سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :1

باغ ۽ باغباني

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم

 

 

ناشر طرفان ٻه لفظ

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بر وقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي، پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي؛ هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايه موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.

زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهين به ائين بي درديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن، ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سوَن اهڙن بي مثال سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نه ٿا اچي سگهن ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪو نه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهريءَ ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واري وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀ ڪو سمجهي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ  طرفان ستاويهه ڪتاب: گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الانشا، گل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت، سڀا جو سينگار ، خود ياوري، دلا رام، مقالات الحڪمت، تحفته النسوان، شاهه ايليا، فيروز دل افروز، نيڪي ۽ بدي، ٽي گهر، سچي محبت، گلن جي ٽو ڪري، گليور جو سير ۽ سفر، ٽئلسمن عرف غازي صلاح الدين ۽ دلپسند قصا اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي اٺاويهون ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي خاص اشاعتي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سرنو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو ويو آهي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن بورڊ کي سال ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن. جنهن مان عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪو نه ٿو پڌرا ڪري، بلڪه انهن کي لائق اديبن جي هٿان نئين سر سڌاري، طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتري قدر، جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هيءُ پروگرام ڪافي وسيع آهي ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه سئو قديم خواهه جديد _ مگر ناياب ٿيل ___ ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا به هي خواه، بورڊ جي هن ڪوشش کي همٿائيندا ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا.

 

حيدرآباد سنڌ                 محمد ابراهيم جويو،

مارچ 1960ع                 سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

ديباچو

هن ملڪ ۾ باغ رکڻ، توڙي کيتي ڪرڻ، جي نسبت ۾ ڪو گهڻو سڌارو ڪو نه ٿيو آهي. ڏيهي ماڻهن مان جيڪي سکر ۽ وڏي درجي وارا آهن، تن کي انهيءَ ڪم جو سچو پچو شوق ڪونهي، جن جو وري اهو ڌنڌو ٿي رهيو آهي، تن کي انهيءَ مان گذران لاءِ ايترو اپراسو نه آهي، جو اُن ۾ پنهنجو وڌيڪ وقت لڳائين ۽ ان جي سڌاري لاءِ زياده خيال ڏين. انهيءَ ڪري ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪي گل وٽن بَرک آهن، سي تمام ٿورا آهن ۽ اهي به ڪي سونهن يا عمدائي ڪري پسند نه آهن، پر فقط ڪم ٽپائڻ لاءِ جهڙوڪ سهرا يا هار ٺاهڻ، عرق ڪڍڻ، قبرن ۽ ٻين پاڪ جاين تي رکڻ. اهڙيءَ طرح وري جيڪي ميوا بازارن ۾ وڪري لاءِ اچن ٿا، سي به تمام عام ۽ سادي قسم جا آهن. جهڙوڪ؛ انب، زيتون، ڪيوڙا وغيره. اهو ساڳيو حال اٿن ڀاڄين توڙي اَن جي پوکن جو آهي. انهن سڀني ڳالهين جو سبب آهي، ڍرائي ڪرڻ ۽ ڌيان نه ڏيڻ ۽ سنڀال گهٽ ڪرڻ، گهڻو ڪري هتي جيڪي ميوه دار يا سايه دار وڻ آهن، سي پاڻهي ڄاوا آهن، يا جن جا ٻج سنڀال کان سواءِ اڇلايا ويا آهن ۽ ڄائي کان پوءِ به وڌندا، گهاٽا ٿيندا ۽ جهنگ ڪندا ويا آهن، ڪي هڪڙيءَ جنس جا ڪي ٻيءَ جنس جا ۽ انهن جي ڪنهن پوري سنڀال نه لڌي آهي.

سچ آهي ته ڪن دولتمند ڏيهي ماڻهن جا چڱا چڱا باغ آهن، جن ۾ عمدي قسم جا ميوه دار وڻ آهن ۽ جن جي ٿوري گهڻي سنڀال ڪئي وئي آهي، پر اهڙا باغ تمام ٿورا آهن، پر تن ۾ به گاهه، ڀاڄي، گلڪاري وغيره جي ڪا سٺائي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، نڪا ڪا اُستادي يا ڪاريگري يا محنت معلوم ٿئي ٿي.

گهڻن هنڌن ۾ هاڻي سرڪاري لوڪل فنڊ باغ ٺهي ويا آهن، جي يورپين آفيسرن جي نظر هيٺ رهن ٿا ۽ انهيءَ ڪري سڌريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن ۾ نموني لاءِ ضروري بندوبست سڀ ڪرڻ ۾ اچن ٿا ۽ اُتي ٻين ملڪن جا وڻ لڳايا ويا آهن ۽ ٻيجارا پوکايا ويا آهن، جي ٻين ماڻهن کي پنهنجن باغن لاءِ ملي سگهن ٿا، يا ته ٻاهران ٻج گهرائي ڏنلن فهمائشن موجب پوکڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ ڪري ٿورن ڏينهن کان البت انهيءَ ڪم ۾ سڌارو ٿيو آهي.

ٻنيءَ جي ڪم ۾ به ساڳي طرح ٿورن ڏينهن کان سڌارو شروع ٿيو آهي، جيئن ته حيدرآباد ۾ سرڪار ايگريڪلچرل اسڪول کوليو آهي، جتي زميندارن جا ٻار پوک جو هنر سکن ٿا. تنهن کانسواءِ ڪٿي ڪٿي سرڪاري آفيسرن جي معرفت ولايت جا سڌريل هَر ۽ نار ۽ ٻيا اوزار ڪم اچن ٿا ۽ ڪي ڪمائتيون ڪلون به اچي نڪتيون آهن.

هتي پوک ڪندڙن ۽ باغ رکڻ وارن باغائن يا مالهين جو ٿورو ذڪر ڪرڻ مناسب آهي. ياد رکڻ گهرجي ته جيسين ڪو ماڻهو پاڻ باغ جو داروغو يا مُک باغائي نه ٿيندو، تيسين چڱي باغ رکڻ جي اميد نه ڪرڻ کپيس. جو باغ رڳو باغائيءَ جي حوالي هوندو، سو هميشه خراب ۽ گنديءَ حالت ۾ هوندو. نڪي وري نوڪر کي يڪ دفعي سمجهاڻي ڏيڻ مان ڪي ورڻو آهي، نڪي چڙڻ ۽ ڪاوڙ ڪرڻ مان ڪي حاصل ٿيندو. مالڪ کي گهرجي ته پاڻ پنهنجي سر ذري پرزي تي وقت بوقت نظر رکندو رهي. جڏهن نوڪر ڏسندو ته ڌڻيءَ جو انهيءَ ڪم تي گهڻو شوق آهي، تڏهن هو پاڻ به زياده شوق سان ڪم ڪندو ۽ ڌيان ڏيندو. ڪي هندستاني مالهي باغ جي ڪم مان چڱا واقف ٿي ويا آهن، جو هو سرڪاري باغن ۾ رهيا آهن يا يورپي ماڻهن هيٺ ڪمايو اٿن. پر سنڌي باغائن اڃا ڪو به سڌارو ڪو نه ڪيو آهي، ڇا لاءِ جو سنڌ ۾ باغان جي مالڪن کي انهيءَ ڪم تي شوق ڪونهي، ۽ جيسين پاڻ اهو هنر نه ڄاڻندا، تيسين باغائن کي سندن ڪم ۾ ڪهڙي هدايت ڪري سگهندا؟

سهارنپور جي سرڪاري باغ ۾ مالهين کي سندن ڪم ۾ تعليم ملندي آهي، جنهن ڪري انهيءَ پاسي ماڻهن کي گهڻو فائدو پهتو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ به ڪو اهڙو بندوبست ٿيندو ته اميد آهي ته جلد هنرمند ۽ چالاڪ باغائي، باغن ۾ پکڙي پوندا، جنهنڪري هتي جا باغ سڌري پوندا.

پڌرو هجي ته باغ رکڻ ۽ ٻني پوکڻ بابت هن کان اڳي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو ڪتاب ٺهيل ڪو نه هو. هاڻي ٿورن ڏينهن کان جو اِنهيءَ هنر جو خيال هن ملڪ جي ماڻهن ۾ پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري اهڙي ڪتاب جو هئڻ تمام ضرور هو. اهڙي مضمون تي انگريزي ٻوليءَ ۾ گهڻائي چڱا چڱا ڪتاب ڇپيل آهن ۽ شايد هندستان جي ڪن ٻين ٻولين ۾ به لکيل آهن. انهيءَ ڪري ڪن دوستن جي صلاح سان مون اهڙي ڪتاب لکڻ ۾ هٿ وڌو.

هي ڪتاب ڪنهن خاص هڪڙي انگريزي ڪتاب جو ترجمو نه آهي، پر گهڻن ڪتابن تان ساڳئي مضمون بابت ضروري ڳالهيون ڪڍي گڏ ڪري، ان ۾ لکيون ويون آهن. هن ڪتاب لکڻ ۾ هيٺين صاحبن جي ڪتابن مان مدد ورتي وئي آهي. فرمنگر صاحب، ووڊرو صاحب، آبر ڪرامبي صاحب، نيئرن صاحب، ڊيلامر صاحب، لانڊا ليڪس صاحب، پاگسن صاحب ۽ مڊم لائوڊن صاحبه.

انهن مان فرمنگر صاحب وارو ڪتاب تمام مشهور آهي، تنهن ڪري اهو نموني لاءِ اڳيان رکيو ويو.

ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪيترائي ولائتي وڻ ۽ ٻوٽا هاڻي باغن ۾ نڪري پيا آهن، خواه ڀاڄين جا ، خواه ميون جا، خواه گلن جا، جن جو ٻج ولايت کان اچي ٿو ۽ هت پوکجي ٿو. اهڙن وڻن ۽ ٻوٽن جا نالا به انگريزي ۾ ڪم آندا ويا آهن ۽ سهولت لاءِ انهن جي الف بي وار فهرست پڇاڙيءَ ۾ ڏني وئي آهي، جنهن مان انگريزي ۽ ڏيهي نالن جي هڪدم خبر پئجي سگهندي.

اسان جو ارادو هو ته ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾، باغ بابت ذڪر ڪريون ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ٻنيءَ بابت، ۽ ڪتاب هڪڙو ٿئي. پر جڏهن رڳو باغ بابت هي ڪتاب وڏو ٿي ويو آهي، تڏهن ٻنيءَ بابت ٻيو ڌار ڪتاب لکنداسين.

 

لاڙڪاڻو

3 جنوري 1895ع             قليچ بيگ

 

 

 

قلم تازو _ آئون ڪرنيل آلفريڊ ميهو، ڪليڪٽر صاحب بهادر ضلعي شڪارپور جو، گهڻو شڪر گذار آهيان، جو انهيءَ صاحب هن ڪتاب لکڻ ۾ مون کي گهڻي مدد ڏني آهي.

 

باب پهريون

زمين يا مٽي ۽ ڀاڻ

فصل پهريون

آب هوا

سنڌ ۾ سياري يا سرديءَ جي موسم آڪٽوبر مهيني جي مهڙ کان شروع ٿئي ٿي ۽ مارچ جي پڇاڙيءَ تائين هلي ٿي. ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾ رات جو اڪثر پارا پوندا آهن، جي نازڪ وڻن ۽ پوکن کي ساڙي ڇڏيندا آهن. فيبروريءَ جي وچ ڌاري سيءَ ۽ پاري جي سختي لهي ويندي آهي. مارچ مهيني ۾ بهار جي موسم اچي ٿي ۽ تڏهن وڻ ٻوٽا سڀ ڦٽڻ ۽ وڌڻ لڳن ٿا. هنن ڏينهن ۾ جيڪي گونچ نڪرن ٿا، سي وري ايندڙ گرم موسم جي جهولن ۾ سڙي ويندا آهن. مئي مهيني ۾ ته رات جو توڙي ڏينهن جو گرميءَ جو زور رهندو آهي، جو سچو پچو اونهارو يا آرڙه تڏهن ٿيندو آهي. انهن ڏينهن ۾ باغن کي مئو پاڻي ڏيڻ گهرجي. وڻن کي رڳو هفتي کن تائين پاڻي نه پهچندو آهي ته سڪي ويندا آهن. اِهو گرميءَ جو زور هليو هلي ٿو، جيسين ڪ جولائي ۾ مينهن جا ٿورا گهڻا وسڪارا پون ٿا، پر اونهاري جي حد سيپٽمبر مهيني تائين آهي، پوءِ گرميءَ جو زور گهٽجڻ لڳي ٿو. مينهن کان پوءِ اڪثر سخت طوفان ۽ واچوڙا لڳندا آهن، جي وڻن کي پاڙون پٽي ڇڏيندا آهن.

آب هوا جي حالتن موجب هنر وارو باغائي پنهنجي ڪم جي رٿ ڪري ٿو. سياري وارن مهينن ۾ جيڪي نازڪ وڻ ٻوٽا آهن تن کي ڍڪيندو. جي وڻ وري ٿوري وقت تائين وڌڻ کان بيهي ويا هوندا ۽ ساهي کڻندا هوندا، تن کي پورو پنو پاڻي ڏيندو، جو انهن ڏينهن ۾ هنن جي پاڻي پيئڻ جي سگهه گهٽجي وڃي ٿي. خشڪي ۽ گرميءَ وارن مهينن ۾، جڏهن زمين روز بروز سڪندي ڏاڍي ٿيندي ويندي آهي، تڏهن ججهو پاڻي ڏيندو ۽ گُڏَ ڪندو، جو اُنهن ڏينهن ۾ وڻن جو وڌڻ ۾ منهن آهي، ۽ ميوا ڀرجڻ ۽ پچڻ لڳندا آهن. جڏهن سانوڻ يا مينهن جا ڏينهن ايندا، تڏهن چڪيون هڪڙي هنڌان ڪڍي ٻئي هنڌ رکندو ۽ ڏندڻ ۽ قلم هڻندو. انهن ڏينهن ۾ اِها به نظر ڪرڻي پونديس ته جيڪي ٻوٽا ڪونڊين ۾ رکيل آهن، سي ڍڪ ۾ يا ڪنهن ٻيءَ پناهه هيٺ رهن ۽ جيڪي زمين ۾ رکيل آهن تن جي پاڙن ۾ پاڻي بيهي ڪنو ٿي نه وڃي، اهڙن وڻن ۽ ٻوٽن کي گهڻو نقصان پهچندو.

 

 

 

فصل ٻيو

زمين يا مٽيءَ جا قسم

باغ جي زمين جهڙي هجي اهڙيءَ تي راضي رهي ڪم هلائڻ گهرجي. اَن ۾ اهڙا وڏا سڌارا ڪري ڪين سگهبا، جن جي ڪري ٻنيءَ جي پوک وارن کي وڏا فائدا ٿيندا آهن.

هن ملڪ ۾ اڪثر زمين، يا مٺي ۽ چيڪي مٽيءَ واري هوندي آهي، يا نرم ڀنجوءَ جهڙي هوندي آهي، يا ڪلراٺي ۽ کاري هوندي آهي، يا وارياسي ۽ خشڪ هوندي آهي. پهريان ٻه قسم باغ جي لاءِ چڱا آهن، تن مان به ٻيو قسم نرم ڀنجوءَ وارو بهتر آهي. پوين ٻن قسمن ۾ باغ رکڻ مشڪل آهي.

ڪونڊين ۾ وڻن ٻوٽن رکڻ لاءِ ڇٻراٽي زمين يا گاهه واري ميدان جي مٿاڇري مٽي رکڻ لاءِ ڇٻراٽي زمين يا گاهه واري ميدان جي مٿاڇري مٽي ڪم آڻيندا آهن، انهيءَ ۾ گاهه جي پاڙن ۽ پنن گڏجڻ ۽ ڳري وڃڻ ڪري، وڻن کي فائدو پهچندو آهي. جتي اهڙي چڱي مٽي ملي نه سگهي، اُتي بهتر هيئن آهي ته وڻن جا ڳچجيترا پن ۽ سنهڙيون ڪاٺيڙيون گڏ ڪري کلي هوا ۾ کڻي ڇڏجن، جيسين هو سڙي ڳري ڪاري يا ڀوري مٽي وانگي ٿي وڃن. پوءِ ان ۾ ٽي پتيءَ جيتري صاف اڇي واري گڏي ڪونڊين ۾ وجهجي يا وڻن جو ڇاڻو جيڪو انهن جي هيٺون گڏ ٿو ٿئي، سوئي ميڙي انهيءَ ڪم آڻجي.

تلاون جي تر واري مٽي به انهيءَ ڪم لاءِ چڱي آهي، پر حقيقت ڪري انهيءَ ۽ ٻاهر واري مٽيءَ جي وچ ۾ ڪو گهڻو تفاوت ڪونهي. رڳو ايترو آهي ته نباتاتي شيون ان ۾ به وڌيڪ موجود آهن تنهن ڪري زياده ڪمائتي ۽ فائدي واري آهي پر ان جو اثر يا فائدو ڪو گهڻي تائين نه ٿو هلي.

هن ملڪ جي باغن لاءِ درياهه ۽ واهن جي ڪنارن واري مٽي تمام چڱي چئبي. اُها اڪثر ڀوري يا پيليرڙي رنگ جي ٿيندي آهي. اُن ۾ چڱي مٽيءَ سان گڏ نباتاتي جزا به مليل آهن، جي جبلن ۽ ماٿرين جي وڻن ۽ ٻوٽن ۽ گاهن مان نڪري، ليٽن ۽ نين جي وسيلي وهي اچو ٿا گڏجن. دکن جي ڪاري مٽي به باغ لاءِ تمام چڱي آهي، پر ان ۾ ڀاڻ ملائڻ سان زياده سڌارو ڪري ٿو سگهجي. ان جي فصلن لاءِ زمين ۾ 10 في سيڪڙي کان وڌيڪ ڀاڻ ضروري آهي. تنهنڪري جنهن زمين تي گهڻا ورهيه ٻني ٿي آهي، سا باغ جي لاءِ ٿڪل ۽ ڪمزور چئبي. تنهنڪري ان ۾ ڀاڻ گڏڻ سان، خصوصاً ڪک ۽  گاهه پورڻ سان، ان کي سڌاري سگهجي ٿو.

ٻيو زمين کي سڌارڻ جو رستو آهي، هيٺ اونهون کوٽڻ يا ولڻ، جنهن ڪري وڻن جي پاڙن کي آسانيءَ سان پاڻي پهچي سگهي ٿو ۽ اهي سج جي تابش کان به بچي سگهن ٿيون. کوٽڻ ۽ وٺڻ جو ڪم هميشه خشڪ هوا ۾ ڪرڻ گهرجي. گرم موسم ۾ مهيني مهيني زمين اٿلائڻ گهرجي. نه ائين، ته جڏهن زمين ڪم اچڻي هجي تڏهن ٿورو وقت اڳي ان کي کوٽجي. هوا جو زمين ۾ البت عرصي کان پوءِ اثر ٿئي ٿو، نه هڪدم.

 

فصل ٽيون

نباتاتي ڀاڻ جا قسم

سائو ڀاڻ _ ”نائيٽ“ صاحب گهڻي آزمودي کان پوءِ پنهنجي راءِ ڏني آهي ته ”نباتاتي شيون جيترو تازي ۽ اَڻ ڳريل حالت ۾ فائدو پهچائينديون، اوترو ڳرڻ ۽ ڪني ٿيڻ کان پوءِ نه پهچائي سگهنديون، جو ڳرڻ جي حالت ۾ انهن جا اصلي جزا چٽ ٿي ۽ گم ٿي وڃن ٿا.“ تنهنڪري گهرجي ته سرديءَ جي موسم کان پوءِ گوبين، گوگڙن، گجرن ۽ اهڙين ٻين سائين ڀاڄين جا پن، زمين تي پکيڙي اُس ۾ سڪائڻ جي بدران اتي جو اتي زمين ۾ کڏون کڻي پوري ڇڏجن، وري جيسين ڀاڄين پوکڻ جي موسم ايندي تيسين اها زمين ڏاڍي زور واري ٿي ويندي، جنهن مان گهڻو فائدو پهچي سگهي ٿو.

پنن جو ڀاڻ: سڀني باغن ۾ اڪثر خِزان جي ڏينهن ۾، جڏهن انب ۽ ٻيا ميوه دار وڻ پن ڇاڻيندا آهن، تڏهن پنن ۽ ٻين نباتاتي شين جو گهڻو ڪچرو گڏ ٿيندو آهي، اهو سڀ ميڙي، ڪنهن پاسي تي هڪڙي اونهي کڏ کڻي ان ۾ پوري ڇڏجي. گرميءَ جي ڏينهن ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا انهيءَ کڏ ۾ پاڻي وجهي، جيئن اهو سڀ ڪچرو چڱي طرح پسي وڃي. ورهيه ڏيڍ جي عرصي ۾ اهو سڀ ڳري ڪمائتو ڀاڻ ٿي پوندو، جو باغ جي ڪم لاءِ، خصوصاً ڪونڊين وارن وڻن لاءِ، گهڻو فائدي وارو آهي. ضرور ان ۾ ڪينئان ۽ ٻيا جيت پيدا ٿيندا، پر ڪونڊين ۾ وجهڻ کان اڳي جيترو ٿي سگهي اوترو اهي ڪينئان ڪڍي ڇڏجن، يا ته اهو ڀاڻ ڪنهن ٿلهي پَرُڻ ۾ ڇاڻي پوءِ ڪم ۾ آڻجي.

سيڪيل گاهه جو ڀاڻ: ڇٻر يا ڊڀ يا اهڙي ٻي سنهي گاهه جي سيڪڻ ڪري ڪونڊين جي ڪم لاءِ هڪڙي عجيب شيءِ پيدا ٿئي ٿي. رستن يا غير آباد جاين تان ڳچ جيترو سنهون گاهه گڏ ڪري، سائو پاسو هيٺ رکي، اس تي سڪائڻ وجهجي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهو سڪي ويندو. پوءِ هيئن ڪجي جو ٺڪر جو وڏو ڪنو يا دانگي سرن تي چاڙهي هيٺانس باه ٻارجي ۽ اهو گاهه ڇني ذرا ذرا ڪري انهيءَ ٺڪر جي ٿانو ۾ وجهجي، جڏهن اهو سيڪجي ۽ ڀُڄي رهي تڏهن لاهي رکجي. انهيءَ طرح هڪڙو گاهه لاهي وري ٻيو وجهجي.

رک يا ڪيريءَ جو ڀاڻ: ڪاٺين جا ٽڪر يا ٻنيءَ جا ڪک يا ڀاڄيون ۽ ٻيا ٻوٽا ساڙي خاڪ ڪري، اها رک ٻنين ۾ ڀاڻ وانگي پکيڙي ڇڏڻ ڪري زمين ڏاڍي ڀلي ٿي ٿئي ۽ وڻن جي پاڙن ۾ وجهڻ ڪري وڻ زور وٺن ٿا.

کڙ جو ڀاڻ: چاڪين وٽان جا کڙ ملندي آهي، سا ڪٽي اٽو ڪري ڀاڻ وانگي ڪم آڻي سگهجي ٿي، جيتوڻيڪ ان جو اثر گهڻي تائين هلندڙ ناهي. ڀاڄين کي ڪچيءَ ۾ اهو ڀاڻ چڱو آهي، گلاب جي وڻن لاءِ توڙي ڊاک، اَڙن ۽ شفتالوءَ جي وڻن جي پاڙن ۾ وجهڻ لاءِ اهو تمام ڪمائتو ڀاڻ آهي، جو سرد موسم ۾ ڪم اچي ٿو.

ڳڙ جو ڀاڻ: ميون جي وڻن لاءِ ڳُڙ به ڀاڻ وانگي ڪم ايندو آهي. ولايت ۾ ته کنڊ ڪمآڻيندا آهن، پر هتي ڳڙ اُن جي بدران ڪم اچي سگهي ٿو.

نير جو ڀاڻِ: نير جي ڪارخانن ۾ جن هنڌن تي نير جڙندو آهي، اتي جيڪو ڪجھه  نڪرندو آهي سو تمام ڪمائتو ڀاڻ آهي، خاص سائين ڀاڄين لاءِ.

 

فصل چوٿون

حيواني ڀاڻ جا قسم

ماهي يا ڳائي مال جو ڇيڻو: سڀني ڀاڻن مان ڇيڻي جهڙو ٻيو ڪمائتو ڀاڻ ڪو نه لنڀدو. اهو جتي ڪٿي ڪم ايندو آهي. ڪڏهن تازو تازو زمين جي مٿان پکيڙي مٽيءَ سان گڏي ڇڏيندا آهن، ۽ ڪڏهن ته قريب ٻن ورهين کان پوءِ جڏهن ڳري ڪاري ناس يا گهميل اٽي جهڙو ٿيندو آهي، تڏهن زمين ۾ گڏي ڇڏيندا آهن. کاڌي جي ڀاڄين لاءِ ته اهو ڀاڻ تمام ضروري آهي.

رڍن ۽ ٻڪرين جون ڦولڙيون: رڍن ۽ ٻڪرين جون ڦولڙيون به ڀاڻ وانگي ڪم اينديون آهن. پر اهي جلد ڪين ڳرنديون آهن، تنهنڪري ستت ڪو گهڻو فائدو نه پهچائينديون آهن.

ڪڙهن يا طبيلن جو ڀاڻ: وهٽن جي ڪڙهن ۾ جو لڏ وغيره جو گند ڪچرو نڪرندو آهي، سو ڀاڄين جي باغ لاءِ تمام ڪمائتو ڀاڻ آهي. جڏهن سياري جو فصل لهي وڃي، تڏهن اهو زمين تي اڇلائي پکيڙي ڇڏجي، يا اونهاري ۽ سانوڻ جي موسم ۾ مٽيءَ سان گڏي ڇڏجي. ارمان جي ڳالهه آهي جو شهرن توڙي ڳوٺن ۾، اهو ڀاڻ ڍڳ ٿيو ماڻهن جي گهرن جي اڳيان پيو رهندو آهي، جو صفائيءَ وارا کڻي وڃي ان سان کڏون ڀريندا آهن، يا پاڻيءَ ۾ اڇلائيندا آهن، يا جلائي دونهون ڪري کپائي ڇڏيندا آهن.

ڪبوترن جون وٺيون: هن قسم جو ڀاڻ ايران ۾ گهڻو ڪم ايندو آهي، جهڙيءَ طرح آمريڪا جي پير و ڏيهه جا ماڻهو گوانو ڪم آڻيندا آهن. گدرن، ڇانهين ۽ ٻين پوکن لاءِ اهو گهڻو ڪمائتو آهي، جو اَن جا ٿورا داڻا زمين ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. ان ۾ رڳو اهو خوف آهي ته متان حد کان وڌيڪ زور وارو ۽ تيز ٿي پوي ۽ وڻ ساڙي ڇڏي. پر رکي ڇڏڻ ڪري ان جو زور گهٽجي وڃي ٿو، پوءِ ڊپ کان سواءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو.

ٻُهَرُ: جيڪو ڀنگي گهٽين ۽ گهرن ٻهارڻ سان ڪڍندا آهن، سو به باغن جي ڪم لاءِ چڱو ڀاڻ آهي. ڊاڪٽر ”بونيوهيا“ جي راءِ آهي ته ”انهيءَ قسم جي ڀاڻ ڪري گلن جو رنگ چهرو ۽ ڳوڙهو ٿئي ٿو ۽ ڀاڄيون زور ڀريون ۽ پيدائش واريون ٿين ٿيون.“

ڪوسن جو ڪچرو: ڪاسائن جي دڪانن ۾ يا ڪوس جي جائين تي، جيڪو رت ۽ ڇيڇڙن وغيره جو ڪچرو نڪرندو آهي؛ سو ڊاک جي پاڙن ۾ ڀاڻ وانگي وجهندا آهن. پر آزمودي سان معلوم ڪيو ويو آهي ته ڳائي مال جي ڇيڻي کان بهتر اهو به ناهي. انهيءَ طرح هڏا ڀڃي ڀوري ڀاڻ وانگي ڪم آڻيندا آهن، خاص گوبين جي پاڙن ۾. پر ان جو سست اثر نه ٿو ٿئي. مڇين جا ڇلر ۽ ٻيو ڪچرو به وڻن جي پاڙن ۾ وجهڻ لاءِ چڱو ڀاڻ آهي.

 

فصل پنجون

معدني ڀاڻ جا قسم

لوڻ: سائين ڀاڄين جي لاءِ رواجي لوڻ چڱو ڀاڻ آهي.

پراڻو ڳچ: هي گهڻن ٻوٽن ۽  ڪونڊين وارن وڻن جي لاءِ قيمتي ڀاڻ آهي. ٽڪرائتي زمين جي لاءِ ته وڌيڪ ڪمائتو آهي. وري اهو لڀي به آسان سگهي ٿو. پراڻن پڪن گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون جڏهن ڊهي پونديون آهن، تڏهن جهجهوئي هٿ ايندو آهي، جيئن پراڻو تيئن چڱو. پراڻو ڪُڪرو به گچ وانگي ڪم اچي ٿو، خاص ڪونڊين ۾ . ننڍن وڻن لاءِ به ٻيرن جي ککڙن جيڏا ڀور هئڻ گهرجن ۽ وڏن وڻن لاءِ اکروٽن جيڏا. جي ڀوري اٽو ڪري مٽيءَ سان گڏي ڪم آڻبو ته ريج پهچائڻ لاءِ ڀاڻ زياده ڪمائتو ٿئي ٿو.

 

فصل ڇهون

پٽڙي ڀاڻ جا قسم

پٽڙو يا پاڻيءَ جهڙو ڀاڻ وڻن کي تڏهن ڏجي، جڏهن هنن جو وڌڻ ۾ منهن هجي. هي ڀاڻ جي تمام گهڻو نه هوندو ۽ پورو پنو ڏيڻ ۾ ايندو ته ان مان سڀني وڻن کي فائدو رسندو. سائين ڀاڄين کي ته اهو نهايت گهڻو مفيد آهي. پٽڙي ڀاڻ جوڙي تيار ڪرڻ جو سولو رستو اهو آهي ته ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪڙو وڏو مٽ يا دلو زمين ۾ پوري پاڻيءَ سان ڀري ڇڏجي. پوءِ ان ۾ ڀاڻ جهڙيون شيون، جهڙوڪ پکين جون وٺيون، ڦولڙيون، ڇيڻا وغيره، جيئن جيئن هٿ اچن تيئن تيئن وجهبيون وڃجن، جي تمام تيز يا گهاٽو معلوم ٿئي ته اٽڪل ڪري منجهس زياده پاڻي ملائجي ۽ پوءِ ڪم آڻجي.

صابڻ جي گجي: هي به ڀاڻ جي ڪم لاءِ تمام چڱي شيءِ آهي، جو منجهس حيواني جزن کان سواءِ کار موجود رهي ٿي. سائين ڀاڄين تي، خصوصاً گوبي ۽ ڦول گوبيءَ تي ته ان جو تمام چڱو اثر ٿئي ٿو. گهڻو ڪري سڀني گهرن ۾ ڪپڙن ڌوئڻ کان پوءِ صابڻ جي گجي نڪمي ڄاڻي هاري ڇڏيندا آهن. پر جي گهر سان گڏ ڪو ننڍڙو باغيچو رکيل هجي ته جيڪر هيءَ شيءِ زيان ڪين ٿئي. ڪونڊين وارن وڻن لاءِ ته هي تمام فائدي واري آهي. انهن جي پنن تي پچڪاريءَ سان صابڻ جي گجي وجهڻ ڪري مهلو ۽ ٻيا جيت، جي اڪثر وڻن جا دشمن آهن، سي گم ٿيو وڃن. جي وڻ ضعيف ۽ ڪوماڻل ڏسڻ ۾ ايندا آهن، سي هن گجيءَ سان ڌوپڻ ڪري، وري تازا ۽ سگها ٿي پوندا آهن. مطلب، جي ڀانئجي ته ڪونڊين وارن وڻن کي صحيح سلامت ۽ چڱي حالت ۾ رکجي، ته هفتي ۾ هڪڙو ٻه ڀيرا انهن کي ضرور صابڻ جي گجيءَ سان پسائڻ گهرجي، خاص انهن کي جن تي گهڻي لٽ پوندي هجي.

انهيءَ کانسواءِ ڪي مُرڪب يا مخلوط ڀاڻ به ڪم ايندا آهن، جي گهڻن شين گڏڻ سان جڙندا آهن. هيٺيون نسخو اڪثر ڪونڊين وارن وڻن لاءِ ڪم ايندو آهي: ڳريل پن 2 حصا، ڳريل ڇيڻو، 2 حصا، باغ جي مٽي 2 حصا، ڪاٺيءَ جي ڇاڻيل رک 1 حصو، نديءَ جي واري 1 حصو، ۽ پراڻو گج يا ڪُڪرو 2 حصا.

سوڊآ جو نائٽريٽ (ڪارو لوڻ) به چڱو مرڪب ڀاڻ آهي. ان جو اڌ آئونس گيالن پاڻيءَ ۾ گڏي ڪم آڻجي. هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا، جڏهن ڪونڊين وارا وڻ وڌڻ ۾ هجن، تڏهن انهن کي ڏجي.

انهيءَ طرح پوٽاش جو نائٽريٽ يا شورو به سڀني پوکن لاءِ، خاص مٽرن ۽ چونرن ۽ ٻين ڀاڄين لاءِ تمام ڪمائتو آهي.

اهو خشڪ حالت ۾ مٽيءَ سان گڏي ڇڏجي ۽ سوڊا جي نائٽريٽ سان واري وٽيءَ تي ڏجي، يعني هڪڙي سال هي، ته ٻئي سال هو.

 

فصل ستون

مٽيءَ ۽ ڀاڻ بابت متفرقه احوال

اها ڳالهه بلڪل غلط آهي ته جي هڪڙو حصو مٽيءَ جو ۽ ٻه حصا ڇيڻي جي پراڻي ڀاڻ جا ملائبا، ته گلن جي لاءِ تمام مصنوعي مٽي جڙي پوندي. ياد رکڻ گهرجي ته گلن جي رنگ ۽ بوءِ وڌائڻ لاءِ، معدني شيون يا کار ۽ لوڻ جهڙيون شيون تمام ضروري آهن. رنگن جي چهرائيءَ جو، گندرف ۽ کار جي جزن توڙي لوهه جي جزن سان گهڻو واسطو آهي. انهيءَ طرح سُرهاڻ ۽ خوشبو به گهڻو ڪري گندرف جي موجودگيءَ ۽ اثر کان پيدا ٿئي ٿي. جي اهي شيون پوريون نه هونديون ته مکڙيون ضعيف ۽ ڪوجهيون ٿينديون، گلن جو رنگ خراب ۽ ڦٽل رهندو ۽ پوءِ تمام ٿوري اٿندي؛ پر اهي سڀ عيب مناسب شين جي زمين ۾ گڏڻ سان پاسي ڪري سگهجن ٿا.

گلن جي وڻن لاءِ سڀ کان چڱي مٽي اُها آهي، جا ڪماند جي پُڙن ۾ اهي ۽ جتي ڪماند تمام ڀلو ٿيندڙ هجي. ڏهن ٻارهن فوٽن کان هيٺ نه کوٽجي. ڪڏهن ته ٽن فوٽن کان هيٺ مٽي مٽجي ٻي ٿيندي، پوءِ کڻي ڇڏجي. جڏهن بيل گاڏين تي اهڙي مٽي کڻائي پنهنجي باغ ۾ اچجي، تڏهن ان کي ڌمڪن سان ڀڃي اٽو ڪري ڍڪي رکي ڇڏجي. پوءِ ان ۾ ڪُڪرو يا ننڍا ننڍا پهڻ جن مان ساڙي چن ڪڍندا آهن، تن جو يا پراڻي گچ جو اٽو، يا اڱرن ۽ سرن جو چورو، يا ٻيون معدني شيون جي ڀاڻ وانگي ڪم اچن ٿيون ۽ جن جو مٿي ذڪر ڏنو ويو آهي، سي گڏي ڪم آڻجن.

چيني ماڻهو جي تمام هوشيار باغائي آهن، سي زمين کي ڀاڻ ڏيڻ جي بدران خود وڻ کي ڀاڻ ڏيندا آهن. انهيءَ ۾ بيشڪ گهڻي ڪفايت آهي. جي وڻن کي هڪ فوٽ جي گردي جي اندر کاڌو موجود هوندو، ته انهن جون پاڙون آسانيءَ سان اهو کڻي سگهنديون؛ پر جي اهو ساڳيو قوت زمين ۾ پري پکڙيل هوندو، ته پاڙن کي ان لاءِ پري وڃڻو پوندو، جنهن ڪري ٻي ڪا نقصان واري شيءِ به کڻي وٺن ٿيون، جنهن مان وڻ سڙيو به وڃي.

پٽڙو ڀاڻ اهڙي ڪم لاءِ ڪمائتو آهي ۽ اهو اڪثر گلن جي وڻن ڪاڻ ٺاهيندا آهن. انهيءَ جي جوڙڻ جو چڱو رستو هي آهي: هڪڙو ڪاٺ جو پيپ صفا ڪري منجهس ڏهه سير ٻاڪري يا ريڍي ڀاڻ جا وجهجن، پوءِ مٿانس هڪڙي ڪيٽلي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي هاري وجهجي، ۽ ٻيو گهمائجيس جيسين ڪ ٿڌو ٿئي. پوءِ وري منجهس ويهه گيالن ٿڌي پاڻيءَ جا گڏجن ۽ وري به گهمائجيس. پوءِ رات سڄي ڇڏي ڏجيس ته ڀلي آٺري. صبح جو اهو آٺريل پاڻي، جو صاف پٽڙو ڀاڻ آهي سو ڪڍي، اڌ سير جيترو هر هڪ وڻ جي ٿڙ تي هاري وجهجي ته ڀلي ان جون مٿيون هيٺيون پاڙون ڀڄن. انهي ڀاڻ جي اثر کان پَنَ پيدا ٿين ٿا، تنهنڪري اهو تڏهن ڪم آڻجي جڏهن وڻن ۾ پن نه هجن يا کُسي ويا هجن. پيپ جي تر ۾ جيڪي بچي سو وري ڀاڄين ۾ هاري ڇڏجي.

هن ملڪ ۾ گهڻن ماڻهن جي گهرن ۾ ڪڪڙ، بدڪون، ڪبوتر، ڪتا ۽ سها رکڻ ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن تڪليف ڪري انهن سڀني جو گند گڏ ڪندو وڃجي، پوءِ خشڪ توڙي آلي ڀاڻ جي ڪم ۾ آڻجي، ته منجهانس جيڪر تمام گهڻو فائدو حاصل ٿئي.

هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ٿلهن ڍورن جو ڀاڻ ڏٻرن ڍورن جي ڀاڻ کان بهتر آهي، جهڙيءَ طرح ٿلهي مينهن يا ڳئون جو کير، ڏٻري مينهن يا ڳئون جي کير کان بهتر آهي. انهيءَ ڪري جنهن ڳئون کي مڪائي يا ٻاجهري يا جو يا پٽاٽا يا چونرا يا گوبي کارائبي، تنهن جو کير مٺو ۽ چڱو ۽ گهاٽو ٿيندو ۽ ان جو ڀاڻ به زياده فائدي وارو ٿيندو. پر جنهن ڳئون کي رڳو گاهه يا گجرن جو ناڙو کارائبو، ۽ هڪ ٻه سير چڻن يا مٽرن يا ٻي اَن جو ڏارو ڏبو، تنهنجو کير توڙي ڀاڻ اهڙو چڱو نه ٿيندو.

باغ وارن جي لاءِ هيءَ به صلاح جهڙي ڳالهه آهي ته هڪڙو مٽ هميشه باغ ۾ کُتو پيو هجي، جنهن ۾ لوهه جي سلفيٽ يعني هيراڪس جو پاڻي هميشه موجود هجي. يارهن سير هيراڪس جا، ٻن ساندارن پاڻيءَ جي لاءِ بس آهن. اهو پاڻي ڀاڻ سان گڏي زمين ۾ وجهجي، يا ڀاڻ ڏيئي پوءِ مٿانس هاري ڇڏجي.

انهيءَ هوندي به باغ جي زمين کي ڪوڏر سان کوٽڻ يا رنبي سان گُڏڻ بلڪل ضروري آهي. انهي رستي ڪک ڪهڄر ۽ اجايو گاهه به نڪري وڃي ٿو، وڻن جي پاڙن کي هوا به رسي ٿي جا تمام ضروري آهي، ۽ صفائي به رهي ٿي. ڀاڄين وارن باغن ۾ ته زمين گهڻو هيٺ کوٽڻ گهرجي، نه رڳو ڀاڄين پوکڻ کان اڳي، پر فصل لٿي کان پوءِ به . زمين کوٽي ۽ ڀاڄين جو پن ٻوٽو ۽ ٻيو گند اندر وجهي، وري مٿان ڍڪي ڇڏجي. مٿان جي مينهن پيو ته پاڻهي انهيءَ جو اثر هيٺ پهچندو ۽ فصل تمام ڀلو ٿيندو. جي انهيءَ وچ ۾ ڪک ۽ گاهه گهڻو ڄمي پوي ته اهو کوٽي ڪڍي ڇڏجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org