سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:14 

بيت

وَحَدَهٗ لَا شَرِيٌڪَ لَہٗ اِهو هيڪِڙَائِي حَقُ،

ٻِيَائِي کي ٻَکُ جَنِ وِڌو سي وَرِسِيَا.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته ٻيائي، يعني غير الله کي جيڪي ٻک يعني ڀاڪر وجهي، چنبڙي، لڙڪي پيا، سي وِرسيا يعني ڀُلجي ڀُنڀُولِجي ويا. حق ۽ سچ اها ڳالهه آهي ته ان منهنجي محبوب جو ڪو شريڪ ڪو نه آهي. ٻيا سڀ فاني آهن. جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

ڪُلَّ مَنٌ عَلَيٌهَا فَانٍ

ترجمو: سڀ جيڪي زمين تي آهن، سي فنا ٿيڻ وارا آهن.

”فاني ۽ فاني دنيا دم نه هيڪڙو“ – دنيا جي هڪڙي دم تي به بقا ۽ ڀروسو نه آهي، جا ”فنا“ واري چيز آهي، سا ضرور فنا ٿئي. تڏهن ان فنا واري چيز کي ڇڏي ان مان به تون بقا واري ويءُ وِهاءِ، تن وٽان جيڪي اهو وِرهه ويٺا ٿا وراهن ۽ ونڊن. ”ويٺا وِرهه وٽين، آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون.“ تون اچي وِهاءِ وِرهه. خاص ”تون“ جو لفظ هتي انهيءَ ڪري آندو ويو آهي ته ورهه به آهي ۽ ان جي ونڊڻ وراهڻ وارا به آهن. هاڻي تو کي ئي کپي ته ”تون“ اچي انهن وٽان وِهاءِ يعني عشق الله جو به آهي ۽ عاشق الله وارا به آهن ۽ ان عشق محبت جي ونڊڻ وراهڻ وارا به اهي الله وارا ئي آهن، جي ويٺا ونڊين هاڻي آءُ طالب واڍوڙيا وِهاءِ تون. هيءُ بيت سڄي سر ڪلياڻ جي نچوڙ مثل آهي، جنهن ۾ سڄي سر جو اصل مطلب ۽ مقصد اچي وڃي ٿو. جيئن مثال لاءِ سڀني فصلن مان بيتن جون تڪون آندو ويئون ۽ ٻئي سر يمن ڪلياڻ جي رابطي ڳنڍڻ لاءِ به چيو ويو آهي، ان سر يمن ڪلياڻ جا به ڪجهه بيت مثال طرح ڏنا ويا، پر سڄڻ ٻنهي سرن جي سمورن بيتن جي معنيٰ هن بيت ۾ آيل آهي. پر ايترو بيان هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هي هن ضعيف بندي جي وسعت کان ٻاهر آهي. باقي هن بيت ۾ جو مجازي طرح ڪهڻ ۽ ڪوٺڻ جهاد ڏانهن ۽ شهادت جو بيان ڪيو ويو آهي، سو فقط مثال طرح بيان ٿيل آهي. درحقيقت هن بيت جي اها پهرين تڪ جهاد نفس جي ڏانهن چيل آهي.

تڪ ٻيءَ جي ڏنڀن سورن جو اشارو به نفس سان جهاد ڪرڻ ۾ جي تڪليفون درپيش اچن ٿيون، انهن ڏانهن آهي. سورن واري سوريءَ تي چاڙهي، ڏنڀن ڏيڻ وارا سپرين به منهنجا اهي الله تعاليٰ وارا آهن، جي طبيبن مثل گناهن جي مرض ۾ مبتلا ٿيل گنهگارن جو علاج ڪري رهيا آهن. تڪ ٽينءَ ۾ واڍوڙي جو اشارو به انهيءَ عاصيءَ ڏانهن آهي، جو گناهن جي بيماريءَ ۾ ڏکويل ۽ وڍيل آهي. هاڻي پنهنجي گناهن کي وڍڻ يعني قطع ڪري ڇڏڻ ٿو گهري. تڏهن ان کي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته ”اي آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون“. يعني جن گناهن ۾ گرفتار آهين، انهن جي دوا، علاج تو کي واڍوڙيا، وٺڻو آهي ته آءُ انهن وٽ، جيڪي انهيءَ تنهنجي مرض جو علاج ڄاڻن ٿا. اتان اچي وهاءِ تون، جتي انهيءَ مرض جي دوا، جا وِرهه، برهه، عشق، محبت موليٰ جي آهي، ويٺا ٿا ونڊن. وراهن، پر فقط تون آءُ واڍوڙيا وهاءِ اچي.

هن جو خلاصو مطلب آهي ته هن بيت ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ جهاد نفس لاءِ لاءِ زهد جو سبق ۽ تعليم ڏني آهي، زهد ۾ جيڪي دنيوي تڪليفون درپيش اچن ٿيون، سي مثال ڏنڀن ۽ سورن جي آهن. اهي زهد ۾ ڏهاڙي سور سهڻ مثل ڪسجڻ جي آهن. ”اِيءُ پَرِ سندي سڄڻين“ پر اُها پَرِ يعني سنّت منهنجي سڄڻن، حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي آهي ۽ سڀني نبين سڳورن ۽ الله وارن جي به اها ئي پَرِ آهي. هاڻي اول زهد سمجهڻ گهرجي. زهد ان جو نالو نه آهي ته مال کي تَرڪ ڪري ۽ ان کي سخاوت ۽ جوان مرديءَ جي واٽ ۾ خرچ ڪري ڇڏي، يا ماڻهن کي پنهنجي پاسي مائل ڪرڻ لاءِ، يا ڪنهن ٻيءَ اهڙي طمع کان ڏئي ڇڏي، ڇو ته اهي ڳالهيون سڀ اخلاق چڱي جون نشانيون آهن، پر ان کي عبادت ۾ ڪجهه دخل نه آهي. زهد انهيءَ جو نالو آهي، جو آخرت جي پاڪيزگي ۽ مزي جي مقابلي ۾ دنيا کي حقير ڄاڻي ترڪ ڪري. نه ته هڪڙو قسم ترڪ جو ته اهڙن شخصن کان به ٿيندو آهي، جو آخرت تي ايمان ئي نه رکندو آهي. مگر انهن جو ترڪ مروت يا سخاوت يا خوش خلقي کان هوندو آهي. اهو زهد نه آهي، ڇو ته پنهنجي نالي مشهور ڪرڻ يا ٻين جي دلين کي پاڻ ڏي مائل ڪرڻ پڻ لذت دنيوي آهي ۽ اها لذت مال کان زياده لذيذ آهي. ان جو مثال ان طرح آهي، جيئن ڪنهن شيءِ جي طمع ۾ اول مال يا پيسا ڏئي ڇڏڻ، اهو زهد نه آهي.

