سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :7

چوٿين ھفتي دوران ھڪ رات آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس تھ اوچتو ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳي. ڀڻڪندي اٿيس. ڏسان تھ ھڪ تمام وڏي مڇي ٻيڙيءَ ۾ ڦٿڪي رھي آھي. مون جھٽ پٽ ڪھاڙيءَ ۾ ھٿ وڌو ۽ مڇيءَ تي حملو شروع ڪري ڏنم، پر ڪھاڙيءَ جا ڌڪ ھن تي ائين لڳي رھيا ھئا، ڄڻ ڪنھن رٻڙ جي ڍڳ کي لڳي رھيا ھجن. نيٺ مون ڪھاڙيءَ جا ڪجھھ وسڪارا مڇيءَ جي کوپڙي تي ڪيا، تڏھن مس مس ھن ڦٿڪڻ بند ڪيو. ھوءَ ٽي فٽ ڊگھي ۽ گھڻي نھري ”ڊاگ فش“ ھئي. ان جدوجھد ۾ منھنجو ھٿ ھن جي وات ۾ اچي ويو ۽ ھڪ آڱر چچرجي وئي. خير مون ھن مڇيءَ کي رسيءَ جي ھڪ ٽڪر سان بينچ جي ٽنگ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وري سمھي رھيس. ڏينھن چڙھيو تھ چاقوءَ سان ان جا ڳڀا ڳڀا ڪيم ۽ اسان سڀ ڏندن سان چٻاڙڻ لڳاسين. مون ۽ ڊيانا تھ مڇيءَ جي گھاٽي ڳاڙھي رت جو ھڪ ھڪ ڍڪ بھ ڀريو، پر اھو ايترو تھ خراب ھو جو ماڳھين دل ڪچي ٿي پيئي. مڇيءَ جا ٽڪرا بھ اسان کان ڳٿا نٿي ٿيا، سو سمنڊ اندر ٿوڪاري ڇڏياسين.

رات ٿي تھ منھنجو ھٿ ۽ ساڄي ٻانھن سڄي پئي. ڊيانا جو خيال ھو تھ مڇيءَ جي ڏندن جو زھر منھنجي ساڄي ٻانھن تي چڙھي ويو آھي. ھن مون کي ھدايت ڏني تھ آئون پنھنجي ٻانھن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ئي ٻوڙي رکان. سڄي رات منھنجي ٻانھن ۾ سور جون سيٽون اڀرنديون رھيون. صبح ٿيو تھ ڊيانا منھنجي کيسي مان ڊاڪٽر ٽسڪر وارو چاقو ڪڍي ڦٽيل آڱر تي چھڪ ڏنو ۽ پوءِ ھٿ ۽ ٻانھن کي زور ڏيئي منجھانئس زھريلو مادو چڱيءَ طرح ڪڍيو. اھڙيءَ طرح مون کي ڪجھھ سڪون مليو. زھريلو گند چڱيءَ طرح نڪري ويو تھ مون پنھنجي ٻانھن وري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ٻانھن جي سوڄ تھ ھلي وئي، پر ڦٽ ڇٽڻ ۾ پوءِ بھ مھينا لڳي ويا.

چوٿين ھفتي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ڏينھن ڳڻڻ ڇڏي ڏنا. اسان سڀني تي ھاڻي ھڪ قسم جي غنودگي طاري رھي ٿي. اٿي بيٺاسين ٿي تھ گھرڪي ھيٺ وڃي ڦھڪو ٿي ڪيوسين. ھڪڙي ڏينھن صبح جو اٿي ڏٺوسين تھ جھاز جو پوڙھو سرنگ ۽ زنجبار جا رھڻ وارا ”فائرمين“ ٻيڙيءَ جي تري ۾ مئا پيا ھئا. وڏيءَ مشڪل سان ھنن کي مٿي آڻي، سمنڊ ۾ اڇليوسين. رات ٿي تھ ھڪ ٻئي ھمراھ جي حالت خراب ٿي وئي. ھن کي ٻيڙيءَ جي تري ۾ آرام سان سمھاريوسين، پر ھو ٿڙندو ٿاٻڙندو مٿي ٻيڙيءَ جي تختي تي اچي ستو. مون ان جو سبب پڇيومانس تھ ھن جي سڪل چپن تي اداس مرڪ تري آئي. چوڻ لڳو: ”اينگس! آئون اڄ رات پڪ مري ويندس. ٻيڙيءَ جي تري مان لاش ڇڪي مٿي آڻڻ ھاڻي توھان جي وس کان ٻاھر ٿي پيو آھي. ھتي مٿين تختي تي مري ويندس تھ توھان کي منھنجو لاش سمنڊ ۾ اڇلڻ ۾ آساني ٿيندي، ان ڪري مون کي ھتي ئي سمھڻ ڏيو.“ ھن جي اھا ڳالھھ ٻڌي منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. مون ٿڌو ساھ کنيو ۽ ھن وٽان ھليو آيس. واقعي ان رات ھو اسان کان ھميشھ لاءِ موڪلائي ويو ۽ صبح جو اسان ھن جي لاش کي سمنڊ جي نذر ڪيو. ٻئي ڏينھن چار ٻيا ساٿي اسان کان جدا ٿي ويا.

ھاڻي ٻيڙيءَ ۾ فقط ٽي ماڻھو: آئون، ڊيانا ۽ جئڪ رھجي ويا ھئاسين. ٻيڙيءَ جا سڙھ ائين پٽ تي پيا ھئا، پر انھن کي سنڀالڻ جي ھاڻ مون ۾ ھمت بنھھ ڪانھ ھئي. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تھ اسان ٽئي لورپول (انگلينڊ) ۾ گھمي رھيا آھيون. صبح جو اٿڻ سان مون ڊيانا ۽ جئڪ کي پنھنجو خواب ٻڌايو ۽ چيو: ”ھن خواب مان لڳي ٿو تھ پاڻ بچي وينداسين. ڪو نھ ڪو راھ ويندڙ جھاز پاڻ کي کڻي ويندو.“ جئڪ ۽ ڊيانا پھرين تھ منھنجي ان ڳالھھ تي مرڪيا ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ پيا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي آخري بوند بھ ختم ٿي وئي ھئي. اسان ٽئي ھاڻ رڳو پاڻيءَ جا خواب ڏسندا ھئاسين. مون کي تھ خواب ۾ پاڻي شڪلين ۾ نظر ايندو ھو. ڪڏھن نديءَ ناري جي شڪل ۾ تھ ڪڏھن ڍنڍ ڍوري جي روپ ۾ - يا وري ڪڏھن وڏ ڦڙي وسڪاري جي صورت ۾. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تھ آئون ھڪ پائپ ذريعي پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪري رھيو آھيان.

جئڪ جي بھ حالت ھاڻ آھستي آھستي خراب ٿيڻ لڳي. ھو ٻيڙيءَ جي پٺين ڪنڊ ۾ ستو پيو ھو. ھوڏانھن ڊيانا ٻيڙيءَ جي اڳئين ۽ ڪجھھ سڪل حصي ۾ ھئي. ھن مرڪي اسان ڏي ڏٺو ۽ چوڻ لڳي: ”جيڪڏھن مينھن پئجي وڃي تھ پنھنجي بچڻ جا آثار پيدا ٿي سگھن ٿا.“ بک ۽ اڃ کان بيتاب، اسان لاشن وانگر ھڪ ھنڌ پيا ھئاسين ۽ نظرون مٿي آسمان ڏي ھيون تھ من ڪو ڀليل ڀٽڪيل ڪڪر ئي ھتان اچي نڪري ۽ ٿوري دير وسڪارو ڪري، جيئن اسان پنھنجي سڪل نڙيءَ کي آلو ڪري سگھون. سور جي سيٽ کان وات کولڻ تي مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ اجھو تھ تارون ٽڙڪيو.

اوچتو ڊيانا چوڻ لڳي: ”اچو تھ گڏجي برسات لاءِ دعا پنون. ٿي سگھي ٿو تھ الله کي اسان جي حال تي رحم اچي وڃي!“ اسان ٽئي ادب سان ٿي بيٺاسين ۽ گوڏن تي جھڪي دل جي گھرائين سان دعا گھريسين. خدا کي اسان تي ٻاجھھ اچي وئي ۽ ان ئي رات ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس تھ ڪجھھ بوندون منھنجي منھن کي لڳيون. ٽپ ڏئي اٿي ويٺس ۽ چرين وانگر رڙيون ڪيم: ”مينھن ڙي مينھن! ٻيلي وارو ڪيو.“ جيڪ منھنجي مدد ڪرڻ جي قابل نھ ھو. ڊيانا جي حالت بھ خراب ھئي، پر ھوءَ بھادر ڇوڪري دل ٻڌي اٿي ويٺي ۽ رڙھندي رڙھندي مون تائين آئي. اسان ٻنھي وڏي ڪشالي سان ٻيڙيءَ جو سڙھ وڇايو، جيئن پاڻي گڏ ڪري سگھجي. پاڻي گڏ ٿيو تھ اسان ان کي خبرداريءَ سان ٽانڪيءَ ۾ وڌو. سڙھ تي باقي بچيل پاڻيءَ جي ڦڙن کي زبان سان چٽيوسون. سڙھ تي سامونڊي ڇولين جو پاڻي لڳڻ ڪري چڱو خاصو لوڻ موجود ھو، جنھن ڪري مينھن جو گڏ ڪيل پاڻي بھ ڪڙو ٿي پيو ھو. پر تنھن ھوندي بھ اسان لاءِ وڏي غنيمت ھو. پاڻيءَ جا ٻھ ٻھ ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ اسان جي حالت مڙيئي ڪجھھ سڌري. ڊيانا جو ڳلو سڄي پيو ھو، ان ڪري ھن ڏاڍي مشڪل سان پاڻي پيتو. ٿوري دير کان پوءِ آئون اٿي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي ۾ آيس ۽ ھڪ دٻي سان سمنڊ جو پاڻي پنھنجي مٿان وڌم. ان وھنجڻ مان مون کي ڏاڍي فرحت ملي. ان ڪري مون جيڪ ۽ ڊيانا کي بھ پوءِ وھنجاريو. ڊيانا جيتوڻيڪ سڪي ڪنڊا ٿي وئي ھئي، پر ھن جو حوصلو اڃا بھ بلند ھو. ھن کي ھاڻ ڳالھائڻ جي بھ طاقت نھ ھئي، پر ھن جھيڻي آواز ۾ اتر انگلينڊ ۾ ٺھيل سندس سھڻي گھر جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ چوڻ لڳي: ھوءَ گھوڙي سواري ۽ ٽينس جي وڏي شوقين آھي. کيس ڳالھائڻ ۾ جيتوڻيڪ سور ٿي رھيو ھو، پر لڳاتار ڳالھائيندي رھي. وڌيڪ چوڻ لڳي: ”جڏھن پاڻ انگلينڊ پھچنداسين تھ تون ضرور منھنجي گھر اچجانءِ! منھنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندا.“ ڊيانا جي ان دعوت تي مون کي ھڪ عجيب خوشي محسوس ٿي تھ، مون وانگر ھن کي بھ ان ڳالھھ جو پختو يقين آھي تھ اسان موت جي چنبي مان نڪري وينداسين.

