سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:8 

شڪر جو بيان گهڻو آهي ۽ ان جا نمونا ۽ الله تعاليٰ جون سڀ نعمتون جن تي شڪر ڪيو وڃي، ڳڻي يا لکي نه سگهبو: وَ اِنٌ تَعُدُّوٌا نِعٌمَت َ اللهِ لاَ تَحٌصُوٌهَا. هيءُ ڪتاب تنگ آهي ۽ مون کي ايترو علم نه آهي. هيءُ بيان به صوفي ڪري سگهن ٿا ۽ سمجهائي به. اهي ئي پوريءَ طرح ٻُڌائي سگهندا، جن کي سلوڪ جي طريقي ۾ به دخل هوندو. انهن آزمائشن جي تڪليفن تي صبر ڪيو، راضي رهيا، شڪر به اهي ڪري سگهندا. جيئن ايندڙ بيت نمبر 15 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله ٿو فرمائي:

بيت

جان وَڍيِو هُئِين تَان ويههُ،

نَاتَ وَٺِيو وَاٽَ وَنئن تُون،

هيءُ تَنِين جو ڏيههُ ڪاتِي جَنِي هَٿَ ۾

هن بيت جو مطلب آهي ته اي طالب ! جيڪڏهن تون به وڍيل آهين، يعني ڦٽيل، ڪپيل. ته پوءِ ته ڀلي ويهه، نه ته واٽ وٺيو هليو وڃ، ڇاڪاڻ ته هيءُ تنين يعني انهن جو ڏيهه يعني وطن يا جُوءِ ۽ منزل آهي، جن جي هٿ ۾ ۽ قبضي يا قدرت ۾ ڪاتي آهي، يعني تڪليفون برداشت ڪيون آهن ۽ ڪاتي پنهنجي هٿ ۾ پنهنجي نفس جي ڪُهڻ ۽ مارڻ لاءِ اٿن.

هن بيت جو مطلب آهي ته سالڪ کي شاهه صاحب ٿو فرمائي، ته تون جي سالڪ آهين ۽ توکي جي پنهنجي پرينءَ جي آزمائشن ۽ تڪليفن ۽ مصيبتن جي رازن جو ڄاڻندڙ آهين ۽ وري انهن تڪليفن تي، جي توکي تنهنجي پرينءَ موڪليون آهن، انهن تي وري صبر ڪرڻ ۽ راضي رهڻ ۽ شڪر ڪرڻ سِکيو آهين ۽ انهن جي سڀني ڳالهين ۾ ڀاڱي وارو يا اثر وارو آهين، ته هِت ويهه ۽ سلوڪ جون ڳالهيون ٻڌ. نه ته جي اڻ وڍيل يعني اڻ واقف ۽ هِنن ڳالهين کان بي نصيب ۽ محبت کان خالي آهين، ته پنهنجي واٽ وٺيو وڃ يعني جِهٌلَ واري واٽ وٺيو هتان هليو وڃ. ڇاڪاڻ ته هيءَ سلوڪ واري ڳالهه انهن جي جُوءِ يا ڏيهه آهي، جن جي هٿ يا وس ۾ ڪاتي آهي. يعني اهي ڪاتيءَ جهڙين تڪليفن، ڏکن، آزمائشن سهڻ لاءِ تيار آهن ۽ انهن سڀني سلوڪ جي منزلن جا رازدان آهن. وڍيل اثر واري کي به چئبو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته فلاڻي ماڻهوءَ فلاڻي کي اهڙا وڍ وڌا، جو هو پاڻيهي بس ڪري ويو. ان جو مطلب آهي ته هو هن جي ڳالهائڻ کان اثر وارو ٿيو، جيئن ٻئي هنڌ رسالي جي هڪ بيت جي تڪ ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي:

”سور ڀريائين سي ڳالهه ڪيائين جن سين“

هن جي معنيٰ آهي ته پاڻ ته سورن واري هئي، پر جن سان ڳالهه ڪيائين انهن کي به سورن سان ڀري ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح شاهه صاحب ٿو فرمائي، ته تون به جي وڍيل آهين ۽ هن سلوڪ واري ڳالهه کان اثر وارو آهين يعني سلوڪ ڀائي آهين ته ويهه، نه ته واٽ وٺيو وڃ. يعني ڪوڙي دوستيءَ جي دعويٰ وارو، سلوڪ جي يا محبت جي ڳالهين ۾ نه ويهي ۽ نه ان کي انهن ڳالهين ۾ مزو يا لذت ايندي. ڇو ته هن جي محبت يا دوستيءَ واري دعويٰ ڪوڙي آهي.

هڪڙو نقل آهي ته هڪڙي جماعت حضرت شبلي رحمة الله عليہ وٽ جيل خاني ۾ وئي، جتي هو قيد هئو ۽ پنهنجي سامهون ڀِتر گڏ ڪيو ويٺو هئو. ان جماعت کان پاڻ پڇائين ته ”توهان ڪير آهيو؟“ انهن چيو ته ”اسان تنهنجا دوست آهيون.“ پاڻ هنن جي طرف ڀتر هڻڻ لڳو، ايتري تائين ڀتر هنيائين، جو هو سڀ ڀڄي ويا. پوءِ پاڻ چيائين ته ”توهان کي ڇا ٿيو آهي، جو منهنجي محبت جي دعويٰ ڪريو ٿا؟ پر جي  ان دعويٰ ۾ سچا آهيو ته منهنجي مصيبت تي صبر ڪريو؟“ تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته وڍيل آهين، يعني سلوڪ ۽ محبت جي دعويٰ ۾ سچو آهين ۽ اثر وارو آهين ته ويهه، نه ته بس ڪري پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ. جيئن شبلي رحمة الله عليہ جا دوست ٿورڙي تڪليف تي ئي ڀڳا پيا وڃن، تون به ائين واٽ وٺيو وڃ. هيءُ انهن جو ڏيهه يا جُوءِ آهي، جن جي هٿ وس ۾ انهن ڪاتيءَ جهڙين تڪليفن ۽ مصيبتن تي قبضو آهي، يعني اهي سڀ مصيبتون منهنجي انهيءَ پرينءَ جي هٿ ۾ آهن، جي ظاهر ۾ ڪاتيءَ جي مثل آهن، پر حقيقت ۾ اهي مِٺيون ۽ لذت واريون آهن. ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ رسالي ۾ ساڳئي سر ۾ هڪڙي بيت جي تڪ ۾ فرمايو آهي ته:

پِريِنءَ سَندي پَارَ جِي مِڙَئِي مِٺَائِي،

ڪانهي ڪَڙَائِي پَرَ چَکِينٌ جي چيتُ ڪري.

هن تڪ مان صاف ظاهر آهي ته پرينءَ جي پار يا طرف  کان جا ڀلائي يا مصيبت، جيڪي به آهي، سا ظاهر ۾ نه پر چِت يعني دل سان چکين ته مڙئي يعني سموري مٺائي، يعني مِٺي ۽ چڱي ۽ لذت واري آهي ۽ ان ۾ ڪؤڙائي اصل نه آهي. ٻئي هنڌ رسالي جي هڪڙي بيت جي تڪ ۾ فرمايو اٿس ته:

هَٿُ ڪاتِي ڳُڙُ وات ِ پُڇَڻُ پَر ِ پِر ِيَن ِ جِي.

        يعني اها پَر ِ يا رسم و رواج منهنجي پرينءَ موليٰ جو آهي، جو ظاهر هٿ ۾ گويا ڪاتيءَ جهڙيون تکيون آزمائشون ۽ تڪليفون آهن؛ پر حقيقت ۾ اهي ڳُڙَ وانگر مٺيون ۽ لذت واريون آهن ۽ اسان لاءِ ڀليون ۽ مٺيون آهن، پر ان جي پڇڻ جي ترتيب اِها آهي. هاڻي، اي طالب! جي تون به وڍيل يعني ڦٽيل هن محبت واري مٺڙي سور جو آهين ته ويهه، نه ته وٺيو واٽ وڃ تون ۽ هٿ تنهنجي جاءِ نه آهي، ڇو ته هيءُ محبت وارو ميدان ۽ ڏيهه انهن جو آهي، جن جي هٿ ۽ قدرت ۾ ڪاتيءَ جهڙا ڏک ۽ سور آهن ۽ باقي منهنجي ته وري محبت ئي انهن سان آهي، جن وٽ اها ڪاتي آهي. تنهنڪري مان ان جي محبت جي ميدان ۾ وڃي سِر پنهنجي کي پرينءَ جي اڳيان اڏيءَ تي ڌريندس، ته من مون کي به منهنجو پرين ڪُهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 16 ۾ شاهه صاحب ٿو فرمائي:

بيت

ڪَاتِي جَن ِ ڳَري مَان َ لَئُنٌ لَڳِي تَن ِ سِينٌ،

مُحَبَت َ جي مَيٌدانَ ۾ وَڃَان پير َ ڀَري،

آڏ ِيءَ سِرُ ڌَري مَان َ ڪُهَنِئُون سُپرين.

هن جي معنيٰ آهي ته سورن ۽ تڪليفن جيڪي ڪاتيءَ مثل آهن، اهي سور جنهن ڳري يعني جنهن وٽ قبضي ۾ آهن، مان يعني منهنجي لَئُنٌ يعني محبت يا عشق يا نينهن انهيءَ سان لڳو آهي. انهيءَ ڪري مان محبت جي ميدان ۾ پيرين پنڌ ڪري، يعني سعيو ڪري ۽ ڄاڻي واڻي وڃان ٿو، ته من منهنجو سر منهنجا پرين اڏيءَ تي رکي ڪُهن. جهڙي طرح شيطان جي ڀُلائڻ وقت حضرت اسماعيل عليہ السلام پئي چيو، ته جي مون کي منهنجو پيارو پيءُ انهيءَ حقيقي پرينءَ جي حڪم موجب ڪُهڻ لاءِ وٺيو ٿو وڃي، ته مان راضي آهيان ۽ انهيءَ محبت جي ميدان ۾ پيرين پنڌ ڪري سِگهو وڃان ۽ سر به اڏيءَ تي ڌري ڏيان، ته من ڪُهنمِ سپرين. ڇو ته منهنجي انهيءَ پرينءَ سان لَئُن يعني نينهن لڳو آهي، جنهن جي هٿ يعني قبضي ۾ ۽ وس ۾ هيءَ ڪاتي آزمائشن ۽ تڪليفن جي آهي ۽ مان راضي آهيان ۽ خوش به آهيان.

هيءَ آهي خدا تعاليٰ جي رضا ۽ راضي رهڻ جي حقيقت، جا منهنجي مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ هن بيت ۾ بيان فرمائي آهي. هن بيت ۾ رضا جي اعليٰ درجي جو بيان شاهه صاحب فرمايو آهي. رضا جو وڏي ۾ وڏو درجو اهو آهي، جو جيئن صاحبِ رضا جي رضا ٻئي ڪنهن به لذت يا مقصد لاءِ نه هجي، پر فقط ان مطلب سان هجي ته اهو امر محبوب جي مراد ۽ مرضي آهي. پوءِ انهيءَ محبوب جي مرضي پوري ڪرڻ، محبت واري جي محبت ۽ ان درجي تي وڌي وڃي پهچندي آهي، جو محب جي مراد محبوب جي مرضيءَ ۾ ڇُپي ويندي آهي ۽ ان صورت ۾، سڀني شين کان زياده لذيذ ان جي اڳيان محبوب جي دل جي خوشي ۽ ان جي مرضيءَ جي موافق ڪم جو هجڻ هوندو آهي. پوءِ توڙي ان جو ساهه ئي هلاڪ ٿي وڃي. جيئن بعض سالڪن جا قول آهن ته: جيڪڏهن اسان جو جسم قينچين سان ڪتريو وڃي، ته اسان جي اڳيان انهيءَ ڳالهه کان زياده محبوب آهي، ته جا چيز يا ڳالهه الله تعاليٰ ڪئي هجي ۽ ان جي لاءِ اسان چئون ته جيڪڏهن نه ڪري ها ته چڱو. انهن جي پنهنجي محبوب سان ايتري ته محبت وڌي وڃي ٿي، جو پنهنجي ساهه جي تڪليفن کي به محبوب جي رضا ۾ ڪجهه نٿا ڀانئن. ايڏو کين عشق ۽ شوق وڌي ٿو، جو جڏهن پنهنجي محبوب جي رضا پنهنجي ڪُسجڻ ۾ ڀانئن ٿا، تڏهن اڏيءَ تي سر ڌرين ٿا ته مَنَ سِگهو ڪُهنم ِ سپرين – اِها به سپرينءَ جي مرضي جلد پوري ٿئي- انهيءَ ڪري اڏيءَ تي سر ڌرين ته بغير اڏيءَ تي ڪُهڻ جي، ڪُهندڙ کي سڻائو ۽ ڪُسجڻ ۾ جلدائي نه ٿيندي، جهڙي اڏيءَ تي.

هاڻي هيءُ اڏيءَ جو مثال اشارو آهي، جهاد ڏانهن، يعني پاڻيهي خدا تعاليٰ جي راهه ۾ شهيد ٿيڻ اهڙو سڻائو نه آهي، جهڙو جهاد ۾. پوءِ جيڪڏهن منهنجي محبوب جي مرضي يعني گهُر  هوندي ته ڪُسندو، پر اهو جهاد جو ميدان محبت جو ميدان آهي، محبين لاءِ. انهيءَ ۾ مجاهدَ، جي محب آهن، پنهنجي محبوب موليٰ سائينءِ جا، سي وڃن ٿا پر ڀري ته من ڪُهنئون سپرين، يعني من اسان جو پرين اسان کي ڪُهي. جهڙيءَ طرح حضرت امير حمزه رضي الله تعاليٰ عنہ جهاد وقت آخري عمر ۾ زرهه لاهي جهاد ڪندو هئو، گويا اڏيءَ تي سر ڌريندو هئو ته من ڪُهنم سپرين، ته شهيد ٿيان. جيئن جيئن ٻيا اصحاب رضي الله تعاليٰ عنهم جنگين ۾ شهيد ٿيندا پئي ڏٺائين، تيئن تيئن بنان زرهه پنهنجو سر سنباهيو يعني تيار ڪيو پئي ڏنو، ته من منهنجو محبوب مون کي به شهيد ڪري. هيءُ بيان مولانا روميءَ مثنوي شريف ۾ آندو آهي ۽ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي ايندڙ بيت نمبر 17 ۾ ڪيو آهي ته جيئن جيئن اصحاب سڳورا جنگ ۾ مرد مجاهد، بهادر ڪُسندي پيا ڏسن، تيئن تيئن پنهنجا سر ڏيڻ لاءِ سنبرائن پيا.

بيت

اَڳَيان اَڏ ِن ِ وَ ٽِ ته پَويَن ِ سِر َ سَنباهيا،

ڪَاٽ ِ نه پوين قَبولَ ۾ مَڇُڻُ ڀَانئِين گهَٽ ِ،

مَٿا مَهابَن ِ جا پيا نَه ڏسِين پَٽ ِ،

ڪَلالِڪي هَٽِ ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَهي.

هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ ظاهر جهاد ڪندڙن، مرد مجاهدن، اصحابن سڳورن جي قربانين ڏانهن اشارو آهي، ته اڳيان يعني پهرينءَ صف وارا اڏِن وٽ يعني ترارين جي منهن ۾ قتل پيا ٿين، ته پوين يعني پوئينءَ صف وارن پنهنجا سر قتل ٿيڻ لاءِ تيار پئي ڪيا. پوين مان اصلي پٺتي رهيل، جيڪي مديني شريف ۾ رهيل هئا، انهن اصحابن سڳورن ڏانهن به اشارو آهي، جيڪي جنگين جون تڪليفون پوين اصحابن سڳورن ٻُڌيون ٿي، ته تيار ٿي پهتا ٿي ۽ جي وهٽن جي سواري نه هجڻ سبب، يا ڪنهن بيماريءَ يا ٻئي سبب، پهچي نٿي سگهيا ۽ رئندا ٿي رهيا ۽ چيائون ٿي، ته حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جنگ جي تڪليفن ۾ هجن ۽ اسان گهر ۾ سک ٿي سمهون! پوءِ پاڻ تي سڀني تيستائين سکن کي ڏک ٿي ڀانيو، جيستائين پنهنجي محبوب سرور ڪائنات صلي الله عليہ وسلم کي جنگ ۾، جا سندن لاءِ محبت جو ميدان هئي، نٿي پهتا.

”تَا تَان جيءُ جَلي مِلي جَانٌ نه ميهار کي“، اهو به ڏٺائون ۽ ٻڌائون ٿي ته اڳيان گويا قتل جي اڏِن وٽ آهن، تڏهن به پنهنجا سر قربان ڪرڻ لاءِ سنباهيائون يعني تيار ٿي رکيائون، ”اَڳِيَان اَڏِن ِ وَٽِ ته پُويَن ِ سِر سَنبَاهِيَا“ اها هئي عادت ، تنهنجي اڳين اڳواڻن اسلام وارن جي، جي موليٰ سائينءَ جي محب هئا ۽ ان جي محبوب ڪريم صلي الله عليہ وسلم جا. هاڻي اي طالب موليٰ پاڪ جا! تون به پنهنجو سر سانڍ نه پر هيئن ڪر:

”ڪَاٽ ِ نه پَو ِينٌ قَبُولَ ۾ مَڇُڻُ ڀَانئِينٌ گهَٽ ِ“.

مڇڻ يعني متان هن ڳالهه کي گهٽ يا ڪسو ڀانئين، يعني سمجهين قبول ۾ يعني قبوليت ۾، قبول يعني پسند پوين، پر ڪاٽ يعني وَڍِ يا ڪَپ يا قطع ڪر. ڇا؟ سر جا لاڳاپا، يا نفس جا يا لوڪ جا. هن تڪ جو مطلب آهي ته اي طالب موليٰ جا! متان هن ڳالهه، راهه خدا ۾ سر ڏيڻ کي گهٽ ڀانئين، هيءُ وڏي نعمت آهي ۽ ساهه جي وڏي ۾ وڏي اميد آهي، جنهن جو انعام به وڏو آهي، يعني بهشت. پر ان جو شرط اهو آهي، جو تون ڪاٽ يعني وَڍِ. اهو وڍڻ اشارو آهي راهه موليٰ ۾ سر ڏيڻ ڏانهن ۽ پنهنجي نفس جون خواهشون وڍي، دنيوي تعلقات وڍي ڪَٽي، قرب موليٰ پاڪ جو حاصل ڪر- جيئن تنهنجن اڳين موليٰ جي محبن پنهنجا عيش عشرتون ڪَٽي، ڇڏي، سر پنهنجا ڏيڻ لاءِ سنبرايائون ٿي؛ پوءِ اهي پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ وٽ به قبول پيل هئا ۽ انهن جي سر جي سودي ڏيڻ جي بدلي ۾، الله تعاليٰ کين بهشت جو انعام بدلي ۾ ڏنو آهي. جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي، سورة توبہ ع 14 ۾:

اِن َّ اللهَ اشٌتَرا مِنَ الٌمُؤٌمِنِيٌن َ اَنٌفُسَهُمٌ وَ اَمٌو َالَهُمٌ بِاَن َّ لَهُمُ الٌجَنَّةَ. يُقَاتِلُوٌن َ فِيٌ سَبِيٌل  اللهِ فَيَقٌتُلوٌنَ وَ يُقٌتَلُوٌن َ. وَعٌداً عَلَيٌہِ حَقًّا فِي التَّوٌرَاة ِ وَاٌلاِنٌجِيٌلِ وَالٌقُرٌاٰنِ وَ مَنٌ اَوٌ فَيٰ بِعَهٌدِم مِن َ اللهِ فَاسٌنَبٌشِرُوٌا بِبَيٌعِکُمُ الَّذِيٌ بَايَعٌتُمٌ بِہٖ وَ ذَالِڪَ هُوَ الٌفَوٌزُ الٌعَظِيٌم 

ترجمو:  تحقيق خدا تعاليٰ خريد ڪيا مؤمنن کان جسم ۽ مال سندن عيوض ڏيڻ بهشت جي. انهن کي ته اهي مؤمن جنگ ڪن منجهه واٽ خدا تعاليٰ جي پوءِ ڪنهندا ڪافرن کي ۽ ڪسندا پاڻ هيءُ واعدو آهي خدا تعاليٰ جو سچو جو لکيل آهي تورات، انجيل ۽ قرآن ۾. ۽ ناهي ڪو زور وفا ڪندڙ واعدي جو خدا تعاليٰ کان پوءِ سرها ٿيو ساڻ سودي اوهان جي جو ڪيوَ ساڻ خدا تعاليٰ جي ۽ هيءُ بهشت آهي مقصد وڏو.

هن آيت شريف ۾ صاف ظاهر آهي، ته مؤمنن کي الله تعاليٰ جُسن ۽ مال جي عيوض بهشت ڏنو آهي، پر اڃا به هن سودي ۾ مؤنن جو فائدو آهي. تنهن ڪري خدا تعاليٰ فرمايو ته سرها ٿيو يعني خوش ٿيو ان سودي ۾، ڇو ته بهشت وڏو انعام آهي، جنهن جي عيوض هي سر، هڏ، چم گهڻو گهٽ آهي. ان ڪري منهنجو مرشد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي، ته سِگهو ڪاٽ سر ته قبول پوين. مڇڻ، يعني متان ڀانئن گهٽ، هي سودو گهٽ نه آهي، جنهن سودي جي نفعي جو بيان خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾ ڪيو، ته اوهان پنهنجي سودي تي خوش ٿيو، جو بهشت وڏو مقصد آهي. تڏهن ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته اي طالب موليٰ تون اهو يقين ڪر، جي تو کي اهو مشاهدو ڏسڻو هجي، ته انهيءَ جي پَٽ يعني ميدان ۾ وڃي ڏسي، ته مٿا مهابن جا يعني دليرن، محبت وارن، بهادرن جا پيا آهن پٽ ۾؛ ”مٿا مهابن جا پيا نه ڏسين پَٽِ“ ڪو نه ٿو ڏسين ڇا، جو انهيءَ پَٽ ۾، محبت واري پَٽ ۾ مٿا دليرن ۽ بهادرن، محبت وارن جا پيا آهن، ڇاڪاڻ پيا آهن ۽ ڇو پيا آهن؟ اي مالڪ! اهو جيڪو سودو سچو مٿينءَ آيت شريف ۾ ٻُڌوَ انهيءَ سودي ۾ مٿا مهابن سڀني يعني خوشيءَ قربان ڪري ڏنا آهن، جو ڏس ته پيا آهن نه پٽ ۾، انهيءَ سودي جو اهو اگهه يا نرخ آهي، جو ان محبت واري ميدان ۾ موليٰ سائينءَ رکيو ڪٿي آهي ۽ اهو ڪهڙو اگهه آهي سو ٻُڌ، جو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پوئينءَ تڪ ۾ فرمايو آهي:

”ڪَلَالِڪي هَٽِ ڪُسَڻَ جو ڪُوٌپُ وَهي.“

اهو ڪوپ يعني پيالو، ڪلاڪي هٽ يعني شراب ٺاهيندڙن جي دڪان تي ڪسڻ جي عيوض ملندو آهي. هن جو مطلب آهي ته شراب، محبت موليٰ جي جو پيالو انهن لاءِ تيار آهي ان ۾ انهن کي ملندو، جي سندس راهه ۾ ڪُٺا ويا آهن يا ڪسجڻ لاءِ تيار آهن، ڇو ته جن اهو شراب تيار ڪيو آهي، انهن گويا اِهو شراب جو اگهه مقرر ڪيو آهي، اهو شراب خدا تعاليٰ جي نيڪوڪار بندن، پيارن شهيدن ۽ مؤمنن ۽ ابرارن لاءِ بهشت ۾ آهي، ان جو نالو آهي ”شراباً طهوراً“. انهن چشمن جا نالا آهن؛ ”زنجبيل“ ۽ ”سلسبيل“. شراب محبت جو، جنهن ۾ گڏيل هوندو، ان جو نالو آهي ”ڪافور“.جيئن خدا تعاليٰ پنهنجي پاڪ ڪلام جي سورة الدهر ۾ فرمايو آهي:

اِنَّ الٌاَبٌرَارَ يَشٌرَبُوٌنَ مِنٌ ڪَاٌسٍ ڪَانَ مِزَاجُهَا ڪَافُوٌراً 

ترجمو: تحقيق نيڪوڪار پيئندا پيالي شراب جي مان، هوندو گڏيل ان ۾ شراب محبت جو، جنهن جو نالو آهي ڪافور.

اهو چشمو آهي فردوس ۾، پيئندا ان مان خدا تعاليٰ جا ٻانها، تِڪون ڏيندا ان پيالي منجهان گهڻيون، هي شراباً طهورا، جنهن جي لذت ۽ چاشنيءَ جي پاڻ خدا تعاليٰ تعريف فرمائي، ڇا، ان جي بها يا ملهه سر ڏيڻ نه آهي؟ ڀٽائي صاحبؒ ٿو فرمائي ته نه سر ڏني سڄو پيالو ته نه، پر جي هڪ سُرڪ ملي تڏهن به زور سڳڻو يا سهانگو سمجهه، جيئن ايندڙ بيت نمبر 18 ۾ ٿو فرمائي:

بيت

جي اٿئي سَڌَ سُرڪَ ۾ ته وَنُئن ڪَلالَنِ ڪاٽي،

لَاهي رَکُ لَطيفُ چئي مٿو وَٽِ مَاٽي،

تِڪ ڏئي پِڪ پيءُ گهوٽِ منجهان گهاٽي،

جو وَرنَههَ وِهَاٽي سو سِرَ وَٽِ سَروُ سَهَانگو.

هن بيت جي معنيٰ کان پهريائين، هن ضعيف بندي جي عرض تي پڙهندڙن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ته هيءَ جيڪا معنيٰ بيتن جي، هيءُ ضعيف ٻانهو لکي رهيو آهي، سا تمام ٿوري ۽ سوڙي ۽ اڻ پوري آهي. ان جو هڪڙو سبب آهي هن ڪتاب کي مختصر ۽ ننڍي ڪرڻ جو، ٻيو سبب آهي ته هن سر ڪلياڻ کي ڀٽائي صاحب اهڙو پيچيدو ۽ ڳُوڙهو بيان ڪيو آهي، جو سڄي پنهنجي رسالي جا باقي شعر ۽ سمورا سُر هن ئي سر ڪلياڻ جا شرح آهن.

سر ڪلياڻ ۾ خدا تعاليٰ ۽ سندس رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي تعريف ۽ انهن جي عاشقن جي محبت ۽ انهن جي تڪليفن سهڻ، انهن جي انعامن ملڻ، انهن جي خدا تعاليٰ جي راهه ۾ جانين فدا ڪرڻ وغيره، ۽ انهن عاشقن جي عشق ۽ جيڪي الله تعاليٰ پنهنجي پيارن لاءِ آخرت ۾ انعام مقرر ڪيا آهن، انهن انعامن جي تعريف جو مجمل طرح شاهه صاحب رحمة الله عليہ بيان فرمايو آهي، جنهن جو وري سر يمن ڪلياڻ ۾ مفصل بيان فرمايو اٿس. وري سر يمن ڪلياڻ ۾ جيڪي به تفصيلوار بيان آهن، انهن کي مثالن سان سڄي پنهنجي رسالي ۾ شرح جي نموني بيان فرمايو اٿس.

جيئن هاڻي هِت مٿئين بيت نمبر 17 ۽ 18 ۾ شراباً طهورا جو، جيڪو بهشتين لاءِ الله تعاليٰ انعام ڪيو آهي، جنهن کي شاهه صاحب رحمة الله عليہ مجازي شراب يا ”گهوٽن نشيدارن“ ۾، مثال ڏئي بيان فرمايو آهي، ان جو تفصيل وانگر ڪشادو بيان وري سر يمن ڪلياڻ جي فصل چوٿين ۾ ڪيو اٿس، انهيءَ وانگر سڄي هن سر ڪلياڻ جو وڌيڪ شرح سر يمن ڪلياڻ ۾ آهي، جيڪڏهن هت هنن بيتن جو کولي بيان ڪجي ته اهي بيت، جي يمن ڪلياڻ ۾ هنن بيتن جو شرح آهن، اهي به هت آڻڻ گهرجن ۽ وري انهن جي معنيٰ به لکي وڃي، وري انهن سر يمن ڪلياڻ جي بيتن جي شرح لاءِ جيڪي سڄي رسالي ۾ مثالن سان ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ بيت آندا آهن، اهي به ۽ انهن جي معنيٰ به لکڻ گهرجي. تانجو سڄو رسالو هن سڄي سر يمن ڪلياڻ ۾ اچي ويندو. وري سڄي رسالي جي بيتن لاءِ جيڪي آيتون قرآن شريف جون ۽ حديثون ۽ ٻيا حوالا صوفين جا آڻڻا پوندا، پوءِ سڀئي سر ۽ انهن جا بيت ۽ آيتون ۽ حديثون گڏجي هڪ بيحد وڏو بيان ٿي پوندو، جنهن جي ڪرڻ جي هن ضعيف بندي کي طاقت نه آهي ۽ نه ايڏو هن بندي کي علم ۽ نه ايڏو فهم ۽ ڍنگ آهي، تنهن ڪري منهنجي اها دوستن کي گذارش آهي، ته مان هت هنن بيتن جي مختصر معنيٰ لکان ٿو ۽ انهن بيتن جي، جيڪي هنن بيتن جو شرح رکن ٿا، انهن جي اتي سر يمن ڪلياڻ جي اچڻ وقت وسعت آهر معنيٰ لکندس، انشاء الله تعاليٰ! هاڻي وري هن بيت هلندڙ جي معنيٰ تي اچون ٿا، جنهن جي پهرين تڪ آهي:

”جي اٿئي سَڌَ سُرٌڪَ ۾ وَنَئُنٌ ڪَلَالَنِ ڪَاٽي“.

هن جي معنيٰ آهي ته جي اٿئي سَڌَ يعني جي تو کي طالب، طهورا جي سَڌ يعني خواهش شراب طهورا جي، سُرڪ يعني هڪڙي ننڍڙي ڍُڪ جي پيئڻ جي يا ملڻ جي آهي، ته ونئن يعني وڃ، ڪلالن يعني شراب وڪڻندڙن يا رکندڙن وٽ، ڪاٽي يعني ڪَپي يا وڍي، قطع ڪري. هن جو خلاصو مطلب هيءُ آهي ته ڪلال يعني ڪلار آهن، خدا وارا مرد، جن وٽ شراب محبت موليٰ جو تيار آهي، ته اي طالب شراب جا! جي تو کي انهيءَ شراب جي سُرڪ جي سَڌ آهي، ته تون پنهنجون ٻيون خواهشون ڇڏي، ڪاٽي نفس جون ٻيون سڀ سڌون ڪٽي، ڪلال، جيڪي محبت موليٰ جي رکندڙ مرشد آهن، انهن وٽ وڃي، باقي سکڻيون سڌون نه ڪر، پر

”لاهي رک لطيف چئي مٿو وٽ ماٽي“

پوءِ پيئڻ شراب جي سر کان اول ماٽي يعني مَٽ شراب جو، وَٽِ، ڀر ۾، مٿو پنهنجو لاهي رک، لطيف ٿو چوي – يعني اهو لُطف ڪندڙ مهربان جو چوڻ ۽ ڏس آهي. هن جو مطلب آهي ته انهيءَ لطيف موليٰ سائينءَ جو پاڻ چوڻ ۽ حڪم آهي، سورة النساء ع 10 ۾:

فَلٌيُقَاتِلٌ فِيٌ سَبِيٌلِ اللهِ الَّذِيٌنَ يَشٌرُوٌنَ الٌحَيَواةَ الدُّنٌيَا بِاالٌاٰخِرَةِ 

ترجمو:پوءِ گهرجي ته ڀلي جنگ ڪن منجهه واٽ خدا تعاليٰ جي، سي جي وڪڻن حياتي دنيا ساڻ آخرت.

آخرت ۾ شراباً طهورا انهن لاءِ تيار آهي، جيڪي هت ماٽي وٽ مٿو لاهي رکن، يعني پنهنجي نفس جون سڌون ۽ رٿون سڀ وڪڻن ۽ ڪَپن، رد ڪن ۽ هن دنيا جي حياتي وڪڻن ۽ سودي ۾ آخرت وٺن. يعني عمل نيڪ ڪن ۽ نيڪوڪار بڻجن. انهن جي پيئڻ لاءِ ته هيءُ شراب تيار ٿيو آهي ۽ انهن کي ئي پياربو. اهو انهيءَ لطيف سائينءَ حقيقي پرينءَ جو چوڻ آهي ته سورة ويل اللمطفقين؛

اِنَّ الٌاَبٌرَارَ لَفِيٌ نَعِيٌمِ – عَلَي الٌاَرَائِڪِ يَنٌظُرُوٌنَ – تَعٌرِفُ فِيٌ وُجُوٌهِهِمٌ نَضٌرَتَ الٌنَعِيٌمٍ- يُسٌقَوٌنَ مِنٌ رَّحِيٌقٍ مُّخٌتِومٍ خِتٰمُہٗ مِسٌڪُٗ وَ فِيٌ ذَالِڪَ فَلٌيَتَنَافَسِ الٌمُتَنَافِسُوٌنَ. 

ترجمو: تحقيق نيڪوڪار هوندا منجهه نعمتن مٿي تختن چڙهندا، ڏسندا وڏائي الله تعاليٰ جي، سڃاڻندين تون منجهه منهن انهن جي تازگي نعمتن جي پياربا منجهان شراب محبت جي جو خالص هوندو ۽ مُهَرَ ڪيل. بوءِ جنهن ۾ کٿوريءَ جي ۽ ان ۾ ڀلي ته رغبت ڪن پيئندڙ ۽ گڏبو ان ۾ شراب قرب خدا تعاليٰ جي جو، جو چشمو آهي پيئندا ان مان ولي مقرب خدا تعاليٰ جا.

لطيف سائينءَ جي چوڻ موجب، جڏهن تون به دنيا جي حياتيءَ جون شهوتون ۽ لذتون نفس جون ڪاٽيندين، يعني پنهنجي نفس جو مٿو هن ماٽيءَ وٽ ئي ڪپيندين ته پوءِ ڀلي ”تِڪ ڏئي پِڪ پيءُ منجهان گهوٽ گهاٽي“ جيڪو زور گهاٽو، گهوٽيل، گڏيل آهي، جنهن ۾ قرب خدا تعاليٰ جو، ان مان تِڪ يعني تِنگ يعني ڇڪ ڏئي پيءُ ۽ ان جي رغبت يعني سَڌ به ڪر، ڇو ته اهو شراب اهڙو آهي جو تون ته ٺهيو پر تو کان وڌيڪ جيڪي تنهنجا آغا ۽ اڳواڻ، امام، اصحاب، بهادر، وريام، يعني ورنهه هئا. انهن کي به انهيءَ شراب، جنهن جي تعريف لطيف سائينءَ مٿئينءَ آيت شريف ۾ ڪئي آهي، وِهاٽي وِههَ وارو يعني خمار وارو  ڪيو، جو پنهنجو سر پنهنجي پرينءَ تي قربان ڪيائون ۽ پنهنجي نفس جون لذتون سڀ طرح جون ڇڏي ڏنائون، فقط انهيءَ شراب، مهر ڪيل، خالص محبت ۽ قرب خدا تعاليٰ جي گڏيل جو شوق رکيائون ۽ پيتائون، جو اهڙن وريامن ورنهن کي به وڻيل هئو. ”سو سر وٽ سُرَوُ سهانگو“. سَرَوُ يعني شراب سهانگو چئبو، جو سر ڏئي ملي. ڇو ته هڪ ته هن ۾ قرب خدا تعاليٰ جو گڏيل، ٻيو ته هميشہ هوندو ۽ لذت به ان جي دائمي ۽ زياده هوندي ۽ گهٽ به ڪڏهن نه ٿيندي. جن کي اهو شراب حاصل ٿيندو، انهن کي لقاءُ الله تعاليٰ جو پڻ نصيب ٿيندو. انهيءَ کان وڌيڪ نعمت ٻي ٻنهي جهانن ۾ ڪانه آهي. جڏهن اهڙو شراب اي طالب موليٰ جا! تو کي ملي ٿو فقط سر ڏني، ته هيءُ ته تو سان سٺو يا سهولت ٿي وئي ته سر جلد ڏئي شراب جون پياليون پيءُ. جيئن ايندڙ بيت نمبر 19 ۾ ٿو شاهه صاحب فرمائي ته:

بيت

جي اٿئي سڌ سرڪ ۾ ته ونئن ڪلالڪي هَٽِ،

لاهي رک لطيف چئي مٿو ماٽي وٽ،

سر ڏَئِي ۾ سَٽ پِيجِ ڪي پِياليون.

هن بيت جي مٿين ٻنهي تڪن جي معنيٰ ساڳي آهي، جا بيت نمبر 18 ۾ آهي ۽ تڪون به ساڳيءَ طرح چيل آهن، باقي هن بيت جي تڪ ٽينءَ ۾، شراب جي پيالين پيئڻ جو وڌيڪ شوق ڏياريو ويو آهي ۽ جيئن چيو ويو آهي ته؛ ”سِرُ ڏَئِي  ۾ سَٽِ پيج ڪي پياليون.“ يعني جي تو کي اي طالب موليٰ جا! دل ۾ سَڌ توڙي هڪڙي سُرڪ شراب يعني محبت جي آهي، ته وڃ ”ڪلالڪي هٽ“، يعني ڪنهن الله واري جي هٽ تي، يعني دڪان تي وڃي، جتي شراب محبت جو تيار ۽ موجود آهي، پر اتي شرط اهو آهي ته جو ”لاهي رک لطيف چئي مٿو ماٽي وٽ.“ يعني پنهنجي نفس جو مٿو لاهي، يعني پنهنجي نفس جي هستي وڃائي ”ماٽيءَ وٽ“، جنهن ۾ اهو شراب پيل آهي، اهو ماٽو يعني مٽ شراب محبت جو ”ڪلالڪي“ دڪان يعني الله وارن، الله تعاليٰ جي محبن جي دڪان، يعني دل ۾ رکيل آهي، اتي وڃ، پر جي تون نفس جي امارائي يعني هستي هٺ نه وڃائيندين، ته تون ان مٽ شراب محبت واري مان ڪجهه به سرڪي نه پي سگهندين، ڇو ته نفس امارو هميشہ امر ڪندو آهي، مٺائي يعني گناهه جو. جيئن قرآن شريف ۾: اِنَّ النَّفٌسَ الٌاَمَّارَةُٗ بِالسُّوٌءِ (ترجمو: تحقيق نفس امر ٿو ڪري مٺائيءَ جو). تڏهن تو کي به گهرجي ته اي طالب! انهيءَ نفس اماري جو مٿو لاهي رک ماٽيءَ وٽ، پر انهيءَ نفس جي سر لاهڻ ۾ دير نه ڪر، جيئن شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته ”سر ڏئي سٽ پيج ڪي پياليون“.

هن تڪ ۾ جيڪو سَٽِ جو لفظ چيو ويو آهي، ان جون گهڻيون معنائون آهن، جي جدا جدا جملن ۾ اينديون آهن. پر سَٽَ جي معنيٰ سِگهو يا جلدي به آهي، جيئن چئبو آهي ته هيءُ ڪم سَٽي ڪري وٺ يا سَٽ پائي وڃي فلاڻي کي نياپو ڏئي اچ، يا چئجي ته فلاڻو شخص سَٽيندو پيو وڃي، ڪو تڪڙو ڪم هئس الائي ڇا. انهيءَ موجب هن تڪ جي معنيٰ آهي ته سر ڏئي ۾ سَٽ يعني سر ڏني تو کي انهيءَ شراب جون پياليون ملن ٿيون، ته جلد ڪر، سر سگهو ڏئي، پئيج ڪي پياليون، ڇاڪاڻ ته هيءُ سودو اي طالب! تو کي سستو ۽ سڻائو ٿو ملي، تنهن ڪري ان ۾ دير نه ڪر، پر سر ڏئي سگهو پئيج ڪي پياليون. پر هي سيبائتو سودو سهانگو هٿان نه ڇڏج، جو سر ڏني ان جي پيالي ته ڇڏ، پر هڪڙي هڪڙي سرڪ ملي تڏهن به سهانگي آهي. جيئن ايندڙ بيت نمبر 20 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي ته:

بيت

جي اٿئي سَڌَ سُرڪِ ۾ ته ونئن ڪلالِڪي ڪُوءِ،

مهيسر جي مَنڌَ جي هُتِ هَڏهِين هُوءِ،

جان رمز پروڙيم روءِ تان سَرَ وَٽِ سُرڪِي سُڳڻِي.

يعني جيڪڏهن اي سالڪ! تو کي سڌ يعني اميد، ارادو يا سِڪَ شراب جي آهي، ته وڃ ”ڪلالڪي ڪوءِ“ يعني شراب وارن جي ڳليءَ يا گهٽيءَ ۾ وڃ، جتي ”مهيسر جي منڌ جي“ يعني جتي پيرِ مغان جي انهيءَ محبت واري شراب جي منڌ، يعني مَدُ يعني سٺي چاش جي چاشني ۽ لذت ” جي هُتِ هَڏهِين هوءِ“ يعني هُت پيرِ مغان وٽ، ”هڏهِين“ يعني اصل اڳيئي، هوءِ يعني هُل، غوغا لڳو پيو آهي، ان محبت واري شراب جي اهڙي ته مد يا چاش، پڪل، ٺهيل، سٺي چاشني ۽ لذت واري آهي، جو انهيءَ جي مون رمز ۽ راز کي پروڙيم يعني سمجهيم، روءِ يعني مُنهن يا ان جو طرف، قبلو، ته ان جي بها جو قدر ڪيم، ته سِر وٽ سُرڪي سڳڻي، يعني ان سرڪ جي عيوض سر ڏجي، تڏهن به ان سرڪ جي پوري بها نه ٿي، پر سڳڻي يعني سهانگي ئي آهي.

هاڻي هن بيت جي معنيٰ ۾ هيءَ ڳالهه باقي رهي، جا پوئينءَ تڪ ۾ آهي ته ”جَان رَمٌزَ پَرُوٌڙِيَمِ رُوءِ“. يعني جا ان شراب محبت جي رمز، يعني راز، اشاري، ڳجهه کي سمجهيم، ته سر ڏني به انهيءَ شراب جي سرڪي سهانگي آهي، هن ۾ سوال آهي ته اها رمز ڪهڙي آهي، جنهن جي پروڙڻ يعني سمجهڻ سان محب سر ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان ۾ ڀانئي ٿو ته تڏهن به هيءَ سرڪ شراب جي سستي ۽ سهانگي آهي. ان جو جواب آهي ته هتي شراب محبت جي قيمت ۽ قدر جو اندازو لڳايو ويو آهي، ۽ سمجهيو ويو آهي، ته ان محبت جي شراب جي بها ته ڪا نه آهي، ۽ بي بها آهي، جنهن جو قدر ۽ قيمت ڪري ٿو سگهجي! پر سو، جو پيارين شين کان پيارو آهي، سو به انهيءَ محبت واري شراب جي هڪڙيءَ سرڪ کان به گهٽ آهي. سرڪ سرس لهي ٿي، جيڪا سر کان به وڌيڪ لهي ٿي، ان جي بها ڪيئن ڪري سگهجي؟ ڇو ته خريدار وٽ جيڪو مال ملڪيت آهي، سو ته بجاءِ خود، پر ان کان پيارو اٿس سر، سو به ڏئي ٿو سرڪ هڪڙيءَ ۾. تڏهن به سهانگي آهي سيد چوي – تڏهن چئبو نه، ته بي بها يعني ان جي ڪا به قيمت ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي. هن شراب محبت جي قيمت يا بها ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ مٿين بيتن ۾ ڪندو ۽ وڌائيندو آيو آهي، جن ڏانهن وري اوهان جو ڌيان ڇڪائجي ٿو. جيئن بيت نمبر 17 جي پوئينءَ تڪ ۾ هئو ته ”ڪلالڪي هٽ ڪسڻ جو ڪوپ وهي“، يعني شراب فروشن وٽ ڪسڻ جي عيوض ڪوپ شراب جو ملي ٿو.

وري بيت نمبر 19 ۾ ان جي بها ڏيکاري وئي ته ”سر ڏئي ۾ سٽ پيج ڪي پياليون“. يعني سر ڏئي به ننڍيون پياليون پيءُ، سي به تڏهن جڏهن سر سٽي، جهٽ پٽ لاهي ڏيندين ۽ ڪٿوڪٿ نه ڪندين، تڏهن ننڍيون پياليون پيئندين. وري بيت نمبر 20 ۾ چيو ويو آهي ته ”سر وٽ سرڪي سُڳڻي“. يعني سر وٽ، سر ڏني، جي هڪڙي سرڪ يعني ننڍڙو ڍُڪ ملئي، تڏهن به سهانگو آهي. اهڙيءَ طرح اڃا ايندڙ بيتن ۾ هن شراب محبت جو قدر ۽ قيمت منهنجو مرشد ڀٽائي گهوٽ رحمة الله عليہ عجيب نوع سان وڌائيندو رهيو آهي، جو اتي پڻ ڌيان ڏيندا پڙهندا هلجو. تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي، ته جان کڻي اها رمز پروڙيان ۽ ان جي روءِ ڏسان، ته سر ڏني سرڪي هڪڙي به سڳڻي آهي، ڇو ته اهو شراب اهرو ته سٺو ۽ چڱو ۽ لاثاني آهي، جنهن جون جيتريون ۽ جهڙيون به قيمتون ٺهرايون وڃن، ته اهي سڀ اڻ پوريون ۽ ٿوريون ۽ ٿيڻ جهڙيون نه آهن. هاڻي هيءُ سوال آهي ته ڀلا اهو شراب محبت جو ڪيئن چڱو ۽ سٺو، لاثاني ۽ بي بها آهي.

ان جو هيءُ جواب آهي، ته جڏهن طالب موليٰ کي شراب محبت جي سَڌ پيدا ٿئي ٿي، تڏهن شراب جا دڪان ڳولي ٿو، جي دڪان شراب محبت موليٰ سائينءَ جا آهن الله وارن وٽ. پوءِ جڏهن طالب پنهنجي مرشد الله واري وٽ وڃي محبت جي شراب جي گهُر ڪري ٿو، پر تيستائين ان کي حاصل نٿو ٿئي، جيستائين پنهنجي نفس جون ٻيون خواهشون ڇڏي. ماري ۽ ان کي نفي نه ڪندو. فنا في الشيخ به تڏهن ٿيندو، جڏهن پهريائين پنهنجي نفس جي امارائيءَ کي وڃائي، ڪاٽي، ته پوءِ پنهنجي مرشد وٽ مقبول ٿيندو، جيئن مٿين بيتن ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جو ڏَس آهي، ته ڪاٽِ ته پوين قبول ۾، يعني پهريائين نفس جو سر ڪاٽ، ته پوءِ مريد مقبول ٿين مرشد وٽ، پوءِ جڏهن مرشد وٽ شراب محبت موليٰ سائينءَ جي پيئڻ جو حقدار ٿو ٿئي، تڏهن مرشد وري ان کي پنهنجي پياري محبوب، نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي محبت جي شراب ۾ داخل ڪري ٿو، جو اهو موليٰ سائينءَ جي محبت جو شراب ان کي اهڙي لذت ڏئي ٿو، جو هو موليٰ سائين جو محب بڻجي وڃي ٿو. يعني پهرين فنا في الشيخ، پوءِ فنا في الرسول ۽ ان کان پوءِ جڏهن فنا في الله جي درجي کي سالڪ پهچي ٿو، تڏهن هو بهشت ۽ بهشت جي سڀني نعمتن جو لائق بڻجي ٿو.

بهشت به خود وڏي نعمت آهي، جا محب موليٰ سائينءَ جي کيس حاصل ٿئي ٿي ۽ ان ۾ وري به وڏا انعام آهن: (1) شراباً طهورا، (2) لقاءُ الله تعاليٰ جو، جنهن جو واعدو ڪيو آهي الله تعاليٰ سڀني پنهنجي محبن بهشتين سان، جو واعدو آهي سچو. اتي خود بهشتي اول ڪلام ۾ چوندا، ته الحمد لله جو الله تعاليٰ پنهنجو واعدو سچو ڪيو. هاڻي انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو شراب ۽ شراب محبت واري جي سرڪ جي قيمت جو قدر ڪيئن ڪري سگهبو، جو جنهن مان شراباً طهورا ۽ لقاءُ الله تعاليٰ جو حاصل ٿئي. انهن ٻنهي وڏين نعمتن جي ڀيٽ ۾ هن سِر جو ڇا ملهه آهي؟ ڪجهه به نه! ۽ هي سر آهي به ڪونه، ڇاڪاڻ ته هن سر مجازي کي ڪو بقاءُ نه آهي، هاڻي هن بي بقا جي سِر ڏني اها سرڪ ملي، جنهن کي دائمي بقا آهي ۽ قرب خدا جو ۽ لقاءُ حاصل ٿئي، ته ڇا ڪهڙو نه مزو ۽ سستائي ۽ سهانگائي آهي!

وري هاڻي هن ڳالهه ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ته تڪ ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي ته ”جان رمز پروڙيم روءِ، تان سر وٽ سرڪي سڳڻي”“

هتي رمز يعني راز جو اشارو هن ڳالهه ڏانهن آهي، سر ڏني سرڪي سهانگي هن طرح آهي، ته جيئن جهاد ۾ وڃي مجاهد شهيد ٿئي ٿو ۽ الله تعاليٰ ان کي شهادت عيوض بهشت ٿو ڏئي، ته اتي هن کي ٻئي ڀليون وڏيون نعمتون، هڪ لقاءُ الله تعاليٰ جو، جيڪو بهشتين سان واعدو آهي، ٻيو شراباً طهورا ملي ٿو، هاڻي اها سڻائي سرڪ سهانگي ملي، جو هڪ ڏينهن هڪ گهڙيءَ جي تڪليف سهڻ ۽ سر ڏيڻ سان اها سرڪ ملي وئي، پر ڏهاڙي سڄي عمر پنهنجي نفس سان جهاد ڪري ۽ ان جون شهواتون ماري نيڪوڪار بڻجي. پوءِ الله تعاليٰ راضي ٿي، ان کي بهشت عطا ڪري ۽ شراباً طهورا مان ان کي سرڪ حاصل ٿئي، ته اها سرڪ حاصل ڪرڻ مهانگي ۽ ڏکي آهي ۽ ان جو درجو به مٿانهون آهي. انهن ٻين آزمائشن جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي اچڻ تي به، پنهنجي نفس تي قابو پائي ۽ ان جون شهواتون رد ڪري ۽ صبر ڪري، جيئن حضرت ايوب عليہ السلام ڪيڙن جي مصيبت وقت صبر ڪيو ۽ حضرت ذڪريا عليہ السلام ڪرٽ ۾ چيرجڻ وقت صبر ڪيو. نفس پئي چيس ته هتان نڪري وڃي ۽ خدا تعاليٰ جو حڪم هئو ته نه ڪڇ ۽ صبر ڪر، پوءِ صبر ڪيائين. حضرت يوسف عليہ السلام قيد ۾ وڃڻ وقت، صبر ڪيو ۽ بادشاهه کي دانهن نه ڏنائين ۽ پنهنجي نفس جي خواهش کي ماريائين ۽ نفس اماري جو سر وڍيائين. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي محبت ۾ پنهنجي نفس جي شهوات کي مارڻ ۾ تمام وڏو درجو آهي، جو الله تعاليٰ فرمايو آهي ته انهن صابرن کي اجر ڏنو ويندو بغير حساب.

هي درجو تمام مٿانهون آهي، بنسبت جهاد ۾ شهيد ٿيڻ جي، توڙي شهادت جو درجو به اعليٰ آهي، جو حديث شريف ۾ آهي ته آخرت ۾ شهيد پيا چوندا، ته ڪنهن طرح دنيا ۾ وري موٽي وڃون ۽ وري ٻيهر لڙائيءَ ۾ وڃون ۽ شهيد ٿيون! هنن جي انهيءَ سَڌ جي سبب کان الله تعاليٰ ٻيڻو، گهڻو، وڏو ثواب ڏيندو. تڏهن به انهيءَ جنگ کان هن نفس اماري سان جنگ ڪرڻ ۾ وڏو ثواب آهي، جنگ به هيءَ نفس واري وڏي آهي، جيئن خدا تعاليٰ سورة حج ع 17 ۾ فرمايو آهي ته: ”جنگ ڪريو ڪافرن سين منجھ دين خدا جي.“ (ڪافر ظاهر جي ۽ ڪافر اندر جي ساڻ جي نفس ۽ ان جون سَڌون آهن). نهايت گهڻي سعيي ساڻ الله ڏنو اوهان کي ۽ نه ڪيائين اوهان تي دين ۾ تنگي.

نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن حديث شريف ۾ فرمايو، ته ننڍي جنگ فتح ڪئيسون، هاڻي هلو وڏي جنگ ڏانهن جا نفس جي جنگ آهي.

ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جن فرمايو آهي سر بلاول جي فصل 3 جي بيت نمبر 3 ۾:

بيت

مَارِ مَ مُطِيعَ کي مَجُوٌسِيءَ کي مَارِ

وَڏِي جَنگ مَ وِسَارِ نَنڍِيَانٌ نَفٌعو نَاههِ ڪو.

هن جي معنيٰ آهي ته تون مطيع، تابعدار نفس کي نه مار ۽ تنهنجا مطيع، جيڪي غريب، مسڪين، پاڙيسري، ان کان سواءِ ٻي خلق خدا جي، جيڪي به تنهنجا تابعدار آهن، انهن کي نه مار. پر نفس مجوسي ڪافر، جو نفس امارو آهي، ان کي مار. اها جنگ نفس جي وڏي آهي. ان کي نه وسار. وڏي جنگ مَ وسار ٻيون جنگيون مڙئي ننڍيون آهن، جن مان اهڙو نفعو نه آهي، جهڙو انهيءَ وڏي يعني نفس جي جنگ مان، ظاهر ۾ جي مجوسي پوڄاري آهن غير الله جا، انهن کي ماري اچين، تڏهين به هيءَ وڏي جنگ نفس واري نه وسار، جيئن ايندڙ بيت ۾ آهي. بيت نمبر 4 سر بلاول فصل 3:

 

بيت

نَنڍِيَان نَفٌعو نَاهه ڪو وَڏي مَ وِسَاري،

مَجُوسِي مَاري اَڪٌبَرَ ڏِي اچيج تُون.

ننڍيءَ جنگ ۾ اهڙو نفعو ناهي ڪو، انهيءَ ڪري وڏي جنگ نه وسار. منهنجي تو کي اي طالب! صلاح آهي، ته جي مجوسي ڪافرن کي وڃي مارين، تڏهن به جنگ اڪبر، جا نفس جي جنگ آهي، ان ڏانهن ضرور تون اچج، هاڻي قرآن شريف جي آيت ۽ حديث شريف ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جي هنن مٿين بيتن مان صاف ظاهر آهي، ته جنگ نفس جي وڏي آهي، اها جنگ نفس جي کٽي، شراباً طهورا مان سرڪ حاصل ڪرڻ ڏکي ۽ مهانگي آهي، بنسبت ظاهر ۾ جهاد ۾ وڃي، سر ڏئي، سرڪ شراباً طهورا حاصل ڪرڻ جي.

اها هئي رمز، جا پوئين تڪ ۾ ڀٽائي صاحب فرمائي ته”رمز پروڙيم روءِ تان سر وٽ سرڪي سڳڻي“. سر ڏني سرڪي ملي، ته سهانگي آهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ پنهنجن پيارن ۽ محبن کان انهيءَ ظاهر جي سر ڏيڻ جي آزمائش کان وڌيڪ، ٻين ڏکين مصيبتن ۽ تڪليفن سان آزمائش يا امتحان وٺندڙ آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي رسالي جي ايندڙ بيت نمبر 21 ۾ فرمائي ٿو:

بيت

جِي اَٿَئِي سَڌَ شراب ۾ ته وَنئُنٌ ڪَلالِڪي گهَرِ،

وَڍِڻُ، چِيٌرِڻُ، چِچِرِڻُ پَهتِ اُنَ جِي پَرِ،

جي وَٽِيٌ پَوَئِي وَرِ ته سَهانگي آههِ سَيّدُ چَوي.

هن جي معنيٰ آهي ته جي توکي سَڌ، يعني سڪ شوق شراب، محبت موليٰ جي جو آهي ته وڃ ڪلال جي گهر، جو ان شراب ٺاهيندڙ ۽ ڏيندڙ آهي. پر شراب طهورا جو محبت موليٰ جي سان گڏيل آهي، ان جي هڪ پَر يعني رسم، رواج آهي. شراب جي سڌ ڪندڙن کي وڍڻ، چيرڻ ۽ وري چچرڻ به ان جي پهت يعني وس، اختيار آهي. هن تڪ جو خلاصو مطلب اشارو آهي انهن عاشقن محبن ڏانهن، جي محبت موليٰ جي رکندڙ ۽ شراب طهورا جا شائق هئا ۽ شراب جي مالڪ پنهنجي رسم ۽ رواج موجب انهن کي ڪُٺو، وڍيو، چيريو ۽ وري چِچريو به.مثلاً جهڙيءَ طرح حضرت امير حمزي کي شهادت جو شوق، گويا شراب محبت جو شوق هو ته ان کي وڍايائين ۽ حضرت ذڪريا عليہ السلام کي وري چيرايائين ۽ حضرت ايوب عليہ السلام کي وري ڪِيڙن سان، ۽ مال ۽ اولاد جي مارڻ سان چچرايائين يعني زور وڍيل کي وڍي سنهو ڪرايائين.

چچرڻ ايئن آهي ته جيئن آزمائش ۾ اول حضرت ايوب عليہ السلام جو مال چٽ ٿيو، پر تڏهن به شڪر ڪندو رهيو ۽ ان جي محبت ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي. شيطان الله تعاليٰ کي عرض ڪيو ته هن کي اولاد گهڻو آهي. پوءِ ڇو نه شڪرانو ڪري ۽ توسان محبت رکي! وري هن جو اولاد آزمائش لاءِ ماريو ويو، پر تڏهن به حضرت ايوب عليہ السلام پنهنجي محبوب موليٰ سائين جو شڪر ڪيو، پوءِ الله تعاليٰ شيطان کي فرمايو ته ڏس، جيڪي منهنجا محب آهن ۽ شڪر ڪندڙ آهن، انهن کي تون کاري نٿو سگهين. تڏهن شيطان درگاهه خدا تعاليٰ جي ۾ عرض ڪيو ته هي ڇونه شڪرانو ڪري، جو بدن ۾ ته تندرست آهي، پر جيڪڏهن هي ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿئي ۽ پوءِ به تنهنجو شڪر بجاءِ آڻي ته پوءِ تنهنجو محب ۽ شاڪر چئبو. تڏهن شيطان کي اجازت ملي. ان حضرت ايوب عليہ السلام جي کَلَ ۾ ڦوڪ ڏني،جنهن سان حضرت ايوب عليہ السلام جي سڄي بدن ۾ ڦرڙيون پيدا ٿيون. انهن ۾ ڪيڙا پيدا ٿيا. وري به حضرت ايوب عليہ السلام پنهنجي محبوب موليٰ سائينءَ جو شڪر ڪندو رهيو. اهو آهي آزمائش جي وقت شراب جي مالڪ حقيقيءَ جي پَر ِ يعني رسم و رواج! جيئن حضرت ايوب عليہ السلام کي سورن ۾ وڍي، چچري يعني زور سورن ۽ تڪليفن سان وڍي چچري سنهو ڪري، پوءِ نيٺ صحت ۽ مٿانهون درجو ڏئي شراب طهورا بهشت ۾ ڏنو. اهڙيءَ طرح حضرت امير حمزي رضي الله تعاليٰ عنہ کي نه فقط وڍيو ويو پر مثلو به ڪيو ويو يعني سندن ڪَنَ ۽ نڪ به ڪافرن وڍيو هو. اهو آهي وڍڻ کان پوءِ چچرڻ! حضرت امير حمزو رضي الله تعاليٰ عنہ زور شهادت جو شائق ۽ شراباً طهورا جو طالب هو، پر شراب جي مالڪ جي به اها پَرِ آهي. هاڻي اي شراب جا سڌ رکندڙ! توکي به سڌ شراب جي آهي ته شراب جي مالڪ ڪلال وٽ وڃ، جنهن جي پَرِ ۽ رسم و رواج وڍڻ، چيرڻ ۽ چچرڻ آهي. پر جي انهن تڪليفن هوندي ۽ سهندي ته توکي

وَٽِي پَوَئي وَرِ ته سَهَانگِي آهي سيدُ چَوي

اي طالب!جي نه توکي شراب جي هڪڙي وٽي وَرِ يعني ڪنهن وڪر يا اٽڪل سان اچي وڃي، تڏهن به اها سيد ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جي چوڻ موجب سهانگي آهي، اهو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جو چوڻ سچو آهي ته جيڪڏهن ڪهڙين به تڪليفن جي اچڻ سهڻ کان پوءِ وڍجڻ سان يا چچرڻ سان وَرِ اچي وڃي هڪڙي وٽي، محبت موليٰ جي شراب جي ته سهانگي آهي، ڇوته هيءَ حياتي دنيا جي، لهو ۽ لَعبُ يعني راند مثل آهي ۽ هميشہ نه هوندي ۽ هوءَ محبت موليٰ جي شراب جي وٽي هميشہ هوندي ۽ بقا ۽ جٽاءَ واري ۽ لذت ۾ بي نظير هوندي.

هاڻي وري اوهان کي ياد ٿو ڏيارجي ته مٿين بيتن ۾ به ڀٽائي صاحب هن محبت جي شراب جو قدر ۽ قيمت وڌائيندو آيو آهي. پر هن بيت ۾ ته هن عجيب نوع سان شراب جو قدر قيمت وڌايو آهي. مٿين بيتن ۾ هيءَ تجويز قيمت جي وڌائڻ جي آندي وئي هئي، ته جي سر ڏني شراب ملي، تڏهن به سهانگو آهي، وري شراب جو انداز گهٽ ڪندو ويو، جو وڃي هڪ سرڪ کي پهتو. ته هڪ سرڪ ملي تڏهن به سوکي، سڻائي ۽ سهانگي آهي. وري هن بيت  ۾ سِر  رڳو ته ڇا، پر سوين سورن سهڻ، چچرجڻ سان جي وري سور سَوَن سالن تائين سهندي به هڪ وٽي هٿ اچي ته سهانگي آهي. هاڻي هن ۾ هڪ سوال آهي ته ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ، پهرين بيتن ۾ جڏهن شراب جو اندازو انهيءَ تجويز سان گهٽائيندو رهيو، ته جيئن سندس قدر قيمت وڌي. تانجو وڃي شراب جي هڪڙيءَ سرڪ جو عيوض سِر به نه پڙيو. تڏهن به سرڪ سهانگي ليکي وئي. تڏهن هن بيت ۾ وري سرڪ مان وڌائي وٽي سڄي ڪئي وئي. ايئن ڇو چيو ويو؟ ان جو جواب آهي ته شراب جو اندازو ئي هن بيت ۾ ڏيکاريو ڪونه ويو آهي. هن ۾ فقط شراب جي پيئڻ جي سَڌ لاءِ رُڳي خالي وٽيءَ جو ٿانءُ آهي. شراب پيئڻ جي لاءِ چيو ويو آهي، ائين ڪونه چيو ويو آهي ته شراب سان ڀريل وٽي، پر چيو ويو آهي آهي وٽي رڳي هٿ اچي، جنهن جي حقيقي معنيٰ آهي ته شراب محبت جو رڳو اهو ٿانءُ هٿ اچئي، يعني دل اُها ملئي محبت واري، تڏهن به سيد چوي ته هي سودو سهانگو آهي. ڇاڪاڻ ته هي جيڪو خالص شراب محبت جو آهي، انهيءَ جي منڌ يعني چاش جي چاشني ۽ لذت جي ته بها يا ملهه ئي ڪونه آهي ۽ ناڻي واري ملهه ڪرڻ کان ئي مهانگو آهي. جيئڻ ايندڙ بيت نمبر 22 ۾ ٿو شاهه صاحب رحمة الله عليہ فرمائي

بيت

نَاڻي نَاهِه ڪَڪُوههُ ڪِي مُلهُه مَهانگو مَنٌڌُ،

سَنبَاهِجِ سَيَّدُ چَوي ڪَاٽڻَ ڪَارَڻِ ڪنٌڌُ،

هِي تَنهن جو هَنٌڌُ، مَٽنِ پاسَ مَرَنِ جي.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته ناڻي يعني پئسن يا دنيا تي ڪونهي ڪڪوهه يعني پئسن تي سٺو خالص شراب ملندو ئي ڪونه آهي. ڪي ملهه يعني ٻيو ملهه، جو مهانگو آهي انهيءَ پئسن يعني ناڻي واري ملهه کان سنڌ ۽ هن ڪڪوهه يعني خالص منڌ يعني چاش جو ملهه ڪنڌ ڪاٽڻ يعني سر ڪپڻ واسطي سنباهج يعني تيار ڪج، سنبرائج، سيّد چوي. ڇو ته هيءُ شرابخانو انهن جو هنڌ يعني مڪانُ آهي، “مٽن وٽ مرن جي“ – هن جو خلاصو مطلب آهي ته: هي محبت موليٰ سائين جو خالص شراب ملهه تي ڪونه ملندو آهي ۽ محبت جي ان شراب جي منڌ يعني چاش مهانگي آهي ملهه ڪرڻ کان. ڇوته هن پيسن يا دنيا تي مجازي شراب ملندو آهي، پر محبت موليٰ سائين جي هن شراب لاءِ، اي طالب موليٰ جا! ڪنڌ پنهنجو ڪاٽڻ يعني ڪپڻ لاءِ سنبرائج، انهيءَ لاءِ جو اهو ميخانو يعني شرابخانو انهن طالبن ۽ سالڪن، شائقن شراب وارن جي جاءِ آهي، جيڪي انهن مٽن شراب جي وٽ اچن. شراب محبت موليٰ سائينءَ جا مٽ آهن مرد خدا جا، يعني مرشد. پوءِ جڏهن شائق شراب جا مٽن يعني پنهنجن مرشدن وٽ پهچن ته مري وڃن. يعني جڏهن مريد پنهنجي مرشد وٽ پهچن، تڏهن پنهنجي نفس جي شهوات ماري نفي ۽ نيست ڪري فنا في الشيخ ٿين يعني گم ٿين مرشد ۾. پوءِ جڏهن طالب موليٰ جا انهيءَ فنائيت جي درجي کي پهچن ٿا، تڏهن ٻيون ظاهر جون تڪليفون، سزائون ۽ آزمائشون، جي سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ زهر جي پيئڻ مثال آهن. ڇاڪاڻ ته انهن آزمائشن جي تڪليفن تي صبر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. انهن جو بيان هن کان اول بيت نمبر 21 ۾ ڪري چڪا آهيون. اهي تڪليفون عاشقن کي سڻايون ۽ سهنجيون لڳن ٿيون ۽ انهن تڪليفن ۽ مصيبتن جي اچڻ تي راضي ۽ خوش ٿين ٿا ۽ انهن لاءِ گهڻو حرص ڪن ٿا ۽ اهي مجازاً مصيبتون سهڻ، زهر يعني وِهَه جهڙيون ڪؤڙيون يعني ڏکيون آهن. تڏهن به عاشق انهن کي پيئن ٿا ۽ سڪن ٿا. جيئن ايندڙ بيت نمبر 23 ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليہ ٿو فرمائي:

بيت

عَاشقَ زَهرَ پِياڪَ وِهُه ڏسي وِهِسنِ گهڻو،

ڪَڙي ۽ قَاتلَ جا هميشہ هيراڪَ،

لڳيَن لَنٌئُنٌ لَطيٌفُ چَئي فَنا ڪَيا فِراقَ

توڻي چِڪن چَاڪَ، ته به آهَه نَه سَلين عَام َ کي.

هن جي معنيٰ آهي ته عاشق زهر جا پيئندڙ جيئن وهِه ڏسن، تيئن گهڻو خوش ٿين. هن ٻي تڪ ۾ پهرينءَ تڪ جو جواب ڏنو ويو آهي ته ڇو ٿا وهسن يعني خوش ٿين؟ هن ڪري ڪو ڪَڙي يا ڪؤڙي ۽ قاتل يعني وڍيندڙ وهِه جا اصل کان وٺي هيراڪ يعني هريل، عادتي ۽ ٺهيل آهن. انهن جي لنئن يعني محبت انهيءَ سان اهڙي لڳي ويئي آهي، لطيف ٿو فرمائي، جو اُن جي فراق يعني جدائيءَ، انهن عاشقن کي فنا ڪري يعني فنائيت مست مجذوب ڪيو آهي. انهيءَ جي عشق ۾ ٻيون تڪليفون يعني ڦٽ چِڪن پيا، تڏهن به ان جو ائنٌتُ آههَ، سور ڀري  دانهن، عام يعني عوام کي نه سَلنِ يعني نه ٻڌائين ته ڪو اسان کي ههڙي تڪليف يا ڏک درد آهي.

هاڻي هن جي خلاصي مطلب کان اول هي خيال ڪندا ته هن بيت کان اول بيت نمبر 17کان وٺي بيت نمبر 22 تائين انهيءَ محبت موليٰ جي شراب بابت چيا ويا آهن ته اهو شراب محبت جو، محبت وارن کي ڪٿان ۽ ڪيئن حاصل ڪرڻو آهي! انهيءَ شراب محبت جو قدر قيمت ڪهڙو ڏکيو ۽ مهانگو رکيل آهي، جو سالڪ پنهنجو سِر وڍڻ، چيرڻ ۽ وري چچرڻ به برادشت ڪري پوءِ به جي سرڪي ملڻ ته ٺهيو، پر جي سکڻي وٽِي شراب جي پيئڻ واري هٿ اچي، تڏهن به سهانگي آهي سيّد چوي.

پر مطلب ته هن شراب محبت جو ملهه ئي ڪونه آهي ۽ ڪونه ٿي سگهندو ۽ هن شراب جي ملڻ جي تياريءَ ۾ ئي يعني اميد ۾، پهريائين پنهنجي نفس جو سر وڍي يعني ان جون شهواتون رد ڪري ، ڪاٽي ته پوءِ شراب جي مٽن ۽ شراب جي گُتي وٽ وڃي ۽ مري. اهي سڀ بيان شراب محبت جا مٿين بيتن جا ٿي چڪا آهن. تڏهن شاهه صاحب رحمة الله عليہ جو چوڻ آهي ته جڏهن محبن لاءِ ايتريون تڪليفون ۽ ڏکيائيون آهن شراب محبت جي حاصل ڪرڻ ۾ ۽ اهي به اهڙيون ڏکيون تڪليفون ۽ آزمائشون آهن، جو گويا زهر ۽ وهِه مثل آهن، پر وهِهُ به اهو جو ڪؤڙو ۽ قاتل يعني آنڊا ڪپيندڙ هجي. تڏهن عاشقن جي طبع ڏسجي ته اڃا به انهيءَ محبت جي شراب جي سڪ اٿن يا نه، يا ايتريون ۽ اهڙيون تڪليفون ڏسي، پوءِ سندن رخ ڪهڙو آهي؟ اها حقيقت هن بيت نمبر 23 ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ بيان ٿو فرمائي ته اهڙي زهر جهڙيءَ تڪليف جا ته عاشق سهندڙ ۽ پيئندڙ آهن، پر اڃا انهيءَ وهِه کي ڏسي وهسندا آهن يعني خوش ٿيندا، جيڪو ڪؤڙو ۽ ڏاڍو قاتل هجي، ڇاڪاڻ ته اهي عاشق اصل کان وٺي هميشه اهڙي زهر ۽ وهِه جا هيرڪ آهن. وري انهن زهر جهڙين تڪليفن سان جيڪي سندن چاڪ چڪن يعني ڦٽ، سور چِڪن، تڪليفون تازيون پيدا ٿين، انهن جي وري ڪنهن سان ڳالهه به نه ڪن – ”آههَ نه سلن عام کي“.

هاڻي مثال طرح بيان ٿو ڪجي ته هڪ دفعي امام سڳورا، حضرت حسن رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ حضرت حسين رضي الله تعاليَ عنہ ٻئي ناخوش ٿي پيا. تڏهن حضرت علي رضي الله عنہ ۽ خاتون جنت بيبي فاطمة رضي الله تعاليٰ عنها امام سڳورن جي چڱڀلائيءَ لاءِ ٽي روزا نذرانو باسيا، جو کين حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو هو ته ڪجهه نذرانو باسيو ته الله تعاليٰ هنن کي شفا بخشي – تڏهن انهيءَ نذر باسڻ بعد الله تعاليٰ امامن سڳورن کي شفا بخشي. پوءِ روزي جي کولڻ واسطي قرض وٺي ٽي روزا رکيائون. پهرئين ڏينهن روزي جي کولڻ وقت هڪڙي فقير مسلمان اچي سوال ڪيو ته هن کي پنهنجي ماني ڏنائون ۽ پاڻ نه کاڌائون. ٻئي ڏينهن انهيءَ وقت هڪ يتيم سوال ڪيو ۽ ٽئين ڏينهن اچي هڪ قيديءَ سوال ڪيو، تنهن کي سڀ ماني ڏئي ڇڏيائون پاڻ ٽيئي ڏينهن فقط پاڻيءَ سان روزو کولي ۽ پاڻيءَ تي روزو رکيائون ٿي. تڏهن الله تعاليٰ هيءَ آيت نازل ڪئي:

سورة الدهر پاره 29 ۾، ترجمو: ٻانها منهنجا ابرار ڏين نذرانو روزن جو(جي باسيا حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ بيبي فاطمہ رضي الله تعاليٰ عنها وقت مرض حضرت حسن رضي اللہ تعاليٰ عنہ ۽ حضرت حسين رضي الله تعاليٰ عنہ جي) ۽ ڊڄن ڏينهن قيام جي کان، جو آهي سختي جنهن جي پکڙندڙ. ۽ کارايائين طعام (جو رڌائون پنهنجي روزي ڇوڙڻ لاءِ) ساڻ احتياج پنهنجي، مسڪين يتيم ۽ قيديءَ کي – چوي ٿي زبان حال ان جي ته نٿا کارايون ان کي مگر ڪارڻ خدا – جيئن نٿا گهرون اوهان کان اجورو عيوض طعام جو ۽ نڪي چئون ٿا ته شڪرانو ڪيو اسان جو. اسين ڊڄون ٿا خدا کان ڏينهن ڏکئي ڏاڍي پَرِ. پوءِ پناهه ۾ رکندو ان کي خدا ڪنان سختيءَ ان ڏينهن جي ۽ ڏيندو ان کي تازگي مُنهن َ جي ۽ خوشي. ۽ اجر ان جو آهي سبب صبر ڪرڻ ان جي، بهشت ۽ پَٽَ جا تڪيا ڪندا بهشت ۾، مٿي تختن بادشاهيون، نه ڏسندا ان ۾ سج ۽ چنڊ. ۽ اوڏيون ٿينديون ان تي ڇائون بهشت جون ۽ نِويِو پوندا پاڻهين ڇڳا ميون جا واتن ۾. ۽ ڦيرائيندا بهشتن تي پيالا رُپي جا ۽ پيالا جي هوندا صاف بلور جهڙا، بلور رُپي، پيئڻ جيترو وجهندا ان ۾، نه گهڻو نه ٿورو. ۽ پيئاريندا ان ۾ پيالا شراب جا، هوندو گڏيل ان ۾ شراب معرفت جو، نالو جنهن جو آهي زنجيل. اهو چشمو آهي بهشت ۾، ان جو نالو آهي سلسبيل. ۽ ڦرندا ان ۾ نينگرا نابالغ، جي نه جوان (هوندا ۽) نه پوڙها، هميشہ ڏسين انهن کي ته ڀانئين انهن کي موتي پکڙيل. ۽ جي ڏسندين اها جاءِ، ته ڏسندين نعمتون ۽ بادشاهي وڏي مٿي ان هوندا پارچا پَٽَ سنهي جا، سائي رنگ جا ۽ پارچا پَٽَ ٿلهي جا ۽ ڍڪيندا ٻانهيون رُپي جون ۽ پيئاريندو ان کي خدا شراباً طهورا. (پاڪائيءَ جو شراب).

حضرت مقاتل رضي الله تعاليٰ عنہ ٿو فرمائي ته طهورا آهي چشمو بهشت جي دروازي تي، جيڪو ان منجهان پيئندو ته ان جي دل حسد کان پاڪ ٿيندي ۽ ڪا صفت مَٺائيءَ جي ان ۾ نه رهندي.

هاڻي ڏسو ته هنن آيتن سڳورين مان صاف ظاهر آهي ته جڏهن حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ بيبي فاطمہ رضي الله تعاليٰ عنها، لاڳيتو ٽن روزن جي بک هوندي به الله تعاليٰ جي راضپي خاطر مسڪين، يتيم ۽ قيديءَ کي پنهنجو رڌل سمورو طعام في سبيل الله ڏنائون، اهو ايثار ۽ سخاوت به گويا وهِهَ جو ڍُڪ ڀرڻو آهي. وري ان ڏيڻ تي پاڻ راضي ۽ خوش هئا ۽ اها ٽن ڏينهن جي لڳاتار بک برداشت ڪيائون. وري انهيءَ بک جي تڪليف جي ڪنهن سان ڳالهه به نه ڪيائون- ”آهه نه سليائون عام کي“، ڇو ته اهڙين تڪليفن سهڻ جا ته اصل هميشه هيراڪ هئا. کين اها محبت موليٰ جي هئي، جنهن سندن اُڃ ۽ بک کي فنا ڪري ڇڏيو هو. رڳو اها تات طلب هئن ته خدا راضي ٿئي ۽ قيامت جو ڏينهن اسان تي سڻائو ٿئي. اها خبر سندن تڪليف سهڻ جي، الله تعاليٰ پنهنجي پياري رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم سان ظاهر ڪئي ۽ سندن اجورو به بيان فرمايو ته پناهه ۾ رکندو خدا ان کي، ڏينهن ڏکئي ۽ ڏاڍي ۽ ڏيندو انهن کي تازگي مُنهَن جي ۽ خوشي. اهو اجر سندن عيوض آهي سبب صبر ڪرڻ جي. جو اهڙيءَ تڪليف تي صبر ڪيائون. پوءِ ڏبو ان کي بهشت ۽ ان جون مڙئي نعمتون جي مٿين آيتن سڳورين ۾ الله تعاليٰ بيان فرمايون آهن ۽ پيالا شراب جا ۽ قسم سڀني شراب جا ۽ شراب طهورا پياريو انهن کي، جيڪي ڪم ڪندا اهڙا. اهي پيئندا منجهان پيالي شراب جي، هوندو گڏيل ان ۾ شراب محبت جو، جنهن جو نالو آهي ڪافور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org