سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :15

 زراف جو by sea فرانس پهچڻ

اڄڪلهه نه فقط رڍون، ڍڳيون ۽ ٻيو چوپايو مال پاڻيءَ جي جهازن رستي، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين ڍوئيا وڃن ٿا، بلڪ انهن جانورن لاءِ خاص جهاز ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ڪئٽل شپ يا “Live- stock ship” سڏيا وڃن ٿا. جيئن ڪارن ڍوئڻ لاءِ الڳ جهاز آهن، تيل کڻڻ لاءِ الڳ ۽ گئس ۽ ڪاٺ کڻڻ لاءِ الڳ.

جانورن کي پاڻيءَ جي جهازن تي چاڙهڻ يا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين وٺي وڃڻ جو رواج ڪڏهن کان شروع ٿيو، ڪجهه نٿو چئي سگهجي. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي حضرت نوح عليھ السلام جي ٻيڙي پهرين هوندي، جنهن تي چون ٿا ته هر قسم جي ساهواري جو جوڙو جوڙو چڙهيو هو. حضرت نوح عليھ السلام کي الله تعاليٰ طرفان حڪم ٿيو ته ٻيڙي تيار ڪر. چون ٿا ته ان ٻيڙيءَ کي ٺاهڻ ۾ حضرت نوح عليھ السلام کي ٻه سال لڳي ويا. اها 75 فوٽ ڊگهي ۽ 45 فوٽ ويڪري ٺاهي ويئي. ان ۾ ٽي طبقا هئا. هيٺيون طبقو جانورن لاءِ، وچون ماڻهن لاءِ ۽ مٿيون پکين لاءِ هو. چون ٿا ته جڏهن ٻوڏ آئي ته حضرت نوح عليھ السلام ۽ الله جا نيڪ ٻانها، هن ٻيڙيءَ ۾ پنجن کان ڇهن مهينن تائين رهيا. ان بعد هيءَ ٻيڙيءَ جبل جودي وٽ اچي بيٺي. هي هنڌ اتر عراق جي موصل صوبي ۾، دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪناري وٽ، جزيرة ابن عمر نالي شهر لڳ آهي.

ابن حسين مسعودي (وفات 956) تاريخ نويس جو چوڻ آهي ته اهو هنڌ هن جي ڏينهن ۾ موجود هو ۽ ماڻهو ڏسڻ لاءِ آيا ٿي. مسعوديءَ جو چوڻ آهي ته، ٻيڙيءَ جو سفر وچ عراق جي ڪوفي شهر کان شروع ٿيو هو. اهو مڪي طرف روانو ٿيو، جتي ڪعبي شريف کي ڦيريو ڪري جودي جبل ڏي آيو، جتي ڏهين محرم ته هن ٻيڙيءَ جا مسافر لٿا ۽ ثمنين نالي شهر ٻڌائون.

هڪ ٻيو محقق ياقوت الهماوي (1229- 1179) لکي ٿو ته، ان هنڌ تي حضرت نوح عليھ السلام جي ان وقت جي ٺهيل مسجد اڄ به قائم آهي ۽ ابن بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ چوڏهين صديءَ جي سفر جو احوال ڏيندي، هن مسجد جو پڻ ذڪر ڪري ٿو.

حضرت نوح عليھ السلام جي ان ٻيڙي واري واقعي کان علاوه ٻيو ڪو ان دور جي آس پاس اهڙو واقعو ڌيان ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز تي جانورن کي ڍوئيو ويو هجي. مون پنهنجي هڪ جهازي دوست ڪئپٽن روح الابرار کان پُڇيو، جنهن جو مطالعو تمام وسيع آهي. هن منهنجو ڌيان ٻه صديون کن اڳ جي هڪ واقعي ڏانهن ڇڪايو، جنهن ۾ هڪ زراف کي، سڙهن تي هلندڙ جهاز ذريعي، مصر کان فرانس پهچايو ويو هو. زراف هڪ تمام وڏو جانور ٿئي ٿو، جنهن جو قدبت اٺ کان به وڏو ۽ ڊگهو ٿئي ٿو. ان کي تن ڏينهن جي ننڍڙي جهاز ۾، ڪيترن ئي ڏينهن جو سفر پورو ڪرائڻ هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي.

هيءَ 1825ع جي ڳالهه آهي، جڏهن مصر جي واليءَ محمد علي پاشا، ان وقت جي فرانس جي شهنشاهه چارلس ڏهين ڏي هڪ عدد زراف، قاهره (مصر) کان پئرس (فرانس) موڪليو هو. محمدعلي پاشا ماڊرن مصر جو سرپرست سمجهيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي گهراڻي جي حڪومت جو بنياد مصر ۽ سوڊان ۾ وڌو، جيڪو ويهين صديءَ جي وچ تائين قائم رهيو. محمدعلي پاشا 1769ع ۾ ڪاوالا شهر ۾ ڄائو، جيڪو اڄڪلهه يونان جو حصو آهي. پاڻ ابراهيم آغا نالي هڪ تماڪ جي واپاريءَ جو پٽ هو، جنهن جا اوسي پاسي ۾ سڙهن وارا جهاز به هليا ٿي. محمدعلي ڪجهه سال پنهنجي پيءُ جو تماڪ جو ڪاروبار هلائڻ بعد ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو.

1798ع ۾ فرانس جي فوجي جنرل نيپولين بونا پارٽ، سلطنت عثمانيه جي حڪومت هيٺ، مصري صوبي تي حملو ڪري، هن جي مملوڪ گهراڻي جي فوج کي شڪست ڏني. بهرحال نيپولين جي مصر تي ٽي سال حڪومت مس رهي. 1801ع ۾ سلنطت عثمانيه ۽ انگريزن گڏجي، فرينچن کي ڀڄائي ڪڍيو. ان بعد مصر جي مٿان ڪنهن جي سنئين سڌي حڪومت نه هجڻ ڪري وڳوڙ واري حالت رهي، مختلف لساني حالتون ۽ چوريون ڌاڙا ٻئي طرف هئا. آخر خال ڀرڻ لاءِ سلطنت عثمانيه وارن پنهنجي فوجي محمدعلي پاشا کي مصر ۽ سوڊان جو والي (وائسراءِ) ڪري رکيو. هي اهو حاڪم آهي، جنهن مملوڪ حاڪمن جي ٻچي ٻچي کي مارائي ڇڏيو هو. اها 1811ع جي ڳالهه آهي، جڏهن محمدعلي پاشا پنهنجي پٽ جي اڳواڻيءَ ۾ عربستان ۾ وهابي بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ، سپاهه موڪلڻ جي خوشيءَ ۾ مملوڪ گهراڻي جي سڀني اميرن کي پنهنجي محل ۾ مانيءَ تي گهرايو. جڏهن هو سڀ گڏ ٿيا ته، هنن کي ڊائننگ هال ڏي وٺي هلڻ لاءِ هڪ سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهائي، دروازا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ مٿان سپاهين کان گوليون هلرائي سڀ مارائي ڇڏيائين. پوءِ در کولي جيڪي اڃا جيئرا هئا انهن کي ڇرن ۽ ڪهاڙين سان ختم ڪيو ويو.

بهرحال محمدعلي پاشا، مصر ۽ سوڊان جو اڪيلو والي وارث ٿي ويهي رهيو. سندس طرفان سوڊان ۾ مقرر ڪيل مصري گورنر هڪ دفعي تحفي طور ٻه زراف خارطوم کان محمدعلي پاشا ڏي موڪليا. انهن ڏينهن ۾ TCS يا DHL جهڙيون ڪوريئر سروسون ته هيون ڪونه، جو پنهنجن پيارن سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي باس جي چمچاگيري ڪرڻ لاءِ، ڪيڪ يا گلن جو بوڪي موڪلجي. نه وري موٽر ڪارون ايجاد ٿيون هيون جو هڪ گورنر پنهنجي حاڪم کي نئين ماڊل جي ڪا مرسيڊيز يا وولو ڪار موڪلي. انهن ڏينهن ۾ پنهنجن حاڪمن کي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ، ان قسم جا عجيب جانور تحفي طور موڪليا ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري حاڪم پنهنجن ڪمدارن ۽ خدمتگارن مان خوش ٿي، انهن کي اهڙا گفٽ ڏيندا هئا، جيڪي غريب اهلڪارن لاءِ گفٽ گهٽ سزا وڌيڪ ثابت ٿيندا هئا، جيئن سيامي (ٿائلينڊ) جا راجا پنهنجي ڪنهن جنرل يا وزير مان خوش ٿي، هن کي سفيد هاٿي انعام طور ڏيندا هئا، جيڪا شهنشاهه جي نشاني سمجهي مٿس نه سواري ڪئي وئي ٿي ۽ نه ان کان بار کڻايو ويو ٿي. پاڻ بک مري به ان کي مال کارايا ويا ٿي- جيئن ڪو بادشاهه سلامت کي چغلي نه وڃي هڻي ته توهان جي پياري هاٿيءَ کي وزير صاحب بک پيو ماري.

بهرحال سوڊان جي گورنر طرفان، مصر جي والي (وائسراءِ) محمدعلي پاشا لاءِ ٻه زراق قاهري پهتا ته قاهري ۾ موجود فرانس جي قونصل جنرل محمدعلي پاشا کي صلاح ڏني ته انهن عجيب جانورن مان جيڪر هڪڙو فرانس جي بادشاهه ”چارلس ڏهين“ کي موڪليو وڃي ته اهو فرانس وارن لاءِ هڪ بي بها تحفو ٿيندو، جو فرانس جي ماڻهن ڪوبه زراف نه ڏٺو آهي. محمدعلي پاشا ان قسم جي مشوري جي رضامندي ڏيکارڻ لاءِ يڪدم هائوڪار ته ڪئي، پر هيڏي وڏي جانور کي فرانس تائين پهچائڻ وڏو مسئلو هو.

هتي ٻه چار سٽون فرانس جي هِن اُن وقت جي بادشاهه ”چارلس ڏهين (Charles X) بابت به لکندو هلان ته هي اهو فرانس جو بادشاهه آهي، جنهن جي حڪومت کان اڳ سندس ڀاءُ لوئيس سورهين جي بادشاهت ۾ فرانس جو مشهور انقلاب آيو هو، جنهن جا ڪيترائي سبب ڄاڻايا وڃن ٿا. جن مان اهم سبب بدتر معاشي حالت هئي. اجاين سجاين لڙائين ڪري ملڪ قرض ٿي ويو هو. بي روزگاري وڌي وئي هئي. حڪومت ملڪ هلائڻ لاءِ وئي پئي ٽڪئس وڌائيندي. کائڻ پيئڻ جي کوٽ ڪري ماڻهو پريشان هئا، پر حاڪم ۽ انهن جا درٻاري انهن سڀني ڳالهين کان بي خبر، عياشيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيا هئا. ايتريقدر جو جڏهن تمام گهڻو وڳوڙ مچي ويو، ماڻهن کي کائڻ لاءِ ٺلهو اٽو به ميسر نه هو ۽ عوام مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ اچي بادشاهه جي محلات اڳيان حاڪمن ۽ حڪومت خلاف نعرا هنيا، ته پوءِ محلاتن ۾ رهندڙن کي ٿوري پريشاني ٿي ته، هي ماڻهو رڙيون ڇو پيا ڪن. بادشاهه لوئيس 16 جي راڻي صاحبه مئريءَ پنهنجي وزير باتدبير کان پڇيو ته، عوام رڙيون ڇو پيو ڪري، ته هن ٻڌايس ته هنن وٽ کائڻ لاءِ ڊبل روٽي ناهي، ته راڻي صاحبه وڏيءَ معصوميت مان وراڻيس:

”هنن وٽ ڊبل روٽي ناهي ته پوءِ ڪيڪ ڇو نٿا کائين؟“

بهرحال وڏو گوڙ متو. ڪورٽ جي نوابن امير امرائن سميت 16000 کن ماڻهن جو ڦاهي (Guillotine) دار تي سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو_ ان سان گڏ فرانس جي بادشاهه ”لوئيس 16” کي 17 جنوري 1793ع تي ۽ ان بعد سندس آسٽريا ۾ پيدا ٿيل راڻي صاحبه مئري جو سر اڏيءَ تي رکي ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. ان وقت سندس عمر فقط 37 سال هئي. چارلس ۽ سندس ٻئي ڀاءُ کي ملڪ بدر ڪيو ويو. نيپولين جي ملڪ ڇڏڻ بعد 1814ع ۾ فرانس جو تخت چارلس جي ڀاءُ حوالي ڪيو ويو، جيڪو ڏهه سال کن تخت تي ويٺو ۽ 1824ع ۾ وفات ڪيائين. جنهن بعد هي ”چارلس ڏهون“ جيڪو ان وقت 67 سالن جو ٿي چڪو هو فرانس جو بادشاهه ٿيو ۽ هي جيڪو پاڻيءَ جي رستي هن بادشاهه ڏانهن زراف وڃي رهيو هو، اها سال 1825ع جي ڳالهه آهي.

مصر جي والي محمدعلي پاشا کي سوڊان جي گورنر جيڪي ٻه زراف موڪليا، انهن مان هڪ کي فرانس موڪلڻ لاءِ قاهري (Cairo) کان مصر جي بندرگاهه سڪندريا (Alexandria) آندو ويو. انهن ڏينهن ۾ نه هيون ٽرڪون نه ريل گاڏيون ۽ هي ڪو جانور رڍ ٻڪري ته هئو ڪونه، جنهن کي ڪنهن گڏهه گاڏي يا ڍڳي گاڏيءَ ۾ ويهاري، ٻئي شهر کڻي وڃجي. زراف جنهن کي انگريزيءَ ۾ جراف (Giraffe) سڏجي ٿو، جيڪو عربي لفظ الزرافة مان نڪتو آهي، وزن ۾ 1400 کن ڪلوگرام (32 کن مڻ) ٿئي ٿو ۽ قد ۾ 16 کان 18 فٽ ٿئي ٿو. پورٽ سوڊان ۾ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي مڪاني مئنيجر احمد حارث تغاليءَ وٽ، سندس فارم تي پاليل زراف هو، جنهن جي ڊيگهه 19 فٽ هئي ۽ هن ٻُڌايو ته ان جو وزن 4000 پائونڊ (40 مڻ کن) آهي. زراف جو سائنسي نالو Giraffa Camelopardali آهي، جو هن ۾ اٺ ۽ چيتي جون ڪجهه خاصيتون آهن. تغاليءَ ٻُڌايو ته زراف روزانو 60 کان 80 ڪلو ڪک پن کائي ٿو ۽ ڍڳي يا مينهن وانگر ساڳي کاڌي کي پيٽ مان ڪڍي، وات سان اوڳاريندو رهي ٿو. زراف جهڙي وڏي جانور جي دل ٻه فٽ ڊگهي ٿئي ۽ وزن 10 ڪلو ٿئي- ان حساب سان وهيل مڇي ته اڃا به وڏو جانور آهي، جنهن جي دل هاٿيءَ جيڏي ٿئي. بهرحال جيئن وهيل مڇي سمنڊ جي سڀني جانورن ۾ وڏي ۾ وڏو جانور آهي، تيئن زراف خشڪيءَ جو ڊگهي ۾ ڊگهو جانور آهي. اهو پڻ لکندو هلان ته جتي دريائي گهوڙي، زيبرا، ڍڳين مينهن کي ڪانگن ۽ ڪٻرن جهڙن پکين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪي هنن جي مُنهن، ڪنن ۽ نڪن مان جيت ڪڍي کائين، اتي زراف اهو ڪم پنهنجي ڏيڍ فٽ ڊگهي ۽ مضبوط ڄڀ سان ڪري ٿو. سندس ڄڀ ۽ چپ اهڙي ته مٽيريل جا آهن جو وڻن جا زهريلا ڪنڊا به انهن کي نقصان نٿا رسائين.

هي زرافُ، جيڪا مادي هئي، ان کي جهاز رستي وٺي وڃڻ لاءِ ڪجهه ڳالهين جو خيال رکيو ويو. هڪ ته سندس قد 15 فٽ کن هو جنهن ۾ 7 فٽ ڊگهي ڳچي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪپڙي جي سڙهن تي جيڪي جهاز هليا ٿي، سي ڊگها ۽ ويڪرا ضرور هئا، پر ايترا اونها نه هئا جو انهن ڏينهن ۾ اڃا رڊار جهڙا آله ايجاد نه ٿيا هئا، جن ذريعي معلومات حاصل ڪري سگهجي ته سمنڊ جي تري ۾ ڇا آهي. ڪٿي به ڪا ننڍي ٽَڪري (Hill) يا ڪو چهنبائتو پٿر جهاز کي هيٺان چيري سگهيو ٿي. انهن جهازن ۾ طبقا ضرور هئا پر انهن جون ڇتيون ايتريون مٿاهيون نه هيون، جنهن هيٺ پنڌرهن سورهن فٽن جو زراف بيهي سگهي. جي بلڪل مٿئين ڊيڪ (عرشي) تي ٿا بيهارين ته، ڪنهن به وقت موسم يا سمنڊ خراب ٿيڻ تي جهاز جي پاسيري ٿيڻ تي زراف Unbalance ٿي هيٺ ڦهڪو ڪري سگهيو ٿي. ان ڪري زراف کي هيٺين ڊيڪ تي بيهاري، مٿين ڊيڪ ۾ وڏو سوراخ ڪري، زراف جي ڳچي ان مان ڪڍي ويئي. اهو به چڱو جو زراف اهو جانور آهي جيڪو رڍ ٻڪري يا اٺ وانگر ليٽي نٿو. بيٺو ئي رهي ٿو ۽ زراف اهو جانور آهي جيڪو سڀ کان گهٽ وقت سمهي ٿو. هن لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ 15 منٽن کان ٻه ڪلاڪ ننڊ ڪافي آهي. زراف جي ڳچي مٿي ڪرڻ لاءِ مٿين ڊيڪ (ڇت) ۾ جيڪو سوراخ ڪيو ويو، ان جي چوڌاري نرم ڪک ۽ ڪپهه ٻڌي وئي، جيئن سندس ڳچي سخت ڪاٺ سان لڳي رهڙجي نه. ۽ پوءِ ان مٿان تارپولين ڪپڙي جو تنبو هنيو ويو، جيئن زراف جو مينهن کان بچاءُ ٿي سگهي. ان بعد ٻيو مسئلو سندس کاڌي خوراڪ جو هو. زراف کي روزانو هڪ مڻ کير جو کتو ٿي، جنهن لاءِ ٽي ڍڳيون ۽ ٻه مادي Antelopes جهاز تي چاڙهيا ويا ۽ ان سان گڏ انهن مڙني جانور لاءِ گاهه پٺو ۽ داڻو کنيو ويو. ڍڳين ۽ ائنٽيلوپن کي ڏهڻ لاءِ هڪ ڌنار کنيو ويو ۽ زراف جي ٽهل ٽڪور ۽ صفائيءَ لاءِ ٽي حبشي غلام جهاز تي چاڙهيا ويا. زراف کي نظر ۽ جادوءَ جي اثر کان بچائڻ لاءِ، ڪئين ساٺ سوڻ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪيا ويا. ان کان علاوه سندس ڳچيءَ ۾ هڪ تعويذ پڻ ٻڌو ويو.

آخر هن اٽليءَ جي جهاز، مصر جي بندرگاهه سڪندريا مان لنگر کنيو ۽ هفتي ڏيڍ جي سفر بعد، فرانس جي بندرگاهه Marseille ۾ 23 آڪٽوبر 1826ع تي اچي لنگر انداز ٿيو. ٻن ٽنگن ۽ چئن ٽنگن وارا سڀ مسافر خيريت سان لاٿا ويا ۽ کين ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ خاص جاءِ مقرر ڪئي وئي. هاڻ نومبر ٿڌ جو مهينو شروع ٿي چڪو هو ۽ آفريڪا جي گرم موسم جي جانور (زراف) کي يڪدم پئرس بادشاهه سلامت ڏي پهچائڻ بدران، مارسل ۾ ئي سيارو گذارڻ لاءِ ڇڏيو ويو. بادشاهه چارلس ڏهون هن عجيب تحفي کي ڏسڻ لاءِ ته تمام گهڻو بي چين هو. آخر مئي جي مهيني (1927ع) ۾ خاص بندوبستن سان زراف کي، پيرين پنڌ پئرس وٺي هلڻ جو سفر شروع ٿيو. اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته ڪيئن هي جانور مختلف منزلون ڪندو، 41 ڏينهن بعد 546 ميلن جو سفر پورو ڪري پئرس پهتو. رستي تي هن جو جتي ڪٿي آڌرڀاءُ ٿيندو رهيو. دعوتون ۽ نمائشون لڳنديون رهيون، جو فرانس جي ماڻهن لاءِ هيڏو وڏو جانور ڏسڻ هڪ نئين ۽ عجيب ڳالهه هئي. چون ٿا ته هي زراف پئرس ۾ خوش ۽ صحتمند زندگي گذاريندو رهيو ۽ زندگيءَ جا 21 سال پورا ڪرڻ بعد 1845ع ۾ هن جو موت ٿيو، يعني ملڪ جي بادشاهه چارلس ڏهين به هن جي اکين اڳيان (سن 1836ع ۾) وفات ڪئي.

 

سمنڊ تي لڳندڙ ڌاڙا

سامونڊي ڌاڙا توڙي فراڊ جهازي دنيا ۾ صدين کان هلندا اچن. اڄ به سمنڊ تي ڌاڙيل (Pirate) موجود آهن ته انگريزن جي ڏينهن ۾ به جهاز ڦريا ويا ٿي. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ به سامونڊي ڦر (Piracy) هڪ عام ڳالهه هئي، ته شاهه لطيف جي به ڏينهن ۾ به. تڏهن ته شاهه لطيف سر سريراڳ ۾ چيو آهي ته: ”ملاح! تنهنجي مَڪُڙيءَ، اچي چور چڙهيا.“

اڳئين زماني ۾ جڏهن هوا جي زور تي سڙهن وارا جهاز هليا ٿي ۽ هوا جي بند ٿيڻ تي جيئن ئي جهاز هڪ هنڌ بيهي رهيا ٿي ته اوسي پاسي کان سامونڊي ڌاڙيل (قذاق) جهاز تي چڙهي ويا ٿي ۽ ڦر ڪري پنهنجين چپن وارين ٻيڙين ذريعي ڀڄي ويا ٿي. اڄ جڏهن ڪَلَ وارا جهاز نڪري پيا آهن ته ماڊرن ڌاڙيل تيز رفتار ٻيڙين (Speed boats) ذريعي، رات جي وقت جهاز جي پٺئين پاسي کان چڙهي، ماڊرن هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري ڀڄيو ٿا وڃن.

شروع زماني کان سڀ کان گهڻي سامونڊي ڦر ملائيشيا، انڊونيشيا، فلپين واري علائقي ۾ ٿيندي رهي آهي، ڇو جو نقشي تي نظر ڪبي، ته آفريڪا، يورپ يا ڏکڻ آمريڪا پاسي، ڦورن (قذاقن) کي ڦر ڪرڻ بعد ڀڄڻ جون ايتريون واهون نه آهن، جيتريون ڏکڻ اوڀر ايشيا واري پاسي! ملائيشيا جي ملاڪانار (Malacca Strait) سڀ ۾ خراب مڃي وڃي ٿي، جو اها سمنڊ جي سوڙهي گهٽي هجڻ ڪري، هر جهاز کي هتان آهستي هلڻو پوي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته هن سامونڊي سوڙهي گهٽيءَ جي هڪ پاسي ته ملائيشيا آهي ۽ ٻئي پاسي انڊونيشيا جا سوين ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، جن ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ ويران آهن. گهڻي بارش ڪري اهي گهاٽن وڻن ۽ ڊگهي گاهه سان ڀريل آهن، جن مان سوين ٻيٽن تي سواءِ نانگ، بلائن، وڇن سؤ پيرين ۽ جهنگلي جانورن جي ڪو ماڻهو ڇيڻو ناهي. سمجهو ته اهي ٻيٽ سنڌ جي ڪچي کان به خراب آهن، جتي هن قسم جا سامونڊي ڌاڙيل جهاز جي ڦر ڪري، وڃيو ٿا لڪن. سنگاپور ۽ پينانگ ٻيٽن جو به اهو حال هو، جڏهن انگريزن هتي جي ملئي وڏيرن کان خريد ڪيا هئا. هن علائقي ۾ انهن ڌاڙيلن جو Track رکڻ به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪهڙي خبر ته هيڏانهن هوڏانهن هلندڙ سوين ٻيڙين مان ڪهڙي ٻيڙي ڌاڙيلن جي آهي. هن پاسي جتي سوين ٻيٽ ويران آهن يعني غير آباد جنگل آهن، اتي اهڙا سوين ٻيٽ آباد به آهن، يعني اتي ماڻهو رهن ٿا، ڳوٺ آهن، بازاريون آهن، شهر آهن ۽ هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ فقط ٻيڙيون ئي هلن ٿيون. ماڻهو گهمڻ ڦرڻ، مائٽن دوستن سان ملڻ يا خريداريءَ لاءِ سڄو ڏينهن مختلف قسم جي ٻيڙين رستي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ائين پيا اچن وڃن، جيئن پاڻ وٽ وڏن شهرن ۾ ماڻهو رڪشا، ٽانگن، ٽئڪسين ۽ بسن ۾ پيا هلن. ڪڏهن ڪڏهن وڏين ٻيڙين ۾ جنازو رکي ڪانڌي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي پيا ويندا، جو فوتيءَ مرڻ کان اڳ وصيت ڪري ويو هو ته مرڻ بعد سندس جنازي کي ان ٻيٽ تي، پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪجو. ڪڏهن ڪڏهن ڄڃ ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ گهوٽ کي پرڻائڻ لاءِ ڪنوار جي ”پلائو“ ڏي پئي ويندي. ملائيشيا، انڊونيشيا ويندي ڏکڻ ٿائلينڊ، برونائي ۽ ڏکڻ فلپين پاسي ٻيٽ کي پلائو ٿا سڏين، جيڪو ملئي زبان جو لفظ آهي، جيئن پلائو پينانگ، پلائو لنگڪوي وغيره.

اسان وٽ جيئن هر شيءِ جي ڪا خاص مارڪيٽ مقرر ٿيل آهي، جيئن ڪراچي شهر ۾ گاڏين جي سيڪنڊ هئنڊ پارٽس جا سستا دڪان شير شاهه ۾ آهن، يا ڪاٺ، پلاءِ وڊ، چپ بورڊ جهڙي سامان لاءِ پراڻي حاجي ڪئمپ وڃڻو پوي ٿو يا ڊراءِ فروٽ ۽ ڪتل وٺڻ لاءِ جوڙيا بازار، جهونا مارڪيٽ ۽ کجور مارڪيٽ وڃڻو پوي ٿو، تيئن هن پاسي جا ڪيترا ٻيٽ مختلف شين ۽ ڪاريگرن کان مشهور آهن. ڪنهن کي فرنيچر ٺهرائڻو هوندو ته انهن ٻيٽن جا چڪر پيا هڻندو جن بابت هن گهڻي واکاڻ ٻُڌي هوندي يا سندس تجربو هوندو، ته اتي ڪاٺ جون شيون سٺيون ٺهن ٿيون يا اتي واڍن جا خاندان رهن ٿا. يا ڪنهن کي پنهنجيون ڪڪڙيون يا ٻٽير کپائڻا هوندا ته انهن ٻيٽن تي پيو ويندو، جتي انهن جي گهڻي کپت ۽ وڪرو آهي. (هتي ڪڪڙين ۽ بدڪن بعد ٻٽير ۽ ڪُميون ۽ انهن جا بيضا گهڻو وڪرو ٿين ٿا) بهرحال هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين اچ وڃ، ڏينهن رات لڳي رهي ٿي ۽ اها سمنڊ رستي ٻيڙين، بارجن، فيرين، لانچن، اسپيڊ بوٽن، چپن تي هلندڙ ٻيڙين، سمپانن ۽ سڙهه تي هلندڙ ٻيڙين ذريعي ٿئي ٿي. هاڻ انهن ٻيڙين مان ڪهڙي خبر ته ڪهڙي قذاقن جي آهي، جنهن کي جيئن ئي جهاز ڪراس ڪندو ته ان ۾ ويٺل ڌاڙيل جهاز جي پٺ کان رسو اڇلي، جهاز تي چڙهي ايندا. جهاز هلائيندڙ کي پٺ جي ڄاڻ نٿي رهي نڪي هو رکڻ چاهي ٿو. هن کي هر وقت اڳ جو فڪر رهي ٿو ته اڳيان ڇاهي. سامهون کان يا پاسي کان ڪنهن جهاز جو سندس جهاز سان ٽڪراءُ ٿيڻ جو انديشو ته نه آهي ۽ جي اهڙي صورت درپيش اچي رهي آهي ته، بين الاقوامي قانون ڇا ٿو چوي، جيئن هو پنهنجي جهاز کي ان موجب گهربل وقت ۾ ساڄي يا کاٻي موڙي سگهي ۽ جيڪي ڪَلَ بنا ٻيڙيون هلي رهيون آهن، اهي ته سڀ کان خطرناڪ آهن ۽ جهاز هلائيندڙ لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪن ٿيون، جو انهن جي سلامتيءَ جو خيال جهاز هلائڻ وارن کي ڪرڻ کپي.

ڪو پڙهندڙن شايد اهو سوال ڪري ته، جهاز وارا هڪ ماڻهو پٺيان ۽ هڪ هڪ پاسن کان چوڪيداريءَ لاءِ ڇو نٿا بيهارين؟ مرچنٽ نيوي جي جهازن تي اها ناممڪن ڳالهه آهي، جو هنن جهازن تي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو ٿين ٿا، جن جو جهاز هلائڻ ۽ ان کي Maintain رکڻ جي سلسلي ۾ ايڏو ته ڪم ٿئي ٿو، جو هنن کي ٻئي ڪنهن ڪم لاءِ فرصت نٿي ملي. جهاز کي قذاقفن کان بچائڻ لاءِ چوڪيداري ۽ سڪيورٽي لاءِ وڌيڪ ماڻهو رکڻ ناممڪن ڳالهه آهي، جو هڪ ته مالڪ لاءِ هنن پٺيان پگهارون ۽ کاڌي پيتي جو وڌيڪ خرچ برداشت ڪرڻو پوندو ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن ڪو مالڪ اهو خرچ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، ته به بين الاقوامي قانون مطابق هو جهاز تي سفر نٿا ڪري سگهن، ڇو جو جهاز تي فقط اوتري تعداد ۾ ماڻهو سفر ڪري سگهن ٿا، جيتري جهاز جي لائيف بوٽ ڪئپئسٽي ٿئي ٿي. يعني اوترا ماڻهو جهاز جي ٻُڏڻ تي لائيف بوٽ ۾ ويهي سگهندا. اوترن ماڻهن جو راشن پاڻي ان لائيف بوٽ ۾ سمائجي سگهندو وغيره. ان ڪري جهاز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو چاڙهيا وڃن ٿا. ڪناري (واپڊا، اريگيشن، ڪنهن فئڪٽري يا هوٽل) جي چيف انجنيئر وٽ نه فقط سندس ذاتي ڪم لاءِ ٽي چار نوڪر هوندا، پر ٽيڪنيڪل ڪم لاءِ به ڪيترائي مڪينڪ، اليڪٽريشن هوندا- ان بعد به هو ڪيترا ڪم ناليرن ورڪشاپن يا لارينس روڊ جي فٽ پاٿي گئراجن ۽ دڪانن تان ڪرائي سگهي ٿو. پر جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) کي چاهي کڻي هو چيف انجنيئر هجي، هر ڪم پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري مئرين انجنيئر کي تعليم (گريجوئيشن) کان علاوه ڪجهه سالن لاءِ ورڪشاپ ۾ ڪم ڪرڻ بعد جهاز تي انجنيئر ٿي رهڻو پوي ٿي، جيئن ضرورت پوڻ تي هو پاڻ ويلڊنگ ڪري سگهي، هو پاڻ ليٿ مشين هلائي، جهاز جو ڀڳل پرزو ٺاهي، جهاز کي بيهڻ کان بچائي سگهي. ان کان علاوه هر انجڻ جي مرمت ۽ Maintains ته هڪ مئرين انجنيئر کي ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي. يورپ جي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ گذريل ڏهن سالن کان جهاز جا ڪم ڪرڻ وارا خلاصي ته ڇا اسٽيوارڊ ۽ بئرا به ختم ڪري ڇڏيا اٿن. فقط بورچي رکيو وڃي ٿو، جنهن جو ڪم ماني پچائڻ آهي. هرهڪ پنهنجي پليٽ ۾ پنهنجي ماني وڌي ۽ کائڻ بعد پليٽ ڌوئي رکي ڇڏي. سو اهڙيءَ صورت ۾ ڪير واندو آهي جو جهاز جي چوڪيداري ڪري ۽ ٻي ڳالهه ته دنيا جي مرچنٽ نيوي جي جهازن تي سفر ڪرڻ وارن کي ڪنهن به قسم جو اسلح به رکڻو نه آهي- ان ڪري به اڄ جا سامونڊي ڌاڙيل وڌيڪ بي ڊپا ٿي پيا آهن.

جهازن جي ڦر مختلف قسمن سان درپيش اچي ٿي. هڪ ته هلندڙ جهاز ۾ يا ائنڪريج (بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ) تي بيٺل جهاز تي ڦورو چڙهيو وڃن ۽ هٿيارن جي زور تي جهاز جي عملي کان پئسو ڏوڪڙ ۽ ٻيون قيمتي شيون، جيڪي آسانيءَ سان کڻي سگهجن، کسي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ڀڄيو وڃن. ڀر واري بندرگاهه يا اوسي پاسي جي مئرين پوليس کي جيسين اطلاع پهچي، تيسين هو ڪنهن ٻيٽ ڏي ڀڄيو وڃن يا ٻين ايندڙ ويندڙ يا مڇيون ماريندڙ ٻيڙين سان ملي هڪ ٿيو وڃن. پوليس ڪهڙيون ۽ ڪيتريون ٻيڙيون چيڪ ڪندي، ڪهڙا ۽ ڪيترا ٻيٽ ڳوليندا ۽ جي ان خاص ٻيٽ تي پهچي به وڃن ته هنن کي ڪهڙي خبر ته هي همراهه جيڪو ڪنهن دڪان تان انناس يا ڪيلو وٺي پيو کائي، اهو ئي ڪلاڪ کن اڳ جهاز تان ڦر ڪري آيو آهي.

سامونڊي ڦورن جي واردات جو ٻيو اهو طريقو آهي ته اهي جهاز تي چڙهي جهاز جي عملي کي اغوا ڪن ٿا ۽ جهاز کي ان روٽ تان ڪڍي ٻي تي پهرين مقرر ڪيل هنڌ تي پهچن ٿا، جنهن ۾ ڀلي چار پنج ڏينهن لڳي وڃن ۽ پوءِ سمنڊ جي ان ويراني حصي ۾ جهاز جو لنگر ڪيرائين ٿا، جتي سندن ساٿي ٻيڙيون ڪاهي اچن ۽ جهاز جو سمورو ڪارگو چوري ڪري نامعلوم ٻيٽن تي لڪائي رکن، جتان پوءِ آهستي آهستي ڪري سامان وڪڻن، جيئن اسان وٽ چوري ٿيل گاڏيءَ کي اهڙن هنڌن تي پهچايو وڃي ٿو، جتي چند ڪلاڪن ۾ ان جو پرزو پرزو الڳ ڪري ”سيڪنڊ هئنڊ اسپيئر پارٽس“ جي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. سامان لاهڻ بعد جهاز عملي حوالي ڪيو وڃي ٿو ته هاڻ جيڏانهن وڃڻوَ اوڏانهن وڃو. هن قسم جي ڦر ۾ مال توڙي جان جو وڏو جوکو رسي ٿو، جو جهاز هلائيندڙن طرفان مهاڏو ڪرڻ تي انهن کي ماريو وڃي ٿو.

ٽئين قسم جي واردات ۾ عملي جون قيمتي شيون چورائڻ يا جهاز جو ڪارگو چورائڻ بدران سڄو جهاز چورايو وڃي ٿو ۽ ان کي مختلف مقصدن لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. اڄڪلهه ان قسم جون وارداتون، دهشتگرد/ مجاهد قسم جون تنظيمون ڪن ٿيون، جيئن ته سريلنڪا جي تامل ٽائيگر وغيره. مالديپ ٻيٽ جي صدر تي حملو ڪرڻ لاءِ، سندن ئي ٻيٽ جو همراهه لطف الله، ان قسم جي چوريءَ جي جهاز ۾ غنڊن کي وٺي آيو هو، جنهن جو احوال ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ڪتاب ۾ ڪيو اٿم.

سامونڊي چورن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن جهازن جا مالڪ به قزاق (ڌاڙيل) ثابت ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي ئي جهاز ۽ ان ۾ چڙهايل سامان جي چوري ڪرائين ٿا ۽ پوءِ واويلا مچائين ٿا. اهو فراڊ به پراڻو آهي، پر اڄ ڏينهن تائين جنهن کي موقعو ملي ٿو، اهو ان مان ٽري نٿو. اهو هن ريت آهي ته، جڏهن مالڪ ڏسي ٿو ته هن جو جهاز پراڻو ۽ ناڪارا ٿي چڪو آهي، جنهن کي هلڻ جوڳو بنائڻ (Sea worthy) لاءِ وڏو خرچ ايندو، يا ڪمائيءَ لاءِ سامان نه پيو ملي يا لوهه جي تور ۾ وڪڻڻ تي به ڪو ڪٻاڙي ان کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ته پوءِ ان کي کلئي سمنڊ ۾ پاڻيءَ ۾ ئي ٻوڙي، پوءِ انشورنس ڪمپنيءَ کي اهو چئي پئسا ورتا وڃن ٿا ته جهاز طوفان ۾ ٻُڏي ويو. جهاز جي عملي کي جهاز جي ٻيڙين ذريعي ڪناري تي پهچايو وڃي ٿو. اسان جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪريءَ تي چڙهياسين ته ان کان ڪجهه سال اڳ، هڪ اهڙي به فراڊ جو ٻڌوسين، جنهن ۾ ظالم مالڪ نه عملي کي اڳواٽ ٻُڌايو ۽ نه اعتماد ۾ آندو. بندرگاهه ۾ ان جون هيٺيون لوهي پليٽيون ڍريون ڪرائي ڇڏيون، جهاز جيئن ئي کلئي سمنڊ ۾ پهتو ته پاڻيءَ سان ڀرجڻ ڪري ٻُڏي ويو. جهاز جو عملو پنهنجي جان به نه بچائي سگهيو.

ڪن حالتن ۾ وري جهاز جا مالڪ ٽريڊ ڪمپنين (واپارين) سان ملي جهاز تي چاڙهيل سامان (ڪارگو) جيڪو ڪن صورتن ۾ چاڙهيو ئي نه ويندو آهي، گم ڪرائي، پئسا انشورنس ڪمپنين مان ڪڍن يا ڪوڙين بلٽين (Bill of ladings) ذريعي بئنڪن مان ڦٻائين.

جهازي دنيا جو گهڻي ڀاڱي ڪم اعتماد ۽ ڀروسي تي به هلي ٿو، جيئن اسان وٽ سٺي ۽ صحيح واپاريءَ لاءِ چوندا آهن ته هن جي زبان سون برابر آهي، تيئن هيڏانهن يورپ توڙي چين جپان پاسي ڪيترائي سوداگر، لکن جا سودا زبان تي ڪري ڇڏيندا آهن. هينئر به ائين ٿيندو رهي ٿو، اڳ به ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ جنهن واپاريءَ زبان سان چيو ٿي ته “Our word is our bond” هن ان ڳالهه تي عمل به ڪري ڏيکاريو ٿي، پر پنج آڱريون برابر به ناهن. ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڪنهن لاءِ اهو فقط ڊائلاگ ثابت ٿئي ٿو. هو ان جي آڌار تي وڏا وڏا فراڊ ڪريو وڃي.

فلپين جهڙن ملڪن ۾ ته قذاقن جون اهڙيون گئنگون ۽

Syndicates آهن، جو بقول انٽرنيشنل مئريٽائيم بيريو جي مسٽر ايرڪ ائلن جي، منيلا جي هوٽل جي دريءَ مان بيهي، رڳو هنن قذاقن کي ائنڪريج تي بيٺل جهازن مان ڪنهن ڏي اشارو ڪريو. هو ٽي لک ڊالرن (ٻه ڪروڙ رپيا کن) جي عيوض، چوويهين ڪلاڪن اندر جهاز جي عملي سميت (يا ان بنا) جهاز توهان جي حوالي ڪري ڇڏيندا. جهاز کي سمنڊ تي وٺي وڃي، ان جو رنگ روپ ۽ نالو بدلائي ڏيندا ۽ دنيا جا ڪجهه ملڪ لائبيريا ۽ پاناما جهڙا آهن، جيڪي ٻن ٽن جهڙن تهڙن ڪاغذن تي توهان جو چورايل جهاز توهان نالي رجسٽر ڪري ڏيندا ۽ اهو ڪم نه فقط انهن ملڪن ۾ وڃي توهان ڪرائي سگهو ٿا، پر انهن ملڪن جي ڪنهن به سفارتخاني يا قونصل خاني مان ڪرائي سگهو ٿا. جيسين چورايل جهاز جي اصل مالڪن کي رپورٽ پهچي ۽ جيسين هو بين الاقوامي ڪورٽن ۾ دعوائون داخل ڪن، تيسين اهو جهاز اوڻي پوڻي ۾ وڪيو وڃي ٿو، جنهن کي وٺڻ وارا ٺڳ واپاري به هلن پيا، جيڪي ان کي خريد ڪري وچئين ٽئين نالي سان رجسٽرڊ ڪرائين يا تائيوان، بمبئي يا گڊاني (پاڪستان) جي اسڪريپ يارڊن ۾ لوهه جي اگهه ۾ وڪڻيو ڇڏين. جهاز جو اصلي مالڪ يا ان جهاز جي انشورنس ڪمپني روئندي رهي ٿي ۽ هي ٺڳ مال ڪمائي سنگاپور، منيلا، ائنٽورپ ۽ راٽرڊ جي هوٽلن ۾ دعوتون ڪندا وتندا آهن_ نه شرم نه حيا. اهڙن ٺڳ Pirates ۽ فراڊي جهازن جي سوداگرن جون ڳالهيون ٻُڌي، مونکي هڪ ٻارهن سالن جو نوڪر ياد ٿو اچي، جيڪو اڄ کان 20 سال کن اڳ مون وٽ ڪراچيءَ ۾ هو. هن جي مامي جي شادي ٿي رهي هئي، سو سندس والد شادي جي ڀت لاءِ مون کان پٽ جي پگهار جا ائڊوانس ۾ پئسا وٺي ويو. شاديءَ بعد جڏهن هي نوڪر مون وٽ موٽيو ۽ ٻُڌائين ته هنن شادي جي ماني- گوشت ڀت سڄي ڳوٺ کي کارايو. ان تي آئون غير ارادي طور ائين ئي پڇي ويٺس ته پوءِ گوشت تي ڪيترو خرچ آيو؟ جواب ۾ هن نوڪر وڏي معصوميت سان وراڻيو: ”سائين اسين گوشت خريد نه ڪندا آهيون.“

”ته پوءِ ڇا ڪندا آهيو؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.

”سائين اسين رڳو چانور خريد ڪندا آهيو ۽ پوءِ جهنگ ۾ چرندڙ ڀر وارن ڳوٺن شڪل چانڊيو، دودو روجهاڻي يا سُکيو ميرجت جي مينهن مان هڪ چوري ڪري ايندا آهيون ۽ ان کي ڪُهي گوشت ڀت رڌيندا آهيون.“ هن چيو.

”پوءِ جهلجي نه پئو؟“ مون پڇيومانس.

”نه سائين،“ هن وڏي اعتماد سان ٻُڌايو، ”ٻن منٽن ۾ مينهن يا ڍڳيءَ کي ڪُهي، ان جو گوشت گهر کڻي ايندا آهيون، باقي کل ۽ آنڊا گجيون وڏي کڏ کوٽي، ان ۾ دفن ڪري، مٿان مٽي لسي ڪري ڇڏيندا آهيون. ڄڻ هتي ڪا مينهن ئي ڪانه هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: