سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :10

ڏينھن گذرندو رھيو. منھنجي بي وسي ۽ لاچاريءَ تي ذري ذري اکين ۾ ڳوڙھا تري ٿي آيس. ڪيترا ڏينھن گذري ويا ھئا جو ھڪ تولو بھ کاڌي جو پيٽ اندر نھ ويو ھو. ڪنھن نھ ڪنھن طرح رڌڻي ۾ پھتس. اتي ھر طرف سڃ لڳي پئي ھئي. ٿانو ڀڳا ۽ ٽڙيا پکڙيا پيا ھئا. خلاصين ڪابھ شيءِ صحيح سلامت نھ ڇڏي ھئي. ڪنڊ ڪنڊ ڪري ڳولڻ جي باوجود ڪابھ شيءِ کائڻ لاءِ نھ ملي. اوچتو طوفان جي گوڙ شور ۾ پستول ڇٽڻ جو آواز آيو. روشندان مان ليئو پائي ڏسان تھ ڊيڪ تي ڏھھ ٻارھن خلاصي ھڪ لائيف بوٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ ۾ نبيرو ڪري رھيا ھئا. زندگي ۽ موت جي ھيءَ جنگ اڃا تائين جاري ھئي تھ ھڪ لھر آئي ۽ سڀني کي ٻيڙي سميت گھلي وئي. ان ئي مھل ھڪ ٻئي سڙھ جي ڏنڊي ڌماڪي سان اچي ھيٺ ڊيڪ تي ڦھڪو ڪيو ۽ جھاز لاٽمي وانگر گھمڻ لڳو. مون کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن بھ اھڙن حادثن سان واسطو نھ پيو ھو، پر ان ھوندي بھ سمجھي ويس تھ جھاز ڪنھن ڪن منجھھ ڦاسي پيو آھي.

ڪئبن ۾ پھتس تھ ٽوني ھنڌ تي اٿي ويٺو ھو. خدا جو شڪر ادا ڪيم. ھاڻ ھو بلڪل چڱيءَ طرح ھوش ۾ ھو. مون مختصر لفظن ۾ سڀني واقعن کان کيس آگاھ ڪيو. ڪن ۾ ڦاسڻ جي خبر ٻڌي ھو ڏڪي ويو ۽ اکيون مھٽيندي چيائين: ”اسان طوفان اندر اچي ويا آھيون. ڇا توکي پڪ آھي تھ ھن وقت جھاز تي پاڻ ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبھ بني بشر ناھي؟“

مون ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. ھو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ چيائين: ”پاڻ کي ھتان جھٽ نڪرڻ جي ڪا تدبير ڪرڻ کپي.“

ھن کي ٿاٻڙندو ڏسي، مون کي خيال آيو تھ ھي ويچارو پوڙھو ۽ ڪمزور ساٿي ڪڏھن بھ ڊيڪ تائين پھچي نھ سگھندو، پر منھنجو اندازو غلط ثابت ٿيو. پوڙھي ۽ ٿڪ ۾ بيحال جسم ۾ خبر ناھي ڪٿان ايتري سگھھ اچي وئي، جو ھو نھ فقط پاڻ اٿي ھليو، پر مون کي بھ سھارو ڏيڻ لڳو. اسٽيرنگ ويل ھيڏانھن ھوڏانھن پنھنجي مرضيءَ سان تکو گھمي رھيو ھو. ٽونيءَ ھن کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ يڪدم پٺٽي موٽي آيو ۽ چيائين: ”دير ٿي وئي. ھاڻي سؤ ماڻھو گڏجي بھ ھن ڦيٿي کي جھلي نھ سگھندا.“

جھاز آھستي آھستي طوفان جي اک ۾ ئي اچي رھيو ھو ۽ ايترو تھ گھوماٽجي ۽ لڏي رھيو ھو جو اسان ڊيڪ کي ئي چھٽيا پيا ھئاسين. ايتري ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽ شايد باقي بچيل سڙھ ڏنڊي سميت سمنڊ ۾ وڃي ڪريو. خوش قسمتيءَ سان ان سان گڏ ھوا جو دٻاءُ ھڪدم گھٽجي ويو ۽ جھاز جيڪو پھرين لاٽمي وانگر گھمي رھيو ھو، ھاڻي آھستي آھستي لڏڻ لڳو. اسان سک جو ساھ کنيو پر جھاز سڄو ڌڏي رھيو ھو ۽ جنھن پاسي اسين ھئاسين، ان پاسي کان ھيٺاھون ٿي ٻڏڻ لڳو. ٽونيءَ رڙ ڪئي:

”جھاز ٿو اونڌو ٿئي. رسين کي جھلي ٻئي طرف پھچڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪو مٿاھون آھي، نھ تھ بچڻ جي ڪا اميد نھ رھندي.“

رسين جي مدد سان اسان جلدي ئي ٻئي پاسي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. مون کي ترڻ صفا نٿي آيو، پر ان وقت اھڙي ڳالھھ بھ ذھن ۾ نھ آئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھيءَ سڄي ڪارگذاري مون سان نھ، پر ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ سان ٿي رھي ھجي. ٽوني جي گڏ نھ ھجي ھا تھ آئون ڪڏھوڪو ٻڏي وڃان ھا. ھن مون کي جھلي ورتو ھو ۽ منھنجو منھن پاڻيءَ کان مٿي ڪڍي رکيو ھو. پوءِ ترندي ھڪ ڪاٺ جي ٽڪري ڏي وڌيو، جيڪو چڱي فاصلي تي ھو. اوچتو منھنجي اکين اڳيان ڪوھيڙو ڇانئجي ويو ۽ مون اڌ بيھوشيءَ جي حالت ۾ جھاز ڏي آخري نظر وڌي. مون کي پنھنجي اڳيان پويان جي ڪا خبر نھ رھي.

ھوش آيو تھ چئني پاسي اوندھ ھئي. ڪجھھ خبر نٿي پئي تھ آئون ڪٿي آھيان؟ پوءِ سمنڊ جي گجگوڙ ۽ ھوا جي سيسراٽ ان تلخ حقيقت جو احساس ڏياريو ۽ گذري ويل خوفناڪ لمحن جي ياد ذھن ۾ تازي ٿي وئي. آئون سڙھ جي ٿلھي لڙھي سان رسيءَ ذريعي ٻڌل ھوس ۽ ڪنھن بھ قسم جي چرپر ڪري نٿي سگھيس. ٽوني ڪٿي بھ نظر نھ پئي آيو. مون ھن جو نالو کڻي سڏ ڪيو، پر پاڻيءَ جي گوڙ گڙڪي ۾ منھنجو آواز ڄڻ دٻجي ٿي ويو. اڪيلائيءَ جي زھر ڀريل احساس رڳن ۾ خوف جون لھرون ڊوڙائي ڇڏيون ۽ آئون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس.

روئڻ سان اندر جو بار تھ ھلڪو ٿيو، پر پوءِ بک ۽ سيءُ ورائي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. مون وات کڻي کوليو، جيڪو اڃ کان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رھيو ھو. مينھن جھليو تھ آسمان تي تارا ٽمڪڻ لڳا. ھوا جي گھٽجن ڪري ڪجھھ ٺار بھ گھٽيو، پر تنھن ھوندي بھ منھنجو جسم ۽ دماغ سيءَ کان ٺري کيرو ٿي پيو ھو. نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ ائين محسوس ٿي رھيو ھو، ڄن منھنجو جسم ھوائن ۾ اڏامي رھيو ھجي ۽ آئون جنت ۾ داخل ٿي رھيو ھجان.

خيالن جي دنيا مان نڪتس تھ روشني پکڙجي رھي ھئي. سمنڊ بھ ھاڻ سانتيڪو ٿي رھيو ھو. ڪنڌ موڙي پويان کڻي ڏسان تھ ٽوني سڙھ جي ڏنڊي جي ٻي ڪنڊ تي چھٽيو پيو ھو. ھن جون اکيون بند ھيون ۽ بيھوش ٿي لڳيو. مون کيس سڏ ڪيا، جيئن مون ڏي نھاري، پر ڪجھھ بھ ھڙ حاصل نھ ٿيو. پوءِ دل ۾ خيال آيو تھ ڪنھن طرح رڙھي ھن جي ويجھو وڃجي، مگر ڪيئن؟ سمنڊ جي پاڻي لڳڻ ڪري رسي اڀامي پئي ھئي ۽ ھاڻي ڳنڍيون کولڻ ناممڪن ڪم ھو. پنھنجو پاڻ کي جيئرو ڏسي ٿوري دير اڳ جا خوشي ٿي ھئي، سڀ ڌوڙ ۾ ملي وئي. سمنڊ جي ظلم ۽ غضب بعد ھڪ ٻيو ڪوڙڪو ڳچيءَ ۾ ڦاسي ويو ھو، جنھن مان آزادي ملڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. سڙھ جي ٿلھي ۽ کھري ڏنڊي سان چھٽندي ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري چڪا ھئا. ڇاتي ۽ پاسراٽي سور کان ڏکوئجي رھيون ھيون. ساھ کڻڻ ۾ بھ تڪليف پئي ٿي، پر صبر کان سواءِ ٻيو ڪو چارو بھ تھ نھ ھو.

پري پري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نظر نھ پئي آيو. ڏينھن جي روشني ڳاڙھاڻ سان شروع ٿي. ٽونيءَ کي ھوش اچي چڪو ھو. آئون پنھنجي رسيءَ جون ڳنڍيون کولڻ لڳس. آخر چڱيءَ جدوجھد کان پوءِ رسيءَ جون ڳنڍيون کولي ورتم ۽ آھستي آھستي سري ٽونيءَ جي ويجھو آيس.

اسين ٻئي ماٺ ۾ ھئاسين. گرمي ايتري تھ وڌي ويئي جو ڄڻ تھ بدن جي کل ٿي سڙي ۽ اسان ذري ذري سمنڊ ۾ غوطو ٿي ھنيو. ھڪ تھ بک ۽ اڃ ۾ باھ ٿي رھيا ھئاسين، مٿان وري ھن ورزش ھڻي اڌ مئو ڪري رکيو.

شام ڌاري ھڪ ٻھ وڏيون شارڪ مڇيون نظر آيون. اسان سمجھيو تھ ڄاڻ تھ ھو اسان کي چيرڻ ڦاڙڻ آيون، پر خوش قسمتيءَ سان ھو پاسو ڏئي لنگھي ويون. ٿي سگھي ٿو ڪنھن ٻئي قسم جون مڇيون ھجن ۽ ماڻھوءَ تي حملو نھ ڪنديون ھجن. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪي ڪي اھڙيون مڇيون بھ ترندي نظر آيون، جن مان کير جھڙي روشني ٿي نڪتي، پر تمام ھلڪي ھلڪي. قدرت جون ھي عجيب شيون ڏسندي ڏسندي اک لڳي وئي.

ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس تھ صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھھ نھ وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو ھو، ڪنھن ۾ نھ بک جو احساس ھو ۽ نھ اڃ جي پيڙا. گذريل سڀ ڏک درد وسري ويا ھئا. صبح جي اڀرندڙ سج ۾ مون ذرو بھ دلچسپي نھ ورتي. ڪمزوريءَ ڪري اکين اڳيان تارا نظر اچي رھيا ھئا. چوڌاري سمنڊ جو پاڻي ڏسي، اڃ جو احساس ھيڪاندو وڌي ويو. ٽونيءَ منھنجي اھا حالت ڏسي چيو: ”پٽ! سمنڊ جي پاڻيءَ سان پنھنجا چپ کڻي آلا ڪر، اڄ جي تڪليف ڪجھھ گھٽ ٿي ويندي. پر خبردار رھجان!، متان سمنڊ جي پاڻيءَ جو زھر جھڙو ڍڪ ڀري وٺين.“

مون ھن جي نصيحت تي عمل ڪندي ھٿن سان چپ آلا ڪيا پر گرڙي ڪرڻ مھل پنھنجو پاڻ کي قابو ۾ ڪري نھ سگھيا ۽ پاڻيءَ جو ڍڪ پي ورتم. پر ھي ڇا؟ نڙيءَ ۾ نھ ڪنڊا چڀڻ شروع ٿيا ۽ نھ وري ساڙو. پاڻي اميد جي خلاف لوڻ کان پاڪ ھو – پاڻي حد درجي جو مٺو ھو جھڙو پيئڻ جو پاڻ وٽ ڪناري تي ٿئي. آئون پنھنجو وات پاڻيءَ ۾ وجھي غٽ غٽ پاڻي پيئڻ لڳيس.

ٽوني وائڙن جيان ڏسڻ لڳو. ھن سمجھيو تھ منھنجو دماغ خراب ٿي پيو آھي. پر پوءِ لڳاتار پاڻي پيئندو ڏسي پاڻ بھ مون وانگر پيئڻ لڳو. جڏھن ٻنھي پاڻي پي ڍؤ ڪيو تھ ان معجزي بابت مون ٽونيءَ کان پڇيو.

ھن ڪلھن کي لوڏو ڏيندي چيو، ڪڏھن وڏو درياءَ جڏھن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو آھي تھ وھڪري جي زور ڪري اھو درياءُ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملڻ کان اڳ ڪافي پري تائين پنھنجو رستو ٺاھي وھندو رھندو آھي. لڳي ٿو تھ پاڻ ڪنھن درياءَ جي ڇوڙ وٽ آھيون ۽ جي واقعي ڪو درياءُ ويجھو آھي تھ معنيٰ زمين بھ ويجھي ٿي.

ٻنپھرن مھل اڻ چٽا جبل نظر آيا ۽ پوءِ ڪيتريون ئي ٻيڙيون پري کان ترنديون نظر آيون، پر اسان ڇولين جي مٿان ستل ڪنھن کي نظر نھ اچي سگھياسين. ڪجھھ ڪلاڪن بعد جھرڪيون اڏامنديون نظر آيون، جنھن مان پڪ ٿي وئي تھ آبادي ويجھي آھي، جو اھو پکي اھڙو آھي جيڪو گھر ۾ ئي رھي سگھي ٿو. پر جي ڪا آبادي نھ بھ ھوندي، تھ بھ مڇين تي بھ گذاريو ڪري وٺنداسين – ھن سمنڊ جي عذاب کان تھ بچي وينداسين.

رات جو اسان ترندا ھڪ کاڙيءَ مان وڃي نڪتاسين ۽ صبح جو ھڪ وارياسي ڪناري تي پاڻ کي ستل ڏٺوسين.

اسان جي سامونڊي سفر جي اھا آخري گھڙي ھئي. ان بعد ڪناري تي ھڪ نئين زندگي شروع ٿي. اھو ڪنارو جيڪو ھڪ ٻيٽ ھو، جنھن تي رھندڙن جي زبان اسان لاءِ اوپري ھئي ۽ ماڻھو نوان ھئا، پر وقت سان گڏ اسان انھن سان رلي ملي وياسين. شاديون ڪيوسين، ٻچا ٻار ٿيا. يورپ جا ماڻھو نئين دنيا جي ڳولا ۾ لڳا رھيا، غلامن جو واپار ھلندو رھيو، جھاز ھلائڻ لاءِ زوريءَ ملاح ۽ نوڪر چڙھندا رھيا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي ميدانن ۽ جھنگلن تي قبضو جاري رھيو، جھنگ وڍڻ ۽ پوک لاءِ اوڀر آفريڪا مان شيدي غلام ايندا رھيا، آمريڪا کنڊ ۽ ڀر وارن ٻيٽن جي اصلي رھاڪن کي ماري ڪٽي يا ڀڄائي يورپين پنھنجيون ڪالونيون ٺاھيندا رھيا.....

 

 

غوطا خوري ۽ ٽوٻو

جڏھن شڪار ڪندڙ، شڪارين مان ڦري پاڻ ئي شڪار ٿي پوندا آھن تھ پوءِ ڪي ٿورڙا ئي خوش نصيب بچندا آھن، جيڪي ھن قسم جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائي سگھن. ھيءَ ڪھاڻي پڻ ھڪ سچي ڳالھھ آھي، جا سمنڊ ۽ ان جي ھڪ ٻئي جوکائتي پھلوءَ سان واسطو رکي ٿي، جيڪا آسٽريليا جي مشھور غوطا خور Skin Diver روڊني فاڪس کي درپيش آئي. کيس ان سچي روئداد تي ريڊرس ڊائجيسٽ طرفان فرست پرسن ايوارڊ پڻ ملي چڪو آھي.

ھڪ دفعي جپان جي ھڪ اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ داخل ھوس. منھنجي ڀر واري کٽ تي ھڪ غوطا خور علاج ھيٺ ھو. ھو ھڪ اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ جو وڏو آفيسر ھو ۽ غوطا خوري سندس وندر ھئي. تازين موڪلن ۾ شڪاڪو بيٽ وٽ غوطا خوري ڪندي ھن کي پاسراٽين ۾ ڌڪ لڳي ويا ھئا.

ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد پڙھندڙن جي ذھن ۾ بھ شايد ساڳيو سوال اڀري جيڪو منھنجي ذھن ۾ مٿين ھمراھ جي حادثي جي ڳالھھ ٻڌي اڀريو تھ ماڻھو آخر غوطا خوري ڪن ڇو ٿا؟

جواب ھرڪو اھو ئي ٿو ڏئي تھ مھم جوئي ۽ ائڊوينچر جي شوق ۾. جيئن ماڻھو جبلن تي چڙھن ٿا، پوءِ ڪرندا جھرندا پيا پر پچر نھ ڇڏيندا. ويندا وڏي کان وڏي جبل جي چوٽي پار ڪندا يا جيئن ماڻھو شڪار ڪرڻ جي شوق ۾ جھن جھاڳيندا وتندا آھن.

غوطا خور پاڻ سان ھوا جو سيلينڊر کڻي پوءِ سمنڊ ھيٺ وڃن ٿا، جيئن پاڻيءَ اندر ساھ کڻندا رھن. پر ھيءَ ڪھاڻي ھڪ اھڙي غوطي خور جي آھي، جيڪو مڇيون ڦاسائڻ جي مقابلي ۾ بنا سوائي سيلينڊر جي سمنڊ اندر ويو. ان ڪري ھن کي ھڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪرڻا پيا: ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ، آدمخور مڇيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ اٽورجڻ کان بچڻ لاءِ ذري ذري مٿي اچي ساھ جو بندوبست ڪرڻ.

غوطا خوري وندر ۽ مھم جوئيءَ کان علاوه آرٽ ۽ ھنر پڻ آھي. سڌريل ملڪن ۾ غوطا خوري سيکارڻ جا اسڪول ۽ ادارا ائين آھن، جيئن اسان وٽ سبڻ ڀرڻ، درزڪي، واڍڪي، ويلڊن ۽ مڪينڪ وغيره جا.

سمنڊ ۾ اندر گھڻي دير رھي جھازن جي ”آب دوز ويلڊنگ“

ڪرڻ ۽ جھازن جي پنکن ۾ ڦاٿل رسا ڪڍڻ جھڙا ڪم ٽوٻن جي حوالي ڪيا ويندا آھن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ پڻ نيويءَ کي پنھنجا بھترين ٽوٻو آھن. ان کان علاوه ڪيترا ئي نجي کاتا پڻ آھن، جيڪي ضرورت وقت غوطا خور مھيا ڪن ٿا ۽ اھي ”فراگ مين“ سڏجن ٿا.

 

مرندي مرندي بچڻ

ان ڏينھن ڏکڻ آسٽريليا جو ساليانو مقابلو ٿي رھيو ھو. مقابلي ۾ چاليھھ غوطا خور حصو وٺي رھيا ھئا، جن کي سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي ڀالي سان مڇيون مارڻيون ھيون. آءٌ پڻ انھن مان ھڪ ھوس. پروگرام موجب اھو مقابلو ڏسڻ لاءِ منھنجي زال بھ ھلڻ ٿي چاھيو، پر جيئن تھ ھوءَ پيٽ سان ھئي ۽ پھرين ٻار ڄڻڻ ۾ باقي ڪي ھفتا وڃي بچيا ھئس، سو ڊاڪٽر کيس سختيءَ سان جھليو ھو تھ گھڻي ھل چل نھ ڪري.

مقابلي واري ڏينھن آئون صبح ساجھر روانو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي زال کان موڪلائڻ آيس، جنھن کي جيتوڻيڪ نھ ھلڻ جو ڏک ھو پر مجبور ھئي ۽ غمگين صورت ٺاھي مون کي در تائين ڇڏڻ آئي.

ھينئر آئون سوچي رھيو آھيان تھ ڊاڪٽر جي اھا صلاح ڪنھن پر مون سان بھ لاڳو ھجي ھا. ٻن ڪلاڪن بعد پوري اٺين وڳي آئون ”الڊنگا“ پھچي ويس، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٽاڪرائون حصو آھي ۽ جتي اھو مقابلو پوري نائين وڳي ٿيڻو ھو. آئون جلد ان ڪري پھتو ھوس تھ جيئن ان ھنڌ واري سمنڊ جو حصو اڳواٽ جانچي ڇڏيان تھ ڪٿي اندر ٽڪريون ۽ پھڻ آھن ۽ ڪٿي تري ۾ سامونڊي واڻراھ ۽ گاھ گوچر آھي، جيئن مقابلي وقت اھي شيون ڌيان ۾ رکي لس ئي لس ترندو رھان.

الڊنگا بيچ پاڻيءَ جي ھڪ جنت آھي، جنھن اندر سامونڊي گھاٽا ٻيلا آھن – جتي ھر قسم جون مڇيون مانگر ۽ ٻيا سامونڊي ساھوارا سڪون سان رھيل آھن ۽ مون جھڙي ٽوٻو شڪاريءَ لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪو بھتر شڪار گاھ نھ ھوندو.

مقابلي ۾ حصو وٺندڙ مون سميت چاليھھ ڄڻا ھئا. پوري وقت تي پنھنجن رٻڙ جي ڪپڙن ۽ مڇيءَ جھڙن وڏن بوٽن، شيشي جي دريءَ واري عينڪي کوپي، ساھ کڻڻ لاءِ رٻڙ جي نڙانڊي، بار ٻڌل پٽي ۽ ڀالي ھڻڻ واري بندوق سميت تيار ٿي اچي بيٺاسين ۽ مقابلي لاءِ ريفريءَ سيٽي وڄائي.

