سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :12

رڍن جا جهاز ۽ مسئلا

گذريل مضمون ۾ پاڻ ڪارون کڻندڙ، ڪاٺ کڻندڙ ۽ ٻين جهازن جي ڳالهه ڪئي. جهاز هلائيندڙن کي جتي سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ جهاز هلائڻ لاءِ مشينن کي صحيح رکڻو پوي ٿو، اتي ڪارگو جي حوالي سان هر جهاز تي جيڪي مسئلا ٿين ٿا، انهن کي به مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن تيل کڻندڙ جهازن (Oil tankers) تي باهه لڳڻ جو خطرو ٿئي ٿو. تيل جي ڪري جهاز جي چوڌاري ڌماڪيدار گئسون (Methane، Ethane ۽ پروپين وغيره) رهن ٿيون ۽ معمولي چڻنگ جهاز تي ڌماڪو پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري آئل ٽئنڪر جهاز تي سگريٽ ڇڪڻ جي ته اجازت ناهي، پر ڪا لوهه شيءِ ويندي واچ ٻڌي به ڊيڪ تي هلڻو ناهي، متان اها جهاز جي لوهي ڀتين تي لڳي، ڪا چڻنگ پيدا ڪري ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجي. آخر سگريٽ لائيٽر ۾ به هڪ معمولي چڻنگ تڏهن ئي ٿي پيدا ٿئي، جڏهن لوهه جي ٻن ننڍڙن ڦيٿن کي اسان هڪ ٻئي سان رڳڙيون ٿا.

ڪيميڪل کڻندڙ يا ڪمپريسڊ گئسون کڻندڙ جهازن تي ته، اڃا به وڌيڪ خبردار رهڻو پوي ٿو، جو پاڻيءَ جي صورت ۾ اها گئس (Liquefied gas) يا مختلف ڪيميڪل، انسان جي جسم کي ته ڇا لوهه کي به ساڙيو رکن، جيئن تيزاب ٿو جلائي. ڪاٺ کڻندڙ جهازن جا پنهنجا مسئلا آهن، جن تي ٿوري به بي خياليءَ ڪري، اهو ڪاٺ جيڪو هلڪو ٿئي ٿو، سمنڊ جو يا مينهن جو پاڻي جذب ڪري، ايترو ته ڳرو ٿيو پوي جو جهاز جي Stability کاريو رکي ۽ جهاز ٻُڏيو وڃي. جهاز تي رکيل سامان (Cargo) کي باهه به لڳيو وڃي، جنهن کي وسائڻ جا به بندوبست آهن. جهاز جي چوڌاري پاڻي جام ۽ اڻ کٽندڙ آهي. جهاز جي انجڻ روم توڙي ٻين هنڌن تي اليڪٽرڪ توڙي ڊيزل جا پمپ به جام آهن. رڳو بٽڻ کي دٻائڻو آهي ۽ پاڻيءَ سان باهه وسائڻي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته جهاز باهه لڳڻ ڪري تباهه نه ٿيندو آهي، پر باهه وسائڻ ڪري خاص ڪري باهه لڳل ڪارگو ڪنهن قسم جو اناج آهي ته پاڪستان ۾ چانور جام ٿا ٿين، جيڪي اسان جپان يا يورپ جي ملڪن ڏي کڻيو ٿا وڃون، سي ڪڏهن ڳوڻين ۾ ته ڪڏهن Bulk ۾، يعني ڦوهارن ذريعي جهاز جا هئچ (گودام) چانورن سان ڀريا وڃن ٿا ۽ ڦوهارن ذريعي ٻاهر ڪڍيا وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اناج جي گدامن ۾ باهه لڳي سگهي ٿي، ان صورت ۾ اسان جي اهائي ڪوشش رهندي آهي ته، باهه لڳل هئچ جا دروازا چڱيءَ طرح بند ڪري، Seal ڪري ڇڏجن، جيئن ٻاهر جي هوا اندر نه وڃي ۽ باهه آڪسيجن جي کوٽ ڪري وسامي وڃي. يا گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ٻه ائين ڪڍي وٺجي، جيئن بندرگاهه تائين پهچي وڃجي ۽ بندرگاهه جي فائربرگيڊ کان مدد وٺجي، ڇو جو اناج ۾ لڳل باهه جي جيڪڏهن شروعاتي ليول تي ڄاڻ ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري پاڻيءَ سان وسامي وڃي ته صحيح آهي، نه ته گهڻي پاڻيءَ جي حالت ۾ جيتوڻيڪ باهه ته مڪمل طرح وسامي سگهي ٿي، پر ڏينهن ٻن بعد جهاز جون لوهي ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ سمنڊ جو پاڻي اندر اچي جهاز کي ٻوڙي سگهي ٿو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري چانور Expand ٿين ٿا ۽ کين جاءِ نه ملڻ ڪري ايڏو ته پريشر Develop ٿئي ٿو، جو جهاز جي لوهي ڀتين جا ويلڊ به اڊڙيو پون.

گهٽ مسئلا وهٽ/ چوپايو مال ڍوئيندڙ جهازن (Cattle ships) تي به نٿا ٿين. حيدرآباد کان ڪراچي تائين، يا کڻي لاهور کان ڪراچيءَ تائين، رڍن، ٻڪرين يا ڍڳين کي ٽرڪن ۾ پهچائڻ ڪو اهڙو مسئلو ناهي، پر پاڻيءَ جي جهاز تي انهن کي هزارن جي تعداد ۾ ڍوئڻ، سو به هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ نه، پر ٽن چئن هفتن لاءِ، وڏي سوچ ويچار جي ڳالهه آهي. تيل، ڪارون، ڪاٺ يا اناج ته ائين ئي هئچن ۾ پيو آهي، پر چوپايو مال ته ساهه واري شيءِ آهي، جنهن جي گالهه پٺي ۽ پاڻيءَ جو خيال هڪ طرف ڪرڻو پوي ٿو ته، سندن ڇيڻن ۽ ڦولهڙين جو نيڪال ٻئي طرف ڪرڻو ٿو پوي. دنيا جي هڪ ملڪ کان ٻئي ڏي ويندي، رستي تي موسم ۾ فرق اچي ٿو يا هونءَ ئي رکي رکي کين ڪا بيماري ٿي سگهي ٿي ۽ جانورن جون ڪي بيماريون وچڙندڙ ٿين ٿيون ۽ جڏهن اهي جانور هڪ ٻئي پويان مرڻ لڳن ٿا ته، کين سمنڊ ۾ اڇلڻ به مسئلو ٿيو پوي. سمنڊ ۾ به جتي ڪٿي توهان هر شيءِ اڇلي نٿا سگهو. هي ته هيڏو سارو جانور ٿيو- سو به هڪ نه ٻه، هي ته ڊزنن جي حساب سان مرن ٿا، ڇو جو ڪن ڪن جهازن تي هڪ لک کان به مٿي رڍون ٻڪريون چڙهن ٿيون، جن ۾ روز ايتري تعداد ۾ موت ڪا وڏي ڳالهه ناهي.

رڍن ٻڪرين يا ڍڳين جي ٽرانسپورٽ جي، گذريل صدي جي شروعات واري اڌ (1950ع) تائين، ڪا ضرورت نه پئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڀلي نسل جا گهوڙا، اُٺ يا ڍڳيون، مينهن، سانَ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، پالڻ جي شوق لاءِ جهاز رستي ويندا هئا، جيڪي پوءِ هوائي جهاز ۾ به وڃڻ لڳا، پر پاڻيءَ جي جهاز رستي وڏي پيماني تي ٽرانسپورٽ، ستر جي ڏهاڪي کان شروع ٿي، جڏهن عربن وٽ تيل مان پئسو آيو.

ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته عرب کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن. هنن وٽ جڏهن تيل نه نڪتو هو، سخت غربت هئي، ايتريقدر جو حيدرآباد دکن جو نواب توڙي ٻيا ننڍي کنڊ جا ماڻهو، پنهنجون زڪواتون ۽ خيرات، حج دوران عربن ۾ ورهائيندا هئا، تڏهن به روزي تي رهيا ٿي يا وري چڱي طرح گوشت کاڌائون ٿي. پر ان وقت هنن پنهنجي مڪاني جانور اُٺ تي گذارو ٿي ڪيو. مونکي ياد آهي ته 1968ع ۾ اسان جو ٻه ٽي دفعا جڏهن لبنان جي شهرن طرابلس ۽ بيروت اچڻ ٿيو ته، اهڙن ماڊرن ۽ امير هنڌن تي به بن ڪواب، قيمي جو ٻوڙ يا عرب ملڪن جي مشهور سئنڊوچ- شورما ۾ اُٺ جو گوشت استعمال ٿي ٿيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عرب دنيا ۾ تيل جي دولت اچي وئي. يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ عرب سير سياحت ڪندي نظر اچڻ لڳا. مون انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکيو آهي ته عربن مان يورپين جي ايڏي ڪمائي ٿي ٿئي، جو لورپول (انگلينڊ) جهڙين هوٽلن ۾ عربيءَ ۾ لکيل مينو ۽ اشتهار نظر اچن ٿا. عربن جو اهڙي طرح برگر، اسٽيڪ، مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙين شين لاءِ ٽيسٽ ڊيولپ ٿيو ۽ کين اُٺ جو گوشت مڪروه لڳو. هو فروزن چڪن (ڪڪڙ جو گوشت)، ڊئنمارڪ ۽ اسپين مان ۽ فروزن مٽن ۽ بيف (رڍ ۽ ڳئونءَ جو گوشت) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مان گهرائڻ لڳا. سڄي عرب دنيا ۾ يورپي ۽ آمريڪي فاسٽ فوڊ جون هوٽلون/ ريسٽورنٽون کُلي ويون ۽ وئي گوشت جي ڊمانڊ وڌندي. ان دوران گوشت سپلاءِ ڪندڙ ڪجهه يورپي ڪمپنين سوچي سمجهي يا غير ارادي طور فراڊ به ڪيو ۽ سوئر جي گوشت جو قيمون ڳائي گوشت جي نالي ۾ موڪليندا رهيا- خبر مشهور ٿيڻ تي هو ڪچو گوشت گهرائڻ بند ڪري، جيئرا جانور گهرائڻ لڳا، جيئن انهن کي پنهنجي اکين اڳيان، اسلامي طريقي سان ذبح ڪيو وڃي.

هونءَ فروزن گوشت جيڪو اسان عام ڪارگو جهازن جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ يا ريفريجريٽيڊ ڪارگو جهازن (Refers) ۾ کڻي ايندا هئاسين، هاڻ جيئريون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون ڍوئڻ لاءِ هڪ خاص قسم جا جهاز نڪري پيا. انهن جهازن ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه جانورن جو خيال رکڻ ۽ کين چارو کارائڻ وارا، صفائي ڪرڻ وارا ۽ جانورن جا ڊاڪٽر پڻ چڙهن ٿا. ان هوندي به خراب موسم ۽ گرميءَ ڪري ڪيترائي جانور مريو وڃن. انجڻ جي خراب ٿيڻ تي انسان ته هوا خوريءَ لاءِ ڪمرن مان ٻاهر نڪري، ڊيڪ تي اچي سگهن ٿا. هيترن سارن جانورن کي ڪاڏنهن ڪجي؟ جنريٽر جي بند ٿيڻ تي، جانورن جي لوهي واڙن جو Ventilation سسٽم بند ٿيو وڃي ۽ ٻوسٽ توڙي گرميءَ ڪري، جنهن نموني سان هي بي زبان جانور چيچلائي چيچلائي مرن ٿا، اهو هڪ ڏکوئيندڙ نظارو آهي. يا باهه لڳڻ تي اسان انسان ته ٻيڙين رستي جهاز تان لهيو وڃون، پر معصوم رڍون جيئري باهه حوالي ٿيو وڃن. کين سمنڊ ۾ به نٿو لاهي سگهجي، جو اهي ڪتي يا ٻلي جيترو به تري نٿيون سگهن. رڍ، ٻڪري هجي يا ڍڳي، سمنڊ ۾ ڪِرڻ بعد اها سڌو هيٺ هليو وڃي. ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۽ USA جون ”جانورن جو خيال رکڻ واريون تنظيمون“ احتجاج ڪنديون رهن ٿيون ته، گگدام چانورن تي ڪهل ڪريو ۽ انهن جي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ ٽرانسپورٽ بند ڪريو، پر ان معاملي ۾ نه عرب ملڪ گهرائڻ بند ڪندا ۽ نه وري نيوزيلينڊ، آسٽريليا يا آمريڪا وارا موڪلڻ بند ڪندا. ڇو ته انهن ملڪن جي رڍن جي اُن (Wool) مان وڏي ڪمائي آهي. ٻه ٽي سال رڍن مان اُن ڪڍڻ بعد انهن کي ڪوس خاطر، عرب ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ڏي موڪليو وڃي ٿو.

دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مال (رڍون توڙي ڳائو مال) عرب ملڪ ۽ جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا، برونائي وغيره گهرائي ٿو ۽ سڀ کان گهڻو ايڪسپورٽ آسٽريليا مان ٿئي ٿو. گذريل سال آسٽريليا چالهه لک رڍون ۽ اٺ لک ڳائو مال، مختلف ملڪن ڏي موڪليو. اهڙيءَ طرح نيوزيلينڊ ۽ آمريڪا وغيره ڪوس جا جانور ايڪسپورٽ ڪري ٿو. اڄڪلهه جو ماڊرن جهاز هڪ لک کان سوا لک کن رڍون کڻي سگهي ٿو. جهاز تي ڍوئجڻ وارا هي جانور جهاز جي حادثي (ٻُڏڻ يا سڙڻ) تي ته مرن ٿا ۽ پر هڪ عام سفر ۾ به ڪيترائي جانور بک، گرمي Heat stroke، اُڃ (Dehydration) وگهي مريو وڃن. مون کي ياد آهي ته 1980ع ۾ جڏهن اسان جو جهاز مالاڪنڊ ملاڪا نار (ملائيشيا) وٽان لنگهي رهيو هو ته Farid fares نالي هڪ Cattle ship، جيڪو آسٽريليا کان ايران لاءِ 41 هزار رڍون کڻي نڪتو هو، ان کي باهه لڳي ويئي. جهاز ۾ موجود ماڻهن ته پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيئي پنهنجي جان بچائي ورتي، پر جهاز سمورين رڍن سميت سڙي خاڪ ٿي ويو. اهڙيءَ طرح 1996ع ۾ UNICEB نالي هڪ جانورن جي جهاز کي، هندي وڏي سمنڊ ۾ باهه وڪوڙي وئي هئي. اهو جهاز آسٽريليا کان ستر هزار رڍون کڻي اردن وڃي رهيو هو. منجهس موجود هڪ رڍ به بچي نه سگهي. ڪجهه سڙي ويون باقي ٻُڏي ويون. اهڙيءَ طرح ويجهڙائيءَ ۾ Guernsey express نالي هڪ جهاز جي خبر پڙهڻ ۾ آئي، جيڪو پئسفڪ سمنڊ ۾ Guam وٽ سورهن سؤ ڍڳين سميت ٻُڏي ويو. بهرحال اهي ته چند مثال آهن جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن. صحيح تعداد ته تمام وڏو ٿي سگهي ٿو.

هونءَ هي رڍن ڍڳين جو ڪاروبار، گذريل ٽيهه چاليهه سالن کان وڏي زور شور سان هلي رهيو آهي، پر عام پبلڪ کي ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ، هنن ڏهاڪو کن سالن ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا کان علاوه اليڪٽرانڪ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪا ڳالهه دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿئي ٿي ته، ان ئي وقت ان جي خبر ٻي ڪنڊ تائين پهچيو وڃي. پر اسان واري علائقي (ايشيا ۽ آفريڪا) کان علاوه يورپ پاسي رڍن جي هن ڪاروبار جو گهڻو وڳوڙ سال 2003ع ۾ ”ڪورمو ايڪسپريس“ جهاز واري واردات بعد مچي ويو.

هالينڊ جو هي اسٽيم جهاز ڪورمو ايڪسپريس Coromo-express 5 آگسٽ 2003ع تي جدي (سعودي عرب) لاءِ 57 هزار رڍون چاڙهي آسٽريليا جي بندرگاهه Fermantle مان نڪتو.

اٽڪل سورهن ڏينهن جي سفر بعد هي جهاز جدي وٽ پهتو ۽ قانون موجب کيس سامان (رڍون) لاهڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويو، جتي سعودي عرب جا مقرر ٿيل جانورن جا ڊاڪٽر (Veterinarians) رڍن جي چڪاس لاءِ جهاز تي پهتا. کليل ماحول مان ڪڍي جڏهن رڍن کي جهازن جي لوهي واڙن ۾، هڪ موسم واري ملڪ کان ٻي موسم واري ملڪ ۾ آندو وڃي ٿو ته گرمي، هٻس، اڻپوري کاڌي ۽ سندن ئي لاٿل گند ۽ پيشاب جي گڏ ٿي وڃڻ ڪري ۽ ذهني Stress ڪري، هنن کي دستن، سهڪ، بخار، نمونيا جهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون- خاص Scabby mouth جهڙي بيماري، جنهن کي سنڌيءَ ۾ شايد سمارو سڏيو وڃي ٿو. وات جي هيءَ بيماري Scabby mouth هڪ عام بيماري آهي، جيڪا سامونڊي سفر دوران رڍن کي اڪثر لڳي ٿي ۽ هڪ حد تائين رڍن جو ان بيماريءَ جو شڪار ٿيڻ قابل قبول سمجهيو وڃي ٿو. رڍون گهرائڻ وقت رڍون موڪليندڙ ۽ خريد ڪندڙ جي وچ ۾ معاهدو ٿيندو آهي ته ڪيتريءَ حد تائين بيمار رڍون قبول ڪيون وينديون.

سعودي عرب هيءَ جيڪا 57000 رڍن جي کيپ، آسٽريليا کان گهرائي، ان لاءِ سعودي عرب پنج سيڪڙو سمارو (Scabby mouth) بيماري واريون رڍون- يعني 2850 کن جي قبوليت جو معاهدو ڪيو هو. پر رڍن سان ڀريل هن جهاز Cormo express جي جڏهن جانورن جي بيمارين جي ماهرن چڪاس ڪئي ته، بيمار رڍن جو تعداد ڇهه سيڪڙو کان به مٿي هو. سعدي عرب رڍن جي هن سموري کيپ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جهاز وارن کي صاف صاف چيو ته، هنن رڍن مان بيماريءَ جو انديشو آهي، ان ڪري هڪ رڍ به سعودي عرب جي سرزمين تي لهڻ نه ڏني ويندي ۽ جهاز هتان لنگر کڻي ڪنهن ٻئي پاسي ٽري وڃي.

سمارو بيماريءَ کان علاوه رڍن جي سرسري حالت به اثر انداز ٿيل لڳي ٿي. جهازي ماهرن اهو به شڪ ڏيکاريو ته پراڻي کٽاري قسم جي جهاز ۽ گهٽ پگهار تي نيم ڄاڻو پورهيتن (Workers) ڪري به ائين ٿيو. جهاز ۾ نه صحيح طرح هوا جو گذر هو ۽ نه اليڪٽرڪ پنکن ۽ بلوئرن ڪم ٿي ڪيو ۽ آگسٽ جهڙي مهيني ۾ جڏهن آسٽريليا ۾ ته کڻي سيارو ٿئي ٿو، پر دنيا جي مٿين اڌ گول ۾، اسان وٽ ته اونهارو ٿيو ۽ انهن مهينن ۾ بحرِ احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي گرمي ايئرڪنڊيشنرن کي به مات ڪري ڇڏيو. بهرحال پنکن ۽ هوا جي سٺي گذر جي کوٽ کان علاوه هن جهاز ”ڪمورو ايڪسپريس“ جي Desalination plant (سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ واري مشين) ڪم نٿي ڪيو. جهاز تي چڙهيل پنجاهه کن جهازين لاءِ ئي پاڻيءَ جو وڏو مسئلو ٿئي ٿو، اتي اڌ لک کن رڍن کي ههڙي گرميءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪيڏي ضرورت پوندي هوندي. هڪ رڍ سڄي ڏينهن ۾ چار لٽر پاڻي پيئي، ته به روزانو رڍن لاءِ ٻه لک لٽر پاڻي جي ضرورت ٿي، جيڪو پاڻي بندرگاهه مان خرد ڪري نٿو سگهجي، جو پاڻي تمام مهانگو آهي ۽ نه وري جهاز تي ايڏيون وڏيون ۽ ايتريون ٽانڪيون آهن، جن ۾ ٻن ٽن هفتن جي ضرورت جو پاڻي جمع ڪري ٿو سگهجي، سو جهاز تي پاڻي ٺاهڻ جي مشين جنهن کي Fresh water evaporator به سڏجي ٿو، هجڻ ضروري آهي ۽ هن جهاز وارن ان مشين جي خراب هجڻ جي صورت ۾ ڪيئن پئي ڪم هلايو، سمجهه ۾ نٿو اچي.

جهاز جي Extraction plant ۾ پڻ مسئلو هو. اها مشين رڍين جي

پيشاب ۽ ٻئي گند ڪچري کي ڇڪي ٻاهر سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ٿي. مشين صحيح طرح ڪم نه ڪرڻ ڪري، رڍن کي هر وقت ان گند ۾ بيهڻو پيو ٿي ۽ انهن کي چارو پڻ خراب حالت ۾ مليو ٿي، ڇو جو چاري لاءِ جهاز تي الڳ آهر نه ٿين. اهو مشينن رستي انهن مٿان اڇلايو وڃي ٿو، جنهن جو ڪجهه حصو رڍن جي پيشاب، ڦولڙين ۽ دستن سان مڪس ٿيو وڃي.

سعوي عرب وارن جو هيءَ رڍن جي کيپ قبول نه ڪئي ته، هاڻ هيترا سارا ساهه وارا ڪيڏانهن وڃن، جن لاءِ گلف جي گرميءَ جو هڪ هڪ ڏينهن عذاب هو. جهاز وارن لاءِ به وڏو مسئلو هو. ڪنٽينر، ڪارون، دٻا يا تيل جهڙو ڪارگو هجي ته جهاز ائين ئي بيٺو هجي. هتي اڌ لک کن ساهه وارا جانور هئا، جن جي صفائي جو مسئلو هڪ طرف هو. جنهن جي بدبوءِ ۾ نه فقط جهاز وارن کي، پر رڍن کي به گهوماٽي رهي هئي. ٻئي طرف انهن جي کاڌي پيتي جو مسئلو هو. پنج يا ڇهه سيڪڙو بيمار رڍون سي به سمارو جون مريض ڪو وڏو مسئلو نه هو، پر هاڻ گهڻا ڏينهن گذرڻ، گرمي ۽ غير هائيجڪ حالتن ڪري روزانو پنجاهه کن رڍون مري رهيون هيون، جن کي بندرگاهه وٽ سمنڊ ۾ اڇلي نٿو سگهجي، جو ان مان بيماريون پکڙجڻ جو انديشو رهي ٿو. انهن کي کلئي سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو. وڏي ڳالهه ته انهن مري ويل رڍن کي هزارن جي تعداد مان ڳولي ڪڍڻ به هڪ مسئلو آهي ۽ جي ڳولي نٿو ڪڍجي ته انهن مان ڍونڍ جهڙي بدبوءِ ٿي نڪري.

ان دوران آسٽريليا کان هنن جا جانورن جا ڊاڪٽر سعودي عرب حڪومت وارن کي Convince ڪرڻ لاءِ آيا ته، رڍن ۾ بيماري ان حد تائين ناهي جو الڪو ڪرڻ کپي، پر سعودي حڪومت جي ڊاڪٽرن، فوڊ ڊپارٽمينٽ ۽ صحت کاتي ڳالهه نه مڃي. آسٽريليا وارن جي به وڏي بي عزتي ٿي، جو اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي هي قصو ڏينهون ڏينهن مشهور ٿي رهيو هو ۽ آسٽريليا جي هن بلين ڊالر بزنيس کي ڇيهو رسي رهيو هو. رڍن جي آسٽريلوي واپاريءَ جو نمائندو پاڻ هلي آيو ۽ رڍن جي نيڪال لاءِ اوسي پاسي جي عرب ملڪن سان سودو طئه ڪرڻ لڳو. انهي دوران ڪورمو ايڪسپريس جهاز ٻاهر کلي سمنڊ ۾ اچي مئل رڍون ڪجهه جهاز جي بئالرن ۾ ساڙي ۽ ڪجهه سمنڊ ۾ ٻوڙي اردن جي بندرگاهه عقبه ۾ پهتو. اردن وارن چيو ته هونءَ کڻي اسان رڍون خريد ڪريون، پر جيئن ته هو ٻئي ملڪ لاءِ آيون ۽ انهن جي رد ڪرڻ جي خبر عوام کي چئجي چڪي آهي، ان ڪري هن سودي ۾ وقت جي حڪومت کي سياسي طرح وڏو ڇيهو رسندو.

28 آگسٽ تي جهاز عقبه کان موٽي وري جدي آيو. ان دوران آسٽريليا کان هاءِ ليول جي هڪ ڪميٽي رياض ۾ اچي سعودي حڪومت جي واسطيدار عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر آسٽريليا وارن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. جهاز وارا سعودي عرب مان رڍن جي خوراڪ لاءِ ٻن هفتن جو چارو خريد ڪري دبئي آيا، پر انهن به رڍن کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. اتي سيپٽمبر جي به يارهين تاريخ ٿي وئي، رڍن جهاز جي لوهي ڪمرن ۾، ايراني نار جي گرمي ۾ سڙنديون رهيون. انهن کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ، جهاز کي ايراني نار مان ڪڍي، عربي سمنڊ ۾ هلائڻ شروع ڪيو، جيئن ڪجهه ٿڌي هوا لڳي ۽ رڍن جي روزاني موت ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿئي.

بهرحال قصو کٽائڻ لاءِ هتي مختصر طور اهو لکان ته آسٽريليا وارا اهڙا ته بيزار ٿي پيا، جو هنن اوسي پاسي جي ڏهه کن غريب ملڪن جي لسٽ ٺاهي، انهن جي حڪومتن کي منٿ ميڙ ڪئي ته مفت ۾ ئي رڍون کڻو، جيئن هڪ طرف جهاز وارن جي جان ڇٽي ۽ ٻئي طرف گگدام جانورن کي جهاز جي قيد کان آزادي ملي، جنهن لاءِ دنيا جون ڪيتريون ”جانورن کي ظلم کي بچائڻ“ واريون ڪميٽيون گوڙ ڪري رهيون هيون ۽ آسٽريليا بدنام ٿي رهيو هو. انهن ڏهن ملڪن ۾ افغانستان ۽ پاڪستان به شامل هئا، پر انهن به هيءَ خيرات قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آسٽريليا جي وزيراعظم جان هاورڊ اسيمبليءَ ۾ اهوئي اظهار ڪيو ته، لڳي ٿو ته رڍن جي هن کيپ کي واپس وطن گهرائڻو پوندو.

وزيراعظم جو اهڙو اعلان ٻُڌي ماڳهين سندس ماڻهو مڇرجي پيا

ته اهي رڍون جن ٻين ملڪن جو چارو کاڌو آهي، انهن کي آسٽريليا جهڙي پاڪ، صاف ڌرتيءَ تي نه آندو وڃي، جو ٿي سگهي ٿو ته اهي هاڻ ڌارين ملڪن مان ڪن بيمارين جا جراثيم کڻي اچن ۽ جيڪڏهن هنن کي آندو به ويو ته هرهڪ جو ڪئارنٽائين ٿيڻ ضروري آهي- معنيٰ هرهڪ رڍ کي ٽي ڏينهن کن خاص ڪمري ۾ رکي، چڱيءَ طرح ميڊيڪل چڪاس ڪئي وڃي. ٻين لفظن ۾ ”ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان“ يا ”اَٺ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي. ڪري پئي کوهه ۾ ته ڏيڍ رپيو ڪڍاڻي.“

جهاز کي ايراني نار، ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ ڀٽڪندي ڏهين آڪٽوبر ٿي ويو. آخر آسٽريليا جي وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا هن بدنصيب جهاز Cormo express کي واپس آسٽريليا گهرائڻ جو اعلان ڪيو. جهاز جئين ئي لنگر کنيو ته انجڻ جي بريڪ ڊائون ٿي پيئي. رڍن جو نيڪال جو اڳهين مسئلو، هاڻ جهاز جي انجڻ مٿي جو سور ٿي پئي. ٺهڻ ۾ ويو ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندو. پراڻو جهاز- جهاز جا انجنيئر جيڪا شيءِ کولين اها هٿ ۾. انهيءَ دوران آسٽريليا هڪ ڀيرو وري اوسي پاسي جي غريب ۽ گهر جائو ملڪن سان لهه وچڙ ۾ آئي ۽ عراق، سوڊان جهڙي ڪنهن ملڪ قبوليت جو ٿورو گهڻو خيال ٿي ڏيکاريو، ته يورپ ۽ آمريڪا جي ڪجهه عيسائي ۽ يهودي ٻاون ۽ پنڊتن وٺي گوڙ ٿي ڪيو ته ”رڍن سان ظلم بند ڪريو.“ هنن اڳهين ٽي مهينا کن جهاز جي گرمي، گند ۽ Stress ۾ گذاريا آهن. هاڻ ڪنهن مسلمان ملڪ جي حوالي ته نه ڪريو جو مسلمان وڏا ظالم آهن. ڍورن جي اڌ ڳچي ڪپي هنن کي تڙپائي تڙپائي مارين ٿا. ان قسم جا خط دنيا جي ڪيترين اخبارن ۾ ايندا رهيا. هڪ همراهه ته خط ۾ اهو به لکيو ته مسلمانن کي ڪو سمجهائي ته خدارا گگدام جانورن کي مڏيءَ ڇريءَ سان ته نه ڪهو.

بهرحال ان قسم جي خطن جي جواب ۾ ڪجهه مسلمانن به خط لکيا هوندا. هڪ يورپي مسلمان (Neo Muslim) جو ملائيشيا جي ڪنهن اخبار ۾ مون به پڙهيو. هو ڪو ڊاڪٽر لڳي ٿو ۽ هن اسلام کان اڻ واقفڪارن کي ٻُڌايو ته، اسلام جانور توڙي پکيءَ کي ذبح ڪرڻ لاءِ هميشھ تکي ڇري استعمال ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪئي آهي ۽ ذبح ڪرڻ وقت جانور جي رڳو رت جي نليءَ کي ڪٽيو وڃي ٿو، جيئن هن جي ڪرنگهي جي نس (Spinal card) سلامت رهي ۽ هن جي دل آخر تائين رت کي پمپ ڪري ٻاهر ڪڍندي رهي ۽ جانور جو ڦٿڪڻ دراصل هن جي دل ۽ ان سان وابسته نليون Contraction ۽ Expansion جو عمل ٿيون پيدا ڪن. جانور کي ته تڏهن سور ٿئي ٿو، جڏهن هن کي جهٽڪي سان ماريو وڃي ٿو يا هن جو ڪرنگهو ڪٽيو وڃي ٿو. ۽ ڪنهن به جانور کي کائڻ کان اڳ، هن جي جسم جو رت خارج ڪرڻ، ان ڪري به ضروري آهي، جو رت ۾ جراثيم ۽ بيماريون ٿين ٿيون، جيڪي ٻئي تائين ٽرانسفر ٿين ٿيون ۽ چوڏهن سؤ سال اڳ جي هن ڳالهه جي اڄ جي سائنس به تصديق ڪري ٿي.

بهرحال جانورن کي دڳ لاهڻ لاءِ آسٽريليا جي حڪومت، رڍن کي واپس پنهنجي ملڪ موٽائڻ جو ظاهري طرح اعلان ڪيو، پر ڳجهه ڳوهه ۾ هنن آفريڪا جي هڪ ملڪ اريٽيريا وارن سان معاهدو ڪري ورتو. جهاز جي مشينري جيئن ئي صحيح ٿي ته هنن کي اريٽيريا ملڪ جي بندرگاهه ماساوا (Massawa) وڃڻ لاءِ چيو ويو، جيڪو ڳاڙهي سمنڊ کان ڏينهن ٻن جي پنڌ تي آهي. اهڙي طرح اهي رڍون جيڪي 5 آگسٽ تي جهاز تي چڙهيون 74 ڏينهن بعد 24 آڪٽوبر تي لاٿيون ويون. ايتريون رڍون لاهڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا. (چاڙهائڻ ۾ جيترا ڏينهن لڳن ٿا لاهڻ ۾ ان کان هميشھ هڪ ڏينهن وڌيڪ لڳي ٿو.) اريٽيريا وارن کي نه رڳو رڍون مفت ۾ ڏنيون ويون، پر آسٽريليا وارن کي وڌيڪ خواريءَ کان بچائڻ جي خوشيءَ ۾ هنن اريٽيريا وارن کي ٽي هزار ٽن ڏاري جا ۽ هڪ ڪروڙ ڊالر روڪ پڻ ڏنا. رڍن کي ماساوا بندرگاهه تي لاهڻ بعد کين ٽرڪن ذريعي 25 کن ڪلوميٽر پري اسمارا (Asmara) جي چراگاهن ڏي نيو ويو. جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن جو ٿورو مڃيو، جيڪي ايڏي بي افعالي ۽ تڪليف واري سفر کان جواب ڏئي ڀڄي به وڃي سگهيا ٿي.

“We would like to thank our master, officers and crews for their highly professional conduct throughout this trying and stressful period. Their conduct deserves nothing but praise.”

هالينڊ جي هن جهازران ڪمپنيءَ جي چيئرمين Vroon BV جهاز جي هر ماڻهوءَ کي سرٽيفڪيٽ ڏنو.

ان کان وڌيڪ جهاز جي ڪمپنيءَ وارا ۽ آسٽريليا جي حڪومت، آفريڪا جي هن غريب عيسائي ملڪ اريٽيريا جي شڪر گذار ٿي، جنهن هنن کي وڏي خفي مان بچائي ورتو ۽ ان بابت اخبارن ۾ بيان آيو هو ته:

“We are extremely pleased that this difficult situation has finally been resolved, which brings to an end the unacceptable stress imposed on the animals as a consequence of the prolonged voyage.”

پراڻي جهازن جي مالڪن جون آکاڻيون پڙهبيون آهن ته، انهن ڏينهن ۾ جهاز هوا جي آڌار تي هلندا هئا. جهاز جڏهن طوفانن ۾ ٻُڏي ويندا هئا ته، انهن جي مالڪن کي اڪثر هارٽ اٽئڪ ٿيندو هو. جهاز ۽ جهازن جي دنيا ۾ جتي انيڪ فائدا آهن، اتي ڪيترا اڻ ڄاتل نقصان پڻ آهن، جن جي صدمي وگهي اڄ به جهازن جا مالڪ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا.

دادوءَ جي چيف انجنيئر ظهير بابر، هن جهاز کي ”ڪورمو ايڪسپريس“ جي حوالي سان چيو: ”سائين منهنجا! اسان رڳو جهاز جي مالڪ تي چڙ ڪيون ٿا. اهو ته سوچيو ته هن جو ته ان سفر ۾ الهه تلهه ناس ٿي ويو.“ ۽ پوءِ هن حساب ڪندي چيو:

57 هزار رڍن جي جوهي ۽ مهيڙ جي مارڪيٽ جي حساب سان قيمت پنج هزار رپيه لڳائجي، ته به اها ٿي 285,000,000 رپيا. اڍائي مهينا کن جهاز هليو (بندرگاهه ۾ بيٺو هو ته به جنريٽر ۽ ٻيون مشنيون ته هليون پئي)، ان کان علاوه جهاز هلائيندڙ جا پگهار ۽ کاڌا پيتا، رڍن جي چاري جا پئسا سڀ ملائي، هڪ ڏينهن جو ٿورو خرچ لڳائجي، ته به ٻه لک رپيا ته گهٽ ۾ گهٽ ٿيندو. يعني 75 ڏينهن جو ٿيو 15000,000 رپيا. ٽيهه هزار ٽن ڏارو جيڪو رڍن سان گڏ ڏنو ويو، ان جي اريٽريا جهڙي ڏڪاريل ملڪ ۾ قيمت ٿي 6000,000 رپيا. ان کان علاوه جن کي مفت ۾ رڍون ڏنيون ويون، انهن جي مدد ۽ مهرباني مڃڻ خاطر 60,000,000 رپيا ڏنا ويا. هاڻ رڳو اهي خرچ ڳڻجن ته 366,000,000 رپيا ٿيا، يعني ڇٽيهه ڪروڙ سٺ لک رپيا، جهاز جي مالڪ کي، ڏني نه ورتي گهران ڀرڻا پئجي ويا. ان کان ته اهي اڍائي مهينا کن جهاز هڪ هنڌ بيٺو هجي ها ته اهو سٺو هو.“

جهازن جي چيف انجنيئر ظهير بابر جيئن ئي ڳالهه ختم ڪئي ته، ڪن ۾ چيومانس ”پوءِ ڀلا اهو نڀاڳو جيئرو آهي يا مري ويو؟“

ظهير پنهنجو روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ڀاءُ منهنجا! شڪر ڪري ته کيس ٻيا به ٽي چار جهاز آهن، جيڪي ڪمائي رهيا آهن، نه ته هن مالڪ جو موت سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ٿي وڃي ها، جڏهن عربن، اردينين ته ڇا پاڪستان ۽ افغانستان به هن تحفي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.“

رڍن واري هن جهاز ڪورمو ايڪسپريس جو قصو پهرين مهيني آگسٽ ۾ پاڪستان ۾ ايترو مشهور نه ٿيو، پر پوءِ جڏهن سعودي عرب، اردن يا ڪنهن ٻئي امير عرب اهي رڍون (جن مان ڇهه ست سيڪڙو کن کي وات جي بيماري لڳي وئي) خريد ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪيو ته، نيٺ آسٽريليا وارن انهن رڍن مان جان ڇڏائڻ لاءِ عراق، افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش جهڙن ملڪن کي مفت کڻڻ لاءِ آڇ ڏني. پاڪستان جو نالو ميڊيا ۾ اچڻ سان نه فقط پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني ماڻهن ۾، ان بابت بحث مباحثا شروع ٿي ويا. آئون انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ هوس، جتي مونکي ياد آهي ته پاڪستاني سفارتخاني جي ٻاهر يا نماز جي وقت ٽوڪيو جي مسجد ۾- خاص ڪري جمع نماز تي، اسان جي ماڻهن جا ان خبر بابت تمام گهڻا گرم گرم بحث شروع ٿي ويا. ڪن جو چوڻ هو ته موقعو سٺو آهي، مفت ۾ هيتريون ساريون رڍون پيون ملن، جن ۾ فقط هڪ ننڍڙو تعداد سمارو (Mouth scabby) ۾ ورتل آهي، باقي ته سڀ صحيح ۽ سٺي نسل جون آهن ۽ اها بيماري ڪا Mad Cow وانگر وچڙندڙ يا انسان ذات لاءِ نقصانڪار ته نه آهي، جو اسان نخرو ٿا ڪريون. ڪن جو وري اهو رايو هو ته اهڙي قسم جي خيرات اسان پاڪستانين کي هرگز هرگز قبول نه ڪرڻ کپي. اسان ڪي فقير ته نه آهيون. ڀلا جي غريب آهيون ته به، ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان وغيره وغيره.

هن جهاز بابت پاڪستان جي به مڙني اخبارن ۾ خبرون ۽ ان تي تبصرا ۽ پڙهندڙن جا خط ايندا رهيا ٿي. اهڙن خطن مان ٻه کن خطن جي ڪٽنگ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو. پهريون خط اسلام آباد مان ڪنهن ڊاڪٽر زرينا نالي محترمه جو آهي...

”...آسٽريليا کان ڪنهن جهاز ذريعي سعودي عرب لاءِ موڪليل اڌ لک کن رڍون، سعودي عرب اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي ته، انهن ۾ ڇهه سيڪڙو کن (يعني 3000 کن) رڍون بيمار آهن جڏهن ته هنن جو معاهدو پنج سيڪڙو تائين هو.

آسٽريليا حڪومت طرفان، اهي سموريون رڍون Donation طور پاڪستان کي ڏيڻ جي آڇ ٿي آهي، پر پاڪستان طرفان اهو چئي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ته، رڍن جو ايڏو وڏو تعداد سنڀالڻ مشڪل آهي.

ڪوبه Donation (امداد) اسان جهڙي غريب ملڪ لاءِ سنڀالڻ ڏکيو ڪم ناهي، جتي چاليهه سيڪڙو کان مٿي عوام مسيڪي واري ليڪ کان هيٺ آهي. هر رڍ جي قيمت چار پنج هزار رپيا چئي وڃي ٿي. رڍون اتاهين قسم جي پروٽين کان علاوه اُنَ، کير ۽ چمڙو مهيا ڪن ٿيون. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي غريب ماڻهن انهن کي پالڻ چاهيندا. انهن مڙني رڍن جي قيمت پندرهن ويهه ڪروڙ رپيا ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن کوکي ۾ ڪجهه انب خراب آهن يا ڪنهن ٽوڪريءَ ۾ ڪجهه بيضا خراب آهن ته، ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته هڙ جي هڙ اڇلي ڇڏجي. اسان جي ملڪ جي جانورن جي ڊاڪٽرن کي اڳيان وڌي صلاح ڏيڻ کپي ته آيا ان قسم جي Benign وات جي بيماري واري رڍ جو گوشت کائڻ ۾ ڪو نقصان ته نه آهي ۽ آيا اها بيماري ڦهلجندڙ ته نه آهي؟ جيڪڏهن اها بيماري ڦهلجندڙ آهي ته پوءِ اسان کي هيءَ امداد هرگز وٺڻ نه کپي، پر جي اهڙي ڳالهه ناهي ته، ان قسم جي آفر قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ جيڪڏهن فقط بيمار رڍون نقصانڪار آهن ته، انهن کي ڪُهي زمين اندر پوري ڇڏجي يا ساڙي ڇڏجن، باقي 47 يا 48 هزار رڍون جيڪي صحتمند آهن، اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ غريب ماڻهن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون...“

اهڙي طرح هڪ ٻيو خط علي ريحان نالي ڪنهن همراهه جو دبئيءَ مان لکيل آهي. جيڪو 27 يا 28 سيپٽمبر واري انگريزي اخبار ۾ ڇپيو.

”... ڪيتري ته افسوس جي ڳالهه آهي جو يورپي، آمريڪي توڙي آسٽريليا جهڙا امير ملڪ، اسان جي ملڪ پاڪستان کي شايد ”ڪچرا ڪُنڊي“ سمجهن ٿا ۽ دنيا جي هر گند ڪچري لاءِ پاڪستان کي Dumping ground سمجهن ٿا. پوءِ زهريلو مادو (Toxic waste) هجي يا بيمار رڍن جو ڌڻ. ان ذلالت جو اهوئي سبب آهي جو اسان جو ماضي هميشھ هنن اڳيان جهڪندي گذريو آهي.

اُميد ته اسان جي حڪومت جو بيمار رڍن کي قبول ڪرڻ وارو انڪار قائم رهندو ۽ ڪنهن به مرحلي تي هائوڪار نه ڪئي ويندي، ڇو جو اڃا تائين رڍن جي مستقبل جو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ بقول آسٽريليا حڪومت جي، ان سلسلي ۾ سندن ڳالهيون ڪنهن ويجهڙائيءَ واري ملڪ سان ڳجهه ڳوهه ۾ هلي رهيون آهن. اُميد ته اهو ملڪ اسان جو ملڪ نه هوندو...

پاڪستان جي انڪار ڪرڻ تي آسٽريليا کي ناراض نه ٿيڻ کپي، جو هنن رڍن ۾ مقرر تعداد کان وڌيڪ بيمار آهن ۽ اهي رڍون جيڪي سعودي عرب ۾ رهندڙن لاءِ هاڃيڪار آهن، اهي اسان جي ماڻهن لاءِ به نقصانڪار آهن...“

 

اهڙا جهاز جن ۾ ريل گاڏيون به چڙهڻ

گذريل مضمونن ۾ پاڻ پاڻيءَ جي مختلف جهازن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اڳ ۾ ته فقط هڪ ئي قسم جا جهاز Cargo ships هوندا هئا. ان وقت جا ويندي مسافر بردار جهاز (Passenger ships) به اڌ گابرا ”ڪارگو جهاز“ هئا. ٽيهه سال کن حاجين کي جدي کڻي ويندڙ پئسينجر جهاز ”سفينه حجاج“ ڪارگو جهاز ئي ته هو، جنهن جي سامان جي هئچن (گگدامن) ۾، ويچارا حاجي پنهنجي سامان سميت سٿجي جدي ويندا هئا. بهرحال گذريل صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ سامان ۽ سفر جي نوعيت مطابق جهاز ٿي پيا... ڪارن کي کڻندڙ جهاز، وهٽن کي کڻندڙ جهاز (Live stock ships)، تيل کڻندڙ جهاز، ڪاٺ کڻندڙ جهاز، ڪيميڪل کڻندڙ جهاز، ڳوڻين بنا Bulk ۾ اناج ڍوئيندڙ جهاز وغيره، نڪري پيا. هڪڙا ريفر نالي جهاز پڻ آهن، جيڪي فروزن سامان کڻن ٿا. انهن جي هئچن (گدامن) کي مشينن رستي بيحد ٿڌو رکيو وڃي ٿو. گوشت کڻڻ جي صورت ۾ -20 ڊگريون ۽ مڇي کڻڻ لاءِ -30 جي لڳ ڀڳ ٿڌڪار رکي وڃي ٿي جو ايتري ٿڌ ۾ گوشت يا مڇي ڇهه مهينا رکڻ سان به خراب نٿي ٿئي. ميوو ۽ ڀاڄيون کڻي هلڻ ۾ انهن جهازن جي گدامن جو ٽيمپريچر +5 رکيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ ميون ۽ ڀاڄين مان نڪرندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ لڳاتار Exhaust فئن جو بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. بهرحال هي ڪم جهاز هلائيندڙ انجنيئرن جو ٿئي ٿو، جيڪي مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ”ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن“

جهڙا سبجيڪٽ پڻ پڙهن ٿا.

آسٽريليا وارا مسلمان ملڪن لاءِ ته حلال ۽ پاڻ ذبح ڪرڻ جي چڪر ۾ جيئريون رڍون ۽ ڍڳيون ”ڍورن جي جهازن“ ۾ موڪلين، باقي ٻين ملڪن لاءِ ڪُٺل ۽ فروزن گوشت هنن ريفر جهازن ذريعي وڃي. جهاز تي چاڙهڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ، رڍن يا ڍڳين کي ڪُهي سندن گوشت کي ڪناري جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيو وڃي ٿو، جيئن اهو اندر تائين پٿر ٿي وڃي. پوءِ اهو گوشت جهاز جي ٿڌن گدامن ۾ ڀريو وڃي ٿو. جهاز تي مقرر آفيسر وچ وچ مان، ڪنهن ڪنهن فروزن جانور جي گوشت ۾، هڪ فٽ کن ڊرل ”اليڪٽرڪ مشين“ ذريعي داخل ڪري، مطمئن ٿئي ٿو ته اهو گوشت واقعي فروزن حالت ۾ جهاز ۾ چڙهي رهيو آهي. پوءِ هڪ دفعو جهاز تي چڙهڻ بعد جهاز جي انجنيئرن جي ذميواري آهي ته، هو سڄو سفر- ٻن ٽن هفتن جو يا مهيني ڏيڍ جو، هر وقت گهربل ٿڌ قائم رکن. بندرگاهه اچڻ ۽ سامان لاهڻ تي سامان جا مالڪ هڪ ته جهاز جو لاگ بڪ ڏسن ٿا ته، واقعي اهو گهربل ٽيمپريچر Maintain ڪيو ويو يا نه- جنهن جو رڪارڊ چئن چئن ڪلاڪن بعد لکيو ويندو آهي. ان کان علاوه سامان جي مالڪ جا سرويئر، وچان وچان فروزن رڍ يا ڍڳي ڪڍي، ان جي اندر ساڳو سوئو (Drill) اندر تائين وجهي، دلجاءِ ڪن ٿا ته، اها ٿڌ اندر تائين آهي يا نه.

مٿينِ ريفر جهازن تي انجنيئرن کي، جهاز جي انجڻن جو فڪر هڪ طرف ڪرڻو پوندو آهي ته ٻئي طرف ڪارگو کي ٿڌو رکڻ جو- جو ڪڏهن ڪڏهن اهو فروزن سامان اِهڙي نوعيت جو هوندو آهي، جو ان جي قيمت جهاز جي قيمت کان گهڻي هوندي آهي ۽ سامان خراب ٿيڻ تي جهاز جو مالڪ جهاز وڪڻي، ته به سامان جي قيمت ادا ڪري نه سگهندو. هڪ اهڙي ريفر جهاز تي آئون ٿرڊ انجنيئر هوس، جنهن تي فروزن ڪارگو ”ڪنگ پران“ هئا، جيڪي اسان انڊونيشيا مان جپان لاءِ کنيا هئا. بهرحال جيئرن جانورن جي جهاز (Cattle ship) کان وري به ريفر جهاز صاف سٿرا ۽ سڪون وارا ٿين ٿا.

پئسينجر جهازن جو گذريل صديءَ جي ٻئين ۽ ٽئين چوٿي ۾ وڏو ڌوم ڌڙاڪو ۽ شانُ مانُ رهيو. يا کڻي چئجي ته ٽائٽنڪ جهاز کان ڪُئين ميري ۽ ايلزبيٿ جهازن تائين. پر هاڻ جهازن جا مالڪ پئسينجر جهازن تي پئسو نٿا لڳائين. شروع جي ڏينهن ۾ پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپائڻ، پئسينجر جهازن جو اهم ڪم هوندو هو. ماڻهو يورپ کان آمريڪا يا آمريڪا کان يورپ ڪيئن اچن؟ هو هنن وڏن پئسينجر جهازن ۾ آيا ٿي، پر پوءِ گذريل صدي جي ستر واري ڏهاڪي کان جيئن ئي تيل جا اگهه چڙهڻ لڳا ۽ ٽڪيٽون مهانگيون ٿيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته وڏا وڏا هوائي جهاز ٺهي پيا، جن ۾ سفر ڪرڻ سان ڀاڙي ۽ وقت جو بچاءُ ٿيڻ لڳو ته، ماڻهن پاڻيءَ جي مسافر جهازن (Passenger ships) ۾ سفر ڪرڻ گهٽائي ڇڏيو. هاڻ جيڪي پئسينجر جهاز ۽ فيريون هلي رهيون آهن، اهي سير سياحت لاءِ آهن. يورپ جي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ کڻي وڃن ٿيون. يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور کان عرب ملڪن ڏي کڻي اچن ٿا يا وري آمريڪا کان برمودا، بهاما ۽ ٻين اهڙن خوبصورت ٻيٽن تي، ماڻهن کي موڪلون ملهائڻ لاءِ وٺي وڃن ٿا.

فيري پڻ جهاز ئي آهي، بلڪ عام ماڻهوءَ کي ته جهاز ۽ فيريءَ ۾ فرق ئي نظر نه ايندو. اڄڪلهه يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن (جپان، هانگ ڪانگ، ملائيشيا) پاسي ”فيريون جهاز“ مسافرن کي هڪ هنڌکان ٻئي هنڌ پهچائين ٿيون. فيريون گهڻو ڪري سمنڊ جو ننڍڙو حصو اڪارين ٿيون، جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون، پينانگ ٻيٽ کان بٽرورٿ شهر (ملائيشيا). انهيءَ ٻنهي هنڌن تي هاڻ وڏيون پليون به ٺهي ويون آهن ۽ فيري رستي گهٽ ماڻهو سفر ڪن ٿا، پر جڏهن ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ آئون اتي رهندو هوس ته، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ، وڃڻ لاءِ هر ڪنهن فيري استعمال ڪئي ٿي. انهن فيرين ۾ نه فقط مسافر پر انهن جون موٽر ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ انهن سان گڏ فيرين ۾ سمنڊ پار ڪن. سئيڊن جو ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه مالمو، جتان مون مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، اتي ته فيرين جو ڏاڍو رواج آهي. صبح کان رات جو يارهين تائين، اڌ اڌ ڪلاڪ بعد مالمو (سئيڊن) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) مختلف ڪمپنين جون فيريون ۽ ”هُوور ڪرافٽ“ هلن ٿا، جيڪي نه فقط مسافر ۽ سندن ڪارون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڍوئين، پر بسون پڻ. ان کان علاوه ڪجهه فيريون پولينڊ، جرمنيءَ ۽ انگلينڊ تائين به وڃن، جيڪو هڪ ڏينهن کان ٻن ڏينهن جو سامونڊي سفر ٿئي. مالمو ۾ تعليم دوران ڪڏهن ڪڏهن مونکي فيلڊ ٽرپ لاءِ جرمنيءَ جي شهر فليزنبرگ جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي وڃڻو پوندو هو، جتي پهچڻ لاءِ ڪڏهن باءِ ايئر ويندو هوس ته ڪڏهن ٽرين رستي. سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ بالٽڪ سمنڊ جي ڪري، باقي يورپ کان ڪٽيل آهي، سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، سئيڊن مان ريل ذريعي جرمني ڪيئن ٿو پهچي سگهجي؟ مالمو جي ريلوي اسٽيشن تي سئيڊن کان علاوه جرمني جي شهرن جون ٽڪيٽون وڪامندو ڏسندو هوس ته، مونکي به حيرت ٿيندي هئي. پوءِ سال کن جي رهائش بعد فائنل ييئر ۾، مونکي جڏهن جرمني وڃڻو پيو ته سڀني صلاح ڏني ته، اوڏانهن وڏو ڀاڙو ڏيئي باءِ ايئر ڇو ٿو وڃان. سو پوءِ آئون به باءِ ٽرين جرمني وڃڻ لڳس، جيڪو سفر نه فقط آرامده ۽ خوبصورت نظاري وارو ٿي ٿيو، پر هوائي جهاز کان سستو پڻ. مالمو شهر جي وچ واري ريلوي اسٽيشن Malmo central تان جرمني جي شهر فليزنبرگ جي ٽڪيٽ وٺي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندو هوس، جيڪا ڪجهه وقت خشڪي (زمين) تان هلي بندرگاهه ۾ داخل ٿيندي هئي، جتي اها جرمني ويندي فيريءَ ۾ داخل ٿي ويندي هئي. اها فيري ايڏي ته وڏي ٿي ٿئي جو ان ۾ ٽي چار ريل گاڏيون بيهيو رهن. ريل گاڏين جي بيهڻ لاءِ انهن فيرين تي زمين جهڙا ريل جا پٽا ٿين. هي فيريون بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان ائين لڳي بيهن ٿيون، جو انهن ۾ ٺهيل ريل جا پٽا بندرگاهه جي پٽن سان ٺهڪيو بيهن. مالمو يا ٻين شهرن کان ايندڙ ريل گاڏيون هنن پٽن ذريعي فيريءَ ۾ داخل ٿيو وڃن. پوءِ فيري هلڻ مهل مسافر جي چاهين ته ريل گاڏيءَ ۾ ئي ويٺا رهن يا ان مان ٻاهر نڪري فيريءَ جي ڊيڪ تي اچي، سمنڊ جو نظارو ڪن يا فيريءَ جي ريسٽورنٽ ۾ چاهه/ ڪافي پيئن.

ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏهن سمنڊ جو اهو حصو پورو ٿيو وڃي ته، فيري جرمنيءَ جي سرزمين جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اچيو بيهي، جتي پڻ ڪناري کان وٺي ريل جا پٽا ٺهيل آهن. هڪ دفعو وري فيريءَ کي اهڙي طرح بيهارين جو ان ۾ ٺهيل ريل جا پٽا ٻاهر جي پٽن سان ڀچي بيهن ٿا ۽ ٽرين آسانيءَ سان انهن پٽن تي اچي، جرمنيءَ جي مختلف شهرن ڏي رواني ٿيو وڃي. ڪا ڪا ٽرين ته اڃا به پري فرانس جي ريلوي اسٽيشن تائين هلي وڃي ٿي. مسافرن جون ٽڪيٽون، پاسپورٽ ۽ ويزائون، ريل گاڏي هلندي يا فيري ۾ چيڪ ٿيندا رهن ٿا.

 

دنيا جا خوبصورت مسافر جهاز

گذريل صديءَ ۾ پئسينجر جهازن، سڀ کان گهڻا مسافر، يورپ ۽ آمريڪا وچ ۾ ڍوئيا. ٽائٽينڪ جهاز کان وٺي نارمنڊي ۽ ”ڪُئين مئري ٽو“ تائين ڇا ته اهي جهاز ٺهيا! اهي جهاز State of Art جي عڪاسي ڪن ٿا. اهي جهاز سترهين ارڙهين صديءَ جا عقوبت گهر نه هئا، جن ۾ آفريڪا جا شيدي غلام پورهئي خاطر آمريڪا، جانورن کان به خراب حالت ۾ ڍوئيا ويا ٿي. گذريل صديءَ جا پئسينجر جهاز جن مان ڪجهه اڃا به هلي رهيا آهن يا پراڻن کي ڊاهي ساڳي نالي سان نوان ٺاهيا ويا آهن، سمنڊ تي ترندڙ ”فائيو اسٽار هوٽلون“ آهن، جن ۾ مسافرن لاءِ اهڙين هوٽلن جهڙا ڪمرا، سئمنگ پول، انڊور ۽ آئون ڊوٽ راندين جا ميدان، شاپنگ سينٽر، ريسٽورنٽون ۽ پب ۽ ڊانس هال آهن. اهڙن سهڻن جهازن ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ جرمني، اٽلي، فرانس ۽ برطانيه اڳيان اڳيان رهيا آهن. هتي اسان انگلينڊ جي هڪ ٻن مسافر بردار جهازن جو ذڪر ڪنداسين، جو اسان جو ان ملڪ سان واسطو هجڻ ڪري، ان سان گهڻو لهه وچڙ ۾ آهيون ۽ انهن جا جهاز ڪڏهن ڪڏهن ننڍي کنڊ جي بندرگاهن: ڪراچي، ممبئي (بمبئي)، ڪولمبو، پينانگ ۽ سنگاپور به ايندا رهيا آهن.

ڪُئين مئري (Queen Mary) مسافر جهاز، 1936ع کان وٺي 1967ع تائين مسافرن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪارائيندو رهيو- يعني انگلينڊ ۽ نيويارڪ جي وچ ۾ هلندو رهيو. هي جهاز 1020 فٽ ڊگهو، 120 فٽ ويڪرو ۽ 180 کن فٽ اتاهون- يعني هر ماڙ 12 فٽ کن وٺجي ته به 10 ماڙ اتاهين عمارت جيڏو ٿيو، جنهن مان 40 فٽ کن سمنڊ اندر رهيو ٿي. جهاز کي هلائڻ لاءِ اسٽيم ٽربائين هئا ۽ جهاز جي رفتار 30 کن ناٽ (Knot) هئي، معنيٰ ڪلاڪ ۾ 30 کن ناٽيڪل ميل هليو ٿي، جيڪي پنهنجي خشڪيءَ جا 55 ڪلوميٽر ٿيندا. پاڻيءَ جي جهاز لاءِ اها تمام گهڻي رفتار مڃي وڃي ٿي. ان جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اَسي واري ڏهاڪي ۾ مون جيڪي جپان ۽ جرمنيءَ جا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهاز هلايا انهن جي به 25 ناٽن کان مٿي رفتار نه هئي ۽ اڄ به عام جهازن جي اهائي رفتار رهي ٿي. فقط نيول (فوجي) جهاز ئي، انهن پئسينجر جهازن جي رفتار سان مقابلو ڪري سگهن ٿا.

هن جهاز ۾ جهاز هلائيندڙن ۽ ڪم ڪندڙن کان علاوه 2200 مسافرن جي سفر جي گنجائش هئي، جن مان 776 فرسٽ ڪلاس ڪئبن وارا ٻيا ٽوئرسٽ ڪلاس ۽ ٿرڊ ڪلاس جا مسافر سفر ڪري سگهيا ٿي. هي جهاز ڪُنارڊ (Cunard) جهازران ڪمپنيءَ اسڪاٽلينڊ جي جان برائون ڪمپنيءَ کان 1934ع ۾ ٺهرايو ۽ 1936ع کان هن سفر جي شروعات ڪئي. نه ته ان کان اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ ماڻهن جرمنيءَ جي جهازن ”بريمين“ ۽ ”يورپا“ تي سفر ڪيو ٿي. انگلينڊ وارن ”ڪُئين مئري“ جهاز کان پوءِ يڪدم هڪ ٻيو جهاز ”ڪُئين ايلزبيٿ“ پڻ هلايو ۽ ٻئي جهاز گڏجي، هر هفتي ۾ ٻه دفعا ايڪسپريس سروس سرانجام ڏيڻ لڳا. يعني هڪ جهاز انگلينڊ کان آمريڪا روانو ٿيو ٿي ته، ان وقت ٻيو جهاز آمريڪا کان انگلينڊ لاءِ نڪتو ٿي. هي سلسلو ٻي وڏي لڙائي شروع ٿيڻ تائين هلندو رهيو. ان بعد هي ٻئي جهاز رنگ بدلائي آمريڪي فوجين کي انگلينڊ ڍوئيندا رهيا، پر هي سڀ ڪم لڪ ڇپ ۾ هلندا رهيا. جرمنيءَ جي اڊولف هٽلر ڪُئين مري جهاز کي ٻوڙڻ لاءِ اڍائي لک ڊالر انعام رکيا ۽ يو بوٽ جي ڪمانڊر کي ”آئرن ڪراس“ جو ايوارڊ ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر ڪنهن نموني سان هي پئسينجر جهاز بچندو رهيو ۽ جنگ جي خاتمي بعد هڪ دفعو وري ڪُئين مري انگلينڊ ۽ آمريڪا وچ ۾ مسافر کڻندو رهيو، پر پوءِ 1958ع کان جيئن ئي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ جيٽ هوائي جهاز جي شروعات ٿي ته، هنن پاڻيءَ جي جهازن ۾ مسافرن جو تعداد گهٽجڻ لڳو ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾- خاص ڪري سياري جي موسم ۾ ته اها وڃي حالت ٿي، جو ڪيئن مئري جهاز تي مسافرن جي تعداد کان گهڻا ته جهاز جي عملي جا ماڻهو نظر اچن لڳا. آخر 1967ع ۾ هن جهاز جو سفر بند ڪيو ويو، ڇو جو چڙهندڙ مسافرن جي ڀاڙي مان جهاز جي تيل پاڻي ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جا پگهار به نٿي نڪري سگهيا. جهاز کي وڪري لاءِ اعلان ڪيو ويو ۽ ڪيترين ئي اسڪرئپ ڪمپنين وڏا وڏا واڪ ڏنا- خاص ڪري جپان جي ڪمپنين، جن کي لوهه، ٽامي، پتل ۽ ٻين ڌاتن جي سخت ضرورت هئي. بهرحال آمريڪا جي هڪ ڪمپنيءَ جي هن نيلام ۾ جيت ٿي، جنهن هن جهاز کي ان وقت کان لانگ بيچ، ڪئليفورنيا ۾ اچي بيهاريو. هن جي مرمت ۽ تبديليون ڪري منجهس ريسٽورينٽون، ميوزم ۽ ڪئسينو ٺاهيا ۽ 1971ع کان اڄ تائين دنيا جا ٽوئرسٽ، هن ”هڪ هنڌ بيٺل“ جهاز تي گهمڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. منجهس W6RO (وسڪي سِڪس روميو آسڪر) نالي FM ريڊيو اسٽيشن به آهي.

1967ع ۾ ڪُئين مري جهاز جي سروس بند ڪرڻ بعد، سندس ٻئي ساٿي جهاز ”ڪُئين ايلزبيٿ“ کي به ٻئي سال (1968ع) کان سروس مان ڪڍيو ويو. پر ڪُئين ايلزبيٿ پراڻي جهاز جي سروس ختم ڪرڻ بعد، ساڳي نالي سان نئون جهاز ٺاهي 1969ع کان شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي. پراڻو ايلزبيٿ فلڊلفيا (USA) جي هڪ سوداگرن جي ٽولي خريد ڪري، ان کي فلوريڊا جي بندرگاهه Port Everglades ۾ اهڙيءَ طرح هوٽل ڪري رکيو، جيئن ڪئليفورنيا ۾ ڪُئين مئري آهي. پر بدقسمتيءَ سان ايلزبيٿ جهاز تي باهه جا ڪجهه اهڙا حادثا ٿيا جو مالڪ گهٻرائجي ويا ۽ 1970ع ۾ هانگ ڪانگ جي هڪ تمام امير چيني سيٺ C.Y.Tung کي وڪڻي ڏنائون. هانگ ڪانگ جو هي چيني همراهه مسٽر ٽُنگ ”اورينٽ اوور سيز لائين“ جهازران ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر به آهي، هُن هِن جهاز کي هلندڙ چلندڙ يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ هن جهاز جو نالو ڪُئين ايلزبيٿ ڊهرائي “Sea wise University” رکيو.

جهاز ۾ ليڪچر روم، لئبرريون ۽ ٻيون شيون ٺهڻ دوران، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن مرمت هيٺ آيل جهاز کي مختلف هنڌن تي باهه اچي لڳي، جيڪا باهه بعد ۾ دهشتگردي (Arson) سمجهي وئي. جيتوڻيڪ هي جهاز تانگهي پاڻيءَ ۾ بيٺو هو، پر باهه جي ڪري اونڌو ٿي ويو. هيءَ 1972ع جي ڳالهه آهي. جهاز سال ٻه ان اونڌيءَ پوزيشن ۾ ئي رهيو. 1973ع ۾ ٻه ٽي دفعا اسان جي ۽ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن جو به هانگ ڪانگ ۾ اچڻ دوران، هن اونڌي ٿيل ڪُئين ايلزبيٿ جي ڀرسان بيهڻ ٿيو ۽ اسان هن جهاز جي زنگ لڳل جسم (Hull) ۽ ان تي ٽهيل سپن، کيکڙن ۽ ڪيترن سامونڊي ڪينئن ماڪوڙن جي ٺهيل گهرن ۽ سامونڊي گاهه (Sea growth) کي ڏسي، ننڍپڻ جو پڙهيل اهو شعر ياد ايندو هو ته: ”کھنڈرات بتاتے ہیں عمارت عجیب تھی“ هي اهو شان شوڪت وارو جهاز هو جنهن تي سڄي برطانيه کي فخر هو ۽ فقط ڏهه سال اڳ 1963ع ۾ تعليم دوران ”مئرين اڪيڊمي، چٽگانگ“ جي ڪلاس روم ۾ “Ship construction” جي پيرڊ ۾، انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن، هن جهاز جي بناوت ۽ شان بابت ليڪچر ڏيندو هو. ”اڄ اهو جهاز ٽنگون ٽيڙي اونڌو ٿيو پيو آهي. رات جي وقت ته هن تي ڪا ميڻ بتي به نٿي ٻري. روشنين جي شهر جهڙي هن سمنڊ تي ترندڙ جهاز تي، هاڻ رات جي وقت اهڙي ته اونداهه ڪارونڀار رهي ٿي، جو ان جي ڀرسان ٻيڙيءَ ۾ لنگهندي ڊپ ٿو ٿئي.“ مٿيون سٽون منهنجي 1973ع واري ڊائري جي هڪ صفحي تي لکيل آهن، جيڪي سٽون مون هانگ ڪانگ ۾ لنگر انداز ٿيل جهاز ايم وي چناب تي لکيون هيون. 1975ع جي شروع وارن مهينن ۾ هن جهاز کي اتي ئي اسڪرئپ ڪيو ويو يعني سندس لوهي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، رديءَ جي اگهه تي ڪباڙين کي وڪيو ويو.

توهان جي جيمس بانڊ جي فلم The man with the Golden gun ڏٺي آهي ته ان ۾ هن اونڌي ٿيل ”راڻي ايلزبيٿ“ جهاز کي ضرور ڏٺو هوندوَ. هيءَ فلم 1974ع ۾ ٺهي هئي ۽ هن جهاز کي MI6 جو هيڊ ڪوارٽر ڏيکاريو اٿن.

”ڪُئين مئري“ جهاز به ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر اچي ٿو، خاص ڪري Pearl Harbour نالي فلم ۾. هن جهاز جي سروس مان نڪرڻ بعد هن نالي سان يڪدم ٻيو جهاز نه ٺهرايو ويو. ”ڪُئين مئري ٽو“ نئون جهاز جيڪو فقط “QM2” به سڏجي ٿو، 2003ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ دنيا جو وڏو، ڊگهو ۽ ويڪرو پاڻيءَ جو مسافر جهاز آهي. QM2 پئسينجر جهاز تي سفر ڪندڙن لاءِ 15 ريسٽورنٽون ۽ بار (Bars) آهن. ان کان علاوه پنج سئمنگ پول، هڪ ڪسينو، هڪ ڊانس هال (Ballroom)، هڪ سئنيما هال ۽ ٿيٽر ۽ هڪ Planetarium آهي. جهاز کي هلائڻ لاءِ گئس ٽربائين ۽ ڊيزل انجڻيون ۽ چار پروپيلر آهن. هي جهاز انگلينڊ کان آمريڪا هلي ٿو.

QM2 پنهنجو پهريون سفر (Maiden Voyage) 12 جنوري 2004ع تي انگلينڊ جي بندرگاهه Southampton کان فلوريڊا ڪيو. هي جهاز اٺاويهين اولمپڪس ۾، جيڪي اٿينس (يونان) ۾ ٿيون، جهاز هوٽل طور يونان جي بندرگاهه Piraeus ۾ وڃي لنگر انداز ٿيو هو، جنهن تي برطانيه جو وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ هن جي زال چيري، فرانس جو صدر Jacques Chirac، موجوده بش جو والد جارج ايڇ. ڊبليو بش ۽ آمريڪا جي باسڪيٽ بال ٽيم جا رانديگر ۽ ٻيا اهم ماڻهو، هن جهاز تي اولمپڪ راندين دوران ٻه هفتا رهيا.

گذريل سال QM2 سڄي دنيا جي چوڌاري 81 ڏينهن جي ٽرپ لڳائي. رستي تي سڊني (آسٽريليا) ۾ هن جهاز جي ڪمپنيءَ جي جهاز راڻي ايلزبيٿ سان به گڏجاڻي ٿي. هي پهريون دفعو هو جو هنن ٻن جهازن جي هڪ بندرگاهه ۾ ملاقات ٿي. هن کان اڳ 1941ع ۾ پراڻي مئري ۽ پراڻي ايلزبيٿ جهاز جي ملاقات هڪ بندرگاهه ۾ ٿي هئي، جڏهن هنن جهازن پئسينجر بدران فوجي پئي ڍوئيا.

مٿيان جهاز مئري ۽ ايلزبيٿ ڪنارڊ ڪمپنيءَ جا هئا. ڪنارڊ ڪمپني، انگلينڊ جي هڪ ٻي جهازران ڪمپني وائيٽ اسٽار لائين سان ملي، بزنيس ڪري ٿي. وائيٽ اسٽار لائين 1870ع کان وٺي پئسينجر جهازن کان مشهور آهي. هن جي ڪيترن ئي جهازن جي نالن جي آخر ۾ “ic” اچي ٿو، جيئن ته Oceanic جيڪو جهاز 1870ع ۾ ٺهيو ۽ ساڳي سال هڪ ٻيو جهاز ائٽلانٽڪ پڻ ٺهيو. اهڙي طرح ڪجهه ٻين جهازن جا نالا هن ريت آهن: ايشياٽڪ، ريپبلڪ، ٽراپڪ، ٽرئفڪ،

عرئبڪ، ميجسٽڪ، مئگنيٽڪ، ٽائٽينڪ، برٽيانڪ وغيره وغيره.

انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا ويهين صديءَ جا مشهور ۽ پنهنجي زماني جا سهڻا جهاز، جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ تي هليا ٿي، سي هئا:

ڪئنبرا (1961ع جو جهاز)، ايمپريس آف ڪئناڊا (1960ع)، مائيڪل اينجلو (1965ع)، ماريطانيا (1939ع)، نارمنڊي (1935ع)، ايمپريس آف جپان (1930ع)، يورپا (1930ع)، سئڪسونا (1900ع)، ڪولمبس (1903ع)، لوسيتانيا (1907ع)، آمريڪا (1905ع)، اولمپڪ (1911ع) وغيره وغيره...

                                                                                  

 

هو ورڪرافٽ، ڪئٽا ماران ۽ جناتي جهاز

ڏٺو وڃي ته جهازن جا اڃا به ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته Cable layer (جيڪي سمنڊ جي تري ۾ ٽيليفون جون تارون وڇائين ٿا)، جنگي جهاز (فريگيٽ، مائين سئيپر، سب مئرين، ايئر ڪرافٽ ڪئريئر وغيره)، ڊريزر (Dredger) جيڪي رڳو بندرگاهه وٽ ئي هلن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ گڏ ٿيندڙ مٽي ۽ ريتي ڪڍي، ان کي اونهو ڪندا رهن ٿا. سروي جهاز جيڪي نقشا ٺاهين ٿا، ٽرالر، ٽگ بوٽ (جيڪي وڏن جهازن ۽ بارجن کي ڇڪين ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان لڳي بيهڻ ۾ مدد ڏين ٿا)، سپلاءِ شپ، ڪوسٽر وغيره وغيره، پر هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ فقط ٻن جو مختصر ذڪر ڪنداسين: هڪ هوور ڪرافٽ ۽ ٻيو ڪاٽاماران (Catamaran) جو.

هوور ڪرافٽ

”هوور ڪرافٽ“ جهاز لاءِ پنهنجي هڪ ڪتاب ”يورپ جا ڏينهن“ ۾ لکي چڪو آهيان ته، اهو خچر وانگر اڌ گهوڙو اڌ گڏهه آهي. هوور ڪرافٽ هوائي جهاز به آهي ته پاڻيءَ وارو جهاز به. هوور ڪرافٽ ۾ هوائي جهاز وانگر مسافرن ويهن ٿا ۽ کين سفر ۾، چانهه پاڻي يا ماني، جهاز جون هوسٽسون Serve ڪن ٿيون. هوور ڪرافٽ جي انجڻ هوائي جهاز وانگر ”جيٽ انجڻ“ آهي ۽ پاڻي واري جهاز وانگر هن کي پروپيلر (پاڻي ۾ ڦرندڙ پنکو) نٿو هلائي. هوور ڪرافٽ گهڻو ڪري سمنڊ مٿان هلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن خشڪي مٿان به. بيٺل حالت ۾، اهو بندرگاهه ۾، سمنڊ تي به بيهي ٿو ته خشڪي تي به.

دراصل هُوور ڪرافٽ جهاز ”پاڻيءَ جي جهاز“ واري اصول تي نه، پر هوائي جهاز جي اصول تي هلي ٿو. جيٽ انجڻ ۾ هوا جي Suction ڪري اڳتي وڌي ٿو. اهي انجڻيون ايڏيون طاقتور نه آهن جو هن کي مٿي کڻي وڃن ۽ نه وري هوور ڪرافٽ جي بيهڪ هوائي جهاز جهڙي آهي، جو هن کي مٿي چڙهڻ ۾ آساني ٿئي. بهرحال اهو ڪافي رفتار سان اڳتي ڌڪجي ٿو. ٻي ڳالهه ته هن جهاز ۾ ايئر ڪمپريسر، جهاز جي تري ۾، لڳاتار هوا خارج ڪن ٿا، جنهن ڪري هي جهاز سطح سمنڊ يا ڌرتيءَ کان ٿورو مٿي کڄيو وڃي. سمنڊ کان ٿورو مٿي کڄڻ ڪري رفتار به سٺي ٿي رهيس، نه ته پاڻيءَ مٿان هجڻ ڪري پاڻيءَ جو Resistance هر جهاز جي رفتار گهٽائي ڇڏي ٿو.

جهاز جي تري هيٺان هوا کي يڪدم Leak ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، جهاز جي تري جي چوڌاري، رٻڙ جو چار پنج فٽ بارڊر رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته عام پاڻيءَ واري جهاز جي رفتار وڌائڻ لاءِ ڪيترو به کڻي تيل ٻارجي، مقرر حد کان وڌي نٿي. انجڻ جي رفتار وڌائڻ سان پروپيلر جي رفتار ضرور وڌندي، پر ساڳي وقت پروپيلر ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جي وچ ۾ خال (Cavitation) ٿيڻ ڪري جهاز ويتر گهٽ رفتار سان چُرندو. پر هوور ڪرافٽ ۾ هڪ ته جيٽ انجڻ آهن ۽ ٻيو ته هوور ڪرافٽ پاڻيءَ ۾ ترڻ بدران فٽ ٻه مٿڀرو هوا ۾ هلي ٿو. ان ڪري هوور ڪرافٽ جي جيتري توهان رفتار وڌائيندئو اوترو ئي اڳيان وڌندو. هوور ڪرافٽ گهڻي پاڻيءَ ۾ به هلي سگهي ٿو ته گهٽ پاڻيءَ ۾ به- ايتريقدر جو اهو سمنڊ تان ڪناري تي به اچي سگهي ٿو ۽ خشڪيءَ تي به هلي سگهي ٿو. هڪ دفعي مونکي هيلسنڪي (فن لئنڊ) کان پنهنجي يونيورسٽي واري شهر مالمو پهچڻو هو. مونکي اتي جي حڪومت طرفان جيڪو Passage مليو هو، اهو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) کان هو. يعني فن لئنڊ جي قومي هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز ۾، مونکي هيلسنڪيءَ کان ڪوپن هيگن اچڻو هو جتان هوور ڪرافٽ ذريعي مالمو جي بندرگاهه ۾ پهچڻو هو. اسان جي هوائي جهاز جيئن ئي ڪوپن هيگن ۾ لئنڊ ڪيو ته، اسان کي ٻُڌايو ويو ته مالمو ويندڙ مسافرن کي بندرگاهه وڃڻ جي ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي ئي انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندن سامان آٽوميٽيڪلي شفٽ ٿي ويندو.

هوائي جهاز مان لٿاسين ته سامهون ئي هوور ڪرافٽ هو، جنهن ۾ اچي ويهي رهياسين. دل ۾ مون سوچيو ته هوور ڪرافٽ جو اهو وڏو سک آهي، نه ته ڪلاڪ کن گهٽ ۾ گهٽ ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ مان نڪرڻ ۾ لڳي ها ۽ جيسين هڪ هڪ جي پاسپورٽ تي اميگريشن وارا ٺپا هڻن ۽ ڪسٽم وارا سامان چڪ ڪن. ۽ پوءِ ٽئڪسيءَ جا ڳرا ڀاڙا ڀري بندرگاهه ۾ اچڻو پوي ها. پر هاڻ انهن سڀني مشڪرين کان جان ڇٽي وئي. پنڌهن منٽن ۾ سامان چڙهي ويو ۽ اهو ڏسي حيرت پئي ٿي ته هڪ پاڻيءَ جو جهاز بنا Propeller ۽ بنا ڦيٿن جي زمين مٿان هلي رهيو آهي. دراصل هوور ڪرافٽ جنهن جي شڪل پاڻيءَ واري جهاز وانگر آهي، جنهن جي انجڻ ۽ هلڻ جو اصول هوائي جهاز وانگر آهي، اهو سمنڊ جي سطح يا خشڪيءَ کان ٻه چار فٽ مٿڀرو اُڏامي ٿو. ان ڪري هوور ڪرافٽ لاءِ ڪچي يا پڪي رستي جي به ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ سعودي عرب جي بيابانن ۾ به هلي سگهي ٿو، بلڪ مون ٻُڌو آهي ته سعودي عرب جي آرميءَ وٽ ڪيترائي هوور ڪرافٽ آهن. هوور ڪرافٽ جي ٻي مزي واري ڳالهه اها آهي ته هن ۾ ”سي سڪنيس“ نٿي ٿئي. ڇو جو Sea sickness تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ڪري جهاز لُڏي ٿو يعني Rolling ۽ Pitching ڪري ٿو. پر جيئن ته هي هوور ڪرافٽ سمنڊ تي هلڻ ۽ لُڏڻ بدران، سمنڊ جي مٿاڇري کان گهڻو مٿي ۽ هوائي جهاز وانگر سڌو ئي سڌو وڃي ٿو، ان ڪري هوور ڪرافٽ جي مسافرن کي سي سڪنيس بنهه نٿي ٿئي، نه ته سئيڊن جي سخت سياري واري موسم ۾، جڏهن هتي جو بالٽڪ سمنڊ مڇريل رهي ٿو، تڏهن مالمو کان ڪوپن هيگن عام فيرين ۾ ويندڙ مسافرن جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڇو جو فيريون ۽ ٻيا جهاز ته سمنڊ جي ڇولين جي رحم و ڪرم تي هوندا آهن.

ڪئٽاماران

هتي هڪ ٻئي، جنهن پاڻيءَ واري جهاز جي ڳالهه ڪري چاهيان ٿو، اهو ڪئٽاماران (Catamaran) آهي. هي جهاز جيڪو اڄڪلهه يورپ پاسي مشهور آهي، اهو دراصل ڏکڻ هندستانين جي پراڻي ايجاد آهي. جيئن ڌائو ٻيڙي ڪويت پاسي جي Specialty آهي، بتيلو سنڌ جي آهي، تيئن ڪئٽاماران سائوٿ انڊيا جي صوبي تامل ناڊو جي. ويندي ڪئٽاماران تامل زبان جو لفظ Kattu معنيٰ ٻڌڻ ۽ Maran معنيٰ ڪاٺ يا وڻ مان نڪتل آهي.

”ڪئٽاماران جهاز“ ٻن وڏن ٻيڙن کي هڪ ٻئي سان ملائي، يعني ڪئتو ڪري (ٻڌي) ٺاهيو وڃي ٿو. ڪئٽاماران پهرين سڙهن تي هلندڙ جهاز هئا، هاڻ اهي انجڻ سان به هلن ٿا. اڳئين زماني ۾ هي جهاز تامل ناڊو ۾ رهندڙ هڪ مهاڻن جي ڪميونٽي پاراوا استعمال ڪندي هئي ۽ جيئن ڪويت پاسي جي ڌائو فقط ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين محدود هئي، تيئن هن قسم جي ٻيڙي به فقط انڊيا جي ڏکڻ واري ڪناري جي سمنڊ تي هلي ٿي ۽ وڌ ۾ وڌ سريلنڪا ۽ لکديپ ٻيٽن تائين وئي ٿي.

ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ منهنجو سريلنڪا جو تامل ڪُليگ، پروفيسر ڪئپٽن رڊرا ڪمار، جيڪو گذريل ڏهاڪو کن سالن کان، ڪئناڊا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ پڙهائي ٿو، اهو هنن ٻيڙن Catamaran لاءِ چوندو هو ته، تامل ناڊو صوبي جي ڪناري تي اهي تمام پراڻيون آهن، جن جو پنجين عيسوي صديءَ کان رڪارڊ موجود آهي، جڏهن ڏکڻ هندستان تي ”چولا گهراڻي“ جو راڄ هو. انهن ڏينهن ۾ تامل ناڊو صوبي جا سپاهي، انهن ٻيڙين رستي، ڏکڻ اوڀر جي علائقن برما، ملايا ۽ انڊونيشيا فتح ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جي ڏاکڻين رياستن پرلس، ڪيداح وغيره ۾ تن ڏينهن جا تامل هندو مندر اڄ به موجود آهن.

هنن ٻيڙن Catamaran جو انگريزي ڪتابن ۾، پهرين انگريز سياح وليم ڊئمپيئر ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي 1690ع ۾ سفر دوران هي ٻيڙا انڊيا جي ڏاکڻي ڪناري ۽ خليج بنگال ۾ نظر آيا، جڏهن هي ٻيڙا ٻه ننڍيون ٻيڙيون يا ٻن ٽن بُنڊن کي ملائي ٺاهيا ويا ٿي. هو پنهنجي 1697ع واري سفرنامي ۾ لکي ٿو...

“On the coast of coromandel, threy call them Catamarans. These are but one log or two… so small, that they carry but one man, whose legs and breech are always in water.”

 

غيباتي جهاز

آخر ۾ ٻه اکر ”غيباتي جهاز“ بابت به لکندو هلان، جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا پاسي Ghost ship سڏين ٿا. غيباتي جهاز (Ghost ship) فڪشن ۾ ئي ٻڌبو آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ته افسانوي Ghost ship اهو آهي جنهن تي ڪو به ماڻهو ڇيڻو نه هجي، ان ڪري حقيقت جي زندگيءَ ۾ پڻ اهڙا جهاز، جيڪي ٻُڏڻ جي ڊپ کان ان جو عملو ڇڏي وڃي ٿو، انهن کي پڻ غيباتي جهاز سڏجي ٿو. 1990ع ۾ برازيل جي اوڀر واري ڪناري وٽ Fisah Ketsi نالي هڪ جهاز رڙهندو نظر آيو، جنهن ۾ ڪوبه بني بشر نه هو. سندس سامان جا سمورا هئچ (گگدام) کليل نظر آيا. اهڙي طرح 2003ع ۾ آسٽريليا جي ڀرسان High Aim 6 نالي هڪ جهاز بنا ماڻهن جي ڏٺو ويو. باوجود ڳولا جي هن جهاز جي عملي جو هڪ ماڻهو به ملي نه سگهيو.

گذريل سال (2006ع) ۾ ته اهڙا ٻه Ghost ship نظر آيا. هڪ تيل بردار ٽئنڪر جهاز Jian Seng جيڪو پڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي نظر آيو ۽ ٻيو ڀؤنچ سمنڊ ۾ اٽليءَ وٽ Bel Amica جهاز نظر آيو. ان جي به اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته، ان کي هلائڻ وارا ڪير هئا. هنن جهاز ڇو ڇڏيو ۽ ڪيڏانهن هليا ويا.

غيباتي جهازن Ghost ships بابت افسانا ۽ ناول ته آهن، پر ڪجهه فلمون به ٺهي چڪيون آهن. سڀ کان گهڻي مشهور فلم Pirates of Caribbean آهي، جيڪا والٽ ڊزني پڪچرز وارن، 2003ع ۾ رليز ڪئي هئي. ان کان اڳ 2002ع جي هڪ ڊپ واري Horror Film ”دي گهوسٽ شپ“ آهي، جيڪا اٽليءَ جي هڪ رول جهاز Antonia Graza بابت آهي، جيڪو 1960ع ۾ غائب ٿي ويو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: