سيڪشن: ادب

ڪتاب: شرح لطيف

باب:

صفحو:16 

پوءِ جڏهن آدميءَ تي اها ڳالهه کُلي ٿي وڃي ته آسمان ۽ زمين ۽ ان جي وچ ۾ جي شيون آهن، سي سموريون الله تعاليٰ جي وس ۾ آهن، تڏهن شيطان ان کان نااميد ٿو ٿئي ته هاڻي شرڪ جمادات ته نٿو ملائي سگهان، پوءِ وري ٻيءَ صورت ۾ طالب موليٰ کي پيش ٿو اچي ۽ حيوانات جي اختيار ڏي لاڙو ٿو ڪرائي، يعني ڪمن ۾ پنهنجي وس جو دل ۾ خيال وجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته سڀئي ڳالهيون ۽ ڪم الله تعاليٰ جي طرف کان ڪيئن ٿو اعتقاد ڪرين؟ ڏس، فلاڻو شخص توکي پنهنجي اختيار سان، سواءِ ڪنهن ٻئي جي تاڪيد کان، رزق ٿو ڏئي. وڻين ته نه ڏئي، وڻيس ته بند ڪري ڇڏي. اهڙيءَ طرح بادشاهه کي به اختيار آهي ته توکي ڦاسي ڏئي، وڻيس ته توکي ڇڏي ڏئي. تڏهن خوف به بادشاهه کان ڪرڻ گهرجي ۽ اميد به ان ۾ رکڻ گهرجي. اها ڳالهه ته تون اکين سان ڏسين ٿو ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. هيئن به چوي ٿو ته جيڪڏهن تون قلم کي ڪاتب نٿو ڄاڻين، هن سبب کان ته هو ڪاتب جي هٿ ۾ مسخّر آهي، ته ڀلا ڪاتب ته پنهنجي وس موجب قلم سان لکي ٿو. انهيءَ کي ڪاتب ڇو نٿو ڄاڻين؟ انهيءَ خطري ۾ گهڻن ماڻهن جا پير کسڪڻ لڳن ٿا، سواءِ الله تعاليٰ جي خاص ٻانهن جي، جن تي شيطان مردود جو وس نٿو هلي سگهي. اهي خدا تعاليٰ جا خاص بندا چشم بصيرت سان انهيءَ مجازي ڪاتب کي به مسخر ٿا ڏسن، جيئن ضعيف نظر جا قلم کي ڪاتب جي هٿ ۽ وس ۾ ٿا ڄاڻن. اهڙيءَ  طرح خاص خدا جو بندو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به مجازي طبيب ۽ حڪيم ۽ حبيب ۽ دوا کي بي مقصد ڄاڻي انهيءَ حقيقي حبيب ۽ طبيب کي سڏي ٿو، جنهن جي قبضي ۽ قدرت ۾ هي مجازي حبيب ۽ طبيب آهن ۽ دوا کي به انهيءَ حقيقي طبيب جي هٿ ۾ مسخر ڄاڻي ٿو. تڏهن ٿو فرمائي ته ”تون حبيب تون طبيب تون درد جي دوا“-

هن پهرينءَ تڪ ۾ توڪل جو بيان ڪيل آهي، جنهن جو اصل يا بنياد توحيد آهي. الله تعاليٰ سورة مائده ع 4 ۾ ارشاد ٿو فرمائي؛

وَعَلَي اللهِ فَتَوَ ڪَّلُوٌا اِنٌ ڪُنٌتُمٌ مُّؤمِنِيٌن

ترجمو: ۽ الله تي ڀروسو رکو، جي يقين ٿا رکو.

سورة ابراهيم جي ع 2 ۾ فرمائين:

وَعَلي اللهِ فَلٌيَتَوَڪَّلِ الٌمُتَوَڪِّلُوٌنَ

ترجمو: ۽ الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي، ڀروسي رکندڙن کي.

سورة الطّلاق جي ع 1 ۾ فرمايائين؛

وَ مَنٌ يَّتَوَکَّلٌ عَلَي اللهِ فَهُوَ حَسٌبُہٗ

ترجمو: ۽ جو ڀروسو رکي الله تي ته اهو ان کي بس ڪافي آهي.

سورة آل عمران ع 17 ۾ فرمايائين:

اِنَّ اللهَ يُحِبُّ الٌمُتَوَکِّلِيٌنَ

ترجمو: الله تعاليٰ گهري ٿو يعني محبت ٿو رکي توڪّل وارن کي.

پوءِ اهڙي مقام کي ڇا چئجي، جو ان تي پهچي! اهو الله تعاليٰ جو محب ٿيو ۽ الله تعاليٰ ان کي ڪافي آهي. جنهن شخص جو الله تعاليٰ ڪفيل هجي، محبت ۽ محافظت ڪري، اهو وڏي ڇوٽڪاري وارو آهي. انهيءَ ڪري جو محبوب کي عذاب نه ٿيندو، نه دور رهندو، نه حجاب وارو هوندو. هن آيت سڳوريءَ ۾، سورة زمر ع 4 ۾ ارشاد آهي:

اَلَيٌسَ اللهُ بِڪَاف عَبٌدَهٗ

ترجمو: ڇا الله بس نه آهي پنهنجي ٻانهن کي.

انهيءَ مان معلوم ٿيو ته جو شخص طالب ڪفايت غير کان هجي، اهو توڪّل جو تارڪ ۽ هن آيت جي تڪذيب ڪرڻ وارو آهي، ڇو ته سوال استفهام اقراري آهي. مطلب آهي ته بيشڪ الله تعاليٰ ٻانهي کي ڪافي آهي. سورة انفال جي ع 7 ۾ فرمايائين:

وَمَنٌ يَّتَو َکَّلٌ عَلَي اللهِ فَاِنَّ اللهَ عَز ِيٌزُٗ حَڪِيٌمُٗ

ترجمو: ۽ جيڪو ڀروسو رکي الله تعاليٰ تي ته الله زبردست آهي حڪمت وارو.

تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به الله تعاليٰ کي زبردست حڪيم ۽ حبيب ڄاڻِي ٿو کيس عرض ڪري ۽ مٿس توڪّل رکي ته خود” تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا“ آهين. هن تڪ ۾ جو ”حبيب“ جو لفظ آيل آهي، ان جي معنيٰ آهي معشوق طبيب جي معنيٰ آهي، انسان جي علاج ڪرڻ وارو ۽ درد جي معنيٰ آهي ڏک، سور، تڪليف، سوز، گداز ۽ افسوس آهي. هن معنيٰ مان معلوم ٿيو ته ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي انهيءَ معشوق حقيقي حبيب کي سڏي رهيو آهي، جيڪو انسان ذات جي اندر جي سڀني سورن ۽ ڏکن، هر قسم جي تڪليفن، ارمانن ۽ افسوسن جو علاج آهي ۽ نه فقط تپ، سور، ڦٽ ۽ ظاهر جي تڪليف جو.

هاڻي، انسان جا اندريان مخفي به گهڻا مرض آهن، جن جو اشارو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ تڪ نمبر 2 ۾ ڏنو آهي. جهڙوڪ بڇڙي عادت، تڪّبر، غرور، رياءُ، دغا، فريب، مڪر، ڪفر- مطلب ته نفس جون هر قسم جون حرڪتون، شهواتون وغيره جن جي علاج وارو به انهيءَ معشوق موليٰ سائينءَ کان سواءِ ٻيو ڪو حڪيم ڪونه آهي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ انهيءَ حقيقي حبيب کي سڏي ٿو عرض ڪري ته ”تون حبيب تون طبيب تون درد جي دوا“- هن تڪ ۾ جو ”تون“ جو لفظ ٻه ٽي دفعا آيو آهي، اهو، تون لفظ پڻ اعتماد ڪري ٿو ڏيکاري مثلاً جيڪڏهن ڪنهن شخص کي، ڪنهن ٻئي شخص لاءِ اهڙو پڪو خيال دل ۾ ويهي وڃي، ته انهيءَ ئي شخص هي منهنجو نقصان ڪيو آهي يا نفعو ڏياريو آهي ۽ پوءِ جڏهن اهو ان کان روبرو پڇندو آهي ته هي تنهنجو ڪم ڪيئن ٿيو، تڏهن هو چوندو آهي ته اهو مڙئي تون آهين. وري انهيءَ کان ٻئي ڪم جو پڇندو ته ڀلا هو ٻيو ڪم تنهنجو هينئن ڇو ٿيو؟ تڏهن به چوندو آهي ته اهو به مڙئي تون آهين. پوءِ جيڪي ڪي ٻيو پڇندو اٿس ته هو ٻيو چوندو آهي ته مڙيئي ڪم تنهنجا آهن ۽ تون آهين. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به پنهنجي معشوق موليٰ سائينءَ کان مڙئي ڪم ته ٿو ڀانئين، پر فرمائي ٿو ته منهنجو خود ”تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا“ آهين. هن تڪ ۾ ڪمال درجي جي توڪّل ۽ توحيد جو بيان ڏيکاريل ۽ چيل آهي ۽ توحيد تسليم ڪيل آهي. توڪّل جو لفظ مشتق وڪالت کان آهي، جنهن جي معنيٰ ٻئي تي ڀروسو ڪري پنهنجو ڪم ان جي سپرد يعني حوالي ڪرڻ آهي، جنهن جي حوالي ڪم ٿو ڪجي، ان کي وڪيل چوندا آهن ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجو ڪم ان جي حوالي ٿو ڪري، تنهن کي مُوَڪّل چئبو آهي. پر شرط آهي ته وڪيل تي متوڪل جي نفس جو پورو پورو ڀروسو، اطمينان ۽ اعتقاد هجي ۽ ان کي قاصر ۽ عاجز نه ڄاڻندو هجي. مطلب ته توڪل فقط وڪيل تي دلي اعتماد کي چئبو آهي ۽ مُوڪل کي وڪيل تي دلي اعتماد تڏهن ٿيندو، جڏهن هنن چئن ڳالهين ۾ هو پڪو يقين رکندو هوندو:

پهريون نهايت درجي جي هدايت؛ ٻيو پوري پوري فصاحت يعني صاف خوش بيان؛ ٽيون قدرت ڪامل، چوٿون شفقت ۽ هدايت – انهيءَ ڪري جو فريب، مڪر، يا ڪوڙ وغيره کي ڄاڻي، ايترو جو تمام ٿورڙا ۽ خفيف حيلا ۽ مڪر به هن کان لڪا نه رهن ۽ قدرت، انهيءَ لاءِ ته هو حق ظاهر ڪري ۽ حاڪم جي رعب ۾ اچي خوشامد جون ڳالهيون نه چوي، حق جي ظاهر ڪرڻ ۽ ثابت ڪرڻ ۾ شرم و حياءُ يا نامردي نه ڪري، يا ڪنهن ٻين لفظن چوڻ سببان، جنهن سان حق ظاهر ڪرڻ ۾ دل ضعيف ٿئي. اهي زبان تي نه آڻي؛ ۽ فصاحت انهيءَ لاءِ، جو هيءُ به هڪڙي قسم جي طاقت آهي، جو جنهن ڳالهه جي چوڻ تي دل جرئت ڪري ۽ چوڻ جو ارادو ڪري ته انهيءَ ڳالهه کي چڱي طرح بيان ڪري سگهي. شفقت انهيءَ لاءِ، جو جيڪي ڪي مٿس حق ۽ وڪالت جو آهي، سو پوريءَ طرح بجا آڻي، ڇو ته رڳو مقدمي ۾ لڙڻ وڪيل لاءِ ڪافي نه آهي، پر مُوڪل تي سندس عنايت ۽ شفقت ضروري آهي ۽ ان جي حالت تي رحم ڪري ۽ سندس ڪم کي پوريءَ طرح سان ڪامياب بنائڻ کي ضروري ڄاڻي دل جي شوق سان ڪري. ائين نه هجي جو مقدمون مدعي کٽي يا مدعا عليہ، هو (وڪيل) ڪا پرواهه نه رکي؛ موُڪل جو حق ماريو وڃي ته به پرواهه نه ڪري.

هاڻي، انهن چئن ڳالهين مان جيڪڏهن ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه لاءِ به مُوڪل کي وڪيل ۾ پورو ڀروسو نه هوندو، يا شڪ هوندو ته ان کي پنهنجي وڪيل ۾ پورو اعتقاد نه ٿيندو يا مخالف ڌر کي انهن چئن ڳالهين مان ڪنهن هڪڙي ڳالهه ۾ به زور ڄاڻندو ته به ان کي پنهنجي وڪيل ۾ پورو اطمينان ۽ ويساهه نه ٿيندو، بلڪ ان جي دل ۾ خطرو پيدا ٿيندو ۽ هو ويچار پيو ڪندو ته منهنجي وڪيل کان ڪابه گهٽتائي نه ٿئي، ته جيئن مخالف ڌر غالب نه ٿي وڃي، جيتري قدر مُوڪّل کي انهن چئني ڳالهين جو وڪيل ۾ اعتقاد هوندو، اوتري قدر ان جو هن تي ڀروسو سمجهڻ گهرجي، ڇو ته مُوڪّلن جي اعتماد ۾ به گهڻو تفاوت آهي انهيءَ ڪري متوڪل جي يقين جي حد انهيءَ پڪي يقين کي پهتل هجي، جنهن ۾ ڪوبه ضعف يا گهٽتائي نه هجي. مثلاً مُوڪل جو پيءُ وڪيل هجي، جو سڀ طرح حلال ۽ حرام جي واسطي پٽ لاءِ ڊوڙندو ڊڪندو وتندو هجي ته پٽ کي به سندس ڪمال شفقت جو يقين ٿيندو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ تي توڪل ڪرڻ جو قياس ڪرڻ گهرجي. يعني جيڪڏهن آدميءَ کي پڪي اعتقاد سان هيءَ ڳالهه دل ۾ پڪي ڄمي وڃي ته فاعل، سواءِ خدا تعاليٰ جي، ٻيو ڪوئي نه آهي ۽ هيءُ به پڪ ۽ سچ ڄاڻي ته خداوند ڪريم پنهنجن ٻانهن جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻندو آهي ۽ انهن جي سڀني ڪمن جي پوري ڪرڻ لاءِ قدرت ڪامل رکندڙ آهي؛ ان جي رحمت ڪامل ۽ عنايت شامل ۽ هر هڪ ٻانهي تي واصل آهي- نه ان جي طاقت کان بعد ڪا ٻي طاقت آهي؛ نه  ان جي علم کان سواءِ ڪو ٻيو علم آهي ۽ نه ان جي رحمت ۽ عنايت کان سواءِ، جا مون تي آهي، ڪا ٻي رحمت ۽ عنايت آهي ته اهڙيءَ صورت ۾ بيشڪ ان جي دل، رڳو خدا تعاليٰ تي توڪّل ڪندي ۽ ٻئي ڪنهن به طرف لاڙو نه ڪندي ۽ جڏهن ڪابه حرڪت يا قدرت جي ڳالهه بيان ٿيندي، تڏهن به پنهنجي نفس جي طاقت ۽ قدرت جو خيال يا لحاظ به نه ڪندو. انهيءَ ڪري جو:

لاَ حَوٌلَ وَلاَ قُوَّةَ اِلاَّ بِاللهِ

ترجمو: حول ۽ قوت خدا تعاليٰ جي ئي بدولت آهي. حول جي مراد حرڪت آهي ۽ قوت جي مراد قدرت آهي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به الله تعاليٰ کي حول، قوّت ۽ حڪمت جو مالڪ ڄاڻي ان ۾ پڪو ۽ سچو اعتماد، اعتقاد ۽ يقين رکي، ٻيا سڀ غير جا واسطا وسيلا وڃائي ۽ آسون ۽ اميدون لاهي فرمائي ٿو ته خود ”تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا“ آهين. هن تڪ ۾ رضا جي به تعليم ڏنل آهي. رضا جي معنيٰ آهي راضي ٿي خوشيءَ سان ڪنهن ڪم جي اجازت ڏيڻ، ڪو اهم ڪم ٻئي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ پڻ رضا آهي ۽ ٻانهي جي رضا بعد الله تعاليٰ جي رضا آهي. بني اسرائيلن حضرت موسيٰ عليہ السلام کي عرض ڪيو ته تون پنهنجي ربّ کان اهڙو ڪم پڇي ڏي، جنهن جي ڪرڻ سان هو پاڻ اسان تي راضي ٿئي. حضرت موسيٰ عليہ السلام باري تعاليٰ کي عرض ڪيو ته هي جيڪي ڪجهه چون ٿا، سو تو ٻڌو آهي. حڪم ٿيو ته اي موسيٰ، تون انهن کي چئهُ ته هو مون سان راضي رهن ته مان انهن سان راضي رهان. رضا جي فضيلت ۾ سورة البينة ۾ آيت آهي:

رضي الله عنهم و رضو عنہ

ترجمو: الله انهن کان راضي ۽ اهي الله کان راضي آهن.

هن آيت مان پڻ صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ انهن کان راضي آهي، جي الله تعاليٰ سان راضي آهن. هن ۾ منڪرن طرفان هيءُ سوال ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ راضي آهي ته پوءِ دعا ڇو ٿو گهري؟ ان جو جواب آهي ته جيڪڏهن دعا گهرڻ رضا جي خلاف هجي ها، ته قرآن شريف ۾ دعا گهرڻ جو حڪم نه هجي ها. الله تعاليٰ فرمايو آهي ته مون کان دعا گهرو اميد ۽ خوف سان. حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن پاڻ دعائون گهريون آهن. رضا محبت جو ميوو آهي ۽ مقرّبن جي اعليٰ مقامن مان هڪ آهي. خداوند ڪريم پنهنجي ڪن ٻانهن جي دعا گهرڻ جي تعريف سورة الانبياء ع 6 ۾ هن طرح فرمائي آهي:

وَ يَدٌعُوٌنَنَا رَغباً وَّ رَهٌبَا

ترجمو: ۽ سڏيائون ٿي اسان کي توقع ۽ خوف سان.

هن آيت سڳوريءَ مان ثابت آهي ته الله تعاليٰ کي سڏجي خوف ۽ وڏي اميد رکي. تڏهن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به وڏيءَ محبت ۽ اميد سان سڏي ٿو ته تون ئي خود ”حبيب، تون طبيب، تون ئي درد جي دوا“ آهين. هن تڪ ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ عجيب نموني ۽ صبر ۽ شڪر جي تعليم ڏني آهي. بندي تي جڏهن به ڪا مصيبت اچي وڃي، تڏهن صبر ڪري، ان جي شڪايت غير سان نه ڪري ۽ انهيءَ مشڪل کي خدا تعاليٰ جي حوالي ڪري، جيڪو ڏيڻ وارو ۽ لاهڻ وارو آهي. صبر، شڪر سان متصل آهي. صبر ۽ شڪر جو بيان هن کان اول سر ڪلياڻ ۾ کولي بيان ڪيل آهي ۽ اهو اتي ئي ڏسي سگهي ٿو. شڪر هن کي چئبو آهي جو نفعو ۽ نقصان الله تعالى کان ڄاڻي ان جو شڪر ڪري. نفعي ۾ الله تعاليٰ جو شڪرانو ڪرڻ، سڀڪنهن ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچي ٿو، پر نقصان ۾ شڪرانو ڪرڻ البت سمجهڻ ڏکيو آهي. ظاهري طرح سان جيڪو نقصان اچي ٿو، تنهن ۾ به بندي جي بهتري آهي.مثال طور جڏهن مال ۾ نقصان ٿو اچي ۽ بندو ان تي صبر ۽ شڪر ٿو ڪري، تڏهن الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهي کي ان جي عيوض ٻيو مال ۽ ثواب ڏئي ٿو ۽ انهيءَ نقصان ٿيل مال ۾، جيڪو خود مال جي مالڪ لاءِ نقصان ۽ ضرر آهي، تنهن کي الله تعالى دفع ٿو ڪري.

مولانا رومي صاحب جي مثنوي شريف ۾ نقل آهي ته هڪڙو شخص حضرت موسيٰ عليہ السلام کان جانورن جون ٻوليون سکيو. ان کي هڪ ڪڪڙو، ڪتو، خچر ۽ هڪ ٻانهون پڻ هئا. هڪڙي ڏينهن ڪڪڙ کان ٻڌائين، جو ڪتي جي اعتراض تي کيس چئي رهيو هو ته منهنجي مانيءَ جي ٽڪر کائڻ تي ناراض نه ٿيءُ. سڀاڻي مالڪ جي خچر مرندي. خچر ۽ گهوڙي جو گوشت اوهان ڪتن لاءِ عيد آهي ۽ ان مان اسان کي ڪجهه به نصيب نه آهي. مالڪ اهو ٻڌي خچر وڪڻي ڇڏي. وري ڪڪڙ کي ڪتي چيو ته تون مون کي ڍَوَ جا ڪوڙا دلاسا ڏئي منهنجو ٽڪر به تون کائي ٿو وڃين؛ اُنَ جي ڪڻن مان ته مون کي هونئن ئي ڪجهه نصيب نه آهي. ڪڪڙ چيو ته خچر ته مالڪ کپائي ڇڏي؛ هاڻي سڀاڻي مالڪ جو ٻانهو مرندو، پوءِ پاڙي وارن کان ايتريون ته گهڻيون مانيون اينديون، جو کائڻ کان بچي پونديون. پوءِ کائي خوب ڍؤ ڪج. مالڪ جو اها ڳالهه ٻڌي، سو ٻانهي کي کپائي ڇڏيائين! ڪتي ڪڪڙ کي چيو ته تنهنجو اهو به دلاسو ڪوڙو نڪتو، ان تي ڪڪڙ چيو ته انهن کي ته نقصان جي خوف کان کپائي ڇڏيائين، پر هاڻي پاڻ مالڪ مرندو. جڏهن مالڪ اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن خوف کان حضرت موسيٰ عليہ السلام وٽ ڀڄندو ويو ۽ عرض ڪيائين ته سائين! هاڻي ٻئي نقصان کان ته ڇٽس، پر هن ڀيري ته مورڳو منهنجو ئي ”سر“ ٿو وڃي. منهنجو ڪو بچاءُ ڪر. حضرت موسيٰ عليہ السلام فرمايو ته تنهنجي سر جو بچاءُ يا صدقو مال هئو، جنهن جو نقصان ٿيڻ نه پسند ڪيئه. هاڻي تنهنجي لاءِ ٻيو بچاءُ نه آهي ۽ مون کان نه ٿيندو.

هن ڳالهه مان ظاهر آهي ته مال جي نقصان يا ڪنهن ٻيءَ مصيبت جي اچڻ تي راضي ٿي صبر ۽ شڪرانو ڪرڻ وڏو ثواب به آهي ۽ ظاهري طور پنهنجو فائدو به انهيءَ ۾ ئي آهي. جيئن مٿي بيان ڪيل شخص صبر ۽ شڪر نه ڪيو ته وڌيڪ نقصان خود پنهنجي حياتيءَ جو ٿيس. جڏهن نفعي ۽ نقصان ۾ ڪنهن به غير الله جو وس هلي نٿو سگهي، تڏهن آدميءَ کي گهرجي ته هو صبر ۽ شڪر ڪري؛ ان جو ثواب نه وڃائي ۽ نه ان جي شڪايت غير سان ڪري. حضرت عزير عليہ السلام تي وحي نازل ٿيو ته جڏهن توتي مصيبت نازل ٿئي ته منهنجي شڪايت منهنجي مخلوق سان نه ڪر. جيڪي ڪجهه توکي چوڻو آهي ، سو مونکي چئهُ، جيئن مان تنهنجي شڪايت پنهنجي مَلَڪن (فرشتن) سان به نٿو ڪيان. جيتوڻيڪ تنهنجون ڪيل خطائون مون وٽ پهچن ٿيون ۽ مون کان ڪابه ڳالهه ڳجهي نه آهي. هڪ دفعي حضرت موسيٰ عليہ السلام باري تعاليٰ کي عرض ڪيو ته خداوند! تون (حضرت) آدم( عليہ السلام ) کي مٽيءَ مان پنهنجي قدرت جي هٿ سان بنايو. پوءِ آدم عليہ السلام تنهنجو شڪرانو بجا ڪيئن آندو؟ الله تعاليٰ فرمايو ته اي موسيٰ(عليہ السلام)، آدم اهو سڀڪجهه مون کان ئي پئي ڄاتو.

هنن نقلن مان ظاهر ٿيو ته صبر ۽ شڪر اهو آهي، جيڪو الله تعالى کان ڄاڻي ۽ الله تعاليٰ جي ئي حوالي ڪجي. جيئن شاهه صاحب ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجو معشوق، حبيب، طبيب، علاج وارو، لاهيندڙ، درد جي دوا به الله تعالى کي ڄاڻي ۽ ان جي حوالي ڪري مٿس اميد ۽ توڪّل رکي، فرمائي ٿو ته ”تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا“- هن تڪ ۾ گهڻي تعليم زهد جي به ڏني ويئي آهي. هن فصل پهرئين جي هن بيت ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جو اصل مقصد زهد ۽ زاهدن جو، جيڪي گويا بيمارن مثل آهن، بيان ڪرڻ آهي. اهو بيان تمام گهڻو آهي. هتي مختصر طور سمجهائي ٿو ته زهد ڇا آهي ۽ هن بيت ۾ زهد جو بيان ڪيئن ڪيل آهي.؟

حقيقت ۾ ڄاڻڻ گهرجي ته دنيا ۾ زهد ڪرڻ سالڪن جي مقامات مان هڪڙي مقام يعني عمدي منزل جو نالو آهي ۽ ٻين مقامن جي طرح علم، حال ۽ عمل کان بڻبو آهي علم، سبب حال جو آهي، گويا حال ان جو ميوو آهي ۽ حال جو ميوو عمل آهي. هاڻي اسان حال جي ٻنهي پاسن علم ۽ عقل سان گڏ بيان ڪيون ٿا ته زهد ڪهڙيءَ حالت جو نالو آهي؟ زهد جي هتي هيءَ مراد آهي ته هڪڙي شيءِ کان ٻيءَ چڱي شيءِ جي طرف رغبت ڪرڻ. تڏهن جو شخص هڪڙي شيءِ کان ٻيءَ شيءِ جي طرف خيال يا لاڙو ڪندو آهي. خواهه بيع وغيره سميت عيوض ڏيندو آهي يا ڪنهن ٻيءَ طرح سان، ته پوءِ ظاهر آهي ته جنهن چيز جي رغبت ڇڏي ٿو ان کان منهن ڦيرائي ٿو ۽ جنهن جي خواهش هوندي اٿس، ان جو راغب هوندو آهي، ته اول جيڪا شيءِ ڇڏي اٿس، ان جي لحاظ کان، جيڪڏهن ان شخص جو حال ڏٺو وڃي ته ان کي زهد چئبو ۽ ٻيءَ شيءِ جي نسبت ڪري رغبت ۽ محبت چئبي. ان مان معلوم ٿيو ته زهد جي لاءِ ٻه شيون گهرجن: هڪڙي اها، جنهن جي طرف کان شوق ڇڏيو وڃي، ٻي اها، جنهن جي پاسي شوق ڪيو وڃي ۽ اها ٻي شيءِ پهرينءَ شيءِ کان چڱي هجي. پر پهرين شيءِ ۾ به هي شرط آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سبب کان ان جي طرف رغبت هوندي هجي. پوءِ جو شخص پنهنجي رغبت اهڙيءَ شيءِ کان هٽائي، جو خود مطلوب نه هجي ته ان کي زاهد نه چئبو آهي. مثلاً پٿر، مٽي وغيره جي ڇڏڻ واري کي زاهد نه چئبو. زاهد اهو آهي جو روپيا پيسا يا اهڙيون مجازي پياريون شيون ڇڏي ڏئي ۽ ٻي شيءِ جو شرط اهو آهي ته زاهد لاءِ پهرينءَ شيءِ کان وڌيڪ چڱي هجي ته ان جو شوق وڌي. مثلاً وڪڻندڙ پنهنجي شيءِ کي تيستائين نٿو وڪڻي، جيستائين ان کي وٺندڙ کان ان جو عيوض وڌيڪ چڱو نٿو ملي. تڏهن وڪڻندڙ جو حال وٺندڙ جي نسبت زهد ۾ داخل آهي.

جيئن قرآن شريف ۾ سورة يوسف ۾، يوسف عليہ السلام جي ڀائرن جي وصف بيان ٿيل آهي ته انهن يوسف عليہ السلام ۾ زهد ڪيو، يعني انهن طمع ڪئي ته پيءُ جو خيال فقط اسان جي طرف ٿئي ۽ اهو ڪم انهن کي يوسف عليہ السلام جي نسبت وڌيڪ پيارو ٿيو. انهيءَ پنهنجي پيءُ جي پيار جي طمع ۾ يوسف عليہ السلام کي وڪرو ڪيائون. انهيءَ بيان مان ثابت ٿيو ته دنيا ۾ زاهد اهو آهي، جو ان کي آخر جي عيوض وڪڻي ۽ زهد ۾ هي قيد آهي ته مڙيئي دنيا جي محبوب شين کان بي رغبت هجي ۽ انهن کي ڇڏي پوءِ ظاهر آهي ته هي خيال ۽ حال تڏهن اچي سگهي ٿو، جڏهن ان شيءِ جي نسبت ٻي شيءِ زور محبوب جي طرف لاڙو يا شوق هجي، نه ته پياري شيءِ جو ڇڏڻ، سواءِ ٻي وڌيڪ پياري شيءِ ملڻ جي، مشڪل ۽ ڏکيو آهي. اهڙيءَ طرح جو شخص الله تعاليٰ جي سواءِ هر شيءِ دل تان لاهي ڇڏيندو، ايستائين جو بهشت جي غرض به نه رکي. صرف محبت الاهي ئي پياري هجيس ته اهو زاهد مطلق آهي. جيڪو دنيوي لذتن کان ته دل کڻي، پر آخرت جي مزن جهڙوڪ حور، قصور، مزيدار نهرن ۽ بهشت جي ميون جي طمع رکندو هجي ته اهو به زاهد هوندو، مگر اول شخص جي ڀيٽ ۾ گهٽِ هوندو؛ ۽ جو شخص ڪن دنيوي لذتن کي ڇڏي ۽ ڪن کي نه ڇڏي، مثلاً مال کي ڇڏي پر مرتبي کي نه ڇڏي؛ يا غذا جي تڪليف ته ترڪ ڪري، پر زينت ۽ تجمل کي نه ڇڏي ته اهڙي شخص کي ”زاهد مطلق“ نه چئبو.

اهو ائين آهي، جيئن ڪو گنهگار ڪن گناهن کان توبہ ڪري ۽ ڪن کان نه ڪري؛ ان کي تائب نه چئبو. توبہ سڀني منع ڪيل ڪمن جي ڇڏڻ جو نالو آهي؛ اهو زهد مباح ڪمن ۽ شين جي ڇڏڻ جو نالو آهي. يعني جن دنيوي ڪمن جي شرع ۾ اجازت آهي، انهن کي ڇڏڻ جو نالو آهي زهد. پر جن شين تي قادر هجي ۽ انهن کي الله تعاليٰ جي محبت ڪري ڇڏي ته اهو آهي زاهد. هاڻي معلوم ٿيو ته زهد وارو ان کي چئبو، جو دنيا جي رغبت ڇڏي آخرت جي طرف لاڙو ڪري. اعليٰ درجي جو زاهد ان کي چئبو، جو غير الله جي محبت ڇڏي الله تعاليٰ سان محبت ڪري. هاڻي ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به ٻين مجازي طبيبن ۽ حبيبن جا آسرا ڇڏي ۽ مجازي دوائن کي ڇڏي انهيءَ پنهنجي حقيقي حبيب ۽ طبيب کي سڏي عرض ٿو ڪري ته ”تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا“- ڇاڪاڻ ته مجازي صحت لاءِ، مجازي طبيب، حبيب ۽ مجازي دوائون، مجازي طرح ڪن ٿا. پر ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ مجازي صحت کي به ڇڏي ٿو، جو مجازاً صحت ۾ به ڪو فائدو ڪونه آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه آهي به، تڏهن به مجازاً بيمارين ۽ بيمارن لاءِ پر هتي هن بيت ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي نفس جي اندرين بيمارين لاءِ عرض ڪري رهيو آهي، جي نفس جون اندريون بيماريون ۽ گهڻيون ۽ گهڻن قسمن ۽ نمونن جون آهن، جن جو بيان هن بيت جي تڪ نمبر 2 ۾ فرمائي ٿو ته:

جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع.

اي جانب، منهنجا پيارا معشوق، طرفدار، حمايتي، مددگار، منهنجي جيءَ يعني دل ۾ آهن آزار، يعني بيماري، تڪليف ۽ ڏکن جا انواع، يعني گهڻا نمونا ۽ ڪيئي قسم آهن.

هن تڪ جو خلاصو بيان هن طرح آهي ته هن تڪ ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ ظاهر جي ڪنهن بيماريءَ، سور، تپ، ٻري، ظاهر جسمانيءَ جو ڪنهن ظاهر جي حڪيم، طبيب سان بيان نٿو ڪري پر انهيءَ پنهنجي پياري حقيقي، جانب، موليٰ سائينءَ کي سڏي عرض ٿو ڪري ته منهنجي دل ۾ اندر ڏکن ۽ تڪليفن جا گهڻا نمونا آهن. اهو دل جي آزار جو اشارو اندر جي گناهن ڏانهن آهي، جي گهڻن قسمن جا آهن. مگر انسان جي ڄڻ وصفن کان گناهه وجود ۾ اچن ٿا، انهن صفتن جو مدار چئن وصفن تي آهي؛ پهريون ربوبيت، ٻيو شيطانيت، ٽيون بهيمي يعني چوپائي جانورن جي صفت، چوٿون سبعي- ان جو سبب هيءُ آهي ته انسان جي بناوت ۾ چار خلط داخل آهن، جي مختلف نمونن جا آهن. انهيءَ ڪري هر هڪ خلط انسان ۾ پنهنجو اثر جدا جدا گهري ٿو. ان جو مثال هن طرح آهي ته جيڪڏهن شڪنجبين کي انگوري سرڪي ۾، کنڊ ۽ زعفران سان تيار ڪجي ته ان ۾ هرهڪ جو اثر جدا هوندو. اهڙيءَ طرح انهن چئن صفتن جو اثر به جدا جدا هوندو آهي. ربوبيت مقتضي اهڙن ڪمن جي هوندي آهي، جهڙوڪ تڪبّر، فخر، جابر هجڻ، محبت مدح ۽ ثنا عزت ۽ تونگريءَ جي محبت هميشہ باقي رهڻ جي سموري خلق تي مٿانهين گهُرن، اُها ايتري جو گويا هي چوڻ گُهري ٿو اَنَا رَبُّکُمُ اٌلاَعٌليٰ- انهيءَ صفت کان اهڙا گناهه ڪبيرا ڦُٽن ٿا، جو ماڻهن کي انهن جي خبر به نه آهي ۽ نه انهن کي گناهن ۾ ئي ڳڻن ٿا. جيتوڻيڪ اهي وڏا گناهه مهلڪ يعني هلاڪ ڪرڻ ۾ مثل زهر جهڙا آهن ۽ گهڻن گناهن جو بنياد آهن، جن جو بيان بلڪل تمام گهڻو آهي. ٻي شيطاني صفت کان هي گناهه ڦُٽن ٿا؛ جهڙوڪ حسد، سرڪشي، مڪر، جهيڙا ۽ بڇڙين ڳالهين جو حڪم ڪرڻ. انهن ۾ وري ٻيون ڳالهيون به گناهن ۾ داخل آهن، جيئن کوٽاپڻ ۽ نفاق، بدعت جي طرف سڏڻ، مطلب ته مڙنين گمراهين ڏي سڏڻ. ٽين صفت بهيمي يعني حيواني آهي، جنهن کان هي بڇڙايون ڦٽن ٿيون؛ شدت، حرص، طمع، شهوت، شڪم ۽ شرمگاهه جي خواهش پوري ڪرڻ. ان جون وري ٻيون شاخون آهن؛ زنا، اغلام يعني لونڊي بازي،چوري، يتيم جو مال کائڻ ۽ شهوات جي واسطي مال حرام جو گڏ ڪرڻ. چوٿين صفت سبعي يعني ڦاڙيندڙ جانورن جي آهي. ان مان هي برايون نڪرن ٿيون؛ جهڙوڪ ڪاوڙ، ڪينو، ماڻهن کي مارڪٽ ڪرڻ، گاريون ڏئي قتل ڪرڻ، ڪنهن جو مال نقصان ڪرڻ ۽ ان مان به ڪئين گناهه نڪرن ٿا پر اصل پيدا شين ۾ اهي چار صفتون ترتيبوار اچن ٿيون.

سڀني کان اول صفت بهيمي غالب ٿئي ٿي. ان کان بعد صفت سبعي ظاهر ٿئي ٿي. اهي ٻئي گڏجي عقل کي مڪر ۽ فريب، حيلا ۽ وسيلا سيکارن ٿيون ۽ پوءِ ان کان صفت شيطاني جو زور پيدا ٿئي ٿو. پوءِ سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ صفات ربوبيت يعني فخر، بلند مرتبو، شيخي، عزت، ڪبريا جي خواهش ۽ سڀئي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ جو ارادو اُڀري ٿو. مطلب ته منڍ گناهن جو اهي چار ڳالهيون آهن. پوءِ انهن گناهن مان وري عضون تي جدا جدا گناهه پون ٿا ۽ انهن مان خاص وڏن گناهن جو تعلق دل سان آهي. مثلاً ڪفر، بدعت، نفاق ۽ ماڻهن جي برائي دل ۾ رکڻ، جنهن کي بغض چئبو آهي وغيره. ڪن گناهن جو تعلق اکين ۽ ڪنن سان آهي، ڪن جو تعلق پيٽ ۽ شرمگاهه سان، ڪن جو هٿن پيرن سان ۽ ڪن جي سڄي بدن سان واسطو آهي. اهو بيان تمام گهڻو آهي، تنهنڪري ان جو تفصيل هن ننڍي ڪتاب ۾ ڪري نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته انهن گناهن جا وري ٻه قسم آهن؛ هڪڙا اهي، جي خدا تعاليٰ ۽ ان جي ٻانهن جي وچ ۾ آهن ۽ ٻيا اهي، جن جو تعلق انسانن جي حقن سان آهي، وري انهن جا ٻه قسم آهن – هڪڙا ڪبيرا ۽ ٻيا صغيرا. هاڻي انهن سڀني جو بيان ڪرڻو پوي، پر جي سڀني گناهن کان ننڍا گناهه آهن، تن جو به شمار يا بيان ڪري نٿو سگهجي. هاڻي اصل مقصد ۽ مطلب سڀني دليلن، شرعي ۽ نور بصيرت وارن جو ۽ مقصد سڀني شريعتن جو هيءُ آهي ته خلق کي خدا تعاليٰ جو قرب حاصل ٿئي ۽ سعادت ديدار الاهي حاصل ٿئي؛ پر جيستائين اهي ماڻهو خدا تعاليٰ کي ۽ ان جي صفتن ۽ ڪتابن ۽ رسولن کي نه سڃاڻندا، تيستائين هيءَ سعادت انهن کي ملي نه سگهندي ۽ ٻانهو ان وقت ٻانهو آهي، جڏهن پنهنجي مالڪ جي ربوبيت ۽ پنهنجي ٻانهپ کي سڃاڻي ۽ پنهنجي نفس ۽ ان جي حرڪتن ۽ گناهن کي به ڄاڻي. جهڙيءَ طرح ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي الله تعاليٰ کي حقيقي حبيب، طبيب ۽ پنهنجي گناهن جي مرض جي دوا ٿو ڄاڻي ۽ ان سان گڏ پنهنجي جيءَ جي اندر گناهن جي سڀني نمونن کي بڇڙو مرض ڄاڻي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته ”جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع“ آهن. تون ئي انهن جي لاهڻ وارو منهنجو سڄڻ، حبيب ۽ طبيب ۽ دوا آهين ۽ ٻيو ڪو انهن جي لاهڻ وارو تو کانسواءِ ڪو نه آهي.

هن بيت ۾ هيءَ تعليم ڏنل آهي ته جڏهن ٻانهي تي ڪا مصيبت، تڪليف يا آزار اچي ته ان جي شڪايت غير سان نه ڪرڻ گهرجي، پر جڏهن ان آزار جي نه سهڻ جي نوبت پهچي ۽ صبر جي ڪمزوريءَ جي ڪري شڪايت ڪرڻي پوي، تڏهن به پنهنجي انهيءَ مالڪ ۽ حقيقي حبيب سان ڪري، ڇو ته مصيبت جي موڪلڻ وارو ۽ وري ان جي ٽارڻ وارو به اهو ئي آهي؛ اهو ئي ڪافي ۽ شافي آهي ۽ ان آزار جي اظهار ڪرڻ ۾ نيت طلب علاج هجي، يعني طبيب سان پنهنجو حال بيان ڪري ۽ نه شڪايت جي طرح بيان ڪري. انهيءَ ڪري ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به مبهم آزار بيان ڪيا، پر انهن جو تفصيل بيان نه ڪيو آهي فقط فرمايائين ته منهنجي اندر جيءَ ۾ جيڪي آزارن جا نمونا آهن، انهن جو تون ئي طبيب ۽ دوا آهين، تون پنهنجي صاحبيءَ جو صاحب آهين ۽ تون ئي انهن آزارن کان شفا بخشڻ وارو آهين. جيئن هن بيت جي تڪ نمبر 3 ۾ ٿو فرمائي ته هاڻي ”صاحب ڏي شفا ميان مريضن کي“ – صاحب جي معنيٰ آهي مالڪ، خداوند، آقا، هاڻي ڏي شفا ميان يعني منهنجا آقا، وارث، مالڪ! مريضن کي. هن پوئين تڪ ۾ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجي صاحب ۽ مالڪ ۾ اميد رکي التجا ٿو ڪري ته ميان، منهنجا وارث! تون مريضن کي مرض کان شفا ڏي، صحت ۽ ڇوٽڪارو ڏي. هن بيت ۾ ۽ خاص ڪري هن پوئين تڪ ۾، رجا جي تعليم ڏنل آهي. هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ انهيءَ نموني سان رجا يعني اميد جو شوق ڏياريو ويو آهي، جيئن ڪو حڪيم دوا هٿ ۾ کڻي ان جي تمام گهڻي تعريف ڪندو آهي ۽ ان جا تمام گهڻا، چڱا ۽ لاثاني فائدا بيان ڪندو آهي ته جيئن دوا وٺندڙ کي شوق پيدا ٿئي. پوءِ ان جي اهڙي لاثاني تعريف ٻڌي، بيمار گهرج وارا ته انهيءَ دوا ۾ قوي فائدي جي اميد رکي دوا خريد ڪندا آهن، پر ڪي بنان گهرج وارا به دوا جي تعريف ٻڌي خريد ڪندا آهن. اها انهيءَ حڪيم جي دانائي آهي، جو هُن پنهنجي دوا جا بيحد فائدا بيان ڪري پنهنجيءَ دوا کي ماڻهن ۾ مقبول بڻايو.

حديث شريف ۾ آهي ته حضرت دائود عليہ السلام تي الله تعاليٰ وحي نازل فرمايو، ته مون سان محبت ڪر ۽ جيڪو مون سان محبت ڪري، ان سان به محبت ڪر ۽ مون کي خلق جي دلين ۾ به محبوب ڪر. انهيءَ عرض ڪيو ته خلق ۾ تو کي ڪيئن محبوب ڪريان؟ حڪم ٿيو ته منهنجو بيان نهايت خوبيءَ سان ڪر، منهنجون نعمتون ۽ احسان ماڻهن تي بيان ڪر ۽ انهن کي ياد ڏيار، جو احسانن کانسواءِ ٻيون وڌيڪ نعمتون نٿا ڀانئن. انهيءَ حديث سڳوريءَ وانگر ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ به هن بيت جي پهريءَ تڪ ۾ پنهنجي مالڪ حبيب جي عاليشان تعريف ڪئي آهي، ته جيئن سندس سڀڪنهن ٻڌندڙ ٻانهي کي شوق پيدا ٿئي ۽ هو ان تي عاشق ٿين. سڀئي سندس ٻانها انهيءَ پنهنجي مالڪ تي پوري توڪّل، اعتماد ۽ يقين رکن ۽ ان کي پنهنجي سڀني حاجتن جو ڪافي ۽ شافي ڄاڻن. انهيءَ بيت ۾ سلوڪ جي انهن اعليٰ مقامن – توحيد، توڪّل، صبر ۽ شڪر، زهد، رضا ۽ رجا، جن جو بيان مٿي ڪري چڪا آهيون، ڪهڙي نه سٺڙن ۽ مٺڙن الفاظن ۾، بيمارن، طبيبن ۽ دوا جي آسان مثالن سان، جنهن مان سڀڪو ماڻهو، ننڍو ۽ وڏو، غريب خواهه شاهوڪار واقف آهي ۽ ان کي سڻائو سمجهي سگهي ٿو. هيءَ اعليٰ درجي جي بلاغت ۽ فصاحت آهي ۽ تبليغ توحيد جي به عجيب ۽ غريب رنگ ۽ ڍنگ سان ڪئي وئي آهي، جو ان ۾ وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جو بيان به اچي ويو آهي، وري اهڙيءَ طرز ۽ طرح سان ڪو به مجازي عاقل بالغ ان کان وڌيڪ آسان بيان مشڪل ڪري سگهي. هن بيت ۾ خواهه هن بيت جي آڏو ايندڙ بيتن ۾ مناجات به سٺڙي ۽ مٺڙي ۽ بي مثل سيکاري وئي آهي.

نوٽ: اسان هن کان اول سر ڪلياڻ ۾ بيان ڪري چڪا آهيون، جو وري هتي پڙهندڙن کي ياد ٿا ڏياريون ته ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ پنهنجو رسالو توحيد جي تعريف سان شروع ڪيو آهي ۽ اهو سر ڪلياڻ جي مهڙ وارو بيت الله تعاليٰ جي تعريف سان اهڙيءَ طرح چيل آهي، جو ٻيو سڄو سر گويا ان هڪڙي پهرئين بيت جو تفسير ۽ ترجمو آهي. وري انهيءَ سر ڪلياڻ جو تفسير سر يمن ڪلياڻ، ۽ سر يمن ڪلياڻ جا ٻيا سر آهن، تانجو سڄو رسالو انهيءَ پهرين سر ڪلياڻ جو تفسير آهي ۽ اهو سر ڪلياڻ وري پهرئين بيت جو تفسير ۽ معنيٰ آهي. اهو پهريون بيت ”اسم اعظم“ آهي، جو سورة الحشر جي آخر وارين آيتن جو گويا ترجمو ۽ تفسير آهي. حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن حضرت جبرئيل عليہ السلام کان پڇيو ته اسم اعظم ڪهڙو آهي؟ جبرئيل عليہ السلام وراڻيو ته سورة الحشر جي آخر ۾ اسم اعظم آهي. وري ٻيهر سرور ڪائنات صلي الله عليہ وسلم جبرئيل عليہ السلام کان اسم اعظم پڇيو، تڏهن به جبرئيل عليہ السلام ساڳيو جواب ڏنو. ائين ٽئين دفعي به ساڳيو جواب ڏنائين ته اسم اعظم سورة الحشر جي آخر ۾ آهي. انشاءَ الله تعاليٰ، جي هن ضعيف بندي کان رسالي جي ٻين سرن جو شرح ٿيو ته ان وقت به هيءَ ڳالهه انهيءَ پهرئين بيت جي اوهان کي ياد پئي ڏياربي ته رسالي جي سرن ۽ بيتن کي ڪهڙي نه هيءَ عجيب ترتيب ڏنل آهي! جهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ سورتن ۽ آيتن کي ترتيب ڏنل آهي، ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ جي رسالي کي به اهڙيءَ طرح ترتيب ڏنل آهي. هاڻي هن بيت جي آڏو ايندڙ بيت نمبر 2 ۾ پڻ، ساڳئي بيت نمبر 1 جي حقيقت بيان ڪيل آهي. جيئن ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو:

بيت

تُونٌ حَبِيٌبُ تُونٌ طَبِيٌبُ تُونٌ دَرٌدَ جو دَارُونٌ،

دَوَا آهِيٌنِ دِلِ کي تُنٌهِنٌجُونٌ تَنٌوَارُونٌ،

ڪَرِيَانٌ ٿِي ڪَارُونٌ جِيٌئَنٌ ٻُڪِي ٻِيَنِئُو نه ٿِئي.

هن بيت جي پهرين تڪ بيت نمبر پهرين جهڙي چيل آهي، جنهن جي معنيٰ کولي بيان ڪئي وئي آهي، باقي هن بيت ۾ فقط ايترو تفاوت آهي جو دوا جي لفظ جي جاءِ تي دارون چيل آهي، پهرئين بيت ۾ هو ته تون درد جي دوا آهي، پر هتي هن بيت ۾ ان دوا جي لفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ارادي سان ”دارون“ جو لفظ چيو ويو آهي، دوارونءَ جو لفظ دوا جي لفظ نسبت وڌيڪ دلجاءِ وارو ۽ تسلي بخش لفظ آهي ۽ دوا جو لفظ خاص ڪري بيمارن جي لاءِ چيو ويندو آهي ته هن فلاڻي بيماريءَ جي هيءَ دوا آهي، پر دارونءَ جو لفظ سڀڪنهن درد، ڏک ۽ مشڪل لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ڪم جو دارون اهو هئو، جيڪو ٿيس. يا گنهگار کي ئي جيڪا سزا ملندي آهي ته چئبو آهي ته هن جو دارون به اهو هئو، جيڪو مليس، لائق به انهيءَ جو هئو. تڏهن هتي معنيٰ ٿو ڏيکاري ته تون حبيب آهي ۽ تون طبيب ۽ ڄاڻون آهين ۽ تون ئي هر قسم جي درد جو دارون بس آهين. ان کان وڌيڪ ان جو ڪو علاج ڪو نه آهي، جنهن جون تون حبيب ۽ طبيب هجين. هي هڪ سهڻو ۽ تسلي بخش لفظ آهي، جنهن جي چوڻ سان قلب کي فرحت ۽ آرام اچي ۽ قلب مطمئن ٿئي ٿو، جيئن ايندڙ تڪ ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته “دوا آهين دل کي تنهنجون تنوارون“ – بس دل کي اها دوا ڪافي آهي، تنهنجو سڏڻ، تو کي ئي سڏيون ٿا، جو تو کانسواءِ ٻئي کي سڏڻ شرڪ آهي. نه وري دل کي گناهن جي ڪدورت کان صاف ڪرڻ ۽ راهه هدايت تي آڻڻ ۽ مطمئن ڪرڻ جي ڦَڪي يا ٻُڪي ٻئي ڪنهن وٽ آهي. جيئن ايندڙ هن بيت جي تڪ ۾ ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:

ڪريان ٿي ڪارون جيئن ٻُڪي ٻينئون نه ٿئي.

هن تڪ ۾ هيءَ آيت سڳوري تسليم جي نموني ترجمو ڪيل آهي – آيت سڳوري سورة الانعام ع 2 ۾ آهي:

وَاِنٌ يَّمٌسَسٌڪَ اللهُ بِضُرٍّ فَلَا ڪَاشِفَ لَہٗ اِلَّا هُوَ 

ترجمو: جي پهچائي تو کي الله ڪا سختي، پوءِ ناهه لاهيندڙ ان جو ڪو، مگر اهو آهي.

هن تڪ جي معنيٰ به ساڳي آهي ته ڪريان ٿي ڪارون يعني منٿون، ايلاز، آزيون ۽ ڪرنشون، تو کي اي منهنجا سائين! تڏهن ٿي ڪيان، جڏهن تو کانسواءِ ڪنهن ٻئي وٽ انهيءَ منهنجي دل جي دردن جي دوا دارون ڪو نه آهي. مجازاً دوا کي ٻن نمونن سان ڪم آڻبو آهي: هڪڙيون پاڻيءَ ۾ پسائي پيئجن ۽ ٻيون گهوٽي ڦڪي هڻجن. ڦڪيءَ کي هن بيت ۾ ٻُڪي سڏيو ويو آهي، ٻُڪي يعني ڦڪيءَ جا ڏَس ٽوٽڪائي، جيڪي ٿورڙا نسخا دوا جا ڄاڻندڙ طبيب ڏيندا ۽ ڏسيندا آهن، جنهن کي ڊَڀُ به چئبو آهي. هاڻي هن بيت جي تڪ ۾ ڦڪيءَ جي آڻڻ جو مطلب ۽ مقصد هيءُ آهي ته منهنجي انهيءَ دل کي مرض جي پوريءَ طرح دوا دارون ته ڪو ڪونه ڄاڻندڙ آهي، پر مٿاڇرو ڏَسُ  - ٻُڪي به ٻئي کان ڪانه ٿي ٿئي. تون اِها اسان کي هدايت ڏيندڙ آهين، ته جيئن اسان ڄاڻون ته اسان جي مرض جي ڦڪي يا ڊڀ به تون ۽ سڄڻ، حبيب ۽ طبيب به تون آهين، مرض جي ڏيڻ ۽ لاهڻ وارو به تون آهين. جيئن ايندڙ بيت نمبر 3 ۾ ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته:

بيت

تُونٌ حَبِيٌبُ تُونٌ طَبِيٌبُ تُونٌ هِيَنٌ ڊَٺَنِ ڊَڀُ،

تُونٌ ڏِئِين تُونٌ لَاهِينٌ تُونٌ هِينٌ هَادِي رَبُّ،

آهي مَ اِيٌ عَجَبُ، جِيئَنٌ وَارِئو ويڄِ وَهارِئِين.

هن بيت جي معنيٰ آهي ته اي منهنجا موليٰ تون حبيب، پيارو، معشوق، سڄڻ، تون طبيب حڪمت وارو، تون ئي اسان ڊَٺَن يعني ڪِرٌيَلن جو ڊڀ، ٻُرڪو ۽ دوا دارون آهين، هن تڪ جو خلاصو مطلب حبيب، طبيب جي لفظن ۽ تڪ جو بيت نمبر پهرئين ۾ ئي ٿي چڪو آهي، وري وري ايترو ساڳيو بيان مناسب نه آهي، باقي هن تڪ ۾ ڊٺلن ۽ ڊڀ جا لفظ نوان آيل آهن، ان جو مطلب آهي ته ڊٺلن جو اشارو انهن ڪريل ماڻهن ڏانهن آهي، جي پنهنجي نيڪ عملن ۽ نيڪ اخلاقن کان ڪريل هجن، يعني پري هجن يا الله جي نيڪ بندن کان درجي ۾ ڪريل هجن، يا پنهنجي موليٰ جي محبت کان ڪريل يعني رد هجن، يا گناهن جي گمراهي ۾ ڪريل يعني غرق ٿيل هجن، يا پنهنجي نفس جي شهواتن ۾ ڪريل يا پنهنجي نفس جي حرڪتن، جهڙوڪ مڪر، فريب، منافقي، شرڪ، بغض، حسد، حقد، حرص ۽ طمع ۾ ڪريل ۽ ٻڏل،گم ٿيل هجن وغيره. مطلب ته انهن يا ٻين سڀني ظاهري ۽ مجازي توڙي باطني بيمارين ۾ ڪريلن ڏانهن هيءُ اشارو آهي، جن بابت ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ٿو ته اسان اهڙن ڊٺلن جو تون ڊڀ، دوا ۽ دارون، حبيب ۽ طبيب تون ئي آهين، ڇاڪاڻ ته اندر جون اهي بڇڙيون بيماريون ڏيڻ وارو به تون ۽ لاهڻ وارو به تون آهين. جيئن ايندڙ تڪ ۾ آهي ته:

تون ڏئين تون لاهئين تون هين هادي ربّ.

اسان جي نفس جي اهڙين بڇڙين بيمارين، توڙي ظاهر جي ٻين بيمارين جي لاهڻ وارو ۽ ڏيڻ وارو به جڏهن تون آهين، تڏهن تون ئي اسان جو هادي، انهن گمراهن کان پناهه ۾ رکڻ ۽ هدايت نصيب ڪرڻ وارو به تون ئي آهين، ڇاڪاڻ ته اسان بڇڙن، ڊٺلن جو ربّ ۽ پاليندڙ به ته تون ئي آهين. تڏهن اي اسان ربّ! اسان ڊٺلن جو هادي به تون ٿيءُ، اسان کي راهه هدايت تي آڻ، ”جو تون هين هادي ربّ“ آهين. باقي رهيا ظاهر جا ويڄ ۽ طبيب، جن جي موڪلڻ وارو به تون آهين، مون کي اهو عجب آهي ته اهي ڇا ٿا ڪري سگهن؟ جيئن ايندڙ تڪ ۾  آهي ته ”آهيم اِي عجب جيئن وارئو ويڄ ورهائين“- هيءَ واقعي عجب يعني حيرت ۽ فڪر ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جڏهن بيماريون، سور ۽ تڪليفون ڏيڻ ۽ لاهڻ الله تعاليٰ جي قدرت ۽ وس ۾ آهن، تڏهن طبيب ڇا ٿا ڪن؟ اهو سوال سر ڪلياڻ ۾ بيان ٿي چڪو آهي، جو حضرت موسيٰ عليہ السلام الله تعاليٰ کان پڇيو هئو، جنهن جو جواب الله تعاليٰ فرمايو ته اهي طبيب منهنجو رزق کائن ٿا ۽ منهنجي بيمار ٻانهن جي دلجوئي ڪن ٿا ته جيئن بيمارن کي دلجاءِ ۽ آسرو ٿئي، ته منهنجي مرضن جي دوا طبيب ڪري ٿو. اهو آسرو تيستائين انهن کي رهي، جيستائين منهنجي قضا يا شفا جو حڪم انهن تي پهچي. انهيءَ ۾ هيءَ رمز ۽ راز رکيل آهي ته ظاهري علاج لاءِ ، جيڪڏهن انهيءَ بيمار تي ويڄ نه ويهاريا وڃن ۽ دوا دارون نه ڪيو وڃي يعني ڪوشش نه ڪئي وڃي، ته پوءِ سمورو عمل نيڪ توڙي بد، بيڪار ۽ بي سبب ٿي ويندو. جيئن روزو، نماز، حج، زڪواة ۽ ٻيا صدقات ۽ نيڪ اعمال، جي گويا گناهن جي بيمارن جي ڇٽڻ جي دوا آهن ۽ عالم، نبي سڳورا ۽ وليّ سڳورا انهن جا طبيب ۽ حڪيم آهن، پوءِ انهن جي ڪوشش به سڀ بيڪار ۽ بي سبب بڻجي پوندي. الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته نيڪ عمل ڪيو ۽ انهن جو سعيو ۽ ڪوشش ڪيو. اسان انسانن جي وس ۾ رڳو سعيو ئي آهي، اها تعليم ڏنل آهي ته جهڙيءَ طرح بيمار تي ويڄ ويهاريا  ٿا وڃن، اهڙيءَ طرح ٻيا نيڪ عمل، جي پُڙين، ڊَڀن ۽ دارونءَ مثل آهن، اهي ڪرڻ کپن ۽ عالمن، الله وارن پيرن کي، الله تعاليٰ گنهگارن ۽ بيمارن تي سندن علاج لاءِ ويڄ ڪري ويهاريو آهي ته هو مَنَ ڇٽن. انهن الله وارن وٽ وڃڻ ۽ انهن کي گناهن جو مرض ڏَسڻ ۽ ان جو علاج پڇڻ گهرجي. جيڪڏهن هيئن چئجي ته انهن جي هڪڙي ضرورت آهي، جڏهن ته نيڪ توڙي بد عمل، سمورا الله تعاليٰ جي قبضہء قدرت ۾ آهن ۽ اهو ئي آخر انهن جي جزا ۽ سزا ڏيڻ وارو آهي، ته ان جو هيءُ جواب ڏجي ته تڏهن بيمارن تي طبيبن جي ويهارڻ جو ڪهڙو ڪم آهي، جڏهن پنهنجي مجازي ٿوري ڏک سور لاءِ به ويڄ ويهارجن؟ پوءِ ڇو نه دائمي دردُ، جو دوزخ آهي، ان کان ڇٽڻ لاءِ حقيقي ويڄن وٽ وڃجي؟ اهو به تحقيق ۽ سچ آهي ته نيڪ عمل ڪرائڻ، يا هدايت تي آڻڻ، يا بي هدايت ڪرڻ ۽ گناهن ۾ گرفتار ڪرڻ به الله تعاليٰ جي قبضہء قدرت ۾ آهي. الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي فرمايو ته ”اي موسيٰ! تون به گهرين ٿو ۽ مان به گهران ٿو پر ٿيندو ائين، جيئن مان گهران“. قرآن پاڪ ۾ سورة دهر ع  2 ۾ آهي ته:

وَمَا تَشَاؤٌنَ اِلَّا اَنٌ يَّشَاءَ اللهُ

ترجمو: ۽ نه گهري سگهندا، مگر جن کي گهرندو خدا.

هاڻيءَ انهيءَ آيت سڳوريءَ مان معلوم ٿيو ته ٿيندو ائين، جيئن الله تعاليٰ ڪندو. سڀني ڪمن جي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ وارو اهو هڪڙو ئي آهي. هائو، پر قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ ئي ڪوشش ۽ سعيي ڪرڻ جو حڪم سورة النجم ع 3 ۾ فرمايو آهي:

وَ اَنٌ لَّيٌسَ لِلٌاِنٌسَانَ اِلَّا مَا سَعَيٰ

ترجمو: تحقيق نه حاصل ٿيندو انسان کي مگر سو، جيڪي عمل ڪندو.

جيئن ٻئي هنڌ ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمايو آهي ته:

بيت

مُون کي مُون پِرِيَنِ ٻَڌِي وِڌو ٻَارِ ۾،

اُڀَا اِئين چَوَنِ ته مَڇُڻُ پَانٌدُ پُسَائِين.

يعني تقدير ۾ انسان پابند به آهي ۽ وري عمل جو حڪم به آهي، پر عمل جي ڪرائڻ وارو به پاڻ آهي. نه انسان کي عمل ڪرڻ جي ڪا طاقت آهي، جيڪا ڪجهه آهي، سا به انهيءَ مالڪ جي وس ۾ آهي. انسان تقدير ۾ به ائين ٻڌل آهي، جيئن گويا کوهه ۾ ڪو ٻڌو پيو هجي. تڏهن ڇا، هو مقام عبرت ۽ عجب حيرت جهڙو نه آهي، ته بيماريءَ ۾ بيمار به پاڻ ڪري ۽ وري انهيءَ تي ويڄ به ويهاري؟ تڏهن ٿو ڀٽائي صاحب رحمة الله عليہ فرمائي ته:

آهيم اِي عجب جيئن وارئو ويڄ وَهارئين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org