سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :10

 

فصل پنجون

ولايتي ميوا، جي ککڙين وارا آهن

هن فصل ۾ اسين اُهي ٻاهرين ملڪن جا ميوا ڏينداسين، جن ۾  ککڙا رهن ٿا ۽ ڪن ککڙن ۾ ته مغز به رهندو آهي. هي اگرچ اصل ٻاهر جا آهن، مگر گهڻن ڏينهن کان هن ملڪ جي باغن ۾ پيدا ٿين ٿا.

شفتالو يا آڙُو

هن کي انگريزيءَ ۾ پِيچ ۽ فارسيءَ ۾ شفتالو، هندستانيءَ ۾ آڙو يا آلو سڏيندا آهن. هي ميوو اصلي ايران جو آهي، هن جا هاڻي ته گهڻا ئي قسم ٿي پيا آهن.

وڻ ۾ جلد ميون پچڻ لاءِ هيئن ڪندا آهن، جو سانوڻ کان پوءِ ٿڙ کان ڏيڍ فوٽ کن چوڌاري، مٽي ڪڍي پاڙون اگهاڙيون ڪري ڇڏيندا آهن، ته پنج ڇهه هفتا ڀلي هوا کائن ۽ خشڪ ٿين. جي وڻ تمام گهاٽا ٿي ويا هجن ۽ جهنگ ڪيو هجين، ته انهن جي ڇانگ ڪري ڇڏجي. تنهن کان پوءِ پاڙن کي ڪنهن عمدي ڀاڻ سان ڀري ڇڏجي. يا ته اڃا به چڱو رستو اهو آهي، ته پاڙن تي وري به سڪي مٽي ورائي ڇڏجي. جڏهن ٻور جهلڻ ۽ ڦر ڪرڻ لڳن، (يعني فيبروريءَ مهيني ڌاري) تڏهن اها وڌل مٽي پاسي ڪري ڇيڻي يا ِلڏ جو پراڻو ڀاڻ تازيءَ مٽيءَ سان گڏي وجهي ڇڏجي. پهرين ٿورو ٿورو پاڻي ڏجي؛ پوءِ جيئن ميوو وڏو ٿيندو وڃي. تيئن پاڻي وڌائيندو وڃجي. ميوو پڇڻ لڳي تنهن کان اڳي اصل پاڻي کڻي جهلجي.

هنن ميون جا ککڙا سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ کليل زمين ۾ پوکڻ گهرجن. فيبروريءَ ۾ ننڍا وڻ چڱو وڌڻ لڳندا ۽ اهڙا ئي چڱا ٿيندا جهڙا پيوند ڪيل وڻ. جي فيبروريءَ ۾ وڻ ٿيا ته جون ۽ جولاءِ ۾ پيوند ڪرڻ ۽ اکين هڻڻ جهڙا ٿيندا ۽ ايندڙ سياري جي موسم ۾، انهن جون چڪيون ڪڍي باغ ۾ مناسب جاءِ تي رکڻ جهڙيون ٿيندون. پوءِ ٻن ورهين جي عرصي ۾ ڦر جهليندا.

هن وڻ جون پاڙون هيٺ نه وڃن ۽ مٿي ڀريون جيترو رهن اوترو چڱو. انهيءَ لاءِ بعضي ماڻهو، چڪيءَ رکڻ کان اڳي کڏ جي تري ۾ سرون وڇائي ڇڏيندا آهن.

هن ميوي جي هڪڙي قسم کي انگريزيءَ ۾ نيڪٽِرين چون ٿا. انهيءَ ۾ رڳي اها خاصيت آهي ته ميوي جي ڳر ککڙيءَ سان چنبڙي پئي آهي.

زردالو

هن کي انگريزيءَ ۾ آپريڪاٽ چون ٿا، هيءُ ٻاهر جو ميويدار وڻ جيتوڻيڪ هندستان جي ڪن ڀاڱن ۾ پوکبو آهي، مگر اڪثر ٻور ڪندو آهي مگر ڦر نه جهليندو آهي، يا جي جهليندو آهي ته به ڪچو ڇاڻي ڇڏيندو آهي. شفتالوءَ جي وڻ تي پيوند ڪرڻ سان زردالو چڱو ٿيندو آهي. ٽَڪرن تي هي وڻ چڱو ٿيندو آهي، جتي اپريل يا مئي ۾ پيوند ڪندا اٿس، يا اک هڻندا اٿس.

هن وڻ جو اصلوڪو وطن آريمينيا چون ٿا. هماليه جبل ۾ گهڻو به چڱو به ٿيندو آهي. هن جي ککڙين جو مغز باداميءَ وانگي کائڻ ۾ ايندو آهي. هن مغز مان پيڙي تيل به ڪڍندا آهن، جو وارن کي مکيندا آهن. هن جي وڻ جي به پرداخت اهڙي ٿيندي آهي، جهڙي شفتالوءَ جي زردالوءَ کي موافق اُسَ ۽ گرمي ڀاءِ پوندي آهي.

آلوچا ۽ آلو بخارا

هي ميوو کائڻ ۾ سخت آهي تنهن ڪري رڌي کائيندا آهن، يا مربي ۽ ٻين کاڌي جي قسمن ۾ ڪم آڻيندا آهن. آلو بخارا ته مشهور آهن؛ هر سال ڪابل کان سڪل ايندا آهن. انهن جو وڻ پنجاب ۽ مٿين پرڳڻن ۾ چڱو ٿو ٿئي، جنهن ميوي کي هندستاني آلوچا چون ٿا، سو  به آلو بخارا جهڙو آهي؛ مگر اصل يورپ جو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ پلَم چون ٿا. هن جو وڻ شفتالوءَ وانگي پوکبو آهي. هن جو پيوند شفتالوءَ تي لڳي سگهي ٿو. اک به لڳندي آهي. ٽَڪر تي چڱو ٿيندو آهي. هي ميوو سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پچندو آهي. هماليه ۾ ته مينهن جي موسم ۾ پچندو آهي.

آلُو بالُو

هي ولايتي ميوو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ چيِري، فارسيءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آلو بالو يا شاهدانه چون ٿا. هي ميوو هندستان ۾ چڱو نه ٿو ٿئي، جيتوڻيڪ هن جا ٻه ٽي قسم پوکڻ ۾ ايندا آهن، سي به جبلن تي. پوکڻ لاءِ ٻج ڪم ۾ آڻيندا آهن، جو سيپٽمبر ۾ هڻندا آهن. ڪچو ڪين کاڄندو آهي. هي وڻ تمام وڏو ٿو ٿئي، هن جي ڪاٺي جنڊيءَ وارن ۽ باجي جي اوزارن ٺاهڻ وارن کي گهڻي پسند ايندي آهي، جو هن مان نليون ۽ توتاڙيون چڱيون ٺهنديون آهن. سڪاٽلينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ هي وڻ جهنگلي ٿيندا آهن ۽ هنن جي ميوي مان شراب جهڙي رس نچوڙي ڪڍندا آهن. هي وڻ شملا ۽ ڪشمير ۾ به ٿين ٿا.

فصل ڇهون

ولايتي ميوا، جي داڻن وارا آهن

هن فصل ۾ اهي ٻاهر جا ميوا ڏينداسين، جن ۾ اندر ٻيرن يا ڦاروَن وانگي داڻا يا داڻن جهڙا ٻج رهن ٿا. هنن کي انگريزيءَ ۾ بيِري چوندا آهن.

ڪاري ڊاک

هي انگريزي ميوو آهي، مگر هماليه ۾ به گهڻو ٿيندو آهي. هن کي خشڪ انگور به چوندا آهن. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙي ڪاري ٻي ڳاڙهي. هي اڪثر سرد ملڪن کانسواءِ ٻئي هنڌ ڪين ٿيندي آهي. هن کي ڀاڻ گهڻو گهربو آهي. ڪاري ڊاک ٻج مان به ٿيندي آهي، مگر قلم انگلينڊ کان آسانيءَ سان آڻي سگهجن ٿا. اپريل ۽ آگسٽ جي وچ ۾ هن جون چڪيون رکجن ۽ ايندڙ مارچ ۾ ميوي جي اميد تي ڇانگ ڪرڻ گهرجي.

هتي جي ڊاک ۽ ان جي قسمن بابت اسين ڏيهي ميون جي فصل ۾ بيان ڏينداسين. قنڌاري وڏي ڊاک ۽ بيداڻي ڊاک، يعني ڪشمش جو ذڪر به اتي آڻينداسين. قنڌاري ڏاڙهونءَ جو به انهيءَ فصل ۾ بيان آڻينداسين.

ڪاريءَ ڊاک کي انگريزيءَ ۾ ڪَرَنٽ چوندا آهن.

گوُز بيري

هي انگريزي ميوو آهي. اگرچ هندستان جي ٽڪرن ۾  جهڙوڪ شملا ۾، هن جي پوکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، تڏهن به هي برابر نه ٿو ٿئي. ضروري آهي ته انگلينڊ مان ڪي چڪيون يا پاڙن وارا قلم گهرائجن. هن کي هندستاني ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪارائنڊا سڏيندا آهن.

هن جو هڪڙو قسم نيلگري واري جبل جي جهنگلن ۾ گهڻو ٿيندو آهي. اُن جي ڳر مربي يا جيليءَ ۾ ڪم آڻيندا آهن.

راسپ بيري

هي به ولايتي ميوو آهي، اگرچ هن جو هڪڙو قسم هماليه جبل ۾ ٿيندو آهي. پيلا ۽ ڳاڙها اتي عام آهن. اڇو قسم ور نيلگري جبل ۾ ٿيندو آهي پر سچو پچو راسپ بيري جنهن ۾ ولايتي ميوي جي لذت ۽ خوشبوءِ هجي، سو گهٽ آهي. انهيءَ جا قلم يا چڪيون ولايت کان آڻڻ گهرجن.

هن جو هڪڙو قسم اصل مارِيشس جو آهي، سو ڪلڪتي جي آسپاس وارن سڀني باغن ۾ ڏسڻ اچي ٿو. گلاب جهڙا اڇا گل ڪندو آهي. فيبروريءَ جي وچ ڌاري ڦر ڪندو آهي. قلمن سان به ٿيندو آهي ٻج سان به.

هن کي ڀاڻ جي گهڻي گهرج ٿيندي آهي. ٿورو ٿورو چُن به وجهڻ گهرجيس. هن کي روشني، گرمي ۽ هوا جي گهرج ٿئي ٿي. تنهنڪري وڻن جي هيٺان يا ٽَڪرن جي ڇانوَ واري پاسي پوکڻ نه گهرجي.

سٽرابيري

هن کي هندستانيءَ ۾ اسٽابري چوندا آهن. هي ولايتي ميوو به هت هندستان ۾ تمام چڱو نه ٿيندو آهي. ميرٽ ۽ سهارنپور ۾ هي ميوو گهڻو به ٿيندو آهي ۽ بهتر به. لکنئوَ ۾ ته تولي تور جيڏو ٿيندو آهي. مگر ڪلڪتي جي آسپاس هي ميوو چڱو نه ٿيندو آهي.

هي ٻج مان به ٿيندو آهي. چڪيون سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪڍي رکجن. انگلينڊ ۾ ٻن ورهين جي وڻ مان ميوو لاهيندا آهن. پر هتي هڪڙي سال واري وڻ مان به ڦر ڪڍي سگهن ٿا.

پهرين ڪا جاءِ هٿ ڪجي جتي اُس پئجي سگهي. اتي فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي، قطارون ڪري کڏون کڻي وڃجن. کڏون اٺ انچ ويڪريون ۽ ڇهه انچ اونهيون هجن. سڀ ڪنهن ٽِي قطار جي وچ ۾، ڏهه انچ ويڪرو ٿَلهي وارو رستو ٺاهي ڇڏجي، ته وڻن تائين پهچي انهن جي پرداخت ڪري سگهجي. کڏن ۾ ڳائو ڀاڻ، پنن جو ڀاڻ ۽ مٽي هڪ جيتري حصن ۾ گڏي وجهي ڇڏجي، پوءِ هر هڪ کڏ ۾ هڪ هڪ چڪي سٽرابيريءَ جي رکي وڃجي. انهيءَ مهل پاڻي ڏئي ڇڏجين، پوءِ جڏهن ضرور ڄاڻجي تڏهن ٻيو ڏجي. فيبروريءَ ڌاري وڻ وڏا موچارا ٿيندا ۽ ٻور ڪندا. تڏهن وڻن جي مٿان ٿورو پاڻي ڇاٽاري ڇڏجي. پوءِ هر روز پاڻي ڏيندو وڃجين. ميون جي بچاءَ لاءِ اڪثر مٿان ڄاري وجهي ڇڏيندا آهن، نه ته پکي کائي ويندن.

سٽرابيريءَ جا گهڻا ئي قسم آهن، جي ولايت ۾ ٿين ٿا ۽ جي هيستائين به آڻيندا آهن.

 

فصل ستون

ڏيهي ميوا

هن فصل ۾ اسين سڀ ڏيهي ميوا گڏي ڏينداسين. انهن ۾ ڳر وارا، توڙي ککڙين وارا، توڙي داڻن وارا توڙي ٻيا اچي ويندا. جيئن اسان مٿي به چيو آهي، ته ڏيهي ميون مان مطلب آهي هندستان ۾ ٿيندڙ ميوا. پوءِ گهڻا ته اصل هتي جا آهن، پر ڪي اگرچ بنيادي ٻاهر جا آهن، مگر هن ڏيهه ۾ ورهين کان هڪڙي نه ٻئي هنڌ ٿيندا آيا آهن، جنهن ڪري ڏيهي سڏجي سگهن ٿا.

پهرين اسين کجين جو ميوو ۽ ڪن ٻين وڻن جو ميوو ڏينداسين، جو مغزيات ۾ داخل آهي، يعني جنهن جي ٻاهرين کل ڀڃي اندران مغز ڪڍي کائيندا آهن. تنهن کانپوءِ ٻيا ميوا ڏينداسين.

کجور

کجين جا وڻ ميون جي باغ ۾ به رکندا آهن ۽ گلن جي باغ ۾ به. پهرئين هنڌ ميوي جي ڪري ۽ ٻئي هنڌ پنن جي توڙي خود وڻ جي سهڻائيءَ ڪري. کجين جا گهڻا ئي قسم آهن: هڪڙين کجين مان کجور نڪرندي آهي، جنهن مان ڪتَل ۽ کارڪون ٿينديون آهن. ٻيون آهن ناريل جون کجون. ٽيون آهن سوپاريءَ جون. ناريل ۽ سوپاريءَ کي ميوي ۾ شمار ڪري، اسين انهن جو هت هيٺ ٿورو بيان ڏينداسين. مگر انهن کانسواءِ ٻيون به ڪي کجيون آهن، جي ڦر جي ڪري نه پر پنن جي سهڻائيءَ ڪري باغن ۾ رکندا آهن. انهن جو هتي بيان ڏيڻ ضروري ناهي.

کجور واريون کجيون گهڻو ڪري هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ ٿين ٿيون. هنن جو چڱو قسم اُهو آهي جو اصل عربستان مان آيل آهي. کجور جا گهڻا ئي قسم آهن جو مٺاڻ، قد ۽ شڪل ۾ تفاوت رکن ٿا. گهڻن هنڌن ته غريب ماڻهن جي خاص ۽ خلاصي خوراڪ آهي. بعضي نرم صورت ۾ رکي ڇڏيندا آهن، جنهن کي کجور يا ڪتل چوندا آهن. بعضي خشڪ صورت ۾، جنهن کي کارڪون چوندا آهن. اَڌَ ڪري سڪائيندا آهن ته آڌ يا چوندا اٿن. ڇهارا به انهن مان ٿيندا آهن. کجور گهڻن قسمن سان  کائڻ ۾ ايندي آهي. حلوي ۽ پلاءَ ۾ به ڪم آڻيندا آهن.

گهڻن هنڌن ۾ نه هيءَ کجور رڳو رس جي لاءِ پوکيندا آهن، جنهن کي تاڙي سڏيندا آهن. جهڙوڪ بمبئيءَ ۽ بنگال ۾.

ڊاڪٽر ”بونيِو يا“ عربي کجن جي پوکڻ بابت هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيو آهي، سو پڙهڻ جهڙو آهي. بهتر دستور اهو آهي ته کجيون تڪن يا جُهمٽن ۾ پوکجن، جي جهمٽ هڪٻئي کان سورهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي هجن. کجيون ٻجن مان به ٿينديون آهن، پر پاڙن جون شاخون يا انگور به گهڻو ڪم ايندا آهن. کاري يا ڪلراٺي ۽ لوڻائتي زمين کجين لاءِ تمام چڱي آهي. مٺيءَ زمين ۾ رکيل کجين کي ڀاڻ وانگي شورو يا لوڻ وجهجي ته چڱو آهي، خصوصاً عربي کجين کي.

سنڌ ۾ روهڙيءَ جي آسپاس ۽ ٻين گهڻن هنڌن ۾ کجين جا باغ ٿين ٿا، جن مان عمدي  قسم جي کجور جو فصل لهي ٿو.

عربيءَ کجور جو هڪڙو  قسم  آهي، جنهن ۾ ککڙي ڪا نه ٿيندي آهي، اها بيدانه سڏبي آهي.

کجور کي انگريزيءَ ۾ ڊيٽس چوندا آهن.

ناريل

ناريل جي کجيءَ جا گهڻا ئي قسم آهن، جي وڻ جي قد ۽ ميوي جي رنگ ۾ تفاوت رکن ٿا. هيءَ کجي اڪثر سمنڊ جي ڪناري وارن هنڌن ۾ چڱي ۽ گهڻي ٿيندي آهي. سيلون ۾ هڪڙو  قسم ٿيندو آهي، جنهن کي شاهي ناريل سڏيندا آهن. اهو تمام سهڻو ۽ چمڪندڙ نارنگيءَ جي رنگ جهڙو ٿيندو آهي ۽ وڻ پندرهن يا ويهه فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. ٻيو بندري قسم جو به انهيءَ هنڌ عام آهي. هڪڙي قسم کي ته برهمني ناريل چوندا آهن، جنهن مان اڪثر کير ڪڍندا آهن.

هڪڙو صاحب لکي ٿو ته مڙيئي ست قسم آهن، جي هتي پوکبا آهن. ٽي هندستان ۾ اندر ۽ چار سندس لاڳو ٻيٽن ۾. اهي ست هيٺين هنڌن تي خاص آهن. ڪارو مانڊل ڪنارو، ڪانارا، ملبار ڪنارو، مالديو ٻيٽ، اَڪيِم، جو مولڪس ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، نڪو بار ٻيٽ ۽ سيلون ٻيٽ.

ناريل پوکئي کان ارڙهن يا اوڻيهين ڏينهن کان پوءِ زمين مان اک ڪڍي ٿو، جا عاج جهڙي اڇي ۽ لسي هوندي آهي ۽ شڪل ۾ به هاٿيءَ جي ڏند جهڙي ٿيندي آهي. پندرهن ويهن ڏينهن تائين ان جي اها شڪل قائم رهي ٿي؛ پوءِ نرم ۽ سرهي ٿيندي وڃي. انهيءَ حالت ۾ ڪچي توڙي ڪيريءَ ۾ پوهيل کائبي آهي، تمام لذيذ ٿيندي آهي. يوروپي ماڻهو وڏن وڏن کانن ۾ به آڻيندا آهن.

”ٽيننٽ“ صاحب لکي ٿو ته ”ناريل جي کجي جيئن سمنڊ جي ڪناري کان پرڀرو هوندي، تيئن ننڍو قد ڪندي ۽ ٿورو ڦر جهليندي. ننڍيءَ عمر ۾ هن کجيءَ کي جلد جلد پاڻي ڏيندو رهجي. پوکڻ جو رستو هي آهي: پڪو ناريل اپريل مهيني ۾ زمين ۾ هڻجي ۽ مٿانئس انچ جيتري واري يا سمنڊ جي ڪناري جي مٽي ۽ ڪک وجهي ڇڏجن. پوءِ ڏهاڙي پيو پاڻي ڏجيس، جيسين ڦٽي. سيپٽمبر ۾ وري اتان ڪڍي آڻي کڏ ۾ رکجي. اهڙيون کڏون ٽي فوٽ اونهيون هئڻ گهرجن ۽ هڪٻئي کان ويهه يا ٽيهه فوٽ پري هجن. انهن کڏن ۾ چڪين رکڻ کان اڳي، انهن جي پاڙن کي نرم مٽيءَ ۽ سمنڊ جي ڪکن يا گاهه سان ڍڪي ڇڏجي. پهرين ٻن سالن تائين انهن کي چڱيءَ طرح پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ سج جي تابش کان بچائجي. ناريل يا ٻي کجيءَ جا پن گڏي، پڙڇ وانگي ٺاهي ڇانو لاءِ مٿانئن کڻي رکجن. ٻن ورهين کان پوءِ پاڻي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي. هڪ نه ٻئي ورهيه کان پوءِ، ننڍن وڻن کي لوڻ جو ڀاڻ ۽ سمنڊ جا ڪک وجهجن. پنجين ورهيه جي يا ڪڏهن ستين ورهيه جي پڇاڙيءَ ۾ ٻور نڪرندو آهي. سڀ ڪو ميوو يا ناريل جو داڻو پچڻ لاءِ هڪ ورهيه گهري ٿو. سيپٽمبر مهيني ۾ ناريل جي کجيءَ جون هيٺيون ڦرهيون وڍي ڇانگي ڇڏيندا آهن، جو انهيءَ ڪري زياده ڦر نڪرڻ جي اميد رهي ٿي.“

ناريل ڪچو به کائبو آهي. بعضي مٺاڻ سان گڏي کائيندا آهن. بعضي ان کي تراشي، مصالح سان گڏي ڪم آڻيندا آهن. سڪائي به رکندا آهن، جنهن کي ڏُنگهي يا ڪوپرو يا کوپرو چوندا آهن. ڏُنگهيءَ مان تيل به نڪرندو آهي ۽ ڪي ماڻهو کائيندا به آهن ۽ ڪي مکيندا به آهن.

ناريل کي انگريزيءَ ۾ ڪوڪو چون ٿا ۽ کجيءَ کي پام.

سوپاري

هيءَ کجيءَ ۾ داخل آهي، مگر ميوي ۾ داخل نه چئبي، اگرچ سوپاري هن ملڪ ۾ تڙون ڪري، ائين يا پان جي پن سان گهڻي کائڻ ۾ ايندي آهي. هيءَ کجي شڪل جي ڏاڍي سهڻي ٿي ٿئي. قد جي به پوري پني ٿئي ٿي. ڊاڪٽر هوڪر ته هن جي شڪل جي مشابهت ۾ لکي ٿو ته ”هوءَ گويا هڪڙو پرن وارو تير آهي، جو مٿان آسمان مان ڇُٽو آهي ۽ اچي هيٺ زمين ۾ چُڀي لڳي بيٺو آهي.“

سوپاريءَ کي انگريزيءَ ۾ بِيٽل نَٽ چون ٿا.

اکروٽ

اکروٽ جو وڻ اتر هندستان جي ٽَڪرن تي عام ٿئي ٿو ۽ گهڻي پيدائش ڪري ٿو. ٻئي هنڌ اوترو نه ٿو ٿئي. وڻ ٻج پوکڻ سان وڌائيندا آهن، پر ڪٿي ڪٿي ٻن ٽن فوٽن تائين وڌي پوءِ ورهين تائين اتي بيهي ويندا آهن ۽ نيٺ سڙي ويندا آهن. پر اهو اکروٽ اصل ٻاهر جو آيل آهي. جيڪي سچا پچا ڏيهي اکروٽ آهن اهي ججهو ڦر ڪن ٿا، پر اهو عمدي قسم جو ناهي. ان جو وڻ به پوري پني قد جو ٿئي ٿو پن به گول ٿينس ٿا ۽ ڦر به گول ٿئيس ٿو. اهو مارچ مهيني ۾ ٻور ڪندو آهي ۽ ننڍن اڇن گلن جا ڇڳا جهليندو آهي. جولاءِ مهيني جي آخر ۾ ميوو پچندو اٿس. مينهن جي موسم ۾ اکروٽن پوکڻ سان ٻيا وڻ پيدا ڪري سگهجن ٿا.

اکروٽ کي انگريزيءَ ۾ وال نَٽ چون ٿا.

بادام

سچي پچي اکروٽ وانگي سچو پچو بادام، يا باداميءَ جو وڻ به اصل ٻاهر جو آهي، هندستان ۾ گهٽ آهي ۽ ٿئي به گهڻو نه ٿو. اتر الهندي وارن پرڳڻن ۾ البت باغن ۾ زور وٺي ٿو. ان جا پن توڙي گل توڙي ميوا سهڻا ٿيندا آهن. انهن جي پوکڻ جو سولو رستو هي آهي ته پوکڻ کان اڳي بادامين جي کل ڦوڙي ڇڏجي، پر اصل ڀڃي کل ڪڍي نه ڇڏجي، انهيءَ لاءِ ته مغز جي ڦٽڻ ۾ کل جي اٽڪ نه ٿئي. ڦٽڻ شرط ان جي هڪڙي پاڙ سڌي زمين ۾ گهڙي وڃي ٿي، جنهنڪري اتان چڪي ڪڍي ٻئي هنڌ رکڻ ۾ حرڪت ٿئي ٿي. تنهنڪري بهتر آهي ته مناسب جاءِ هٿ ڪري اصلي اتي پوکجي. زمين تيار ڪري ٽي چار باداميون هڻي ڇڏجن. جي سڀ ڦٽن ته منجهانئن چونڊي هڪڙي ڇڏجي، ٻيون ڪڍي اڇلي ڇڏجن. ٽَڪرن تي به هي وڻ چڱو ٿئي ٿو. شفتالوءَ وانگي پوکبو آهي.

ڏيهي بادام به ٿيندو آهي، جو سهڻو ۽ وڏو وڻ ٿيندو آهي ۽ وڏا گهاٽا ڳوڙهي سائي رنگ جا پن ٿيندا اٿس. بادامين جو مغز به اکروٽ جي مغز جهڙو ڀورو ٿيندو آهي. اڪثر اڇي ويڙهيل ڪاغذ وانگي ٿيندو آهي. اهو سال ۾ ٻه ڀيرا ڦر ڪري ٿو. هڪڙو مئي مهيني ۾ ٻيو سياري جي شروع ۾. ٻج جولاءِ ۾ پوکبو آهي. ٽڪرن تي نه ٿيندو آهي.

هڪڙو قسم بادامين جو آهي، جنهن جي کل تمام سنهڙي ٿيندي آهي ۽ ٿوري زور سان ڀڄي پوندي آهي. انهن کي ڪاغذي باداميون سڏيندا آهن.

بادام جا وڻ ٽڪرن ۾ به ٿيندا آهن، جي ڦر به ڪندا آهن، جن کي ڪوڙيون باداميون چوندا آهن. اهي کائبيون ناهن. پر انهن وڻن جي ڪاٺي گهڻي ڪم ايندي آهي. بادام جا لڪڻ مشهور آهن.

باداميءَ کي انگريزيءَ ۾ اَمَنڊ چوندا آهن.

پستا

هي ميوو اصل هن ملڪ جو ڪين آهي. چون ٿا ته پهريائين شام ملڪ مان آيل آهي. قنڌار ۾ به ٿيندڙ آهي. پر اڪثر بصره ۽ بلخ مان ايندو آهي. ڪلڪتي جي سرڪاري باغ ۾، توڙي پنجاب جي ڪن ڀاڱن ۾ گهڻا وڻ ڏسڻ ۾ آيا آهن. ٻئي هنڌ گهڻو نه ٿو ٿئي. کل ڀڃي ڪچا کائبا آهن ۽ بعضي ائين يا سڻڀ ۾ ڀُڃي کائيندا آهن. هتي تمام عام آهي. پستي کي انگريزيءَ ۾ پستا چونَٽ چوندا آهن.

کاڄا

کاڄن جو وڻ هن ملڪ جو آهي. هن کي بعضي هندستانيءَ ۾ هِجلي بادام به سڏيندا آهن. شڪل توڙي قد ۾ هي وڻ اکروٽ جهڙو ٿو ٿئي، پر پن پورا سڌا بيٺل نه اٿس. گل سرها گلاب جي رنگ جهڙا ٿا ٿينس. دکن ۾ هي وڻ وڏو قد ڪري ٿو. ٻين به گهڻن هنڌن ۾ ٿئي ٿو، جهڙوڪ بمبئي، برما، ميوو شڪل ۾ ننڍي زيتون جهڙو ٿو ٿئي، جنهن جي هيٺان کاڄو لڳل رهي ٿو. اهو ميوو به کاڄندو آهي ۽ کاڄو به. شڪل توڙي قد بُڪيءَ جهڙو ٿو ٿئيس. کل ٿلهي ۽ سخت اٿس. کل ۽ مغز جي وچ ۾ تيل جهڙي سخت شيءِ رهيس ٿي. مغز باهه ۾ پوهي يا ڀڃي کائيندا آهن. بعضي ميوي جي ڳر کنڊ يا سرڪي ۾ ڪاڙهي ڪم آڻيندا آهن.

برسات جي موسم ۾ هن جو ٻج پوکڻ ۾ ايندو آهي. ٽَڪرن تي نه ٿيندو آهي.

کاڄي کي انگريزيءَ ۾ ڪاشيونَٽ چوندا آهن.

بوهي مُڱ

هيءُ نالي مڱ يا چڻا يا چئونرا سڏبا آهن، مگر آهي ٻي شيءِ. هندستانيءَ ۾ ڪڏهن ان کي چيني بادام ۽ ڪڏهن موم ڦلي چوندا آهن. هي اصل الهندي آفريڪا يا ويسٽ انڊيز مان آيل آهن. هن جو وڻ نه ٿو ٿئي پر ول ٿي ٿئي. ان جي عجيب خاصيت اها آهي ته جيڪي ٻج جون ڦريون ڪري سي هڪدم پاڻ ئي زمين ۾ هڻي لڪائي ڇڏي، جتي پيون وڌن ۽ پچن. اها ول جون ۾ گل ڪري ٿي ۽ جنوريءَ ۾ سندس ڦريون کوٽي ڪڍندا آهن. هڪ هڪ ڦريءَ ۾ هڪ يا ٻه يا ٽي ڏنگا چئونرن يا پستن جهڙا داڻا ٿين ٿا. اهي ڪچا به کائبا آهن ۽ بوهي يا ڀُڃي به کائبا آهن. جڏهن ڦريون کوٽي ڪڍجن تڏهن پراڻيون وليون ناس ڪري ڇڏجن. ٻئي سال جي ٻج پوکڻ لاءِ وري ڪا زمين هٿ ڪجي. پوک ٻنيءَ وانگي ٿئي ٿي. ٻج فيبروريءَ ۾ پوکبو آهي. هن لاءِ زمين هلڪي وارياسي چڱي آهي.

بوهي مڱ کي انگريزيءَ ۾ گرائونڊنٽ يا مانيلانٽ چوندا آهن.

سِنگهارا

هن کي هندستانيءَ ۾ پاني ڦل به چوندا آهن. هي پٻڻ وانگي هڪڙو پاڻيءَ جو اوڀڙ آهي ۽ هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿيندو آهي. هي لوڙهه جيڏو گول ڦر جهليندو آهي، مگر گول ۽ لسو نه ٿيندو آهي. ڏاند جي مٿي جهڙو ٿيندو آهي ۽ سڱن وانگي ٻه نوڪون به نڪتل اٿس. ڪڏهن ڪڏهن رنگ جو بلڪل ڪارو ٿيندو آهي. کل لاهي تري کائيندا اٿس. ول شڪل جي سهڻي ٿيندي آهي، خصوصاً مينهن جي موسم ۾، جڏهن سانجهن مهل سندس صاف ۽ اڇا گل کلندا آهن. تلائن ۾ پوکڻ ڪري سارا تلاءَ وڪوڙي ويندو آهي. ڪي چون ٿا ته تلائن ۾ ٿيڻ ڪري پاڻي صاف ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org