سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :2

 

باب ٻيو

باغ رکڻ لاءِ ٻيون ڪي ضروري ڳالهيون

فصل پهريون

باغ جي ٻارن يا چمنن جي رٿ

باغ جي رٿ هميشه ريج جي اپاءَ يا پاڻيءَ جي وسيلي تي تعلق رهڻ گهرجي. هٿرادو پاڻيءَ جا اپاءَ هي آهن: کوهه يا تلاءَ يا ندي يا ان مان نڪتل واهه ۽ ڪڙيا.

جتي پاڻي کوهه مان آڻڻو هجي، اتي کوهه انهيءَ هنڌ کڻائجي، جتان باغ جي سڀني ڀاڱن کي آسانيءَ سان پاڻي پهچي سگهي. پوءِ کوهه واري جاءِ جي چوڌاري وڻ پوکي ڇڏجن، ته نظر کان پاسي هجي، ڇا لاءِ جو اڪثر کوهه تي پاڻي ڀرڻ وغيره لاءِ، ضرور ماڻهن جي آمدرفت ٿيندي. پاڻ گهرجي ته انهيءَ آمدرفت لاءِ کوهه تائين، هڪڙو سنهڙو پيچرو پاسي تي ٺهرائي ڇڏجي ۽ ان جي پاسن کان لوڙهو ڏياري ڇڏجي ته باغ به سلامت رهي.

ٻارن يا چمن جي رٿن جو سولو رستو اهو آهي، ته پهريائين ڪاغذ تي نقشو ڪنهن پيماني تي ڪڍي رکجي، پوءِ انهيءَ نموني تي ڪم شروع ڪرائجي. ٻارن جا نمونا اسين ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڏينداسين، اهي رٿي وڃجن. انهن جي وچ ۾ رستا ڪڍجن، جي پنجن فوٽن کان سوڙها نه هجن، ۽ ستن فوٽن  کان ويڪرا نه هجن. رستن ۽ ٻارن جي وچ ۾ جيڪا وٿي خالي بچي، تنهن تي وري ڇٻر جو گاهه پوکي ڇڏجي. ٻارن جي شڪل چِٽي ڏيکارڻ جي لاءِ، انهن جي ڪنارن سان 6 انچ ڊگهيون ۽ ٽي انچ ويڪريون سِرون ٺهرائي زمين ۾ هڻي ڇڏجن، اڀيون يا پاسيريون، جيئن دل چويو جي ٻارن ۾ گلن جو ٻج ڇٽڻو هجي، ته اڌ فوٽ هيٺ تائين زمين کوٽي مٽي ڪڍي وٺجي ۽ ان جي جاءِ تي هٿرادو جوڙيل مٽي وجهي پکيڙي ڏجي. اها مصنوعي مٽي رڳو ولايتي گلن لاءِ ڪم آڻجي ته متان هتي جي زمين ۾ ٻج نه لڳن. هن ملڪ جي گلن لاءِ باغ جي زمين ۽ مٽي بس آهي؛ رڳو منجهس ضروري ڀاڻ گڏي ڇڏجي ۽ ان جي مٿان هيراڪس جو پاڻي هاري ڇڏجي.

باغ ۾ جيڪي رستا رکجن، سي ٻي زمين کان پنج ڇهه انچ مٿي هئڻ گهرجن. رستن جي پاسن کان وري ڪسيون ٺاهي ڇڏجن، جن ۾ کوهه مان پاڻي وهي اچي. جتي رستا هڪٻئي کي وڍي وڃن، اتي پاڻي لنگهائڻ لاءِ ڪسين ۾ ٺڪر جون نليون هڻي ڇڏجن. انهن ڪسين ۾ جي ميويدار يا سايه دار وڻ پوکي ڇڏبا ته پاڻ چڱو. رستن کي ڌمڪ هڻڻ سان ڄمائي ڇڏجي ۽ جي ٿي سگهي ته سرن يا سڙيلن اڱرن جو چورو مٿان پکيڙي ڇڏجي.

وڏي باغ م هڪڙو اهڙو ڪشادو رستو ضرور هئڻ گهرجي، جنهن تي ٻه ٽي ماڻهو گڏ ڳالهيون ڪندا هلي سگهن. اهڙو رستو 12 کان 16 فوٽن تائين ويڪرو هئڻ گهرجي. جيڪڏهن باغ جي پاسي واري ڀت سان لڳو ويندو ته گهڻي ڪمائتي زمين زيان نه ٿيندي، جو انهيءَ هنڌ ڌاري اڪثر وڏا وڻ حد نروار ڪرڻ يا پناهه ڏيڻ جي لاءِ پوکڻ ۾ ايندا آهن؛ تنهن کانسواءِ انهيءَ هنڌ اڪثر وڻن جون پاڙون هونديون آهن، تنهنڪري اها وٿي باغ لاءِ گهڻي ڪمائتي نه هوندي آهي.

جيڪي ٻارا ٺاهجن تن مان ڪي ٿورا خلاصا موسمي يا يڪسالن گلن جي لاءِ رکڻ گهرجن، جن ۾ سال سال ۾ نوان ٻج وجهڻا ٿيندا. پر جي چڱي تجويز ڪبي ته انهن ۾ به ٻارهن ئي مهينا گلڪاري رهندي؛ هن طرح جو سياري ۾ انهن منجهه ولائتي گل پوکي سگهجن ٿا ۽ آرڙهه ۾ ڏيهي گل.

ٻارن رٿڻ کانپوءِ انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ يا رکڻ گهرجن، سو تعلق آهي باغ رکڻ واري جي سمجهه ۽ تجويز تي. ضرور آهي ته ٻارن جي شڪل ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جو قد، ۽ گلن  ۽ پنن جو رنگ ۽ باغ جي آسپاس وارو ڏيک، خيال ۾ آڻجي، خصوصاً وڏن باغن ۾.

 

فصل ٻيو

گاهه وارا پڌرا ۽ لوڙها

گرميءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن چوڌاري زمين کاڻي لوٺي پئي هوندي آهي ۽ پن پوٽو سڀ سڪو سڙيو پيو هوندو آهي، تڏهن ساوڪ واري جاءِ ڏسڻ مان ڪهڙي نه راحت ايندي آهي. موچاري وڏي باغ ۾ هڪڙو ننڍو ميدان يا پڌرو سنهڙي سائي گاهه جي لاءِ ضرور رکڻ گهرجي. اهڙي پڌري تي اڪثر ڇٻر جو گاهه چڱو لڳندو آهي. ڇٻر هن ملڪ ۾ گهڻي ٿئي ٿي. رستن ۽ گندگيءَ وارين جاين تي، توڙي وڏن وڻن جي ڇانو هيٺ گهڻي ٿيندي آهي، اتان آسانيءَ سان ڪڍي سگهجي ٿي. جنهن زمين جي ٽڪر تي اها ساوڪ رکڻي هجي، انهيءَ کي چڱيءَ طرح کوٽي، ولي، وري سنئي ڪري ڇڏجي. پوءِ منجهس ڪڻڪ جي ناڙيءَ وانگي فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي ننڍيون ڪسيون ڪڍي وڃجن، تنهن ۾ اڌ اڌ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي ڇٻر جون پاڙون هڻي ڇڏجن، پوءِ پيو پاڻي ڏجيس، جيسين ڪ اهو گاهه اتي لڳي وڃي. گرميءَ جي موسم ۾ سعيو ڪر پاڻي ڏجيس، نه ته سڪي ويندو.

ڇٻر هڻڻ جا ٻيا به چڱا رستا آهن. هيئن ڪجي جو ڳچ جيتري تازي ڇٻر پاڙون ڪڍي، اُن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري، گپ ۾ گڏي باغ واري پڌري تي پوچي وانگي وڇائي ڇڏجي، پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ساهه پٽيندي. يا ته پهرين باغ جي پڌري کي سنئون ڪري پاڻيءَ سان رجائجي، پوءِ ڇٻر جون چڪيون، اٺن نون انچن چورس سرن جي صورت ۾ ڪڍي پاڙن سوڌيون آڻي ان ۾ هڻجن، جيئن سرن جو فرش ٻڌندا آهن. پوءِ سڄي ميدان تي آهستو ڌمڪ هڻي وڃجي ته زمين سنوت وٺي بيهي. پوءِ رڳو پاڻيءَ جو ٽهو ڏيندو رهجيس. جن هيٺانهين جاين تي مينهن جو يا ٻيو پاڻي بيهندو هوندو، اتي ڇٻر نه ٿيندي، جي ٿيندي ته ستت سڙي ويندي. اهڙن هنڌن تي رڳو ڪل جهڙو ڊگهو نڪمون گاهه زور وٺندو آهي.

باغ جي چوڌاري ڀت جو ضرور آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن ڀت جي بدران لوڙهو ڏيڻ ۾ ايندو آهي، پر انهيءَ مان ڪا باغ جي گهڻي حفاظت نه ٿي ٿئي. انهيءَ هوندي به اهڙا گهڻا وڻ آهن، جي جلد اڀرڻ يا گهاٽن هئڻ يا ڪنڊن رکڻ ڪري ڀت جهڙو ڪم ڏئي سگهن ٿا. پر اها نظر رکڻ گهرجي ته جڏهن تمام مٿي وڌي وڃن يا جهنگ ڪن، تڏهن انهن کي ڇانگي ڪئنچيءَ سان ڪتري پورو بيهارجي. ٿوهر ۽ ولائتي ميندي اهڙي ڪم جا آهن.

 

فصل ٽيون

پاڻي ڏيڻ ۽ ان جو نيڪال ڪرڻ

اسان پهرئين فصل ۾ پاڻيءَ جي اپائن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڏيکاريو آهي ته باغ ۾ کوهه ڪهڙي هنڌ کڻجي. هاڻي ڏيکارينداسين ته پاڻي ڪيئن ڪڍجي.

هتي جي سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته کوهه توڙي کهاڏن مان پاڻي نار يا هرلي سان ڪڍندا آهن، جنهن ۾ رڳو هڪڙي ماڻهو يا ڇوڪر جو کپ ٿيندو آهي، جو ڏاندن کي يا اٺ کي يا سانَ کي ويٺو هڪليندو آهي.

هندستان جي اتر اولهندي پرڳڻن، دکن ۽ سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي ۾ نار جي بدران ڪوس ڪم ۾ آڻيندا آهن، جنهن جي گهلڻ لاءِ ڏاند يا سان ٻڌندا آهن، جي اڳي پوءِ ۽ هيٺ مٿي ايندا ويندا آهن. پر اگرچه هن رستي به پاڻي گهڻو ٿو نڪري ۽ ضايع نه ٿو ٿئي، تڏهن به ڏاندن کي پٺيري موٽڻ ۽ مٿي چڙهڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ گيسر به ٿئي ٿي؛ تنهن کانسواءِ اڪثر ٻن ماڻهن جي گهرج ٿيندي آهي، هڪڙو ڏاندن کي هڪلڻ ۽ هٽائڻ لاءِ ۽ ٻيو ڪوس مان پاڻي ڪڍي حوض يا اڏ ۾ وجهڻ لاءِ.

جن هنڌن ۾ واهن ۽ ڪڙين تان موڪ لڳي سگهي ٿي، اتي ته، پاڻيءَ جي چاڙهي جي ڏينهن ۾ تمام گهڻي سهولت ٿئي ٿي؛ رڳو ڪسي وهائڻي ۽ بند ڪرڻي ٿئي ٿي.

پاڻي آڻڻ جي جهڙي ڳڻتي رکڻ گهرجي، اهڙي پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ جي به رکڻ گهرجي. اڪثر جڏهن گهڻا مينهن پوندا آهن، يا پاڻي واهن مان کنڊن يا گهارن پوڻ ڪري وهي ايندو آهي، تڏهن جي نيڪال جو رستو نه هوندو، ته گهڻي پاڻي بيهڻ ڪري وڻ ٻوٽا سڙي ويندا. يا ته زمين جي آلي ٿيڻ ڪري وڻن جون پاڙون اهڙيون ڍريون ٿي پونديون، جو واءِ جي جهوٽن اچڻ ڪري نڪري پونديون ۽ وڻ ڪري پوندا. تنهنڪري بهتر آهي ته باغ ۾ هيٺاهينءَ واري هنڌ اصلي اهڙا وڻ رکجن، جي گهڻي پاڻي اچڻ ڪري نه سڙڻ يا جي گهڻو ڪمائتا يا قيمتي نه هجن. تنهن هوندي به اڳ ڳڻتي ڪري ڪا ڪسي يا نلي ٺاهي ڇڏجي، ته اهڙي وقت پاڻيءَ جو نيڪال ڪرڻ سولو ٿئي.

ڪهڙي قسم جي وڻن کي ڪيترو پاڻي ڏجي، انهيءَ سوال جو هڪڙو جواب ڏيڻ مشڪل آهي. اهو سڀ خاص ۽ مڪاني حالتن تي تعلق آهي، پر آزمودگار ماڻهن جو چوڻ آهي ته خشڪ هوا واري ملڪ ۾ سراسري ڪري موچاري زمين ۾ گڏيل فصلن جي لاءِ، هفتي ۾، في ايڪڙ کي پنجاهه ٽَنَ پاڻيءَ جا ضروري آهن. ساڳين حالتن هيٺ لوسڻ جي فصل کي ستر ٽن گهرجن ۽ ڪمند ۽ ڪيوڙن کي هفتي ۾ في ايڪڙ لاءِ هڪ سئو ٽن گهرجن. *

پخاليءَ جو رواجي ڍڳو 40 گيالن يا 400 پائونڊ پاڻيءَ جا کڻندو آهي ۽ ڏهاڙي 500 يارڊن جي پنڌ تي ڏهه ڀيرا ڪندو. تنهنڪري چئبو ته هڪڙو پخالي ايڪڙ جي پنجين پتيءَ کي پهچائي سگهندو.

ڀاڄين جي فصل لاءِ ڪنواٽي يا ڏاند تي پاڻي ڏيڻ کان موڪ يا ڪسيءَ سان پاڻي وهائي ڏيڻ چڱو آهي. پاڻيءَ جي ڪسيءَ جي نظر تي باغ جا ٻارا به رکڻ گهرجن. جا زمين پاڻي جلد ڇهيو کنيو وڃي، اهڙيءَ ۾ جلد وڌندڙن اوڀڙن کي جهڙوڪ گوبي ۽ ونگا وغيره، خشڪ هوا ۾ چئن ڏينهن ۾ هڪ دفعو پاڻي ڏيڻ بس آهي. گهڻو پاڻي ڏيڻ اهڙي هنڌ چڱو نه ٿيندو. ننڍا وڻ جن جون چڪيون تازيون رکيل آهن، تن کي ٿورو ٿورو پاڻي جلد جلد ڏيڻ گهرجي. ڏهاڙي هڪڙو ڀيرو بس آهي. پڪن ويٺلن

 

وڻن کي وڌيڪ عرصي کان پوءِ ڍئو تي پاڻي ڏيڻ گهرجي. مثلا رواجي قد جي گلاب جي وڻ کي پنجن ڏينهن کان پوءِ چار گيالن پاڻيءَ جا ڏيڻ بهتر آهي. انهيءَ کان ته ڏهاڙي هڪ گيالن ڏجي. ڇالاءِ جو گهڻو پاڻي زمين ۾ هيٺ ڀرو وڃي ٿو، پر ٿورو پاڻي زمين چهيو وڃي ۽ ان جو گهڻو ڀاڱو بخار ٿيو نڪريو وڃي. تنهن کانسواءِ ٿوري پاڻي جلد جلد ڏيڻ ڪري پاڙون هيٺ نه ٿيون وڃن، مٿي بيٺيون آهن، جنهن ڪري انهن کي هوا جي گرمي ۽ پوسل جي ڦير گهير مان حرڪت رسڻ جو امڪان آهي.

ڪونڊين ۾ رکيلن وڻن کي زمين ۾ رکيلن وڻن کان زياده پاڻي گهرجي. ڪونڊين ۾ پاڻي انهن جي قد ۽ جاءِ آهر ڏيڻو ٿو پوي. پر هميشه نظر رکڻ کپي ته ايترو پاڻي وڻن کي نه هجي، جو پاڙن وٽ رهي ڪنو ٿي سينوارجي وڃي.

وهنجڻ جي جاين جي مورين مان نڪرندڙ پاڻي هميشه باغيچن جي ڪم آڻڻ گهرجي، ان ۾ جو اڪثر صابڻ گڏيل رهي ٿو، سو خاص فائدي وارو آهي. جي پاڻي صاف هجي ته شام جو وڻن جي مٿان وجهڻ خراب نه آهي، جو انهي ڪري پنن مان بخار به گهٽ نڪرندو ۽ مٽي به ڌوپجي ويندي. مگر اس ۽ سج جي تابش ۾ مٿان پاڻي وجهڻ مان وڻن کي نقصان رسي ٿو.

گرميءَ جي ڏينهن ۾ شام جو پاڻي ڏيڻ چڱو؛ مگر سرديءَ جي ڏينهن ۾ صبح جو بهتر آهي.

 

فصل چوٿون

پناهه لاءِ مَنَههَ ۽ شيشن جا گهر

ڪي گل ۽ ٻوٽا جي اڪثر ٻين ولايتن کان ايندا آهن ۽ جي تمام نازڪ ٿيندا آهن، تن کي هتي جي سردي ۽ گرمي ساڙي وجهندي آهي. تنهنڪري انهن کي پناهه ڏيڻ لاءِ تجويزون ڪيون ويون آهن. وڏن وڏن باغن ۾ شيشن جا گهر ٺاهيندا آهن، جن جي اندر اهڙا وڻ ٻوٽا رکڻ ۾ ايندا آهن. انهن مان اهو فائدو آهي ته روشنائي به ايندي ۽ سردي ۽ گرمي به جهڪي ٿيندي. پر شيشن جي گهر تي البت خرچ ٿيندو، تنهنڪري سولو رستو اهو آهي ته بانس يا اهڙيءَ ڪنهن ٻي ڪاٺيءَ جو مَنَهه ٺاهجي، جنهن جي ڇت ڇَنَ وانگي هجي. اهڙو منهه ست فوٽ مٿي هئڻ گهرجي، ۽ قريب 40 فوٽ ڊگهو ۽ 16 فوٽ ويڪرو هجي. پاسن کان ڪانهن يا ٻي گاهه جي ڇٽي پتر ڏئي ڇڏجي، جنهن مان هوا به اندر اچي ۽ روشنائي به اچي. ان جي اندر ڪونڊين رکڻ يا چڪين ويهارڻ جي تجويز ڪجي ۽  گهمڻ لاءِ سنها سنها پيچرا به ٺاهي ڇڏجن. لوهه جا پڙڇ جي سوراخن سان ٿيندا آهن، سي به پاسن جي لاءِ چڱا ٿيندا. اهڙي منهه جي جاءِ باغ ۾ ڳولي انهيءَ هنڌ ڪجي، جتي مٿانهين هجي ته برسات جو پاڻي وهي اندر نه اچي ۽ ڪچرو نه ڪري وجهي.

ڪن باغن ۾ اهڙن مَنَهن تي رڳو وليون چاڙهي ڇڏيندا آهن. پر اهي وليون اڪثر گهاٽ ڪريو ٿيون وڃن، جنهنڪري پوري روشنائي اندر نه ويندي آهي ۽ روشنائيءَ تي پنن جي ساوڪ ۽ گلن جي رنگ جو گهڻو مدار آهي؛ تنهن جي سنڀال رکڻ گهرجي.

جي ٿي سگهي ته اهڙي منهه منجهه هڪڙو ننڍو حوض به رکجي، جنهن ۾ ساون پنن وارا ٻوٽا چڱا ٿيندا؛ تنهن کان سواءِ گرميءَ جي ڏينهن ۾  ان جي اثر کان منهه جي اندر هوا زياده ٿڌي رهندي. سرديءَ جي ڏينهن ۾ وري انهيءَ منهه اندر باهه جو سيڪ ڏئي، هوا ٿوري گرم ڪري سگهجي ٿي. شيشن جي منهه ۾  نه اهڙو سيڪ جلد ڏئي سگهبو. ڪٿي ڪٿي ته پهڻن جا ننڍڙا ڍير ڪري، هٿرادو ٽڪريون ٺاهي انهن تي اهڙا وڻ ٻوٽا رکندا آهن، جنهن ڪري نزاڪت وڌندي آهي. انهن پهڻن تي اڪثر پراڻي ڪڪري يا گچ يا ڀاڻ يا هٿرادو جڙيل مٽي وجهي ڇڏيندا ته گل ٻوٽا آسانيءَ سان پاڙ هڻي اڀرن. انهن تي وري پاڻي ڇاٽاري ڇڏجي، خاص گرميءَ جي ڏينهن ۾.

شيشن جي بدران منهه جي لاءِ اَبرڪ ڪم آڻي سگهجي ٿي. اکرڪ بڙڇ جي صورت ۾ بازارن ۾ ملي سگهي ٿي. تنهن کي درن جي شيشن وانگي وڍي، ديال يا ٻي ڪاٺيءَ جا درن وانگي چونڪ ٺاهي، انهيءَ ۾ هڻي ڇڏجي.

قلمن هڻڻ لاءِ هيئن ڪبو آهي، جو باغ ۾ ڪنهن ڇانوري واري جاءِ تي زمين کوٽي هڪڙو فوٽ اونهون، هڪڙو ٻارو ٺاهيو آهي. انهي ۾ درياهه جي واري يا مٽي وڇائي ڇڏبي آهي. تنهن جي مٿان وري سڙيل ڇيڻا يا ٻيو ڀاڻ ۽ اڌ سڙيل پنن جي مٽي وجهجي، جيئن اها کڏ زمين جي سنوت کان اڌ فوٽ مٿي چڙهي وڃي. پوءِ ڪونڊين ۾ قلم هڻي، اهي ڪونڊيون انهيءَ کڏ ۾ گهيڙائي ڇڏجن. ڪونڊين ۾ ضرور درياهه جي مٽي هئڻ گهرجي، جنهن ۾ ته قلم لڳندا. ڪونڊين جي تري کان وڇايل ڀاڻ جي گرمي پاڻهي چڙهندي، جا قلمن کي ڦٽائيندي. انهيءَ کڏ يا ٻاري جي مٿان وري هڪڙو شيشن جي چونڪ وارو ڍڪ ڏئي ڇڏجي، جو ڄڻ ته مٿي ذڪر ڪيل منهه جوننڍڙو نمونو ڏسڻ ۾ اچي ۽ اهڙو ساڳيو ڪم ڏئي. ياد رکڻ گهرجي ته اهو بندوبست اهڙن وڻن ۽ ٻوٽن لاءِ آهي، جن کي گهڻي سردي ساڙي ڇڏيندي. پر اها نظر رکجي ته انهن چونڪن جي اندر انهن کي گرمي به ۽ روشنائي به ۽ پوسل به ۽ هوا به پهچي سگهي.


* هڪڙي ايڪڙ ۾ آهن. 4840 چورس يارڊ، يعني قريب 70 يارڊ لام ۽ 70 منڍو ۽ پاڻي جي هڪڙي ٽن ۾ آهن 224 گيالن ۽  9ع 35 ڪيوبڪ فوٽ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org