اهڙيءَ طرح مال جو انهيءَ طمع سان ڏيڻ ته نالو ٿيندو، يا ماڻهو تعريف ڪندا يا سخاوت ۾ مشهوري ٿيندي يا انهيءَ خوف کان ڏيڻ ته ان جي حفاظت ۾ محنت ۽ تڪليف کڻڻي پوندي، يا ٻي ڪا حڪومت جي طرف کان محصول يا انڪم ٽيڪس وغيره جي تڪليف درپيش ايندي، ته اهو به زهد نه آهي. پر لذت دنيوي کي ڇڏي، ٻي لذت حاصل ڪرڻ زهد آهي. زاهد اهو آهي، جنهن وٽ دنيا ازخود بنان تڪليف پاڻيهي ذليل ٿي اچي ۽ هو ان جي لذت وٺڻ تي قادر به هجي. اهڙيءَ طرح جو نه نقصان مرتبي جو هجي، نه بدنامي ٿيندي هجي، نه ٻيءَ ڪنهن طرح جو مزو نفساني فوت ٿيندو هجي. اهو اهڙيءَ صورت ۾ دنيا انهيءَ خوف کان ڇڏي ڏئي، ته ان سان محبت ڪرڻ غير الله جي محبت آهي ۽ انهيءَ محبت سان خدا تعاليٰ جي محبت ۾ مشرڪ بڻبس. انهيءَ طمع کان ڇڏي ته آخرت جو ثواب ان جي ڇڏڻ سان ملندو. اهو آهي زهد! هاڻي ٻڌ زهد حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جو! اِيءَ پَرِ سندي سڄڻين؛ حضرت بيبي عائشہ رضي الله عنها فرمائي ٿي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي خدمت ۾ مون عرض ڪيو، ته ”اوهان خدا تعاليٰ کان غذا طلب ڇو نه ٿا ڪيو، ته اوهان کي کاڌو کارائي؟“ مان سندن بک جي سخت حالت ڏسي روئڻ لڳيس ته پاڻ فرمايائون ته ”اي عائشہ ! قَسمُ آهي انهيءَ ذات پاڪ جو، جنهن جي قبضي ۾ منهنجو ساهه آهي، جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار کان دعا گهران ته مون سان سونو جبل ساڻ هلي ته الله تعاليٰ ائين ڪري، جو مون سان گڏ زمين تي سونو جبل ساڻ ڪري ڏئي، پر مان دنيا جي ڍَوَ  کان بک کي، ۽ شاهوڪاريءَ کان مسڪينيءَ کي، ۽ خوشيءَ کان رنج کي قبول ڪيو آهي. اي عائشہ ! دنيا محمّد ۽ آلِ محمد (صلي الله عليہ وسلم) کي مناسب نه آهي. اي عائشہ ! الله تعاليٰ رسولن مان اولوالعزم رسولن لاءِ ائين پسند ڪيو آهي، جو جنهن ڳالهه جو انهن کي حڪم ڪيائين اهو ئي منهنجي لاءِ پسند فرمايو آهي، ته دنيا جي ڏکن تي صبر ڪَنِ ۽ ان جي پيارين شين کي ڇڏنِ. پوءِ منهنجي واسطي هي پسند ڪيائين ته جنهن ڳالهه جو انهن کي حڪم ڪيائين، اهو ئي منهنجي لاءِ پسند ڪيائين.“ جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

فَاصٌبِرٌ ڪَمَا صَبَرَ اُوٌلُوالٌعَزٌمِ مِنَ الرُّسُلِ

ترجمو؛ سو تون صبر ڪر جيئن صبر ڪيو همت وارن رسولن.

قَسم خدا جو، مان ان جي فرمانبرداريءَ کان متنفر نه آهيان، ۽ جهڙو انهن صبر ڪيو، اهڙو ئي مان به پنهنجي وسعت آهر صبر ڪندس ۽ سواءِ خدا جي توفيق جي، قوّت به ان ڪم جي نه آهي“.

حضرت عمر رضه جي حال ۾ چون ٿا ته جڏهن سندس وقت ۾ گهڻيون فتحون ٿيون، تڏهن سندن ڌيءَ حضرت حفصہ اُم المؤمنين سندس خدمت ۾ عرض ڪيو، ته جڏهن ٻين طرفن کان ماڻهو اوهان وٽ اچن، تڏهن اوهان نرم ۽ سنها ڪپڙا پهريندا ڪيو ۽ کاڌي لاءِ به ڪجهه فرمائيندا ڪيو، ته پاڻ به ڪجهه چڱو کائو ۽ ٻيا ٻاهران آيل ماڻهو به کائنِ. حضرت عمر رضه فرمايو. ”اي حفصہ (رضه) ! تو کي معلوم آهي ته مرد جو حال ان جي بيبيءَ کي وڌيڪ معلوم هوندو آهي؟“ ان عرض ڪيو ته، ”ائين صحيح آهي“. پاڻ فرمايائين ته ”مان تو کان قَسم سان پڇان ٿو ته ڀلا تو کي معلوم آهي ته رسول خدا صلي الله عليہ وسلم ايترا ورهيه رسول رهيو، ۽ ڪڏهن به پاڻ ۽ سندن گهر وارن ڏينهن جو کاڌو پيٽ ڀري نه کاڌو، مگر رات جو بکيا رهيا، پر جي رات جو کاڌائون، ته ڏينهن جو بکيا رهيا. تو کي معلوم آهي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن ايترا ورهيه پيغمبر رهيا، مگر کجور سان به ڪڏهن پاڻ توڙي سندن گهروارن پيٽ نه ڀريو. تانجو خيبر فتح ڪيائون، تو کي خبر آهي ته هڪ ڏينهن توهان آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي سامهون دسترخوان وڇايو، پر اهو ڪجهه مٿانهون هئو، اهو ڪم کين ناپسند لڳو ۽ چهري مبارڪ جو رنگ بدلجي ويو. پوءِ پاڻ ان دسترخواني کي کڻايو ۽ کاڌو هيٺ زمين تي رکايو. تو کي خبر آهي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم، هڪ ڪمبل کي ٻيڻو ڪري ان تي سمهندا هئا. هڪڙيءَ رات ڪنهن ان کي چئوڻو ڪري وڇايو ۽ پاڻ ان تي آرام ڪيائون. جڏهن پاڻ جاڳيا ته ارشاد فرمايائون ته اوهان مون کي رات جو جاڳڻ کان روڪيو، ۽ اڳتي ڪمبل کي ٻه تهه ڪري وڇائيندا ڪيو. توهان کي معلوم آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم پنهنجي ڪپڙن کي ڌوئڻ واسطي لاهي، ڌوئي، سڪايو ٿي، ته ايتري ۾ حضرت بلال رضه اچي نماز جو اطلاع ڪيو، ته سندن وٽ ٻيو ڪپڙو ڪو نه هئو جو ان کي پائي نماز جي واسطي نڪرن ها ۽ جڏهن اهي ڪپڙا سڪا، تڏهن پائي نڪتا.“ تانجو حضرت عمر رضه، آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو ايترو حال بيان ڪيو، جو حضرت اُم المؤمنين حفصہ رضه روئڻ لڳي ۽ پاڻ به روئڻ لڳو ۽ هڪ دانهن ڪيائين ۽ بيهوش ٿي ويو، جو ماڻهن ٿي ڀانيو ته شايد فوت ٿي ويو. بعضي حضرت عمر رضه جو ايترو قول زياده آيو آهي، جو پاڻ فرمايائين ته منهنجا ٻه ساٿي هئا، جو هڪڙيءَ راهه تي ٿي هليا، هاڻي مان جيڪڏهن انهن جي واٽ کان سواءِ هلندس ته مون کي ٻي بيراهه تي هلايو ويندو ۽ مان قسم خدا جو کڻان ٿو جو، جو انهن جي زندگي ۽ پيرويءَ تي صبر ڪندس، تانجو انهن ٻنهي سان گڏ اهڙو ئي عيش گهڻو لهان.

حضرت ابو سعيد خدري، آنحضرت صلي الله عليہ وسلم کان روايت ٿو ڪري، ته پاڻ فرمايائون ته مون کان اول انبياءَ فقر ۾ مبتلا ڪيا ويا، انهن ڪمبل کان سواءِ ڪجهه نه پهريو ۽ جُوئُنِ سان انهن جو امتحان ورتو ويو، جو ايتريون گهڻيون ۽ وڏيون جُونٌ هونديون هيون، جو ان ڳالهه کي ويجهڙا هئا ته شايد مري پون. مگر اها حالت انهن کي وڌيڪ پسند هئي. بنسبت انهن، جي اوهان نعمتن کي پسند ڪيو ٿا. حضرت عباس رضه کان روايت آهي ته آنحضرت صلي الله عليہ وسلم فرمايو، ته جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام مدين جي پاڻيءَ تي پهتو، ته ساڳ جي سبزي، ان جي هيڻائي ۽ ڏٻرائي جي سبب کان پيٽ مان معلوم پئي ٿئي. مطلب ته الله تعاليٰ جن نبين ۽ رسولن ٻيءَ خلق بنسبت، خدا تعاليٰ کي زياده ڄاتو ٿي ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري کان وڌيڪ واقف هئا. تڏهن به انهن جو زهد ۾ اهو حال هئو ”اِيءَ پَرِ سندي سڄڻين“ هئي. جيڪا بيان ٿي. انهيءَ پَرِ سان ٿي پنهنجن پيارن کي سڏيائين ۽ تڪليفن سان گويا ڪُٺائين ٿي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪيائين؟ ته ڀلي هنن جو ايمان ڪامل ٿئي. حديث شريف ۾ آهي ته تيستائين ايمان ڪامل نٿو ٿئي، جيستائين نه مشهور هجڻ پيارو هجي مشهور هجڻ کان، ۽ جيستائين شيءِ جي قلت ڪثرت جي نسبت پياري نه هجي.

حضرت عيسيٰ عليہ السلام فرمايو ته دنيا هڪ پُل آهي، ان تان لنگهي وڃو، ان تي عمارت نه بڻايو. کيس ماڻهن عرض ڪيو ته ”اي نبي الله جا! جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته اسان هڪڙو گهر ٺاهيون، جنهن ۾ الله تعاليٰ جي عبادت ڪريون.“ پاڻ فرمايائون ته ”وڃو پاڻيءَ تي گهر ٺاهيو“. انهن عرض ڪيو ته ”پاڻيءَ تي گهر ڪيئن بيهندو؟“ پاڻ فرمايائين ته ”عبادت دنيا جي محبت سان ڪيئن ٺهندي؟“ حضرت عباس رضه کان روايت آهي ته هڪڙي ڏينهن آنحضرت صلي الله عليہ وسلم ٻاهر ٿي ويا. حضرت جبرئيل عليہ السلام به پاڻ سان هئن. پاڻ صفا جبل تي چڙهيا. آنحضرت صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته ”اي جبرئيل عليہ السلام! قَسم آهي انهيءَ ذات پاڪ جو، جنهن مون کي حق تي رسول ڪري موڪليو آهي! شام جو آل محمّد کي نه مُٺِ سُتُو جَوَ جي آهي، نه اٽي جي.“ اهو ڪلام پورو نه ڪيائون ته آسمان کان کڙڪو ٿيو، جنهن کان پاڻ ڊنا ۽ فرمايائون ته ڇا، قيامت برپا ٿيڻ جو حڪم ته نه ٿي ويو؟ حضرت جبرئيل عرض ڪيو ته نه، بلڪ اسرافيل عليہ السلام آهي، جو اوهان جو ڪلام ٻڌي لٿو آهي، حضرت اسرافيل عليہ السلام خدمت اقدس ۾ عرض ڪيو، ته جي اوهان جي مرضي هجي ته جبل کي زمرد، ياقوت، سون ۽ چانديءَ جا ڪري اوهان سان گڏ ڦيرايون ۽ جيڪڏهن گهرو ته پيغمبر ۽ بادشاهه هجو، توڻي گهرو ته نبي ۽ بندا هجو. پاڻ ٽي ڀيرا فرمايائون ته مان بندو ۽ رسول ٿي رهندس.

هڪ حديث ۾ آهي ته جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن بندي جي بهتري گهرندو آهي، ته ان کي دنيا ۾ زاهد ڪندو آهي ۽ آخرت جو شائق، ۽ کيس پنهنجي عيبن جو واقف بڻائي ٿو. هڪڙي شخص کي پاڻ فرمايائون ته دنيا ۾ زهد ڪر ته خدا تعاليٰ تو کي محبوب ڄاڻندو. ماڻهن جي هٿ جي شيءِ ۾ زهد ڪر ته ماڻهو تو کي محبوب ڄاڻندا. حديث شريف ۾ آهي ته جو شخص گهري ته الله تعاليٰ ان کي عِلِمُ، سواءِ سکڻ ۽ هدايت، سواءِ رهنمائي جي ڏئي، ته ان کي گهرجي ته دنيا ۾ زهد ڪري.

ابن حبان بروايت علي مرتضيٰ رضه: حديث شريف ۾ آهي ته جو شخص جنّت جو مشتاق آهي، اهو خيرات جي طرف ڊوڙي ٿو، جو دوزخ کان ڊڄندو آهي، اهو شهوات کي وساري ٿو، ۽ جو موت جو منتظر هوندو آهي، اهو لذتن کي ڇڏيندو آهي، جو دنيا ۾ زهد ڪندو آهي، ان تي مصيبتون آسان ٿي وينديون آهن، پوءِ ان لاءِ هي زهد جون تڪليفون جي ڏنڀن مثال آهن، اهي ڏنڀ نه آهن، پر ورهه جي وَنڊَ آهي – ”آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون“.

روايت آهي ته لا اِلٰہ الا الله، هميشہ ٻانهن جي طرف کان خدا تعاليٰ جي غصي کي ٽاريندو رهندو آهي، جيستائين ٻانهو اها چيز نه گهري، جا ان کان دنيا ۾ گهٽ ٿي وئي هجي، هڪڙي روايت آهي ته جيستائين دنيا جي معاملي کي دين جي معاملي تي ترجيح نه ڏئي، پر جيڪڏهن ائين ڪندو ۽ وري ائين چوندو لا الٰہ اِلا الله، ته الله تعاليٰ فرمائيندو ته تون ڪوڙو آهين. انهيءَ ڪلمي جي چوڻ ۾ سچو نه آهين. ڪن اصحابن سڳورن کان روايت آهي ته اسان سڀ اعمال ڪيا، مگر امر آخرت جي باب ۾  دنيا جي زهد کان وڌيڪ ڪوئي عمل نه لڌو. ڪن اصحابن هڪ تابَعي کي فرمايو ته توهان عمل ۽ ڪوشش، اصحاب رضه جي نسبت، وڌيڪ ڪيو ٿا، پر اهي اوهان کان وڌيڪ ڀلا هئا. هن پڇيو ته ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ انهن فرمايو ته اهي توهان کان دنيا ۾ زهد وڌيڪ ڪندا هئا. ”اها پَرِ  سندي سڄڻين“- حضرت عمر رضه جو قول آهي ته دنيا ۾ زهد ڪرڻ دل ۽ بدن جي راحت آهي. بلال ابن سعد رحه فرمايو آهي ته اسان جو گناهه هي ڪافي آهي، جو خدا تعاليٰ اسان کي دنيا ۾ زهد ڪرڻ لاءِ فرمايو آهي، ۽ اسان وري اُن ۾ رغبت ڪيون ٿا. هڪ شخص حضرت سفيان ثوري رحه کي عرض ڪيو ته منهنجي گهُر هيءَ آهي ته ڪنهن عالم زاهد کي ڏسان. پاڻ فرمايائون ته ”اي ڪمبخت! هيءَ ته وڃايل شيءِ آهي، جا ملي ئي نٿي“. وهب بن منبہ رحه فرمائي ٿو ته بهشت جا اٺ دروازا آهن. جڏهن ته بهشت وارا انهن جي طرف ويندا ته ان جا دربان انهن کي چوندا ته ”قسم آهي اسان کي پنهنجي ربّ جي عزّت جو، ته انهن دروازن مان زاهدن کان اول ڪوئي نه ويندو، جنّت جا عاشق ۽ دنيا جا تارڪ آهن.“

روايت آهي ته ڪنهن بادشاهه ڪجهه فقيهن کي انعام موڪليو.انهن ان کي قبول ڪيو. حضرت فضيل بن عياض رحه ڏي ڏهه هزار درهم موڪليا ته هن اهي قبول نه ڪيا. هن جي پٽن ان کي عرض ڪيو ته فقيهن ته قبول ڪيو، پر اوهان مسڪيني هوندي موٽايو ٿا. حضرت فضيل رحه رنو ۽ فرمايائين، ته ”منهنجو ۽ اوهان جو مثال اهڙو آهي، جهڙو ڪن ماڻهن وٽ هڪڙو ڏاند هجي، جنهن سان هو کيتي ڪندا هجن. جڏهن هو ڪُراڙو ٿي وڃي ته ان کي انهيءَ اميد تي ڪُهن ته چمڙي مان ته نفعو وٺون. اهڙيءَ طرح اوهان به مون کي ڪهڻ گهرو ٿا، جو مان به ڪراڙو ٿي ويو آهيان. پُٽڙا، اوهان کي بک مرڻ انهيءَ ڳالهه کان بهتر آهي، جو اوهان جو پيءُ ڪراڙي کي ڪُهو. حضرت عبيد بن عمير فرمائي ٿو ته حضرت عيسيٰ اُنَ جا ڪپڙا پهريندو هئو ۽ وڻن جا پن کائيندو هئو. نه ان کي ڪو پٽ، جو مري، نه گهر، جو ڊهي، سڀاڻي جي واسطي ڪجهه نه رکي. جتي شام هجي اتي سمهي رهي.

حضرت ابراهيم بن ادهم رحه فرمائي ٿو ته اسان جي دلين تي ٽي پڙدا آهن. جيستائين اهي پري نٿا ٿين تيستائين بندي تي يقين ظاهر نٿو ٿئي. هڪڙو موجود شيءِ کان خوش هجڻ، ٻيو نقصان ٿيل تي رنج رهڻ، ٽيون تعريف کان خوش ٿيڻ، پوءِ جڏهن ڪو موجود چيز کان خوش آهي، ته اهو حريص آهي، جڏهن نقصان ٿي ويل شيءِ تي غم ڪري ٿو، ته اهو غصي وارو آهي، غصي واري کي عذاب ڏک ٿيندو آهي. جڏهن تعريف کان خوش ٿيندو آهي، ته عُجُبُ يعني ڦونڊ وڏائي ڪندو آهي. عجب عمل کي باطل يعني رد ڪندو آهي. حضرت ابن مسعود رضه فرمايو، ته جنهن شخص جي دل زاهد آهي، ان جون ٻه رڪعتون الله تعاليٰ جي آڏو، وڏيءَ ڪوشش ڪرڻ وارن جي سڄيءَ عمر جي عبادت جي نسبت، محبوب ۽ بهتر آهن. بعضي اڪابرن جو قول آهي ته جيڪي شيون الله تعاليٰ اسان کان کسيون آهن ۽ اسان کي نٿو ڏئي، ان ۾ ان جا اسان تي انعام گهڻا آهن، بنسبت انهن شين جي، جيڪي اسان کي ڏنيون اٿس. شايد ان قول ۾ هن حديث شريف ڏي اشارو آهي:

ترجمو: الله تعاليٰ پنهنجي مؤمن ٻانهي کي دنيا کان بچائي ٿو. جيتوڻيڪ هو ان سان محبت رکي ٿو. جيئن اوهان پنهنجي بيمار کي کائڻ ۽ پيئڻ کان بچائيندا آهيون، جو ان کاڌي جي نقصان کان ڊڄندا آهيو.

نوٽ: هنن ڳالهين جو شاهه صاحب، ايندڙ سر يمن ڪلياڻ جي فصل پهرئين ۽ ٻئي ۾ کولي شرح ڪيو آهي. وڌيڪ اتي ڏسي سگهو ٿا – هي سر ته فقط ٿلهه آهي. مثال طرح هڪڙو بيت ٿو ڏجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ان سر تي هلي پهچون، تيستائين هيءَ سڀ ٻٽاڪ آهي. سر يمن ڪلياڻ فصل پهريون بيت نمبر 4:

بيت

آهي گهَڻو اَگهَنِ جو تَرَسُ طَبِيٌبَنِ،

ڪَيو وَسُ ويڄَنِ تَان ڪِريءَ ريءَ ڪِينَ ٿِئِي.

جي ڪِري يعني پرهيز، جيڪي گناهن جا بيمار ڪندا ته اهي شفاياب ٿيندا. بغير ڪِريءَ جي ڪجهه فائدو ڪين ٿيندو. باقي اگهن بيمارن جو ترس يا قياس، حياءُ گهڻو طبيب کي آهي، ۽ اهو به انهن کي ڇڏائيندو، جن ڪِري يعني پرهيز ڪئي. جيئن قرآن شريف جي سورة الزمر جي رڪوع 4 ۾ آهي:

ترجمو: ۽ ڇڏائيندو خدا، تن کي، جن پرهيز ڪئي جاءِ ڇٽڻ جيءَ ۾، جا دنيا آهي، نه رسندي ان کي سختي، نه اهي غم وارا ٿيندا.

جيئن ٻئي بيت جي تڪ ٻيءَ ۾ آهي ته ”جي پَندِ پاڙيائون ته سِگهو ئي سَگها ٿيا.“- شاهه صاحب ٿو فرمائي ته هائو، جي حڪيم جي پندِ يعني نصيحت، هدايت وٺي ان جي هدايت جي تابعداري ڪَن ها، ته هوند جيڪر سگهو ئي سَگها، چڱا ڀلا ۽ شفاياب ٿي پون ها، ۽ ڪو غم، ڏک نه رهينِ ها. جيئن سورة البقر ع 4 ۾ آهي ته:

فَمَنٌ تَبِعَ هُدَايَ وَلَا خَوٌفُٗ عَلَيٌهِمٌ وَلَا هُمٌ يَحٌزَنُوٌنَ

 ترجمو: پوءِ جيڪو تابعداري ڪري هدايت منهنجي جي، پوءِ ناهه خوف ان تي، نه اهي غم وارا ٿيندا.

اهڙيءَ طرح، سر يمن ڪلياڻ ۾ هن سڄڻ جي سورن، بيمارن، حڪيمن جي حڪمتن، دوا دارون، ڊَڀَنِ، ڏنڀن ۽ ڏنڀن جي ڏکويلن، وڍيلن ۽ واڍوڙين جو کولي شرح ڪيو آهي، پر اهي جايون پري کان ٿيون ڏسجن. جڏهن هلي پهچون ته پوءِ انشاءَ الله اهي ڳالهيون ۽ عجيب طبيبن جي طرز سان علاج ڪرڻ، ڦٽن تي مرهمن ۽ پٽين ٻڌڻ ۽ ڪِرِيُنِ ڏسڻ جون ڪبيون، ته هوڏانهن وري جڏن جي جڏائي ۽ چڪيا ڦٽ چيهون ڪري، جيڪي ڪَڙيون ته مُور نه ڪن، وري اهڙن ڦٽن جو ٺارُ اچي سندم دوست سڄڻ وجهي ٿو، اهو به بيان ڪبو. هتي ڳالهين تي ڳالهيون ڪري پري اچي نڪتا آهيون.

اسان جو اصل مقصد، اهو هلندڙ هئو ته هن بيت ۾ جيڪي ڪهڻ جهڙين تڪليفن سان سڏڻ منهنجي سڄڻ جو ۽ ڏنڀن ۽ واڍوڙين کي وِرهه جي خريديءَ جي همٿائڻ جو بيان ڪيو ويو آهي، سو در حقيقت زاهدن کي زهد ۾ تڪليفن سهڻ ۽ ان ۾ محبت موليٰ جي مان ونڊ وٺڻ ونڊيندڙن وٽان، انهن جي پَر، رسمن، رواجن جو مثال طرح بيان ڪيو ويو آهي، وري ڀلا ٻُڌ، زاهدن جون خبرون! حضرت سفيان ثوري رحه فرمائي ٿو، ته دنيا فاني آهي، نه باقي رهڻ واري، گهر مصيبت جو آهي، نه راحت جو، جيڪو ان کي سڃاڻي ٿو، اهو ان جي وسعت تي خوش نٿو ٿئي ۽ نه ان جي تنگي ۽ گهٽتائي هجڻ تي رنج ٿو ٿئي. حضرت سهل تستري رحه فرمائي ٿو، ته ڪنهن به عابد جو عمل خالص تيستائين نٿو ٿئي، جيستائين هنن چئن شين کان فارغ نه هجي: پهريون بک، ٻِيو اوگهَڙِ، ٽيون فڪر، چوٿون ذلّتَ. حضرت حسن بصري رحه فرمائي ٿو، ته مان اهڙن مڙسن کي ڏٺو ۽ انهن سان گڏ رهيس، جيڪي دنيا جي ڪنهن ڳالهه کان خوش نه ٿيا، جيڪا شيءِ وٽن آئي، ۽ ڪنهن شيءِ تي رنج نه ٿيا، جيڪا کانئن هلي وئي، ۽ دنيا انهن جي اڳيان خاڪ کان به وڌيڪ ذليل هئي. ڪي پنجاهه سٺ ورهيه به هن طرح حياتي گذاريندا هئا، جو نه سندن ڪپڙا ڪڏهه تَههَ ٿيا، نه انهن لاءِ ڪڏهن ديڳڙي چڙهي، نه زمين تي ڪو وڇاڻو وڇايو ويو، نه پنهنجي گهر ۾ ڪڏهن طعام کاڌائون. جڏهن رات ٿي ته عبادت لاءِ کڙا ٿيندا، سجدا ڪندا، ڳوڙها ڳل وهائيندا هئا ۽ الله تعاليٰ کان پنهنجي ڇوٽڪاري واسطي سرجوشي ڪندا هئا، جڏهن کانئن ڪو نيڪيءَ جو ڪم ٿيندو هئو، ته ان جي شڪر ۾ مشغول ٿي ويندا ۽ الله تعاليٰ کان ان جي قبوليت لاءِ درخواست ڪندا هئا، ۽ جڏهن ڪا بدي ٿي ويندي هئن، ته ڏک ۽ افسوس ڪندا هئا ۽ ان جي معاف ٿيڻ لاءِ الله تعاليٰ کان معافي طلب ڪندا هئا ۽ هميشہ ائين ڪندا رهيا. ايءَ پَرِ سندي سڄڻين، جنهن تي هو سدا قائم رهيا، جو کين ڪوٺَ به اهڙين ڪهڻ جهڙين تڪليفن ساڻ انهيءَ حقيقي سڄڻ جي هئي.

نوٽ: زهد جا ٽي درجا آهن، ۽ واڍوڙيل اهي آهن، جيڪي زهد ۾ به زهد ڪن، ۽ زهد جي پهرين ٻن درجن کان هنن جا تعلق وڍيل هجن. هاڻي اول زهد جا درجا سمجهڻ گهرجن. پهريون، جو گهٽ درجو آهي، سو هي آهي: جو زهد دنيا ۾ ڪري، پر دنيا جي خواهش به هجي ۽ دل جو لاڙو ۽ نفس جي رغبت دنيا جي طرف هجي، مگر زاهد تڪليف ۽ مجاهدن سان ان کي روڪي، اهڙي شخص کي مُتزهد چوندا آهن. هيءُ درجو اول زهد جو آهي. اهڙو شخص خطري ۾ آهي، ڇو ته ڪڏهن ائين ٿيندو آهي، جو ان جو نفس غالب ٿيندو آهي ۽ شهوت ان کي ڇڪيندي آهي، دنيا جي طرف، ته ان کان حظ حاصل ڪري. پوءِ اهو ٿوري شيءِ ۾ هجي، توڙي گهڻيءَ ۾.

ٻيو درجو هيءُ آهي، جو دنيا کي پنهنجي شوق سان ڇڏي ڏئي، هن سبب کان ته جنهن شيءِ جي طمع يا لالچ ۽ محبت هن کي آهي، ان جي نسبت دنيا کي گهٽ ڄاڻي، جيئن ٻن دُرمن جي طمع ۾ هڪ دُرم کي ڇڏي ڏئي، ته ان درم جي ڇڏي ڏيڻ جو هن کي ڏک نه ٿيندو، پر ٿورو انتظار ڪندو. ۽ اهڙي طرح جيڪو زاهد پنهنجي زهد کي سمجهندو آهي، ۽ ان جي طرف خيال ڪندو آهي، جيئن ڪو وڪري وارو پنهنجي شيءِ وڪڻي ڄاڻندو آهي، ته مون هيءَ شيءِ وڪڻي، هيءُ ان جو عيوض ورتم، ان لحاظ کان انهيءَ نموني جو زاهد پنهنجي نفس تي، ٿي سگهي ٿو ته عجب ۽ وڏائي ڪري ۽ هينئن ڄاڻي ته مون هڪڙي اهڙي شيءِ ڇڏي، جي هيتري قيمت ۽ اندازو هو، جنهن جي عيوض ۾ ان کان وڌيڪ قيمت جي شيءِ ملي اهو درجو به هر حال ۾ نقصان جو آهي. ٽيون درجو سڀ کان ڀلو هي آهي، جو زاهد پنهنجي خوشيءَ سان زهد ڪري ته زهد ۾ به زهد ڪري يعني ان کي ڪجهه نه سمجهي، اُن لحاظ کان ته دنيا ڪا شيءِ نه آهي، مثلاً جيئن ٺِڪري ڏيئي موتي وٺي، ته ان کي موتيءَ جو عيوض نه ڄاڻندو، ۽ ائين ڪو نه ڄاڻندو ته مان به ڪجهه ڏئي موتي ورتو آهي. ان کي ٺِڪريءَ مثل به خيال نه ڪري. خدا تعاليٰ ۽ آخرت جي عيش کي ڏسو ته جيئن ٺِڪرِي، موتيءَ جي نسبت خسيس ۽ تمام گهٽ آهي، اُها ان کان به زياده خسيس آهي. پر زهد جو ڪمال انهيءَ درجي ۾ آهي ۽ اهڙي زهد جي سبب کان ڪمال معرفت آهي. يعني ان کي خوف دنيا جي طرف رغبت جو نه آهي. جيئن موتيءَ جي وٺڻ واري جو خيال ٺڪريءَ ڏي نه آهي ۽ دل ۾ نٿو گهري، ته ڪو انهيءَ سودي کي رد ڪري پنهنجي ٺڪري کي واپس وٺي.

ابو موسيٰ عبدالرحيم رحه کان حضرت ابو يزيد پڇيو، ته اوهان ڪهڙو ذڪر ڪري رهيا هئا؟ پاڻ فرمايائين ته زهد جو. هن پڇيو ته ڪهڙيءَ شيءِ ۾؟ ان چيو ته دنيا ۾. هن ٻئي هٿ خالي مهٽي، ڇنڊي، فرمايو ته مون ڄاتو ته ڪنهن شيءِ جي گفتگو هوندي. دنيا ته ڪجهه ناهي. زهد ان ۾ ڪهڙو ٿيندو؟ جو شخص دنيا کي آخرت لاءِ ڇڏي، ان جو مثال اهل معرفت ۽ صاحب دل جي اڳيان، جن کي هر وقت مشاهدو ۽ مڪاشفو رهي ٿو، اهڙو آهي، جهڙو ڪو شخص بادشاهه جي درٻار ۾ وڃڻ گهري ۽ دروازي تي هڪڙو ڪتو بيٺو هجي، جو ان کي شاهي درٻار ۾ وڃڻ نه ڏئي، ۽ هي ان جي سامهون هڪڙو ٿورو ڳڀو مانيءَ جو اڇلي ۽ ڪتو ان جي کائڻ ۾ لڳي، ته هي ان جي دروازي ۾ لنگهي پئي، ۽ شاهي قرب حاصل ڪري ۽ سڄيءَ سلطنت جو ڪاروبار ان جي حوالي ڪيو وڃي، ته ڇا، اهڙو شخص ان نعمت ۽ انعام بادشاهيءَ جي عيوض، پنهنجو ڪجهه احسان بادشاهه تي ڄاڻندو؟ ۽ چوندو ته مون به دروازي جي ڪتي کي هڪڙو گِرههُ ڏنو؟ اهڙيءَ طرح، شيطان خدا تعاليٰ جي دروازي جو ڪتو آهي، جو ماڻهن کي اندر وڃڻ نٿو ڏئي، جيتوڻيڪ دروازو کليل آهي ۽ پردو کنيل آهي. دنيا هڪڙي لقمي جي مثل آهي، جيڪڏهن ان کي کائو ته لذت فقط چٽڻ جي وقت هوندي آهي، جا ڳهندي ئي ويندي رهندي، پوءِ ان جو بار معدي ۾ رهندو آهي. آخر نوبت بدبوءِ ۽ پليتي هجڻ کي پهچندي آهي. پوءِ وري ان بار جي ڪڍڻ جي ضرورت پوندي آهي. پوءِ جو شخص اهڙيءَ شيءِ کي ان لاءِ ڇڏي ته سلطنت ملي، ته ڇا، ان کي ان دنيا جو خيال ٿيندو؟ هر گز نه!

ساريءَ دنيا جي نسبت، يعني جا ڪجهه هڪڙي شخص کي ملي ٿي، پوءِ توڻي ان جي حياتي سؤ ورهيه هجي، تڏهن به آخرت جي نعمت جي مقابلي ۾ ان کان گهٽ آهي، جا لقمي جي نسبت، سلطنت سان آهي. انهيءَ ڪري جو، بي بقا شيءِ جي بي نهايت شيءِ جي طرف ڪجهه به نسبت نه آهي. جڏهن مدت عمر به ٿوري ۽ ان جي لذت به نفرت ۽ نقصان کان خالي نه آهي، تڏهن وري ڀلا ان جي لذت آخرت سان ڪهڙي نسبت ڪبي؟ انهيءَ ڪري محبت موليٰ جي طالبن، زهد ڪري هن دنيا جي سڀني سورن ۽ تڪليفن جي ڏنڀن، مٿان  ڏهاڙي سَهڻيون هيون، سي سهي به انهيءَ وِرهه جي ونڊ وٺڻ لاءِ هئا واڍوڙيا. جن زاهدن الله تعاليٰ جي محبت رکي ٿي، اهي الله تعاليٰ جي راهه ۾ اهڙا لڙيا، جو ڄڻ شيهو پلٽايل ڀِتِ هئي. ڪيڏانهن مُڙيا ۽ موٽيا ڪونه! انهن کي جڏهن جهاد لاءِ پڪار ۽ ڪوٺ ٿيندي هئي، ته ائين ويندا هئا، جيئن اُڃايل ماڻهو پاڻيءَ تي وڃي ڊوڙندا ويندا هئا، ته خدا جي دين جي مدد ڪن ۽ درجو شهادت لهن، جيڪو پنهنجي موت مرندو هئو ته ان کي درجي شهادت جي نه ملڻ تي حيرت ٿيندي هئي. جڏهن حضرت خالد بن وليد رضه پنهنجي قريب الموت بستري تي حالت نَزَعُ ۾ هئو ته فرمايائين ٿي، ته مان شهادت لهڻ جي اميد تي جهاد ۾ گهڻو لڙيس ۽ دشمنن ۽ڪفارن جي صفن ۾ لنگهي ويس، پر اهو درجو نه مليو ۽ اڄ پوڙهن جي طرح وڇاڻي تي موت مران ٿو. جڏهن سندس لاڏاڻو ٿيو. تڏهن اٺ سؤ ڌڪن جا داغ سندس بدن تي هئا.

اهڙا انهيءَ وِرهه جي ونڊ وٺڻ لاءِ واڍوڙيا مشتاق هئا، تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ”اهي سوريءَ جا سورَ ۽ ڏنڀَ، جي ڪُهڻ مثل آهن، سي وِرهه يعني محبت موليٰ جي ونڊ آهي“. تڏهن واڍوڙين کي مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته ”اي منهنجا سڄڻ ويٺا ٿا وِرهه ونڊينِ، آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون“. هاڻي زهد جي باري ۾ جيڪي ڪجهه اهل تصوف وارن مختلف بيان ڪيا آهن، انهن مان هر هڪ زهد جو بيان ائين ڪيو آهي، جيئن جنهن پنهنجي نفس تي جنهن شيءِ جو غلبو ڏٺو، ان موجب ان بيان ڪيو. جيئن حضرت بشر رحه فرمائي ٿو ته دنيا ۾ زهد ڪرڻ هي آهي، جو ماڻهن ۾ زهد ڪري، انهيءَ قول ۾ صرف مرتبي يعني وڏائي کان زهد ڪرڻ جو اشارو آهي. قاسم جوعي رحه فرمائي ٿو ته زاهد دنيا – زهد پيٽ کي ٿا چون. جيتري قدر آدمي پنهنجي پيٽ کي قابو رکندو هوندو، اوتري قدر ان ۾ زهد هوندو. ان ۾ اشارو هڪ خواهش جي طرف آهي. درحقيقت اها خواهش شهوات کان وڌيڪ آهي، ۽ گهڻو ڪري شهوات جي مراد مطلب اهو ئي آهي.

حضرت فضيل رحه فرمائي ٿو ته زهد دنيا کان مراد قناعت آهي، ان قول ۾ اشارو صرف مال جي زهد جو آهي. حضرت سفيان ثوري رحه فرمائي ٿو ته زهد سَڌ کي گهٽ ڪرڻ جو نالو آهي. هي قول جامع سڀني شهواتن کي گهٽ ڪرڻ جو آهي، ڇو ته تڏهن ڪنهن شهوت آدمي ڏي متوجہ ٿيندو آهي، جڏهن پنهنجي باقي رهڻ جو خيال ڪندو آهي. انهيءَ ڪري ان جون سڌون به ڊگهيون هونديون، ۽ جنهن جي اميد ننڍي هوندي، اهو سڀني شهواتن کان دل کڻي ويندو. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ان قول جي شرح ۾ فرمايو آهي. سر رامڪلي بيت نمبر 19:

بيت

لَاهُوتِي لَطِيٌفُ چَئي، سَڌَ نه کَڻَنِ سَاڻُ،

اِيءُ آديسِنِ اُهٌڃَاڻُ، جِيئنٌ تَعٌلَقَ ڇڏِيَائُونٌ تَڪِيَا.

هن بيت جو مطلب پڻ حضرت سفيان ثوري رحه جي قول موجب آهي ته سَڌن جو وڃائڻ آهي زهد. جي زاهد آهين ته ”سَڌن جون سّد چوي، وَٽُون سڀ وڪڻ“- سڌَ نشاني آهي، باقي هجڻ جي. حضرت اويس رحه فرمائي ٿو ته جڏهن زاهد طلب روزيءَ جي لاءِ نڪري ٿو، ته ان جو زهد هليو وڃي ٿو. انهيءَ قول کان ان جو مقصد زهد جي تعريف نه آهي، پر توڪّل جو، زهد ۾ شرط ڪيو آهي. هِي به ان جو قول آهي ته زهد ان جو نالو آهي، جو رزق مُطلبَ جي طلب نه ڪري. ارباب حديث جو قول آهي ته دنيا ڇا آهي؟ راءِ ۽ عقل سان ڪم ڪرڻ. زهد ان جو نالو آهي، جو علم جي پيرويءَ سان سنّت تي قدم بقدم هلي. هن ۾ راءِ جو اشارو فاسِد لاءِ ۽ عقل کان مراد آهي، جنهن کان جاءِ يعني مرتبو طلب ڪيو وڃي. حضرت حسن رحه فرمائي ٿو ته  زاهد اهو آهي، جو جڏهن ڪنهن کي ڏسي ته چوي هي مون کان ڀلو آهي. ان جو مطلب آهي ته زهد تواضح جو نالو آهي. اهو اشارو پڻ ڦونڊ ۽ مرتبي جي نه هجڻ ڏانهن آهي، جيڪو زهد جي ڪن قسمن کان ٿيندو آهي.

حضرت اويس رحه فرمائي ٿو ته زهد طلب کي ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي. حضرت يوسف بن اسباط فرمائي ٿو ته جو ايذاءَ تي صبر ڪري ۽ شهوات کي ڇڏي ڏئي، حلال وَجَهه جو کائي، ان کي زهد جو بنياد هٿ ۾ آهي. مطلب ته زهد ۾ گهڻا قول آهن، جي سمورا بيان کان ٻاهر آهن. تنهن کانسواءِ اوهان کي ٻڌايو ويو آهي ته هي سر ٿلهه مثل آهي، ۽ هن سر جون ايندڙ سرن ۾، ۽ خاص هنن زاهدن جو زهد، جو سر رامڪلي ۾ ڀٽائي صاحب پاڻ کولي شرح بيان ڪيو آهي، اتي ڏسي سگهو ٿا. ٻيو سڄو رسالو پهرئين سر ڪلياڻ جي سڄي سر جو شرح آهي. باقي انهن سرن ۾ هن سر جي بيتن کي ٻيا نوان عجيب رنگ ڏئي، عجيب ڍنگ سان بيان ڪيو ويو آهي. انشاءَ الله اتي اهرا بيان ڪيا ويندا، جتي جهڙا ۽ جنهن خيال جا بيت بيان ٿيل هوندا. هاڻي هن ضعيف بندي جو عرض آهي ته ڀلا، باقي قرآن ڪريم جو پاسو ڏسون، جو منهنجي انهيءَ حقيقي سڄڻ جو ڪلام آهي. اتي ڏسون ته ڪيئن ٿو ڪهي ۽ ڪوٺي ۽ ڏهاڙي سوريءَ جهڙن سورن سان ۽ ڏنڀن مثل ڏکوئي، ۽ پنهنجي محبت جي واڍوڙين يعني ٻانهن، نيڪن کي محبت جي ونڊ يعني جَزا ٿو ڏئي. حضرت نوح عليہ السلام سڄي عمر پنهنجي قوم جون سختيون سهندو رهيو ۽ انهن کي دعوت دين جي ڪندو رهيو، مگر اهي کيس نه وَسَهيا، ۽ انهن جي طرحين طرحين جي ڏکن ۽ تڪليفن کان تنگ اچي، جي ڏنڀن ۽ سوريءَ جي سورن مثل هيون، پنهنجي سڄڻ حقيقي کي سڏ ڪيائين، جنهن کيس انهن سورن کان ڇڏائي وِرهه جي ونڊ يعني پنهنجي محبت ۽ ثواب جو ڀاڱو ڏنو. سورة الصّٰفٰت جي رڪوع 2 ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَلَقَدٌ نَادَانَا نُوٌحُٗ فَلَنِعٌمَ الٌمُجِيٌبُوٌنَ وَ نَجَّيٌنَاهُ وَ اَهٌلَہٗ مِنَ الٌڪَرٌبِ الٌعَظِيٌمِ وَ جَعَلٌنَا ذُرِّيَّتَہٗ هُمُ الٌبَاقِيٌنَ وَتَرَڪٌنَا عَلَيٌہِ فِي الٌآخَرِيٌنَ سَلَامُٗ عَليٰ نُوٗحٍ فِي الٌعَالَمِيٌنَ اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّہٗ مِنٌ عِبَادِنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنَ

ترجمو: ۽ تحقيق سڏ ڪيو اسان کي نوح ته ايذاءُ رسايو قوم مون کي ۽ نه وسهيا مون کي، پوءِ ڀلا آهيون دعا قبوليندڙ، ۽ ڇڏايوسون نوح کي ۽ عيال ان جي کي ڪنان عذاب وڏي – (ٻڌڻ جي) ۽ ڪيو اسان اولاد نوح جو باقي زمين تي - ۽ رکائي اسان ان جي ساراهه موچاري پوين نبين ۾ - سلامتي آههِ مٿي نوح منجهه ٻن جهانن – اسين اهڙي طرح جزا ڏيون نيڪوڪارن کي – تحقيق نوح هو ڪنان ٻانهن اسان جي مؤمنن-

مٿين آيتن سڳورين مان صاف ظاهر آهي ته حضرت نوح عليہ السلام کي انهن تڪليفن ڪري ايڏو وڏو ثواب جو ڀاڱو ڏنو، جو سندس تعريف پوين نبين سڳورن ۾، ۽ سندس اولاد باقي زمين ۾ رکايو، ۽ ٻنهي جهانن ۾ کيس پنهنجي وِرهه جي ونڊ ڏيئي يعني پنهنجي محبت جو ثواب ڏئي سلامتيءَ وارو ڪيو. وري اهڙيءَ طرح حضرت ابراهيم عليہ السلام جي احوال ۾ آهي، ته جڏهن ان کان ان جي حقيقي سڄڻ، الله تعاليٰ سڏي، آزمائش ڪهڻ جهڙي ورتي ۽ کيس حڪم ٿيو ته ڪُهه اسماعيل عليہ السلام کي! جيئن قرآن شريف جي سورة الصّٰفٰتِ ع 2 ۾ آهي:

فَلَمَّا بَلَغَ مَعٌہُ السَّعٌيَ قَالَ يٰبُنَيَّ اِنِّيٌ اَرَيٰ فِي الٌمَنَامِ اِنِّيٌ اَذٌبَحُڪَ فَانٌظُرٌ مَا ذَا تَرَيٰط قَالَ يٰااَبَتِ افٌعَلٌ مَا تُؤٌمَرُ سَتَجِدُنِيٌ اِنٌ شَاءَ اللهُ مِنَ الصّٰبِرِيٌنَ فَلَمَّا اَسٌلَمَا وَ تَلَّہٗ لِلٌجَبِيٌنِ وَ نَادَيٌنَاهُ اَنٌ يَّا اِبٌرَاهِيٌمُ قَدٌ صَدَقٌتَ الرُّؤٌيَا اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّ هٰذَا لَهُوَ الٌبَلَاءُ الٌمُبِيٌنُ وَ فَدَيٌنَاهُ بِذِبٌحٍ عَظِيٌمٍ وَ تَرَڪٌنَا عَلَيٌہِ فِي الٌآخَرِيٌنَ سَلَامُٗ عَليٰ اِبٌرَاهِيٌمَ ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّہٗ مِنٌ عِبَادِنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنَ

ترجمو: چيائين اي پٽ، مون ڏٺو وحيءَ ۾ حڪم ٿيو الله تعاليٰ جو، آءٌ ڪُهندس تو کي، پوءِ دل پڇ ته ڪر دل سان راضي ٿين تون (صابر اسماعيل جي عمر ان وقت تيرنهن ورهين جي هئي). چيائين اي پيءُ، ڪر سو، جيڪو امر ٿيو تو کي، ڏسندين مون کي جي گهرندو خدا ڪنا صابرن – هوندس پوءِ جڏهن راضي ٿيا ٻئي ۽ ڪيرايائين پُٽ کي پاسي ڀر - ۽ سڏ ڪيو اسان ته اي ابراهيم تحقيق سچو ڪيوءِ خواب ۽ پورو ڪيوءِ فرمان الله جو – اسين ايهين سختي لاهيون ۽ ثواب ڏيون نيڪن کي – تحقيق ئي پرک هئي تنهنجي دل تي پڌري ۽ عيوض ڏنوسون اسماعيل جي ڪهڻ لاءِ - ۽ باقي رکائيسون ان جي متابعت منجهه پوين نبين – سلامتي آههِ مٿي ابراهيم – مثل ان جي ڇڏائينداسون نيڪن کي – تحقيق ابراهيم هو ڪنان ٻانهن مؤمنن-

ادا، هاڻي ڏس هنن آيتن سڳورين مان ته اهو ان سڄڻ جو سڏڻ ۽ ڪهڻ، مثل ڪهڻ ڪو نه آهي ۽ سور سختيون ان جون پنهنجن پيارن کي ڏيڻ به آزمائش آهي، اها هن سڄڻ سائينءَ جي ورهه جي ونڊ، ورهاست ۽ ڀاڱو آهي، جيڪو ويٺو ٿو وراهي. پنهنجي هر پياري جي تڪليفن جي بيان ڪرڻ بعد، وري ان کي تڪليفن جي ڇڏائڻ جو بيان ڪري پوءِ فرمائي ٿو ته:

اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌـزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ

ترجمو: اسين اهڙيءَ طرح جزا ڏيون نيڪوڪارن کي –

اها هُن جي وِرهه محبت جي ونڊ آهي. آءُ واڍوڙيا وِهاءِ تون، ٻڌ پاڪ ڪلام، انهيءَ ڪريم سڄڻ جو سورة الصّٰفٰتِ ع 4:

وَلَقَدٌ مَنَّنَّا عَلَيٰ مُوسَيٰ وَ هَارُوٌنَ وَنَجَّيٌنَاهُمَا وَ قَوٌمَهُمَا مِنَ الٌڪَرٌبِ الٌعَظِيٌمِ وَ نَصَرٌنَاهُمٌ فَڪَانُوٌا هُمُ الٌغَالِبِيٌنَ وَ اٰتَيٌنَاهُمَا الٌڪِتَابَ الٌمُسٌتَبِيٌنَ وَ هَدَيٌنَاهُمَا الصِّرَاطَ الٌمُسٌتَقِيٌمَ وَ تَرَڪٌنَا عَلَيٌهُمَا فِي الٌآخَرِيٌنَ سَلَامُٗ عَلَيٰ مُوٌسَيٰ وَ هَارُوٌنَ اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّهُمَا عِنٌدَنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنَ

ترجمو؛ ۽ تحقيق احسان ڪيو اسان موسيٰ ۽ هارون تي - ۽ ڇڏايوسون ان کي ۽ قوم ان جي کي، ڪنان ٻڏڻ جي عذاب وڏي - ۽ فتح ڪيوسونِ فرعون تي، پوءِ ٿيا غالب – ڏنوسونِ توراةُ پڌري معنيٰ ۽ ڏيکاريسون واٽ سنئين- ۽ باقي رکيوسون ساراهه ان جي منجهه پوين- سلامتي آههِ مٿي موسيٰ ۽ هارون – اسين ائين ڇڏائينداسون نيڪن کي – ٻئي هئا ٻانهان اسان جا مؤمن-

ادا پڙهي ڏس، ته اها محبت جي ونڊ آهي يا نه؟ اهي تڪليفون به چڱيون، جن جي پويان اهڙي ونڊ ملي! جهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ حضرت هارون عليہ السلام کي ملي، ڏکن ۽ سورن بعد حضرت الياس عليہ السلام جو بيان آهي، ته جڏهن شهر بعلبڪ ۾ چيائين پنهنجي قوم کي، ڊڄو الله کان ۽ پوڄا بَعٌلَ بت جيءَ کي ڇڏيو، ۽ عبادت ڪيو الله جي، جو خالق آهي موچارو، پوءِ نه وسهيا، پوءِ اهي عذاب وارا ٿيندا. سورة الصّٰفٰتِ ع 4 ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته حضرت الياس جي قوم جنهن نه مڃيو، اهي عذاب وارا ٿيندا:

وَتَرَڪٌنَا عَلَيٌہِ فِي الٌآخَرِيٌنَ سَلَامُٗ عَلَيٰ اِلٌيَاسِيٌنَ اِنَّا ڪَذَالِڪَ نَجٌزِي الٌمُحٌسِنِيٌنَ اِنَّہٗ مِنٌ عِبَادِنَا الٌمُؤٌمِنِيٌنِ

ترجمو: مگر ٻانها خدا جا ڌُئلَ ۽ ڇڏي اسان ساراهه ان جي، منجهه پوين ۽ سلامتي آهي مٿي الياس – اسين اِئين ڇڏايون نيڪن کي، ۽ اُو هئو ڪنان ٻانهن اسان جي مؤمنّ.

ڏس، ڏکن جي ڏنڀن کان پوءِ وِرهه جي ونڊ، جا يونس عليہ السلام کي ملي! سورة الصّٰفٰتِ ع 5:

فَسَاهُمٌ فَڪَانَ مِنَ الٌمُدٌحَضِيٌنَ فَاالٌتَقَمَہُ الٌحُوٌتُ وَ هُوَ مُلِيٌمُٗ فَلَوٌ لَا اَنَّہٗ ڪَانَ مِنَ الٌمُسَّبِحِيٌنَ لَلَبِثَ فِيٌ بَطٌنِہٖ اِليٰ يَوٌمِ يُبٌعَثُوٌنَ فَنَبَذٌنٰہُ بِاالٌعَرَآءِ وَهُوَ سَقِيٌمُٗ وَ اَنٌبَتٌنَا عَلَيٌہِ شَجَرَةً مِّنٌ يَّقٌطِيٌنٍ وَ اَرٌسَلٌنٰہُ اِليٰ مِاءَةِ اَلٌفٍ اَوٌ يَزِيٌدُوٌنَ فَاٰمَنُوٌا فَمَتَّعٌتٰهُمٌ اِليٰ حِيٌنٍ

ترجمو: پوءِ اڇلايائون يونس کي درياءَ ۾ - پوءِ ڳٿو ان کي مڇيءَ ۽ ان ملامت ڪئي ٿي نفس کي – پوءِ جي هوند نه هو يونس ساراهيندڙ- ته البت ٽِڪيو پيٽ ۾ مڇيءَ جي ڏينهن قيام سِئن پوءِ اڇلايو اسان يونس کي منجهه جزيري ۽ اُو مريض هئو – اُڀارئو اسان ان تي وڻ ڪدوءَ جو - ۽ رسول ڪيوسون ان کي موٽائي انهيءَ قوم نَينويءَ جي ڏانهن طرف لَکَ جي بلڪ زياده – پوءِ ايمان آندائون پوءِ نفعي وارو ڪيوسون ان کي ساڻ عمر ڊگهيءَ-

وري ڏس ڏک، جي ڏنڀن مثل ٿئا، ايوب عليہ السلام کي، جن تي صبر بعد کيس وِرهه جي ونڊ ملي ۽ ٻين عاشقن دانائن لاءِ پڻ نصيحت ٿي! سورة صٓ ع 4:

وَاذٌڪُرٌ عَبٌدَنَا اَيُّوٌبَ اِذٌ نَادَيٰ رَبَّہٗ اِنِّيٌ مَسَّنِي اَلشَّيٌطَانُ بِنُصٌبٍ وَّ عَذَابٍ اُرٌڪُضٌ بِرَجٌلِڪَ هَذَا مُغٌتَسَلُٗ بَارِدُٗ وَّ شَرَابُٗ وَّ وَهَبٌنَا لَہٗ اَهٌلَہٗ وَمَثَلَهُمٌ مَّعَهُمٌ رَحٌمَةً مِّنَّا وَ ذِڪٌريٰ لِاُوٌلِي الٌاَلٌبَابِ

ترجمو؛ ۽ ياد ڪر قصو ٻانهي اسان جي ايوب جو، جڏهن سڏ ڪيائين خدا کي، ته مون کي رسائيو آهي شيطان ڏک ۽ سختي – پوءِ چيو اسان کوٽ زمين ساڻ پير تنهنجي، ته هيءُ آهي تلاءُ صحت جو ۽ ٿڌو پاڻي پي – ته اُڃ ۽ بک لهي ۽ بخشو اسان ان کي اڳوڻو اولاد سندس ۽ ٻيو اوترو پڻ، سبب بخشش پنهنجي، ۽ نصيحت آهي واسطي دانائن جي –

هاڻي مٿين قصن نبين جي ڏسندا ته جيڪي انهن کي ظاهري سور سختيون پهتيون، سي سندن سڄڻ حقيقيءَ جي وِرهه جي ونڊ هئي، جا کين ڏئي سندن درجا مٿانهان ڪيائين. انهن کي ڪهڻ جهڙين سخت تڪليفن سان سڏي، پنهنجو قرب حاصل ڪيائين ۽ انهن سڳورن به، اهي ڏنڀن مثل سور سر تي سٺا، تڏهن کين سڄڻ وٽان مرتبا مليا. هنن قصن ۾ نصيحت رکي وئي پوين قومن لاءِ. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اڳي به منهنجي سڄڻن جي اها پَر، يعني سنّت هئي،. جو ڪهن ۽ ڪوٺينِ، ۽ سوريءَ چاڙهيو سپرين، ڏنڀ ڏهاڙي ڏين؟ ائين پيارو وِرهه ونڊينِ. هاڻي تون اي واڍوڙيا، مشتاق محبت جا! آءُ اچي وهاءِ تون، وهاءِ تن سڄڻن الله وارن وٽان جي انهيءَ ورهه، برهه عشق الاهيءَ جي سوز، سور ۽ درد جي دوا ڄاڻن ٿا ۽ عاشق الله جا ئي تَنَ جا طبيب آهن، مگر تون يقين ۽ قوي اميد اها انهن ۾ رک ته تنهنجي انهيءَ درد جي دوا ۽ تن جا طبيب ضرور ٻاجهه ڪندا، ۽ اميد ته پاڻيهي اچي غور ڪري تو کي ڦَڪي ٻاجهه جي ڏيندا، جنهن سان ڏکندو سڀ ڏور ٿي ويندو، جيئن منهنجو مرشد گهوٽ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ وائي ۾ ٿو فرمائي:

 

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org