سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌ جي ادبي تاريخ

باب: --

صفحو : 37

 

ڪوڙو مل چندن مل

(1844ع – 1916ع)

ڪوڙي مل جي ادبي خدمت وسارڻ جهڙي نه آهي. سندس تصنيفون گهڻيون نه آهن ۽ رڳو ڳاڻ ڳاڻيٽيون آهن، ته به سندس سنڌي عبارت ڪٿي ڪٿي قليچ سان ڪلهو هڻي ٿي. هن جو تعليم کاتي سان گهاٽو لاڳاپو هو ۽ ڳچ سال ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو هو. تنهنڪري هن کي ڪي ڪتاب تيار ڪري کاتي کي موجود ڪري ڏيڻا هئا.

ڪوڙو مل اصل ڀرين جو ويٺل هو ۽ آڪٽوبر 1844ع ۾ ڄائو هو. اهو وقت انگريزن جي حڪومت جو آغاز هو، تنهنڪري سرڪاري سنڌي اسڪول ڪين هئا، آخوندن جا مڪتب ڳوٺ ڳوٺ ۾ هوندا هئا. جتي هندو ۽ مسلمان گڏ تعليم وٺندا هئا. ڀرين ۾ به هڪ اهڙو مڪتب هوندو هو. جنهن جو باني آخوند سليمان هو جنهن وٽ ڪوڙو مل پڙهيو ۽ بهار دانش سڪندر نامي تائين پارسي تعليم ورتائين ۽ ڪجهه سنڌي به سکيو. انهي وقت ڌاري ڪراچي ۾ هڪ نارمل اسڪول ماسترن جي تربيت لاءِ کليو. جنهن ۾ ڪوڙو مل داخل ٿيو جتي انگريزي به پاڙهبي هئي. اتي مسٽر ڪوڙي مل پنهنجي شوق سان چڱي انگريزي پرائي ۽ بمبئي ۾ مئٽرڪ امتحان لاءِ روانو ٿي ويو. پر ناپاس ٿي پيو. وري سنڌ ۾ موٽي اچي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. انهيءَ وقت هن کي سنڌي ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ تحرير اقليدس (جاميٽري) ۽ ٻيا سنڌي درسي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين. جاميٽريءَ ۾ جيڪي سنڌي لفظ هن وقت موجود آهن سي ڪوڙي مل جا ايجاد ڪيل آهن. مستطيل، متبدل ڪنڊون وغيره.  هن پارسي ڪتابن مان ڪڍي سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا جهڙيءَ طرح مرزا غلام رضا سنڌيءَ ۾ منطق جو ڪتاب لکي منطقي لفظ سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا يا خانصاحب مرزا صادق علي بيگ علم معاشرتي جو ڪتاب لکي پوليٽيڪل ايڪاناميءَ جا عربي لفظ سنڌي ڪتاب ۾ ڪم آندا تئن مسٽر ڪوڙي مل به ساڳي خدمت تحرير اقليدس جي لکڻ سان ادا ڪئي. جلد ئي کيس شڪارپور جي ائنگلو ورٽيڪيولر اسڪول جو هيڊ ماستر ڪيائون. وري جڏهن سکر ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو تڏهن تعليم النسوان (ناري وديا) جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيائين ۽ هڪ ڪتاب ناري سکيا جي باري ۾ ”پڪو پهه“ لکيائين. جلد ئي حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿي آيو ۽ سندس من گهريو مطلب به اتي سڏ ٿيو. يعني علم ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪوششون ڪيائين ۽ سنڌي ستن ئي درجن لاءِ نوان ڪتاب لکيائين جن جو قدر اڄ به ڪجي ٿو.

هن صاحب جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا هئا هي آهن:

روهني

هري درشن

پهاڙي بابا

ڪوڙي مل جي سنڌي شروعات ۾ پارسي عربي آميز هئي، جنهن جو اثر اهو ٿيو جو سندس ڪتابن کي هندو مسلمان چاه سان پڙهندا هئا. انهن ڪتابن جي ٻوليءَ تي سڌو سنواٽو اثر آخوند سليمان جو هو، جنهن هن کي پارسي جي چڱي خاص تعليم ڏني هئي، پر جڏهن هن پنهنجي هندو قوم جي شيوا ڪرڻ گهري، ۽ انهن جي پنگتي حالت سڌارڻ لاءِ ڪتاب لکيائين تڏهن پنهنجي ٻولي ڦيرائي سنسڪرت ۽ هندي آميز ڪري ڇڏيائين.

سندس ڪتابن جي ياداشت:

1- ٻاراڻا گيت 2- ٻاراڻيون آکاڻيون 3- کيتي 4- ڦول مالا 5- ساميءَ جا سلوڪ 6- ڀڄن مالا 7- سنڌي ڳجهارتون 8- ميران ٻائي 9- ساوتري 10- درو ڀڳت 11- رتناولي 12- پهاڙي بابا 13- هري درشن 14- روهني.

ساميءَ جا سلوڪ

سامي جا سلوڪ گمنامي جي اوڙاه ۾ پيا هئا جن کي هن ئي گڏ ڪري شايع ڪيو. منجهن شاعراني خوبي ڪا ورلي لڀندي جنهن لاءِ ڪوڙي مل ايتري ڪوشش ورتي، پر هندڪي ادب کي هٿي ڏيڻ لاءِ هن اها محنت ڪئي. هندن جو شعر انهي زماني ۾ هوئي ڪونه، تنهنڪري جيڪي ملي سگهيس سو ظاهر ڪيائين ۽ اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ داخل ڪرايائين. رتناولي سنڌي ۾ پهريون ناٽڪ آهي تنهن ڪري مسٽر ڪوڙو مل سنڌيءَ ۾ پهريون ناٽڪ نويس آهي، رتناولي هڪ سنسڪرت ناٽڪ جو ترجمو آهي جو هرس ديو لکيو هو. آکاڻي هڪ راجا ڪوسمبيءَ جي آهي، جنهن جي شادي اجين جي راجا جي ڌي سان ٿي هئي. گهڻي پٽاهڙ رڳي هندڪين رسمن جي بيان ۾ آهي ۽ ٻولي سنسڪرت لفظن سان ڀريل آهي. جا به عام فهم نه آهي. ناٽڪ جي شروعات هيٺين ريت ڪئي اٿس. هر شوجي مٿي تي پشپ انجلي چڙهائڻ ڪاڻ پاروتي ڏڪندي ڏڪندي پيرن جي آڱرين تي کڙي ٿي بيٺي پر هنئين جي دڪ دڪ ڪري ائين بيهي ڪين سگهي. سو جي ٽنهين اکين سان اٻلا ڪري جو ڏانهس نهاريو سو ڏاڍي لڄي ٿي ۽ هٿ اچي ڏڪڻ لڳس، تنهنڪري پشپ انجيل اتيئي کڻي ڇڏيائين. اها پشپ شال توهان جي رکيا ڪري.

مٿي چيو ويو آهي ته هن جي سنڌي ٻولي شروعات واي سولي ۽ عام فهم هئي، تنهنجو مثال سندس ڪتاب ”کيتيءَ“ مان ڏجي ٿو.

نيباهو هڪڙو زميندار هو، تنهن کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو هو جيئندو. هو ڇوڪر مڪتب ۾ پڙهڻ ويندو هو. هن جا مٽ مائٽ جيڪي پڙهيا هئا سي وڃي سرڪاري نوڪر ٿيا پر نيباهوءَ جومطلب هو ته ڪچيءَ کان هن ۾ کيتي جي ڪم جو چاه پيدا ٿئي، ته هو لکڻ پڙهڻ سکي هوشيار ٿي پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڌنڌي کي لڳي وڃي. تڏهن انهي ڪري جڏهن ڪو وجهه لڳندو هوس، تڏهن سمجهائيندو هوس ته اتم کيتي، مديم واپار ۽ نيچ نوڪري جا چئي اٿن سان انهيءَ ڪري ته کيتي جو ڪم آبروءَ جو ڌنڌو آهي.

مٿئين مثال مان ڏسبو ته ڪوڙو مل سنڌي سولي ۽ با محاوري لکي سگهندو هو. پر جڏهن ڪو موقعو ملندو هوس، ته پنهنجي سنڌي رفتار ڇڏي وڃي هنديءَ جي منجهيل وڪڙ ۾ پوندو هو.

آخوند لطف الله (لطف) حيدرآبادي

(1842ع – 1902ع)

آخوند لطف الله (لطف) حيدرآباد جي شيراڻي آخوندن مان هو. آخوند حاجي فقير محمد عاجز جنهن جو احوال مٿي اچي ويو آهي، تنهن جو سڳو سوٽ هو. آخوند لطف الله صاحب سنڌي اسڪول ماستر هو. سندس ٺاهيل تڪ بندي واري ڪتاب ”گل خندان“ ساري سنڌ ۾ مشهور آهي. پراڻي اخبار مان سندس ڇهه غزل هٿ آيا آهن، جن مان ٻه ٽي هيٺ ڏجن ٿا:

1-      ”ڪيو دور فلڪ جي يار کان

مون کي جدا امشب

لکيو تقدير ۾ حرف جدائيءَ

جو قضا امشب

سواد زلف دلبر جي

لکيو خط سياهي جو

ته صبح وصل جو آخر

ڪندو ظاهر ضيا امشب.

دل مجنون سان يارو

اچي منهنجي پئي ياري

ته وحشت کان بهر لحظه

ڪري ته التجا امشب.

پيو تسبيح ۾ ڪو عقد

شڪل بي جميعت جو

ته عارف ورد دوشينو

ڪيو ويٺو قضا امشب.

نه هو مشڪل مگر تسبيح

جو عقد لاينحل

طبع کي عارفن جي هئي

نه تلقين رضا امشب.

مگر منصور جو ناحق

ڏنائون سر مٿي سوري

نه پرجهيم هن حقيقت ڪاڻ

تعبير قضا امشب

به بندي هجر اين مهجور

تا ڪئي پسندي تو

بعز سا بهر درمان

دل محزون دوا امشب.

نه هو ڪو لطف کي هرگز

خيال وصل دلبر جو.

مگر دفع بلاڪارڻ،

گهري ٿي دل دعا امشب.“

(سنڌ سڌار سيپٽمبر 1880ع)

 

2-     ”جئن گهورن سان دل کي گهائين،

تئن سڄڻ سهڻا ساه کي سهائين ٿو.

ڇاهي سورج ۽ چنڊ چوڏهين جو،

هڪ جلوي سان ڦٻئي جهپائين ٿو.

سؤ سؤ سرڪش تون سڄڻ سر ساعت،

ناز نيڻن جي سان نمائين ٿو.

راءِ رانجهن ويٺو رقيبن جي،

ڪئن نماڻن کان اڄ نٽائين ٿو.

ڏيئي دلاسا دليون کسي دلبر،

ميٺ محبت وري مٽائين ٿو.

رس رهاڻيون رکيو رقيبن سان،

عاشقن کي سڄڻ سڪائين ٿو.

پي پهرين وصل جو وعدا،

پوءِ گوشو ڪيو گسائين ٿو.

عاشقن کي عتاب جي منجهه آڳ،

جيءَ جڙيا جي جگر جلائين ٿو.

قرب جو عاشقن جي قلبن ۾،

راز ڪنهن رمز سان رلائين ٿو.

حلقه درگوش جگ ٿئي جاني،

هر طرح حڪم اڄ هلائين ٿو.

عيد ٿي اڄ عجيبن منهنجي اڱڻ،

پرت جا پير پر جو پائين ٿو.

سچ سخن ۾ ادا سخن پرور،

قاسما ڪيميا ڪمائين ٿو.

ٿي مشفق ۽ مهربان مٺا،

لئون جڏهن لطف ساڻ لائين ٿو.

(اخبار سنڌ سڌار سيپٽمبر 1880ع)

3- غزل (ذوقافيتن)

هر هر پڇان ٿي پنڌڙا منٺار يار ڪاڻ،

مشڪل ٿيم گذارڻ دلدار ڌار هاڻ.

ڇڏ ڪيم تون ڇپر ۾ ٿر ۾ نه هي  ٿڪي،

گولي نيو قطاري ڪيچي قطار ساڻ.

خوش هوس، هوس جڏهين کون عشق بي خبر،

آڻي وڌم ڏکن جي ڏولي ڏوار ساڻ.

هوءَ جا تري نه ڄاني گمراهه منجهه گسن،

ڏيکاريو ڀليءَ کي ڀيلو ڀتار ڀاڻ.

جيڪر اچين ڀلائي منهنجي اڱڻ عجيب،

قربان نثار توتان قربان يار پاڻ.

هن بحر ۾ سخن کي ذوقافتين جوڙ،

در سخن سياڻا هئن آبدار پاڻ.

جا لطف رمز سهڻي هن شعر ۾ سئي،

ڪل کان ڪسرتنهن کي تون هوشيار ڄاڻ“.

(سنڌ سڌار ڊسمبر 1876ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org