ھر ھڪ کي مقابلي لاءِ پنج ڪلاڪ ھئا، جنھن ۾ سمنڊ اندران مڇيون ماري کاريون ججن اڳيان رکڻيون ھيون. پوءِ جنھن جي گھڻي تور ٿئي ۽ جيڪو مڇين جا جھجھا قسم ماري.

منھنجي کٽڻ جو وڏو آسرو ھو. ان ڪري جو ھن کان اڳ بھ ٻن سالن جا لاڳيتا مقابلا کٽيندو آيو ھوس. آئون پنھنجي زال سان واعدو ڪري نڪتو ھوس تھ ھي منھنجي زندگيءَ جو آخري مقابلو ھوندو. منھنجو مطلب ھو تھ ھن سال بھ پھرئين نمبر تي چيمپئن ٿي، پوءِ عزت سان رٽائرڊ ٿيندس. ان کان پوءِ ڪڏھن ٻنھي جي دل ٿي تھ ائين شوق خاطر غوطا خوري کڻي ڪبي، ٻيو مڙوئي خير.

آئون ان وقت ٽيويھن سالن جو ھوس ۽ ان مقابلي لاءِ ڪيترا ئي مھينا مون سکيا ورتي ۽ مشق ڪئي ھئي. اسان آزاد نموني جي غوطا خوري ڪندا ھئاسين. منھنجو مطلب آھي تھ پاڻ سان ساھ کڻڻ لاءِ ھوا جا سيلينڊر يا ٻي شيءِ کڻڻ بنا سمنڊ جي اندر ويندا ھئاسين. مون ايترو تھ ساھ پچايو جو سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي سؤ فٽ کن ھيٺ تائين پھچي ويندو ھوس ۽ پوءِ اتي بنا ڪنھن تڪليف جي ھڪ منٽ کن ترسي سگھندو ھوس.

ريفري جي سيٽي وڄائڻ سان اسان پاڻ کي سمنڊ اندر کڻي ڇڏيو ۽ سڀني مڇين پٺيان وٺ پڪڙ لاھي ڏني.

ھر ھڪ ماڻھوءَ پنھنجي چيلھھ ۾ ٻڌل بيلٽ ۾ رسي ذريعي پلاسٽڪ جو ھڪ وڏو ڇٻو ٻڌي ڇڏيو ھو، جيئن ڦاسايل مڇيون ان ۾ گڏ ڪيون وڃن. مڇيءَ کي ڀالو ھڻڻ سان اسان اھا ڪوشش ٿي ڪئي تھ زخمي مڇي جھٽ پٽ ان ڇٻي ۾ وڌي وڃي، جيئن مڇيءَ جو گھٽ کان گھٽ رت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڃي. اھا خبرداري ان ڪري ڪرڻي ٿي پيئي جو رت جي ڌپ تي متان ڪا وڏي بکايل مڇي – شارڪ جھڙي، پريان اونھي سمنڊ مان ھيڏانھن ھلي اچي – جيڪي ڏکڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ عام جام ڦرندي ملن ٿيون. شارڪ کان علاوه ھتي ھلندڙ ٻيون وڏيون مڇيون ايڏيون ويڙھاڪ قسم جون نھ آھن ۽ غوطا خورن سان ھري مري ويون آھن.

ھونءَ شارڪ جھڙين خطرناڪ مڇين جي ھجڻ جي ھتي اميد

نھ ھئي. تھ بھ احتياط خاطر ٻھ لائيف بوٽون سمنڊ جي ان ٽڪري تي نگاھ رکنديون رھيون، جتي اسان غوطا خوري ڪري رھيا ھئاسين.

ان ڏينھن موسم سٺي ۽ صاف ھئي. سمنڊ مان منھن ڪڍڻ مھل ڪناري تان لڳندڙ ٿڌي ھير فرحت بخش محسوس ٿي رھي ھئي، پر سمنڊ اندر ڏيک چٽو نھ ھو. مٽيءَ جي ذرن وانگر ميرانجھڙو ڌنڌ ڇانيل ھو. اھا حالت ڀالي سان مڇيون مارڻ لاءِ سٺي نھ سمجھي ويندي آھي جو اھڙي حالت ۾ شڪاري جڏھن مڇيءَ جي بلڪل ويجھو وڃي پھچي ٿو، تڏھن ھن کي خبر پئي ٿي تھ سامھون ھن جي اڳيان مڇي آھي ۽ ايترو ويجھو پھچي جيسين ھو ڀالي سان حملو ڪري، ان کان اڳ ڊپ ۾ مڇي ڀڄيو وڃي.

ساڍي ٻارھين تائين مون پنھنجين مڇين جي ڍير ڏسي اندازو لڳايو تھ آئون سڀني کان گوءِ کڻي پيو وڃان. نھ فقط تور ۾، پر نموني نموني جي مڇين ۾ پڻ آئون مٿي ھوس. طوطا مڇي. سنئپر، سنڪو، سور مڇي، شھنائيءَ جھڙي مڇي ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون منھنجي ڍير ۾ ھيون، جيڪي ٻين جي ڍڳ ۾ نھ ھيون. منھنجي ڍير جي تور ذري گھٽ مڻ اچي ٿي ھوندي ۽ مڇين جا ڪل چوڏھن قسم ٿي ويا ھئا. ٽائيم ھاڻي ٻارھن لڳي پنجٽيھھ منٽ ٿيو ھو ۽ مقابلو ٻي بجي ختم ٿيڻو ھو. جنھن حصي ۾ اسان مڇيون ماري رھيا ھئاسين، اتي مڇين جو تعداد چڱو گھٽ ٿي چڪو ھو. وڏي ۽ بھتر مڇيءَ لاءِ مون ان علائقي جو منو ميل کن جھاڳي ورتو ھو. آخري غوطي مھل اٽڪل سٺ ستر فٽ کن ھيٺ ھڪ ٽڪنڊي ٽڪريءَ جي قدمن وٽ ڪجھھ وڏيون مڇيون نظر آيون ھيون، جن لاءِ پڪ ھيم تھ ڪيڏانھن وينديون ڪونھ ۽ آئون کين وري اچي ٿو ڳولي ماريان. انھن مان ٻھ مضبوط ۽ ڳريون مڇيون ھيون، جن کي اسين آسٽريليا جا شڪاري فيصلو ڪندڙ مڇيون ٿا سڏيون. انھن مان ڪا ھڪ بھ ڪنھن جي ور چڙھي وڃي تھ ان کي ھارايل بازي بھ کٽائي سگھي ٿي ۽ اھي ٻئي جي مون کي ملي وڃن تھ پوءِ باقي کپي ئي ڇا؟ آئون ان ھنڌ ڏي تري پھتس. پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٿوري دير نڙانڊيءَ رستي ساھ بھ کڻندو رھيس تھ شيشي جي عينڪي کوپي مان حالتن جو جائزو بھ وٺندو رھيس تھ ڪھڙي ريت سامھون ٽڪريءَ وٽ ويٺل انھن ٻن مڇين کي ڀالو ھڻي ماريان؟ پوءِ ڪجھھ ڊگھا ساھھ کڻي ھڪ تمام گھڻي ڊگھي ساھ کي جھليم ۽ وڌيڪ ٽٻي ھڻي انھن مڇين ڏي وڌيس ۽ لس ئي لس ترندو سندن مٿان سامونڊي گاھ وٽ اچي بيٺس ۽ کين ڀالو ھڻڻ وارو ھوس. پر......

آئون اھا گھڙي ڪيئن بيان ڪريان جنھن وقت سمنڊ جي ھيٺين تھن جي خاموشيءَ ۾ اوچتو چرپر جو آواز ڪن تي پيو ۽ آئون جيسين مڙي ڏسان، تيسين ڪا پربت جيڏي شيءِ سڄي طاقت سان مون کي کاٻي پاسي کان اچي لڳي ۽ رفتار سان اڳتي پاڻيءَ منجھھ ڌڪيندي وئي. منھنجا تھ ھوش ئي خطا ٿي ويا.

ھاڻ اھا شيءِ مون کي چرين وانگر لڳاتار ٿيلھا ڏيندي آئي. مون کي ڦيري ٿيڻ لڳي. منھنجي ڇاتيءَ تي اڳيان پاڻيءَ جو دٻاءُ ۽ پٺيان ان شيءِ جي دٻاءَ منھنجيون تھ ھڻي پاسراٽيون ئي ڀڃي رکيائين. ان ڌڪ ڌڪان ۾ منھنجي منھن تي چڙھيل شيشي جو کوپو ۽ ساھ کڻڻ جي نڙانڊي اڇلجي وئي ۽ ڀالي ڇوڙڻ واري بندوق بھ ھٿن مان ڇڏائجي وئي.

اھا شيءِ مون کي پاڻيءَ اندر ايڏو تھ لڳاتار ۽ يڪ ساھيءَ ٿيلھو ڏيندي رھي جو مون کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟ مون پنھنجو پاڻ کي ان شيءِ کان پري ڪرڻ ٿي چاھيو پر منھنجو جسم ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان جھڙوڪر ڪنھن انبوريءَ ۾ ڦاٿو پيو ھجي. آخر گھڻي ڪوشش بعد مون غور سان ڏسي محسوس ڪيو تھ آئون ڪھڙي ويڌن منجھھ ھوس: ھڪ شارڪ مڇي پنھنجين ڄاڙين ۾ مون کي جھلي کائڻ لاءِ وڃي رھي ھئي.

آئون سڄي جانور کي تھ ڏسي نٿي سگھيس، پر اھو اندازو لڳائي ويس تھ پڪ آفت جيڏي مڇي ھوندي، جنھن جو مان ڪو گرھ بھ مس ٿيندس. ھن جا ڏند منھنجي ڇاٽيءَ ۽ پٺ تي ڪارائيءَ جي ڏندن وانگر رکيا ھئا ۽ کاٻي ڪلھي وارو پاسو ھن جي نڙيءَ ڏي ھو. ھوءَ مون کي وات ۾ جھلي ھاڻ ھيٺ تري ڏي ڌوڪي رھي ھئي.

جيتوڻيڪ آئون خوف ڪري ھراسجي ويو ھوس، پر سور محسوس نھ پئي ڪيم. دراصل ھن جي ڏندن جي تکائي نھ پئي لڳي، پر وات ڀڪوڙڻ ڪري چيڀاٽجي رھيو ھوس. مون پنھنجيون ٻانھون پريان موڙي مڇيءَ جي منھن ڏي اھو سوچي ھٿواڙيون گھمائڻ لڳس تھ جيئن منھنجا ھٿ ھن جي اکين تائين پھچي وڃن تھ انھن کي زور سان چلھيان.

اوچتو ڪو ڪرشمو ٿيو ۽ دٻاءُ گھٽجي ويو. ان وحشي جانور پنھنجو وات ٿورو ڍرو ڪيو ۽ مون پٺيان زور ڏئي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي – پر منھنجي سڄي ٻانھن ھن جي وات ۾ ھلي وئي.

ھاڻي مون کي اھڙو تھ سور وٺي ويو جو ان سور بابت مون ڪڏھن سوچيو بھ نھ ھو. ان سور جي سيٽ کان مون کان رڙ نڪري وئي ۽ جي پنھنجي ٻانھن کي سٽ ڏئي شارڪ جي ڀچيل ڏندن مان ڇڏائڻ جي ٿي ڪيم تھ سور ماري ٿي رکيو، پر بھرحال ھن آفت مان پاڻ ڇڏائي ورتم.

آئون ٽنگن جي زور تي سڌو مٿي سمنڊ جي مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. شارڪ پٺيان آئي پئي جو منھنجيون لتون ھر ھر ھن جي جسم تي پئي لڳيون. آخرڪار آئون مٿي پھچي ويس ۽ مٿو پاڻيءَ کان ٻاھر نڪري آيو. مون جلدي جلدي ڊگھا ساھ کڻي ورتا.

مون کي پڪ ھئي تھ شارڪ مون کي کائڻ لاءِ وري ضرور ايندي. ايتري ۾ مڇيءَ جي ڪلي منھنجن پيرن کي لڳي. ان بعد منھنجن گوڏن ھن جي کھري پاسي واري جسم کي ڇھي ورتو. مون ٻنھي ٻانھن سان ان آفت کي ٿيلھو ڏئي پوءِ ھڪ ئي وقت ھٿ ۽ ٻانھون ويجھو ۽ پري ڪرڻ لڳس – اھا ئي اميد رکي تھ ائين ڪرڻ سان آئون ھن جي وات ۾ اندر وڃڻ کان بچي ويندس. انھيءَ وٺ پڪڙ ۾ منھن ٻاھر ڪڍي ڊگھا ڊگھا ساھ بھ کڻي پئي ورتا.

اسان ٻئي وري ھيٺ تري ڏي ھليا وياسين. شارڪ مون کي پاسن کان اھڙو تھ ڌڪو ڏئي گھليندي وئي جو تري جي سڄي ريتي بھ روڙجي وئي. ھڪ دفعو مون وري پنھنجي طاقت سان شارڪ کي ٿيلھو ڏنو ۽ مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. مٿي پھچي مون کي ساھ کڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ آئون ڊگھا ڊگھا ساھ کڻڻ لڳس، پر منھنجي چوڌاري پاڻيءَ جو رنگ رت سان ڳاڙھو ٿي ويو ھو - ۽ اھو رت ٻئي ڪنھن جو نھ پر منھنجو ئي ھو. شارڪ بھ مٿاڇري تائين اچي وئي ۽ مون کان ڪجھھ فٽ پري پاڻ کي موڙڻ لڳي. سندس کلوتڻو جسم ٿلھي ڇوڏي واري وڻ جي ٿڙ وانگيان ٿي لڳو. رنگ ۾ ناسي ڀورو. يعني اھا شارڪ بنا ڪنھن شڪ جي ويڙھاڪ ۽ خوني قسم جي شارڪ مڇين مان ھئي.

ھوءَ مون ڏي مڙڻ لڳي. ھڪ اھڙو خوف جنھن کي بيان نٿو ڪري سگھجي، منھنجي جسم ۾ ٿڙڪڻي پيدا ڪرڻ لڳو. اھا ھڪ ڀوائتي ڳالھھ ۽ حقيقت ھئي تھ ان شارڪ جو مون تي راڄ ھو جنھن کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگھي ۽ انھيءَ علائقي ۾ آئون اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي. آئون ھتي ھڪ آفيسر مثال نھ ھوس، پر ھڪ تڏ وانگر ننڍڙي کائڻ جي شيءِ ھوس، جيڪو ھن آفت لاءِ پورو گرانھھ بھ نھ ٿئي ۽ شايد ھضم ٿيڻ کان اڳ ئي کيس وري وڃي تھ ڪجھھ دير اڳ ھن مون کي ڳڙڪايو ھو.

مون چڱي طرح ڄاتو ٿي تھ شارڪ مون تي وري حملو ڪندي ۽ ڏندن سان ڪرٽي کائيندي يا وات اندر وجھي سڄو ڳھي ڇڏيندي. ٻنھي صورتن ۾ ڄاڻ تھ چيچلائي چيچلائي مئس. بس ھاڻ رڳو ان موت جو آئون انتظار ڪري سگھان ٿو. مون تکو تکو ھڪ ساھ ۾ پنھنجي زال ۽ ايندڙ نئين ٻار لاءِ الله کان دعا گھري.

پوءِ اھو ڪجھھ ٿي پيو، جنھن جي ڪا اميد ئي نھ ھئي، جنھن جو ڪو سوچي بھ نٿو سگھي. مون ڏٺو تھ اھا شارڪ مون ڏي وڌڻ بدران، پاسيرو ٿي سڌو ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ سڌو ٿي پٺيان مڙڻ لڳي ۽ پوءِ ھڪ دفعو وري مون ڏي منھن ڪري پاسو ڏئي ٻي طرف تري وئي – پر ھي ڇا؟ سندس پٺيان پٺيان آئون بھ گھلجڻ لڳس.

منھنجي چيلھھ جي پٽي سان ٻڌل سنھي رسي جيڪا ھن کان اڳ پاڻيءَ ۾ ائين ئي ڍري ٿي لڙڪي پئي، سا مڇيءَ جي پري ٿيڻ ڪري ڇڪجڻ لڳي ۽ مڇي سان گڏ آئون بھ ڇڪجڻ لڳس. دراصل آخري دفعي جڏھن شارڪ مڇيءَ مون تي حملو ڪيو ھو تھ سندس چڪ مون کي لڳڻ بدران پلاسٽڪ جي ڇٻي کي وڃي لڳو ھو ۽ ھوءَ ڪنھن طرح سان ڇٻي جي ٻڌل رسيءَ ۾ وچڙي پئي ھئي ۽ پوءِ گھڻو ئي پاسا ورائي پاڻ ڇڏيائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر آجي نھ ٿيڻ ڪري منھنجي پيئي ۽ ھاڻ ڊپ ۾ ڀڄي رھي ھئي. مون پنھنجو بيلٽ ھڪدم کولي پاڻ کي آجو ڪرڻ ٿي چاھيو پر منھنجي ٻانھن ۾ ايتري سگھھ نھ ھئي جو اھو پٽو کولي سگھان – خاص ڪري ساڄي ٻانھن ۾.

ھاڻ اسان ٻئي پاڻي اندر تکو تکو وڃي رھيا ھئاسين ۽ اتڪل ٽيھھ چيليھھ فٽ کن سمنڊ اندر شارڪ پٺيان گھلبيو ويس. جيتوڻيڪ کاٻو ھٿ بيلٽ جي بڪل کولڻ ۾ لڳل رھيو. دل ئي دل ۾ مون چيو تھ مڇيءَ منھنجي جان ڇڏي. ھاڻ ھيئن ٻڏي مرڻ کان تھ پاڻ جيڪر بچائي وٺان. پوءِ آخري ڪرشمو رونما ٿيو. گھڻين سٽن اچڻ ڪري رسي پنھنجو پاڻ بيلٽ مان ڇڄي ڌار ٿي وئي ۽ ائون ھڪ دفعو وري آزاد ٿي ويس. ٻين مون کي ٻڌايو تھ سمنڊ کان ڪنڌ ٻاھر ڪڍي آئون ھي ئي رڙيون ڪنديو رھيس: ”شارڪ.... شارڪ.... شارڪ!“ ۽ اھو ئي گھڻو ڪي ڪجھھ ھو.

پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پنھنجن دوستن جا آواز منھنجي ڪنن تي پيا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مون وٽان اچي نڪتا. مون وڌيڪ ھٿوراڙيون ھڻڻ ڇڏي پنھنجو پاڻ ھنن جي حوالي کڻي ڪيو ۽ ھنن مون کي مٿي ڇڪي ورتو ۽ آئون مرڻ کان بچي ويس.

ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھ مون کي رسيل ايڏا اونھا زخم ۽ ڌڪ ڏسي ڏڪي ويا. منھنجي ساڄي ٻانھن ۽ ساڄو ھٿ شارڪ جي وات ۾ اچڻ ڪري انھن تان ايترو تھ ماس روڙجي ويو ھو جو جتان ڪٿان رڳو ھڏيون پئي نظر آيون. منھنجي ڇاتي، پٺ ۽ کاٻو ڪلھو سندس ڄاڙين ۾ چپجڻ ۽ رھنڊجڻ ڪري جتان ڪٿان چيرجي ويو ھو ۽ ڇاتيءَ جون پاسيريون، ڦڦڙ ۽ آنڊا نظر پئي آيا.

پوليس کي اطلاع ڪرڻ سان ھنن رڪارڊ قائم ڪرڻ واري حد تائين جھٽ پٽ ايمبولينس موڪلي مون کي اسپتال پھچايو، جتي قابل سرجن ۽ اسٽاف اڳواٽ تيار ھئا. مون کي آپريشن ٿيٽر ۾ ٽيبل تي ليٽائي نشو ڏنو ويو. اکين مٿان بلبن جي ٻرندڙ ڇٽ جي روشني ڏسندي ڏسندي چونجھي ٿي وئي. اک منھنجي ٻئي ڏينھن کلي تھ منھنجي زال ڀر ۾ بيٺي ھئي.

مون چيو: ”سور اٿم.“

جواب ۾ ھوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

ڊاڪٽر رڙھي اڳيان آيو ۽ آٿت ڏيندي چيائين:

”گھٻرائڻ جي ڳالھھ ناھي. ھاڻ بچي ويندين.“

اڄ پورن ٻن سالن بعد منھنجا ڦڦڙ چڱي طرح ڪم ڪري رھيا آھن، جيتوڻيڪ منھنجي ڇاتيءَ ۾ اڃا سيٽ ٿئي ٿي. منھنجو ھٿ جيتوڻيڪ ڏسڻ لائق شيءِ نھ رھيو آھي، پر آئون ان کي چوري پوري سگھان ٿو. منھنجي ڇاتيءَ، پٺ، دڏ ۽ ڪلھن تي مڇيءَ جي چڪن ۽ آپريشن جي وڍ ڪٽ ۽ ٽوپن جا ڪيترا ئي نشان ۽ داغ آھن.

ھڪ خدا ئي ڄاڻي ٿو تھ مون نٿي چاھيو، پر منھنجي زال شروع کان ئي محسوس ڪيو تھ ھڪ ڏينھن آئون وري غوطا خوري لاءِ ويندس. انسان اڌ ماڻھو آھي – جيڪڏھن خوف ھن تي واسو ڪري وڃن. صحتياب ٿيڻ کان پورا پنج مھينا پوءِ، آئون سمنڊ تي وري موٽي آيس ۽ پنھنجا ڊپ ڊاءَ اتي ئي اچي ڦٽا ڪيم جتان مون کي مليا ھئا.

پر ھاڻ منھنجي اڄ جي غوطا خوري اڳ کان بلڪل نرالي آھي – مون کي جيتوڻيڪ پاڻ تي وري اعتماد اچي ويو آھي ۽ دانائي پڻ. ان جو مطلب اھو ناھي تھ آئون ڪو شارڪ سان مقابلو ڪرڻ ٿو چاھيان. ھونءَ بھ زندگيءَ ۾ ٻيا جوکم جا ڪم ڪي گھٽ آھن جو اجايو پاڻ لاءِ پاڻھي ھڪ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪريان.

سو بھرحال! ھاڻ غوطا خوريءَ جي مقابلي کان پري ئي رھندو آھيان ۽ ان سمنڊ جي حصي ۾ اھي ئي دلير غوطا خوري مقابلي ۾ حصا وٺندا رھندا، جن پنھنجين ڇاتين تي شارڪ مڇيءَ جون ڄاڙيون محسوس نھ ڪيون ھونديون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: