سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1975ع

مضمون

صفحو :8

هڪڙو ٽهيءَ ڦوٽارو مس کاڌو هوس، ٻيو اُڀ جيڏو ماڻهو ڪنڌ جهليو بيٺو هوس، وڃي ته ڪيڏانهن وڃي! زمين ۾ پيهندي ويئي.

”سائين! ٿورو…“ لفظ ٿيڙ کائي بيهي رهيا.

”جي؟“ خيالن جي ساگر ۾ لڙهندي اک پٽجي ويس.

”ڪپڙا خراب ٿيندا… مٿي.“ ٿڙڪندڙ لفظ.

”جي؟“ وري ساڳيو سوال.

”ٻهاريءَ سان مٽي ٿي اُڏامي، سو اوهان جا ڪپڙا خراب ٿي ويندا.“

”پوءِ ڇا ٿيو؟“

”ٿيندو ته ڪجهه به ڪونه.“ مس مس ڌڪ پچايائين. ”آئين ته بادشاهه ماڻهو آهيو، هڪڙو وڳو لاهي کڻي ٻيو پائيندا، پر اسان غريبن تي موچڙا ڪُٽ پوندي ته رئيس ننڍي جا ڪپڙا خراب ڪري ڇڏيا. “

”تنهنجا ڪپڙا خراب ڪونه ٿيا ٿين؟“

”سائين! اسين اڳيئي مٽيءَ ۾ گڏيا پيا آهيون، اوهين پنهنجي ڳالهه ڪريو.“

”آءٌ وري ڪهڙو اُڀ جي ٽُڪر مان ٺهيل آهيان؟“

”سائين! اوهان کي الله عزت ڏني آهي. وڏي گهراڻي مان آهيو. دُعا پِٽ جا ڌڻي آهيو.“ خانان اکيون کڻي نهاريو، ڄڻ واقعي اُڀ ڏانهن پئي نهاريائين.

”مون اڄ پهريون ڀيرو توکي چڱيءَ طرح جاچي ڏٺو آهي.“ محمد خان جي زبان نڪتل لفظ ڪونه هئا، ڄڻ ٿري ناٽ ٿريءَ جون گوليون هيون، جيڪي خانان جي دل ۾ لهي ويون. سندس پيرن ٿيڙ کاڌو.

”پر سائين…“ ڪرندي ڪرندي بچي.

هو ٻڏندڙ ٿڙندڙ خانان کي ورانڊي ۾ ڇڏي اچي اڱڻ ۾ بيهي رهيو ۽ پويان خانان فرش تان ائين ٻهاري ڪڍڻ لڳي، ڄڻ محمد خان جي دل جي فرش تي ستن پيڙهين جو اُڇلايل گند ميڙي رهي هجي.

جيئن ڏينهن بدلجندي دير ڪونه ڪندا آهن، تيئن ڏينهن سان گڏ دليون به بدلجندي دير ڪانه ڪنديون آهن. اک اک جو کاڄ آهي. ماڻهو، ماڻهوءَ کان ڪيترو ڀڄندو! ڪيترو ٽهندو! ڀلا جي کڻي ڪو ٽاهه به کائي ته به وڃي ڪرندو، ٻيو ڇا ٿيندو. بت کڻي نه ڦٽجيس، پر روح تي ايترا چير اچي ويندس جو ٻيو ٿيو ڀلو. رکي رکي پيا سور نِسرندا. تنهن ۾ خانان ته ڇُٽي، پر خانان جا ابا ڏاڏا، تن جا به ابا ڏاڏا، محمد خان وارن جي ڪوٽ جي چائنٺن تي حاضريون ڏيئي، بزگيريون ڪري کاڄي کپي ويا هئا، ٿوريءَ ڇهنڊ تي کڄي جاٽ پيا وهندا هئا، تنهن ۾ محمد خان ته ڪا به ڇهنڊ ڪا نه ڏني، نه لالچ، نه دڙڪو، نه رئيساڻي پَر، ڏيئي وٺي رڳو اک جي گهور کي خانان جي جهوليءَ ۾ اُڇلايو هئائين. کپي جهولي جهلي، کپي هيٺ ڪيرائي ڇڏي. خانان الائي ڇا سوچي جهولي جهولي ڇڏي. ٻنهين جون مُرڪون پاڻ ۾ وچڙي ويون، جن مان جيئن پوءِ تيئن گل ٽڙندا ويا. ڳالهين مان ڳالهيون ڦٽنديون ويون، جهڙا ٽانڊا. ٻيو ڪجهه نه هو ته به هڪ ٻئي جي اکين جو ته ڍءُ هو.

انهيءَ رات هو ڪئين فيصلا دل جي اڱڻ ۾ سانڍي ستو هو، ان ڪري وڏي اَسُر جو اک کلي پيس. اُتر جي ريهون ڪندڙ هوا جي سرڙاٽن تي رات جي ٽڙڪندڙ ڪاري پوتيءَ جي ٻنهين پلاندن کي باهه وٺندي پئي ويئي. رات جو رنگ اُڏامندو پئي ويو. آهستي آهستي ڌڳندڙ روشنيءَ جي گهاٽيءَ ٻوڏار مان ڪئين آواز اُڀري آيا هئا.

آرس ڀڃي ڇاتيءَ تي هٿ رکيائين، ڄڻ سڄي رات سندس ڇاتيءَ ۾ جرڪندڙ سج آسمان تي لهي آيو هجي ۽ پويان رڳو هلڪيءَ روشنيءَ جو ڇهاءُ ڇڏي ويو هجي ۽ هيءُ ان ڇهاءُ کي محسوس ڪندو هجي.

ڪنڌ مٿي کڻي بند ٿيل در ڏانهن نهاريائين، جنهن جي چيرن مان اندر پکڙجندڙ روشنيءَ جون لارون اُميدن وانگر ڍري سرد فرض تي وڇائجي ويون هيون. هو اُٿي ويهي رهيو. کنگهڪار ڪري سَوڙ کي پنهنجي چوڌاري ڇڏيائين ۽ ڪَن ٻاهر ڪڍي هڪ اهڙي آواز کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪيائين، جيڪو ٻن – ٽن ڏينهن کان وٺي صبح جو سوير اُٿندڙ آوازن کان ٽٽي سندس وجود تي سيءَ وانگر ڇانئجي ويندو هو ۽ وقتي طور تي کيس ڏڪڻي ٿي اندر جي گهراين ۾ هلي ويندي هئي.

در چرڙاٽ ڪري کلي پيو ۽ خانان جو وجود صبح وانگر ڪمري ۾ ڍري آيو. هو اُڀو ٿي ويهي رهيو.

”هاڻ ته هنڌ جي پٺي ڇڏ.“ خانان ڪنڊ مان ٻهارو کڻندي چيو.

”ڇو؟“

”ٻهارو ڪڍان.“

”ڀلا سدائين پئي ٻهارا ڪڍندئين ڇا؟“

”بس، پوءِ جنهن ماڻهوءَ جو جيڪو ڌنڌو آهي، اُهو ڪندو.“

”ڪڏهن ٻه منٽ ويهي ڳالهائيندي ته وڃ.“

”تنهنجي مرضي.“ فرش تي وهندي چيائين.

”پر تون پٽ تي ڇو ٿي ويهين؟“ محمد خان جي چهري تي پريشانيءَ جون ليڪون اُڀري آيون.

”پوءِ ڪٿي وهان؟“

”سامهون ڪرسيون پيون اٿئي!“

”نوڪر ماڻهو ڪرسين تي ٿورو وهندا آهن. ڪٿي تون ڪٿي آئون؟ هروڀرو اُڀ سان ٽڪر هڻان ڇا؟ آن جي کٽن ڪرسين تي پکي ڪونه ٿو وِهي، سو آءٌ ڪيئن وهنديس. کُٽي ڪونه کنيو اٿم جو ڪرسيءَ تي ويهي پِٽ کڻان. الله پناهه ڏي، ٻئي جهان وڃائڻا ڪونه اٿم.“

۽ محمد خان ائين چپ ٿي ويو، ڄڻ پنهنجي ئي ڪوٽ جي ڪا ڀِت هو. [بشڪريه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد]

نجم عباسي

اهي ڏينهن، اُهي شينهن

”… هي آوز،

اهوئي ته آهي،

ها، اهوئي ته آهي،

منهنجي من جون تارون ڇيڙيندڙ،

منهنجي دل جي درياهه ۾ طوفان اٿاريندڙ،

پيار ۾ ٻڏل، مونکي پنهنجو ڪوٺيندڙ،

منهنجي جيءَ جي جوت، منهنجي ساهه جوسُرندو،

منهنجي ڪنن جو ميٺاج، منهنجي روح جي راحت،

 

جنهن کي سوَن هزارن آوازن ۾ سڃاڻان،

۽ جتي هجي اهو آواز،

ڪَنَ ٻيو آواز ٻڌن ڇو ٿا؟

 

هن جي ٽهڪڙن جون ٽلڙيون،

هن جي سرگوشين جا گنگهرو،

ڦهلائينديون هيون فضا ۾،

ماکيءَ جهڙيون مٺڙيون لهرون.

 

منهنجي سيني تي رکي مٿو،

هن جي مُکَ جي مکڙيءَ مان

ڦٽندڙ جهونگار،

ڪندي هئي پيدا

اڻ پيتي جا خمار.

 

ان آواز ۾ ئي گونجندا هئا:

منهنجي سڪ جا سنيها،

منهنجي نينهن جا نغما.

 

منهنجي من چاهيو هو:

اهڙي آواز جا،

اهڙا سهڻا پڙاڏا،

سانڍي رکان،

سداحيات بنايان…“

ارباب، پنهنجي سوچن جي سنسار ۾ گم هو، جو وڄندڙ ريڊئي تي ”پراڻو چنڊ“ پروگرام شروع ٿيو. هن پروگرام کي پيش ڪندڙ ڇوڪريءَ جي آواز بلند ٿيڻ سان، ارباب جا ڪن هڪدم کڙا ٿي ويا. هيءَ آواز ته چنبيليءَ جو هو، جنهن بابت هينئر به سوچي رهيو هو، ۽ جا اڪثر هن جي سوچن جو محور هوندي هئي.

هو هن جي آوازن جي لهرن ۾ لُڙهڻ لڳو. ريڊئي کي ڇاتيءَ سان لڳائي، ان کي ڀاڪر پاتائين. ”منهنجي چنبيلي!“ هن جي وات مان نڪتو. هن جي نيڻن مان لُڙڪن جون لارون وهي، ڳٽن تان ٿينديون، وهاڻي کي آلو ڪرڻ لڳيون.

هن کي پهرين پهرين هن جي شڪل مست ڪيو هو يا هن جي آواز؟

هڪڙي ڏينهن، هوءَ ڪاليج جي هڪڙي جشن ۾ اسٽيج تي ڳائڻ آئي ته هن چنبيليءَ کي پهريون ڀيرو ڏٺو، ۽ ڏسڻ سان ئي هن کي اهڙي وڻي، جو ڪا مهل ته هن مان نظرون ئي ڪونه ڪڍيائين، ڄڻ نظرون کؤنر سان هن ۾ چنبڙي پيون هئس.

جڏهن وري هن ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جو آواز اهڙو چِٽو، رس ڀريو، سهڻو ۽ سريلو محسوس ٿيس، جو الائي ڇو اعتبار نه ڪري سگهيو ته اهو آواز انهن چپن مان نڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو اٿي، اسٽيج جي ويجهو وڃي وڃي پڪ ڪيائين ته هوءَ ئي ڳائي رهي آهي.

رنگ مشڪي، اڃا به سانورو، پر نڪ – نقشا ۽ منهن – مهانڊا اهڙا دلڪش، جسم اهڙو جوان ۽ ڀرپور، ۽ لوڏ ڪوڏ اهڙي وڻندڙ، جو هزارن ڀورين ڇوڪرين ۾ به نظر وڃيو هن تي کُپي ۽ اتان چُرڻ جو نالو ئي نه وٺي. آواز اهڙو سريلو ۽ سوز وارو، جو ٻڌندڙ جهومڻ لڳندا هئا. هن جي جسم کان وڌيڪ، هن جي آواز جا چاهيندڙ هئا.

هن جي آواز ۾ سُر، سوز ۽ ميٺاج ان وقت کان اڃا به وڌي ويو، جنهن وقت کان هوءَ ارباب سان نينهن جي ناتي ۾ ڳنڍجي وئي.

پيار به سيلاب وانگر آهي. ان کي روڪي نٿو سگهجي. اهو رڪاوٽون پاش پاش ڪندو وڃي، بند ٽوڙيندو وڃي، تباهيون ڪندو وڃي.

سماجي بندشون غيرمناسب، غير سڀاويڪ ۽ غير فطري سهي، پر انهن جي ٽوڙڻ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.

ارباب ۽ چنبيلي پيار جي وهڪري ۾ وهڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيا. چنبيليءَ کي خبر هئي ته ارباب پرڻيل آهي ۽ ٻه ٻار پڻ اٿس. ٻنهي کي احساس هو ته هنن جي شادي ناممڪن آهي، اهڙيءَ حالت ۾ پريم جي ناتي کي جاري رکڻ سان، هو سماج جي عتاب جو شڪار ٿيندا ۽ ڪنهن به وقت ٻنهي جي يا گهٽ ۾ گهٽ چنبيليءَ جي تباهي ٿي سگهي ٿي.

پر عمر اهڙي هئن جو پاڻ کي پلي نه سگهيا، يا شايد سمجهيائون ٿي ته محبت جي منزل هروڀرو شادي نه آهي، يا پڙهيل ڳڙهيل هجڻ ڪري سماج سان بغاوت ڪرڻ جي جوکي کڻڻ جو جذبو موجود هئن. هو پوري خبرداري وٺي، لوڪ کان لڪي، پيار جي سيلاب ۾ وهندا رهيا.

ارباب هڪ ننڍي ڳوٺ جو رهاڪو هو. مائٽن هن جي ننڍپڻ ۾ ئي شادي ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي ٻه ٻار ٿي چڪا هئا. هتي شهر ۾ ڪاليج ۾ پڙهڻ آيو هو ۽ هاسٽل ۾ رهندو هو. ارباب جي حياتيءَ ۾ محبت خوشگوار تبديلي آندي هئي. هو ڏاڍو خوشمزاج ۽ زنده دل ٿي پيو هو. زندگيءَ ۾ هن کي ڄڻ ڪو مقصد ملي ويو هو ۽ هو ڏاڍي محنت ۽ شوق سان پڙهڻ لڳو هو. ڳوٺ ويندو هو ته زال ۽ ٻارن تي اڳي کان وڌيڪ مهربان ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ هنن کي گهڻو قرب ڏيندو هو.

ڊگري پاس ڪرڻ کان پوءِ، ارباب کي نوڪري به هن شهر ۾ ملي ويئي. هو هاڻي مسواڙ تي گهر وٺي رهڻ لڳو.

پريمي پنهنجو ناتو نباهيندا آيا. هنن جي پيار کي ست سال اچي ٿيا.

چنبيليءَ جي هڪ ٻئي شخص سان شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي. ان کان پوءِ ٻئي مليا ته هڪٻئي سان گلي ملي ڏاڍو رنائون. هڪٻئي کي ڏک – ڏوراپا به ڏنائون ته همت کان ڪم وٺي حالتن جو مقابلو ڪري، اسان کي پاڻ ۾ شادي ڪرڻ کپي ها. پوءِ سماج کي لوئڻ لڳا، جو اونداهي دؤر جون پابنديون اڃا تائين قائم رکيو ويٺو آهي. پر هنن کي الائي ڇو اهو اطمينان هو ته ڇا به ٿي پئي، هو هڪٻئي سان ملندا رهندا ۽ دنيا جي ڪا به طاقت هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪي نه سگهندي.

ارباب کي رقابت جو احساس ڏاڍو اداس بنايو. پر پاڻ کي ان خيال سان آٿت ڏنائين ته آخر منهنجو به ته ٻيءَ عورت سان سنٻنڌ آهي، جا منهنجي زال آهي. چنبيلي جي کڻي مجبور ٿي، رسمي طرح پنهنجو جسم مڙس جي حوالي ڪيو ته به دلي طرح ته منهنجي آهي.

شاديءَ کان پوءِ به چنبيلي دستور موجب ارباب سان ملندي رهي. محبت جا گيت گونجندا رهيا. ارباب هن جي پيار ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي محسوس نه ڪئي. هوءَ هن کي ٻڌائيندي هئي ته مڙس کيس ڏاڍو ڀانئي ٿو ۽ هن مان راضي آهي ۽ گهر جو چرخو به سک – سانت سان پيو هلي. چنبيليءَ کي ٻار به ٿيو.

اهڙيءَ ريت ٽي سال گذري ويا.

هڪڙي ڏينهن چنبيلي، ارباب سان ملڻ آئي ته ڏاڍي اداس هئي، ۽ اچڻ سان اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. اکين جا نار بند ئي نه ٿينس. سُڏڪن جي رفتار وِٿي ئي نه ڏئي. جڏهن ڪجهه ڳالهائڻ جهڙي ٿي، تڏهن چيائين:

”منهنجي مڙس کي کُڙڪ پئجي وئي آهي يا ڪنهن چُغلي هنئي آهي. اڄ سنئون سڌو پڇيائين ته تنهنجي ڪنهن ٻئي مرد سان دوستي آهي ڇا؟ مان ته صفا آلي ويس. پر هن مون کي چتاءُ ڏنو ته جي ڪا به اهڙي ڳالهه معلوم ٿي ته پوءِ يا خون ڪندوسانءِ يا گهر مان ڪڍي ڇڏيندوسانءِ… پر منهنجا سائين! مان توکان سواءِ جيئري رهي ڪانه سگهنديس. مان توکي نٿي ڇڏي سگهان، ڀلي ته مڙس مون کي ڪڍي ڇڏي، ختم ڪري ڇڏي.“

ارباب غمگين ۽ ڳنڀير ٿي ويو. هو سوچ جي ساگر ۾ گم ٿي ويو.

”تون ڇو ماٺ ٿي وئين مٺڙا، مون کي تنهنجي تسليءَ جي ضرورت آهي. ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان؟“

ارباب پهريون ڀيرو، چنبيليءَ سان سختيءَ ۽ رکائيءَ سان ڳالهايو:

”اسان کي هڪٻئي سان ملڻ نه گهرجي، آئيندي تون ڪڏهن به مون سان گڏجڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ. اسان جي محبت اسان جي دلين ۾ موجود رهندي، پر مان توکي ائين تباهه ٿيڻ نه ڏيندس. مان تنهنجو گهرٻار تباهه ٿيندو ڏسڻ نٿو چاهيان.

ٻئي نيڻن مان نير وهائيندا رهيا.

ان ڏينهن کي پنج سال گذري ويا هئا. هو پاڻ ۾ اڳئين نموني نه گڏبا هئا، ڇٽي ڇماهيءَ رستي ويندي، آمهون سامهون ٿيندا هئا ته ٻنهي جي چهرن تي مرڪڻ جي بهار ڇانئجي ويندي هئي. پوءِ هو مرڪندا مرڪندا، هڪٻئي ڏي لِڪل نگاهن سان نهاريندا، بنا ڳالهائڻ جي اوپرن وانگر پنهنجو پنهنجو رستو وٺي ويندا هئا.

هنن جا زخم نئين سر اُکڙي پوندا هئا، نئين سر پوسرندا هئا، نئين سر ڪُرندا هئا. درد جون سوٽون تازيون ٿينديون هيون، اکين ۾ ڳوڙهن جا تلاءَ تري ايندا هئا. دل جي دڳ جي ساڳئي هوندي به جدا جدا واٽون وٺندا هئا: اُداس اُداس واٽون، اجڙيل واٽون، اڪيليون اڪيليون واٽون. پوءِ هو پنهنجي پنهنجي مُنهن ماضيءَ جي دنيا ۾ پهچي، پنهنجي بيقرار دلين کي ٺاپر ڏيڻ جا جَتن ڪندا هئا.

ارباب اڪثر هن قسم جي ويچارن وارا گيت جهونگاريندو هو:

اها پڪ، اهو يقين، اهو ڀروسو،

محبوب جي آهي محبت حاصل،

چاهيون ٿا هڪٻئي کي،

دل جي گهراين مان،

ڏور هوندي به هڪٻئي کي –

آهيون ويجهن کان ويجها.

اها پڪ آهي منهنجي جيون جي ٽيڪ؛

اهو يقين حياتيءَ جو سهارو؛

اهو ڀروسو بخشي ٿو،

جياپي لاءِ جاکوڙ جو اُتساهه.

اهڙو محبت جو اطمينان،

بنائي ٿو زندگي رهڻ لائق.

هن جي محبت جي خاطري –

هو آهي منهنجي اونداهي دنيا جو چمڪندڙ چنڊ،

چوڏهينءَ جو چنڊ، پورو چنڊ، پراڻو چنڊ.

ارباب جو وڏو ڀاءُ مري ويو ته مرهيات جي رنڙ زال واسطي سوچيو ويو ته گهر ۾ ٻيو ته ڇوڪرو ڪونهي، فقط ارباب ئي آهي. هو ان وقت ساماڻل به ڪو نه هو ۽ هن جي اها ڪنوار هن کان ڄمار ۾ ڏهه سال وڏي هئي، پر تنهن هوندي به هن کي شاديءَ جي صليب تي چاڙهيو ويو.

ارباب ڪڏهن ڪڏهن ويچاريندو هو:

”مان ائين ڪونه ٿو چوان ته منهنجي اهڙي اڻ ٺهڪندڙ شادي نه ٿئي ها ته چنبيليءَ سان پريت جو پيچ ڪونه ٻڌجي ها. چنبيلي ته اڻ پرڻيل هئي، پوءِ به هن جو مون پرڻيل سان پيار ٿي ويو. مان ائين به ڪونه ٿو چئي سگهان ته جي منهنجي چنبيليءَ سان شادي ٿئي ها ته به اسان جو پيار سدائين قائم رهي ها. پر هينئر اسان جو پيار جئن جو تئن قائم آهي. چون ٿا ته بندشون ۽ پابنديون عشق کي جٽادار ۽ اونهو بنائينديون آهن، پر ان واسطي ڪيڏي نه قيمت ادا ڪرڻي ٿي پوي. ڪيترين اميدن، خواهشن، خوشين، امنگن ۽ آشائن جو خون ٿئي ٿو. پاڻيءَ هوندي پياسو رهڻو پوي ٿو. حياتيءَ جا ڪيترا لمحا زهر بنجي وڃن ٿا. هجڻ ائين گهرجي ته ٻه پيار ڪندڙ، پوءِ ڇڙا هجن يا پرڻيل، جيستائين هڪٻئي سان نباهي سگهن، هنن تي ڪا روڪ ٽوڪ مڙهيل نه هجي…“

ارباب، چنبيليءَ کي اچڻ کان سخت لفظن ۾ منع ڪئي هئي،. تڏهن به هن جي دل چاهيندي رهي ته هوءَ سندس منع جي باوجود هن وٽ هلي اچي. هو هن جي واٽ ڏسندو رهيو هو. هو، هن لاءِ هر وقت واجهائيندو رهيو هو. جڏهن ڪا آهٽ ٿيندي هئي، جڏهن در تي کُڙڪو ٿيندو هو يا ٻنڀي وٽ ڪنهن رڪشا جي بيهڻ جو آواز ٿيندو هو ته هن جي من ۾ اميد جاڳندي هئي، آس اڀرندي هئي، چاهنا پيدا ٿيندي هئس ته شل چنبيلي هجي. پر هر ڀيري مايوسيءَ جو مُنهن ڏسڻو پوندو هوس.

هو هاڻي چڱو وڏو آفيسر ٿي ويو هو. رهڻ لاءِ هڪ تمام سهڻو گهر ورتو هئائين. هو هتي اڪيلو رهندو هو. هن جي مائٽن، هن جي زال کي، هن سان گڏ شهر ڏانهن موڪلڻ ۽ رهڻ جي اجازت نه ڏني هئي. اهو سندن خانداني روايتن جي خلاف هو ته ڪا ڇوڪري گهر کان ٻاهر نڪري يا وڏن جي نظرداريءَ کان سواءِ شهر ۾ وڃي رهي.

آهستي آهستي ڪري هن گهر لاءِ گهڻو ئي خوبصورت سامان ورتو هو ۽ گهر کي سينگاريو هو. هو جڏهن به ڪا شئي وٺندو هو، تڏهن اهو خيال ضرور رکندو هو ته چنبيليءَ کي اها چيز ڪهڙي ڍنگ يا ڪهڙي رنگ واري پسند ايندي آهي. بعضي ته هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ ته دڪان تي چنبيلي ساڻس گڏ بيٺي آهي ۽ اشارن سان پنهنجي پسند ٻڌائي رهي آهي. مثال طور هن پردا انهيءَ رنگ وارا خريد ڪيا، جو رنگ چنبيليءَ کي بيحد پسند ايندو هو.

هر شئي خريد ڪرڻ ۽ ڪمري ۾ سينگارڻ وقت، هن جي ذهن ۾ سدائين اهو ويچار اڀرندو هو ته چنبيلي هيءَ شئي ڏسندي ته ڪيڏو نه خوش ٿيندي ۽ ان ڪري هن جي پنهنجي خوشي به ٻيڻي ٽيڻي ٿي ويندي. ڪو به ماڻهو اڪيلو، مڪمل طرح خوشي ماڻي نٿو سگهي. خوشي، تڪميل تي تڏهن ٿي پهچي، جڏهن ان خوشيءَ ۾ ڪو ٻيو يا ڪي ٻيا شامل ٿين ٿا. جي اهو شامل ٿيندڙ پنهنجو پرين آهي، پنهنجو محبوب آهي ته پوءِ ته ان خوشيءَ کي چار چنڊ لڳيو وڃن.

ارباب کي به اميد هئي ته چنبيلي ڪڏهن نه ڪڏهن هن گهر ۾ ضرور ايندي. پوءِ هو هن کي هڪ هڪ چيز ڏيکاري، هن کي خوش ٿيندي ڏسندو ۽ هن سان گڏ خوشين جا خزانا لٽيندو.

هي آهي ريفريجريٽر، جنهن ۾ هو سدائين اهو شربت موجود رکندو آهي جو چنبيليءَ کي پسند هو. چنبيليءَ کي رس گُلا ڏاڍا وڻندا هئا، هو اهي سدائين وٺي رکندو آهي. ڪهڙي خبر هوءَ ڪهڙي وقت اچي وڃي!

هي اهوئي پراڻو ريڊيو آهي، جنهن تي هو ٻئي گڏجي راڳ ٻڌندا هئا ۽ گڏ جهومندا هئا ۽ هڪٻئي سان اکيون ملائي مرڪندا هئا.

هي آهي رڪارڊ پليئر. ان جي رڪارڊن ۾ اهي سڀ رڪارڊ موجود رکيا اٿائين، جي چنبيليءَ کي پسند ايندا هئا.

هي آهي ٽيپ رڪارڊر، جنهن جي ٽيپن تي چنبيليءَ جا اهي سڀ ڳايل راڳ ۽ گيت ڀريل آهن جي هن، هن وٽ اڪيلائيءَ ۾ يا ڪاليج جي محفلن ۾ ڳايا هئا.

هي آهي اهو ڪٻٽ، جنهن ۾ چنبيليءَ جي هڪ هڪ چيز سانڍي رکي اٿائين. هن جي خطن جو هڪ خوبصورت فائيل ٺاهيو اٿائين. هن جي تصويرن جو به هڪ سهڻي ۾ سهڻو اَلبم بنايو اٿس. هن جون ڏنل سِڪ جون سوکڙيون: ڪتاب، عيد ڪارڊ، عطر جون شيشيون، ٽايون، رومال، پنهنجي هٿ جون ڀريل چادريون، وهاڻن جو ڇئون ۽ ميزپوش. هن انهن گلاب جي گلن جون سڪل پنکڙيون، پلاسٽڪ جي شفاف دٻليءَ ۾ سانڍي رکيون هيون، جي گل چوڏهن پندرهن سال اڳ، چنبيليءَ هن کي پيار مان پيش ڪيا هئا.

هيڏانهن هي سوڙهو پلنگ آهي، جنهن بابت چنبيليءَ سان اڪثر مذاق ڪندو هو.

هو انهن شين کي ڏسي سوچيندو هو ته جڏهن چنبيلي ايندي، تڏهن اهي شيون ڏيکاري چوندوسانس ته ڏس تنهنجي لاءِ منهنجو پيار اڄ به تازو آهي!

هو سوچيندو هو… ۽ هي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو! هوءَ ايندي ته ان جي ٿڌڙي ٿڌڙي ماحول ۽ سوڙهي پلنگ تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، پهرن جا پهر، قرب جي ڪچهري ڪنداسين.

هو جڏهن بزار ويندو هو يا سوات يا ڪوئيٽا طرف گهُمڻ ويندو هو تڏهن اتي دڪانن تي ڪا به سهڻي ۽ نئين نموني جي سوکڙي ڏيڻ جهڙي شئي ڏسندو هو ته هن جي دل چاهيندي هئي ته هو اها پنهنجي چنبيليءَ واسطي وٺي. هوءَ اها ڏسي ڪيترو نه خوش ٿيندي ۽ هن کي خوش ڏسي، کيس به دنيا جون مڙئي خوشيون حاصل ٿي وينديون.

شين خريد ڪرڻ وقت به هن کي عجيب راحت ۽ تسڪين حاصل ٿيندي هئي.

انهيءَ اُمنگ ۽ شوق هيٺ، هن چنبيليءَ لاءِ کوڙ سوکڙيون ورتيون هيون: ننڍڙو پتڪڙو ريڊيو، ولايتي ڪپڙا، ولايتي سئيٽر، خوبصورت واچ، عطر، ڪيترائي پرس، ڪنن جا پنڙا، موتين جا هار، مُنڊيون، سُرها سُرها ولايتي صابڻ. انهن مان ڪي شيون ته ڪنهن نه ڪنهن نموني، هن کي پهچائي به سگهيو هو، پر ڳپل شيون اڃا ڪٻٽ اندر هن جو انتظار ڪري رهيون هيون… ڪڏهن ته هوءَ هن گهر ۾ ايندي… پوءِ روبرو اهي شيون ڏئي هن کي خوش ٿيندو ڏسي، هو پاڻ پڻ خوشيءَ جي آسمان تي اڏامندو!

اهي شيون ڏسي، هو تصور ئي تصور ۾ سوچيندو هو ته جڏهن منهنجي مٺڙي اڱڻ ايندي، تڏهن مان هن کي واچ هن طرح ٻانهن ۾ ٻڌندس، پَنڙا ڪنن ۾ هيئن پائيندس، ڳچيءَ ۾ هار ههڙيءَ ريت پهرائيندس ۽ هن جي نزاڪتدار آڱرين ۾ مُنڊيون هن ترتيب سان وجهندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com