سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :9

وري اتي ئي ويچار ايندو هوس ته هن کي هتي اچڻ نه گهرجي، مان هن کي هتي اچڻ نه ڏيندس. اهو ڪم جوکائتو آهي. مان ڏسي وائسي هن جو ٺهيل گهر ڦٽائڻ نٿو چاهيان… ۽ پوءِ هو مايوسين جي ماٿرين ۾ ڀٽڪڻ لڳندو هو. پوءِ هو اهي شيون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان چنبيليءَ کي پهچائڻ جون ترڪيبون سوچيندو هو.

هاڻي به جڏهن هو نئون وڳو، نئين ٽاءِ، نئين واچ يا نئون بوٽ پهريون ڀيرو پائيندو هو، تڏهن هن جي دل مان درد ڀري آهه ۽ چپن مان ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو هو.

چنبيلي ۽ ارباب جي اها عادت ٿي وئي هئي ته جڏهن به هو پنهنجي بدن تي ڪا شئي پهريون ڀيرو پائيندا هئا تڏهن ان ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن نموني هو هڪٻئي سان ملندا هئا ۽ اها شئي هڪٻئي کي ڏيکاري، هڪٻئي کي پسند ڪرائيندا هئا ۽ ان بابت هڪٻئي جا رايا وٺندا هئا، ۽ هڪٻئي جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. جي خلاصي ملاقات جو وجهه نه ملندو هون، ته ڪلاس ۾ يا ڪاليج ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت هڪٻئي جي آڏو اچي، ان شئي يا ڪپڙي طرف اشارن سان، هڪٻئي جو ڌيان ڇڪائيندا هئا.

ڪيڏانهن ويا اهي ڏينهڙا؟

ڪٿي ڳوليان اهي لمحا؟

هاڻي ته انهن جذبن جو دم گهُٽي گهُٽي، انهن امنگن کي دفن ڪري ڪري، سارو سرير قبرستان بنجندو وڃي!

ارباب چنبيليءَ جي باري ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سڌ سماءُ رکندو هو. هنن جي گهرو حالت ڪهڙي آهي، هن جي چڱڀلائيءَ جي خبر چار، ٻارن جو ڄمڻ وغيره.

هن کي خبر هئي ته ڇهه مهينا اڳ هن جي مڙس کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو ۽ هو بيروزگار هو. پر اها ڄاڻ ڪانه پيئي هئس ته مالي مجبورين ڪري، چنبيليءَ تازو ئي ريڊيي ۾ انائونسر جي نوڪري ڪئي هئي.

اڄ اوچتو ئي ريڊيي تي هن جو آواز اڀريو هو.

چنبيلي چئي رهي هئي:

”هن پروگرام ۾ گيتن سان گڏ، حياتيءَ جي ڪنهن روشن رخ تي لطيفا، ٽوٽڪا ۽ واقعا ٻڌايا ويندا آهن. اڄ توهان کي پيار ڪندڙن جا ڪجهه ٽوٽڪا ٻڌائبا. پر پهرين لطيف سائينءَ جو هي رڪارڊ ٻڌو.“

(پوءِ اهو راڳ شروع ٿيو.)

اڱڻ آيام پيهي، ياالا، مون ساريندين سپرين،

مُشڪ عطر مون پرين، سڪيس ڄمار سڀيئي، ياالا…

تَنُ جنين جو طالبو، روح تنين سي ريهي، ياالا…

ساجن سندي سونهن جي، آءٌ ڳالهه ڪريان ڪيهي؟ ياالا…

ٿيو لطف، ’لطيف‘ چئي، دوست آيو در پيهي، ياالا…

”ها، ته هاڻي ٻڌو پيار ڪندڙن جو هڪڙو ٽوٽڪو: هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪريءَ جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو. ٻئي ساڳئي ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. ڇوڪرو هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ ڇوڪري پنهنجي گهر ۾. ڇوڪري، ڇوڪري کي سدائين پئي چوندي هئي ته مون کي ڪو پنهنجو ڪم ٻڌاءِ، مون کي تنهنجي ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي. ڇوڪري کي ٻيو ڪم ته ڪونه سجهندو هو، باقي پنهنجا ڪپڙا، ڇڳل ٻيڙيون ٽاڪڻ، اڊڙيل بکيا سبڻ، چتيون هڻڻ ۽ ٻي مرمت ڪرڻ لاءِ پيو هن کي ڏيندو هو. ڇوڪري اهي پنهنجي گهر کڻي ويندي هئي ۽ گهربل مرمت ڪري، هن کي آڻي ڏيندي هئي.

”هڪ لڱا، هو ٻه – ٽي ڪپڙا اخبار ۾ ويڙهي، کڻي آيو. هي ڪپڙا ڪافي ميرا هئا. ڇوڪري جو خيال هو ته مرمت ڪرائڻ کان پوءِ ڌوٻيءَ کي ڏيندو. ڇوڪريءَ کان ته حجاب ڪونه هوس، پر خيال آيس ته متان هن جي گهر وارا ڇوڪريءَ کي ٽوڪين ته ههڙا ميرا ڪپڙا ڪنهن جا آهن. ان خيال کان ڪپڙن ڏيڻ وقت وڌيل هٿ کڻي پوئتي هٽايائين.

ڇوڪريءَ عجب مان پڇيو ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

”حجاب ٿو ٿئيم.“

”آخر هي نئون حجاب ڇا لاءِ؟“

”ڪپڙا تمام ميرا آهن.“

”مون کي ٻيو ڇا گهرجي!“ ائين چوندي، ڇوڪريءَ جو منهن سچ پچ ٻهڪڻ لڳو.

”مون نه سمجهيو.“ ڇوڪري چيو.

خبر اٿو، ان تي ڇوڪريءَ ڪهڙو جواب ڏنو؟ جواب ڏنائين:

”پوءِ ته انهن ڪپڙن ۾ تنهنجي بدن جو ڏاڍو سڳنڌ هوندو، جو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، ڏاڍو پيارو لڳندو آهي.“

ارباب جا تاڪَ لڳي ويا. هو بت بنيو ٻڌندو رهيو. چنبيليءَ جو لفظ لفظ هن جي دل ۾ چڀندو ۽ مٺڙو درد پيدا ڪندا رهيو. هوءَ پنهنجي ۽ هن جي محبت جون ڳالهيون ڪري رهي هئي. اهو ڪپڙن وارو واقعو، اها گفتگو، هنن جي حياتيءَ جي حقيقت هئي. جيڪو رڪارڊ هن ٻڌايو هو، سو پڻ ارباب جي پسند جو هو، ۽ هن جي ئي چوڻ تي، چنبيلي هن جي سيني تي مٿو رکي، اڪثر هن کي ڳائي ٻڌائيندي هئي.