مينھن وٺي ٽي ڏينھن ٿي ويا ھئا. اسان جي حالت پھرين کان وري بھ سڌري چڪي ھئي. چوٿين ڏينھن آئون وري ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي ويھي سمنڊ جي پاڻيءَ سان وھنتس. پوءِ اٿس، ننڍي سڙھ جو رخ ڦيرائي، وڏي سڙھ کي کوھي تي چاڙھڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھيڻائيءَ ڪري ناڪام رھيس. سو ان کي اتي ئي وڇائي مٿس سمھي رھيس ۽ ھفتن بعد ڪا گھاٽي ننڊ ستس. ٻئي ڏينھن پرھ ڦٽيءَ کان بھ اڳ ڊيانا مون کي اٿارڻ لاءِ ھٿ سان ڌوڏيو. ھوءَ وائڙن وانگر نھاري رھي ھئي: ”اينگس! ڇا توکي ڪنھن ھوائي جھاز جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“ ھن ڊگھا ڊگھا ساھ کڻندي چيو. مون مٿي آسمان ۾ نگاھون کپائي ڏٺو. چوڌاري اوندھ ھئي ۽ اڃا تارا ٽمڪي رھيا ھئا. مون ڪن لڳائي غور سان آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعي مون کي بھ ائين لڳو ڄڻ ڪو ڏور ھوائي جھاز اڏامي رھيو ھجي – چرين وانگر ماچس جي تيلي ٻاري ھڪ سڪل بيلٽ کي باھ ڏني ۽ پوءِ بيھي ان کي گھمائڻ لڳس. جيڪ بھ پنھنجي جاءِ تان اٿيو ۽ آھستي آھستي ھلي اچي منھنجي ڀرسان بيٺو. لائيف بيلٽ ٻري ٻري وسامي ويو، پر ھوائي جھاز اسان جي ٻيڙي تائين نھ پھتو. مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. عجيب ڳالھھ اھا تھ ھن جو آواز اڃا تائين پھچي رھيو ھو. ٿوري دير کان پوءِ صبح جي روشني ٿي تھ ڊيانا آڱر سان ھڪ طرف اشارو ڪيو. پري پري ھڪ تمام وڏو پاڻيءَ جو جھاز لوڏا کائيندو نظر آيو ۽ دراصل ان جي ڊيزل انجڻ جو آواز ھوا جي لھرن ذريعي اسان جي ڪنن تائين پھچي رھيو ھو. اسان ٽئي ڄڻا ٽڪ ٻڌي ان کي ڏسڻ لڳاسين ۽ اسان جي اکين مان لڳاتار ڳوڙھا ڳڙي رھيا ھئا. جھاز ڏسي جئڪ ۾ بھ ڄڻ سگھھ اچي وئي. انھيءَ وچ ۾ جھازن تان ڪنھن ميگافون ذريعي چيو: ”ڇا توھان پنھنجي ٻيڙي جھاز جي ويجھو آڻي سگھو ٿا؟“

مون ٻيڙي جو منھن جھاز ڏي موڙيو. جئڪ بھ سھڪندو سکاڻ

جھلي منھنجي مدد ڪرڻ لڳو. آئون جئڪ ۽ ڊيانا جي حوالي سکاڻ ڪري چپو ھلائڻ لڳس تھ ٻيڙي آھستي آھستي جھاز جي ويجھو ٿي، نيٺ وڃي ھن جي پاسي کان لڳي. رسيءَ جي ڏاڪڻ لڙڪائي وئي ۽ ٻھ ماڻھو اسان جي مدد لاءِ ڏاڪڻ ذريعي ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ لٿا. سڀ کان پھريان ڊيانا کي ھڪ رسيءَ سان ٻڌي جھاز تي پھچايو ويو. ان کان پوءِ جئڪ کي بھ ان ريت مٿي ڇڪيو ويو ۽ آخر ۾ آئون بنا ڪنھن جي مدد سان ڏاڪڻ رستي جھاز تي پھچي ويس. مٿي پھچي سڀ کان پھرين مون پيئڻ لاءِ ڪجھھ پاڻي گھريو، جنھن جي پيئڻ کان پوءِ منھنجا حواس سامت ۾ آيا تھ مون جھاز کي غور سان ڏٺو. پھرين تھ خيال آيو تھ شايد سئيڊن جو جھاز آھي، پر پوءِ ھڪ دروازي وٽ مون کي ھالينڊ جو جھنڊو ڏسڻ ۾ آيو. ڪجھھ گھڙين کان پوءِ مون ٻن ماڻھن کي جڏھن جرمن زبان ۾ ڳالھائيندي ڏٺو تھ منھنجا تھ ٺپ ئي ٺري ويا. ھي ھڪ جرمن جھاز ھو. مون کي جرمن زبان مڙيئي ڪجھھ ڪجھھ آئي ٿي. مون اھا حقيقت پنھنجن ھمراھن سان آھستي ڪئي تھ ڊيانا چوڻ لڳي: ”تھ پوءِ ڇا ٿيو؟ آھي تھ ھي جھاز ئي نھ!“

اسان جھاز جي ڊيڪ تي ڪرونڊڙا ٿي ويٺا ھئاسين تھ ھڪ ماڻھوءَ ھلڻ لاءِ چيو. ٻھ خلاصي ٻيا بھ اچي نڪتا. ھنن مدد لاءِ جئڪ ۽ ڊيانا کي سھارو ڏنو ۽ پوءِ اسان کي ڊاڪٽر جي ڪئبن تائين پھچايو. ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ اسان کان سفر جو احوال ورتائين. مون ھن کي ٻڌايو: ”ڇھين نومبر تي اسان جو جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ان کان پوءِ اسان لڳاتار سمنڊ تي سفر ڪري رھيا آھيون. ھاڻ تھ اسان ڏينھن جي ڳڻپ ئي ڇڏي ڏني آھي. پھرين تھ اسان جي ٻيڙيءَ ۾ بي شمار ماڻھو ھئا، پر ھاڻي اسان ٽي وڃي بچيا آھيون. باقي جيڪي مرندا ويا، انھن کي اسان سمنڊ ۾ اڇلائيندا وياسين.“ ڪئپٽن ٻڌايو تھ اڄ ٻارھين ڊسمبر آھي. آئون اھو ٻڌي ڏڪي ويس. يعني موت جو ھي سفر اسان پورا ڇٽيھھ ڏينھن ڪيو. ڪئپٽن ٻڌايو تھ توھان ھڪ جرمن جھاز ”راڪو تيز“ تي آھيو. مون ڊيانا جو ٿيلھو جنھن ۾ ڳھھ ڳٺا ۽ ٻيون قيمتي شيون ھيون، ڪئپٽن جي حوالي ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ڪافي آڻي پياري ۽ ٻڌايو تھ ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اسان کي ڪوبھ شربت گھڻي مقدار ۾ پيئڻو ناھي. ڪمپائونڊر مون کي ۽ جئڪ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وھنجاريو. منھنجي ڦٽيل ھٿ کي چيٺي پٽي ٻڌائين. پوءِ اسان ٻنھي کي ھڪ ڪئبن ۾ اماڻيو ويو. ڊيانا ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ ئي رھي. ڪئبن ۾ پھچي مون آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏٺو تھ منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. منھنجي بدن تي گوشت نالي ڪا شيءِ نھ ھئي. آئون صفا ھڏين جو پڃرو وڃي بچيو ھوس. جيتوڻيڪ ڏاڙھي مڇن جي وارن ۾ منھنجي منھن جون ھڏيون، پاسا لڪي ويا ھئا، جئڪ جي بھ اھا ئي حالت ھئي. ڪمپائونڊر اسان کي ڪجھھ گوريون کارايون ۽ سئي ھڻي ھنڌ تي سمھاري ويو. اسان سڄو ڏينھن غشيءَ جي حالت ۾ سمھي رھياسين.

ٻئي ڏينھن صبح جو ستين وڳي ھڪ اسٽوورڊ اسان کي ڪافي ۽ نيرن آڻي ڏني. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ اسان جي صحت سڌري تھ مون ھيڏانھن ھوڏانھن گھمڻ شروع ڪيو. اسان کي ڊيانا سان ملڻ جي موڪل نھ ھئي، پر ڪئپٽن اسان کي ٻڌايو: ”ھن جي نڙي ايترو تھ سڄي پئي آھي جو ھاڻ ڪابھ شيءِ کائي نٿي سگھي. ان ڪري سين رستي خوراڪ ڏني پئي وڃيس. ڊاڪٽر ھن جي ڳلي جي آپريشن ڪرڻ ٿو چاھي، پر ان لاءِ ھن کي توھان جي موڪل گھرجي.“

مون وراڻيو: ”جيڪڏھن ڊيانا جي تندرستيءَ لاءِ ڊاڪٽر آپريشن ضروري ٿو سمجھي تھ پوءِ اسان طرفان ھن کي اجازت آھي، پر اسان ڊيانا سان ملڻ گھرون ٿا.“

ڪئپٽن مون کي ۽ جئڪ کي وٺي ڊيانا جي ڪمري ۾ آيو. ھوءَ اسان سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. ھن جا وار ڌوتل ۽ چڱيءَ طرح ڦڻي ڏنل ھئا، پر ھوءَ بھ ھڏين جو پڃرو ٿي وئي ھئي. ھن کان ڳالھايو صفا نٿي ٿيو، رڳو وات پئي چوريائين ۽ اشارا ٿي ڪيائين. اسان اٽڪل ٻھ ڪلاڪ کن ھن وٽ ويٺاسين، ان کان پوءِ ھن کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا ۽ اسان ٻڏل دل سان پنھنجي ڪئبن ۾ موٽي آياسين.

شام جو ڪئپٽن کي لٿل منھن سان اسان جي ڪئبن ۾ ايندو ڏسي آئون تھ ڏڪي ويس. ھن جي منھن مان ئي لڳو پئي تھ ھن وٽ اسان لاءِ ڪابھ سٺي خبر ناھي. ھن ٻڌايو تھ ھوءَ انگريز ڇوڪري (ڊيانا) آپريشن کان پوءِ مري وئي. جيتوڻيڪ آپريشن ڪامياب ٿيو، پر ھن جي دل ايتري تھ ڪمزور ٿي پئي ھئي، جو بيھوش ڪرڻ واري دوا جو اثر سھي نھ سگھي. آئون اھو ٻڌي پلنگ تي ڪري پيس ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳس. جئڪ بھ سڏڪن ۾ پئجي ويو. ٻھ ماڻھو اسان کي ٻانھن کان جھلي ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ھڪ ميز تي ڊيانا جو فاني جسم رکيو ھو. ھن جي ڳلي تي پٽي ٻڌل ھئي، منھن تي سڪون ۽ ماٺ طاري ھئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھوءَ ننڊ ۾ ستل ھجي. ھن جون آخري رسمون ٻئي ڏينھن ادا ٿيڻيون ھيون. ٻئي ڏينھن اسان مايوس دلين سان جھاز جي فور ڊيڪ (اڳئين حصي) تي پھتاسين. سڄو عملو يونيفارم ۾ موجود ھو ۽ سامھون ھڪ تابوت ۾ ڊيانا جو لاش ھو. ڪئپٽن جرمن زبان ۾ تقرير ڪئي ۽ پوءِ اسان لاءِ بھ ڪجھھ لفظ انگريزيءَ ۾ چيا. عملي جي وڏي تعداد جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا، ڇو تھ ھنن ھن انگريز ڇوڪريءَ جي بچائڻ ۾ گھڻي دلچسپي ورتي ھئي. ڪپئٽن دعا پڙھي ۽ تابوت کي آھستي آھستي سمنڊ ۾ لاھي ڇڏيو. عملي جا ماڻھو مٿي اگھاڙا تيستائين بيٺا رھيا، جيستائين تابوت اکين کان اوجھل ٿي ويو. اھڙا نظارا دلين کي ڏاڍو غمگين ۽ متاثر ڪرڻ وارا ٿين ٿا. اھڙيءَ طرح ھڪ دلير، شريف ۽ عظيم ڇوڪريءَ جو آخرڪار ھن دنيا مان لاڏاڻو ٿيو.

”راڪو تيز“ جھاز کي نئين سال جي پھرين ڏينھن شام جي وقت فرينچ بندرگاھ ”بورڊي“ ۾ لنگر انداز ٿيڻو ھو. ڪرسمس اسان جھاز تي ئي ملھايو. ان ڏينھن پيٽ ڀري گوشت ۽ ٻيون سٺيون سٺيون شيون کاڌيونسين. نئين سال جو پھريون ڏينھن ھو. صبح جو چئين وڳي جئڪ مون کي لوڏي جاڳايو. ڊيڪ تي ڌماڪن جا آواز ۽ زرد رنگ جي روشنيءَ جا شعلا بھ نظر اچي رھيا ھئا. خبر پيئي تھ اسان جي ملڪ برٽس جا ھوائي جھاز ھن پاڻيءَ جي جھاز ”راڪو تيز“ تي حملو ڪري رھيا آھن. جواب ۾ ”راڪو تيز“ تي لڳل ائنٽي ڪرافٽ توبن بھ گجگوڙيون شروع ڪري ڏنيون. ھوائي جھاز ڪا دير حملو ڪرڻ بعد غائب ٿي ويا. جھاز کي ڪو خاص نقصان نھ رسيو، ان ڪري اسان جو سفر جاري رھيو. شام جي وقت ساڍي چئين وڳي وري جھاز جو گھنڊ وڄڻ لڳو. ان سان گڏ توبن جي ڌماچوڪڙي بھ مچي ويئي. ان ئي گوڙ گھمسان ۾ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ ھڪ جرمن فوجيءَ دانھون ڪري سڀني کي ٻيڙين ۾ لھڻ جو حڪم ڏنو. منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائون تھ ھن دفعي ھڪ برٽش ڪروز (جنگي جھاز) اسان جي ھن جرمن جھاز تي حملو ڪري تمام گھڻو نقصان رسايو آھي. جا کڻي ڏسون تھ واقعي جھاز ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين باھ جي ڄڀين ۾ ويڙھيو پيو ھو ۽ برٽس جھاز جي توبن جا گولا وسڪارا ڪري رھيا ھئا. موسم بھ خراب ٿي رھي ھئي ۽ سمنڊ جون ديو جھڙيون لھرون اڀري رھيون ھيون. افراتفريءَ جي عالم ۾ جئڪ مون کان وڇڙي ويو. بھرحال آئون ھڪ ٻيڙيءَ ۾ ويٺس. گولا اڃا تائين ڦاٽي رھيا ھئا. ٻيڙي ٻڏندڙ جھاز کان ھڪدم رڙھي پري ويئي. ”راڪو تيز“ آھستي آھستي سمنڊ جي تھن ۾ غرق ٿيڻ لڳو. جرمنن، پنھنجن مٿن تان ٽوپيون لاھي ٻڏندڙ جھاز کي آخري سلامي ڏني.

شام جا پاڇولا ڊگھا ٿي چڪا ھئا. ٻيڙيءَ خليج بسڪي Bay of Biscay ۾ سفر شروع ڪيو. ان تي اسان ڪل پنجٽيھھ ماڻھو سوار ھئاسين. رات اونداھي ۽ سرد ھئي. منھنجي مٿي تي ڪابھ ٽوپي نھ ھئي، سو سڄو مٿو ٿڌ کان کيرو ٿي رھيو ھو. مون مٿي کي ڍڪڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڪا شيءِ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ھڪ جرمن جي پتلون جي پٺئين کيسي ۾ ”برٽ ٽوپي“ ڦاٿي پئي ھئي. مون اھا آھستي آھستي ڪڍي پنھنجي مٿي تي کڻي رکي. ٻيڙيءَ جي جرمن انچارج ان جو رخ ويجھي فرانسي ڪناري ڏي موڙيو. ڏينھن چڙھيو تھ اسان کي ھڪ گلاس پاڻي ۽ مٺ مٺ بسڪٽن جي نيرن طور ملي. يارھين وڳي ڌاري ھڪ جرمن سب – مئرين اسان جي ويجھو سمنڊ مان ٻاھر اڀري آئي ۽ اسان سڀ ان ۾ سوار ٿياسين – ھيءَ سب مئرين ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مختلف جھازن جو شڪار ڪرڻ بعد واپس جرمنيءَ وڃي رھي ھئي. ھن کي ريڊيو ذريعي ”راڪو تيز“ جھاز جا مسافر کڻڻ جو نياپو مليل ھو. ان سب مئرين ۾ سندس عملي کان علاوه اسين پنجٽيھھ ڄڻا بھ چڙھي پياسين تھ ان جي حالت اھڙي ٿي پئي جيئن ڪنھن دبي ۾ سارڊين مڇيون بند ھونديون آھن. اسان کي ڪافي پياري ويئي ۽ سمھڻ لاءِ پٽ تي جاءِ ڏيکاري وئي.

اڃا اسان کي سب مئرين ۾ آئي پندرھن ويھھ منٽ مس ٿيا ھوندا جو مصيبت وري اچي ڪڙڪي. الارم وڄڻ لڳا ۽ سب مئرين سمنڊ اندر کڻي ٽٻي ھنئي. ڪجھھ لمحن بعد ٽي وڏا ڌماڪا ٿيا، جن سب مئرين کي سڄو لوڏي ڇڏيو. سمنڊ جي ھيٺين تھن ۾ پھچي پوءِ سڌي ٿي تھ سندس انجڻ بند ڪئي وئي ۽ اسان کي ماٺ ۾ رھڻ لاءِ چيو ويو. خبر پئي تھ انگريزن جي ھڪ ھوائي جھاز ان سب – مئرين کي نظر ۾ رکي سمنڊ جي اونھائين ۾ ڦاٽڻ وارا ٽي بم ھنيا. ڪلاڪ کن کان پوءِ سب مئرين جي انجڻ وري سجاڳ ٿي ۽ سفر شروع ٿيو. سب مئرين جي اندر جي ھوا ۾ ھاڻي گھٽ ۽ ڌپ ٿي ويئي ھئي، پر اسان کي ٻڌايو ويو تھ سج لھڻ کان اڳ ھن جو سمنڊ جي مٿان ترڻ ناممڪن آھي، ان ڪري تيستائين اسان کي ھڪ ھنڌ بنا چرپر ڪرڻ جي رکيو ويو، جيئن گھٽ کان گھٽ آڪسيجن استعمال ڪري سگھون. شام جو اسان کي ماني، پنير ۽ ڪافي ڏني وئي – ماني کائڻ کان پوءِ اسان رات جي اونداھيءَ ۾ تازي ھوا کائڻ جي انتظار ۾ ماٺ ڪيو ستا رھياسين. رات ٿي تھ سب مئرين سمنڊ جي مٿاڇري تي آئي ۽ ھوا جي تازن جھوٽن اسان جي جسم ۾ جان وڌي. ٽئنڪن ۾ ھوا گڏ ڪرڻ جا پمپ ھلايا ويا ۽ بورچيءَ ماني پچائڻ لاءِ چلھا ٻاريا. واضح رھي تھ پاڻيءَ جي ھيٺ سب مئرين ۾ ماني نٿي پچائي وڃي، جو ان لاءِ بھ ھوا ٿي کپي. ان ڪري سمنڊ ھيٺ بند کاڌي جي دٻن تي گذارو ڪيو ويندو آھي. سڄي رات سب مئرين پاڻيءَ جي مٿاڇري تي سفر ڪندي رھي ۽ ان ڊيزن انجڻ جو گوڙ ٻڌندا رھياسين. تازي ھوا جي ڪري ھر ھڪ ماڻھو خوش ھو. ڏينھن چڙھيو تھ سب مئرين وري پاڻيءَ اندر گھڙي وئي. ڊيزل انجڻ بند ٿي وئي ۽ چارج ٿيل بيٽريون ڪم ڪرڻ لڳيون.

اھڙيءَ ريت رات جو سمنڊ جي مٿان ۽ ڏينھن جو سمنڊ جي اندر، اسان جي سب مئرين جو سفر جاري رھيو. ٽئين ڏينھن ٻنپھرن جو ھڪ برٽش جھاز ھن کي ڦري آيو. الارم وڳو تھ عملي جي ماڻھن ڊوڙي وڃي پنھنجي پوزيشن سنڀالي. آئون ٽارپيڊو جي توبن وٽ ئي ستو پيو ھوس. سب مئرين ايڏو تھ تيزيءَ سان ٽٻي ھنئي جو اسان سڀ ھڪ ٻئي تي وڃي ڪرياسين. ٻئي ۽ ٽئين ڌماڪي ۾ ھوءَ تمام گھڻو لڏڻ لڳي، پر بمن کان محفوظ ھئي. ان کان پوءِ ڪجھھ ٻيا بھ ڌماڪا ٿيا. تري ۾ پھچڻ کان پوءِ بيٽريءَ تي ھلندڙ انجڻ بھ بند ڪئي وئي ۽ اسان چپ چاپ سمھي رھياسين. سب مئرين ۾ وري گھٽ وڌڻ لڳي. ڪجھھ لمحن کان پوءِ ان جون سڀ بتيون وسامي ويون – خبر پئي تھ ڌماڪي ڪري اليڪٽرڪ جي تارن کي نقصان پھتو آھي. چڱي دير تائين عملي جا ڪارڪن ٽارچن جي مدد سان بتيون صحيح ڪندا رھيا. آخرڪار اليڪٽرڪ جو ڪرنٽ صحيح ٿيو ۽ بتيون ٻريون. سب مئرين جي ڪمانڊر لائوڊ اسپيڪر تي اسان کي ھدايتون ڏنيون تھ چپ چاپ ستا رھون. ڏينھن چڙھيو تھ سب مئرين سمنڊ جي مٿان اچڻ شروع ڪيو. سڄي رات پاڻيءَ منجھھ گذارڻ کان پوءِ اسان جي حالت خراب ٿي وئي ھئي. مٿي پھچي سب مئرين جا دروازا کليا ۽ تازي ھوا اندر آئي تھ اسان جي منھن تي بھ رونق موٽي آئي. ھي آخري حادثو ھو، جيڪو اسان کي درپيش آيو. جلد ئي اسان سينٽ نزائري بندرگاھ پھچي وياسين. اتان مون کي جرمنيءَ جي ھڪ قيدي ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، جتي جرمنيءَ کي شڪست اچڻ تائين آئون قيد رھيس ۽ مئي 1945ع ۾ آزاد ٿيس.

 

 

 

ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن......

اٿاھ سمنڊ ۾ جتي اسان جا وڏا آفت جيڏا ۽ طاقتور انجڻن تي ھلندڙ جھاز بھ پيا لوڏا کائيندا آھن ۽ اسان جا منھن لٿا پيا ھوندا آھن، اتي ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڀر مان لنگھندڙ چپوءَ يا سڙھ تي ھلندڙ ڪمزور ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھن کي کلندو ڏسي تعجب لڳندو آھي.

ان جو تجربو/مشاھدو مون کي پھرين ئي سفر ۾ ٿيو. اسان جو جھاز جون ڌاري ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ سانوڻيءَ جي سمنڊ ۾ سٽبو خليج بنگال جو ٻن ڏينھن جو سفر پورو ڪري، ھاڻ ملاڪا نار ۾ گھڙڻ وارو ھو. خراب سمنڊ – سو بھ پھرئين ئي سفر ۾ پھرين ئي ڏينھن کان ملڻ ڪري سامونڊي زندگيءَ کان دل کٽي ٿي پيئي ھئي. ھڪ ڏينھن ملاڪا نار جي منھن وٽان لنگھڻ وقت، ڪمري جي دريءَ وٽ ڪا دير بيھي، اھو ڏسي رھيو ھوس تھ ڪيئن نھ اسان جو آفت جيڏو جھاز ھڪ ڪمزور ٻار مثل لڳي رھيو آھي، جنھن کي سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون، ايندي ويندي ٿڦڙون ھڻي، ڌونڌاري ٿي ويون. آئون اھو سوچي رھيو ھوس تھ ھھڙي خراب موسم ۾، سمنڊ ۾ نوڪريءَ جي مجبوريءَ خاطر، اسين اڌ چريا ھن پيڙا ۾ ولوڙجي رھيا آھيون. ايتري ۾ ڏسان تھ ھڪ ننڍڙي ڪاٺ جي ٻيڙي، جنھن تي ڦاٽل ليڙون ٿيل سڙھ چڙھيل ھئا، ماڻھن سان ٽٻ، جھاز جي ڪام (پاسي) کان پئي اچي. سمنڊ جي وڏين ڇولين ۾ ڄڻ بال وانگر ٽپا کائي رھي ھئي. اسان جي جھاز وٽان لنگھي تھ ھيٺين ڊيڪ تي بيٺل جھاز جي خلاصين سيٽيون وڄايائون. منجھس ويھارو کن عورتون ۽ ٻار ھئا ۽ اوترا ئي مرد ويٺل ھوندا. سڀ کلي رھيا ھئا. ڪي زالون ڪچھريءَ ۾ مشغول ھيون، ڪي ٻيڙيءَ جي اند تي پنھنجن ٻارن کي ھنگائي مٽائي رھيون ھيون. مردن جو ھڪ جٿو پتي راند ۾ مشغول ھو. ڪنڊ ۾ ڪجھھ عورتن ۽ مردن دھل وڄائي ڪو راڳ پئي ڳايو. کين سمنڊ، موسم ۽ ھن ھيڻيءَ ٻيڙيءَ جي ڪا پرواھ ئي نھ ھئي. رکي رکي سمنڊ جي وڏي اڇل ٿي آئي تھ ان مھل ھنن فقط ٻيڙيءَ جي ھٿئي ۾ ھٿ وجھي، ڪرڻ کان پنھنجو پاڻ کي بچايو ٿي. ان بعد وري پنھنجي پنھنجي ڪرت کي لڳي ٿي ويا. اھي سڀ ھمراھ انڊونيشي نسل جا ھئا. جھاز تي ڪجھھ فلپينو ۽ ملئي خلاصين ساڻن ڪنھن زبان ۾ ٻھ چار جملا ڳالھايا، تيسين اسان جو جھاز سندن ٻيڙيءَ کان ڪجھھ پري نڪري ويو.

ڏينھن اڌ بعد جھاز سنگاپور پھتو. جڏھن سامت آئي ۽ شھر جو چڪر ھڻي تازا توانا ٿياسين – سامونڊي نوڪري وڻڻ لڳي تھ، اوچتو رستي تي مليل ان ٻيڙيءَ جي ياد آئي. جھاز جي ھڪ فلپينو ملاح کي سڏي پڇيم تھ، اھي ٻيڙيءَ وارا ڪير ھئا ۽ ڪيڏانھن پئي ويا؟ ”سائين اھي ھمراھ ھڪ انڊونيشي ٻيٽ جا ماڻھو ھئا ۽ پنھنجي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ڪا شاديءَ جي دعوت کائڻ وڃي رھيا ھئا.“

”شابس ھجين.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. اھڙي سمنڊ ۾ جتي اسان جي الٽين ۽ اٻڙاڪن جو ڦھڪو ھو ۽ اڇل تي پيٽ ۾ پيل پاڻيءَ ڍڪ بھ ٻاھر نڪري ٿي آيو، اتي ھي ھمراھ اھڙيءَ ڀڳل ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ دعوت کائڻ پئي ويا.

”سائين ھتي جي ماڻھن جو ٻيو ڪم ئي ڪھڙو – چوڌاري ھزارين ٻيٽ ننڍا وڏا پکڙيا پيا آھن. ھنن لاءِ ھڪڙي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين وڃڻ ائين آھي، جيئن پاڻ لاءِ ڪنڊ واري ھوٽل تان چانھھ پي اچڻ.“

مون نقشي ڏي نھار ڪئي تھ واقعي رڳو انڊونيشيا ۽ فلپين جا ھزارھا ٻيٽ ھن سمنڊ جي ٽڪري ۾ پائوڊر وانگر ڇٽيا پيا آھن. سوين اھڙا بھ ٻيٽ آھن جيڪي ايراضي ۽ اوچائيءَ ۾ ايترو ننڍڙا جو سمنڊ جي وڏي اڀام تي پاڻيءَ ھيٺ اچيو وڃن. سو واقعي ھي جھڙا ٻيٽ تي تھڙا ٻيڙين منجھھ ۽ ھيءَ ڳالھھ – شاديءَ جھڙي تھ تمام وڏي ٿي، جڏھن تھ ھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ يا گاسليٽ تيل لاءِ ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين ائين ھلندا ٿا وتن، جيئن ڪراچيءَ جي ڪيترين ڪالونين جا ماڻھو دٻا کڻي ڪڏھن ڪنھن نل تي تھ ڪڏھن ڪنھن تي. يا اسان وٽ ٻھراڙيءَ جا ماڻھو دوا ۽ ڊاڪٽر جي ڳولا لاءِ شيشو ھٿ ۾ کڻي، ڪڏھن ڪنھن ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ڏي تھ ڪڏھن ڪنھن ڏي ھلندا وتن ٿا.

سخت اونھاري ۾ سنڌ جي رستن تان گاڏيءَ ۾ لنگھندي اھڙن ھنڌن تي جتي ميلن تائين آبادي ناھي، اتي واٽھڙن کي ڏسي تعجب لڳندو آھي تھ ھي ھھڙي نٽھڻ اس ۾ پيرين پيادا ڪيڏانھن پيا وڃن؟ سنڌ ۾ ھاڻ اڃا بھ ايترو محسوس نٿو ٿئي جو بجلي، رستن ۽ سوارين جي وڌي وڃڻ ڪري، ھر ميل تي ڪا سواري، آبادي يا پٺاڻ جي ھوٽل نظر ايندي – سواءِ ٿر پارڪر، ٺٽي ۽ دادو ضلعي جي، پر مصر ۾ گاڏيءَ ۾ پورٽ توفيق کان قاھره ويندي يا اسڪندريا کان سئيز ايندي، رڻ پٽ ۾ اوچتو ماڻھو ڏسي تعجب لڳندو آھي تھ چوڌاري ريتي ريتي ۽ رڻ پٽ لڳو پيو آھي، نھ پيئڻ لاءِ پاڻي، نھ ڇانو لاءِ منھھ. ھي پيرين پيادا ھمراھھ، ٻارن ۽ زالن سميت ڪيڏانھن وڃي رھيا آھن؟ ڪيترو پنڌ اڃا ڪرڻو اٿن؟ ۽ رستي تي اڃ، بک، ٿڪ کي ڪيئن منھن ڏيندا؟

سو اھڙي طرح کلئي سمنڊ ۾ جتي ڏنگين ڏائڻين جھڙيون لھرون ۽ سيسر، شارڪ ۽ مڇ توڙي مڇيون منھن کولي ويٺيون آھن، اتي ھيئن ڪنھن ڪمزور دنگيءَ کي درياءَ وچ ۾ ٻڏندو اپڙندو ڏسي، ان ۾ ويٺلن کي دعا يا داد ڏيڻ بنا رھي نٿو سگھجي تھ، ملاح تنھنجي مڪڙيءَ کي شل ڪا سٽ نھ اچي ۽ جتي ڍينگ ڍرا ٿيو پون، اتي ھنن ناکئن ۽ ناخدائن کي رب جو ئي آسرو آھي.

ھاڻ جيڪا ڪھاڻي آھي، سا آھي: ”ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھھ“ اھا ڳالھھ بلڪل حقيقت تي مبني آھي، جيتوڻيڪ ھڪ عام پڙھندڙ کي ايترو ئي تعجب لڳندو، جيترو ڪراچي يا وڏي شھر جي رھواسيءَ کي پھريون دفعو نئون ڪوٽ يا مٺيءَ بس/ٽرڪ ۾ ويندي، رستي تي ڊٻن تان ويندڙ ڪنھن پيرين اگھاڙي ٿري پير مريد کي نٽھڻ اس ۾ اڪيلو ويندو ڏسي ٿئي.

ڪھاڻي جيمس رامسي جي آھي، جيڪا گھڻو اڳ ھاليڊي رسالي ۾ آئي. تنھن کان پوءِ 1964ع ۾ ريڊرس ڊائجيسٽ وارن بھ ڏني ھئي. مٿيون ليکڪ سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ”دي وائيٽ ٽاور“ کان تمام گھڻو مشھور آھي.نوٽ

مٿئين ليک جو عنوان تاجل بيوس جي ڪتاب ”جڏھن ڀونءِ بڻي“ جي ھيٺينءَ وائيءَ تان کنيل آھي:

ٻيڙيون ٻاجھارن جون،

تاريون طوفانن،

لنگھي سير سمونڊ جي،

آيل سامونڊين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: