سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :1

سنڌباد جو سفر

علي بابا

 

مھاڳ

مون تمام ننڍڙي وھيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، ڏھن ٻارھن سالن جي عمر ۾. ان وھيءَ ۾ اديب بنجڻ جو مون وٽ چٽو، پختو ۽ واضح خيال ھو. مون وٽ ڪڏھن بھ وڏو آفيسر، انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نھ ھو. اديب ٿيڻ جي شونق ۾ آئون پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو ھئس. ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ ايندي ھئي تھ پنا ڦاڙي وري نئين سر لکڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس. منھنجو اھو سلسلو سالن جا سال ھليو. چاچو ڀٽو خان سنڌي ۽ گورمکي لکي پڙھي سگھندو ھو. سندس ٻئي ڄنگھون گوڏن کان مٿي وڍيل ھيون. ٺيڪيداري ڪندو ھو. سڄو حساب ڪتاب گورمکي ٻوليءَ ۾ ھو. مون سان ڏاڍي دل ھيس. پٽ ڪونھ ھئس، ان ڪري مان سندس حوالي ھئس. مون اکيون ئي سندس ڪڇ ۾ پٽيون ھيون. مان سمھندو ئي ساڻس گڏ ھئس. روب تاب وارو ماڻھو ھو. اخبارون ۽ ناول وڏي شونق سان پڙھندو ھو ۽ فلمون بھ گھڻيون ڏسندو ھو. وڏي حيرت انگيز شخصيت جو مالڪ ھو. ايڏو ارڏو خوددار ماڻھو اڄ تائين منھنجي نظر مان نھ گذريو آھي. منھنجا لکيل ڪاڳر وڏي دلچسپيءَ سان پڙھندو ھو. منھنجي ماءُ کي چوندو ھو تھ علي محمد ھڪ ڏينھن تمام وڏو ماڻھو ٿي ويندو. شاھ لطيف وارا ڪم اٿس. الله خير ڪندو ۽ سدائين منھنجي ھمٿ افزائي ڪندو ھو.

مان وڏو ماڻس ٿيس يا نھ؟ پر اڄ مان اديب آھيان ۽ گذريل چاليھن ٻائيتاليھن سالن کان لڳاتار لکي رھيو آھيان ۽ وڏن لاءِ لکي رھيو آھيان. ان سڄي عرصي ۾ مون وٽ ننڍڙن ٻارڙن لاءِ لکڻ جو تصور ئي نھ آيو! مون ڪڏھن بھ ٻارڙن جو ادب نھ لکيو. بلڪھ سوچيو ئي نھ. انھيءَ جو نفسياتي سبب ڇا ٿي سگھيو ٿي؟ ڇا ٻارڙن لاءِ ھر ڪوئي لکي سگھي ٿو؟ مان سمجھان ٿو تھ اِھا ڳالھھ مون سان لاڳو نھ ھئي.

چاچي ۽ امان مون کي الاھين ڪھاڻيون پڙھي ٻڌايون ھيون، جي آئون وڏي شونق سان ٻڌندو ھئس ۽ پڙھڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس، جھڙوڪ: حاتم طائي، قصو چئن درويشن جو، يوسف زليخا، سيف الملوڪ، عمر عيار، امير حمزو، سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالھھ، ممتاز دمساز ۽ ٻيون جنن پرين جون ڪيتريون ئي آکاڻيون. ان کان سواءِ مون ٻارڙن جون ڪيتريون ئي فلمون ڏٺيون ھيون، جھڙوڪ: صابوءَ واري بغداد جو چور، گليور جو سفر، علي بابا ۽ چاليھھ چور، چور شھزادو، اونداھو آفريڪا، يوليسيس، ٽارزن، ڪيپٽن مارول، سپرمين، شھزادو جيسين ۽ سنڌباد سيلاني ۽ ٻيون اھڙيون ڪيتريون ئي فلمون. اھي فلمون، ناول ۽ ڪھاڻيون اڄ بھ مون کي ايترو ئي وڻندا آھن، جيترو وڏن جو ادب. اڄ تائين مون کي ٻارڙن لاءِ فلمايل ڪلاسڪز، ڪامڪز ۽ جادوئي ڪھاڻيون وڌيڪ وڻنديون آھن. اھي ڪھاڻيون ڪيڏي محنت ۽ خرچ سان فلمايون وينديون آھن، انھيءَ جو اسين تصور بھ نٿا ڪري سگھون. اھي ذھن تي ڇانئجي ويندڙ فئنٽاسيز آھن، جيڪي فقط سجاڳ ۽ آزاد قومن جي ٻارڙن جو ورثو ئي ٿي سگھن ٿيون. مون کي عجب لڳندو آھي تھ ايڏي پسنديدگيءَ جي باوجود بھ مون ٻارڙن لاءِ ڇو نھ لکيو؟ اڄ جڏھن سوچيان ٿو تھ اھا ڳالھھ اڄ مون کي عجب جھڙي پئي لڳي.

گذريل سال اڪبر جسڪاڻي جي زور ڀرڻ تي مون ”گل ڦل“ رسالي لاءِ ھڪ ڪھاڻي لکي، پر مون جلد محسوس ڪيو تھ اھا ڪھاڻي ٻارڙن جي نھ آھي. مون موھن ڪلپنا جو ٻالڪ – ناول ”سرڳ جي ڳولا“ بھ پڙھيو. موھن ڪلپنا جي انھيءَ ناول کي اسين سنڌي ٻوليءَ جو شاھڪار ناول تھ چئي سگھون ٿا، پر ٻالڪ – ناول نٿا چئي سگھون. اھو ناول مون کي ٻارڙن بدران وڏن جو ناول لڳو ۽ مون شدت سان محسوس ڪيو تھ ٻارڙن لاءِ لکڻ بلڪل ھڪ جدا فن آھي. ليکڪ ڀلي ڪيڏو بھ وڏو ڇو نھ ھجي، ضروري نھ آھي تھ اھو ٻارڙن جو ادب بھ اوڏو ئي ڀرپور انداز سان لکي سگھي. شايد شروع کان وٺي شعوري طور مون کي ان ڳالھھ جو اندازو ھو تھ ٻارڙن لاءِ لکڻ تمام ڏکيو ۽ رت ولوڙيندڙ ڪم آھي. ٻارڙن جو ادب لکڻ لاءِ ٻار ٿي وڃڻ اولين شرط ھوندو آھي.

مون ھي ٻالڪ ناول ”سنڌ باد جو سفر“ نومبر 1992ع کان لکڻ شروع ڪيو. سچ تھ انھيءَ ناول مون کي ڇٺيءَ جي تڃ ياد ڏياري ڇڏي. پوءِ بھ مان محسوس ڪريان پيو تھ مان ان ناول سان بلڪل نڀائي نھ سگھيو آھيان. ڪٿي تھ برابر مون انھيءَ ناول کي ھڪ ننڍڙي ٻار جيان لکيو آھي تھ ڪٿي وڏو ماڻھو ٿي ويو آھيان. ڪٿي ٻولي ٻاراڻي آھي تھ ڪٿي عللي بابا جو قلم ھلي ويو آھي. سڄي ناول ۾ مون پاڻ کي وچ ۾ لڙڪندو محسوس ڪيو آھي. ان ڪري اھا ڳالھھ ٻارڙن تي ٿو ڇڏيان تھ ھو انھيءَ ڳالھھ کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن؟ ناول ۾ مون سنڌ باد سيلانيءَ کي سنڌي ڏيکاريو آھي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم تھ باقي سڀ ڪردار بھ سنڌ سان تعلق رکندڙ ھجن! جيئن ھوٿل پري، گوڪل ديو، پاراشر رشي تھ جيئن ناول اصلوڪو ۽ سنڌي لڳي. سڄي ناول ۾، مون ڪٿي بھ ڪردارن ھٿان رت وھائڻ جي ڪوشس نھ ڪئي آھي. حقيقي زندگيءَ ۾ سنڌ ۾ ايترو تھ رت وھايو ويو آھي، جو ان جي گنجائش ئي نھ رھي آھي. اسان پنھنجن ٻارڙن کي ڪتابن ۾ بھ رتو ڇاڻ ڏيکاريون تھ سنڌ باد جي تلوار جي ھڪ ڌڪ سان ٻن سرين واري راڪاس جون ٻئي سسيون پري وڃي ڪريون.

ھن سڄي ناول ۾ مون رڳو پيئڻ بلا کي باز ھٿان مارايو آھي. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ ان کي بچايان، پر پيئڻ بلا کي ڪو عزرائيل کنيو بيٺو ھو ۽ مان کيس بچائڻ ۾ ناڪام رھيس. سچ، ان ڳالھھ جو مون کي افسوس آھي. مان ٻئي پارٽ ۾ ڪوشش ڪندس تھ ائين نھ ٿئي.

مون کي يقين آھي تھ ھي ناول الاھين ڪچاين جي باوجود بھ سنڌ جي ٻاررن توڙي پوڙھن کي گھڻو پسند ايندو. جيتوڻيڪ ھي ناول سنڌباد سيلاني جو پھريون ڀاڱو (Part One) آھي، پر پنھنجي جڳھھ تي مڪمل آھي. جي ٻارڙن کي منھنجي اھا ڪوشش وڻي تھ مان انھيءَ جو ٻيو حصو جلد پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

سنڌي ٻارڙن جي ادب لاءِ منھنجي اھا پھرين ڪوشش آھي. مون انھيءَ ڪم کي چئلينج طور قبول ڪيو آھي. سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ انھيءَ جا ٽي باب ھلي چڪا آھن. ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا ھجن ھا تھ آئون ان تي آزاد ٿي لکان ھا ۽ آرٽسٽ کان پنھنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺھرائي ناول ۾ سھڻي نموني ڏيان ھا تھ ناول وڌيڪ اثرائتو ٿي پوي ھا.

ڇپائيءَ ويل تصويرن جو مسئلو پئدا ٿي ويو. پرآڻن رسالن مان جيڪي تصويرون تڙ تڪڙ ۾ ملي سگھيون، اھي ڏنيون اٿئون. ايترا پئسا اسان وٽ نھ ھئا جو پنھنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺھرايون.

ھي ڪتاب ڇپائڻ ويل ڪمپيوٽر آپريٽر راڻو ميگھواڙ جو آئون نھايت شڪر گذار آھيان، جنھن مون سان ڇپائي ويل ڏاڍو تعاون ڪيو ۽ سڄي ڪمپوز ٿيل ڪتاب ۾ نئين سر تصويرن لاءِ جڳھھ ڇڏيائين. اھو وڏي محنت جو ڪم ھو. سچ، راڻو ميگھواڙ جو مان انتھائي شڪر گذار آھيان. چوندا آھن تھ جڙي کي جس آھي. جو ڪجھھ بھ آھي، ڪتاب اوھان آڏو حاضر آھي. منھنجي ھيءَ محنت ٻارڙن کي وڻي تھ آئون انھيءَ کي قدرت پاران وڏو انعام سمجھندس.

علي بابا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org