هن وقت ارباب جو ذرو ذرو ۽ هن جو لڱ لڱ ڄڻ ڪن بنجي چڪو هو. ريڊئي جي آواز کان سواءِ هن واسطي هر شئي جو وجود ختم ٿي چڪو هو. هن کي اهو به هوش نه رهيو هو ته هن جي نيڻن مان ڳوڙهن جو مهراڻ جاري آهي.

هوءَ هن جي ۽ پنهنجي پريت جون گذريل ڪهاڻيون ئي ٻڌائيندي رهي. هن جيڪي رڪارڊ ٻڌايا، سي سڀ ارباب جي پسند جا هئا.

هينئر جيڪو رڪارڊ وڄي رهيو هو، سو هي هو:

اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،

هلڻ هارا سپرين، رئان تان نه رهن،

آءٌ جهليندي ڪيترو، آيل! سامونڊين،

پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا پار ۾.

وري چنبيليءَ جو آواز بلند ٿيو:

”ٻن پريمين هڪڙي ڪمري ۾، هڪ ئي ڪوچ تي ويٺي، قرب جي ڪچهري ڪئي.

ڳالهيون ٻولهيون ڪندي، هو ڪنهن ڳالهه تي هڪٻئي سان ڪاوڙجي پيا. ڇوڪري رُسي، اتان اٿي سامهون پرڀرو پيل ڪرسيءَ تي وڃي ويٺي. ڇوڪري ٻه – ٽي دفعا ڇوڪريءَ کي چيو ته واپس اچي منهنجي ڀرسان ويهه. پر ڇوڪري نه آئي.

ڳچ مهل ٻيئي ماٺ ۾ رهيا.

پوءِ ڇوڪري هلڪو ٽهڪ ڏنو. ڇوڪري رٺل رهي ۽ منهن مٿي ڪونه کنيائين ۽ نه هن ڏي نهاريائين.

ان تي ڇوڪري چوڻ شروع ڪيو: ”تون جواب ڏين نه ڏين، پر هينئر مون کي ذهن ۾ هڪ دلچسپ خيال آيو آهي، اهو ٻڌايان ٿو… جڏهن اسان ٻنهي جي شادي ٿي ويندي، تڏهن مان، اسان ٻنهي واري ڪمري ۾ ٻيو ڪو به فرنيچر يعني ڪرسيون يا ڪوچ نه رکرائيندس. اتي هڪڙو پلنگ هوندو، ۽ اهو به تمام سوڙهو هوندو، يعني رڳو ٽي فوٽ ويڪرو. اهو ان لاءِ ته جي تون مون سان رُسين ۽ مون کان پري ٿيڻ چاهين، ته به پري ٿي نه سگهين. منهن کڻي ٻئي پاسي ڪندينءَ، پر جسم ته جسم سان لڳل رهندو.“

پوءِ وري هي بيت وڄڻ لڳو:

نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين،

اجهاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين!

راڳ پوري ٿيڻ کان پوءِ چنبيليءَ جو آواز آيو:

 ٻن پريمين جي گفتگو ٻڌو:

ڇوڪرو ٿو چوي: ”اڄ هڪ راز جي ڳالهه ٿو ٻڌايانءِ. لفافو اڪثر پِڪَ سان بند ڪيو ويندو آهي. پر توڏانهن خط موڪلڻ وقت مون کي خيال ايندو آهي ته پنهنجي پرينءَ ڏي لکيل خط کي پِڪ ڪيئن لڳايان. ان ڪري پاڻيءَ سان آلو ڪري بند ڪندو آهيان.“

ڇوڪريءَ جي وات مان رڙ نڪري ٿي: ”اڙي!…“

ڇوڪرو حيرت مان ٿو پڇي: ”ڇو، ڇو، ڇا آهي؟“

ڇوڪري ٿي جواب ڏئي: ”مان وري سمجهندي آهيان ته تو وٽان آيل لفافي تي تنهنجي ’لعاب‘ لڳل آهي. ان ڪري لفافو رواجي طرح کولڻ واري هنڌان نه کوليندي آهيان، پر پاسي کان ڦاڙي کوليندي آهيان. مان نه رڳو تنهنجا خط رکندي ويندي آهيان، پر تو وارا لفافا به سانڍيندي ويندي آهيان، جو مان سمجهندي آهيان ته انهن کي تنهنجي ’لعاب‘ لڳل آهي ۽ منهنجي لاءِ پيرن مرشدن جي لعاب وانگر، محبوب جي لعاب پڻ ’پاڪ چيز‘ آهي.“

اهي هيون ڪجهه پريمين جون ڪجهه پريم ڪهاڻيون. هاڻي اڄوڪي پروگرام جو آخري ايٽم ٻڌو:

هلو، هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اڇل،

نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.

______

هلو، هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهڙجي نينهن،

نه ڪا رات نه ڏينهن، سڀڪو پسي پرينءَ کي.

پروگرام پوري ٿيڻ جو اعلان ڪري، جڏهن چنبيليءَ چيو ”الهه واهي!“ تڏهن ارباب ڄڻ سپني مان سجاڳ ٿيو. ان وقت هن جون نه رڳو اکيون آليون هيون، پر پورو جسم پگهر ۾ پُسي چڪو هوس.

هو ريڊيو بند ڪري ٿو ۽ ڪو وقت ائين پيو رهي ٿو. هن جي من ۾ ٺاپر اچي ٿي، هو دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿو:

ها، هوءَ پڻ ياد ڪري ٿي،

اهي ڏينهن، اهي نينهن،

ماضيءَ جا محبت ڀريا لمحا.

پيار جي انهن يادن کي،

سمجهي ٿي جيون جو سرمايو.

مان به ائين ڪريان پيو،

مان به ائين ڪندو آهيان.

پر هاڻي ته مرڻ تائين،

ارمان ئي ارمان رهندا،

حسرتون ئي حسرتون رهنديون؛

۽ نصيب ٿينديون:

نااميديون، نراسايون، ناڪاميون،

ٽٽل دل،

ٽٽل رهندي.

پوءِ به پراڻين يادگيرين تي راضي رهڻ“

حال ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهڻ.

ڪوڙو آٿت،

ٻاراڻي تسلي،

زوريءَ،

خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ رهڻ جي ڪوشش،

احمقن جي جنت!

يا بيوسيءَ جي انتها!

محمد دائود بلوچ

      منهنجا ڀاڳ، هن جا ڀاڳ!

مان ارباب آهيان، نوجوان ۽ تعليم يافته، چنچل ۽ البيلي – مان هڪ آفيسر جي ڌيءَ آهيان. واپڊا جو پگهار ڪيترو آهي، سا خبر مون کي نه آهي؛ پر سمجهان ته سندس پگهار هزارن ۾ آهي (يا ٻي ڪا ڪمائي آهي)، ڇاڪاڻ ته هر مهيني هزارين رپيا گهر جو خرچ هلي ٿو. مٿينءَ ڪمائيءَ کان سواءِ ايڏي ڪاروبار کي ڪيئن منهن ڏيئي سگهبو. چوندا آهن: ’جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا‘ رڳو منهنجو خرچ به سوين رپيا درماهه آهي – منهنجي سير تفريح، شاپنگ، ڪلب ۽ ڪاليج وڃڻ لاءِ الڳ ڪار آهي.

مان پڙهيل ڪڙهيل، بابا جي دادلي، لاڏلي ۽ البيلي ڌيءَ آهيان، ان ڪري والدين جو مون تي راز آهي، اعتماد آهي. بابا روزانه سوين رپيا آڻي مون کي ڏيندو آهي. چوندو آهي: ’اڄ هڪڙي ڄٽ کان هزار رپيا ورتم، اڄ هڪڙي بيوقوف کان پنج سؤ رپيا مليا. اهي ڄٽ اصل بيوقوف آهن. انهن کي مان ڏيو ته مٿي تي چڙهي ويندا. ڇاڪاڻ ته کين نه ڳالهائڻ جي تميز آهي، نه اُٿڻ ويهڻ جي ساڃهه آهي.‘ انهن جي مقابلي ۾ بابا هميشه غيرن جي ساراهه ڪندو آهي: اهي اخلاق وارا ۽ لحاظي آهن، هنن ۾ ڳالهائڻ جي تميز آهي. بابا جي تربيت جو اهو اثر ٿيو جو مان ڪاليج ۾ ڌارين سان ميل ميلاپ ۾ اچڻ لڳيس. هڪ جوان جنهن کي امجد سڏيندا هئا، جيڪو شڪل شبيهه جو ٺاهوڪو هو، منهنجي قريب اچڻ لڳو – امجد کي سير تفريح لاءِ ڪار هئي. وڏي ڳالهه ته هو ڄٽن مان نه هو!

مون ائين سمجهيو ته اسان جو ناتو صرف سير تفريح، ڪلب ۽ ڪاليج تائين محدود رهندو، ليڪن اسان جي ملاقاتن جو سلسلو وڌندو رهيو. اسين هڪٻئي کان دور رهي نه سگهندا هئاسين. مون کي سير تفريح لاءِ هڪ ساٿي جي ضرورت هئي، ليڪن مون کي پوءِ خبر پيئي ته منهنجي ساڻس محبت ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته امجد کان پري رهڻ ڪري مان بيقراري محسوس ڪندي هيس.

مون کي پوءِ خبر پيئي ته ميل ميلاپ ۽ گهرائپ ئي محبت جي شروعات هوندي آهي. انهيءَ هوندي به مان خوش هيس ته مون پاڻ جهڙو ته چونڊي ورتو. جنهن وقت اسين هڪٻئي کان دور هوندا هئاسين، تڏهن به فون رستي اسان جو رابطو قائم هوندو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هرمهيني سوين رپيا بل اچڻ لڳو. ان جي ڪا پرواهه ته ڪانه هئي، ليڪن بابا جي اڳيان ڪجهه شرمندگي محسوس ٿيندي هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هو وڃي انجنيئر ٿيو ۽ مون کي نوڪريءَ جي ضرورت ڪانه هئي. پوءِ به اسان جو رستو قائم رهيو.

جن ڏينهن ۾ مان اڃا ننڍڙي هُيس ۽ اسڪول ۾ پڙهندي هيس، انهن ڏينهن ۾ هڪ عجيب حادثو ٿيو. بابا جي ڪار هيٺان هڪ غريب پوڙهو ڳوٺاڻو اچي ويو. پوڙهي سان اٺن سالن جو ڇوڪرو به گڏ هو. پوڙهي کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، مگر هو بچي نه سگهيو. ان ڇوڪر جو ٻيو ڪو به وارث نه ڏسي، بابا ڇوڪر کي گهر وٺي آيو، جيڪو گهر ۾ ئي رهڻ لڳو. ڪار جي حادثي جو ڪيس بابا جي اثر رسوخ ۽ ٻين ذريعن جي ڪري ترت ئي ختم ٿي ويو.

ڇوڪرو شڪل جو سهڻو، نهايت رلڻو ملڻو ۽ فرمانبردار هو. بابا سندس اخلاق، سادگي، سٻاجهڙائي ۽ فرمانبرداريءَ کان متاثر هو، جنهن ڪري بابا جو مٿس اعتماد ٿي چڪو هو. اسان جي گهر جو سڄو ڪم ڪار هو ڪندو هو – ٿانوَ صاف ڪرڻ، ٻهاري، پوچي، ڇنڊ ڦوڪ، تنهن کان سواءِ مارڪيٽ جو ڪم، گوشت، مڇي، پلو، ڀاڄي، اٽو چانور وغيره هن جي حوالي هو. ان هوندي به هن جو پڙهڻ سان چاهه هو، تنهنڪري بابا هن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، تڏهن به گهر جو سمورو ڪم هو پاڻ ڪندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ بابا گهر جي اصل نوڪر کي به ڪڍي ڇڏيو ۽ نئون آيل ڪم ڪندو ۽ پڙهندو رهيو.

اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو. هو پڙهي گرئجويٽ ٿيو. بابا جي معرفت هڪ دوست جي آفيس ۾ کيس چڱي نوڪري ملي وئي. روزگار سان لڳڻ کان پوءِ به هن جي سڀاءُ ۾ تِر جيترو فرق نه آيو. هو بدستور گهر جو ڪم ڪندو رهيو ۽ هرمهيني پگهار آڻي بابا جي هٿ ۾ ڏيندو هو. بابا جي احسانن هن کي ڄڻ خريد ڪري ڇڏيو هو. انهن سڀني ڳالهين هوندي به اسان وٽ سندس حيثيت نوڪر کان وڌيڪ نه هئي.

مان جوان هيس. گهر ۾ اڪثر ڪري منهنجي شاديءَ جو مسئلو زير بحث رهندو هو، مگر منهنجي دل هئي ته مان امجد سان شادي ڪريان، جنهن سان منهنجي دل هئي، جيڪو مون کي چاهيندو هو. هو انجنيئر هو، ڪمائيءَ وارو ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل هو. رڳو هڪ واهه کي راتو واهه هٿراڌو ٽڪو ڏياري ڇڏي، جيئن هينئر ٿئي ٿو، ته به ٻه ٽي لک سندس کيسي ۾ پيا آهن. مگر بابا کي اعتراض هو ته هو اسان جي ڪنهن به ناتي ۾ نه هو؛ نه وري بابا امجد جي ڪنهن عزيز قريب کي سڃاڻندو هو؛ نه وري انهن سان رستي رکڻ جو خواهشمند هو. وڏي ڳالهه ته پنهنجائپ نه هئي – پنهنجي نه هئڻ ڪري بابا انڪار ڪيو ۽ مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين.

بابا جي دلي خواهش هئي ته ڪنهن پيرن تي بيٺل، مانيءَ مڇيءَ واري مِٽ مائٽ، عزيز قريب جي طرفان مائٽيءَ جي خواهش ظاهر ٿئي ۽ انهن مان ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري سان مائٽي قائم ڪجي. مگر عجيب اتفاق هو، جو عزيزن ۽ دوستن مان ڪو بابا وٽ ڪونه آيو. شايد انهن کي منهنجي ۽ امجد جي رستي جي خبر پئجي چڪي هئي يا ائين پئي سمجهيائون ته سندن گهر ۾ تعليم يافته نوجوان آهي – جنهن تي بابا جو راضپو به آهي، سو انهيءَ کي ڇڏي ٻاهر ڪيئن مائٽي ڪندو؟

جڏهن ڪنهن جي طرفان به ڪو ماڻهو نه آيو تڏهن بابا منهنجي شاديءَ لاءِ اسحاق کي چونڊڻ تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ لڳو. بابا جي خواهش هئي ته اسحاق جي شادي مون سان ڪرائي، جيڪو خود هڪ پڙهيل ڪڙهيل نوجوان آهي. نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت جوان آهي، جنهن گهر ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي آهي، جيڪو گهر جو ڀاتي ٿي رهيو آهي. فرق هي هو ته فقط غريب هو، پر غريبي گناهه ته نه آهي. بابا کي ڪهڙي خبر ته هن دؤر ۾ غريبي نه رڳو گناهه آهي – پر هڪ وڏي گار پڻ آهي.

مان هن شادي ڪيئن ڪري ٿي سگهيس، جنهن منهنجي سامهون برتن صاف ڪيا، جنهن منهنجي ڪمري جي ڇنڊ ڦوڪ ڪئي، جيڪو نوڪرن جيان هر حڪم تي حاضر سائين چئي ڪم ڪندو هو، جنهن کي اسان اشارن سان اُٿ ويهه ڪرائي، جو اڃا تائين اسان جو نوڪر آهي. تنهن سان مان شادي ڪيئن ٿي ڪري سگهيس. مون صاف انڪار ڪيو، مگر بابا هڪ به نه ٻڌي. منهنجي لاءِ سواءِ ان جي ٻيو ڪو به رستو ڪو نه هو ته رات جي تاريڪيءَ ۾ فرار ٿي وڃان يا خودڪشي ڪريان يا هميشه لاءِ شاديءَ کان انڪار ڪريان. مگر مان بابا کي وڌيڪ پريشان ڪري نٿي سگهيس – اڃا تازو ئي بابا کي رشوت ۽ عهدي جي ناجائز فائدي وٺڻ جي الزام ۾ نوڪريءَ مان هٽايو ويو هو، حالانڪ بابا ڪنهن کان به رشوت نه ورتي نه وري ڪو ناجائز فائدو حاصل ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم ٿيو ۽ انهيءَ هزار يا پنج سو رپيا مٺائيءَ طور ڏنا ته اها به رشوت ليکبي ڇا؟ ڀلا اڄڪلهه ڪير نٿو کائي. جنهن کي وات آهي سو کائي ٿو، پوءِ ڪهڙي به طريقي سان کائي ٿو. پوءِ بابا ڪهڙو عظيم گناهه ڪيو! جيتوڻيڪ بابا زمين ۽ ڪافي جائداد نوڪريءَ مان ٺاهي سگهيو هو ۽ اڃا به ٺاهي ها. بابا کي هونءَ به نوڪريءَ جي ڪا پرواهه ڪانه هئي، مگر اُن هوندي به بابا پريشان هو ۽ مون انهن پريشانين ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مان بابا کي اهڙن صدمن ڏيڻ لاءِ تيار نه هيس، تنهنڪري مون خاموشي اختيار ڪئي.

پوءِ منهنجي شادي هن سان ٿيڻ لاءِ زور شور سان تياري ٿيڻ لڳي. هرڪا شيءِ منهنجي لاءِ مهيا ڪيا ويئي. ڏيج ۾ بابا ايترو ته ڏيڻو ڪيو، جنهن جو مون کي خواب خيال به نه هو. سون، زيور، ڪپڙا، برتن، ڪار، ريڊيو، ٽي.وي وغيره کان سواءِ پنجاهه هزار رپيا به منهنجي نالي رکيا ويا. پر جيئن جيئن شاديءَ جا ڏينهن قريب اچڻ لڳا، تيئن تيئن منهنجي اندر ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪڻ لڳي، ۽ شادي، غمي محسوس ٿيڻ لڳي. آخر اهو ڏينهن به آيو جنهن ڏينهن هٿن تي ميندي لڳندي آهي، دهل ۽ شرنايون وڄنديون آهن، زالون ڳيچ ڳائينديون آهن. مينديءَ رتا هٿ ڏسي مون کي ائين محسوس ٿيو هو، ڄڻ ته منهنجي خون جگر سان منهنجا هٿ رڱيا ويا هئا. پوءِ شاديءَ ويل سهيليون سرتيون آيون. مون کي اداس ڏسي اهي بيحد پريشان ٿيون. هنن مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن مون کين پنهنجي دل جو دفتر کولي ڏيکاريو.

شاديءَ واري رات، اها شاديءَ واري رات جنهن لاءِ مائٽ پنهنجي اولاد واسطي دعائون گهرندا آهن، اها شاديءَ واري رات جيڪا ڪنوارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ حسين ترين رات هوندي آهي. مگر منهنجي دل اڳ ۾ ئي ڀريل هئي. مان اهي حسين ترين ۽ خوشين واريون راتيون گذاري چڪي هيس. ان وقت منهنجي اڳيان هن کي آندو ويو. شاديءَ واري وڳي ۾ هو بيحد خوبصورت لڳي رهيو هو. مون کيس گهونگهٽ مان ڏسي ورتو. هونئن به نظرون جهڪائي، ڪنڌ نمائي، ڪنوار ٿي ويهڻ جي مون کي خواهش ڪانه هئي. سوچيم ته هن مهل به انڪار ڪري هميشه لاءِ هن ناتي کي ختم ڪري ڇڏيان، پر پيءُ جي عزت جي ڪري ائين ڪري نه سگهيس. دل جو سور دل ۾ رکي وِهه جو وٽو پِي ويس. پوءِ مون ’هن‘ سان لانئون لڌيون، مگر مون کي ڪا به خوشي ڪانه هئي، نه وري ڪا دلچسپي هئي. مون مصلحتاً خاموشي اختيار ڪئي. جڏهن سڀئي جيڏيون سرتيون روانيون ٿيون، تڏهن ’هن‘ ڊڄندي ڊڄندي انتهائي پنهنجائپ ۽ عاجزيءَ سان چيو:

”ڪنوار! منهن ته ڏيکار.“

ان وقت هن جي چهري ۽ اکين ۾ هڪ آس هئي، هڪ اميد هئي ۽ ڊپ گاڏڙ خوشيءَ جا تاثر نمايان ٿي چڪا هئا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ کيس سندس ماءُ جا اهي لفظ ياد اچي ويا، جڏهن هن کيس ننڍي هوندي دعائون ڪندي چيو هوندو ته: ”پٽ، شل گهوٽ ٿين! سهڻي ڪنوار ماڻين.“ پر کيس ڪهڙي خبر ته هيءَ ڪنوار سندس لاءِ نه آهي. منهنجي دل منهنجي جان، منهنجي جسم جو مالڪ ڪو ٻيو آهي.

مون کان ان وقت سندس اها خوشي برداشت نه ٿي، تنهنڪري هڪدم موٽ ۾ چيومانس:

”شرم نٿو اچئي، منهن ٿو ڏسين، وري اهڙي ڪوشش ڪيئي ته ذليل ۽ خوار ٿيندين، توکي اهڙي جرئت ڪيئن ٿي؟ - وڃي برتن صاف ڪر!“

احساس ڪمتريءَ ۽ بابا جي مهربانين سندس زبان تي تالو هڻي ڇڏيو هو. ان وقت ته ڄاڃين جي اچ – وڃ لڳي پيئي هئي، جنهنڪري هو خاموش ٿي هليو ويو.

ان کان پوءِ رات جو دير سان جڏهن اسين ٻيئي تنهائيءَ ۾ ڪمري ۾ گڏياسون، منهنجن مائٽن به سمجهيو ته گهوٽ ڪنوار آهن، هنن کي جدا ڪمري جي ضرورت هوندي. اسين ٻيئي هڪ ئي پلنگ تي ليٽيا پيا هئاسين، اسان جي وچ ۾ وهاڻا رکيل هئا ته جيئن هن جو جسم به مون کي نه لڳي. اسين ٻيئي خاموش چپ چاپ هئاسين. آخر چيومانس:

”پري ٿي، بي شرم، بي غيرت، توکي چيو هوم ته مون کي هٿ لائڻ جي ڪوشش نه ڪر. کٽ تان اٿين ٿو يا رڙيون ڪري اوڙو پاڙو گڏ ڪريان.“ هو ڇرڪي خاموش ٿي هٽي پري ٿيو. مان اٿي ڪمري ۾ پيل ٻي کٽ تي هنڌ وڇائي سمهي پيس. چيومانس:

”شريفن جو اولاد هوندين، شريف هوندين ته خاموش ٿي وڃ. ڪَن کولي ٻڌ، مان نه اڄ تنهنجي آهيان، نه سڀاڻي – جيڪڏهن ڪا بي حيائيءَ واري حرڪت ڪيئي ته خود بدنام ٿيندين.“

ان کان پوءِ اسين رسمي طرح ڳالهائيندا هئاسين. هڪ ڪمري ۾ سمهندي به حقيقيت ۾ هڪٻئي کان ڪوهين دور هئاسين. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ مون هن مان جند ڇڏائڻ لاءِ مڪر ڪيو. ان وقت رات جا اٽڪل ٻارهن ٿيا هئا – مان گهوڙا گهوڙا ڪري امان جي ڪمري ۾ ڊوڙندي ويس، ۽ رڙيون ڪندي چيم:

”هن ڄٽ جي پٽ، جهنگلي، وحشيءَ مان ڇو اچي ڦاٿي آهيان. هينئر کان ئي مرڳو مون کي مارڻ ۽ گهٽا ڏيڻ لڳو آهي…“

پوءِ امان، بابا کي اٿاري کيس گهٽ – وڌ چوڻ لڳي ته هن ڄٽ جي پٽ نوڪر سان منهنجي سڪيلڌيءَ جو پلئه اٽڪايئه – منهنجي لاڏ ڪوڏ سان پاليل نياڻيءَ سان ائين ٿو هلي ڄڻ اسان کي لک ڏنا اٿس.

ٻي رات مان وري به پنهنجي ڪمري ۾ ويس. هو بابا جي احسانن سبب ڪنڌ کڻي نه سگهيو. ائين وقت گذرندو رهيو، پر وري به هو مرد هو ۽ مان سندس نڪاح ٻَڌي زال هيس. ڪافي خاموشيءَ بعد مون کي ستائڻ، مڃائڻ، پرچائڻ ۽ سمجهائڻ لڳو:

”مان تنهنجو نوڪر آهيان، تنهنجو خادم، تنهنجو غلام آهيان…“

”هو ته تون اڳيئي آهين…“

”تون، مون کي پنهنجو سمجهه؛ مان تنهنجو آهيان – تنهنجو رهندس، تون يقين ڪر.“

”مون کي تنهنجي ضرورت نه آهي.“

”منهنجي راڻي، منهنجا ساٿي، منهنجا سائين…“

”منهنجا نوڪر، منهنجا غلام… ڪَن کولي ٻڌ، مان اڄ توکي وري به صاف صاف ٻڌايان ٿي. حالانڪ اڳ به توکي ٻڌايو اٿم ۽ توکي تجربو به ٿيو آهي، پر اڃا به نٿو سمجهين – هينئر منهنجا آخري لفظ ٻڌي ڇڏ. تون پنهنجي حيثيت نه وسار. اها به منهنجي مهرباني اٿئي جو تنهنجي عزت رکي اٿم. جيڪڏهن مان چاهيان ته توکي ڌڪا ڏيئي گهر مان ڪڍي سگهان ٿي. پوءِ ڪٿي مٿي لڪائڻ لاءِ به جاءِ نه ملندءِ، تنهنڪري ايتري مان سمجهي وڃ.“ پوءِ هو هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو.

هڪ ڏينهن هن بئگ ۽ بسترو کنيو، جي سندس هئا – بابا کي پيرين پيو ۽ کانئس موڪلائڻ لڳو. هن چيو:

”مان هاڻي اوهان جي احسانن جو وڌيڪ بار کڻي نٿو سگهان، تنهنڪري مان هاڻي اجازت وٺان ٿو – مون کي اجازت ڏيو ته مان هميشه لاءِ هليو وڃان.“

بابا سموري حقيقت سمجهي ويو، پر ڪجهه به ڪڇي ڪونه سگهيو. هن کي چيائين:

”مون توکي پنهنجي اولاد وانگر پاليو، نپايو ۽ پڙهايو…“

”بيشڪ نڪو پٽ پيءُ کي ڇڏي سگهي ٿو ۽ نڪو پيءُ پٽ کي ڇڏي سگهي ٿو. ماڻهو مري به وڃي ٿو، اوهان ائين سمجهيو ته اسحاق مري ويو.“ ائين چئي هو هليو ويو.

مان خوش هيس، ته هاڻي وري پنهنجي محبوب سان ملنديس ۽ کيس پنهنجي سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جو عملي ثبوت ڏينديس. هو ضرور منهنجي سچائي، وفاداريءَ ۽ جرئت تي داد ڏيندو.

مان دوباره سير تفريح، ڪلب ۽ سئنيمائن ۾ وڃڻ لڳس. پوءِ خبر پيئي ته امجد هڪڙو بنگلو وڪڻي وري ٻئي هنڌ بنگلو ورتو آهي – آخر مان سندس نئين بنگلي کي معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس.

هڪ ڀيري مان سندس بنگلي تي ويس. مون ائين محسوس ڪيو ته امجد مون کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندو – پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو، ائين سمجهندو ته ڄڻ چنڊ آسمان تان لهي سندس اڱڻ تي آيو آهي، مگر مون کي ڏسي هن کي ڪو به تعجب ڪو نه ٿيو. هُن انتهائي بيرخيءَ سان چيو:

”مون کي خبر هئي ته تون ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور ايندينءَ، ليڪن هاڻي تمام گهڻو وقت گذري چڪو آهي، مان ايترو انتظار ڪري نٿي سگهيس.“

”مون تنهنجي ڪري پنهنجي نڪاح ٻڌل ور کي ڇڏي ڏنو – مون کي ان اشراف ته هٿ به نه لاٿو آهي. تون يقين ڪر، مان اُهائي ارباب آهيان…“

”پنهنجي ور کي ڇڏي تو وڏي غلطي ڪئي آهي ارباب! تون پنهنجي نڪاح ٻڌل ور کي ڇڏي آئي آهين، جيڪو توکي والدين ڏنو هو ۽ جيڪو تنهنجو قانوني، سماجي، مذهبي، اخلاقي مڙس آهي. ان کي ڇڏي تون مون وٽ آئي آهين. تو پنهنجي ور جي بي عزتي ڪئي آهي، ۽ تو پنهنجي گهر جي بي عزتي ڪئي آهي. تو پنهنجي پيءُ جي بي عزتي ڪئي آهي. تو پنهنجي بي عزتي ڪئي آهي. تو ڪنهن جي به عزت نه رکي. تون سڀاڻي منهنجي ڪهڙي عزت رکندينءَ! مان ڀؤنئرو آهيان، مون کي نئين مکڙيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا اڃا پوري ٽڙيل نه هجي. مون کي اهڙن تازن گلن جي ضرورت آهي، جيڪي اڃا ڪنهن جي گلي جو هار نه ٿيا هجن.“

”مان اڳي به تنهنجي گلي جو هار هيس ۽ هينئر به…“

”مگر مان انهيءَ واسيل گل تي هڪ نگاهه ڌرڻ به پنهنجي ڪمزوري سمجهان ٿو؛ مون وٽ هينئر به نئين سوکڙي آهي، جيڪا تنهنجي اچڻ ڪري ٻئي ڪمري ۾ ويئي آهي – هاڻي تنهنجي ڪا به ضرورت نه آهي…“

”ياسمين…! ياسمين…!“

انهيءَ دم ٻئي ڪمري جو دروازو کليو، جنهن مان هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏاڍي نفيس ۽ رنگين لباس ۾ ظاهر ٿي. هڪ نفرت ڀريل نگاهه سان مون ڏانهن ڏسي انتهائي بي حيائيءَ سان امجد سان وڃي گڏ ويٺي.

مون چپ چاپ ڪمري مان نڪرڻ لاءِ دروازو کوليو. امجد ٺٺوليءَ ساڻ چيو:

”ڀڄي وڃ، تنهنجي ضرورت نه آهي، مون کي توسان ڪا به محبت ڪانه هئي. تون انهن جي آهين جن کي مان پنهنجو نٿو سمجهان، جيڪي منهنجا نه آهن، ڌاريا آهن – توکي هاڻي اها خبر پوندي.“

مان ڳوڙها ڳاڙيندي گهر پهتس. پوءِ مون کي اهو احساس ٿيو ته انسان وڃائي، پڇتائي پوءِ سکندو آهي. جڏهن ڳالهه هٿان ويندي آهي. ڪاش! بابا جي ڳالهه مڃان ها. پوءِ مان رئندي بابا جي پيرن تي ڪري پيس. کيس چيم:

”’هو‘ منهنجو قانوني، مذهبي، اخلاقي خاوند آهي، سرتاج آهي. مون ’هن‘ سان تمام زيادتي ڪئي، بدسلوڪي ڪئي. مان ڀليل هيس، سندس قدر نه ڪيم، هاڻي مان کيس پرچائينديس. ٻانهي بنجي ’هن‘ جي خدمت ڪنديس، هو شريف آهي، نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت آهي. هن ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍي، ۽ چپ چاپ هليو ويو. ’هن‘ ڪڏهن اوهان کي شڪايت جو موقعو نه ڏنو، اوهان جي احسانن کان سندس ڪنڌ جهڪيل هو. پوءِ مون بابا کان معافي ورتي، ۽ کيس عرض ڪيم ته گڏجي هلي ’هن‘ جي جاءِ تي پهچون ۽ کيس وٺي اچون. بابا راضي ٿيو ۽ اسين ’هن‘ جي گهر روانا ٿياسين. جڏهن اسين اتي پهتاسين، تڏهن منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي، ڏٺم:

هن هڪ غريب ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ سان لانئون لڌيون هيون…!

يوسف السباعي                    (عربي ڪهاڻي)

     سنڌيڪار محبوب علي جوکيو

بدبختي

هڪ ڏينهن، ائين ڳالهين ڳالهين ۾ منهنجي هڪ دوست مون کان پڇيو: ”اوهان جو ڇا خيال آهي، خوش بختي ۽ سعادت انسان کي ورثي ۾ ملندي آهي يا هو اهي شيون پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪوششن جي وسيلي حاصل ڪري سگهندو آهي؟“

”آءٌ سمجهان ٿو ته بخت مقدر کان ملندو آهي. انسان جي ڪوشش جو ان ۾ ڪو به دخل نه آهي.“

منهنجي اها راءِ ٻڌي هن اونهو ساهه کنيو ۽ چيائين: ”چئبو ته اوهان به انهن ماڻهن منجهان آهيو جيڪي ماٺ ڪري، هڪ جاءِ تي انهيءَ اميد ۽ آسري تي ويهي رهندا آهن، ته جيڪڏهن قسمت ۾ خوشي لکيل هوندي ته پاڻهي ملندي، باقي ڪوشش ڪرڻ مان ڪهڙو سود؟“

”هائو، ۽ آءٌ انهيءَ دعويٰ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل پيش ڪري سگهان ٿو.“ مون جواب ڏنو.

”منهنجا پيارا دوست! انهيءَ سلسلي ۾ منهنجو رايو تنهنجي رايي جي بلڪل ابتڙ آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته انسان کي قدرت جي طرفان بخت جو هڪ خاص مقدار ملندو آهي. اهو مقدار گهٽ – وڌ ٿي سگهي ٿو، پر اهو ممڪن نه آهي ته هڪ شخص ان نعمت کان بلڪل محروم ۽ وانجهيل هجي. انسان جي ظاهري حالتن سان بخت جو ڪو تعلق نه آهي. حقيقت ۾ بخت هڪ اهڙي دوا آهي، جنهن کي الماريءَ ۾ بند رکڻ سان، مريض جي حالت ڪڏهن به سڌري نٿي سگهي. صحت لاءِ ضروري آهي ته دوا ڪتب آندي وڃي. البت هيئن به ٿيندو آهي ته قدرت جي طرفان عطا ڪيل بخت کي ماڻڻ جي صلاحيت ڪن ۾ گهٽ هوندي آهي ته ڪن ۾ وڌ.“

”معاف ڪجو. آءٌ توهان جي خيالن سان متفق نه آهيان. جيڪڏهن انسان جي قسمت ۾ غم لکيل آهي ته پوءِ انهن غمن مان خوشي ڪيئن حاصل ڪري سگهبي؟“

منهنجي دوست ڪنڌ سان ناڪار ڪئي. مون سمجهيو ته منهنجي دوست کي منهنجي ڳالهين مان تسلي نه آئي. گفتگو جاري رکندي چيائين: ”آءٌ توکي هڪ نهايت بدبخت ماڻهوءَ جو قصو ٻڌايان ٿو. جيڪڏهن انهيءَ جي باري ۾ اسين ائين چئون ته هن کي به بخت جو ايترو ئي حصو مليل هو جيترو توهان کي، مون کي يا ڪنهن ٻئي انسان کي، ته پوءِ انهيءَ کان وڌ بيوقوفيءَ جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي؟

”ها، ته هڪ شخص هو، جيڪو اندر ئي اندر ۾ پيو جلندو، پچندو ۽ پڄرندو هو. جڏهن ڏسو ته شڪايت پيو ڪندو ۽ هرهڪ تي ڪاوڙيو ويٺو هوندو. سدائين سُوڻل. اصل شاگرديءَ واري زماني کان ئي سندس اها حالت هئي. هن کي اهو وهم هو ته استاد ڄاڻي واڻي هن تي ظلم ڪن ٿا ۽ کانئس نفرت ڪن ٿا. پنهنجن ڪلاسين کان هو هميشه پري گذاريندو هو. ڇاڪاڻ ته کيس يقين هو ته انهن جي طرفان مڪر ۽ فريب کان سواءِ ڪجهه به ڪونه ٿو ملي. عملي زندگيءَ ۾ قدم رکيائين ته هن جي چپن تي ظلم، ستم ۽ ناانصافيءَ جي شڪايت رهڻ لڳي. هو سمجهندو هو ته کانئس وڌيڪ دنيا ۾ ٻيو ڪو به بدبخت ۽ حقير ڪونه آهي؛ حالانڪ حقيقت ان جي ابتڙ هئي. هو نهايت چڱو ۽ وڏي مرتبي وارو ماڻهو هو. حسد وري ايترو هوندو هوس جو ڪنهن کي ڪا نعمت حاصل ٿيندي هئي ته جلندي چوندو هو، اها شئي مون کي ڇو نه ملي! مطلب ته هر قدم تي هن کي ڏک، غم، ساڙ، حسد، رنج ۽ ڪوفت ئي نصيب ٿيندي هئي. هو ماحول کان بلڪل بيزار هو. جڏهن به ڪنهن سان ملندو هو تڏهن بس ائين ئي چوندو هو ته ”اوهان کي خبر آهي ته فلاڻي شخص کي فلاڻي شئي ملي آهي. ڀلا، اهو به ڪو انصاف آهي؟“

ڪنهن به هن کي ڪنهن به وقت، خوش ۽ راضي ڪونه ڏٺو ۽ ڪڏهن کيس شڪر بجا آڻيندي ڪونه ٻڌو ويو. هن کي ڪنهن تي به اعتماد ڪونه هو. هو ڪنهن کان به راضي ڪونه هو. مطلب ته هن جي سموري زندگي غصي، ساڙ ۽ حسد سان ڀريل رهي.

”هڪ ڏينهن هن شادي به ڪري ورتي. جيڪي ماڻهو هن جي طبيعت مان واقف هئا، اهي ويچاريءَ عورت تي رحم کائڻ لڳا. آءٌ سمجهان ٿو ته ائين ڪرڻ ۾ هو صحيح هئا.“

”اها عورت، هن جي زال جي حيثيت ۾ ڏينهن گذارڻ لڳي. هوءَ سندس تلخ ۽ زهر ڀريءَ زندگيءَ ۾ هن جي ساٿڻ هئي. هن ويچاريءَ هر صورت ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ زندگيءَ جي ڏکين راهن تي هلڻ جو عزم ڪري ورتو. پر، اڳتي هلي هن محسوس ڪيو ته اهو ڪم هن جي وس ۽ وت کان ٻاهر آهي. گهر جي ناخوشگوار ماحول ۾، هن جو دم گهٽجڻ لڳو. جڏهن به فرصت ملندي هيس، تڏهن هوءَ گهر کان ٻاهر نڪري، پنهنجين هڪ جيڏين سان وڃي دل وندرائيندي هئي“.

”هن جي دل ۾ شڪن ۽ شبهن پيدا ڪرڻ لاءِ انهيءَ کان وڏيڪ ڀلا ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. هو ته مُنڍ کان ئي اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هو ته جيئن انهيءَ جي وسيلي هو پنهنجن شڪن ۽ گمانن جي پرورش ڪري سگهي ۽ پنهنجي ڪيني ۽ نفرت سان ڀريل فطرت لاءِ غذا حاصل ڪري سگهي. انهيءَ خيال کان هن جي دل جوش ۽ غصي سان جلڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳو ته مڪار زال ساڻس خيانت ڪئي آهي. پوءِ ته هو هر وقت پنهنجي زال جي جاسوسي ڪرڻ لڳو.

 ”هاڻي، هو انهيءَ موقعي جي ڳولا ۾ هو ته ڪٿي پنهنجي زال کي عملي طرح، خيانت ڪندي پڪڙي وٺان ۽ دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريان ته آءٌ هميشه مصيبتن ۽ تڪليفن جو شڪار رهيو آهيان. پر عورت کيس اهڙي قسم جو موقعو ئي ڪونه ڏنو ۽ سندس اها خواهش اڻپوري رهجي وئي. انهيءَ مان اهو سمجهڻ گهرجي ته سندس زال، يا ته نهايت پاڪدامن هئي، يا وري نهايت چالاڪ“.

”پنهنجي تدبيرن ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري، رهندو به هن جي غم ۽ اندوهه ۾ اضافو ٿيو، پر ڪمي ڪانه آئي. هو سدائين ائين چاهيندو هو ته پنهنجي نُنهن سان، زال جي ڊگهي ڳچي ۽ شفاف گردن ڇِني ڇڏي يا کيس گهُٽو ڏئي ساهه ڪڍيس؛ يا وري سندس سيني ۾ ڇُري ٽُنبي ڏيان، پر ائين ڪري ڪونه سگهيو. شايد سندس زال نهايت چالاڪ ۽ خبردار هئي.

”هن ڪيترائي دفعا پنهنجي ڪيني ۽ غصي جو اظهار ڪيو ۽ جوڻس به هن جي هلت چلت مان خوف ۽ خطرو محسوس ڪرڻ لڳي. هن پنهنجي مڙس جي اکين ۾ وحشانيت ڏسي ورتي ۽ کيس يقين ٿي ويو ته هي شخص مون کي قتل ڪندو.

”هن شخص جڏهن هن ڳالهه جي، پنهنجيءَ پر ۾ پڪ ڪئي ته زال مون سان خيانت ڪئي آهي، تڏهن پڪو ارادو ڪيائين ته هن کي ضرور ماريندس، پر ماريندس اهڙي نموني سان جيئن ڪنهن کي به مون ۾ ڪو گمان نه ٿئي ۽ سڀڪو ائين سمجهي ته هوءَ پنهنجي کُٽيءَ مئي آهي.

”وقت گذرندو رهيو ۽ هيءُ همراهه اٽڪلون سٽڪلون سوچيندو رهيو، پر هر منصوبي ۾ هن کي ڪا نه ڪا خامي نظر اچڻ لڳي. جيڪا ڳالهه رات جو سوچيندو هو، سا صبح جو رد ڪري ڇڏيندو هو.

”هڪ رات، هو پنهنجيءَ زال سان گڏ فلم ڏسڻ ويو. فلم جي ڪهاڻي هڪ قتل ڪرڻ جي ڏوهه بابت هئي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو نچوڙ اهو هو ته هڪ عورت پنهنجي مڙس کي مٿان ماڙيءَ تان هيٺ ڪيرائي وڌو. اها عورت ۽ سندس مڙس، ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي ڪجهه وقت گذارڻ آيا هئا. مڙس پوڙهو هو، پر ڏاڍو شاهوڪار هو. زال جي نيت اها هئي ته ستت ئي مڙس جي سموري دولت ۽ ملڪيت جي وارثياڻي بڻجي وڃان. هن پنهنجي پاڙيسرين ۽ هڪ حڪيم کي چيو: منهنجي مڙس کي اوٿاري جي بيماري آهي ۽ هو ننڊ ۾ اُٿي هلي ٿو. مون کي ڏاڍو خطرو آهي. پوءِ هن هڪ رات جو مڙس جي چانهه ۾ زهر ملائي ڇڏيو. هو بيهوش ٿي ويو ته هن کي مٿي ماڙيءَ تي گهلي وئي ۽ اتان مٿان کڻي هيٺ زمين تي ڦِٽو ڪيائينس. انهيءَ ڪم کان فارغ ٿي، وري اچي پنهنجي بستري تي سُتي. صبح ٿيو ته ماڻهن ڏٺو ته عورت مٿي اولي کان بيهي واويلا ڪري رهي آهي ۽ هيٺ زمين تي، هن جي مڙس جو لاش پيو آهي. سڀني کي يقين ٿي ويو ته هي شخص رات جو ننڊ ۾ هلندي، هيٺ ڪِري پيو آهي ۽ مري ويو آهي.

”اها فلم ڏسي، همراهه ڏاڍو خوش ٿيو. انهيءَ قتل ڪرڻ جي ڪامياب طريقي، هن جي دل ۾ هڪ نئون اُمنگ ۽ نئين اميد پيدا ڪئي. هن گهر پهچڻ شرط پنهنجي گهر جي جڳهه جون اوتايون ڳولڻ شروع ڪيون ۽ زال سان شڪايت ڪرڻ لڳو ته هن جڳهه ۾ هيءُ عيب آهي، هيءَ تڪليف آهي، تنهنڪري رهڻ جي لائق نه آهي. هن جلد ئي هڪ نئين جڳهه تلاش ڪري ورتي، جيڪا سمنڊ جي ڪناري تي هئي ۽ پوءِ ان ڏانهن منتقل ٿي ويا. انهيءَ جڳهه جي بناوت به انهيءَ فلم واري جڳهه جهڙي هئي.

”گهر جي مٿئين حصي تي بيهي، هن هيٺ سمنڊ جي ڪناري تي نگاهه وڌي، ته بدن مان سيسراٽيون نڪري ويس. پري ڪناري تي وڏا وڏا پٿر ٽڙيل پکڙيل ڏسي، پنهنجي ارادي جي تڪميل جا روشن امڪان نظر آيس. سامونڊي هوا جي هڪ جهوٽي سندس جسم کي ڇهيو. هو سوچڻ لڳو ته ’قسمت مون کي زال کي مارن لاءِ ڪهڙي نه عمدي جڳهه عطا ڪئي آهي!‘ ٻئي ڏينهن هو ننڊ ڏيندڙ گورين جي شيشي خريد ڪري آيو ۽ پنهنجيءَ زال کي انهيءَ ڳالهه جو يقين ڏيارڻ لڳو ته ’تون پوري ننڊ ڪانه ٿي ڪرين، ۽ هيءَ دوا ننڊ آڻڻ لاءِ نهايت مفيد آهي.‘

”پوءِ هو شهر جي تفريحگاهن ۾ گهمڻ لڳو ۽ اتي ايندڙ ويندڙ ماڻهن سان ڳالهين ڪندي، هيءُ ڪرڪندو هو ته سمنڊ جي ڪناري تي جڳهه وٺڻ جو مقصد هيءُ آهي ته منهنجي زال مريض آهي ۽ سمنڊ جي تازي هوا هن جي صحت لاءِ فائديمند آهي.

”ڪجهه ڏينهن گذريا ته ماڻهن ڏٺو ته هو ڪنهن گهَري سوچ ۾ ٻڏل رهي ٿو. همدرديءَ خاطر، هنن پريشانيءَ جو سبب پڇيس. هن ٻڌايو: ’منهنجي زال جي حالت ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي پوڻي پوندي، رات مون ڏٺو ته هوءَ ننڊ جي حالت ۾ گهمي رهي هئي.‘

”ماڻهن کيس تسلي ڏني ته اها بيماري ڪا اهڙي تشويشناڪ نه آهي. آهستي آهستي ٺيڪ ٿي ويندي. ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪريو ته بهتر ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com