سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :7

نصير ”شاد“ ميرزا

وائي

ڌرتيءَ جو ڀڳوان…الو ميان،

آهي خود انسان.

وستيءَ وارؤ جاڳو جاڳو، آڌيءَ جو اُپمان! اَلو ميان.

آهي خود انسان.

ڪارو اُڀ ۽ ريٽي ڌرتي، سوريءَ تي ٻَلوان! اَلو ميان.

آهي خود انسان.

جو ڀي ڌرتيءَ نانءُ گهري ٿو، تنهن لئه آ زندان! اَلو ميان.

آهي خود انسان.

گيت

مَن منهنجو ڇڙواڳ، او سائين!

 

جهِرڻين مان چنڊ جهاتيون پائي،

جل ٿل ڌرتي نيڻ وڇائي،

ورکا گلن جي جٿ ڪٿ سانول،

اهڙا پنهنجا ڀاڳ، او سائين!

من منهنجو ڇڙواڳ!

من مندر جا ديپ جلايان،

اوماسين جي آڳ اجهايان،

تارن جي سازن تي ويهي،

ڇيڙيو آ مون راڳ، او سائين!

من منهنجو ڇڙواڳ!

”ڪنول“ سنڌي

وايون

( 1 )

چرين چايو چس،

مُور نه ماڻيو ماڻهوئين

ڪُرڙي جيئن ڪُنڍيءَ ۾، ورهه به ايڏو وس:

مُور نه ماڻيو ماڻهوئين.

وک ڪٽوريون وات تي، گرڌاريءَ جو گس،

مُور نه ماڻيو ماڻهوئين.

جهڙي پيڙا پيار ۾، اهڙو نه ماکيءَ رَس:

مُور نه ماڻيو ماڻهوئين.

گهوريس گيڙوءَ ويس تان، جوڳڻ! توکي جَسّ:

مُور نه ماڻيو ماڻهوئين.

( 2 )

لهندي جي لالاڻ ۾ -

منهنجا رت – ڦُڙا.

منهنجو سڏ پڙاڏو سانوڻ، پن پن جي پيلاڻ ۾:

منهنجا رت – ڦُڙا.

ٽم ٽم، ٽم ٽم، جوت اُجهاڻي، اک اک جي آلاڻ ۾:

منهنجا رت – ڦُڙا.

ڇانئي اڄ گهنگهور گهٽا، من من جي مانڌاڻ ۾:

منهنجا رت – ڦُڙا.

ڄاڻ کِڙيا ڪي کيٽ نوان، موج موج مهراڻ ۾:

منهنجا رت – ڦُڙا.

”ڀون“ سنڌي

گيت

دنيا دوکو، دولت دوکو، دوکو آ سنسار،

هل ته هلون ٻئي پار.

هن دنيا جو واپار ڀي دوکو،

وٽ کوٽا وهنوار ڀي دوکو،

دوکو آ جنسار، الو ميان-

هل ته هلون ٻئي پار!

هت اُلفت جو اقرار ڀي دوکو،

مائٽ مٽ ۽ يار ڀي دوکو،

دوکو هت جو پيار، الو ميان-

هل ته هلون ٻئي پار!

هن دنيا جا ساز ڀي دوکو،

مٺڙو هر آواز ڀي دوکو،

دوکو هر گفتار، الو ميان-

هل ته هلون ٻئي پار!

پريم ”ساگر“

غزل

انهن ديوانن کي ڇڏيو، اهي روئي ڏيندا،

جيڪو ڪجهه انهن وٽ آهي اهوئي ڏيندا.

مڪر و فريب جو من ڏيو توهان کي،

دل جي درياهه ۾ ڌوئي ڏيندا.

پيار ڏيو پيار جي عيوض توهان کي،

سڪ ۽ سچ جي سونهن سگهوئي ڏيندا.

پريم جا ’ساگر‘ پريت جي پياسن کي،

جيڪو انهن وٽ آهي سڀوئي ڏيندا.

=

جڏهن ڀي زندگي ٿي عذاب بڻجي،

تڏهن ٿو انهي مان انقلاب بڻجي.

 

آس ۽ پريت جا ٿا نغما ڇِڙن،

جڏهن رڳ رڳ ٿي رباب بڻجي.

 

پورهيت جو هر گيت ظلم لاءِ،

باهه وڏي جو ٿو باب بڻجي.

 

نينهن جي هر گهاءَ تي گيت لکو،

جيئن دنيا پريت جو ڪتاب بڻجي.

=

تنهنجو منهن گلاب او سائين،

رڳ رڳ آ رباب او سائين.

تنهنجون اکڙيون تنهنجا چپڙا،

تو وٽ جام شراب او سائين.

اُڀ جون حورون، ڀونءِ جا سهڻا،

تنهنجو ناهي جواب او سائين.

سهڻن جو اڳواڻ، تون هئين،

رات ڏٺو مون خواب او سائين.

تون سونهن وفا جو شهزادو،

مان محبت جو ڪتاب او سائين.

 ”ساگر“ سومرو

گيت

پاڻ ۾ پِرت جي ريت وڌايون،

آءُ ته ساٿي دور هلون!

هتڙي ڪونه گذارو ٿيندو،

ڪوئي ڪونه سهارو ٿيندو،

پنهنجي دنيا آءُ وسايون: آءُ ته ساٿي دور هلون.

مَن منهنجي جو موتي آهين،

غم ٿو منهنجي دل جا لاهين،

گيت خوشيءَ جا گڏجي ڳايون: آءُ ته ساٿي دور هلون.

هتڙي پهرو پيار تي آهي،

نينهن سندو هِت نالو ناهي،

بستي پنهنجي اچ بدلايون: آءُ ته ساٿي دور هلون.

’ساگر‘ مان ۽ تون آن ساحل،

هونداسين بس شامل شامل،

ڇاتي ڇاتيءَ ساڻ ملايون: آءُ ته ساٿي دور هلون.

غزل

توکي ڳولهي لَهان ڪِٿان سائين!

هيڏو سارو آ هِي جهان سائين!

تون ئي ڪا مهرباني ڪر مون تي،

منهنجو اُجڙيل آهه آشيان سائين!

مون لِکي خون سان ڪيو پورو،

ڏِس پڙهي مُنهنجو داستان سائين!

رات جو ٿا ڏسون ٻَئي توڏي،

مان ۽ اُڀ تي ٻي ڪهڪشان سائين!

هڪ هُجي غم ته مان ڪريان قابو،

سوَ ستم ڪيئن سانڍيان سائين!

مان ته تُنهنجي ٿو بهتري چاهيان،

مون ۾ ڇو ٿو رکين گُمان سائين!

هڪ هجي رات جي ته مان لوڙيان،

روئي ڪيڏيون مان ڪاٽيان سائين!

ويهه ويجهو اچي تون ’ساگر‘ سان،

خوش نصيبن ۾ مان ٿيان سائين‘

اياز ”گل“

گيت

ڏور نه مون کان گهار، الا!

آءُ اسان وٽ، پيار پُڄايون:

ماڻن ساڻ نه مار، الا!

ڏور نه مون کان گهار، الا.

پيار  ڏي  پنهنجو  پنڌ  پُراڻو، ڪنهن جي دلڙي ڪين دُکايون.

ڪو ته ٿئي هِت يار، الا،

ڏور نه مون کان گهار الا!

هيڪل وياڪل، هانءُ اسان جو، جيءُ جهُريل ۾ تنهنجون جايون.

نيڻَ کڻي ڀَل مار مار، الا،

ڏور نه مون کان گهار الا!

غزل

نارِ نشيلي، نينهن نماڻو،

پل پل پيڙا پائي ويٺي.

نيٺ ته ايندو آس لڳائي،

دوکن دل ريجهائي ويٺي.

ڏورِ خزان ۾ سانوڻ سندا،

ڳيچ ڳهيلي ڳائي ويٺي.

هيرو ڄاڻي مَن ماندو،

پٿر سان پِرڀائي ويٺي.

مومل جهڙي محبت ماريل،

راڻو رات رُسائي ويٺي.

روپ نگر شرمائڻ واري،

’گُل‘ اسان جو گهائي ويٺي.

2

 

افسانا

”اهي دلگداز ۽ روح فرسا گهڙيون، جن جي ٻاٽ اوندهه ۾ ظلم ۽ تشدد جي ڇڙواڳ ديوَ جو وحشي هٿ، قوت ۽ طاقت جي آڙ ۾، زندگيءَ جي معصوم ۽ ڪنول جهڙين اڇين اُجرين دلين کي ٽِڙَڻ ۽ کُلَڻَ کان اڳ مروٽي ٿو اڇلائي، سي ڪائنات تي هڪ لرزه انگيز سڪوت طاري ڪيو ڇڏين. شاعر ۽ اديب پنهنجي غمزده خاموشيءَ ۾ غرق ٿي ٿو وڃي. مشاهدي جي اک مان وهيل ڳوڙها، قلم جي ذريعي ڪاغذ تي ڳڙي، خاموش زبان ۾ جو ڪجهه نقش ٿا ڪن، ان کي ماڻهو شعر ۽ افسانو ٿا سڏين.“

- غ . م.گ

شوڪت حسين شورو

مئل ويساهه

 

        اسپتال جي اڳيان پکڙيل ويڪري لان تي ڪيترائي ماڻهو ويٺا هئا. مريضن جا مٽ مائٽ، عورتون ۽ مرد، انهن سان گڏ آيل ٻار ۽ ڪجهه مريض پڻ، جيڪي گهمڻ – ڦرڻ جهڙا هئا. شام اچي لڙي هئي. ڇٻر جو رنگ وڌيڪ گهرو سائو ٿي ويو هو. لان جي چوڌاري رنگا رنگ گل هلڪي هلڪي هوا تي لڏي رهيا هئا. الياس گلن کي ۽ ٻارن کي خالي نظرن سان ڏسي رهيو هو. ٻارن کي گلن جهڙا ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ هن پاڻ کان پڇيو. شايد ان ڪري جو گل ڪجهه وقت لاءِ تازا رهندا آهن ۽ خوشبوءِ ڏئي سُڪي ويندا آهن. ٻار به ڪجهه وقت لاءِ خوش ۽ بيپرواهه رهندا آهن ۽ جڏهن وڏا ٿيندا آهن ته منجهن نه خوشي رهندي آهي ۽ نه بيپرواهي. الياس کي پنهنجا ٻار ياد آيا. هن کي لڳو سندس ٻار وقت کان اڳ وڏا ٿي ويا هئا. هنن کي هر ڳالهه تي هيسايو ٿي ويو، هر شيءِ لاءِ سِڪايو ٿي ويو. ”۽ آءٌ ته ڪڏهن ٻار هئس ئي ڪونه. مون کي ياد نٿو اچي ته مون ڪڏهن ٻاراڻو انگل ڪيو هجي.“ هن پاڻ به سڄي حياتي سِڪندي گذاري هئي، پر هن چاهيو هو ته سندس ٻار، ٻار ئي رهن ۽ سندن ضرورتون اڻپوريون نه رهن.

”ٿي سگهي ٿو ته بابا به منهنجي لاءِ ائين چاهيو هجي. هرڪو مائٽ ائين چاهيندو آهي ۽ پنهنجي سڄي زندگي، پنهنجون سموريون خوشيون اولاد کي ڏيڻ چاهيندو آهي. پر ٿئي ڇا ٿو؟ هن جي زندگي گهاڻي ۾ پيڙجيو وڃي ۽ خوشيون هن وٽ ڪونه هونديون ته اولاد کي ڇا ڏيندو؟ اها سڀ ٺڳي آهي. هن کي خبر آهي ته وٽس پنهنجي اولاد جي لاءِ نه ڪا خوشي آهي ۽ نه سُک آهي. اصل ۾ هن وٽ جيڪي ڏُک ۽ تڪليفون آهن، تنهن ۾ پنهنجي اولاد کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ چاهي ٿو. هن کي اولاد کپي ئي ان لاءِ.“

هن لان تي کيڏندڙ ٻارن ڏانهن ڏٺو. ”جيڪڏهن ڪو مائٽ پنهنجي اولاد کي خوشيون ۽ سک نٿو ڏيئي سگهي ته هن کي اولاد پيدا ڪرڻ جو حق نه هئڻ کپي. اهو ظلم آهي. ان کي روڪڻ کپي.“ هن کي محسوس ٿيو ته اها ڳالهه هو پنهنجو پاڻ کي چئي رهيو هو. ”پهرين ته مون پنهنجي ٻارن تي جيڪو ظلم ڪيو آهي، مون کي ان جي سزا ملڻ گهرجي. پر مون کي ته اڳي ئي ان جي سزا ملي رهي آهي. جيڪڏهن… جيڪڏهن… پروين نٿي بچي… اوهه، منهنجا خدا! پوءِ ننڍڙن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ هنن کي ڪير سنڀاليندو؟ نه نه، آءٌ هنن کي سورن ۽ تڪليفن ۾ ڏسي نه سگهندس.“ هو گهبرائجي اٿي بيٺو ۽ هلڻ لڳو. هن جو رخ زناني وارڊ طرف هو، جتي هن جي زال داخل ٿيل هئي. ڊاڪٽرن هن کي ٻڌايو هو ته پروين جي بچڻ جو آسرو ايترو گهڻو ڪونهي. هو هلندي هلندي بيهي رهيو. ”پر آءٌ وڃان ڇو پيو؟ اڃا هاڻي ته پروين وٽان ٿيو پيو اچان، وري يڪدم… مون ڪجهه دير لاءِ مريضن جي ڪنجهڻ ۽ دوائن جي بوءِ کان پري، ٻاهر رهي، کليل هوا ۾ ساهه کڻڻ ٿي چاهيو ۽ وري موٽي وڃان اتي!“ هو لان تي اچي ويهي رهيو.

هن کي ياد آيو ته سڀاڻي کيس دوائن جي لاءِ پيسا کپن. ايترا پيسا هن وٽ ڪونه هئا ۽ ڪو اهڙو ماڻهو به نٿي سُجهيو، جنهن کان قرض وٺي. قرض ته هن جيڪو ورتو هو سو به اڃا واپس نه ڪري سگهيو هو. اهڙو ڪير هو جيڪو قرض مٿان قرض ڏيندو رهي. جن دوستن کي ڊپ هو ته الياس کانئن قرض وٺندو، تن ساڻس ملڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ جن قرض ڏنو هو سي به ملڻ کان لهرائي ٿي ويا ته هو وڌيڪ قرض نه گهري. ڪٿي پروين جي بيماري کيس ۽ سندس ٻارن کي تباهيءَ طرف ته ڪانه وٺي وڃي رهي هئي؟ ”آخر پڄاڻي ڪٿي ٿيندي؟ ان کان پوءِ به پروين بچي نه سگهي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ٿيندو؟ پڄاڻي ڪٿي آهي، ياخدا، پڄاڻي ڪٿي آهي؟“ هن جي دل ۾ آيو ته هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئي. هن پنهنجي هٿن کي ڏٺو. هٿ ۽ هڏايون آڱريون، ڄڻ ڪنهن مُردي جا هٿ هئا. هٿن جون تريون ڪاٺ وانگر سخت هيون، ماس ته هوئي ڪونه. هٿن جي پٺيان وڏيون نيريون نسون اُڀريل هيون. ”اهي هت منهنجا آهن؟“ هن پاڻ کان پڇيو. هن کي ان ڳالهه جو احساس پهريون ڀيرو ٿيو هو. ”منهنجا هٿ اهڙا ته نه هئا… اهڙا ته نه هئا…“ هن کي اعتبار نٿي آيو. ”مون سان اهو سڀ ڇو ٿيو؟ ڪجهه ٻيو نٿي ٿي سگهيو؟ جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته ڪنهن ٻئي کي ته نقصان ڪو نه ٿئي ها. پر جي مون کي ئي ڏک ۽ عذاب سهڻا هئا ته منهنجن ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو! اهي به مون سان گڏ ڀوڳيندا، ها، انهن کي به مون سان گڏ ڏک ۽ تڪليفون سهڻيون آهن، جيستائين هو ان لائق ٿين ته پنهنجي قسمت کي منهنجي قسمت کان ڇني ڌار ڪن.“ هن پاڻ کي فيصلو ٻڌايو.

پروين هن کي چيو هو، ”اسين ڪهڙا بدنصيب مائٽ آهيون، جو پنهنجي اولاد جو معمولي انگل به پورو نٿا ڪري سگهون.“

تڏهن هن کيس جواب ڏنو هو، ”رڳا اسين ڪونه آهيون، اسان جهڙا ٻيا به گهڻا آهن. گهڻا آهن ئي اسان جهڙا. اهڙا ماڻهو ته ٿورا آهن، جن جا ٻار ڪڏهن ڪنهن شئي لاءِ نه سڪندا هجن.“

پروين هن ڏانهن عجب مان ڏٺو. کيس الياس جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي هئي يا هن کي ڪاوڙ لڳي هئي ته هن سندس ڳالهه کي وزن ئي ڪونه ڏنو. الياس سوچيو ته هاڻي هوءَ اهوئي سمجهندي ته هن کي پنهنجن ٻارن جو ڪو خيال ڪونهي. ”هر ماءُ ائين سمجهندي آهي. منهنجي ماءُ به بابا کي هميشه ائين چوندي هئي ته توکي ٻارن جي ڪا به ڳڻتي ڪانهي. ڪو فڪر ئي ڪونهي، ڄڻ ته جيڪڏهن بابا چاهي ها ته سڀڪجهه ٿي سگهي ها. اسان جون سڀ مصيبتون ختم ٿي وڃن ها ۽ سکيا ٿي وڃون ها.“ الياس کي عجب لڳو ته جڏهن هو ٻار هو تڏهن پاڻ به پنهنجي پيءُ لاءِ ائين سمجهندو هو. اسڪول ۾ ڪتاب نه هئڻ تي، في نه ڏيڻ تي ماستر ماريندو هو يا ڪا شئي وٺڻ چاهيندو هو پر وٺي نه سگهندو هو ته پنهنجي پيءُ کان ڪري سمجهندو هو.

اوچتو هن کي خيال آيو ته ڪٿي سندس ٻار به ائين ته ڪونه سمجهندا هوندا؟ هن کي ياد آيو ته جڏهن به هو ٻارن جي ڪا فرمائش پوري نه ڪندو هو ته ٻار کيس ائين ڏسندا هئا، ڄڻ ته هو ڄاڻي واڻي اها شئي نٿو وٺي ڏئي، جيڪڏهن چاهي ته وٺي سگهي ٿو. هو ٻارن کي ڪيترو به چوندو هو ته بابا پاڻ غريب آهيون، پاڻ ۾ ان شئي وٺڻ جي پڄت ڪانهي، پر ٻار اعتبار ڪو نه ڪندا هئا. ”پنهنجن ٻارن جي نظرن ۾ آءٌ ڪوڙو ۽ ڪنجوس آهيان… ٻار سمجهن ٿا ته آءٌ پڪائي ٿو ڪريان.“ هن جو هانءُ ٻڏڻ لڳو. دل ۾ آيس ته ڇٻر تي ليٽي پئي. پر هو ويٺو رهيو جيئن هن ۾ چرڻ پرڻ جي سگهه نه رهي هجي.هو ٻاهران جيتروئي خاموش ۽ پٿر بنيو ويٺو هو، اوتروئي اندر ڳري ڀُري رهيو هو. هن جي ذهن ۾ اٿندڙ سوچ جون ويرون هڪ هنڌ بيهي ڄمي ويون. هن کي محسوس ٿيو ته سندس پيشانيءَ جون نسون سور وچان ڦاٽي رهيون هيون.

هن کي اتي ويٺي ڳچ دير ٿي ويئي هئي. ”پروين ايترو وقت اڪيلي رهي پريشان نه ٿي ويئي هجي. هينئر پروين وٽان ٿي گهر ويندس ۽ پروين جي ماءُ کي اسپتال موڪليندس. ٻارن کي به وڃي ڪو دلاسو ڏيان.“ هو تريءَ جي زور تي اُٿي بيٺو ۽ آهستي هلڻ لڳو.

زناني وارڊ جي وڏي هال ۾ جهڪا بلبل ٻري چڪا هئا. زرد روشنيءَ ۾ پروين جي منهن جي پيلاڻ تهائين وڌي ويئي هئي. هن جون اکيون ٻوٽيل هيون. الياس پلنگ جي پاسي ۾ بيهي هن کي ڪجهه دير تائين ڏسندو رهيو. هڏن جو پڃرو هو، جنهن تي گوشت جهڙي ڪا شئي نه هئي.

پروين اکيون کولي هن طرف ڏٺو. هن شايد پنهنجي پاسي ۾ ڪنهن جو بيهڻ محسوس ڪيو هو.

”تون ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟“ پروين جا سڪل چپ چريا.

”ڇو؟ آءٌ ته گهڙي کن لاءِ ٻاهر ويو هوس.“ الياس کي هن جو سوال عجيب لڳو.

”اڄ شام جو ٻار به ڪونه آيا. جيسين جيئري آهيان تيسين ته انهن کي ڏسندي رهان…” پروين پاڻ سان ڳالهائيندي چپ ٿي ويئي. الياس سمجهي ويو ته اها ڳالهه کيس ٻڌائڻ جي لاءِ چئي ويئي هئي.

”آءٌ اڪيلو ڄڻو ڇا ڇا ڪريان! آفيس وڃان، اسپتال وڃان، روز ٻارن کي به وٺي اچان… هڪڙو ماڻهو ڪٿي ڪٿي پڄي…“ هن کي محسوس ٿيو ته سندس آواز ۾ ڪجهه چِڙ هئي.

”هن جال ۾ ته هرڪو بيزار ٿيو پئي…“ پروين اڃا ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر هن جو آواز گهُٽجي ويو.

”تون هروڀرو اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي سوچين؟ بيزار ڪير ٿيو آهي؟“ هن پروين کي تسلي ڏيڻ چاهي، پر هن کي اهو سڀ اجايو لڳو. هن جي آواز ۾ به تسليءَ واري ڳالهه ڪانه هئي. هن کي حيرت لڳي ته اها اوچتي بيزاري ۽ چڙ ڪيئن پيدا ٿي؟ ”بدنصيب عورت! مون هن کي ڪڏهن به پيار نه ڏنو. مون هن کي هميشه پنهنجي گلي جو پٿر سمجهيو. پنهنجين سمورين مصيبتن جو ڪارڻ سمجهيو. آءٌ اهوئي سمجهندو رهيس ته جيڪڏهن هوءَ منهنجي گلي نه پئي ها ته ڇند ڇٽي پئي هجي ها.“

هن چاهيو ته پروين کي دلاسو ڏئي.

”تون دل نه لاهه پروين، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ڊاڪٽر چيو ٿي ته هاڻي ٿورن ڏينهن ۾ توکي گهر وڃڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏيندو.“

پروين جي مُک تي مايوسيءَ ۽ لاچاريءَ جو ڇانيل جهُڙ وڌيڪ گهاٽو ٿي ويو. هن جي اکين ۾ ويساهه مئل هو. الياس کي پنهنجا لفظ کوکلا لڳا. ”آءٌ اچان ٿو“، هو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

اسپتال جو ڊگهو ڪاريڊور ويران هو. هو هڪ دريءَ جي اڳيان اچي بيهي رهيو. ٻاهر اڻ ڳڻيا بلب چمڪي رهيا هئا. اوچتو هن جي دل ڀرجي آئي ۽ پوءِ هو آهستي آهستي روئڻ لڳو. پر هن کي اها خبر ڪانه هئي ته هو ڇو روئي رهيو هو، پروين لاءِ، ٻارن لاءِ، يا پاڻ لاءِ؟

- [بشڪريه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد]

عبدالقادر جوڻيجو

ڪوٽ جي ڀِت

بچي شل رئيس محمد خان، ڇوڪرو مُڙس هو ته اُها ٻي ڳالهه هئي باقي ڪو جهڙي تهڙي گهر مان ڦُٽي ڪو نه نڪتو هو. پڻس هڪڙو ڇهه فٽو مور مڙس هوندو هو. ست پيڙهائتي ڇپ هئي ڇپ. تر پاسي جا وڏا وڏا ڍڳ وڏيرا کسي کسي ٿڪا هئا پر ڇپ ڪا کڄي! مورڳو پنهنجا هٿ ڦٽائي ويٺا هئا. سندن ايندڙ پُريون به رولي ۾ پئي وييون.

دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته سندس وڏا اهڙا مڙس هئا جو پاڻ ته هونئين جندڙيءَ جي ملهه جي ميدان ۾ جنهن مڙس کي ٿي ٻک وڌا انهيءَ کي چوٽيءَ ڀر وڃيو ٿي ڊاهيائون، پر پوين لاءِ ٻنهين آٺن هڻڻ جو انگ ڇڏي ويا. زمين ايتري جو پيو گهوڙا ڊوڙاءِ. مٿان وري ماڻهن ۾ اها ڳالهه اچي مشهور ٿي ته مڙسن جي زبان اهڙي هئي، جهڙو ڪاري نانگ جو جهٽ هجي. شل نه ڪنهن ڦِٽل نصيب واري جي نِراڙ ۾ سَر پون. اکر ئي ٽي ڪڍندا ۽ زهر اُن جي ايندڙ ستن پيڙهين جا هينئان کائيندو ويندو.

سو سائين، الله بشڪيس رئيس محمد خان جي پيءُ مرحوم وٽ جيتري ملڪيت گهڻي هئي ڄمار اوتري ٿوري. مڙس جواڻيءَ جو درئي مس ٽپيو هو ته جندڙيءَ جا سڀ سنڌا سيڙها ٽِپي ويو، پر ويندي ويندي پنهنجيون ٻئي ڀريل مُٺيون محمد خان جي جهوليءَ ۾ هاري ويو.

ٻار مڙس هو، پر اميراڻو ٻار، واڌ ڪٿي ٿي جهل ڏئي، وڌندي دير ئي ڪانه ڪيائين. داين ۽ نوڪرن جي هنجن ۾ ٽلڪندي ٽلڪندي اچي لاڳ مڙس ٿيو چئه ته پنهنجي زور ۾ پاڻ پيو ڇڄي. وڏو ٿيو ته سڀڪنهن کڻي هٿ ڪڍيس. ڄڻ پٿر جو ٽُڪر هو، جيڪو وري وڃي زمين سان لڳو. ٻار ته ڪو نه هو جو اڃا به هنجن ۾ کڻيو وتن ها. ملڪيت جي هنج ئي کوڙ هيس، ٻيو ڇا کپيس!

پر جڏهن کان سندس وهيءَ گونچ ڪڍيا هئا، سندس پور پور مان ڳاڙهي جوان ڦُٽي نڪتي هئي، تڏهن کان وٺي کيس اهو محسوس ٿيڻ لڳو هو ته سندس گهر ۽ ڪوٽ جون ڀِتيون ساهه ڪونه ٿيون کڻن ۽ منجهانئن ڪو به ڌڪ ڌڪ جو آواز ڪونه ٿو اچي. هڪ – ٻه ڀيرو پنهنجي ڪمري جي ڀِت تي به هٿ رکي ڏٺائين پر… اُن ڪري هن ڀتين، ٻنين ۾ بيٺل فصلن ۽ ليکن جي رجسٽرن ڏانهن نهارڻ بدران ماڻهن جي چهرن ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو ۽ سندن اندر جي رنگن ۾ ٻڏل نگاهن جي لار ۾ ٻاهر جا ڪئين رنگ وچڙي ويا ۽ هو انهن رنگن جي ڇولين ۾ ڪکن وانگر لڙهندو ويو.

انهيءَ ڏينهن ڪو ڊرائيور جيپ جي پرزن وٺڻ سانگي حيدرآباد سنڀريو ته محمد خان به ماٺ ماٺوڙي ۾ سنڀري ويهي رهيو. ڪير جهليس؟ سنڀرڻ کان ڌڻي وس وارو هو. دل ۾ سوچيائين ته ٻيو نه ته هيڏي ساري شهر ۾ ڪئين رنگ – روپ، ماڻهن جي چهرن جا سوين رنگ ڏسندو.

سو ڊرائيور به ڪنڌ هيٺ ڪري کڻي جيپ کي چاٻي ڏيئي ڦرڙاٽو ڪرايو. اڃا جيپ چُري مس هئي ته جيپ پويان ڊوڙندڙ ڪمدار هڪل ڪئي، ”جهل جهل!“ ۽ ٽپ سان پوئين گيٽ جي ڪُنڍيءَ ۾ اچي هٿ وڌائين ۽ لڙڪي پيو. هٿن مان ڪرندڙ لٺ سندس وڏيءَ سُٿڻ ۾ وچڙندي وچڙندي بچي. آوازن تي ڊرائيور بريڪ هڻي پوئتي نهاريو ته کيس پوئينءَ گيٽ جي وٿيءَ مان ڪمدار جو سهڪندڙ ۽ ڊنل چهرو نظر آيو.

”ڇا آهي؟“

”پر تون تو ڪو بي سُرتو ٿيو پيو هلين.“ ڪمدار سهڪندو سهڪندو پوئينءَ سيٽ تي ويٺو. سڄو بت پئي ٿڙڪيس. ”منهنجي آهي سا پويان ريهه پئي پوي ته جهل جهل، پر آنجو ڏوهه ڪونهي، رئيسن جي ڀر ۾ ٿا وِهو… توبه توبه! الله کڻي پناهه ڏني، نه ته اڄ منهنجا پساهه ته پورا هئا.“

”تون به ڪمال ٿو ڪرين، هلنديءَ جيپ ۾ ٿو چڙهين؟“

”وي پر مون تي پويان گهرن جي وَٺ لڳي پئي ته رئيس ننڍي کي اڪيلو نه ڇڏي. اڃا ٻاراڻي ٻُڌ آهي. شهر ۾ هُڙلاباديون لڳيون پيون آهن. آن ڊليورن کي ڇا آهي!“

”ڀلا هاڻ هلان يا اڃا به ڪم آهي؟“ ڊرائيور ٻيهر ڦرڙاٽو ڪرايو.

”سُڻ! هلندين وري ڪيئن، پويان ٻه-ٽي همراهه ٻيا به پيا اچن. رئيس ننڍي کي الله وڏي ڄمار ڏئي، مُلڪ ٿا سڃاڻنس، ماڻهو ائين ته نه چون ته جيپ ۾ رڳو ڊليور ۽ ڪمدار ڪن ڪڍيو ويٺا آهن. مُلڪ ۾ دشمنيون به لڳيون پيون آهن، ڪو هٿيار – پنوهار به گڏ هجي.“

شام جو پرزن جي دڪان اڳيان ماڻهن جي ڀريل جيپ جي اڳئين شيشي مان نهاريندي محمد خان کي فٽ پاٿ تي ايندڙ ويندڙ ڪئين چهرا نظر آيا. اجهاڻل ۽ دونهاٽيل چهرا، زندگيءَ جي رت سان ٻهڪندڙ چهرا، اڪيلا چهرا، جوڙا جوڙا چهرا، هٿ هٿ ۾، ٻانهن ڪلهي تي، پاڻ ۾ وچڙندڙ مُرڪون ۽ مُرڪن مان سنهڙين سنهڙين ڳالهين جا ڇَڻندڙ گُل. فٽ پاٿ تان نظر هٽائي پوئتي جيپ ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن نهاريائين، جن جي چهرن تي ڪو به مُرڪ جو گل نه هو. سامهون شيشي ۾ نهاريائين، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ڳوليندو هجي. سندس مٿي تي ڪنهن جو به هٿ نه هو ۽ نه پيرن هيٺان زمين هيس. هُو ائين اڪيلو هو، جيئن ڪا سِرڻ سياري جي مند ۾ آسمان جي ڌڳندڙ نيراڻ جي ڇولين ۾ ٽٻڪي وانگر ٻڏندي – ترندي نظر ايندي آهي ۽ چوڌاري هوا جا سرڙاٽ پيا پوندا آهن.

شامڙي جي ڌُنڌن ۾ روڊ جي ليڪ تي ڳوٺ ڏانهن واپس ايندڙ جيپ ۾ ايتري ماٺار ڇانيل هجي، جو ڄڻ منجهس ويٺل سڀ ماڻهو به پويان پهر هجن. محمد خان جي روح تي اوندهه جا پاڇا لڙندا پئي ويا. ٻاهر هوا جو سوسٽ پئي پيو. هن اکيون پوري ٿڌو ساهه کنيو، ڄڻ پاڇولن کي هٽائيندو هجي. آرس ڀڃڻ لاءِ ساڄي ٻانهن مٿي کڻي وَٽُ کائي ٻانهن کي کڻي ڇڏيائين، جيڪا ڀڳل ٽاريءَ وانگر ڊرائيور جي ڪلهن تي وڃي پئي. ڊرائيور ڇرڪ ڀريو، گاڏيءَ هيڏانهن هوڏانهن ٿيڙ کاڌا، ڊرائيور جو پير بريڪ تي وڃي پيو ۽ گاڏي چرڙاٽ ڪري رستي جي ڪنڌيءَ تي بيهي رهي، کڏ ۾ ڪرندي ڪرندي بچي. سڀني جي بتن ۾ سياٽو ڀرجي آيو. محمد خان ڊرائيور ڏانهن اکين ۾ سوال ڀري نهاريو.

”بادشاهه! اوهان ته ذري گهٽ مارايو هو.“ ڊرائيور کي پگهر اچي ويو هو.

”ڇو؟“

”سائين! ٻانهن کڻي منهنجي ڪلهي تي رکيان!“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“

”سائين! ڪٿي واهان، ڪٿي اسين اوهان جا نوڪر، ڪنهن غريب کي گنهگار ته نه ڪريو. سڀاڻي دنيا به چوندي ته نوڪرن جو اهڙو اچي مغز خراب ٿيو آهي، جو ڌڻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ لايو هلن. اوهان سان تَرَ جا ٻيا زميندار برابري ڪونه ڪن، اسين ته ٿياسون اوهان جا نوڪر.“

محمد خان کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ بريڪ جيپ کي ڪانه لڳي هجي، پر سندس احساسن کي لڳي هجي ۽ سڀ هڪڙي هنڌ ڄمي بيهي رهيا هجن.

صبح جي ننڊاکين خوشبوئن ۾ ويڙهجي سيڙهجي پنهنجي ڪمري مان نڪري پنهنجين نگاهن کي ورانڊي ۾ اُڇل ڏنائين. ڄڻ ته ڪو ڏڙهو هو جو ڪنهن جهپي ورتو. سندس پير جتي هئا، اتي ڄمي ويا. سندس نگاهون ٻهاري ڪڍندڙ خانان جي ٻهاري، پيرن تي مٿي چڙهنديون چهري تي سيءَ وانگر ڄمي بيهي رهيون. سندس گهر جي ڀتين به ساهه پئي کنيو. اڄ سندس پيرن کي زمين ملي ويئي هئي ۽ مٿي تي سونهن جا هٿ هئس. هو ڪو وقت خانان ڏانهن نهاريندو رهيو. خانان کي پنهنجي جسم تي ماڪوڙيون سُرنديون محسوس ٿيون، سندس هٿ ڏڪي ويا، وسوسن سان ڀريل اکيون کڻي محمد خان ڏانهن نهاريائين ۽ وري ڪنڌ هيٺ ٿي ويس!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com