سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :5

 

ٽاري يا ڏندڻ هڪ ورهيه جي ڄمار واري وڻ جو هئڻ کپي ۽ ڪنهن مضبوط وڻ مان وڍڻ گهرجي. انهيءَ پيوند ڪرڻ لاءِ مارچ جو مهينو چڱو آهي، جڏهن اندرين رس مٿي چڙهي ٿي ۽ گونچ ڦٽڻ لڳن ٿا. ٽاري وڍڻ شرط هڪدم پيوند نه ڪرڻ گهرجي، پهرين وڍي زمين ۾ هڻي ڇڏجي، ته ڀلي منجهانئس رس نڪري وڃي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪڍجي. سڪي زمين ۾ رُنبجي ۽ اُس ۾ نه رکجي. پيوند ڪرڻ کان اڳي وري ٽاريءَ يا ڏندڻ جو منهن سنهو تراشڻ گهرجي. پيوند اهڙي صفائيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪرڻ گهرجي، جيئن ٽاريءَ ۽ ٿر جا ڀاڱا پاڻ ۾ ملي ٺهڪي اچن، ۽ هڪڙي جي کَلَ يا ڇوڏو، ٻئي جي کل يا ڇوڏي سان لڳي اچي. ٻئي هڪٻئي تي رکي وري جدا نه ڪرڻ گهرجن، نه ته حرڪت پهچي ويندي؛ رکڻ شرط ڪنهن ڌاڳي يا ڪيوڙي جي کل يا پن سان ٻڌي ڇڏجي، پر اهڙو زور سان ڪشي به نه ٻڌجي، جو رس اندر گهمي نه سگهي. ڌاڳي جي مٿان وري مٽيءَ جو ليپو ڏئي ڇڏجي، جنهن ۾ مٽي ۽ ڇيڻو ۽ ڪک ڳوهيل ۽ مليل هجن. اها مٽي ڀلي سڪي لڳي بيٺي هجي، جيسين ڪ پيوند پڪو ٿي وڃي ۽ آرڙهه جا ڏينهن گذري وڃن، پوءِ لاهي ڇڏجي. ليپي لاءِ مٽيءَ جي بدران هڪڙي قسم جي مصالحدار ميڻ به ٺاهيندا آهن، تنهن جو تهه چاڙهي ڇڏيو آهي. انهيءَ جو نسخو هي آهي:

پيلي رنگ جي رال هڪ پائونڊ؛ ڳئونءَ جي چرٻي؛ ٻه آئونس، ٽارپين جو جوهر (اسرپٽ) هڪ وڏو چمچو، الڪوحل (شراب) (95 في سيڪڙي تي) ڇهه آئونس، هيئن ڪجي جو رال کي هلڪيءَ باهه تي پگهاري، منجهس چرٻي گڏيندو وڃجي. جڏهن ٺري ۽ چنبڙڻ جهڙو ٿئي، تڏهن الڪوحل وجهجيس. پوءِ ٻاٽلين ۾ وجهي، چڱيءَ طرح ٻوچ سان بند ڪري رکي ڇڏجي. جي ڄمي ڏاڍو ٿي پوي ته ٻاٽلي گرم پاڻيءَ ۾ وجهي جهلجي، ۽ ٿورو تازو الڪوحل گڏجيس، ته وري پٽڙو ٿي پوندو اهو برش سان لائڻ گهرجي.

جيڪڏهن پيوند ڏنل فهمائش موجب، پوريءَ طرح ڪرڻ ۾ آيو هوندو، ته اميد آهي ته ٻن ورهين جي اندر اها ٽاري، وڌي گل ڪندي ۽ ڦر ڏيندي. ڪونڊيءَ ۾ رکيل وڻ جي ٿڙ کي وڍي، ان ۾ به پيوند هڻي سگهجي ٿو. پيوند ڪرڻ ۾ ٿڙ، ٽاريءَ يا ڏندڻ کان ضرور ٻيڻو يا ٽيڻو ٿلهو هئڻ کپي. ٿڙ زمين کان اٽڪل اٺ انچ مٿي آرپار وڍي، پوءِ پيوند ڪجي. تکي ڪارائي انهيءَ ڪم لاءِ چڱي آهي. ڪڏهن ته ٿڙ جي منهن ۾ وڏو چير ڪري، ٻه ٽاريون يا ڏندڻ هڻي سگهجن ٿا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ٻيو ٻئي پاسي کان.

پيوند ڪرڻ جي ٻن مک رستن مان، مٿي اسان ٽاريءَ ۽ ٿڙ جي پيوند جو ذڪر پئي ڪيو آهي. هاڻي لکنداسين ته ٽاري، ٽاريءَ سان ڪيئن پيوند ٿيندي آهي. هن ملڪ ۾ پيوند چوندا ئي هن رستي کي آهن، جنهن ڪري هڪڙو جيئرو وڻ چورڻ کان سواءِ، ٻئي سان پيوند ڪري سگهجي ٿو. اهو گهڻن ئي طرحن سان ٿي سگهي ٿو. هڪڙي وڻ جي ٽاري ٻئي وڻ جي ٿڙ ۾ نوائي، وڍَ يا زخم ڪري، ان تي رکي ٻڌي ڇڏجي. يا هڪڙي وڻ جو ٽار، ٻئي وڻ جي ٽار ۾ ساڳيءَ طرح پيوند ڪجي. يا هڪڙي وڻ جي پاڙ مان نڪتل شاخ، ورائي ساڳئي وڻ جي ٿڙ ۾ پيوند ڪجي. انهيءَ طرح سگهو ئي گهاٽا ۽ مضبوط لوڙها جيئرن ۽ بيٺلن وڻن جا بنائي سگهجن ٿا.

هن قسم جا پيوند اڪثر انبن، شفتالن ۽ گلابن لاءِ ڪم ايندا آهن. پيوند لاءِ ٽاري يا شاخ، هڪڙي ٻن ورهين جي ڄمار جي هئڻ گهرجي. جتي ڪنهن وڻ جي اهڙي ٽاري نه هجي، ته اتي ڪونڊيءَ ۾ لڳل قلم ايترن ڏينهن جو، ڪم اچي سگهي ٿو. هيئن ڪجي جو اهڙي ڦٽل قلم جي هڪڙي پاسي کان، ٿوري کَلَ يعني ڇوڏي ۽ ڪاٺي جو هڪڙو پردو، آهستي وڍي لاهي وٺجي، پر ٻن انچن کان وڌيڪ نه لاهجي. جنهن وڻ جو پيوند انهيءَ قلم سان لڳائڻو هجي، تنهن سان به ائين ڪجي. پوءِ ٻئي پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ملائجن، جيئن هڪڙي جو وڍيا زخم، ٻئي جي وڍ تي لڳي اچي. پوءِ انهن ٻنهي جي چوڌاري ڌاڳو ٻڌي ڇڏجي. جڏهن ٻئي چنبڙي هڪ ٿي وڃن، تڏهن هڪڙي جو ٿڙ پيوند کان مٿي ۽ ٻئي جو ٽار پيوند کان هيٺ وڍي ڇڏجي. پوءِ اهو پيوند ڪيل وڻ ڪنهن ڇانوري ۾ نئي رکجي. جيسين چڱيءَ طرح نه وڌڻ لڳي، تيسين انهيءَ ڪونڊيءَ مان نه ڪڍجي.

پيوند ڪرڻ جو هڪڙو ٽيون به رستو آهي، جنهن کي اک هڻڻ يا گونچ هڻڻ چئبو آهي. هي پيوند اڪثر بهار جي موسم ۾، يا اونهاري جي وچ ڌاري ڪرڻ ۾ ايندو آهي. ٻارهن مهينن جو ٻج مان ڦٽل يا قلم مان ٿيل وڻ، پيوند جي ڪم جو ٿي سگهي ٿو. توت، شفتالو، نارنگيون ۽ ٻيا ميون ۽ گلن جا وڻ هن رستي پيوند ٿي سگهن ٿا. اک جي پيوند لاءِ نشتر جهڙو ڪپ ضروري آهي. اک تڏهن لڳندي، جڏهن وڻ جو ڇوڏو ڪاٺيءَ کان آسانيءَ سان ڌار ٿي سگهندو. ڪپ جي چهنب اندر گهيڙائي، وري پاسيري هلائي ڏسجي، ته ڇوڏو يا کل ڪاٺيءَ کان ڌار ٿي سگهي ٿي يا نه. جڏهن ٿئي، تڏهن ڏيڍ انچ جيترو اڀو هيٺ چير ڏئي وڃجي. پوءِ ٻئي وڻ جي ڪا مضبوط ۽ چڱي اک ڏسي، اڌ اِنچ ان کان مٿي، کل ٿوري ڪاٺيءَ سميت وڍي، هيٺ ڀرو چيري، اک کان مٿي اِنچ جيترو هيٺ وڍجي جدا ڪجي. پوءِ آهستي انهيءَ مان ننهن سان ڪاٺي لاهي وٺجي، رڳو اک کل تي لڳل ڇڏجي، جا هن ٻئي وڻ جي ڏنل چير ۾ سنئين ڪري، کل جي هيٺان ڪاٺيءَ تي بيهاري، ڌاڳي سان هيٺ مٿي وراڪا ڏئي ٻڌي ڇڏجي، جيئن اک جو گونچ مٿي بيهي رهي. هيٺ مٿي جيڪي اک واري ڇوڏي جا پُڇڙ وڌيل هجن، سي وڍي ڇڏجن. جڏهن ڇوڏو چنبڙي وڃي ۽ اک لڳي وڃي ۽ وڌڻ لڳي، تڏهن ان جي مٿان وڻ کي وڍي ڇڏجي، ۽ ڌاڳو اُکيلي لاهي ڇڏجي.

هن ڪم لاءِ گهڻيون اکيون وڍي، گڏ ڪري، تازي گاهه ۾ ويڙهي پري پنڌ تي موڪلي سگهجن ٿيون.

 

فصل ڇهون

ڇانگ ڪرڻ

ميون جي وڻن مان، شفتالو، ڊاک، انجير، آلو ۽ سيتا ڦل کان سواءِ، ٻيو ڪو به اهڙو وڻ ڪونهي، جو هن ملڪ ۾ ڇانگ ڪرڻ ۾ نه ٿو اچي. گلن جا وڻ ته سڀئي گلن ڇاڻڻ کان پوءِ ڇانگبا آهن، جنهنڪري گهڻو فائدو پهچندو اٿن، جو ايندڙ موسم ۾ وري تازا ۽ زور ڀريا ٿي ڦٽندا آهن، ۽ وڌيڪ سهڻا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. زمين کان مٿڀرو ٿوريءَ اوچائيءَ تائين، وچين ڪاٺيءَ يا ٿڙ کان سواءِ، ٻيون ٽاريون سڀ صفا ڇانگي ڇڏڻ گهرجن، جو انهيءَ ڪري وڻن جو ڏيک به سڌرندو ۽ گل به جام ڪندا. سولو رستو اهو آهي، ته ڪچيءَ کان هيٺيون ٽاريِون ۽ پن پٽيندو وڃجي، ته ٿڙ زور وٺندو وڌندو وڃي. ائين ڪرڻ ڪري وڻ اڪثر وقت کان اڳڀرو ٻور ۽ گل ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڀاڄين ۾ ڦول گوبيءَ سان به اها تجويز فائدي واري آهي.

وڻ جي پاڙن جي ڇانگ به ڪمائتي آهي، خصوصاً انبن، شفتالو ۽ ڊاک جي وڻن لاءِ، وڻ کان ٿوري پنڌ تي زمين کوٽبي، ته پاڙن جون سنهڙيون چوٽيون ڏسڻ ۾ اينديون، اهي وڍي ڇڏجن. يا ته اصل ٿڙ جي هيٺان آهستي کوٽي، مٽي ڪڍي وٺبي ته سنهڙيون پاڙون نڪرنديون، سي وڍي، هفتي ٻن کان پوءِ وري مٽيءَ ۽ ڀاڻ سان اها جاءِ ڀري ڇڏجي. ائين ڪرڻ ڪري ميويدار وڻ تمام گهڻو ڦر ڪن ٿا. سال ۾ هڪڙو يا ٻه ڀيرا ائين ڪرڻ گهرجي. مطلب هي آهي ته پاڙن کي ٻاهرين هوا، گرميءَ ۽ روشنائيءَ جو چڱو اثر پهچي.

ڇانگ جي لاءِ آڪٽوبر يا نومبر جي پڇاڙيءَ جا ڏينهن چڱا آهن. گرميءَ جي ڏينهن ۾ ڇانگ چڱي ناهي، خصوصاً گلاب ۽ ٻين گلن جي وڻن جي.

اُهي ٽاريون ۽ ڪاٺيون ڇانگجن، جي پراڻيون، ضعيف ۽ نڪميون ڏسڻ ۾ اچن. اڪثر هڪڙي وڻ يا ٻُوڙي جي لاءِ پنج ڇهه ڪاٺيون يا ٿڙن جا ڏار بس آهن، ٻيا ڇانگي ڇڏجن.

مٿئين بيان مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ڇانگ ٻن قسمن جي آهي؛ يا ڇانگ ۾ ٻن قسمن جا ڪم اچي ٿا وڃن _ هڪڙو ته جڏهن وڻ جون ٽاريون تمام وڌي وڃن ۽ اجايون وڏيون ٿي پون، تڏهن انهن کي وڍجي، ٻيو ته وڌندڙ شاخن يا گونچن جون چوٽيون وڍي ڇڏجن. پهرئين قسم جي ڇانگ رڳو تڏهن ڪجي، جڏهن وڻ کي موسم ۾ جيترو وڌڻو هجي، اوترو وڌي رهي، ڇالاءِ جو انهيءَ وقت ۾ اندرين رس، اهڙو زور سان مٿي نه ٿي چڙهي جهڙو ٻين وقتن تي ، تنهنڪري ڇانگ ڪرڻ ۾ جو زخم ٿئي ٿو، سو جلد ڇٽيو وڃي. پر انهيءَ وقت کان اڳي جڏهن اڃا وڻ جو وڌڻ ۾ منهن آهي، تڏهن جي اهڙو زخم ٿيندو ته ان مان تمام گهڻي رس نڪرندي ۽ انهيءَ ڪري وڻ ڪمزور ۽ ضعيف ٿي ويندو. جهڙيءَ طرح سير ڇوڙڻ ڪري، يا ٻيءَ طرح زخم مان گهڻي رت وهڻ ڪري، ماڻهوءَ جو حال ٿئي ٿو. ٻئي قسم جي ڇانگ، يعني وڌندڙ ٽارڙين جي چوٽين وڍڻ جو ڪم، تڏهن ڪجي جڏهن وڻ پور ۽ وڌڻ جي حالت ۾ آهي. جيئن مٿي به چيو ويو آهي،  ته ڇانگ ۾ ٻه فائدا آهن: هڪڙو ته وڻ سهڻو ٿو ٿئي ۽ ٻيو ته ڦر يا ميوو زياده به ڪري ٿو ۽ بهتر قسم جو به ڏئي ٿو.

 

فصل ستون

ٻج ۽ وڻ جي اندروني بناوت جي چڪاس

هتي اسين ٻج ۽ وڻ جي تشريح جو مختصر بيان ڏينداسين. مثال لاءِ چڻن يا مٽرن يا چؤنرن يا هيرڻ جي ٻجن جا ڪي داڻا هٿ ڪريو. جي اهي سڪل هجن ته انهن کي پاڻيءَ ۾ ڀڄائي نرم ڪريو ته چڪاس سولي وٺڻ ۾ اچي، پهرين انهن کي چتائي ڏسبو، ته ٻاهران اسان کي هڪڙو چوڪنڊو داغ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن جو رنگ، ٻج جي کل جي رنگ کان ٻيءَ طرح جو آهي. آهستي آهستي کل لاهي وٺبي، ته اندريون ڀاڱو ٻن اڌن ۾ ورهايل ڏسڻ ۾ايندو. چتائي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته اهي ٻه اڌ ئي پيدا ٿيڻ واري وڻ جا پهريان ٻه پن آهن. اهي اندريان ٻج جا پن، وڻ جي ٻاهرين ساون پنن سان گهڻي مشابهت ڪا نه ٿا رکن، پر جي اسين ڌيان سان ڏسندا وينداسين، ته ڦُٽڻ کان پوءِ جيئن جيئن سلو وڌندو ويندو، تيئن تيئن اهي ٻج جا اندريان پن ڦري وڻ جا ظاهري پن ٿين ٿا. وري انهيءَ ٻج جي ٻن پنن جي وچ ۾، اسان کي هڪڙي ننڍي اک ٻن ننڍن گوشن سان ڏسڻ ۾ ايندي. اها اک آهي ايندڙ وڻ جي پاڙ جي شروعات ۽ پاسي وارا جي ٻه ننڍا گوشا آهن، تن ۾ هڪڙي پيڄيءَ جهڙي شيءِ رهي ٿي، جا پوءِ ٻج ڦٽڻ مهل ڳريو هضم ٿيو وڃي ۽ ننڍڙي وڻ جو کاڌو ٿئي ٿي، جنهن مان هن کي پرورش اچي ٿي، جيسين ڪ اهو پاڙ ۽ پن ڪڍي ظاهر ڪري ۽ زمين مان کاڌو هٿ ڪري. جهڙيءَ طرح انساني حمل ۾ ٻار کي، يا آني ۾ پکيءَ جي ٻچي کي قوت ملي ٿو، جيسين ڪ هو نڪري ٻاهر ٿئي ٿو.

چڻي يا مٽر يا چونري ۾ اهو کاڌو، ٻج جي اندرين پننن ۾ رکيل آهي؛ پر هيرڻ جي ٻج کي جي چڪاسي ڏسبو، ته ان جي ٻج جا پن هنن وانگي ٿلها يا ڳَر واررا ناهن، پر پَتلا ۽ وڻ جي ٻاهرين پنن سان مشابهه آهن. هن ۾ کاڌو، وري جيڪو اڇو اڇو ڀاڱو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، تنهن ۾ رکيل آهي، جنهن مان پيڙڻ سان تيل نڪري ٿو، جنهن ٻج ۾ هي کاڌي جو آذقو، ٻج جي باطني پنن کان ڌار رکيل آهي، جيئن هيرڻ ۾، تنهن کي آلبيومين  وارو ۽ جنهن ۾ پنن منجهه رکيل آهي، جيئن مٽر وغيره ۾، تنهن کي آلبيومين کان سواءِ ٻج سڏيندا آهن.

فوٽ نوٽ : *آلبومين انگريزيءَ ۾ آني جي اڇاڻ جهڙي هڪڙي شيءِ آهي.

ختم

هاڻي ساڳيءَ طرح وري وڻ جي تشريح ڏينداسين. سمجهاڻيءَ لاءِ پڙهندڙن کي گهرجي ته ڪو سڄو ٻُوڙو، يا وڻ جي هڪڙي ٽاري گل سميت هٿ ڪن. مثال لاءِ ڪپهه جو وڻ يعني وونئڻ، يا ڪاٺ تُوري (ڀينڊيءَ) جو وڻ وٺو. انهن جي ٻج ۾ به کاڌي رکڻ جو اهڙو بندوبست ٿيل آهي، جهڙو هيرڻ ۾؛ پر ٻج جي قد ننڍڙي هئڻ ڪري، آسانيءَ سان سهي ڪري نه سگهبو. هاڻي خيال ڪريو ته اسان ڪپهه يا ڀينڊيءَ جو ٻج، مناسب زمين ۾ پوري گرمي ۽ ريج سان پوکيو آهي ۽ اهو باقي رکيل کاڌي ۽ ٻاهرين پاڻيءَ جي مدد سان ڦٽي سلي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. پر ائين ڪرڻ ۾ هن پنهنجا اندريان ٻج وارا پن مٿي ڪڍي ٻاهر ڪيا آهن ۽ پنهنجي اندرين لڪل پاڙ هيٺ وڌائي زمين ۾ هنئي آهي.پن ساوا ڏسڻ ۾ ٿا اچن، ڇالاءِ جو پنن منجهه باريڪ خانا ٺهيل آهن، تن ۾ رنگ جي شيءِ موجود رکي وئي آهي ۽ انهن خانن جي ٻنهي پاسي سنهڙو پردو چاڙهيو ويو آهي، جنهن جي اندرين پاسي سوراخ رکيل آهن، جي انهن خانن جي وچ وارن خالي وٿين تائين وڃي ٿا بيهن. هنن سوراخن جي وسيلي سان پن ڪاربانڪ ائسڊ گئس اندر نِينَ ٿا، ۽ ان کي سندن ٻن جزن ڪاربان ۽ آڪسيجن ۾ ڦوڙين ٿا. ڪاربان پاڻيءَ جي جزن سان گڏجي وڃي ٿي جا وڻ ۾ کپي ٿي ۽ آڪسيجن وري ٻاهر نڪري وڃي ٿي، جا هوا سان گڏجي وري ساهه وارن جي ساهه کڻڻ ۾ ڪم اچي ٿي. تندرست اوڀڙن جي اها ئي خاصيت آهي، جنهن ڪري حڪيم چوندا آهن ته هوا صاف رهي ٿي. پر مئلن ۽ سڪلن پننن، ڪوماڻلن ۽ سڙيلن گلن ۽ پچندڙن ميون جي حالت انهيءَ جي برعڪس آهي، يعني ته هو آڪسيجن وٺن ٿا ۽ ڪاربانڪ ائسڊ ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري ته سڀ مئل پن مٽيءَ ۾ چڱيءَ طرح پوري ڇڏڻ گهرجن، جيسين ڪ پوريءَ طرح سڙي وڃن. انهيءَ ڪري اها مٽي ڪمائتي ڀاڻ وانگي ڪم اچي ٿي.

مٿي مثال لاءِ جي وونئڻ ۽ ڀينڊيءَ جون ٽاريون کنيون اٿئون، تن کي چتائي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته هر هڪ پن کي هيٺان هڪڙي ڏانڊي آهي، جنهن جي پاڙ وٽ ننڍڙن پنن تي ٻه ننڍيون اکيون آهن. انهن مان ڪچيءَ ۾ ننڍڙن پنن کي بچاءُ ملي ٿو، پر وڏن پنن ۾ اهي نڪري وڃن ٿيون، مگر انهن جا داغ يا نشان ظاهر آهن. انهن ٽآرين جي چڪاس مان اسان کي هيءَ ڳالهه به معلوم ٿيندي ته سڀڪو پن پاسي واري ٻئي پن کان، هڪ جيتري تفاوت تي نڪتل آهي ۽ اهڙي وَرَ تي رکيل آهن جو ٽاري انهيءَ سِڌَ تي ڦرندي ايندي. انهيءَ مان اهو فائدو آهي ته سڀ ڪنهن پن کي پوري روشنائي ۽ هوا پئي ملي.

وري ڏسڻ ۾ ايندو، جتي پن جي ڏانڊي ٽاريءَ سان گڏجي ڪنڊ جوڙي ٿي، اتي هڪڙي اک لڪل آهي؛ مطلب ته پن جي ڏانڊيءَ ۾ هميشه اک لڳل رهي ٿي. پر گلاب جي وڻ ۽ ڪن ٻين وڻن سان اهو حال ناهي، جنهن ڪري پڻ وڻن جي بناوت جا جدا جدا قسم ٿي پون ٿا.

وري مٽر ۾ اسان ڏٺو هو ته پاڙ جي شروعات خود ٻج ۾ رکيل آهي، جا ٻج جي کل جي ٺهرايل سنهڙي سوراخ مان نڪري هيٺ وڃي ٿي ۽ زمين ۾ چنبي هڻڻ سان وڻ کي مضبوط ڪري ٿي ۽ پاڻيءَ ۾ حل ٿيل معدني شيون چوهڻ سان وڻ کي کاڌو پهچائي ٿي. پاڙ سائي نه ٿي ٿئي، نڪي ڪي پن ٿينس ٿا. ان کي چوٽيءَ يا چهنبڙيءَ ۾ هڪڙو ڇلرن جو کوپو رهي ٿو، جو جيئن اها چهنب زور سان اندر زمين ۾ گهڙندي، جاءِ ڪندي وڃي، تيئن ان کي ايذاءُ کانبچائي ٿي. اها ڇلرن جي ٽوپي بڙ جي وڻ جي ٽارين مان جي پاڙون لڙڪنديون آهن، تن جي ڇيڙن ۾ لڳل ڏسڻ ۾ اچي سگهنديون.

پاڙ زمين مان پوسل چُهي وٺي ٿي، انهيءَ پوسل ۾ ڪيتريون ئي معدني شيون ۽ گئسون گڏيل ۽ حل ٿيل رهن ٿيون. هن پوسل يا پاڻيٺ جو گهڻو ڀاڱو ته پنن ۽ سائي ڇوڏي منجهان بخار ٿيو نڪريو وڃي، رڳو ڦوڳ يا نهري شيءِ جو جزو پٺتي وڻ منجهه رهجي وڃي ٿو. انهيءَ طرح سج جي توَ ۽ روشنائيءَ جي زور تي وڻ زمين مان تمام گهڻو پاڻي ڇڪي سگهي ٿو. جڏهن اسين ڪيوڙي جو وڻ وڍيندا آهيون، تڏهن زخم منجهان ايترو پاڻي نڪرندو آهي جو زمين ڀرجي ويندي آهي. انهيءَ طرح بعضي وڻن مان حد کان وڌيڪ کؤنر نڪرندو آهي.

وري ٽاريءَ جي مٿين پنن جي ڏانڊيءَ ۾، هڪڙي گل جي ڏانڊي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ گل ۾ پهرين پنج ننڍا ساوا پن ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جي وڃي ٿا هيٺ گڏجن ۽ هڪڙي ننڍي پيالي جهڙي شڪل ٿا ٺاهين، جنهن ۾ گل جا ٻيا ڀاڱا رهن ٿا. انهيءَ پيالي جي هيٺان وري ڪنهن ۾ ٽي ۽ ڪنهن ۾ پنج ننڍا پنن جهڙا ٽُڪر رهن ٿا ۽ پياليءَ جي اندر ٻيا پنج چمڪندڙ رنگ جا پن ڇٽ وانگي ويڙهيل رهن ٿا. انهيءَ پيالي ۽ ڇٽ کي ڪپ سان وچ مان چيرڻ سان اسان کي معلوم ٿيندو ته انهيءَ ڇٽ جي وچ ۾ هڪڙي نلي آهي، جا چوٽيءَ تي وڃي شاخون شاخون ٿي ٿئي، ۽ هڪ هڪ شآخ جي چوٽيءَ ۾، هڪڙي ننڍي رنگ واري ڳوڙهي لڳل آهي. اِهي وڻ جي جنس جا عضوا آهن، جي گهڻن وڻن ۾ هڪٻئي کان ڌار بيٺل رهندا آهن، مگر جي گل اسان مثال لاءِ کنيا آهن، تن ۾ وڃي هيٺ هڪڙيءَ نليءَ ۾ ٿا گڏجن. شاخن جي تندن جي منهن ۾ يا چوٽيءَ تي جي ڳوڙهيون لڳل آهن، سي هڪڙي قسم جي اٽي يا ٻوري سان ڀريل آهن ۽ گل جي وچ ۾ وري پنج ننڍڙيون نرم گاديون رهن ٿيون. اهو اٽو جيت کنيو انهن گادين تي آڻين، يا هوا سان پاڻهئي اچيو اتي پوي، يا بعضي ماڻهو هٿ سان کڻي وجهندا آهن. جڏهن گل پور ۾ ٿو اچي ۽ بالغ ٿو ٿئي، تڏهن انهن گادين ت لِڳ لِڳ جهڙي هڪڙي شيءِ پيدا ٿئي ٿي، جنهن تي اهو اٽو چنبڙيو وڃي. پوءِ اهي اٽي جا ذرڙا جي في الحقيقت گول پردي واريون دٻليون آهن، سي وڌڻ لڳن ٿا ۽ انهن گادين جي ڏانڊين منجهان، هڪڙي ڊگهي نلي، تند وانگي ٻاهر ڪڍن ٿا، جا گل جي وچ ۾ ننڍي قبي جي صورت ۾. رکيل ٻج جي بنياد ۾ وڃي پوي ٿي، اها قبي گويا رحم يا ڳڀيرڻ آهي. انهيءَ کان پوءِ ستت ئي ٻج جا داڻا پچڻ لڳن ٿا، جي آخر ۾ وڃيو ڪامل ٿين ۽ منجهانِ پوءِ وري انهيءَ جهڙو وڻ پيدا ٿي سگهي ٿو.

هنن گل جي پيالين، ڇٽن ۽ ٻين اندروني عضون جي تفاوت هئڻ ڪري پن وڻن ۽ گلن جا جدا جدا قسم ٿين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org