سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:3 

باقي هن بيت ۾ وڌيڪ شاهه صاحب رحمة الله عليہ هن ڳالهه ڏي ڌيان ڇڪايو آهي، ته اهو مڃڻ زباني نه، پر دل جي يقين ۽ اعتقاد ۽ اعتماد سان هوندو ته تڏهن ايمان ڪامل ٿيندو. پوءِ جن جو ايمان ڪامل ٿيو، انهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 8 ۾ فرمايو آهي:

بيت

اوتڙ ڪنهن نه اوليا سُتَڙِ ويا سالِمُ،

هيڪائِي هِڪُ ٿيا اَحَدَ سين عالِمُ،

بي بها بالمُ آگي ڪيا اڳَهِينٌ.

يعني اهي سُتَڙ ِ سالم يعني سڻائي تڙ يعني سڌي واٽ سان سهي سلامت لنگهي ويا ۽ ڪنهن به اَوَتَڙَ يعني منجهيل واٽ ۾ ڪونه رليا يا اوليا. انهيءَ هيڪڙائيءَ جي واٽ سان ڄاتائون هيڪڙائي الله تعاليٰ جيءَ کي، احد سين عالم يعني ڄاتائون احد کي بي بها، بالم، يعني مٿانهان. يعني حد حساب، قيمت ۽ اندازي کان مٿي بالم آگي يعني الله تعاليٰ اڳهين ڪيو هونِ. يعني تقدير ۾ ئي ميثاق جي ڏهاڙي ئي انهن کي مٿانهين مرتبي بي بها درجي تي پهچايائين. جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي جي ايندڙ بيت نمبر 9 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

آگي ڪيا اڳهين نسورو ئي نور،

لاَ خَوٌفءُ عَلَيٌهِمٌ وَلاَ هُمٌ يَحٌزَنُونَ سچن ڪونهي سور،

مولي ڪيو معمور انگ ازل ۾ ان جي.

ازل ۾ يعني تقدير ۾ معمور يعني مقرر انگ يڪي لکيل مولي مالڪ حقيقي ڪرڻ فرمايو آهي. يعني الله تعاليٰ انهن پنهنجن نيڪ بندن جي حق ۾ لکيل انگ نصيب جو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري انهن سچن کي ڪوبه سور يا ڏک نڪو آهي نڪو ٿيندو. جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:

لاَخَوٌفءُ عَلَيٌهِمٌ وَلاَ هُمٌ يَحٌزَنُوٌنَ 

يعني انهن کي خوف ڪونهي نڪو انهن کي ڏک رسندو.

هيءَ آيت شريف اولياءَ الله جي شان ۾ آهي ۽ انهن پنهنجي نيڪ ٻانهن کي الله اڳي ئي يعني ازل ۾ نسورو ئي نور ڪيو آهي. يعني وڏي روشنيءَ وارو ڪيو آهي، پر اها انهن تي نعمت خاص مولي مالڪ منهنجي ڪئي آهي. جيئن خدا تعاليٰ فرمايو آهي ته:

وَمَا تَسائُوٌنَ اِلاّ يَّشَاءَ اللهُ 

يعني نه وٺي سگهندا واٽ خدا جي کي مگر جن کي گهرندو خدا.

هاڻي هن آيت شريف جو مطلب ساڳيو آهي، ته نسورو نور به تڏهن ئي ٿيا آهن، جڏهن الله تعاليٰ انهن جي حق ۾ انگ مقرر فرمايو آهي چڱائيءَ جو، تڏهن چڱا ٿيا آهن. اها انهن جي حق ۾ چڱائيءَ جي گهُرَ خدا سائينءَ جي آهي. انهيءَ جي گهُر کان سواءِ سڌي واٽ نه لهي سگهندا ۽ ٻئي هنڌ ڀٽائي صاحب فرمايو آهي:

بيت

پياري پاڻ ته ڪَرَهُو ٿِي پاڻي پئي،

اڳي اِنَ نِياڻَ اَڻَ ڪوٺيو ڪونه گهِري.

هن بيت جو به ساڳيو مطلب آيت شريف ۽ مٿئين بيت وارو آهي، ته جيڪڏهن الله گهري ته هدايت واري نياڻ تي يعني واهه تي پاڻي اُٺ ٿي به اچي. پاڻي اهو پيئندو، جنهن جي حق ۾ گهريو هوندائين. اُٺ ٿيڻ مان مراد آهي، ته جي بي سمجهه ۽ بي عقل اهڙو هجي جهڙو مثلن جانور اُٺ، تڏهن به الله تعاليٰ جي گهُر سان انهيءَ نياڻ هدايت واري تي اچي پاڻي پيئندو. جيڪڏهن خدا تعاليٰ جي ڪنهن جي حق ۾ گهر هدايت جي نه هوندي، سو نه پيئندو يعني هدايت وارو نه ٿيندو. گذريل تواريخون ۽ ڪتاب يا ڪلام الله شريف انهيءَ ڳالهه جو شاهد آهي، ته ڪڏهن به ڪو اڻ ڪوٺيو يعني اڻ سڏيو انهيءَ نياڻ هدايت واري تي ڪونه آيو،يا ڪونه گهِڙيو ۽ اڳي اِنَ ڻياڻ يعني اڳي تقدير ۾، جن جي حق ۾ نه گهُريو آهي، الله تعاليٰ، اُهي هدايت وارا نه ٿيا. پوءِ توري نبين جا ويجها عزيز هئا يا ڪن جي حق ۾ نبين سڳورن عليهم السلام دعائون گهريو، يا ڪي نبين جا اهل هئا تڏهن به اهي خدا تعاليٰ جي گهُر کان سواءِ هدايت وارا نه ٿيا. پر جڏهن به الله تعاليٰ جي هيڪڙائيءَ کي جن ورد وظيفو ڪيو ۽ ذڪر سان ريجهه ڪئي، تن جي حالت ائين ٿي ٿئي جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي جي ايندڙ بيت نمبر 10 ۾ فرمايو آهي:

بيت

وحدهٌ جي وڍيا الا الله سين اورين،

هِنيون حقيقت گڏيو طريقت تورينِ،

معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين،

سک نه سُتا ڪڏهن ويهي نه ووڙين،

ڪُلهنئُون ڪورين عاشق عبداللطيف چئي.

خلاصو: مطلب ته هن بيت ۾ شاهه صاحب توحيد جو بيان اهڙي طرح ڪيو آهي، جو توحيد ۽ توڪل جي اصل حقيقت ۽ توحيد وارن ۽ انهن جي قسم ۽ انهن جي حال عمل جو بيان مجمل فرمايو اٿس، جنهن ۾ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ فنا في الله جو بيان فرمايو اٿس، بيت جي پهرين تُڪ آهي ته: ”وحده جي وڍيا الا الله سين اورين“ – يعني خاص الله سائينءَ جي نالي سان يا ذڪر سان انهن جي اور يا ريجهه ٿيندي، جن کي وحده يعني انهيءَ الله سائينءَ جي هيڪڙائيءَ وڍيو، يعني قطع ڪيو يعني ته غير خدا جي کان قطع ڪيو. پوءِ جڏهن طالب الموليٰ جو غير خدا کان سلسلو ڪٽجي وڃي ٿو، اهڙو جو پنهنجي وجود جي به هن کي خبر نٿي رهي، تڏهن هو فنا في الله جي درجي تي پهچي ٿو ۽ اها فنا في الله  جي منزل سندس لاڳاپا دنيا جي اسباب کان قطع ڪري ٿي ڇڏي. پوءِ جڏهن سمورا غير جا لاڳاپا طالب کان ٽٽي وڃن ٿا، تڏهن هو سير الاّ الله ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ سير الاّ الله جي اصل حقيقت سان دل گڏجي ٿي، يعني هِنيون حقيقت سان گڏجي ٿو ۽ پوءِ هو شريعت جي ظاهر واٽ کان لنگهي، ٻي باطني واٽ جنهن کي طريقت سڏيو ويندو آهي ۽ انهيءَ جي سوچ ويچار توَر تُڪ پنهنجي نفس کي ڏَسي رهيا آهن.

هن بيت ۾ جو شاهه صاحب فرمايو آهي ته، الاّ الله سان اهي ٿا اورين  يا ريجهه ڪن يا مستغرق ٿين، جيڪي هِنيون يعني دل حقيقت سان گڏي پوءِ ٿا طريقت يعني اندروني واٽ شرع جي ٿا ڳوليندا رهن. جن کي وحده وڍيو آهي، انهيءَ وحده جي وڍڻ جو مطلب هن طرح آهي، ته فقط ڪلمي پڙهڻ سان ظاهر زباني طرح ڪو فائديمند نه آهي. ائين ته منڪر يا منافق به پنهنجي سر جي بچائڻ خاطر ڪلمون پڙهندا آهن ۽ ”لا اِللهَ اِلا الله“ چوندا آهن. پوءِ کين اهو ڪلمي جو چوڻ قتل کان بچائيندو آهي. ٻيو نمونو هيءُ آهي جو انهن لفظن جي معنيٰ کي به دل سان سچو ڄاڻندو هجي، جهڙو عام مسلمان ان جي تصديق ڪندا آهن. اها توحيد عوام جي آهي. ٽيون نمونو هيءُ آهي، جو نور حق جي به معنيٰ ڪشف جي نموني ظاهر ٿي وڃي. اهو مقام مقربن يعني خدا وارن جو آهي. انهن جو حال اهڙيءَ طرح آهي، جو شين کي گهڻو ته ڄاڻن ٿا، مگر شين جي گهڻائيءَ کي انهيءَ هڪڙي واحد القهار کان ئي سمجهندا آهن.چوٿون نمونو هيءُ آهي ، ته جو وجود ۾ سواءِ ذات پاڪ وحده هڪڙي جي، ٻئي ڪنهن کي نه ڏسي. هيءُ مشاهدو صديقن جو آهي. انهيءَ کي صوفياءِ ڪرام ”فَنَا دَرِ توحيد“ چوندا آهن، يعني انهيءَ مرتبي يا منزل وارو، جيڪو انهيءَ واحد پاڪ ذات کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڏسي ۽ پنهنجي نفس کي به نٿو ڏسي. هو جڏهن احديت ۾ مستغرق هجڻ جي سبب کان پنهنجي نفس کي به نٿو ڏسي، تڏهن توحيد ۾ پنهنجي نفس کان به فاني هوندو، يعني پنهنجي نفس جي ڏسڻ سان به هوشيار يا سجاڳ نٿو ٿئي.

انهيءَ رتبي کان پهريائين ته اهو شخص رڳو موحد زباني آهي ان جو فائدو به دنيا ۾ آهي جو قتل کان ئي بچي وڃي ۽ ٻئي درجي وارو شخص ان معنيٰ ڪري موحد آهي؛ جو پنهنجي دل سان لفظ معنيٰ جا سمجهي ٿو ۽ دل جو اعتقاد به قائم رکي ٿو. اهڙيءَ طرح جي توحيد دل تي هڪڙي هَڙَ يا ڳَنڍِ آهي. انهيءَ ۾ سوڙهائي يا ڪشادگي نه آهي. تڏهن به انهيءَ توحيد وارو، عذاب آخرت جي کان محفوظ رهندو، بشرطيڪه خاتمو بالخير هجي ۽ گناهن جي سبب کان انهيءَ پنهنجي ايمان کي ضعيف ڪري نه ڇڏيو هجي. پوءِ انهيءَ توحيد جي ڳنڍ جي واسطي ڪجهه حيلا ته هن طرح آهن، جن سان ان جو ڍلو ڪرڻ يا کولڻ منظور هوندو آهي ته ان کي بدعيت چوندا ۽ ڪي تدبيرون اهڙيون آهن، جن سان انهيءَ ڳنڍ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڍلو نه ڪرڻ ۽ کولڻ وارن سببن کي پري ڪرڻ مقصد آهي. انهيءَ کي ڪلام چوندا آهن، جو علم ڪلام ڄاڻندو آهي، ان کي متڪلم چوندا آهن.

انهيءَ مٿين تقرير توحيد جي ڳنڍ بابت، جيڪا امام صاحب غزالي رحمة الله عليہ پنهنجي ڪتاب” اَحياء العلوم“ جي جلد 4، باب (توڪل ۽ توحيد) ۾ ڪئي آهي، انهيءَ ساڳئي مضمون تي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي اندر سُر سهڻيءَ ۾ ٿو فرمائي:

بيت

جا هَڙَ اندَرِ جيءَ سَاهَڙَ ڏِنِي آ ساههَ کي،

سا هَڙَ ڇُڙي نه ساههَ جِي سا هَڙَ ساهَڙ ريءَ،

ساهَڙُ ميڙ ِ سَمِيعَ ته سا هَڙَ ڇُڙي ساههَ جِي.

هاڻي انهيءَ بيت ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ۽ امام صاحب غزالي رحمة الله عليہ جي تقرير جو مطلب ساڳيو آهي؛ ته جيڪا منهنجي جيءَ جي اندر ساهه کي ساهڙ ڳنڍ ڏني آهي، سَاهَڙ يعني ڳنڍ ساهڙ يعني ميهر، يعني انهيءَ الله تعاليٰ واحد جي سواءِ نه ڇڙندي. هاڻي اي عرضن جا ٻڌندڙ سميع، مون کي ساهڙُ ملاءِ، يعني نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم ملاءِ ته منهنجي ساهه واري ڳنڍ ڇڙي، يعني خاتمو بالخير ٿئي. متڪلم جي مرضي هيءَ هوندي آهي، ته انهيءَ واحد يڪتا جي ڳنڍ عوام جي دلين تان نه کولڻ  ڏئي. انهيءَ متڪلم کي موحد به چوندا آهن. انهيءَ نظر کان جو پنهنجي ڪلام جي سببان معنيٰ لفظ توحيد جي،  جو عوام جي دلين ۾ حفاظت ڪندو آهي، تانجو توحيد جي ڳنڍ نه ڇڙي، ٽيون شخص ان معنيٰ کان مُوَحد آهي، جو انهيءَ فقط هڪ ئي فاعل جو مشاهدو ڪيو، يعني ان کي امر حق جو پتو کلي ويو، ڇو ته واقعي ۾ هڪڙو ئي فاعل آهي ۽ حقيقت جهڙي ئي آهي اُهڙي ئي سمجهي وڃي ٿي، مگر انهيءَ پنهنجي دل جي معتقد معنيٰ لفظ حقيقت جو رکيو آهي. تڏهن هي رتبو عوام ۽ متڪلمن جو آهي، ڇو جو عامي ۽ متڪلم جي اعتقاد ۾ ڪجهه فرق نه بلڪه هي فرق آهي، جو متڪلم اهڙي ڪلام بنائڻ تي قادر آهي، جو ڪوئي ان کان اعتقاد جو ضعيف ڪرڻ گهري،ته انهيءَ جي تقرير کي دَفَعُ ڪري. چوٿون شخص انهيءَ نظر کان موحد آهي، جو ان جي مشاهدي ۾ سواءِ انهيءَ واحد هڪڙي جي، ٻيو ڪوئي نٿو اچي. اهو سڀ کي ڪثرت جي واٽ کان نٿو ڏسِي، بلڪه وحدت جي واٽ کان.

شعر

وحدت مين تيري خوف دوئي کا نہ آ سکـﻶ،

آئينه کيا مجال تجهي منہ دکها سکـﻶ.

هيءُ مرتبو توحيد جو سڀ کان اعليٰ آهي. اهڙيءَ طرح توحيد فعل يعني فاعل جو هڪ ڄاڻڻ به سالڪن جي حق ۾ وڏو مقصد مٿانهون آهي. مگر ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه لاڙو غير جي طرف لڌو وڃي ٿو ۽ ان شخص جي نسبت جو هڪ کان سواءِ ٻئي کي ڏسي ئي نٿو. اهڙي شخص جو لحاظ گهڻائيءَ جي طرف آهي. پوءِ ائين ڇو؟ جو ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو ماڻهو، سواءِ هڪڙي ذات جي، مشاهدو نه ڪري حالانڪه آسمان ۽ زمين ۽ اَجسام ۽ محسوس کي ڏسندو آهي. هي شيون گهڻيون آهن ته گهڻين شين کي هڪ ڪهڙي طرح ڏسندو؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته جو نڪته انتها علمن ۽ مڪاشفاتن مان آهي، ان علم جي اسرار کي ڪنهن ڪتاب ۾ لکڻ جائز نه آهي. عارفين فرمائن ٿا ته ربوبيت جي راز کي ظاهر ڪرڻ ۽ کولڻ ڪفر آهي، سواءِ انهيءَ امر جي، جو ابتدا يا اول نظر جي گهڻائيءَ کان هڪڙو ڄاڻڻ پري معلوم ٿيندو آهي يا ڏکيو معلوم ٿيندو آهي. انهيءَ مسئلي کي سمجهائڻ ممڪن آهي! اهو هن طرح جو بعضي شيون ڪنهن خاص مشاهدي کان ڏسو ته گهڻيون هونديون آهن ۽ ڪنهن ٻئي اعتبار کان ڏسندو ته هڪ ئي آهن. مثلاً جيڪڏهن انسان کي ان جي روح، جسم، هٿن، پيرن، رڳن، هڏين ۽ آنڊن جي لحاظ کان ڏسندؤ ته گهڻا آهن ۽ جيڪڏهن ٻئي اعتبار کان مشاهدو ڪندؤ ته هڪ ئي آهي. يعني انسانيت جي لحاظ کان ڏسندؤ ته  هڪ انسان ئي آهي ۽ گهڻا شخص اهڙا آهن، جو انسان کي ڏسندا آهن ته انهن جي دل ۾ هي خيال ان جي رڳن جي گهڻائيءَ جو ۽ آنڊن، هٿن ۽ پيرن جو جدا هجڻ ۽ روح، جسم ۽ عضون ڏي وڃي ئي نٿو- هاڻي ٻنهي صورتن ۾ هيءُ فرق آهي، جو جڏهن ماڻهوءَ جي حالت استغراق واحد سان گڏ ٿيندي آهي ته اهو واحد ۾ تفريق يعني جدائي نٿو ڏسي ۽ جڏهن رڳو ڪثرت جي طرف لاڙو ڪندو آهي، تڏهن خيال جدا ان مٿين شين کان گذرندو آهي. اهڙيءَ طرح جيتريون شيون موجود آهن، خالق آهن يا مخلوق سڀ جي واسطي اعتبارات ۽ مشاهدات ۾ گهڻيون ۽ جدا جدا آهن، جو ڪنهن اعتبار کان واحد آهن ۽ ڪنهن کان گهڻيون. جهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهيءَ ساڳئي سُر ۾ فرمايو آهي ته:

بيت

وَحَدت تان ڪَثرت ٿِئي ڪَثرَ ت وَحَدَت ڪُل ُ،

حَق ُ حَقيقي هيڪڙو ٻولي ٻي مَ ڀُل ُ،

هُو هُلاچو هُل باللهِ سُندو سَڄڻين.

يعني ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته مون کي قسم آهي الله تعاليٰ جو، ته هيءُ جيڪي جهان ۾ آهي ڪثرت يعني گهڻائي شين جي، سا سموري وحدت يعني انهيءَ منهنجي مالڪ حقيقيءَ کان آهي. وحد تان ڪثرت ٿئي انهيءَ هڪڙي وٽان، يا ان جي امر سان يا ارادي سان يا ڪرڻ سان يا گهرڻ سان ڪثرت ٿي ٿئي. پر اها سموري ڪثرت جا وحدت کان آهي، در حقيقت هڪڙي آهي، ڇاڪاڻ ته  اها ڪثرت سموري نَفي آهي. انهيءَ جو وجود وحدت جي وجود سان آهي. ان کان سواءِ هو نفي آهي ۽ اڳتي به نفي هوندي. هن سڄي جهان جي شين جو اهڙو مثال آهي، جيئن جَرَ تي ڦوٽو هجي ۽ آهي اهو ڦوٽو به پاڻي، پر هن جو هجڻ انهيءَ پاڻيءَ تي آهي ۽ پاڻيءَ کان آهي، پر درحقيقت هو نفي آهي. جڏهن هو ڦسي ٿو يعني اڌو اڌ ٿئي ٿو، تڏهن درياءُ وري به جَرُ رهندو ۽ ڦوٽو ناپائيدار يا ناپيد ٿي ويندو ۽ پنهنجي اصل ۾ گم ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته گهڻن نالن جي رکڻ سان يا گهڻين ٻولين سان ڀلجي نه وڃ؛ هن جهان ۾ جيڪو هيءُ هُل آهي، سو سمورو هُلُ يعني سڄي مخلوقات جون ٻوليون تورڙي ٻيون عجائباتون يا بناوتون تون ڏسي رهيو آهين، سي سموريون الله ٿو ڏسي ته اُهي ساڳيون آهن. خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو اهي، سورت نور رڪوع 6:

اَلَمٌ تَرَ اَنَّ اللهَ يُسَبّحُ لَہٌ مَنٌ فِي السَّمٰواتِ وَالارضِ وَالطَّيٌرُ صٰفّٰتٍ کُلّءُ قَدٌ عَلِم صَلاَتَہٌ وَتَسٌبِيٌحَہٰ وَ اللهَ عَلِيٌمءُ بِماَ يَفٌعَلُونَ 

ترجمو: ڪه نٿو ڏسين تون خدا جون تسبيحون ٿا چون جيڪي آهن اُڀَن ۽ ڀُويُنِ ۾ ۽ پکي صفون ڪن ذڪر ۾ ۽ تسبيح ۽ ڄاڻي خدا جيڪي ڪن ٿا سڀن ٽولن جي ڄاڻي ٿو خدا تعريف اُوءَ سڀئي.

هاڻي هن آيت شريف ۾ به آهي ته جيڪي جهان ۾ يعني زمين ۽ آسمان ۾ شيون آهن، سي سڀئي انهيءَ هڪڙي الله سائينءَ جي تعريف ٿيون ڪن، جن کي ڄاڻي ٿو خدا اهي مڙئي شيون دلالت ٿيون ڪن انهيءَ واحد هڪڙي تي. بيت ۾ ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:

 

بيت

مِر ُئان موران مَاڻهئان پَکَڻَا وائِي  ٻي مَ ڀُلُ،

هُو هُولاچو هُلُ بِالله ِ سَندو سَڄڻن.

يعني آيت شريف جي مطلب وانگر ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي ته مِرن، مورن، پکين ۽ ماڻهن، مطلب ته سڀ صنعات جي ٻوليءَ ۾ يا وائيءَ ۾ اهو هُو وارو هل يعني منهنجي الله سائينءَ جي حمد ۽ تعريف جو لڳو پيو آهي. تون متان ڀُلجين؛ ڳالهه مڙيئي اها هڪڙي، منهنجي هڪڙي الله جي آهي. جڏهن طالب الموليٰ، جو توحيد ۾ مستغرق ٿئي ٿو، تڏهن سڀ ڪثرت ان کي نظر نٿي اچي ۽ سڀ مان ۽ سڀني جي چرپر يا ٻوليءَ مان ان کي توحيد نظر اچي رهي آهي، جيئن هن کان اڳ ۾ امام غزالي رحمة الله عليہ جي تقرير ۾ لکي چڪا آهيون.

هاڻي اسان جو حاصل مطلب هن تُڪ جو هئو، ته ”وحده جي وڍيا الا الله سين اورين“- يعني انهيءَ جو مطلب هن طرح آهي، ته جڏهن طالب الموليٰ کي توحيد ۾ مستغرق ٿيڻ سان ٻيا تعلق دنيا جا سڀئي قطع ٿي ٿا وڃن، يعني وحده- اُهو واحد وڍي ٿو ٻيا مڙيئي تعلق انهيءَ جا دنيا کان – ان جو مطلب ٿيو ته جيڪا به دنيا ۾ ڪثرت آهي، ان سموريءَ کان ان جو تعلق ڇڄي وڃي ٿو. پوءِ ان طالب جي ريجهه يعني او فقط انهيءَ هڪڙي واحد اِ الا الله سان ٿئي ٿي.

”وَحدَه جي وَڍيا اِلا اللهُ سين اوريِن“ بيت جي ٻي تُڪ آهي ته ”هِنيون حَقيِقَت گَڏيو طرَيقَتَ توريِن“ يعني هِنيون مِٿين توحيد جي حقيقت سان گڏجي وڃي ٿو، تڏهن اهي طالب موليٰ جا طريقت يعني شريعت جي مطابق اندروني سلوڪ جي واٽ تورين ٿا معنيٰ چاچين ٿا. شريعت ۾ ٿورڙو فرق آهي، سو هيءُ ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن وٽ مهمان ٿي ويو ۽ هن انهيءَ کي ماني آڻي ڏني، ته شريعت ۾ ان کي اها ماني کائڻ جائز آهي، پر طريقت جي صاحب کي نه، جو انهن جي پرهيز گاري وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ کي اها به جاچ ڪرڻي آهي، ته اها ماني حلال جو لقمون آهي يا حرام جو. جيڪڏهن حلال جو آهي ته کائي ۽ جي حرام جو آهي ته نه کائي. پر جي شبهي جو آهي ته به کائڻو ڪونه اٿس. شريعت واري کي جڏهن انهيءَ شبهي جو لاڙو گهڻو حلال جي پاسي نظر اچي، تڏهن ان کي کائڻ جائز آهي، نه ته شريعت ۾ به کائڻ جائز نه آهي.

بيت جي ٽين تُڪ ۾ آهي ته ”مَعرفِتَ جي مَاٺِ سِين ڏيساندَرُ ڏوريِن“. اها معرفت، جا سلوڪ جي راهه جي ٽين منزل آهي، جڏهن طالب موليٰ طريقت جي منزل طيءِ ڪري ۽ معرفت يعني سلوڪ جي ٽينءَ منزل ۾ داخل ٿئي ٿو، تڏهن ان کي ڏيساندر يعني تمام پرانهون ديس يا ولايت ڏورڻو ۽ ڳولڻو ٿو پوي. پر معرفت جو پهريون سبق ماٺ يعني صبر آهي. انهيءَ معرفت جي واٽ يعني الله تعاليٰ جي شناخت يا سڃاڻپ جي واٽ جو پهريون ڏاڪو يا درجو، صبر وارو ٿيڻ آهي. پوءِ انهيءَ صبر ۽ شڪر، جو صبر جو بنياد آهي، انهيءَ سان ٻيا ڏيساور يا ديس يا منزلون ماڻجن ٿيون، جهڙوڪ: توڪل علي الله، رضا، رجا، خوف، مجاهده، قناعت، فقر، زهد، تقويٰ. مطلب ته اهڙيون ڪئين منزلون ان کي جهاڳڻيون ٿيون پون، جن جو بيان ڪرڻ کان تمام گهڻو آهي ۽ هن ننڍي ڪتاب ۾ سمائجڻ جو نه آهي.

انهن مٿين منزلن جي بيان سان تصوف جا ڪتاب ڀريا پيا آهن. جهڙيءَ طرح ڪتاب ”احياء العلوم“ جلد چوٿون، امام غزالي رحمة الله عليہ جو تصنيف ڪيل، صفحو نمبر 2 کان 557 تائين، مٿي بيان ڪيل انهن رستن يا منزلن سان ڀريل آهي، جي معرفت جي صاحب کي سکڻ ۽ انهن تي هلڻ واجب آهي. اهي سڀ بيان معرفت جي صاحب جا، معرفت وارن جي لاءِ ئي ڪيل آهن، جن ڏانهن ڀٽائي رحمة الله عليہ اشارو ڪندي هن تُڪ ۾ فرمائي ٿو ته ”معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورين“ – يعني صبر سان اهي سڀ تڪليفون سر تي سهي مٿيون بيان ڪيل منزلون طيءِ ٿا ڪن ۽ معرفت جي منزل جو صاحب ظاهر ۾ سڃاڻپ ۾ ڪيئن اچي ۽ ان جي عادت ڪهڙيءَ طرح آهي؟ اها هن طرح آهي: ”ڪتاب بيان العارفين“ ۾ شاهه عبدالڪريم رحمة الله عليہ بلڙيءَ واري بيان فرمايو آهي ته صاحب معرفت جو اهو آهي جنهن سان جڏهن ڪو بڇڙائي ڪري ته ان جو بدلو ته نه وٺي، پر ان کي سندس ڪيل ڏوهه معاف به ڪري ڇڏي ۽ وري ان کي عطا به ڏئي. يعني ان سان ڀلائي به ڪري. اهو ڪم هڪ الله تعاليٰ جو ۽ ٻيو الله وارن جو آهي. جهڙيءَ طرح ڪتاب ”تذڪرة الاولياء“ ۾ شيخ عطار رحمة الله عليہ لکيو آهي ته: شيخ حسن بصري رحمة الله عليہ هڪ ڏينهن رستي ۾ قبرستان جي هڪڙي طنبور واري کي ڏٺو، جنهن کي چيائين ته تون هاڻي وڏيءَ عمر کي پهتو آهن، تڏهن به هن طنبور کي نٿو ڇڏين؟ تو کي ته هاڻي خدا تعاليٰ ڏي رجوع ٿيڻ گهرجي. تڏهن هو غصي ۾ ڀرجي ويو ۽ اهو طنبور شيخ صاحب کي مٿي ۾ هنيائين، جنهن جي هڻڻ سان شيخ حسن بصري رحمة الله عليہ جي مٿي مان رت نڪري پيو ۽ طنبور به ان جو ڀڄي پيو. پوءِ شيخ صاحب پنهنجيءَ جاءِ تي اچي پنهنجي نوڪر کي هڪڙو طباخ حلوي جو ڏنو ۽ اَٺ آنه به ڏنائين ۽ چيائينس ته هي انهيءَ طنبور واري ڏي کڻي وڃ ۽ کيس چئُه ته هيءُ مٺو حلوو کاءُ، ته تنهنجي غصّي جي ڪَوڙائِي لهي ۽ پئسن جو ٻيو نئون طنبور وٺ، جو تنهنجو زيان ٿيو آهي. جڏهن اهو نوڪر انهيءَ طنبور واري وٽ پهتو ۽ کيس شيخ صاحب جو نياپو ۽ حلوو ۽ پئسا ڏنائين،تڏهن هن کان اوچتو فرياد نڪري وئي ۽ غش ٿي ڪري پيو. هوش ۾ اچڻ بعد شيخ حسن بصري رحمة الله عليہ وٽ اچي توبہ تائب ڪيائين، ۽ هميشہ لاءِ انهيءَ توبہ تي قائم رهيو ۽ خدا تعاليٰ جي ياد ۾ رهي، خدا وارو ٿي پيو. شيخ حسن بصريءَ جو بڇڙي سان ڀلائي ڪرڻ ۽ هن کان انتقام نه وٺڻ، معرفت جي نشاني آهي، شيخ صاحب معرفت جو صاحب هئو، تڏهن ئي ايترو صبر ڪري سگهيو ۽ ان سان بڇڙائيءَ جي عيوض ڀلائي ڪيائين. سندس صبر جي برڪت سان انهيءَ فقير کي توبہ نصيب ٿي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو ته:

مَعٌرَفَتَ جي مَاٺِ سان ڏيسَاندَرُ ڏورِيٌنِ.

۽ تُڪ چوٿينءَ ۾ آهي:

سُک نه سُتا ڪڏهين ويهي نه ووڙين.

هن جو مطلب آهي ته جڏهن معرفت جي ٽين منزل سلوڪ جي ۾، طالب موليٰ جو مٿي بيان ڪيل وانگر ڏيهه پرانها يا ڏکيا ڏوري رهيو آهي، يعني توڪل،رضا، رجا، خوف، مجاهده، قناعت، فقر، زهد، تقويٰ وغيرهه جا ڏاڍا ڏکيا ۽ پرانها ڏيهه يعني جي اندر پنهنجي فڪر يعني خيال ۾ ڏوري رهيا آهن. انهن کي ايڏو ته عشق الله جو ۽ محبت وڌي ٿي وڃي، جو هو ڪڏهن سک ٿي نٿا سمهن ۽ اهڙي انهن کي بي آرامي ۽ بيقراري رهي ٿي، جو انهن کي ويهڻ به نٿو اچي ۽ هو پنهنجي فڪر ۾ ووڙي رهيا آهن، ان کي الله سائينءَ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ بيان فرمايو آهي ته:

اَلَّذِيٌنَ يَذٌڪُرُوٌنَ اللهَ قِيَاماً وَّ قُعُوٌدًا وَّ عَليٰ جُنَوٌبِهِمٌ وَيَتَفَڪَّرُوٌنَ فِيٌ خَلٌقِ السَّمٰواتِ وَاٌلاَرٌضِ رَبَّنَا مَا خَلَقٌتَ هٰذا بَاطِلاً   سُبٌحٰنَڪَّ فَقِنَا عَذَابَ النَّارِ 

ترجمو: ته جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنهنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آهن۽ آسمانن ۽ زمينن جي بناوت ۾ فڪر ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته اي اسان جا ربّ! هنن کي تو بي رٿو نه بنايو اٿئي، تو کي پاڪ ڄاڻون ٿا اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ.

هاڻي، هن آيت شريف ۽ بيت جي تُڪ جو ساڳيو مطلب آهي، ته اهي سک ٿي يعني غافل ٿي ڪونه سمهندا آهن، پر اُٿِئي ويٺي ۽ پاسي ڀر الله جي يادگيريءَ ۾ پنهنجي فڪر کي ڊوڙائيندا رهندا آهن. آيت شريف ۾ به ائين آهي ته جيڪي بيٺي، ويٺي ۽ پنهنجن پاسن ڀر الله جو يادگيروڪندا آهن، اهو اشارو پڻ الله جي يادگيريءَ ۾ فڪر ڪرڻ ڏانهن ئي آهي. اڳتي آيت شريف ۾ به انهن جو فڪر صاف ظاهر آهي ته هو آسمانن ۽ زمينن جي بناوت ۾ به فڪر ڪري رهيا آهن، جو اهو فڪر به عبادت آهي، جهڙيءَ طرح حضرت ابراهيم عليہ السلام فڪر ڪري پنهنجي ربّ واحد حقيقيءَ کي ڳوليائين ٿي ۽ چيائين ٿي ته هيءُ تارو منهنجو الله آهي. وري جڏهن اهو غائب ٿي پئي ويو، تڏهن وري چنڊ کي ڏسي چيائين ته هيءُ منهنجو ربُّ آهي. جڏهن اهو به لهي ويو، تڏهن چيائين ته اهي منهنجا الله نه آهن. منهنجو الله ته اهو آهي، جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته حضرت ابراهيم عليہ السلام به الله سائينءَ کي فڪر سان ٿي ڳوليو، جو اها به عبادت آهي. هاڻي اها عبادت، جيڪا فڪر جي آهي، سا سک ٿي سمهڻ سان نه ٿيندي ۽ اهو فڪر جو ووڙڻ، غافل ٿي ويهڻ سان نه ٿيندو. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته:

سُک ٿي نه سُمَهٌنِ ڪَڏِهِينٌ ويهي نه ووڙيٌنِ.

۽ پنجين تُڪ ۾ آهي ته:

ڪُلَهٌنِئو ڪورِيٌنِہ عَاشِقَ عبداللطيف چئي.

يعني الله جو عاشق، عبداللطيف ٿو چوي ته اهي سمهڻ ۽ ويهڻ جون تڪليفون ته بجاءِ خود، پر اهي عاشق الله جا پنهنجي سر ڏيڻ يعني ڪلهن تان سر ڪورڻ يا وڍڻ لاءِ به خدا جي راهه ۾ تيار آهن. هن بيت جي نالي واري تڪ ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جي شعر جي هيءَ به هڪ ڪاريگري آهي، جو ائين به هن جي معنيٰ ٿي سگهي ٿي ته جيڪي عاشق ٻانها الله جا آهن، اهي سر ڏيڻ يا ڪلهن تان ڪورڻ لاءِ تيار آهن. جيڪو الله ڪارڻ سر ڏيڻ لاءِ تيار آهي يا نيڪوڪار ٿئي الله تعاليٰ لاءِ، ان تي ڪو خوف يا ڏک نه آهي، جيئن ايندڙ بيت نمبر 11 ۾ ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي:

وَحٌدَهٗ جي وَڍِيَا، اِلَّا اللهَ اَڌَ ڪَيا،

مُحَمَّدُ رَسُولُ اللهِ چَئِي مُسٌلِمَانَ ٿِيا

عاشق عبداللطيف چئي انهيءَ پهه پسيا

تيلانَهُه ڌَڻِيءَ ڌُئَا جيلنهه وَحَدَتَ ويا گڏجي

هن بيت جو مطلب آهي ته اهي عاشق جڏهن وحدت سان گڏجي ويا آهن، تڏهن ڌڻي به يعني واحد وحدہ به انهن کي چونڊيو آهي. انهن کي وحدهٗ جي محبت واحد سان گڏيو آهي ۽ پنهنجي غير کان انهن جا تعلق وڍيا اٿس. ”وحدهٗ جي وڍيا الا الله اڌ ڪيا“- تڏهن الا الله واري سير انهن عاشقن کي اڌ ڪيو آهي، يعني انهن جي نفس جي سڌ ماري اٿئين. اڌ ڪرڻ مان مراد مارڻ به آهي، پر هِتي اهو نفس جو مارڻ آهي، ڇاڪاڻ ته الا الله جي سير جو بيان آهي ۽ الا الله اهو سير آهي، جنهن کي وحدهٗ يعني انهيءَ هڪڙي پنهنجي نفس يا دنيا کان تعلق وڍايا آهن. پوءِ اهو پورو مسلمان ٿيو. جڏهن مُحَمّد رسول الله جي کي مڃيائين يعني جيڪو پاڻ کي مسلمان ڪيو اٿئين، سو به الله ڪارڻ، يعني بغير رياءَ جي، جيئن خدا صاحب پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ سورة بقر جي چوٿين رڪوع ۾ فرمايو آهي ته:

فَاِمّا يَاٌتِيَنَّڪُمٌ سّيسّيٌ هُدًي فَمَنٌ تَسٌبِعَ هُدَايَ فَلَا خَوٌفُٗ عَلَيٌهِمٌ وَلَا هُمٌ يَحٌزَنُوٌنَ

ترجمو: جيڪو مسلمان ڪندو پاڻ کي خدا لاءِ ۽ نيڪوڪار هوندو پوءِ ان لاءِ آهي ثواب ان جو وٽ ربَّ پنهنجي ۽ نه آهي خوف انهيءَ تي نه اُهي ڏک وارا ٿيندا. مٿين آيت شريف ۽ انهيءَ بيت جو پڻ ساڳيو مطلب آهي. آيت ۾ آهي ته نه اهي خوف وارا ۽ نه ڏک وارا ٿيندا ڇاڪاڻ ته انهن مسلمان ڪيو آهي پاڻ کي خدا لاءِ. يعني نه ڪنهن لالچ لوڀ تي، نه ڪنهن دنيا جي ڪنهن تعلقات تي. بيت ۾ به ائين آهي ته جڏهن انهن جا تعلقات دنيا جي تعلقات کان وڍجي ٿا وڃن تڏهن الاّ الله واريءَ سير ۾ شروع ٿين ٿا ۽ پاڻ کي مسلمان ٿا ڪن. الله ۽ الله جي رسول محمّد ڪريم صلي الله عليہ وسلم کي مڃي، يعني ڪلمي شريف جا ٻه حصا آهن: پهرين حصي ۾ الله تعاليٰ جي هيڪڙائي توحيد بيان آهي. ٻئي حصي ۾ محمّد رسول الله جي رسالت جي شاهدي آهي. پهريون اڌ ڪلمي جو فقط لا اِلٰہ اِلا الله چوندڙ اڌ مسلمان ٿيو. جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو ته اِلاّ الله اڌ ڪيا. يعني اڌ مسلمان ٿيا، محمّد رسول الله چئي سڄا مسلمان ٿيا. پر انهيءَ پهه ۾ تڏهن پيا آهن، جڏهن کان وٺي وحدت سان گڏجي ويا آهن ۽ ٻيا تعلقات ڦٽا ڪيا اٿن. مسلمان ٿيا آهن، خدا جي راضپي ڪارڻ، تڏهن ڌڻيءَ به انهن کي چونڊيو يا ڌُئو آهي. ”تيلاهون ڌڻيءَ ڌُئا، جيلاهون وحدت ويا گڏجي“- اهو وحدت ۾ گڏجي وڃڻ، دل جو هڪڙو وڏو مقصد ٻنهي جهانن ۾ اَحٌسَنُ يعني چڱو ڀاڱو آهي. خدا تعاليٰ پنهنجي مهرباني ڪري جو اهو مقصد ڪنهن سڀاڳي کي شال نصيب ڪري! جهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ بيت نمبر 12 ۾ ٿو فرمائي ته:

وَحدهٗ جي وَڍِيَا ڪَيَا اِلاّ اللهُ اَڌَ،

سي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ ڪَنٌهينٌ اَڀاڳي نه ٿِئي

هن بيت ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ پنهنجو گهڻو شوق ڏيکاري رهيو آهي ته انهيءَ اِلاّ الله جي اڌ ڪيل طالب ۽ وحدهٗ جي وڍيل يعني جنهن جا وحدهٗ تعلق دنيوي ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو سر اِلاّ الله واري سير ۾ گم ڪيو اٿس، باقي هت ظاهري طرح ڌڙ يا جسم ٿو ڏسجيس، سو ڪنهن نڀاڳي کي اهڙو شوق يا عشق نه ٿيندو ۽ بخت وارو هميشہ اها سَڌ ڪندو رهندو ته مون تي به خدا سائين اهڙي مهرباني ڪندو رهي، جو پنهنجي ڌڙ کي ۽ ٻئي غير کي ڇڏي اِلاّ الله وارو سير ڪيان. وحدهٗ سان گڏجي وڃان ۽ وحدت کي ڇڏي جيڪو صوفي ڪثرت ڏي ٿو وري، سو گويا مخفي شرڪ ٿو ڪري، جو گناهه آهي، خدا صاحب شرڪ ڪرڻ کان گهڻين جاين تي قرآن شريف ۾ منع فرمائي آهي جيئن آيت شريف ۾ آهي ته: ”وَلَا تَڪُوٌنُوٌ مِنَ الٌمُشٌرِڪِيٌنَ نه ٿيو شرڪ ڪندڙن مان“ ۽ سورت مؤمنون جي چوٿين رڪوع ۾ آهي ته؛

وَ اِنَّ هٰذِهٖ اُمَّتُڪُمٌ اُمَّةءُٗ وَّاحِدَةءُ وَّ اَنَا رَبُّڪُمٌ فَاتَّقُوٌنَ

ترجمو: تحقيق هي دين اوهان جو هڪڙي توحيد آهي ۽ اُصول دين جا – آءٌ آهيان مالڪ اوهان جو پوءِ ڊڄو مون کان.

هنن آيتن سڳورين مان هيءُ مطلب حاصل ٿئي ٿو، ته دين اسان جو توحيد آهي ۽ الله تعاليٰ، جو ملڪ جو مالڪ آهي، ان کان ڊڄي اسان به توحيد جو سبق سکون، شرڪ نه ڪيون ته پوءِ خدا سائينءَ وٽ لڄي ۽ شرمندا نه ٿيون ۽ جتي خدا تعاليٰ فيصلو ڪندو ۽ اسان تي شاهد پڇندو، اتي ڳوڙها ڳاڙڻان ۽ روئڻو نه پوي. ڀٽائي صاحب پنهنجي رسالي جي بيت نمبر 13 ۾ ٿو فرمائي ته:

بيت

وَحَدهٗ لَاشَرِيٌڪَ لَہٗ ٻُڌُءِ نه ٻوڙا،

ڪر تو ڪَنينٌ نه سُئا گهَٽَ اَندَرِ گهوڙا،

ڳاڙيندين ڳوڙها جِتٌ شَاهِدَ ٿيندءِ سامُهَان.

هن بيت ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ادا طالب، ٻڌاءِ ته سهي ڀلا تون ٻوڙو آهين جو وحدهٗ لاشريڪ لہٗ يعني اهو هڪڙو جنهن جو ڪو به شريڪ يا ڀائيوار ڪنهن به ڪم ۾ نه آهي، ڪو نه ٻڌو اٿئي؟ ڇا، تو ائين ڪو نه ٻڌو آهي ته تو وٽ، تنهنجي اندر ۾ به هڪڙا گهوڙا يعني هاڃو ڪندڙ رهن ٿا؟ يعني نفس، حرص، شهواتون، جي نقصانڪار گهوڙا تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي اندر ۾ رهن ٿا، پوءِ جيڪڏهن تون وحدهٗ لاشريڪ لہٗ واري بات نه ٻڌندين ۽ گهٽ اندر گهوڙا، جيڪي نفس ۽ شهواتون اٿئي، انهن ڏي به خيال نه ڪندين يا انهن کان بچاءُ نه ڪندين ته پوءِ لڄي ٿي ڳاڙيندين ڳوڙها، اتي يعني قيامت يا فيصلي جي ڏينهن، جتي خدا تعاليٰ شاهد تنهنجي سامهان بيهاريندو، يعني منهان منهن روبرو ڪندو. ”تِتِ ڳاڙيندين ڳوڙها جِتِ شاهد ٿيندءِ سامُهان“. تنهن ڪري چڱو ائين آهي ته هيءَ دنيا طالب موليٰ لاءِ نفعي ۽ نقصان جي جاءِ آهي، سو هِتان نيڪ عمل ڪري تون اهو ويءُ يعني جُوءِ يا چراگاهه يا مَزي فرحت جي جاءِ خريد ڪري وٺ، ڪهڙو ويءُ؟ اهو وحدهٗ لا شريڪ وارو ويءُ، ته پوءِ پاڻهين اتي انهيءَ ۾ ويءَ جو مالڪ جام جنت جو ڀري چوندءِ ته پيءُ.

ايندڙ بيت نمبر 14 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:

بيت

وَحَدهٗ لَاشَرِيٌڪَ لَہٗ اِهو وهِائج ويِءُ،

کٽين جي هارائين ته هنڌ تنهنجو هيءُ،

پاڻان چوندءِ پيءُ ڀري جامُ جَنتَ جو.

هن بيت جو خلاصو آهي ته اي طالب موليٰ جا، اهو وهائج ويءُ، يعني اها خريد ڪج جُوءِ يا مَزي ۽ فرحت جي جاءِ، وحده لاشريڪ لہ آهي. اها هيڪڙائي، جنهن جو ڪو شريڪ نه آهي پر اهو هنڌ يا وَجههُ هيءُ اٿيئي-کٽڻ ۽ هارائڻ جو، يعني جيڪو توکي نيڪ عمل ڪرڻو اٿئي، سو هت ڪري وٺ جو هيءُ هڪڙو وَجههُ مليو اٿيئي حياتيءَ تائين ۽ ان کان پوءِ ڪجهه به ڪري نه سگهندين. سو هاڻي حياتيءَ ۾ ڪري وٺ ته پوءِ اتي جنت ۾ جام ڀري، يعني پيالو شراب محبت طهورا جو ڀري پاڻهين توکي چوندا ته پيءُ. خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام سورة حٰم سجده جي چوٿين رڪوع ۾ فرمايو آهي ته؛

اِنَّ الذِيٌنَ قَالُوٌ ا رَبُّنَا اللهُ ثُم اسٌتَقَاموٌ ا تَتَنَزَّلُ عَلَيٌهمِ ُالٌمَلائِڪَتُ اَلاَ تَخَافُو اٌوَ لاَتحزَنُوٌ وَاَبشِرُوٌ بِالٌجَنتِ التِيٌ ڪُنتُمٌ تُوعَدُوٌنَ

ترجمو: تحقيق جن چيو ته مالڪ اسان جو الله آهي پوءِ هميشگي ڪن ان تي نازل ٿين ان تي ملائڪ بشارت ڏيندڙ ته متان غم وارا ٿيو ۽ بشارت آهي اوهان کي بهشت جي سي نعمتون جي سڌ ڪندا جُسا اوهان جا ۽ ڏيندا اوهان کي بهشت ۾ مهماني آهي. بهشت خدا مرهيندڙ ۽ بخشيندڙ جو.

هاڻي هن آيت شريف جو ۽ انهيءَ مٿئين بيت جو مطلب ساڳيو آهي. آيت شريف ۾ خاص مطلب آهي ته جن هڪڙي الله کي پنهنجو مالڪ ڄاتو آهي هميشه، ته ان کي ملائڪ مبارڪ ٿا ڏين ۽ بهشت انهن لاءِ مهماني آهي. پوءِ مهمانيءَ منجهان جيڪي سندن جسا گهرندا ، سو ملندن. بيت ۾ به آهي ته؛” وَحَدهٗ لَاشَرِيٌڪَ لَہٗ اِهو وهِائج ويِءُ،“- يعني خريد ڪج ته پوءِ بهشت، جا مهماني آهي، بهشتن لاءِ خدا سائين معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ جي. اتان پاڻهين پيالو شراب محبت جو ڀري چوندءِ ته پيءُ. آيت شريف ۾ اڳتي آهي ته جنهن جو واعدو ڪيو اوهان سان نبين، ۽ اسين ملائڪ آهيون رفيق اوهان جا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ اوهان کي ڏيندا بهشت. تڏهن بيت ۾ به آهي ته اهي ملائڪ الله جا پاڻهين چوندءِ پيءُ ڀري جام جنت جو.

اي طالب موليٰ جا، حق يا سچ اها هڪڙي ڳالهه آهي ڪهڙي؟ وَحَدهٗ لَاشَرِيٌڪَ لَہٗ واري ويءَ انهيءَ هيڪڙائي کي ڇڏي جَنِ ٻيائيءَ يعني ڪثرت يا غير الله کي ٻَکُ يعني ڀاڪر وڌو، سي ڀُليا. جيئن ايندڙ بيت نمبر 15 ۾ ڀٽائي صاحب ٿو فرمائي ته:

بيت

وَحَدهٗ لَاشَرِيٌڪَ لَہٗ اِيءُ هيڪڙائي حَقُ،

ٻِيَائِي کي ٻُکُ جَن ِ وڌِو سي ورِسِيَا.

يعني اهي ڀُليا آهن، جيڪي ٻيائي يعني غير الله کي چنبڙي پيا آهن ۽ حق هيڪڙائي جو صاف ظاهر آهي ته وحدہ ُ لاشريڪ لہُ  يعني اهو هڪڙو جنهن سان ڪو ڀائيوار نه آهي. جيئن الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام جي سورة بقر جي ٻئي رڪوع ۾ فرمايو آهي ته، ترجمو: (پوءِ م جوڙيو واسطي الله جي شريڪن کي ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.) پوءِ جيڪي انهيءَ هڪڙي وَحَدهٗ لَاشَرِيٌڪَ لَہٗ ڏانهن رجوع ٿا ٿين ۽ انهيءَ ۾ فنا في الله واري درجي کي ٿا پهچن، تڏهن انهن کي يعني صوفين کي پنهنجي سر، ڌڙ، هٿن، پيرن ۽ آڱرين جي به خبر ڪانه ٿي پوي، ڇاڪاڻ ته هو وحدت سان گڏجي گم ٿي ٿا وڃن.

ايندڙ بيت نمبر 16 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:

بيت

سر ڍُونڍَيَان ڌَڙُ نه لَهان ڌَڙُ ڍُونڍِيَان سِرُنَاههِ،

هٿ ڪرايون آڱريون وِيَا ڪَپِجِي ڪَانٌهِه،

وحدت جي وِهَانءِ جي ويِا سي وَڍيِا.

يعني طالب موليٰ جو جڏهن وحدت ۾ مستغرق ٿئي ٿو ۽ ان کي ان مشاهدي جي خوشي ٿئي ٿي، تڏهن هن کي پنهنجي وجود سڄي يا ان جي ڪنهن ٽڪري جهڙوڪ هٿن، ڪراين ۽ آڱرين جي خبر ڪانه ٿي رهيس ته الائي ڪاڏي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن وحدت جي ديدار جي سالڪ کي خوشي حاصل ٿئي ٿي، تڏهن سڀئي ان جا عضوا ۽ حسون مُسخر بنجي وڃن ٿيون، يعني بي حس بنجي ٿيون وڃن. اهو آهي وحدت جو وهانءُ، جو حقيقي مزو ۽ لطف آهي. تنهنڪري سالڪ کي گهرجي ته ٻي سڀ ڳالهه ٻولهه کي ڇڏي ذڪر ڪري الله جو. جهڙي طرح ايندڙ بيت نمبر 17 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ مخاطب ٿي ٿو فرمائي ته:

بيت

توُن چؤ اللهُ هيڪڙو وَائِي ٻِيٌ مَ سِکُ،

سوئِي لِکيو لِکُ سچو اکَرُ مَنَ ۾.

هن جو مطلب آهي ته غير يعني الله کان سواءِ ٻيو سڀ ڪوڙ آهي. اهو ئي هڪڙو سچو اکر من ۾ الله هڪڙي وارو رک. من ۾ سِکُ ۽ لِکُ ۽ ٻيو وڌيڪ غير الله جي ڇيڙڇاڙ ۾ نه پئُه. اهڙي طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 18 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

عاشق چؤ مَ ان کي مَ ڪِي چؤ معشوق،

خَالَقُ چؤ مَ خام تُون مَ ڪِي چؤ مِخلوقُ،

سَلِج ِ تَنٌهَنٌ سُلوڪُ جو ناقِصائِي نِڱِيو.

ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته تون انهيءَ الله تعاليٰ جل شانہ کي مَ ڪي يعني نڪي، معشوق چئهُ، ڇاڪاڻ ته معشوق جي صفتن ۽ الله تعاليٰ جي صفتن ۾ وڏو تفاوت آهي، ڇاڪاڻ ته معشوق کائيندو پيئندو آهي ۽ ننڊ ڪندو آهي  ۽ معشوق پنهنجي عاشقن کي ڪڏهن ناراض به نه ڪندو آهي، پر الله سائين ائين ڪونه ڪندو آهي. هو پنهنجن عاشقن کي ناراض نه ڪندو آهي. الله تعاليٰ هر هنڌ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته جيڪي الله جا پيارا ۽ دوست آهن انهن جي لاءِ وڏو اجر آهي، عاشق به ان کي نه چئهُ، ڇو ته عاشق، معشوق جو محتاج ٿيندو آهي، پر الله تعاليٰ محتاجيءَ کان پاڪ آهي ۽ عاشق جي نظر ۾ معشوق پاڻ کان وڌيڪ نظر ايندو آهي ۽ انهيءَ تي عاشق ٿيندو آهي. الله سائينءَ کان ڪا شيءِ وڌيڪ نه آهي، جو ان تي عاشق ٿئي- نڪي ان کي مخلوق چئهُ، يعني اي طالب! ان کي مخلوق به نه چئهُ، ڇاڪاڻ ته ان کي ٻئي ڪنهن پيدا نه ڪيو آهي، پر تون خالق به نه چئهُ، ڇاڪاڻ ته تون خام يعني ڪچو آهين يعني ان خالق جي خالقائيءَ جي پوري ڄاڻ توکي جيستائين نه آهي، تيستائين تون هن کي خالق به نه چئهُ، ڇو ته هيءُ اهو خالق نه آهي، جيئن هڪ ماءُ پٽ کي ڄڻي ان جي پيدا ڪندڙ ٿئي ٿي. پر هيءُ اهو خالق آهي، جنهن عدم مان سارو جهان پيدا ڪيو آهي، يعني ناپيد مان پيدا ڪيو آهي ۽ جيئن ماءُ پٽ جي پيدا ڪرڻ يا ڄڻڻ واري آهي، پر حقيقي خالق انهيءَ ٻار ۽ ان جي ماءُ کي به هڪڙي ڪِني پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي ۽ انهيءَ ڪِني پاڻيءَ کي به ناپيد مان پيدا ڪيو اٿائين. ان خالق جي جيڪا تعريف سمجهڻ ۽ سوچڻ گهرجي، ان جي لائق سڃاڻڻ ۽ وڏائيءَ جي حق سڃاڻڻ جو لائق، اي سالڪ! تون نه آهين؛ تون اڃا خام يعني ڪچو آهين.

الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام سورة زمر رڪوع 7 ۾ ٿو فرمائي ته؛

وَمَا قَدَرُ واللهَ حَقَّ قَدٌرِهٖ واٌلارٌضُ جَمِيعٌاً قَبٌضَتُہٌ يَوٌمَ الٌقِيٰمَة وِاَلسَّمٰوَاتِ مُطٌلوِيّٰتءُ بِّيَمِينٌہٖ سُبٌحٰنَہ وَ تَعٰليٰ عَمَّا يُشٌر ِڪِوٌنٌ 

ترجمو: ۽ نه سڃاڻن ماڻهو خدا سائينءَ جي وڏائيءَ کي حق سڃاڻن جو ۽ زمين هوندي خدا جي مُٺِ ۾ ڏينهن قيامت جي ۽ آسمان مڙئي ويڙهيل هوندا منجهه هٿ خدا جي. پاڪ آهي خدا ۽ مٿانهون آهي خدا، ڪنان شريڪن اوهان جي.

هاڻ هن آيت شريف جو مطلب پورو ۽ صاف ظاهر آهي ته خدا سائينءَ جي وڏائي سڃاڻڻ جو پورو حق ماڻهو نٿا ڄاڻن، ڇاڪاڻ ته آيت شريف ۾ آهي ته خدا تعاليٰ جي هٿ ۾ سڄي زمين ۽ آسمان ويڙهيل هوندا ڏينهن قيامت جي- پر اڳتي آيت شريف ۾ آهي ته خدا پاڪ آهي ۽ مٿانهون آهي. ڇا کان؟ هٿن کان؛ خدا سائين پاڪ آهي، يعني ائين نه چئو ته خدا کي هٿ آهن. اهي ڪهڙا هٿ آهن ۽ ڪيئن آهن؟ تهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به ٿو فرمائي نه تون خالق نه چئهُ، ڇاڪاڻ ته تون ان جي خالقائيءَ جي سڃاڻڻ جو پورو حق نٿو ڄاڻين؛ اهو حق اهي ٿا ڄاڻن، جي صاحب سلوڪ جا آهن ۽ صوفي آهن، تنهنڪري هيءَ ڳالهه سلوڪ واري به انهيءَ سان سَلَج، يعني سچي ڪج، جيڪو نقص کان ڇٽل هجي. مطلب ته هن ٿورڙيءَ ۽ نقصان واري سمجهه کان نڪتل، ڇٽل ۽ آزاد هجي، يعني ڪامل هجي.

”سَلِج َ تَنهٌنِ سُلوڪُ جو نَاقَصائِي کان نِگِيو“ انهيءَ بيت ۽ آيت شريف جي مطلب سمجهائڻ لاءِ هڪڙو نقل ڪري سمجهائي ٿو. نقل هيئن آهي: ڪتاب”تذڪرة الاولياءَ“ ۾ شيخ عطار رحمة الله کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن شيخ جنيد بغدادي رحمة الله هڪ شخص کي ذڪر ڪندو ڏٺو، جيڪو ”الله جل جلالہ“ جو ذڪر ڪري رهيو هو. شيخ صاحب چيس ته تون اهو ذڪر خدا تعاليٰ کي حاضر ڄاڻي ٿو ڪرين يا غائب؟ هو ويچارو جواب ڏئي نه سگهيو. تڏهن شيخ جنيد رحمة الله عليہ چيس ته جيڪڏهن کيس حاضر ڄاڻين اهڙو ذڪر ڪرين ٿو، ته ادب جي خلاف ٿو ڪرين ۽ جي غائب ڄاڻي ٿو ڪرين ته گلا جو باعث ٿو بڻجين. هاڻي هن نقل جو مطلب آهي ته ذڪر ڪندڙ پنهنجي ذڪر ۾ الله تعاليٰ جي جلال، يعني ڪاوڙ جو بيان پيو ڪري. تڏهن شيخ صاحب اڻ سڌيءَ طرح منع فرمايس ته تون انهيءَ جل جلالہ جي لفظ جي پوريءَ طرح معنيٰ نٿو ڄاڻين، تنهنڪري روبرو خدا صاحب کي چوڻ ته تون جلالي آهين يعني ڪاوڙ وارو آهين، ته اهو گويا ادب جي خلاف آهي ۽ سندس شان ۾ بي ادبي آهي. جي مشاهدي جو مالڪ نه آهين ۽ الله تعاليٰ کي غائب ڄاڻي جل جلالہ جو لفظ ٿو چوين ته گويا پرپٺ اهڙا لفظ چوڻ ته الله تعاليٰ ڪاوڙيل آهي، ته گلا ٿو ڪرين، جو انهيءَ واحد القهار جي انهيءَ قهاري صفت جي سڃاڻڻ جو حق نٿو سڃاڻين ته هو ڪيئن قهار آهي؟ سندس قهر ڪنهن تي آهي ۽ ڪڏهن آهي؟

نوٽ: هن بيت نمبر 18 جي تقرير ساڳئي نموني ۽ مضمون تي حضور ڪريم صلي الله عليم وسلم جي شان ۾ جي لکي وڃي، تڏهن به ٿي سگهي ٿو ۽ تمام سٺو ٺهندو، ڇو ته بيت ۾ جيئن آهي ته عاشق معشوق ۽ خالق مخلوق نه چئُه تون، تيئن برابر آهي، اسان، عام ماڻهو حضور جن جو شان پوريءَ طرح نه ٿا ڄاڻون. انهن کي سندن شان ۾ گستاخي ڪرڻ جوحق نه آهي، ڇو ته اسان جي ڄاڻ کان سندن شان مٿي آهي ۽ عام عاشق ۽ معشوق، مخلوق کان وڌيڪ آهي. پر تون نه چئهُ ۽ اڃا به وڌائي خالق جو شان به نه چئهُ، تون نه چئُه.

اهڙي طرح هيءُ بيت حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي شان ۾ به ٺيڪ پورو آهي پر اسان هن بيت کي توحيد ۾ بيان ڪيو آهي- ۽ اهي رمزون ۽ مامون اهي سالڪ ۽ سالم صوفي ڄاڻندا، جيڪي نقص کان ڇٽل هوندا ۽ جن جي دل جو لاڙو، سواءِ انهيءَ وحدت يعني ڪُل جي جز ڏي نه هوندو ۽ سڀ ڪجهه انهيءَ ڪُل کان ڀائيندا ۽ حق حقيقيءَ جو هڪڙو ڀائيندا. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 19 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

وَحَدَ تان ڪَثرتَ ٿِئي ڪَثرتَ وَحَدتَ ڪُلُ،

حَقُ حقِيقيٌ هيڪِڙو ٻولِي ٻِي مَ ڀُلُ،

هُو هُولاچو هُلُ بِاللهِ سَنٌدو سَڄَڻينٌ.

هن بيت جي معنيٰ هن کان اڳ ۾ پهرين بيتن جي معنيٰ ۾ مثال طرح آڻي پيش ڪري چڪا آهيون. هتي فقط نمبر بيت جي اچڻ سبب ڪجهه معنيٰ ڪجي ٿي ته جيڪا هيءَ گهڻائي جهان ۾ ڏسي رهيو آهين، يعني ڪثرت ڏسي رهيو آهين، اها پاڻ اصل وحدت کان آهي. پر اها ڪثرت وحدت ڪُل يعني هڪڙي شيءِ آهي: حق حقيقي هيڪڙي جو هڪڙو آهي، ٻولي ٻي مَ ڀل يعني مختلف ٻولين ۽ نظارن ته ڀلجي نه وڃ. ”ٻولي ٻي مَ ڀُلُ“، جهان ۾ اهو سڄو جيڪو هل آهي، سو هُو يعني انهيءَ هيڪڙي جو آهي. اهو سندس شان ۽ وڏائي آهي، جيئن سورة نور ۾ آهي ته ترجمو: ڇا، نه ڏسين ٿو تون ته خدا جون تسبيحون ٿا چون اُڀَنِ ۽ ڀُونِيُن ۾، يعني آسمانن ۽ زمين ۾ - سڀني ٽولن جي ڄاڻي ٿو خدا تعريف ۽ تسبيح ۽ ڄاڻي ٿو خدا سائين سڀئي، جيڪي ڪن ٿا. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 20 ۾ ٿو فرمائي ته:

بيت

مِرُوانَ مورُئَان پَکَڻَانٌ وائِي ٻِيٌ مَ ڀُلُ،

هُو هُولاچو هُلُ بِاللهِ سَندو سَڄڻين.

ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته مون کي قسم آهي الله تعاليٰ جو ته هيءُ جيڪو به هل آهي مرن، مورن ۽ پکين جو، سو سڀئي انهيءَ مالڪ جو آهي. هن بيت جو انهن سڀني ڳالهين ڏانهن اشارو آهي ته جيئن حضرت سليمان عليہ السلام ۽ ڪِولَ (ماڪوڙيءَ) جو سورت النمل ۾ بيان آهي ۽ هد هد پکيءَ جي ڳالهائڻ جو بيان آهي ۽ بگهڙ جو حضرت يعقوب عليہ السلام سان ڳالهائڻ جو قرآن شريف جي تفسير ۾ بيان آهي. ڪهڙي طاقت هئي ڪِولِ کي، جو حضرت سليمان عليہ السلام کان ڳالهائڻ ۽ عقل ۾ وڌي وڃي ۽ ڪهڙي هد هد پکيءَ کي طاقت هئي، جو حضرت سليمان عليہ السلام جي نظر ۽ خبر کان وڌيڪ خبر رکي ها، جو بيبي بلقيس رضي الله عنها جي خبر حضرت سليمان عليہ السلام کي ٻڌايائين! يا ڪهڙي خبر هئس ته پاڻي ڪٿي مٺو آهي، جو مٺي پاڻيءَ جي لاءِ پنهنجي چهنب جو نشان ڪندو هو ته هِتي کوٽيو ته پاڻي مٺو نڪرندو. ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهن ڳالهين (۽ ٻين گهڻين ڏانهن، جيڪي هِتي گهڻي ڊيگهه سبب آڻي نٿيون سگهجن) ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو آهي، ته ”مِرُوانَ مورُئَان پَکَڻَانٌ وائِي ٻِيٌ مَ ڀُلُ،“ يعني مِرُونءَ جو اشارو بگهڙ جي ڳالهائڻ ڏانهن آهي، جو حضرت يعقوب عليہ السلام کي چيائين ته اسان مِرُن تي نبين سڳورن جو گوشت کائڻ حرام آهي ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام پڇيس ته ڀلا يوسف عليہ السلام ڪاڏي ويو؟ چيائين ته چغلي ڪرڻ گناهه آهي، اهڙي طرح موران لفظ جو ڪِول ڏانهن اشارو آهي، جنهن کي حضرت سليمان عليہ السلام چيو هو ته مون کي نصيحت ڪر. جنهن تي ڪِولِ چيس ته تو مان به حسد جي بانس ٿي اچي. چيائينس ته ڪيئن؟ ڪِولِ چيو ته تو خدا صاحب کان دعا ائين گهري هئي ته مون کي اُها بادشاهي ڏي، جا ٻئي کي نه هجي. (هيءُ اشارو سورة صَ ۾ آهي) انهيءَ مان حسد جي بوءِ ٿي اچي. جيڪڏهن ٻئي کي اهڙي بادشاهي ملي ها، ته تنهنجو ڇا گهٽ ٿئي ها؟ وري حضرت سليمان عليہ السلام چيس ته تون ڏاڍي ڏاهي ٿي ڏسجين. تنهن تي ڪِولِ جواب ڏنو ته ائين نه آهي ته عقل رڳو تو تي پورو ٿي ويو ۽ ٻيو ڪجهه به ان مان نه بچيو، جو ٻئي کي ملي.

اهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته اهو جيڪي انهن جو ڳالهائڻ هئو، سو انهيءَ سڀ جي مالڪ جو هئو، پر ظاهر ۾ ٻولي مروان، پکڻان، موران، يعني بگهڙ، هد هد ۽ ڪِولِ جي هئي، تنهنڪري جيڪڏهن توکي ڪا عجائبات ڏسڻ ۾ اچي يا ٻولي ٻي ٻُڌين ته انهيءَ تي ڀُلجي نه وڃ. اهو سڀڪجهه هو هولاچو هُلُ بِالله يعني الله ٿو ڏسي ته انهيءَ جو آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ بيت نمبر 21 ۾ ٿو فرمائي ته:

بيت

چؤ تُون اللهُ هيڪِڙو ٻِي وائِي وسِاري ڇَڏِ،

اَو ٌ تَان تَوسِين گَڏُ سَڄڻُ ساههَ پَساههَ ۾.

خلاصو مطلب ته شاهه صاحب ٿو فرمائي ته ٻي وائي يعني ٻولي غير جي وساري ڇڏ؛ تون اهو هڪڙو الله چئهُ، جيڪو توسان گڏ ساهه پساهه ۾ موجود آهي ۽ تنهنجو سڄڻ هر ڪم ۾ مددگار ۽ سنڀال لهندڙ آهي. مطلب ته هر ڳالهه ۾ تنهنجو سڄڻ آهي ۽ تنهنجي سڄياڻي يعني سڻائيءَ ۾ آهي ۽ تو سان گڏ آهي. جيئن خدا سائين پنهنجي پاڪ ڪلام جي سورت طٰہٰ جي رڪوع ٻئي ۾ فرمايو آهي؛

قَالَ لاَ تَخَافَا اِنَّنِيٌ مَعَکُمَا اَسٌمَعُ وَ اَر َاي

ترجمو: نه ڊڄو، آءُ گڏ آهيان اوهان سان ٻُڌان ۽ ڏسان ٿو.

هن آيت شريف جي معنيٰ مان صاف ظاهر آهي، ته الله سائين پنهنجن ٻانهن سان گڏ آهي ۽ جتي ڪٿي ٻُڌي ۽ ڏسي ٿو ۽ غير الله کان ڊڄڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو هڪڙو تنهنجو سڄڻ توکي ڪافي آهي، انهيءَ ڪري ٻي وائي وساري ڇڏ. تون هڪڙو الله چئهُ، يعني تون سَڏ به انهيءَ هڪڙي کي. تڏهن شاهه صاحب رحمت الله عليہ ٿو فرمائي ته تون به، اي سالڪ! ٻي وائي وساري الله هيڪڙو چئهُ ۽ ان جو ذڪر هميشه ڪندو رهه. جيئن ايندڙ بيت نمبر 22 ۾ ڀٽائي صاحب رحمت الله عليہ ٿو فرمائي ته:

بيت

چَئِي تُون اللهُ هيڪِڙو وائِي ٻِيٌ وسِاَرِ،

تَن ۾ تَندُ تَنٌوارِ سَداَ سُپيريَن جِي.

يعني ٻي وائي وسار يعني ٻئي سموري غير جي پچر اها ڳالهه وسار ۽ تون هڪڙو الله چئهُ، يعني انهيءَ ذڪر الله جي ۾ پنهنجي تن ۾ اندر تَند تنوار يعني قَلبُ چورِ، سدا سپرين جي،يعني هميشه انهيءَ پرينءَ يا پياري جي پچر ۾ رهه ته پوءِ توکي پاڻهين انهيءَ جل جلالہ جي جمال يعني حُسن ڪمال ۽ توکي پنهنجي خيال ۽ حال جي خبر پئجي ويندي. ڀٽائي صاحب رحمت الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 23 ۾ فرمائي ٿو ته:

بيت

پَاڻَهِين جَل جَلاَلَہ پَاڻَهيِن جَانِ جَمَالُ،

پَاڻَهِين صُورَتَ پِريٌن جي پِاڻَهِين حُسُنُ ڪَمالُ،

پَاڻَهيِن پِيرٌ مُريِدُ ٿِئي پَاڻَهِين پَاڻَ خيِالُ،

سِڀُ سَڀوئِي حالُ مَنٌجهَان ئِي مَعٌلُومُ ٿِئي.

يعني هاڻي جڏهن غير الله جي وائي وساري تون انهيءَ هڪڙي الله جي ياد ۾ فنا في الله کي پهچي ويندين، تڏهن پاڻهين توکي انهيءَ جل جلالہ جي جمال ۽ حُسن ڪمال جي خبر پوندي ته انهيءَ جي صورت قدرتي کان سواءِ، ٻيو ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ايندءِ ۽ سالڪ يا صوفي ائين پيو ڀائيندو ته جيڪي جهان ۾ آهي، پِير آهي، مريد آهي، پاڻ آهي يا پنهنجو خيال آهي. سو سڀ انهيءَ کان اهو آهي۽ سڀ سالڪ نٿو چوي پر سالڪ جي اندر منجهان کيس ائين معلوم ٿيندو آهي. پر انهن خاص ڳالهين کان سواءِ، عام ماڻهن جون جيڪي هيءُ ٻيون ڳالهيون آهن. جهڙوڪ مجازي حاڪم يا سلطان يا انهيءَ جو قاصد، يعني انهيءَ جو نياپي آڻيندڙ يا بيمار جي سنڀال لهندڙ پاڻ يا ان کي سڃاڻندڙ يا چڱي شيءِ جو طلبيندڙ، سڀڪجهه انهيءَ سالڪ کي معلوم ٿيندو ته اهو آهي ۽ انهيءَ کان آهي. ڀٽائي صاحب رحمت الله عليہ ايندڙ بيت نمبر 24 ۾ ٿو فرمائي ته:

بيت

پاڻهين ڏِئي سَنيهَڙا پَاڻَهِين ئي سُلطَانُ،

پَاڻَ ڪَرَ پَاڻ َ لَهي پَاڻُ سُڃاڻي پَاڻُ.

بيت

پاڻهين پسي پاڻ کي پاڻهين محبوبُ،

پاڻهين خلقي خوبُ پاڻهين طالب تَن َ جو.

يعني عام ماڻهن جون اهي ڳالهيون به سڀ انهيءَ کان آهن، جو جنهن کي بيمار ڪري ٿو، اهو به پاڻ آهي. انهيءَ جي ”ڪَرَ“ يعني خبر يا سنڀال به پاڻ لهندڙ آهي.” پَاڻَ ڪَرَ پَاڻ َ لَهي پَاڻُ سُڃاڻي پَاڻُ.“- پاڻ کي سُڃاڻائيندڙ به پاڻ آهي. چڱي شيءِ کي خلقي به پاڻ ٿو- پاڻهين خلقي خوبُ ۽ پاڻهين ان جو طالب آهي ۽ پاڻ کي سڃاڻي به پاڻ ٿو،مطلب ته منهنجو پيارو محبوب پاڻ آهي. انهيءَ بيت جي مطلب ته شاهه صاحب عبدالعزيز دهلوي کان نقل ڪيل آڻجي ٿو.

ڪتاب”جديد قصص الانبياءِ“ ۾ آهي ته حضرت دائود عليہ السلام زِر ِهُون جوڙي، وڪڻي، اُن تي پنهنجو ۽ پنهنجي عيال جو گذران ڪندو هو. هڪڙي ڀيري هو هڪ زرهه کڻي کپائڻ ويو، پر اها ڪانه کتيس. حضرت دائود عليہ السلام گهر جي ڀاتين جي پڇڻ تي چيو ته زرِهه اڄ نه کتي آهي؛ سڀاڻي وڪڻي اَنُ وٺي ايندس. پوءِ ڪيترا ڏينهن زرهه کپائڻ ويو پر زرهه نه کپي ۽ عاجزُ ٿيو. تڏهن زاري ڪيائين خدا تعاليٰ جي درٻار ۾، پوءِ الله پاڪ فرمايس ته مٿي ڏس! مٿي ڏٺائين ته سندس کپايل پهريون زرهون عرش عظيم جي ڪُنگرن تي رکيون هيون. تڏهن الله سائينءَ فرمايس ته خريد وارو به مان آهيان ته فروخت وارو به مان آهيان، پر اوهان جو گمان مخلوق ڏانهن آهي.

هاڻي هن نقل مان ظاهر آهي ته لوهه ميڻ وانگر نرم به خدا تعاليٰ حضرت دائود عليہ السلام لاءِ ڪيو هو، جو بنان باهه جي تپائڻ جي، لوهه منجهان زرهون ٺاهيندو هئو ۽ وري انهن جي کپائڻ ۽ خريد ڪرڻ وارو به پاڻ هو. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمت الله عليہ مٿئين بيت ۾ فرمايو آهي ته:

پَاڻهين خَلقِي خُوبُ، پَاڻَهِين طَالِبُ تَنِ جو.

ان مان صاف معلوم ٿيو ته طالب موليٰ کي جيڪو ڏک سک پهچي ٿو، سو خاص خدا تعاليٰ کان آهي؛ اهو ئي نفعي ۽ نقصان پهچائڻ وارو آهي؛ چڱو ۽ بڇڙو سڀ انهيءَ کان آهي. جيئن ” وَالقَدٌرِ خَيٌرمِ وَ شَر ہِ مِن َالله تَعاليٰ- ۽ تقدير چڱي ۽ بڇڙي سڀ الله تعاليٰ کان آهي.“ جڏهن ڪنهن به طالب موليٰ کي نعمت الاهي پهچي، تڏهن کيس پنهنجي مالڪ حقيقي جو شڪر گذار رهڻ گهرجي ۽ انهيءَ نعمت کي ڪنهن ٻئي ڏانهن منسوب نه ڪري ۽ ڪفر نعمت جو نه ڪري. ان جو مثال هن طرح آهي، جنهن جو خاص مطلب هن ڳالهه تي منحصر آهي، جو مختصر طور بيان ڪجي ٿو، جيئن آدميءَ تي هيءُ امر ظاهر ٿي وڃي ته فاعل سواءِ خدا تعاليٰ جي ٻيو ڪوئي نه آهي ۽ جيڪي به شيون موجود آهن، يعني خلق، رزق، بخشش، نه ڏيڻ، موت، حيات، تونگري، مفلسي وغيره، جن کي ڪهڙي به نالي سان کڻي سڏي، ان جو موجب ۽ مبدع ۽ مخترع الله تعاليٰ ئي آهي ۽ ڪوئي به ان جو شريڪ نه آهي. جڏهن آدميءَ تي هيءَ ڳالهه کلي ويندي ته پوءِ اهو ڪنهن ٻئي ڏي نه ڏسندو، بلڪه خدا تعاليٰ کان ئي ڊڄندو ۽ ان تي ئي ڀروسو ڪندو ۽ ان تي ئي اعتماد ڪندو ۽ توڪل ڪندو. انهيءَ واسطي جو سڀني ڪمن ڪرڻ وارو ته فقط اهو ئي هڪڙو ۽ ٻيو ڪوئي نه آهي ۽ ٻيو سڀڪجهه، جيڪي ان کان سواءِ آهي، سو سڀ مسخر آهي، حتيٰ ڪه هڪ ذرو به آسمانن ۽ زمينن جي وچ ۾ ڪو چوري نٿو سگهي. انهيءَ هڪڙي کان سواءِ ۽ جڏهن باب مڪاشفه جو آدميءَ تي کُلي وڃي ٿو، تڏهن هيءُ ڪم يا امر انهيءَ کي اک جي ڏسڻ کان به وڌيڪ ظاهر ٿي وڃي ٿو.

هاڻي ڄاڻڻ گهرجي ته ان توحيد کان آدميءَ کي شيطان اهڙيءَ جاءِ تي ڀلائيندو آهي، جتي انسان جي دل تي ڪجهه گڏيل شرڪ جو اثر ٿئي. اهو ڪيئن؟ ان جا ٻه نمونا آهن: هڪڙو حيوانات جي وَسَ ڏي لاڙو ڪرڻ، ٻيو جَمادات ڏي لاڙو ڪرڻ- جمادات  ڏي لاڙي ڪرڻ سان شرڪ ڪيئن ڪرائيندو آهي؟

مثال: آدمي پوک جي ڄمڻ جو مينهن تي اعتماد ڪري ۽ مينهن جي وسڻ جو ڪڪرن تي ۽ ڪڪرن جي گڏ ٿيڻ جو سرديءَ تي ڀروسو ڪري ۽ ٻيڙيءَ جي سلامت رهڻ ۽ هلڻ جو هوا تي ڀروسو، يعني اعتماد ڪري. هيءُ سڀ ڳالهيون توحيد جي باب ۾ شرڪ آهن ۽ حقيقت جي امور کان جهالت جو دليل آهن. يعني ماڻهو انهيءَ ڳالهه جي حقيقت کي نٿا ڄاڻن ۽ انهيءَ کان اڻ ڄاڻائي ثابت آهي. يعني جو انهيءَ حقيقت کي نٿو ڄاڻي، سو حقيقت جو صاحب نه آهي. انهيءَ واسطي الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي ته:

فَاذِاَ رَڪِبُوٌ فِي الٌفُلٌڪِ دَعٌوُ ا اللهَ مُخٌلَصِيٌنَ لَہُ الدِّيٌنَ فَلَمَا نَجّٰهُمٌ اِلَي الٌبَر ّ ِ اِذاهُمٌ يُشٌرڪُونَ 

ترجمو: پوءِ جڏهن سوار ٿئي ٻيڙيءَ ۾، پڪارڻ لڳي الله تعاليٰ کي نرميءَ سان خاص ڀروسو رکي- پوءِ جڏهن بچايو وڃي ان کي زمين جي طرف، ان وقت شرڪ ڪرڻ لڳي.

ان جي معنيٰ ۾ ڪي تفسير وارا هيئن ٿا فرمائين ته: ٻيڙيءَ جا سوار چوندا آهن، ته جيڪڏهن هوا سڻائي نه لڳي ها ته اسان نه بچون ها ۽ جنهن شخص تي علم جو پورو حال ظاهر ٿيو آهي، اهو ڄاڻندو آهي ته هوا موافق به هڪ هوا آهي ۽ هوا پنهنجو پاڻ کان نٿي هلي، جيستائين ان کي ڪو چورڻ وارو نه آهي. اهڙيءَ طرح ان جي چورڻ لاءِ ڪو ٻيو چوريندڙ آهي، ايستائين جو اهو سلسلو پهرين چوريندڙ تائين پهچي، جنهن جو چوريندڙ ٻيو ڪوبه ڪونهي ۽ نه اهو بذات خود چُريل آهي. پوءِ ڇوٽڪاري جي باب ۾ بندي جو هوا جي طرف لاڙو آهي.

مثال: جهڙيءَ طرح ڪنهن خوني شخص کي پڪڙيو وڃي ۽ بادشاهه ان جي ڇوٽڪاري ۽ ڏوهه جي معافيءَ جو حڪم لکي ڏئي ۽ اهو شخص مَس ڪُپڙيءَ، ڪاغذ ۽ قلم کي، جنهن سان حڪم لکيو ويو آهي، ياد ڪري ۽ چوي ته جيڪڏهن قلم نه هجي ها، ته مان نه بچان ها ۽ پنهنجو ڇوٽڪارو قلم کان سمجهي ۽ جنهن هستيءَ قلم کي هلايو، انهيءَ کان نه سمجهي ته پوءِ هيءَ نهايت درجي جي جهالت آهي. پر جيڪو شخص ڄاڻي ته مون کي قلم ڪوبه حڪم ڏئي نٿو سگهي، بلڪ اهو ڪاتب جي هٿ ۾ مُسَخَرٌ هوندو آهي ته پوءِ اهو ماڻهو قلم جي طرف ڏانهن لاڙو نه ڪندو، يعني قلم کان پنهنجو نفعو نقصان نه ڀائيندو ۽ هو سواءِ ڪاتب جي، ٻئي ڪنهن جو شڪر گذار نه ٿيندو. پر بعضي وقتن تي ڇوٽڪاري جي خوشي ۽ بادشاهه جي شڪر گذاريءَ ۾ دل تي قلم ۽ مس وغيره جو خطرو به نه هوندو. پوءِ سج، چنڊ، تارن ۽ مينهن،ڪڪر، زمين ۽ هر هڪ حيوان ۽ پٿر وغيره، سڀ خدا تعاليٰ جي قبضه قدرت، يعني وسَ ۾ اهڙيءَ طرح مُسخر آهن، جهڙيءَ طرح ڪاتب جي هٿ ۾ قلم! بلڪ هيءُ مثال به رڳو سمجهائڻ جي واسطي ڏنو ويو آهي ته ماڻهن جو اعتقاد ائين آهي ته حڪم بادشاهه لکندو آهي پر در حقيقت ڪاتب خود الله تعاليٰ آهي. مطلب ته فاعل الله آهي، جيئن خدا سائينءَ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي:

وَمَا رَمَيٌتَ اِذٌ رَمَيٌتَ وَلٰڪِنَّ اللهَ رَمَيٰ

ترجمو: ۽ تو نه اڇلائي مُٺ خاڪ جي، جنهن وقت اڇلائي ٿو، پر الله اڇلائي.

پوءِ جڏهن آدميءَ تي اها ڳالهه کُلي ٿي وڃي ته سڀ شيون آسمان ۽ زمين جون اهڙيءَ طرح مسخر آهن ته پوءِ شيطان ان کان نااميد ٿيندو آهي ته هاڻي هن جي توحيد ۾ جمادات جو شرڪ ته نٿو ملائي سگهان. مگر ٻيءَ صورت سان وري پيش ايندو آهي، يعني التفات حيوانات يعني حيوانات جي اختيار يعني وس وڏي لاڙو ڪرائيندو آهي، يعني هو ماڻهوءَ يعني حيوانات دل ۾ وس جو خطرو يا وِسوِسو وجهندو آهي ۽ چوندو آهي، ته سڀئي ڳالهيون الله جي طرف کان ڪيئن ٿو اعتقاد ۾ آڻين؟ ڏس ته فلاڻو شخص پنهنجي هٿ وس کان تو کي رزق ڏيندو آهي، هاڻي جيڪڏهن اهو وڻيس ته تو کي ڏئي ۽ نه وڻيس ته تو کي نه ڏئي. جهڙيءَ طرح بادشاهه جي اختيار ۾ آهي يعني وَسِ آهي، جو وڻيس ته تنهنجي سِسِي ترار سان اُڏائي ڇڏي، ۽ وڻيس ته معاف ڪري ڇڏي. ته پوءِ انهيءَ بادشاهه کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اميد به رکڻ گهرجي، ڇو جو تون ان جي وس ۾ آهين ۽ هيءُ ڳالهيون تون اکين سان به ڏسي رهيو آهين ۽ ان ۾ ڪو شڪ به نه آهي ۽ هيئن به چوندو آهي ته جيڪڏهن تون قلم کي ڪاتب نٿو ڄاڻين، انهيءَ سبب کان جو هو ويچارو ڪاتب جي هٿ وس ۾ آهي، ته ڀلا ڪاتب ته ان کي پنهنجي اختيار ۽ ارادي موجب پاڻ لکندو آهي، پوءِ انهيءَ کي ڀلا تون ڪاتب ڇو نه ٿو ڄاڻين؟ پوءِ شيطان جي اهڙي خطري يا وسوسي وجهڻ تي ماڻهن جا پير لڏي ويندا آهن، سواءِ الله تعاليٰ جي خاص ٻانهن جي، جن تي شيطان مردود جو ڪو به وس نه هلندو آهي. اهي ماڻهو البت، روشن اک سان ڪاتب کي به مسخر ۽ مضطر ڏسندا آهن. جهڙيءَ طرح ضعيف عقل جا ماڻهو مجازي قلمن کي مسخر ڏسندا آهن ۽ انهن کي معلوم ٿي ويندو آهي ته مجازي قلمن انهيءَ باب ۾ اهڙي غلطي ڪئي جهڙي ڪِوِل ڪئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org