سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :2

سڀني جو مان بدلو وٺندس

ايستائين مان پيو وڙهندس

جيسين تون نابود ٿئين

تنهنجو نشان ڀلي ڪين رهي

وري نه ڪنهن کي همت ٿئي

جو سقراط کي زهر پياري

يا منصور کي ڦاهيءَ چاڙهي

 

مون هٿ ۾ بندوق کنئي آ

منهنجي جهوليءَ ۾ بم آهي

پير سنڀالي بيهه هينئر تون

تنهنجو اڄ مون سان ڪم آ

مستقبل جو مان ڪاتب آهيان

منهنجي هٿ ۾ لوح و قلم آ

هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو وارو آهي.

=

ڪيسين هلندين، سونهان – مونکي

اڃا به اڳتي وڃڻو آهي.

 

منهنجي واٽ انوکي آهي

جيڪا تنهنجي ناهي ڏٺل

تنهنجي سونهپ، تنهنجي ساڃهه

تنهنجي سياڻپ آهي گَٺل

تون جيڪي واٽون ٿو ڄاڻين

تن سان ناهي منهنجو ڪم

تنهنجي هڪ هڪ وک کان نيارو

آهي منهنجو قدم قدم

ڪيسين هلندين، سونهان – مونکي

اڃا به اڳتي وڃڻو آهي.

=

جيڪو آ سورائتو

سو ئي ٿئي آسائتو

 

نيڻ ته مند سوا به وسن ٿا

مينهن ته آهي مندائتو

 

منهنجي هٿ لڳڻ سان ئي ٿيو

تنهنجو جڳ ڊولائتو

 

ان جي موٽ ته آهي محبت

آندو جو مون لاءِ تو

=

مون وٽ اچ، مون وٽ اچ.

ائين نه اچ جيئن مند جا گل

ڳاڙها نيرا پيلا گل

ٽڙي ۽ ڪن جهرمر ڪجهه ڏينهن

ايئن جيئن ڪوئي ڪچو نينهن

وڃن هو پاڻ به ڪومائي

منهنجي دل ڀي گهٻرائي

 

مون وٽ اچ، مون وٽ اچ.

ايئن نه اچ جيئن ساوڻ مينهن

ٿورو وقت ڪري ٿڌڪار

۽ ان کان پوءِ آخرڪار

ساڳي ٻُٽ ۽ ساڳي اساٽ

ڄڻ ته پئي ئي ڪين هئي ڇاٽ

 

مون وٽ اچ، مون وٽ اچ.

ايئن نه جيئن هيءُ چوڏهينءَ چنڊ

هڪڙي رات هڻي ٿو منڊ

۽ پو روز وڃي گهٽبو

منهنجو هانءُ به ٿئي ٿورو

مون وٽ اچ، مون وٽ اچ

ايئن جيئن ڪو ازلي سچ

سدا حسين ۽ سدا جوان

جنهن جا جوڀن نت نوان

جنهن جا جوڀن نت نوان

=

روش تي زماني جي اندر ٻري،

اوهان ڏي ڏسون ٿا ته دل ٿي ٺري.

 

اسان سير ۾ پنهنجي ٻيڙي ڇڏي،

خبر ناهه ڪائي، ٻڏي يا تري.

 

اُنهن تيز نظرن ته ڳاري ڇڏيو،

تکيءَ اُس ۾ برف ڄڻ پئي ڳري.

 

پسي گل ڳاڙها رهي ڪيئن سگهي،

نه چاريو تڏهن ڀي ٿو چانگو چري.

 

اوهان کي ڏٺوسين ته معلوم ٿيو،

ته پيدا ٿياسين اوهان جي ڪري.

 

اسان اُڃ آهيون ۽ امرت اوهان،

پياريو پياريو اسان کي ڀري. 

=

اک اڙائيندا گهڻا ۽ نينهن لائيندا گهڻا،

مون جيان پر نينهن جو ناتو نڀائيندا گهڻا؟

 

مون جيان ڪو جان کي جوکي ۾ وجهندو ڪين ڪي،

هونءَ ته منهنجي سهڻي کي ظاهر ۾ ڀائيندا گهڻا.

هڪڙو مان ئي حال پنهنجو ڪين چئي سگهندس ڪڏهن،

حال منهنجو هونءَ توکي پيا ٻڌائيندا گهڻا.

 

تنهنجو منهن ۽ زلف تنهنجا، تنهنجا ڳل ۽ تنهنجا چپ،

صبر منهنجي کي اڃا ڀي آزمائيندا گهڻا.

 

تون هئين جنهن ڏي الائي ڪيئن وري هيءَ دل چري،

هونءَ ته سهڻا دل کي منهنجي هئا لڀائيندا گهڻا.

 

راڳ جو تنوير سان اڄ ٿو اڪيلو ڳائيان،

وقت ايندو جو انهيءَ کي نيٺ ڳائيندا گهڻا. 

=

او تنوير اڃا ڀي گهڻائي جيئڻ لاءِ سهارا آهن،

گل اڃا ڀي سُرها آهن، دوست اڃا ڀي پيارا آهن.

 

آءٌ رڻن جو رولو آهيان منهنجا رستا نيارا آهن،

جن ته ڪوئي پيرو ناهي سي ئي منهنجا چارا آهن.

 

هيءُ جي گل ۽ مکڙيون آهن هيءُ جي چنڊ ستارا آهن،

ڪنهن مٺڙي جو مظهر آهن ڪنهن پياري جا اشارا آهن.

 

هڪڙو ڪمرو اهڙو جنهن جي هر هڪ ڪنڊ ۾ ڄارا آهن،

جت ماڻهو ناهن ات ڪوريئڙن جا وارا نيارا آهن.

 

جن سان اوندهه ۾ ڀي جهلڪا ڏئي ٿي جهرمر جوت سدائين،

هيٺ زمين تي ٿورا ماڻهو، اڀ ۾ ڪيئي تارا آهن.

 

آءٌ ازل کان ويٺو آهيان واٽن ۾ ايئن نيڻ وڇائي،

ڄڻ منهنجا محبوب هتان هاڻي ئي گذرڻ وارا آهن.

 

موکي تنهنجي اکڙين مان ڪا جوت امرتا جي ٿي جهلڪي،

قاتل جا هيراڪ انهيءَ جي لاءِ ٿيا هي متارا آهن.

”امداد“ حسيني

ساڻيهه جو سندوم

مون کي هر ديس جي هر ويس لئي عزت آهي،

منهنجي شلوار ۽ پهراڻ به ڪو گهٽ ڪونهي؛

آءٌ هر ملڪ جي عظمت کي مڃان ٿو ليڪن،

منهنجي ساڻيهه جو سنسار ۾ ڪو مٽ ڪونهي.

 

مون رُنو لُڙڪ ته مٽيءَ ۾ ملي موتي ٿيو،

مون ڏنو ٽهڪ ته ٽاريءَ تي ٽِڙيو ڦُل ڪوئي؛

نرگس و نستون وسوسن و سنبل ريحان،

مَٽُ اَڏيريءَ جي گُل سان نه ڪيان گُل ڪوئي.

 

صنف هرڪا لکيم، آزاد هجي يا پابند،

نظم بي قافيه، سانيٽ، ترائيل، غزل؛

ڳوٺ ۽ شهر رُليس، ديس ۽ پرديس رُليس،

بيت ۽ گيت ۽ وائي جو مليو ڪونه بدل.

 

پرهه جو گيت مون ڳاتو هيو سورج جهڙو،

سو سنگهارين جي هٿن منجهه مکڻ بڻجي ويو؛

ها انهيءَ لاک رتي ڳيت جو هر سُر سائين،

لوئيءَ وارين جو سچو گُڻ ۽ لکڻ بڻجي ويو.

 

ريشم و اطلس و ڪمخواب هجي يا زربفت،

ڪپڙو ڪهڙو به هجي، تَن ڍڪڻ لئي آهي؛

پوءِ ڪيڏو به هجي مُلهه مهانگو تنهن جو،

موٺڙي، سوسيءَ ۽ گربيءَ جو مگر مٽ ناهي.

مئي و مينا هجي يا مَڌُ هجي يا شربت،

مون کي سڀني کان وڌيڪ آهه کُهَرَ جو پاڻي؛

منهنجي ارٻيلي زمين اهڙي لڳي ٿي وينگس،

نَڪ ۾ نَٿ پيل، نَٿ ۾ سوني ڏاڻي.

 

مون کي هر ديس جي هر ويس لئي عزت آهي،

منهنجي شلوار ۽ پهراڻ به ڪو گهٽ ڪونهي؛

آءٌ هر ملڪ جي عظمت کي مڃان ٿو ليڪن،

منهنجي ساڻيهه جو سنسار ۾ ڪو مَٽ ڪونهي.

وايون

( 1 )

ڇا تون پاڳل آهين؟

ٻَٻُرَن کان ٿو ٻير گهُرين، ڇا تون پاڳل آهين؟

هَروڀَرو ٿو پيڙا ڀوڳين، جهوريءَ منجهه جهُرين!

ڇا تون پاڳل آهين؟

 

پٿرن جو وسڪارو آهي، پوءِ به تون نه چُرين!

ڇا تون پاڳل آهين؟

 

پُورن جهڙو پورِ نه ڪوئي، ڇو ٿو چِٽَ چُرين!

ڇا تون پاڳل آهين؟

 

سُرنگ جو ڪو ڇيڙو ڪونهي، ڪهڙي پارِ پُرين!

ڇا تون پاڳل آهين؟

 

هر ڪو هانءُ هڄيل هورن ۾، تون ڪئن هانءَ هُرين؟

ڇا تون پاڳل آهين؟

ڏياچ ري جو ڏيهه، انهيءَ ۾ سُرندي جيئن سُرين!

ڇا تون پاڳل آهين؟

( 2 )

آءٌ اوهان جي آهيان

پانڌي چُئج وڃي، آءٌ اوهان جي آهيان!

عُمر ڪئي جا ڳالهڙي، مون سان هڏ نه مَڃي،

لوئي ليڙ نه لاهيان:

آءٌ اوهان جي آهيان!

 

ڪوٽَ ڪَڙا زنجيريون، اينديس بندَ ڀَڃي،

ڍينگو ئي ٿي ڊاهيان:

آءٌ اوهان جي آهيان!

 

مارُن ڪارڻ مون سِسي، سوريءَ ڏانهن سَڃي،

سينو سنڀري ساهيان:

آءٌ اوهان جي آهيان!

( 3 )

ڇِڳي پئي آ منهنجي ڇيرَ

پير ڪَڙين ۾ منهنجا پيرَ، مان اپراڌي!

ڀَڳي پئي آ من جي ويڻا، ڇِڳي پئي آ ڇيرَ،

مان اپراڌي!

 

لُڇي پُڇي ۽ مري ٺري وئي، هيرَ جهٽڻ جي هيرَ،

مان اپراڌي!

 

سوچان ٿو هن ويرَ ملڻ لئي، آئي هوندي ڪيرَ؟

مان اپراڌي!

( 4 )

کڻجو وِک گڏي

پوين جي لئي، پٺتان رت جي ليڪَ ڇڏي، هلندا هلجو!

اوڀاري ڏي اُلرو اُڀرو، سنڌوءَ سيرَ سڏي،

هلندا هلجو!

 

پيرَ پِٿون جي آهن ڇاهي، کڻجو وک گَڏي،

هلندا هلجو!

 

ڌر ڌُٻايو، اُڀ ٻُرايو، ڳايو واڪَ وڏي،

هلندا هلجو!

 

مٿن مامرا جن تي جاني، ويٺا ڪينَ اَڏي،

هلندا هلجو!

 

هلندا هلجو، هلندا هلجو، هلندا هلجو!

 

بند گهٽي

(هڪ طويل نظم جو پهريون بند)

اهائي گهٽي جنهن ۾ گهر آهي هُن جو

اهائي گهٽي منهنجي چهري جي ريکا

اهائي گهٽي منهنجي هٿ جي لڪير آهي بڻجي وئي

صدين کان سُهائو هو جنهن جو اڱڻ

اُن اڱڻ تي

ڪڏهن ماءُ جو چنڊ چهرو چڙهيو

ڪڏهن پيءُ جو سجَ وانگي سدا مهربان مک مُرڪيو

ڪڏهن ڀائرن ڀينرن جا ٽِڙيا ٽهڪڙا

ها، اُنهيءَ ئي اڱڻ تي

ڪڏهن بڙَ جو وَڻُ هو

ڏاڪ جي راند هئي

مگر هڪڙي ڏينهن

واءُ اهڙو وريو

سج گرهجي ويو

چنڊ اُلهي ويو

بَڙُ پاڙن کان پٽجي ويو

ٽِڙيل ٽهڪڙا هُن جي شعرن جي ڦاٽل پنن جان اُڏامي ويا

اِنهيءَ گهر جا هڪ هڪ ٿي سارا کٽولا کڄي ويا

۽ هُو

گهر جي در کي کُليل ئي ڇڏي

سرد بيدرد ڇڙواڳ پاڳل هوائن جو پيڇو ڪندو

اُنهيءَ چنڊ چهري

اُنهيءَ سج مکڙي

جي ڳولا ۾ نڪري ويو

مان!؟…

جيڪو هُن جي ئي چهري جيان

۽ هُن جي ئي پاڇي جيان

هُن سان چنبڙيو رهيس

سو جدا ٿي ويس

(                   )

هاڻ ساڳي گهٽيءَ جي مُهڙ تي بِهي

سوچيان ٿو ته: مان

گهر وڃان؟

ڪهڙي مُنهن سان وڃان!

متان،

آرسيون مون کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان انڪار ڪن!

چنبڙايل مرڪ

پل جي پيڙ صدين تي ڀاري

هوندي آهي مان ڄاڻان ٿو

 

گهڙي به هُن بِن قيام ڪاري

هوندي آهي مان ڄاڻان ٿو

 

جِندڙي ساري مُٺ ۾ واري

هوندي آهي مان ڄاڻان ٿو

 

پوءِ به، رُت ۾ رنگ ڀرڻ لئي

جڳ ۾ پنهنجو مانُ رکڻ لئي

لُڙڪ لِڪائي مان مُرڪان ٿو

 

ڪوئي هُن کي وڃي سُڻائي

آئون ڏاڍي لئي ۾ آهيان!

رُوٽين

روز دُڪانَ کلڻ سان

شوڪيسن تي، اُس جو ڪِرڻو

رانديڪن سان کيڏڻ چاهي

ننڊ مان کين اٿارڻ چاهي

پر هو ڪيڏو پاڳل آهي

هن کي ڪير اهو سمجهائي:

جنهن جي مُٺ ۾ سِڪو آهي

چاٻي تنهن جي هٿ ۾ آهي

منهنجو مَن به ته پاڳل آهي

اُس جو ڪِرڻو پڪڙڻ چاهي

سامهون جيڪو ماڻهو آهي

جنهنجي هٿ ۾ ڪشڪول آهي

تنهن ۾ سوني سِڪي بدران

اُس جو ڪِرڻو پائڻ چاهي

پنهنجو خالي هٿ ڏسي

ريکائن کي ڳڻڻ لڳان ٿو

تڏهن اهو احساس ٿئي ٿو

جنهنجي مُٺ ۾ سِڪو ناهي

سو هن جڳ ۾ جاڙ جئي ٿو

ريکائن کي ڌنڌلو ٿيندو

آءٌ ڏسان ٿو

سڄي ڏينهن جو تپندڙ سورج

اکين منجهه ٻُڏي ويو آهي

ڇاتيءَ ۾ هانو ٻُڏي ويو آهي

تڏهين مون کي ياد اچي ٿو

گهَرُ به واپس ورڻو آهي

۽ گهر ڪيڏو نه ڏور آهي!

تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳان ٿو

وهندي ڀيڙ ۾ گم ٿي وڃان ٿو!

مورو

مورو ناهي ٿورو – ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان

جبل مٿي ڳاني

جُڙيو هجين شل جاني

جبل مٿي جهلِ

محب اچي تون ملِ

کنوڻ ڪيا کيجَ

سڃي منهنجي سيجَ

جبل مٿي جوت

تون ته هينئين جو هوت

جبل مٿي جهنگُ

آ ته رچي ڪو رنگُ

جبل مٿي ريجَ

ڏک ڏنا ٿئي ڏيجَ

جبل مٿي گهاريون

هينئڙو ڦاريون ڦاريون

جبل مٿي جنڊ

تون ته چوڏهينءَ چنڊ

جبل مٿي جهار

قول پرين تون پار

ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان

راڻل مورو ويٺي ڏيان.

نظم

مون کي معاف ڪجانءِ مسافر

جي مان توکان

مانيءَ ڌانيءَ

پاڻيءَ ڇاڻيءَ

جو نه پُڇان

 

منهنجي ڦاٽل ساٽل جهوليءَ ۾

ماني ناهي

ڌاني آهي

منهنجي سيرون سيرون ٻُڪ ۾

پاڻي ناهي

ڇاڻي آهي

مان پاڻ بکيو ۽ پياسو آهيان!

مون کي معاف ڪجانءِ مسافر

جي مان توکان

…   …   …   …   …

گيت

تنهنجو منهنجو پيار اَلا لا

نيري ساگر جهڙو گهرو

هر دم تارون تار اَلا لا

آر نه ڪوئي پار اَلا لا

آءٌ وڻجاري تون وڻجارو

 

تون جي لهر ته آءٌ ڪنارو

وڇڙي ڪونه ڪڏهن سگهنداسين

 

هانوَ نه هيڏو هار اَلا لا

آر نه ڪوئي پار اَلا لا

آءٌ تنهنجي مومل تون منهنجو راڻو

 

تولئي روح وتي وڳاڻو

من ۾ تنهنجي مورت آهي

 

لنونءَ لنونءَ منجهه لغار اَلا لا

آر نه ڪوئي پار اَلا لا

 

=

سهسين هار ڪري سينگار،

وه وا آئي مند ملهار

هير گلن سان لهي پئي لائون

جيءُ ويو آهي جهولو بڻجي

جهوليو جنهن ۾ جهلان ٿي آءٌ

گل ٽِڙي پيا

سُرَ ڇڙي پيا

تاڙي لائي آهه تنوار

مُکڙين مُرڪي اکڙيون کوليون

جيءُ جهڙالو ٿي ويو جاني

ڪوئل مٺڙيون ٻوليون ٻوليون

بجلي چمڪي

پائل ڇَمڪي

گس گس ٿيئڙا گل گلزار

هئي اکين ۾ آس اهائي

بادل ايندو سانول ايندو

باسي هئي مون باس اهائي

مينهن اچي ويا

رنگ رچي ويا

ڇنن ۾ ڇيرين جا ڇمڪار

”روح رهاڻ“ جي ٽائيٽل تان

هينئڙو لهرين وچّ اَلا

سمنڊ سڄو کارو پاڻي

شام لڙي ٿي سُهماڻي

              

هِن ڀر کان هُن ڀر تائين

اوسيئڙو ئي اوسيئڙو

ڪوهيڙو ئي ڪوهيڙو

شهر جي چوڪ تي

شهر جي چوڪ تي ڪلهه ٿي چيو هڪڙي ڏاهي

ڪو محبت نه ڪري ڪو به نه ڪنهن کي چاهي

پوءِ به امداد کي توساڻ محبت آهي

ٻه سٽون

رات جو هيتري برسات پئي

ڏينهن جو پَٽ سُڪا پيا آهن

 

غزل

پرينءَ سان پکي ۾ پئي هئي ٻکي

سجل جوت مُک تي بکي ٿي بکي

جتي گاهه گهاٽو هيو جهنگ ۾

اتي منهنجي بِندي پئي هئي سکي

 

سڄڻ آهه ماکيءَ ڪِنان ئي مِٺو

اهو ڪوڙ ڪونهي ڏٺوسين چکي

اوهان موڪلايو جڏهن واٽ تان

ته منظر رُنا هٿ دل تي رکي

 

وشال آهه ليلاڻ آڪاس جي

نه پڃرو نه پڃري ۾ آهي پکي

 

جڏهن به رات ٿي

جڏهن به رات ٿي تڏهن

ڪنائيندو رهيس مگر

گهٽيءَ جي ڪنهن به موڙ تان

نه ڪنهن به منهنجي نانءَ سان

ڪڏهن به مون کي سڏ ڪيو

نه در تي ڪو ڪڙو لڳو

ڀڳو ته هانءُ ئي ڀڳو

۽ ايئن لڳو

ٺڪر جو ٿانءُ ئي ڀڳو

اکين جي ڪهڙي ڪنڊ مان

لڙيو ته چنڊ ساڻ گڏ

ڳلن تي لڙڪ ئي لڙيو!

ڪافي

تون ئي سڄڻ منهنجي سر جو سائين،

توتان پنهنجي جندڙي گهوريان.

 

ساريون راتيون توکي ساريان، ڏينهن ڏکن جا ڪيئن گذاريان،

پرچي پير پرين شل پائين، آءُ ته توسان اندر اوريان.

 

پل پل تنهنجا پور پچايان، ور ور وٽ جي لاٽ وڌايان،

نينهن لڳائي شال نڀائين، سِڪَ سڳو ٿي ساجن سوريان.

ڪيڏارو

اڄ وري اُتر ڪنان ڪا ڪونج ٿي ڪرڪي پئي

ٻاٽ آهي واٽ اُن ۾ لاٽ ڪا جرڪي پئي

روح ۾ مينديءَ رتي خوشبو وئي آ اوتجي

لال ۽ کنهبي لهوءَ ۾ لات ڪا لڇندي وڃي

ڪربلا جي واقعي جا پار ٿي پڇندي وڃي

ڇا چوان هر لفظ آهي تير ڪو منهنجي نڙيءَ مان آر پار

هيءَ اُفق تي آ شفق يا موڙ ٿو قاسم ٻڌي

هو گلابي گل ٽڙيا يا آهه لالڻ جو لباس

چنڊ چوڏهينءَ جو چڙهيو آ يا چڙهيو دلدل سوار

هي ستارا ڪيم ڀانئج هي اٿئي ابهم علي اصغر جا ٽهڪ

ٽهڪ جي گهٽجي ويا هڪ هڪ ستارو ٿي ڇڳو

رات ڪارو ويس پاتو ۽ وئي ماتم ڪندي

سج اُڀريو يا گلابي گهاءُ آهي گهوٽ جو

ڌرتتي ڌرتيءَ مٿان آهي رڳي رت جي رئي

هنج ٿا موتي چڳن ۽ مڙد ٿا پڙ کي پڇن

جنگ جو نالو ٻڌي ڪانئر پيا ٿڙ ٿڙ ڪنبن

 

پڙ مٿي پرزا ٿيڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سکي

رڻَ ۾ لائون لهڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سکي

سر ڏئي سرهو ٿيڻ ابنِ علي کان ڪو سکي

 

هيءَ آکاڻي لکي جيڪو، اُهو

سر ڪري پنهنجو قلم

مسُ بدران رت ۾ ٻوڙي لکي

سپنا ٿي ويا سچ سمورا

تنهنجا منهنجا

منهنجا تنهنجا

 

سپنا ٿي ويا سچ سمورا

گيت اڌورا ٿي ويا پورا

تارن وانگر سُرَ ڇڙي پيا

مکڙين وانگر ٽهڪ ٽڙي پيا

ڇُلڪي پئي آ چنڊ جي گهاگهر

اُٿلي پيو آ سڪ جو ساگر

تنهنجا منهنجا . . .

جندڙي ٿي اڄ جهومي ڳائي

سينڌ ستارن سان جرڪائي

لنونءَ لنونءَ ۾ ڪا لهر لُڇي ٿي

مون کان تنهنجا پار پڇي ٿي

تنهنجا منهنجا . . .

ترائيل

کُٽي نه آهي واٽ اڃا

رات کُٽي ويئي آهي

اُوچا رکجو ڳاٽ اڃا

کُٽي نه آهي واٽ اڃا

 

روشن رکجو لاٽ اڃا

باک ڦُٽي ويئي آهي

کُٽي نه آهي واٽ اڃا

رات کُٽي ويئي آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com