراني حڪومت ماتحت آهي، تنهن تان جيڪڏهن بادشاهه هٿ کڻندو ته گورنر جنرل کي سفارش ڪري بادشاهه کي 3 لک رپيا ڏياريا. شاهه شجاع ڪي مهينا ته وزارت ۽ افغان سردارن سان سرگوشيون ڪندو رهيو. هو سمجهي ويو ته سنڌ کي انگريزن کان خطرو آهي، اُن ڪري هن فرنگي ايلچي جي شرط کي منظور ڪيو. هن اهو به واعدو ڪيو ته جيڪڏهن فرينچ ۽ ايراني گڏجي سنڌ تي حملو ڪندا ته دراني سرڪار انگريزن جي مدد ڪندي. 14- جون 1809ع لارڊ منٽو ڪلڪتي کان مٿئين معاهدي جي تصديق ڪئي(1). فرنگي ايلچي مٿيون عهدنامو ڪري چوٿين ڏينهن اڃا مس پشاور پهتو ته شهزادي محمود جي ڪابل تي قبضي شاهه شجاع جي شڪست ۽ ڀاڄ جون کيس خبرون پهتيون. هڪڙي افغان جرنيل سردار اڪرم خان فرنگي ايلچي کي شجاع جي فتح لاءِ پڪ ڏني، پر ايلفنسٽن کي يقين هو ته ڪابل جي تتل تخت تي هو رهي هرگز نه سگهندو. انگريزن سر جان مالڪوم کي ناڻي جون ڀريل ٿيلهيون ڏئي ايران روانو ڪيو هو. اهڙين حالتن ۾ ناممڪن هو ته انگريز سنڌ کي نظرانداز ڪري سگهن. ناٿن ڪرو جي نڪري وڃڻ ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني کي جيڪو هڪ لک رپين جو نقصان پهتو هو تنهنجو داغ انگريزن جي دلين تان مٽجڻ مشڪل هو. فقط سوال هن ريت هو ته انگريز دکن ۽ وچ هندستان ۾ مرهٽن سان رڌل هئا، ان ڪري في الحال هنن سنڌ جي سوال کي ملتوي ڪري رکيو هو(2). مير غلام علي خان داناءُ هو، کيس انگريزن جي ڪابل ۽ ايران جي سرگرمين جي خبر هئي. ايراني ۽ فرينچ جاسوس ٽالپر اميرن کي انگريزن جو خوف ڏياري ڀڙڪائي رهيا هئا. مگر ٽالپر اهڙا ساده لوح ڪين هئا، جو مٿن اعتبار ڪن(3).

ٽالپرن سان انگريزن جو پهريون عهدنامو:

مير غلام علي خان جيڪو سياستدان هو ۽ فاتح امير جي ڏينهن ۾ سنڌ جو وزير خارجه رهي چڪو هو، تنهنجي اها منشا هئي ته انگريزن سان ٺاهه ڪري افغانن کان سنڌ کي آزاد ڪرائجي. انگريزن جي اها مرضي هئي ته جيڪڏهن ٽالپر سندن مددگار ٿي بيهندا ته انگريز لشڪر لاءِ قنڌار ۽ ڪابل فتح ڪرڻ بلڪل آسان ٿيندو(1). آخر مير غلام علي خان پنهنجو سفير بمبئي ڏانهن روانو ڪيو، جنهن ناٿن ڪرو جي نڪري وڃڻ تي گورنر سان همدردي جو اظهار ڪيو. جولاءِ 1808ع ۾ ڪپتان ڊيوڊسٽن بمبئي کان حيدرآباد پهتو. هن مير صاحب جي درٻار ۾ اڳيئي ايراني سفير کي موجود ڏٺو جيڪو دراصل حڪومت ايران سان قاچار پاران دوستي رکڻ لاءِ آيو هو. ڇاڪاڻ جو ٻئي اسلامي حڪومتون شيعه هيون(2). 18- جولاءِ 1808ع ۾ ٽالپرن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو پاڻ ۾ هيٺيون عهدنامو ٿيو:

1.      ٻئي حڪومتون پاڻ ۾ دوست ٿي رهنديون.

2.     جيڪڏهن ڪنهن به ڌر کي فوجي مدد جي ضرورت پوندي ته گهر ڪرڻ سان ڌريون هڪ ٻئي کي مدد ڪنديون.

3.     ڪابه حڪومت ڏوهارين کي پاڻ وٽ پناهه نه ڏيندي.

4.     جيڪڏهن ٽالپر هندستان جي ڪنهن به بندر تان ايسٽ انڊيا ڪمپني کان جنگي سامان خريد ڪندا ته قيمت ادا ڪرڻ کان پوءِ کين مال کڻڻ جي اجازت ملندي.

5.     دوستانه تعلقات کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني جو وڪيل ميرن جي درٻار ۾ رهندو.

6.     مسٽر ناٿن ڪرو جي نيڪالي ڪري آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني کي جيڪو نقصان پهتو آهي، تنهنجو سوال ٻيهر نه اُٿاربو.

7.     جيئن ڪلهوڙن جي صاحبي وقت ٺٽي ۾ ڪوٺي هئي، تيئن ساڳي نموني تي ٻيهر برپا ڪبي.

انگريزن کي جيڪي دل ۾ مرادون هيون، سي وقت جي تقاضا موجب پوريون ٿيون. ٽالپرن کي فقط فرنگي جي دوستي درڪار هئي. ڪابل يا قنڌار تي سندن ڪاهه جو ڪو خيال نه هو. انگريزن کي به پڪ هئي. ڪمپني ستت ڊيوڊسٽن کي واپس گهرائي ٻيو هڪڙو وفد مسٽر نڪولس هئنڪي سمٿ جي اڳواڻي هيٺ سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. وفد سان ڪي ڊاڪٽر ڪي سول ۽ فوجي ۽ بحري عملدار شامل هئا. 27- اپريل 1809ع ۾ انگريز وفد ماريا جهاز ۾ روانو ٿيو. سندس حفاظت لاءِ پرنس آو ويلز نالي ڪروزر به همراهه هو. 9- مئي ٻئي جهاز ڪراچي پهتا. ٽالپري قلعيدار جهازن جي سلامي لاءِ توبون ڇوڙيون. پوءِ ٽالپري نائب جهاز تي وڃي وفد جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. انگريز ڪناري تي سامان لاهڻ سان گڏ پنهنجي هر دلعزيزي ڏيکارڻ لاءِ شهر جي مفلسن کي پئسا ورهائي ڏيڻ لڳا. مٿين ڳالهه نائب کي ڪانه وڻي. هن فرنگين سان ڪا همدردي ڪانه ڪئي، بلڪ جن مزدورن سامان لاٿو تن کي سزائون ڏيڻ لڳو. فرنگين کي ڪراچي ۾ ترسندي مهينا گذرڻ لڳا. وفد جي صدر  هئنڪي سمٿ نائب ڏانهن شڪايتن جا خط موڪلڻ لڳو. مگر جنهن صورت ۾ خطن جي سرنامي تي ٽالپر لفظ سان گڏ حضور جو لقب لکيل ڪين هو، ان ڪري سڀني خطن کي نائب ٽوڪرين ۾ اڇلائيندو ويو. وفد جي ميمبرن ۽ هينري پاٽنجر تجربيڪار فوجي عملدار هو، هن نائب کي لکيو ته ٽالپر امير ڪابل جي بادشاهه کي ساليانو خراج ڀرين ٿا، ان ڪري کين سرنامي ۾ حضور لکي نه ٿا سگهون. وفد کي سياسي اختياريون مليل هيون، مگر بمبئي جي گورنر وٽان جيڪو خط وفد کي پهتو هو، تنهن ۾ لکيل هو ته ڀل ٽالپرن تي دٻاء وجهي، جيئن کين انگريزن جي قوت جي پوري خبر پئجي وڃي. 10- جون 1809ع ۾ وفد ٺٽي پهتو، جتي ايسٽ انڊيا ڪمپني واري جڙيل عمارت ۾ لٿو. وفد کي اڃا ٽالپري درٻار مان اچڻ لاءِ اجازت ڪانه ملي هئي، ٻيو برساتن جي ڪري وفد کي ٺٽي ۾ ترسڻو پيو. امير شير افگن وفد لاءِ جيڪا شاهي ٻيڙي رواني ڪئي هئي سا ننڍي هئي، ان ڪري وفد کي سٺو بهانو هٿ لڳو. منجهانئن ڪي عملدار خشڪي رستي ملڪ جاچڻ لاءِ روانا ٿيا ۽ ڪي درياءَ رستي روانا ٿيا. ٻئي جماعتون سلامتي سان حيدرآباد پهچي قلعي کان هڪ ميل جي مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر طرف ڦليلي جي ڪپ تي خيما کوڙيا.

فرنگي وفد جي مير غلام علي خان سان ملاقات:

ڪپتان مالڪوم جي ناڻي جي ٿيلهين ايرانين کي علاؤالدين واري جادوءَ جي چراغ وارو ڪرشمو ڏيکاريو. فرنگي ايلچي شاهه ايران کي افغانستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائڻ لڳو، جيئن ٻئي اسلامي حڪومتون پاڻ ۾  وڙهي مرن ۽ کين هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ فرصت نصيب نه ٿئي. ايلفنسٽن اڃا اٽڪ درياء ٽپي حسن ابدال مس پهتو هو ته واٽ تي شاهه شجاع جي حرم جو قافلو کيس هندستان ڏانهن ويندي واٽ تي گڏيو. کيس خبر پئي ته شاهه شجاع شڪست کائي ڪشمير جي جبلن ڏانهن ڀڄي ويو آهي. اها هئي ڪابل جي حالت. ايلفنسٽن سنه 1810ع ۾ پنهنجي رپورٽ شايع ڪرائي. سندس ڪاغذ هن وقت انڊيا آفيس جي دفتر جي ڍيرن هيٺان پوريل آهن.

حيدرآباد شهر ۾ هل مچي ويو ته فرنگي ”ڀورا“ مير صاحبن سان گڏجڻ لاءِ آيا آهن. ٻئي ڏينهن ميرن وٽان فرنگي وفد جي ميمبرن کي ملاقات ڪرڻ لاءِ اجازت ملي. مسٽر هئنڪي سمٿ کي شڪ هو ته شايد مير صاحب مسند تي ويهي گڏبا، انڪري هن اڳواٽ ڪرسين رکائڻ لاءِ گهُر ڪئي، پڻ اهو به ڏيکاريو ته جيئن وفد جا ميمبر درٻار ۾ گهڙن مير اُٿي بيهن. مسٽر هئنڪي سمٿ جو خيال درست هو، ڇاڪاڻ جو مشرقي ملڪن جي حڪمرانن سان ملاقات ڪرڻ جا قانون مغربي تهذيب کان بلڪل نرالا ۽ فرنگين لاءِ ڏکيا هئا(1). ٽالپر امير پنهنجي بلوچي روايتن موجب نشست ۽ برخاست ۾ بلڪل سادگي سان پيش ايندا هئا. سندن ڪچهري غاليچن تي لڳندي هئي. ڪرسين يا ٽيبلن جو ان زماني ۾ رواج نه هو، توڙي جو ٽالپر دولتمند هئا. ايراني، افغان ۽ براهوئي شهزادا وٽن اچي پنهنجا جواهر وڪڻندا هئا. ملڪ ۾ سادگي ۽ آسودگي جو دور هو. ٽالپرن جا گماشتا هٿيارن، قيمتي پوشاڪن، غلامن، ٻانهين ۽ عطرن خريد ڪرڻ لاءِ اصفهان، ڪابل، شيراز ۽ دمشق تائين گشت ڪندا هئا. ڪا قيمتي شيءِ ڏسندا هئا ته خريداري لاءِ بمبئي جي ايجنٽ کي لکندا هئا. نواب ولي محمد خان لغاري جو ٽالپري درٻار ۾ خان خانانان جو رتبو رکندڙ هو ۽ خاص صلاحڪار هو، تنهن ٽالپري درٻار پاران فرنگي وفد جي ميمبرن کي تسلي ڏني ته مير صاحب غاليچن تي ويهي ملاقات ڪندا ۽ اُٿي بيهي آڌرڀاءُ ڪرڻ کانسواءِ اوهان کي ساڄي پاسي کان ويهاريندا. ٽئين ڏينهن آخوند محمد بقا جي رهنمائي هيٺ وفد جا ميمبر قلعي ۾ داخل ٿيا. رستي تي ٻنهي طرفن کان حفاظت لاءِ برق رفتار بلوچي سوار چيلهه سان ريشمي لونگيون ۽ تراريون ٻڌل بيٺل هئا.  فرنگين جي نقل و حرڪت کي ڏسڻ لاءِ جاين جي کڏن تي ماڻهن جا هشام بيٺل هئا. رستن تي ماڻهن جو ايترو هجوم هو جو گهڻي بي ترتيبي کان پوءِ مشڪل سان فرنگي قلعي اندر داخل ٿيا. در تي فيل تن حبشي چوبدار بيٺل هئا. وفد جا ميمبر جتيون لاهي خلوتگاهه واري ڪمري ۾ داخل ٿيا. مير غلام علي خان، شاهي خاندان جي شهزادن ۽ درٻاري اميرن اُٿي بيهي ميمبرن کي آڌرڀاءُ ڏنو. پوءِ کين عزت ۽ احترام سان ويهاري ساڻن نرمائي سان گفتگو ڪرڻ لڳا. مگر وفد جي ميمبرن دستور موجب هٿيار ٻاهر ڪين رکيا هئا، انڪري ڪمري ۾ ايترا بلوچ هٿيارن سان گهڙيا جو سخت ڀيڙ ٿي. ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر ان موقعي بابت لکي ٿو ته بلوچن کي فرنگين ۾ شڪ هو، تنهن ڪري گوڙ مچي ويو هو(1). وفد جي ميمبرن کي مير صاحبن جي بلند شخصيت، هٿيارن جي نمائش ۽ فوجي دٻدٻي کي ڏسي حيرت وٺي ويئي. ٻي ڏينهن تي وفد جي ميمبرن ڪي گهڙيال، سونيون واچون، پستول، دوربينون، مخمل جا ٿانَ ۽ ڪي رنگين ڇيٽن جا ٿان سوکڙين طور پيش ڪيا. مير صاحبن ٻيون سوکڙيون منظور ڪري ڇيٽن جي ٿانن کي وٺڻ کان انڪار ڪيو پر مقربان بارگاهه جي چوڻ تي وٺڻ منظور ڪيو. ٿورن ڏينهن بعد امير شيرافگن ٽيون دفعو وفد کي شرف باريابي بخشيو. هن دفعي ميمبرن جي معطر شربتن ۽ عطر سان ضيافت ڪئي وئي.


(1)  بلوچن جو بيان مئجر سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ ڏنو آهي. ايران ۽ بلوچستان جي حد بندي ڪرڻ لاءِ انگريزن سندس اڳواڻي هيٺ مشن روانو ڪيو. انڊو- پرشن ٽيليگراف لائين قائم ڪرڻ وقت هن مڪران جي ڪناري جي گوادر تائين سروي ڪئي هئي. بلوچستان ۽ سنڌ جي بلوچن کان واقف هو. رائل جاگرافيڪل سوسائٽي جو ميمبر هو. سنه 1863ع ۾ هن بلوچي قصي سسئي- پنهون کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هو.

Journal of the Sindh Historical Society, Vol.III, December, 1938, PP.29-36 Karachi.

(1) History of Alienations in the Province of Sindh, Vol.II, The Mari tribes, PP.222-235

(1) History of Alienations in the Province of Sindh, Vol.II, The Lagharis.

(1) Dr. P.Saran: The Provincial Government of the Mughals (1526-1658) P.58

(2) G.Smith: The life of john Wilson, PP. 440-41, London, 1878

(1) Selection from the Records of the Bombay Government No. XVII, CHP, “Memoirs on the Syeds of Rohree & Bhakhur”, P. 74, Bombay, 1855

لب تاريخ جو مصنف بکر جي وجود کي سنه 333هه/1041ع کان شمار ڪري ٿو. يعني بني عباس دور ۾ تعمير ٿيو. تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته بکر جو اڳوڻو نالو فرسته هو. هندو راجائن جي زماني ۾ اُن جو وجود ڪونه هو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن سلطان العارفين سيد محمد مڪي صبح جي وقت شهر ۾ داخل ٿيو تڏهن فرمايائين: ”جعل الله بکرتي في بقعة المبارکة“ يعني ته الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت واري هنڌ تي ڪيو. پوءِ گهڻي استعمال ڪري فرسته تي بکر نالو پئجي ويو. لب تاريخ: خانبهادر خداداد خان، ص 27، تحفة الڪرام، جلد 3، ص 124، مطبع ناصري بمبئي.

(2) Pre Mutiny Records of the Commisoner in Sindh, PP. 141-142 Karachi, 1931

(1) Edmund.C Cox. A short History of Bombay Presidency, P. 296, Bombay, 1887

(2) J.Tod: The Amuals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P. 305

Pre Mutiny Records of the Commisinor in Sindh “Sindh Mission”, P. 288

K.B. Sadik Ali Sher Ali Ansari: Census of India, 1901, Vol. IX, Sindh Tribes, CHP. VIII, PP. 203-205, Bombay, 1902

(1) حملات حيدري، ص 684-662

(1) غلام محمد خان روهيلي کي انگريزن رامپور جي گادي جي جهڳڙي تان قيد ڪري ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪري رکيو هو. هن انگريزن کان حج وڃڻ جي اجازت وٺي جهاز رستي منگلور پهتو. هتان ميسور جي درٻار ۾ پهتو. سلطان ٽيپو هن کي ڪابل ڏانهن پنهنجي پاران سفير ڪري موڪليو هو. ڏسو حملات حيدري، ص 684

(2) جيمس ائنڊرسن انگريزي ريزيڊنٽ سنڌيا جي درٻار واري دهلي جي صرافن کي پڪ ڏني هئي ته  تيمور شاهه کي سک جنما تائين هرگز پهچڻ نه ڏيندا. ڇاڪاڻ جو تيمور شاهه جا ايجنٽ دهلي ۾ سنڌيا کي سکن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ سازباز ۾ رڌل هئا. ڏسو تاريخ ڪشمير: نارائڻ ڪول، ص 239

(1) Dr. H.R.Gupta: Latter Mughal History of the Punjab, PP. 265-266

(2) J.B.Mallason: History of Afghanistan, PP. 305-6

(1) P.H.Khera: British Forward Policy Towards Sindh, Napoleon

(2) E.w.Thomson: History of India, PP.318-19 London

J.B.Maleson: History of Afghanistan, P.306

نوٽ: سسٽم سبسيڊائري مان انگريزن جي اها مراد هئي ته ديسي رياستن جو هميشه لاءِ خاتمو ڪجي. دکن جو نظام پهريون حاڪم هو جنهن مٿيون قانون منظور ڪري پنهنجي خرچ سان انگريز لشڪر رکڻ لڳو.

(1) Postons Personal Observation on Sindh, P.286, London, 1843

(2)  بمبئي جو گورنر جوناٿن ڊنڪن پهريان بنگال ۾ سول عملدار هو، پوءِ بنارس ۾ انگريزن پاران ڪمشنر ٿي رهيو. سنه 1795ع کان 1811ع تائين بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. ڪمپني جو تجربيڪار عملدار هو.

(3) آغا ابوالحسن ۽ مهدي علي ٻه ايراني انگريز جا ڇاڙتا هئا. ابوالحسن بوشائر جيڪو هڪڙو واپاري هو، مهدي علي امير هو، جنهن شاهه ايران کي ٻڌايو ته انگريزن ست سو سولجرن سان هڪ لک سراج الدوله جي لشڪر کي شڪست ڏني. ان قسم جا شاهه کي دڙڪا ڏيئي انگريز سفارت لاءِ هن ايران ۾ رستو صاف رکيو وڏو عيار سياستدان هو.

P.M.Sykes: History of Persia, Vol.II, P.397 London, 1915

(1) B.D.    : Rise of the chistiah power in India, PP.351-52

(1)  نوٽ: ڪلهوڙا ۽ ٽالپر امير ايسٽ انڊيا ڪمپني کان گرم اوني ڪپڙن جا ٿان خريد ڪري افغان سرڪار کي سالياني خراج ۾ پيش ڪندا هئا. ڇاڪاڻ جو انگريزي گرم ڪپڙي جي سرد ملڪن ۾ گهڻي هاڪ پيل هئي. سنڌ جا ايلچي افغان بادشاهن کي ڪپڙي جي رقم ٻيڻي ٽيڻي ٻڌائيندا هئا.

(1) Pastons, Personal observation on Sindh, P.290

Sir.W.F.P. Napiear: The conquest of Sindh, P.38 London, 1845

(1) Journal of the Sindh Historical Society, Vol.III, Crows accounts, P.66

انگريزن کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ فاتح مير وٽ زمان شاهه، مسقط جي امام، ڪڇ جي راءِ، ڀونسلي، ماڻڪاڻي ۽ سهراباڻي سرڪارن وٽان به خط پهتا هئا. ماڻڪاڻي سرڪار سان مرهٽن جي خط و ڪتابت جاري هئي.

(2) J.wood: A journey to the Source of the River oxus, CHP.II, Ruins of khudabad P.19

(1) شاهنامه سنڌ، ذڪر مير فتح علي خان، تاريخ سنڌ: مرزا قليچ بيگ، جلد: 2، ص. 165

(2) E.H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sindh, P.16

(1)  تاريخ سنڌ: مرزا قليچ بيگ، جلد: 2، ذڪر مير غلام علي خان

(1)  تاريخ سنڌ: مرزا قليچ بيگ، جلد: 2، ذڪر زمان شاهه

(2)  تاريخ افغانستان: حضرت جمال الدين افغاني، ذڪر زمان شاهه، اُردو ترجمو

تاريخ سلطاني: سلطان محمود خان دراني، ص. 162، بمبئي 1880ع

(3) J.W.Kaye: History of War in Afghanistan, Vol.I, London, 1878

(4)  شاهه نامه سنڌ، ذڪر مير غلام علي خان

(1) J.w. Kaye: History of War in Afghanistan, Vol.I.

(1) A.W. Hughes: Baluchistan, PP.190-191

(2) Kalichbeg Furedunbeg: History of Sindh, vol.II, P.210

(1)  نوٽ: پنڊارين جي وجود کان دنيا اورنگزيب عالمگير اول جي پوئين زماني ۾ پهريون ڀيرو واقف ٿي. سندن فوجن ٺاهڻ وارو پوناپاهه نالي هڪڙو هندو مرهٽن جو طرفدار هو. تنهن کانپوءِ چيتو ۽ واصل محمد سندن سردار هئا. پنڊارين جي فوجن ۾ افغان ۽ بلوچ به شامل هئا. سنه 1689ع کان پنڊارين جي ابتدا ٿي، دکن جي تاريخ ۾ سندن ذڪر ڏنل آهي.

(1)  جارج فاريسٽر ايسٽ انڊيا ڪمپني جيڪو بنگال ۾ سول کاتي ۾ نوڪر هو، جتان مسلمان واپاري جي لباس ۾ سنه 83-1782ع ۾ هماليه جبل جي ترائي واري رستي کان پنجاب، ڪابل کان ٿيندو انگلينڊ پهتو. سندس سفرنامو ٻن جلدن ۾ آهي. خاص ڪري پنجاب جي سکن ۾ اتي جي حالتن جي پوري خبر پئجي سگهي ٿي.

(2) Lpell H.Griffin: Rulers of India, Ranjit Singh, Oxford, 1893

W.L.M Gregor: History of the Sikhs, Vol. II, London, 1846

(1) J.S.Cotton: Rulers of India, M.Elphinstone, PP. 70-71, Oxford, 1892

ايم ايلفنسٽن جو ڪابل جو سفرنامو جنهن مان دراني حڪومت جي خبر پئجي سگهي ٿي، سنه 1815ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو.

(2) H.Pottinger: Trauch in Balochistan & Sindh, P. 402, London, 1816

(3) J.William Kaye: History of the war in Afghanistan, Vol. I, P. 93

ٽالپرن کي انگريزن جي طاقت جي خبر هئي. سندن مُنڍ کان اها راءِ هئي ته انگريزن سان سندن هميشه لاءِ ٺاهه رهي. هوڏانهن انگريز هڪڙي پاسي ٽالپرن کي دراني حڪومت خلاف امداد ڏيڻ لاءِ واعدا ڪري رهيا هئا، ٻئي پاسي ڪابل سان سودو ڪري رهيا هئا!!

(1) B.D.Basu: Rise of the Christian Power in India, Vol. IV, P. 53

(2) J.W.Kaye: History of the war in Afghanistan, Vol.   PP. 93-94

(1) مثال لاءِ ڪابل جي دراني درٻار ۾ جڏهن ڪو ڌاريو ايلچي بادشاهه سان گڏجڻ لاءِ ويندو هو ته درٻار جا ٻه امير سفير کي ٻنهي طرفن کان ٻانهن کان جهلي تخت ڏانهن وٺي ويندا هئا. سفير ڊوڙي جهڪندو هو. وري درٻاري کيس اڳتي ڌڪيندا هئا. سفير ٻيهر جهڪي سلام ڪندو هو. پوءِ بادشاهه هن کي سروپا پهرائيندو هو. تنهن کان پوءِ وري درٻاري کيس ٻانهن کان جهلي درٻار جي در تائين ڌڪيندا هلندا هئا. ايلفنسٽن پنهنجي سفرنامي ۾ مٿيون بيان وضاحت سان ڏنو آهي. جيڪڏهن بادشاهه سفير تي راضي ٿيندو هو ته کيس خاص خلوتگاهه ۾ گهرائيندو هو نه ته ناراضگي جي حالت ۾ سفير کي مهينا لنگهي ويندا هئا.

(1) H.Pattinger: Troubs in Balochistan & Sindh, P. 371

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org