سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:13 

بيت

ڪُهِي سو ڪَرَ لَهي ڪوٺي سو ڪُهي،

سوئِي مَاءِ مُهي سو ئِي رَاحَتَ رُوٌحَ جي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته ڪهي اهو، جو ڪَرَ يعني خبر لهي؛ اهو سڏي ڪهندو آهي، يعني ڏکيون تڪليفون مثل ڪهڻ جي ڏيندو آهي. سوئي مون کي ڀلي ڏک ڏئي، جيڪو روح جي راحت ۽ خوشي به آهي.

هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي ته اهو محبوب موليٰ سائين، ڀلي مون کي تڪليف ڏئي، جو ان تڪليف جي ڏکن سورن کان پوءِ وري خبر ته لهي ٿو. اهو ڀلي سڏي ڪهي. جيئن قرآن شريف جي سورة آل عمران جي رڪوع سترهين ۾ بيان آهي ته جڏهن جنگ احد ۾ مسلمانن جو گهڻو نقصان ٿيو، ٻين اصحابن سان گڏ امير حمزه رضه به شهيد ٿيو؛ ٻين گهڻن اصحابن سڳورن کي به زخم ٿيا ۽ ڏينهن ڇنڇر، سترهين تاريخ شوال جي ابو سفيان لشڪر سوڌو ڀڳو. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم مديني شريف ۾ تشريف وٺي آيا ۽ لشڪر پنهنجي کي صبح جو آچر ڏينهن فرمايائون ته؛ ”ابو سفيان لشڪر سوڌو واپس جنگ لاءِ موٽيو ٿو اچي، سو اوهين تيار ٿي هلو“. پوءِ زخميل اصحاب سڳورا وڏي خوشيءَ سان تيار ٿي، نبيءَ ڪريم صلي الله عليہ وسلم سان گڏ وادي حمراءِ ۾ وڃي لٿا. هڪڙو قافلو مديني ڏانهن ٿي آيو. تن چيو لشڪر نبيءَ جي کي، ته ابو سفيان گهڻي لشڪر سان جنگ لاءِ موٽيو پيو اچي. سگها ڀڄي مديني ۾ پهچو. تڏهن مسلمانن کي الله تعاليٰ توفيق جنگ جي ڏني ۽ پنهنجي زخمن جو سور به وساري جهاد لاءِ ڪمر ٻڌائون. تڏهن الله تعاليٰ ٿو سندن تعريف ڪري. سورة آل عمران رڪوع 18:

اَلَّذ ِيٌنَ قَالَ لَهُمُ النَّاسُ اِنَّ النَّاسَ قَدٌ جَمَعُوٌا لَڪُمٌ فَاخٌشَوٌهُمٌ فَزَادَهُمٌ اِيٌمَاناً و َّ قَالُوٌا حَسٌبُنَا اللهُ وَ نِعٌم َ الٌوَڪِيٌل ِ فَانٌقَلَبُوٌا بِنِعٌمَة مِّن َ اللهِ وَ فَضٌلٍ لَّمِ يَمٌسَسٌهُمٌ سُوٌءٌ وَاتَّبِعُوٌ ر ِضٌوَان ِ اللهِ وَاللهُ ذُوٌفَضٌل عَظِيٌم

ترجمو: سي، جن لاءِ چيو ماڻهن، ته تحقيق ڪافر ڪن ٿا ميڙ وڏو اوهان لاءِ، پوءِ ڊڄو ان کان پوءِ زياده ٿيو ان کي ايمان ۽ چيائون ڪافي آهي اسان کي خدا ۽ ڀلو آهي ڪم پورا ڪندڙ، پوءِ موٽيا ساڻ نعمتن طرف الله تعاليٰ جي ۽ فضلن، نه پهتو ان کي غم ۽ تابع ٿيا راضپي خدا جي جا ۽ الله آهي صاحب فضيلت وڏيءَ جو.

وري سورة آل عمران ع 17 ۾ آهي:

وَمَا اَصَابَکُمٌ يَوٌمَ الٌتَقَي الٌجَمَعٰن ِ فَبِا ِذٌن ِ اللهِ وَ لَيَعٌلَم َ الٌمؤٌمِنِيٌنَ.

ترجمو: ۽ جيڪي ڦٽ ٿيا اوهان کي منجهه ڏينهن گڏجڻ ٻن لشڪرن جي مٿي جبل احد، ساڻ حڪم الله جي آهن، تان ته سڃاڻي مؤمنن کي ۽ سڃاڻي منافقن کي.

هاڻي هنن آيتن مان صاف ظاهر آهي ته اصحاب سڳورا انهن جنگ  وارن زخمن جي ڪري ۽ گهڻي لشڪر ڪافرن جي ٻُڌڻ ڪري سست ته نه ٿيا، پر زياده ٿيو سندن ايمان. ڇاڪاڻ ته سندن محبوب موليٰ سائين فرمائي پيو ته الله اوهان جا ڦٽ ڏسي ٿو، جي ٿيا آهن اوهان کي جنگ احد ۾. تڏهن هو خوش پيا ٿين ته ڀلي اهو محبوب مالڪ اسان کي ڪهي، جو ڪَرَ ته لهي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته مان اوهان جا ڦٽ ڏسان ٿو. جڏهن اهو مالڪ اسان جي اها ڪَرَ رکي رهيو آهي، تڏهن ڀلي اسان کي ڪوٺي ڪهي، ڇاڪاڻ ته جي مجازي ڦٽيندڙ آهي ته راحت روح جي به اهو آهي. اها سنديس عادت تڪليفن سان سڏي ڪهڻ جي، فقط ظاهر يا  مجازي جهاد ڏانهن اشارو نه آهي، پر فقر ۽ زهد، رضا، قناعت، صبر ڏانهن به آهي. هيءُ جهاد ِ نفس آهي ۽ ڏاڍو ڏکيو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. اهي تڪليفون به مثل ڪسڻ جي آهن. پوءِ جڏهن اهو محبوب موليٰ سائين پنهنجي محب سان پيار ڪندو آهي، تڏهن انهن تڪليفن سان ان کي ڪهندو آهي. پوءِ وري ان جي ڪَرَ يعني خبر ۽ خاطرداري به ڪندو آهي. حضرت موسيٰ عليہ السلام جناب باري تعاليٰ ۾ عرض ڪيو ته ”يا الاهي! تنهنجي مخلوق ۾ تنهنجا دوست ڪهڙا ماڻهو آهن؟ مون کي معلوم ٿين ته مان به انهن کي تنهنجي خاطر دوست رکان“. حڪم ٿيو ته” ڪُل فقير، فقير – يعني منهنجو دوست هرهڪ فقير محتاج آهي“، ٻيو دفعو فقير جي چوڻ جو مطلب تاڪيد جو به آهي. ٻئي دفعي فقير جي لفظ آڻڻ کان سخت مصيبت وارو به مراد آهي. حديث شريف ۾ آهي ته بهتر هن اُمت جا فقير آهن، جي جلد بهشت کي لُٽيندا ۽ لُٽڻ وارا هِن اُمت جا ضعيف ماڻهو آهن. ٻي حديث شريف ۾ آهي ته منهنجا ٻه ڪم آهن. جنهن انهن کي پسند ڪيو، ان مون کي پيارو ڪيو. جنهن انهن سان بغض رکيو، ان مون سان بغض رکيو- هڪ فقر ٻيو جهاد.

ابن حبان در ثواب  بروايت انس کان آهي، ته فرمايو نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم،ته قيامت جي ڏينهن فقير کي الله تعاليٰ سڏي اهڙيءَ طرح معذرت فرمائيندو، جهڙو ماڻهو هڪٻئي سان عذر ڪندا آهن. پاڻ ارشاد فرمائيندو ته ”مون کي قسم آهي پنهنجي عزَت ۽ جلال جو، ته مون دنيا توکان انهيءَ سبب کان جدا نه رکي هئي، ته تون منهنجي اڳيان ڪو ذليل هئين، پر هن سبب کان، جو تنهنجي لاءِ هِت ڪرامت ۽ فضيلت گڏ ڪري رکي ويئي آهي. منهنجا ٻانها! هاڻي تون انهن صفن ۾ وڃ ۽ سڃاڻ ته جنهن دنيا ۾ توکي منهنجي واسطي کارايو يا پهرايو هجي ۽ ان جو مطلب سواءِ راضپي منهنجي، ٻيو ڪجهه نه هئو ته تون ان جو هٿ پڪڙ. ان جو مون کي توکي اختيار ڏنو“. ان وقت ماڻهن جو هي حال هوندو، جو پگهر مُنهن يعني وات تائين آيو هوندن ۽ هيءُ شخص صفون چيريندو ۽ ڏسندو ته ڪهڙي مون سان ڀلائي ڪئي هئي؟ پوءِ جنهن کي سڃاڻندو، ان کي هٿ مان وٺي بهشت ۾ نيئندو.

هاڻي هنن مٿين بيان ڪيل حديثن مان معلوم ٿيو ته فقر، زهد ۽ جهاد وغيره جون اهي مجازي تڪليفون الله تعاليٰ پنهنجن پيارن دوستن کي ڏيندو آهي، جي مثل ڪهڻ جي آهن. انهن جي جيڪا قيامت ۾ ڪَرَ، خبر ۽ سنڀال لهندو ۽ درجا ڏيندو، سا به مٿين حديثن مان ظاهر آهي. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اهڙو پرين ڀلي ڪهي، جو ڪَرَ ته لهي ۽ ڪوٺي به اهو، جو اهڙين تڪليفن سان، جن ۾ در حقيقت منهنجي ڀلائي آهي، ان سان ڪهي. اهو ان مجازي تڪليف سان جيڪو ڪهڻ آهي، سو پاڻ ان جو پيار ۽ ويجهڙائي آهي ۽ اها سندس عادت اصل کان وٺي آهي، جو اوزارن سان طبيب مثل ڇليندو به آهي. وري اهي تڪليفون لاهي طبيب مثل روح کي فرحت به ڏيندو آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 22 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قَرِيٌبُ،

اِهَا عَادَتَ سِکيو، هَرٌ زَمَان حَبِيٌبُ،

تِڇي سو طَبِيٌبُ، سوئي رَاحَتَ رُوٌح جِيٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته منهنجي حبيب دوست، محبوب جي اها عادت، خوءِ،خصلت، رسم ۽ ريت هميشہ کان آهي ۽ هر وقت آهي، جو تڪليفن ۽ سورن سان ڪهي انهن جي ڪَرَ يعني سار سنڀال به پاڻ ئي لهندو آهي. انهيءَ ترتيب سان سڏي پنهنجي قريب يعني ويجهو ڪندو آهي، يعني راهه هدايت تي آڻيندو آهي، جا روح جي راحت آهي، جيئن الله تعاليٰ قرآن شريف جي سورة السجدة ع 2 ۾ فرمايو آهي:

وَ لَنُذِيٌقَنَّهُمٌ مِّنَ الٌعَذَابِ اٌلاَدٌنٰي دُوٌنَ الٌعَذَابِ اٌلاَکٌبَرِ لَعَلَّهُمٌ يَرٌجِعُوٌنَ.

ترجمو: ۽ چکائينداسون عذاب ننڍو دنيا ۾، سواءِ عذاب وڏي قيامت جي، من اهي موٽن الله ڏانهن.

هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ جيڪو عذاب، ڏک، سور تڪليفن جا، مثل ڪهڻ جي ڏيندو آهي، سا انهيءَ جي پاڻ ڀلائي آهي؛ اهو سندس عذاب انهيءَ لاءِ آهي ته من اهي گناهه پنهنجي کان توبہ ڪري الله ڏانهن موٽن. اهو سندس عذاب نه آهي، پر سڏڻ آهي راهه هدايت ڏانهن. اها پاڻ سندس ڪَرَ لهڻ سنڀالڻ آهي، جو عذاب، ڏک ڏئي پنهنجي بندي کي پنهنجي راهه ڏانهن موٽائي، قريب يعني ويجهو ٿو ڪري. هن تڪ جي هيءِ به معنيٰ آهي ته اهو قريب، جو اسان کي ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي، سو قريب سڏي، ڪهي، ڪَرَ لهندو آهي. جيئن مٿينءَ آيت شريف ۾ به آهي ته الله تعاليٰ هِت دنيا ۾ ڏک ڏئي پاڻ ڏانهن سڏي موٽائيندو آهي، ته من تڪليفن ۾ مون کي ياد ڪري منهنجا بندا مون ڏانهن موٽن.

هن بيت جي ٻيءَ تڪ  ۾ آهي ته”اها عادت سکيو هر زمان حبيب“. انهيءَ تڪ ۾ جو ”هر زمان“ جو اشارو هر وقت يعني اول کان آخر تائين، انهيءَ محبوب موليٰ سائين جي اها عادت ۽ رسم رواج آهي. مثلاً، جيئن حضرت آدم عليہ السلام کي بهشت جي سکن مان ڪڍي، کيس زمين تي ڏکن ۾ آندائين؛ وري اتي ان جي پاڻ سنڀال يا ڪَرَ لهي، کيس دعا توبہ جي سيکاري پاڻ ڏانهن سڏيائين ۽ رحمت ڪيائين. لِکن ٿا ته جڏهن آدم عليہ السلام بهشت کان سرانديِپَ جي جبل تي لٿو ۽ بيبي حوا کان به جدا ٿي ويو، جا جِدي ۾ هئي، ته گهڻا ورهيه رُنو. تڏهن الله تعاليٰ ان کي هي ڪلمان تلقين ڪيا:

قَالاَ رَبَّنَا ظَلَمٌنَا اَنٌفُسَنَا وَ اِنٌ لَّمٌ تَغٌفِرٌلَنَا وَ تَرٌحَمٌنَا لَنَکُوٌنَنَّ مِنَ الٌخٰسِرِيٌنَ

ترجمو: چيائون اي ربّ اسان جا، ظلم ڪيو اسان پاڻ سان ۽ جي نه معاف ڪندين ۽ نه بخشيندين اسان کي ته ٿينداسون منجهان ڇيهي وارن.

قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي، ته آدم عليہ السلام کي اسان دعا سيکاري ۽ قبول ڪئي. سورة البقر ع 4:

فَتَلَقّيٰ آَدَمُ مِنٌ رَّبِّہٖ کُلِمٰتٍ فَتَابَ عَلَيٌہِ اِنَّہٗ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِيٌمُ

ترجمو: پوءِ سکيو آدم، وٽان ربّ پنهنجي، ڪلمان، دعا جا، پوءِ قبول ڪئي الله توبہ مٿي ان.(تحقيق خدا توبہ قبول ڪري ۽ رحمت ڪري).

هاڻي مٿين آيتن سڳورين مان صاف ظاهر آهي، ته الله تعاليٰ حضرت آدم کي ڏک، سور، تڪليفون گويا ڪهڻ جهڙيون ڏنيون ۽ وري کيس سڏي ڪلمان دعا جا سيکاريائين. گويا سندس ڪَرَ يعني سنڀال لڌائين ۽ سندس دعا، جا کيس سيکاري به پاڻ هئائين، سا قبول ڪيائين ۽ مٿس رحمت ۽ راحت روح جي ڪيائين. اهو ان زماني ۾، جو اول هئو. ان کان پوءِ، حضرت نوح عليہ السلام پنهنجي قوم کي دعوت اسلام جي، نَوَ سؤ ورهيه ڪئي، پر سندس قوم سواءِ چند ماڻهن جي، اسلام تي نه آئي ۽ حضرت نوح عليہ السلام کي ڏکوئيندي رهي. آخر گهڻين تڪليفن بعد، حضرت نوح عليہ السلام جي دعا قبول ڪري سندس دشمنن ڪافرن کي، الله تعاليٰ طوفان ۾ ٻوڙيو ۽ حضرت نوح کي انهن ڪسڻ جهڙين تڪليفن کان ڇڏايائين ۽ طوفان کان به بچايائين ۽ مٿس رحمت ڪري، سندس ٻيڙيءَ وارن کي سلامت رکيائين، جا راحت روح جي نوح عليہ السلام ۽ ان جي تابعن لاءِ ٿي.

اهڙيءَ طرح حضرت ابراهيم خليل الله کي نمرود جي تڪليفن جهڙوڪ آڙاهه ۽ ٻين تڪليفن کان ڇڏائي کيس راحت روح جي بخشي. حضرت صالح کي سندس قوم ثمود جي آزارن کان ڇڏايائين، جي سندس تابع هئا، انهن کي به ڇڏايائين؛ حضرت هود ۽ ان جي تابعن کي سندس قوم عاد جي تڪليفن کان ڇڏايائين؛ حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ ان جي تابعن کي فرعون جي اهنجن ۽ آزارن کان ڇڏايائين؛ ۽ حضرت شعيب عليہ السلام کي سندس قوم جي ڏکن کان ۽ حضرت لوط عليہ السلام ۽ ان جي تابعن کي سندس ظالم قوم کان نجات ڏنائين ۽ حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي سندس قوم نصارن جي تڪليفن کان ڇڏائي، پنهنجي رحمت ڪري، کيس آسمان تي صحيح ۽ سلامت رکيائين ۽ سندس لاءِ راحت روح جي ڪيائين. هاڻي مٿين سڀني نبين ۽ ٻين سندس پيارن جي قصن ڏانهن ڌيان ڪندي شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ”اها عادت سکيو هر زمان حبيب“- اول پنهنجي محبن کي ڏکن، سورن ۽ تڪليفن سان ڪهي، پوءِ وري سندن ڪَرَ يعني خبر، سار، سنڀال به لڌائين ۽ پنهنجي ويجهڙو ڪري، انهن جا درجا وڌائي، سندن سڀ ڏک ۽ سور لاهي، اها راحت روح جي بخشيائين، جا دائمي ۽ بقادار آهي.

انهن ٻنهي تڪن ۾ بيان ٿيل حقيقت جو جواب، مثال طرح، ساڳئي بيت جي ٽينءَ تڪ ۾ بيان فرمايو اٿس- ته اها منهنجي محبوب جي گهڻي زماني کان وٺي عادت آهي، جو اول تڪليفن سان سڏي، ڪهي ۽ پوءِ انهن جي خاطرداري ڪري. جيئن ”تڇي سو طبيب، سوئي راحت روح جي“- جيئن طبيب اول ڦٽ کي تڇي يعني ڇلي، مرده يا بيڪار گوشت لاهي، ڦٽ کي صاف ڪندو آهي، ۽ ان تڇڻ، ڇلڻ يا ڦٽ جي کولڻ، ٽُّڪي ڏيڻ يعني آپريشن وقت کڻي ظاهر ۾ مريض کي ايذائي ٿو، يا ان جي جسم مان ڪجهه ڪپي ٿو، جو بيمار کي اول ته ڪسڻ جهڙو بڇڙو ٿو لڳي، پر درحقيقت اهو طبيب هن جو عزيز، يعني بيمار جي عزيزن کان به وڌيڪ، بيمار جي سار سنڀال ۽ ان جي ڦٽ جو سُڌِ سماءُ لهي ٿو ۽ آخر تڇيل ڦٽ کي ڇٽائي بيمار جي روح کي راحت ٿو پهچائي. اهڙيءَ طرح سان، اهو منهنجو حبيب، سڄڻ، معشوق به اول پنهنجن پيارن محبن کي سختين جي آزمائشن سان گويا ڪهي ٿو. پر سندن طبيب مثل، وري ڪَرَ به لهي ٿو ۽ روح جي راحت پڻ بخشي ٿو.

هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ آهي ته ”ڪوٺي سو قريب“ – جنهن جي معنيٰ آهي ته جيڪو سڏي، سو ويجهڙو، اهو ويجهڙو الله تعاليٰ آهي، جيڪو سڏي ٿو. اهو هن ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته هڪ ڏينهن اصحابن سڳورن حضرت نبيءَ ڪريم صلي الله عليہ وسلم کان پڇيو، ته ”دعا الله تعاليٰ کان ڏاڍايان گهرون يا هوريان؟ جي الله تعاليٰ پري آهي ته ڏاڍايان گهرون، ۽ جي ويجهو آهي ته دعا هوريان گهرون“. تڏهن هيءَ آيت سڳوري نازل ٿي، سورة البقر ع 23:

وَ اِذَا سَاَلَڪَ عِبَادِيٌ عَنِّيٌ فَاِنِّيِ ٌ قَرِيٌبُٗ اُجِيٌبُ دَعٌوَةَ الدَّاع ِ اِذَا دَعَان ِفَلٌيَسٌتَجِيٌبُوٌ ا لِيٌ وَالٌيُؤٌمِنُوٌ بِي ٌ لَعَلَّهُمٌ يَرٌشُدُوٌنَ

ترجمو: جڏهن پڇن توکان ٻانها منهنجا منهنجو، پوءِ آءُ ويجهو آهيان. قبوليان دعا سائلن جي جڏهن گهرن مون کان، پوءِ مر گهرن مون کان ۽ مر ايمان آڻن مون تي، اميد آهي ته اُهي سڻائي واٽ وٺندا.

مٿين آيت سڳوريءَ ۾ الله تعاليٰ، حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي ٿو فرمائي ته تون منهنجن پڇندڙ ٻانهن کي ٻُڌاءِ ته ڀلي هو مون کان دعا گهرن؛ مان ويجهو آهيان. تڏهن ايڏانهن اشارو ڪندي شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اهو قريب سڏي ٿو ڪَرَ لهي، ته ڀلي دعا گهرن مون کان. جيڪا کين تڪليف هجي يا مشڪل هجي ته ڀل گهرن مون کان، ته مان دعا قبوليان سائلن جي؛ اميد ته سڀ تڪليفون سندن گناهن جون لهي وينديون ۽ اميد ته مٿي سڻائي واٽ هدايت جي تي ايندا ۽ راحت روح جي به. اهو پرين آهي، جو ويجهو سڏي رهيو آهي ۽ سڏي خبر به منهنجي اهو لهي رهيو آهي، جنهن مون کي تڪليفن سان ڪُٺو آهي. ”ڪهي سو ڪر لهي ڪوٺي سو قريب- اها عادت سکيو هر زمان حبيب“- اها عادت منهنجي حبيب موليٰ سائينءَ جي اول وقت، يعني آدم عليہ السلام جي وقت کان وٺي، هر زماني ۾ هلندي آئي، هو آخر زماني جي نبيءَ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي زماني ۾ به، سندس اها ئي عادت ۽ رسم و رواج هئو، جو پهريائين پنهنجن پيارن محبن کي تڪليفن سان تيڇي، ڪهي، يعني آزمائي پوءِ پئي ڪَرَ لڌائين. جيئن سندس پاڪ ڪلام ۾ سورة الاحزاب ع 2 ۾ آهي ته:

اِذٌ جَاؤُکُمٌ مِّنٌ فَوٌقَکُمَ وَ مِنٌ اَسٌفَلَ مِنٌکُمٌ وَ اِذٌ زَاغَتِ اٌلاَبٌصَارُ وَ بَلَغَت ِ الٌقُلُوٌبُ الٌحَنَاجِرَ وَتَظُنُّونَ بِاللهِ الظُّنُوٌنَا هُنَالِڪَ ابٌتُلِي َ الٌمُؤٌمِنُوٌنَ وَ زُلز ِلُو اٌ ز ِلٌزَالاً شَدِيٌداً

ترجمو: جڏهن آيا ڪافر اوهان تي مٿان طرف مديني جي ۽ هيٺان جبل مديني جي ۽ ڦِريا تارا اکين اوهان جن جا منجهان خوف، ۽ رسيون دليون اوهان جون نرگهٽن وٽ هيبت کان ۽ نِيُوَ بدگمان (ته فتح نه ڏيندو رسول کي ان ڏينهن) پرکيوسون مؤمنن کي ڌٻايو ڏڪايو، ٿيو مؤمنن کي ڌٻڻ ڏڪڻ ڏاڍو.

مٿينءَ آيت شريف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته اسان انهن تڪليفن سان پرکيو مؤمنن کي ۽ ڏڪايوسون ڏاڍو. اهو ڏڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ، مثل طبيب جي تڇڻ وانگر، جو ڦٽ جي صفائي ۽ مريض جي ڀلائيءَ لاءِ آهي. جيئن جنگ خندق ۾ به مؤمنن کي ڏڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ سندن ايمان جي پرکا لاءِ ۽ منافق کان جدا ڪرڻ لاءِ هئو، سندن درجن وڌائڻ ۽ فائدي لاءِ هئو؛ ۽ اهڙي تڪليف، جو خوف کان ساهه نڪرڻ کي اچي سڻاوا ٿيا هئا. تنهن کان پوءِ الله تعاليٰ مٿن نعمت ڪئي ۽ سندن دشمن ڪافرن تي سخت طوفان ۽ لشڪر مَلڪن جو موڪلي، انهن کي ڀڄايائين ۽ مؤمنن جي روحن کي راحت بخشيائين. جيئن قرآن شريف سورة الاحزاب ع 2 ۾ آهي:

يَااَيُّهَالَّذ ِيٌنَ اَمَنُوا اذٌ کُرُوٌ نِعٌمَتَ اللہ ِ عَلَيٌکُمٌ اِذٌ جَاَءَ تٌکُمٌ جُنُوٌدُٗ فَارٌسَلٌنَا عَلَيٌهِمٌ رِيٌحاً وَّ جُنُوٌدا لَّمٌ تَرَوٌهَا وَ کَاٌنَ اللهُ بِمَا تَعٌمَلُوٌنَ بَصِيٌراً

ترجمو: اي مومنؤ، ياد ڪريو نعمتون الله تعاليٰ جون، جي ڪيائين اوهان تي، جڏهن آيو اوهان تي لشڪر ابوسفيان جو، پوءِ موڪليو اسان ڪافرن تي واءُ ۽ لشڪر مَلڪن جو، جو نٿي ڏٺو اوهان ۽ آهي الله عمل اوهان جا ڏسندڙ.

هن آيت شريف مان صاف ظاهر آهي ته خدا تعاليٰ جنگ خندق جي ايڏي وڏي تڪليف- کاهي کوٽڻ ۽ خوف دشمنن جو - ۽ جنگ بعد الله تعاليٰ مؤمنن تي پنهنجي نعمت موڪلي، جا هن آيت سڳوريءَ ۾ مؤمنن کي ياد ٿو ڏياري، جا گويا مريض جي ڦٽن جي ڇلڻ بعد مرهم مثل هئي. جيئن طبيب ڦٽ کي تڇي، صاف ڪري، ملم ڪندو آهي ۽ پوءِ روح کي فرحت ٿيندي آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو؛ ”تڇي سو طبيب، سو ئي راحت روح جي“.

هن بيت ۾ توحيد جي تعريف به آهي. جيئن ته هن بيت جو مطلب ۽ مقصد اهو آهي ته جيڪي ڪي ڪرڻ وارو آهي، سو سڀ اهو منهنجو حبيب، حقيقي قريب، ڪرڻ وارو آهي. ڪهڻ وارو به اهو آهي، ته سنڀال لهڻ وارو ۽ بچائڻ وارو به اهو ئي آهي؛ تڪليفن سان تڇڻ وارو به اهو آهي ۽ تڇي پڄاڻان وري روح جي راحت به اهو ئي آهي. هن بيت ۾ ڪهڻ جهڙين تڪليفن ۽ وري قريب جي قرب سان ڪوٺڻ ۽ طبيب مثل تڇڻ پڄاڻان روح جي راحت ٿيڻ جو بيان ڪيو ويو آهي. سو انهيءَ ڪري جو هن بيت ۾ حبيب جي حب ۽ پنهنجي پيارن، محبن سان پيار بيان ڪيل آهي. حديث شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ جڏهن پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي پيار ڪندو آهي، تڏهن ان کي گرفتار ڪندو آهي ۽ تڇندو يعني ڇانڊيندو يا ڇليندو آهي. جيئن حديث شريف ۾ آهي:

اِذَا اَحَبَّ اللهُ عَبٌداً اَتٌبَاهُ فَا ِذَا اَحَب َّ الٌحُبَّ الٌبَالِغّ اَقٌتَنَاهُ

ترجمو: مانهن اقتناه جي معنيٰ پڇي ته پاڻ فرمايائون ته ان جي لاءِ نه اهل ڇڏيائين نه مال.

هن حديث شريف جو مطلب آهي ته، الله تعاليٰ پنهنجي دوست کي جڏهن زور پيارو گهرندو آهي، تڏهن ان کي اهڙو ڇلي ۽ ڇانڊي صفا ڪندو آهي، جو ان وٽ نه اهل هجي نه مال، يعني فقط پنهنجي محبت، ان جي لاءِ روح جي راحت ڪندو آهي. تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته”تڇي سو طبيب، سوئي راحت روح جي“.

هاڻي هن بيت نمبر 22 ۾، جو طبيب جي تڇڻ ۽ وري ان جو راحت روح جي سبب بڻجڻ جو بيان ڪيو ويو آهي، سو ڇو؟ ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ ان جو سبب هي آهي جو هن بيت کان پوءِ، باقي هڪڙو بيت هن فصل ٽئين سر ڪلياڻ ۾ آهي، جنهن ۾ به طبيبن جي ڏنڀن وغيره جو بيان آهي ۽ ان کان پوءِ هي سڄو سر ڪلياڻ پورو ٿيو. ان کان پوءِ هڪ وائي ۽ سر يمن ڪلياڻ آهي، جنهن جي پهرئين فصل ۾ طبيبن ۽ انهن جي پُڙين، ڊَڀَن ِ ۽ ڏنڀن جو ظاهري طرح بيان ڪيل آهي. انهن ٻنهي سرن – ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ – کي رابطي ڳنڍڻ لاءِ ئي، سر ڪلياڻ جي پوين ٻن بيتن ۾ طبيبن جو مثال ۽ بيان شروع ڪيو ويو آهي ۽ هن سر ڪلياڻ جو وڌيڪ شرح پڻ سر يمن ڪلياڻ ۾ آهي، جو اتي ڏسي سگهو ٿا.

هن هلندڙ بيت جي جيڪا معنيٰ مٿي بيان ڪئي ويئي آهي، ان کان سواءِ خاص هن بيت ۾، اشاري سان، ڪهڻ جهڙين تڪليفن جهڙوڪ زهد، فقر ۽ ان ۾ صبر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي ۽ هن ۾ عاشق کي همتايو ويو آهي ته انهيءَ حبيب حقيقيءَ جو اهو دستور هر زماني کان هليو آيو آهي، جو اول ڏکن ڏيڻ بعد ئي پنهنجن محبن کي سک ۽ فرحت ڏيندو آهي. اها سندس طرز ۽ رسم آهي؛ تون نه ڊڄ، جو وري راحت روح جي به اهو آهي. اهو يقين پڪو ڪر، جو جيڪڏهن تڇيندو ته فرحت به ضرور ڏيندو. باقي مجازاً يا ظاهري ائين آهي جو ڪهي به پيو ۽ سڏي به پيو؛ ڏهاڙي نئين سج نيون تڪليفون ڏنڀن مثال به پيو ڏئي، پر جي تون به عاشق آهين ۽ عشق جو وڍيل ۽ قدردادن آهين، ته سِگهو سندس انهيءَ راهه تي آءُ ۽ سوز اچي وِهاءِ. جيئن ايندڙ بيت نمبر 23 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

ڪُهَنَ ۽ ڪوٺِينِ اِيءَ پَرِ سَندِيٌ سَڄَڻِينٌ،

سُورِيءَ چَاڙِهو سُپِرِينٌ ڏَنٌڀَ ڏِهَاڙِي ڏِيٌنِ،

ويٺَا وِرَههُ وَٽِيٌنِ، آءُ وَاڍُوڙِيَا وِهَاءِ تُونٌ.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته اِيءَ پَرِ يعني اها رسم، ترتيب طرح منهنجي سڄڻن يعني جيڪي منهنجي سڄاين ۾ آهن، تن خير خواهن جي آهي، جو هڪڙن پنهنجن پيارن کي ڪهن پيا ۽ ٻين کي سڏن پيا. اهي منهنجا پرين سورن واريءَ سوريءَ تي چاڙهيو ڏهاڙي پيا ڏنڀ ڏين، يعني داغ ڏين سُورن لاهڻ لاءِ، اهي منهنجا پرين ويٺا ورهه يعني برهه سوز عشق جو، محبت وٽين، يعني وانٽِين يعني وَنڊِيٌنِ، وارهِينِ، وِرِڇنِ. آءُ واڍوڙيا اچ، اي عشق جي سوز ۽ سور جا وڍيل يعني ڦٽيل، وِهاءِ تون يعني هي سودو محبت ۽ عشق جي سوز ۽ سور جو تون اچي خريد ڪر.

نوٽ: هيءُ بيت گذريل سر ڪلياڻ جي بيتن جي حقيقتن جو جامع آهي، ۽ ايندڙ سر يمن ڪلياڻ جي فصل پهرئين جو به جامع آهي. هن بيت جي معنيٰ ۾ سڄو سر ڪلياڻ وري بيان ڪجي ته ٺهي. پر جاءِ تنگ آهي، باقي ڪجهه گذريل بيتن جون تڪون مثال طرح آڻبيون ۽ ايندڙ سر يمن ڪلياڻ جو فصل پهريون به هن بيت ۾ آڻجي ته وڌيڪ چڱو، پر مجبور آهيان، جو ڪتاب ننڍو آهي.

هن بيت جو خلاصو مطلب آهي ته، هن بيت ۾ جهاد اصغر ۽ اڪبر ٻنهي بيان ڪيل آهي، سو ڪيئن جو تڪ پهرينءَ ۾ چيل آهي، ته اِها منهنجي سڄڻن خير خواهن جي پَرِ آهي، هو هڪڙن کي ڪهن پيا ته ٻين کي سڏن پيا، يعني جهاد جي لاءِ الله تعالى جو رسول، سڏن به پيا مجاهدن کي، ۽ شهيدن کي ڪهن به پيا، يعني اتي جيڪي جنگين ۾ شهيد پيا ٿين، تن کي الله تعالى پيو شهيد ڪري ۽ سندس گھُر سان ئي پيا شهيد ٿين. اها الله تعالى جي گھُرَ ۽ ارادو ئي آهي شهيدن ۽ مجاهدن لاءِ سڏ هئو، جنهن سان سڏي به پيو ڪهي يعني شهيد به پيو ڪري – جن جي حق ۾ سندس گھُرَ نه هئي، يعني سڏ نه هئو، سي اچن به پيا ۽ ڀڳا پيا وڃن. ڪي عذر معذور پيا ڪن، ته اسان جي گهر هيڪلا آهن، ٻار ٻچا، مال مڏيون سڀ ڪيئن اڪيلا ڇڏي هلون؟ پوءِ اهي منافق ٿيا ۽ جن جي حق ۾ سندس گھُر هئي ۽ انهن جو به واعدو هئو الله تعالى ۽ الله تعالى جي رسول صلي الله عليہ وسلم سان ته اسان جا مال مڏيون ۽ سِرَ سڀ حاضر آهن ۽ قربان آهن، تن کي جڏهن سڏ پيو جهاد جو ٿئي، تڏهن اهي به خوشيءَ سان انهيءَ سڏ تي پيا وڃن، اتي جيئن ڪافرن جو لشڪر گهڻو پيا ڏسن ۽ پنهنجي سنگتين کي ڪُسندو پيا ڏسن، تيئن سندن ايمان وڌي پيو ۽ چون پيا ته ”هي اڄ ڏينهن شهادت جو آهي، جنهن جو واعدو ڪيو اسان سان خدا تعالى ۽ رسول صلي الله عليہ وسلم، ۽ سچو آهي خدا ۽ رسول سندس!“ هي بيان خدا تعالى پنهنجي پاڪ ڪلام جي سورة الاحزاب ع 3 ۾ فرمايو آهي:

وَلَمَّا رَاَ الٌمُوٌمِنُوٌنَ الٌاَحٌزَابَ قَالُوٌا هٰذَا مَا وَعَدَنَا اللهُ وَ رَسُوٌلَہٗ وَ صَدَقَ اللهُ وَ رَسُوٌلَہٗ وَمآا زَادَهُمٌ اِلَّا اِيٌمَاناً وَّ تَسٌلِيٌماً

ترجمو: ۽ جڏهن ڏٺو مؤمنن لشڪر ابو سفيان جو، چيائون ته هيءَ شهادت سا آهي، جنهن جو واعدو ڪيو الله ۽ رسول اسان سان، سچو آهي خدا ۽ رسول سندس ۽ نه وڌايو اچڻ لشڪر گهڻي، مگر ايمان ۽ مڃڻ.

ڏسو هن آيت سڳوريءَ ۾ ته انهن شهيدن سان واعدو هئو الله ۽ سندس رسول جو، سندن شهادت ۽ ان جي ثواب ڏيڻ جو، جو بهشت آهي. ته چئبو نه، ته اهو الله تعاليٰ جو واعدو سندس سڏ هئو، جو سڏي پيو ڪهي؟ يعني شهيد ڪري ۽ انهن جو ايمان وڌائي ۽ انهن کي سڃاڻائي به پيو، جو چون پيا ته هي اهو ڏينهن اسان جي شهادت جو آهي، جو سچو ڪيو واعدو پنهنجو خدا تعاليٰ اسان سان. سچو آهي الله تعاليٰ ۽ سندس رسول، خوش پيا ٿين.

هن بيت جي حقيقت جو جدا جدا بيان مٿين بيتن ۾ ٿي چڪو آهي، جيئن ته سوال آهي ته هو ڇو پيا خوش ٿين؟ ان جو جواب اڳي ٿي گذريو ته ”ڪسڻ قرب جو مرڻ تن مشاهدو“- يعني ڪسڻ، شهيد ٿيڻ بعد ته انهن کي مشاهدو يعني ديدار نصيب پيو ٿئي، جو وڏي خوشيءَ جو باعث آهي. ان جو مثال هن طرح آهي ته ڪنهن به شيءِ جي وڪڻندڙ کي، جڏهن ان شيءِ جي قيمت کان ڪجهه وڌيڪ ملندو آهي، ته هو ان شيءِ جي وڪڻڻ لاءِ پنهنجي خوشيءَ سان تيار ٿيندو آهي، تڏهن هن دنيا جي ٿورڙي ۽ بي بقا حياتيءَ جي عيوض، جو انهن کي دائمي حياتي ۽ نعمت زور ڀلي، جا بهشت آهي.، سا پئي ملي ته ڇو نه خوش ٿين؟ جو تمام گهڻو ملين ۽ ان بهشت ۾ وري شراب طهورا، جو به وڏي نعمت آهي، جنهن جو ذڪر پڻ هن سر جي فصل ٻئي ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ پڻ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”سر ڏيئي سٽ پئيج ڪي پياليون“ – انهيءَ شراب جي عيوض سر ڏيئي به پياليون پيءُ، پر جي سر ڏني هيءُ سودو شراب جو ٺهي وڃي، جو تو کي هڪڙي سرڪي انهيءَ شراب طهورا مان ملي وڃي، تڏهن به تمام سهانگي آهي.

”جي وٽي پَوَئي ور تڏهن به سهانگي آهي سيّد چوي“. اهڙيون گهڻيون نعمتون اتي بهشتين لاءِ آهن، جهڙوڪ لقاءُ الله تعاليٰ جو. هاڻي اهو لقاءُ يا ان جي ٿورڙي تجلّيءَ جي به ڪا بها ته ڪا نه آهي. بس بي بها آهي. اسان وٽ به ڪجهه نه آهي، باقي هي سر، جو هڏي ۽ چم جو ٺهيل آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”هي هڏو ۽ چم پِڪ پريان جي پڙي“. هي سر ته پرينءَ جي گويا ٿُڪ جيتري ذرڙي جو عيوض به جيڪر نه ٿي سگهي. پر انهيءَ منهنجي پرينءَ جي لقاءَ جي هڪڙي دم دير جي عيوض سَؤ سرن جو ڏجي، تڏهن به منهنجي انهيءَ پرينءَ جي مشاهدي جو دم جيترو ذرو به اڳرو ٿئي. جيئن منهنجي مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته”سوَ سِر نٿا اڳرو سندو دوسانٌ دم“. مطلب ته جيڪي به بهشت جون نعمتون آهن، انهن مان ڪنهن ٿورڙيءَ شيءِ جو عيوض هيءَ بي بقا دنيا ۽ دنيا جي حياتي يا دنيا جون ٻيون سموريون چيزون ملهه ٿي نٿيون سگهن. پر انهيءَ بهشت جي نعمتن مان قطري لاءِ سڪڻ يا محبت به وڏي سعادت آهي، جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي؛ ”ملهه مهانگو قطرو سڪڻ سعادت“- سڪڻ به هڪڙي وڏي نيڪ بختي ۽ ڀلائي آهي، تڏهن اهي مرد مجاهد ۽ شهيد سڳورا ساهه سلهاڙيو پيا ڏين ۽ هڪڙن کي ڪسندو پيا ڏسن ته ٻيا پيا پنهنجا سر سنبرائن ته من اسان جو وارو اچي ۽ ڪسون.

شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته ”اڳيان آڏِنِ وٽ ته پويَن سر سنباهيا“ – انهن جي الله تعاليٰ پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ تعريف فرمائي آهي. سورة الاحزاب ع 3:

مِنَ الٌمُؤٌمِنِيٌنَ رِجَالُٗ صَدَقُوٌا مَا عَاهَدُوٌ اللهَ عَلَيٌہِ فَمِنٌهُمٌ مَّنٌ قَضَيٰ نَحٌبَہٗ وَ مِنٌهُمٌ مَّنٌ يَّنٌتَظِرُوٌ وَ مَا بَدَّلُوٌ تَبٌدِيٌلًا

ترجمو: منجهان مؤمنن مڙس هئا جن سچو ڪيو، سو انجامُ جو واعدو ڪيائون الله سان ان تي پوءِ ڪن پورو ڪيو مقصد شهادت جو ۽ ڪي ان مان منتظر آهن شهادت جا ۽ نه ڦيرايائون انجامُ.

الله تعاليٰ هن آيت سڳوريءَ ۾ پنهنجي عاشقن جي عجيب نموني تعريف ڪئي آهي ته اهڙا ته محڪم ٿي بيٺا جو هڪڙا شهيد پئي ٿيا ته ٻيا منتظر بيٺا آهن، ته اسان به شهيد سگهو ٿيون ته چڱو. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو ته ”اڳيان آڏِنِ وٽ ته پوين سرَ سنباهيا“- ڇو پيا ايترو انتظار ڪن ته سگهو ڪسون؟ جو الله تعاليٰ کين گهريو آهي، يعني سڏيو هو پاڻ ڏانهن، ۽ شهيد ڇو پيا ٿين؟ انهن کي پاڻ پيو شهيد ڪري، جو انهن جي حق ۾ شهادت به پاڻ گهري هئائين. يا جن جي حق ۾ پاڻ شهادت گهري هئائين، اهي ئي شهيد ٿيا ۽ نه ٻيا، جيئن مٿي فصل ٻئي ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته:

لڏيا ڪين لطيف چئي نيزي نظاري

ڪوٺيو ڪناري آڻيو چاڙهي اُن کي.

ڪٿي به اهي عاشق هجن، تڏهن به سڏي، انهن کي آڻي، انهيءَ ميدان ۾ چاڙهي ڦاسيءَ تي، ۽ هو هڪڙو ذرو به نه پئي هٽيا، جيئن آيت سڳوريءَ ۾ آهي؛ ”منتظر بيٺا رهيا ته سگهو اسان شهيد ٿيون ته چڱو.“ ۽ پاڻ به انهن کي پنهنجي گهُرَ سان سڏي پيو شهادت جو درجو نصيب ڪري. تڏهن هن تڪ ۾ شاهه صاحب رحه ٿو فرمائي ته ”ڪُهن ۽ ڪوٺينِ اي پَرِ سندي سڄڻين“.

هن تڪ ۾ سوال آهي ته اِها سڄڻيائي ڪهڙي آهي، جو سڏن به وري ڪهن به؟ ان جو جواب ٻيءَ تڪ ۾ مثال طرح شاهه صاحب رحه فرمايو آهي ته؛ ”سوريءَ چاڙهيو سپرين ڏنڀ ڏهاڙي ڏين“، سپرين يعني سو پرين منهنجو، سوريءَ تي مون کي ڇو ٿو چاڙهي ۽ ڏهاڙي تڪليفون ٿو ڏئي؟ ان جو مثال ته جيئن سورن واري کي طبيب، ان جو سڄڻ، ڏهاڙي ڏنڀ ڏيندو آهي ته هن جو سور لهي، ۽ اُن بيمار سور واري لاءِ ڏنڀ فائدو آهن ۽ ان کي ڏنا به ان جي فائدي لاءِ ٿا وڃن، اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ به پنهنجن پيارن کي تڪليفون قسمين قسمين ڏيندو آهي، جنهن ۾ انهن جو وڏو فائدو آهي، جو انهن تڪليفن جي مدِ نظر هي سڏي ڪهڻ جهاد اصغر وارو تمام سڻائو آهي، جهاد اڪبر ته جهاد نفس آهي، جو ڏينهن رات آهي. ميعاد ان جو موت تائين آهي. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته سڄڻن جي سڄڻيائي، اها پَرِ  ڏاڍي بهتر ڀلي آهي، جو سڏي ڪهن. هڪڙي لحظي ۾ شهادت جو ڪيڏو نه وڏو درجو ڏئي نوازن ٿا! جو نبين عليهم السلام جي درجي کان پوءِ ٻيو نمبر درجو آهي. منهنجو سڄڻ اهو آهي، جو ڪهي به پاڻ ٿو ۽ پنهنجي گهُرَ سان ان پاسي سڏي به پاڻ ٿو. پر سو پرين، هُنن بيمارن جو مجازي طبيب ڏس، جو هنن جي چڱائيءَ لاءِ هنن کي ڏهاڙي پيو ڏنڀي. هاڻي تون کڻي دريافت ڪر ته اها پَرِ منهنجي سڄڻ جي چڱي آهي نه، جو ڪوٺي کڻي ڪهي ۽ هڪدم ئي انهيءَ اعليٰ درجي کي پهچائي ڇڏي؟ مجازي طبيب بيمار کي ڏهاڙي ڏنڀي رهيو آهي ان جي مجازي صحت لاءِ، ۽ بيمار به ان جا ڏنڀ سهي رهيو آهي هن مجازي صحت لاءِ، جا تمام ٿورڙي صحت ۽ ٿورڙي حياتي دنيا جي لاءِ آهي. اهو منهنجو سڄڻ ڏِسُ، جو ڪوٺي ڪهي ته سڄي حياتي هميشہ ابد تائين صحت ۽ ڀلائي بخشي، پر ان ۾ فقط هي شرط آهي؛ جو ڪوٺي راهه هدايت ڏانهن ڪهندو انهن کين، جي سندس سچا محب هوندا ۽ سندس عاشق هوندا. ڪسڻ لاءِ ويندا به اهي، جي سندس عاشق هوندا.

جيئن شاهه صاحب رحه فرمايو آهي ته ”اصل عاشق پنهنجي سسي نه سانڍين“. ڇو عاشق پنهنجي سسي نٿا سانڍين، جو هن سسي يعني مٿي جو مُلهه ٿورڙو آهي. جي فقط انهيءَ جي ڏني پرين ملن، تڏهن جيڪر سڀڪنهن ماڻهوءَ کي، سڌ ٿئي. جيئن شاهه صاحب رحه فرمايو ته ”جي مٿي وٽ مڙن، ته سڀڪنهن سڌ ٿئي“. يعني سکڻي سر ڏني به اهي پرين نٿا ملن، جيستائين اندر ان جو عشق ۾ ديڳين مثل ڪڙهي نه رهيو هوندو. جيئن شاهه صاحب رحه فرمايو ته ”سر جدا ڌڙ ڌار دوڳ جنين جا ديڳ ۾“. جن جا ڀانڊا ۽ بدن انهيءَ جي عشق ۾ جدا ڪڙهن پيا ۽ سر جدا ڏيڻ لاءِ تيار هجن. اهي ڀلي هيءَ پچر پرينءَ جي پرچڻ جي ڪن. ”سي مرڪن پچار حاضر جنين هٿ ۾“ – پر حاضر سر هٿ ۾ اُهي ڪري ڏيندا، جيڪي انهيءَ سڄڻ حقيقيءَ جي سڪ جا ڪڙهيل سڙيل ۽ وڍيل هوندا. هاڻي جي تون به اي طالب موليٰ جا انهيءَ سڄڻ جي سڪ جو سڙيل ۽ ورهه جو وڍيل آهين، ته آءُ، اچي ويهه، ”نه ته وٺيو واٽ وڃ تون.“ ڇاڪاڻ ته هتي منهنجي سڄڻ وٽ ته فقط عشق جي سوز، برهه، ورهه جي ونڊ آهي. جي تون به انهيءَ ورهه جي ونڊ يعني ڀاڱي وٺڻ وارو وِهائو خريدار آهين، ته انهيءَ سڄڻ جي در تي اچ، جتي هو ”ويٺا وِرهه وٽينِ آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون“. اچي وٺ يا خريد اتي، جتي اي سالڪ سپرين ورهه ونڊن وراهن ٿا.

هن تڪ نمبر ٽينءَ ۾ ”واڍوڙين“ جو لفظ ۽ تڪ نمبر ٻيءَ ۾ ”ڏنڀن“ جو لفظ آندو ويو آهي، جي ٻئي لفظ سڄي سر ڪلياڻ ۾ اڳي ڪو نه آيا آهن. باقي هن پوئين بيت ۾ انهن لفظن جي آڻڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ انهيءَ جو هي سبب آهي، جو هن بيت تي سڄو سر ڪلياڻ پورو ٿيو ۽ هن سر کان پوءِ سر يمن ڪلياڻ آندل آهي، جنهن جي فصل پهرين ۾ طبيبن ۽ انهن جي ڏنڀن، پُڙين، ڊڀن وغيره جو بيان مثال طرح آندو ويو آهي. انهيءَ ساڳي فصل ۾ واڍوڙين يعني محبت موليٰ جا وڍيل يا ڦٽيل، عشق جي سوز، سور جي وڍيلن، واڍوڙن جو بيان آهي. تڏهن هن سر ڪلياڻ جي پوئين بيت ۾ اهي ٻه لفظ ٻنهي سرن جي رابطي ڳنڍڻ لاءِ آندا ويا آهن. مثال طرح اهي بيت جن ۾ واڍوڙيل جو لفظ آندل آهي، اهي بيت هتي آڻجن ٿا. هن هلندڙ بيت جي پڄاڻيءَ ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ طالب کي همٿائي ٿو ته اي واڍوڙيل آءُ، اچي وِرهه جو سوز سور وِهاءِ، ڇاڪاڻ ته اهي واڍوڙيل ئي سدا گهورائو ۽ ڳولائو انهيءَ محبت واري سور جا هوندا آهن ۽ سندن من ۾ به فقط اهو سور هوندو آهي، پر سليندا نه آهن. جيئن ڀٽائي صاحب سر يمن ڪلياڻ جي فصل پهرين ۾ فرمائي ٿو:

بيت

سَدَا آهي سُورَ جِي واڍوڙيَنِ وَائِي،

جيڪَا اَٿَنِ مَنَ ۾ سَلَنِ نه سَا ئِي،

اَوٌڙَڪِ اُهَا ئِي ڳولِيو لَهَنِ ڳَالَهڙي.

انهيءَ محبت جي وڍيلن يعني واڍوڙن کي هميشہ انهيءَ سور محبت واري جي وائي وات ۾ هوندي آهي، پر اها ڳالهه پرينءَ جي جيڪا من ۾ اٿن، اها سچي نه ڪندا آهن ڪنهن سان به، پر آخر انهيءَ ڳالهه محبت واريءَ جا ڳولائو آهن، اوڙڪ اُها ئي يعني نيٺ اُها ئي ڳالهه ڳولي لهندا آهن ۽ ٻين کي يعني اڻ وڍيلن کي ڪهڙي سُڌ آهي سور جي ته گهايل يعني ڦٽيل ڪيئن ٿا گذارين؟ جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي سر يمن ڪلياڻ، بيت نمبر 18، فصل پهرئين ۾:

بيت

سَگهَنِ سُڌِ نه سُور جي ته گهَايَلَ ڪِيئَنٌ گهَارِيٌنِ،

پِئَلَ پَاسو پَٽَ تَانٌ وَڍوڙِيَلَ نه وَارِيٌنِ،

پَرٌ ۾ پُڇَنِ پِرِيٌنٌ لَئي هَئي هَنٌجُونٌ هَارِيٌنِ،

سَڄَڻَ جي سَارِيٌنِ، سي نَڪِي رُوَنِ نه چَوَنِ ڪِي.

هن جي معنيٰ آهي ته سگهن يعني چڱن ڀلن کي سُڌ، يعني خبر نه آهي ته گهاريل يعني ڦٽيل ڪيئن ٿا گهارينِ يعني گذارينِ؟ ڇو ته انهن کي قدر نه آهي، جو پاڻ چڱا ڀلا آهن ۽ انهيءَ محبت جي سورَ جا ڦٽيل نه آهن. انهيءَ سور جا وڍيل اهي آهن، جي يار جي رضا ۾ پَٽ وارو پيل پنهنجو پاسو به نه ورائين، ته متان محبوب جا مَياري ٿيون ۽ انهيءَ ئي پاسي تي پيا هنجون يعني ڳوڙها هارينِ ۽ اندر ۾ پيا پنهنجي پرين لاءِ پچن، ڇو ته اها نشاني آهي سڄڻ حقيقيءَ جي سارڻ يعني ياد ڪرڻ، جو پنهنجو پاسو ورائڻ به ياد نه اچي ۽ نڪي دانهن ڪري روئن، ۽ نه وري ڪنهن سان ڳالهه ڪن. تڏهن مطلب ڇا ٿيو ته ڇا پيا ڪن؟ يعني صبر سور تي شڪر پيا ڪن. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي سر يمن ڪلياڻ، فصل پهريون، بيت نمبر 16 ۾:

بيت

ويچَارَا وَاڍوڙَ سَدَا شَاڪِرَ سُورَ سِينٌ،

تَاڻِينِ مَٿي توڙَ ورِي ڪَنِ نه آسِرو.

هن جي معنيٰ آهي ته ويچارا وڍيل محبت جي سور جا، سدائين سور تي صبر ته ڪندا ٿا رهن، پر شڪراني سان سور جون سختيون پيا سهن، ڇو ته سندن هِتي هن دنيا ۾ ته سکن جو آسرو ڪو نه آهي، اوري يعني ويجهو هن دنيا ۾ ڪن نه آسرو- اميد آسرو جو انهن وٽ آهي، سو مٿي توڙ يعني حد يا دنگ، يعني جڏهن هن دنيا جو دنگ ٿيندو ۽ هڪڙو اهو محبوب باقي رهندو، انهيءَ تي سندن آسرو آهي. تيلانهن هي پيا اوڏانهن تاڻينِ يعني ڇڪينِ ، جو اصل به اهو هڪڙو هئو ۽ رهندو به باقي اهو. تڏهن هنن واڍوڙين کي به اها ڇڪ لڳي پيئي آهي، جو تاڻين مٿي توڙ، يعني پڄاڻيءَ تي اوري ڪن نه آسرو، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ ٻيا سڀ فنا آهن، توڙ ۽ بقا اهو هڪڙو آهي، جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ سر ڪلياڻ جي فصل پهرئين بيت نمبر 11 ۾ فرمايو آهي:

بيت

وَحَدَهٗ لَاشَرِيٌڪَ لَہٗ اِيءُ وِهَائِجُ وِيءُ،

کَٽِينٌ جي هَارَائِينٌ هَنٌڌُ تُنٌهِنجو هِيءُ،

پَاڻَانٌ چَوَنٌدَءِ پِيءُ، ڀَري جَامُ جَنَّتَ جو.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته اي طالب! تنهنجي نفعي ۽ نقصان جو هنڌ، ماڳ، مڪان، هيءَ دنيا آهي. هتي اهو توحيد وارو ويءُ، يعني الله هڪڙو آهي ۽ ان جو ڪو به شريڪ ڪو نه آهي. اهو ويءُ يعني جوءِ، جا آباد بستي آهي ۽ مزيدار ۽ دائمي سرسبز آهي، اها وٺ ته پوءِ تو کي پاڻيهي يعني ازخود چوندءِ پيالو ڀري جنت مان شراب طهورا جو ته پيءُ، اهو تو کي پيالو تڏهن ملندو، جڏهن اهو ويءُ وحدهٗ لا شريڪ لہٗ وارو تنهنجو ورتل هوندو. ان جي هيڪڙائيءَ کي ڇڏي جن غير الله کي ٻَکُ وڌو سي ڀليل آهن. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي سر ڪلياڻ ۾:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org