سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :15

پر- اڄ مارن کان اها خوشي ۽ کيڻ وسري ويا آهن. سندن منهن جي مرڪ موڪلائي ويئي آهي. ڄڻ ته ورهين کان وٽن مينهن وٺو ئي ڪونهي ۽ پان ڏُڌ – ڦڙيءَ جي لاءِ پيا واجهائين. ملڪ ۾ مينهن مدام، پاني جام ۽ جالارو پيو اهي. تلاءَ ۽ ترايون پلر جي پاڻيءَ سان پُر آهن، پر ڀٽاريون اڃا تاساريون آهن، جو مارن جي مارئي اڃا عمر جي قيد ۾ قابو آهي. عمر کي پيئي ايلاز ۽ منٿون ڪري ته اي حاڪم عمر! ڇو اچي نڌر، اڌر نماڻيءَ کي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو اٿيئي؟ موڪل ڏي ته موٽي ملير وڃان، جتي ڇيلڙا ۽ سرتيون اچڻ جي آس ۾ روز واٽون پيا نهارين!  اي سومرا سردار جي مباداً مران، ته منهنجو مڙهه ملير ڏي موڪلج. جو ملير جي ٿڌي واريءَ ۾ لوڙه کي لٽين. من منهنجي گور پهنوارن پاس ٿئي ۽ انهن ولڙين جو من واس ڌوپ ڏين.

ويچاريءَ مارئيءَ جي آس جي جيئري نٿي پوري ٿئي، من مئي پڄاڻان سندس مڙهه ملير پهچي، ۽ اتي من پنوهار کيس انهن ولڙين جو واس ڏين، جن مان هو کاٽونبا کٽا ۽ گولون گولاڙن جون چونڊيندي هئي.

پهنوار ويچارا- پَهون پٽن ۾ پَهرايو، پنهنجي پَر ۾ خوش هئا. هو ڪنهن کي ڏکوئڻ جهڙا ڪين آهن. هي جهنگ جا جهانگي، پنهنجي وَلرن کي وٺيو، روز پٽن ۾ پَهرن. تِن جهنگ جي جهانگين ۽ پٽن ۾ پَهرندڙ پهنوارن کي ڀلا عمر جي آڏِ وَڏائيءَ جي ڪهڙي خبر؟ هو ته پنهنجيءَ ۾ ئي پورا آهن، تن کي ٻين جي ٻولن مان ڪهڙو واسطو. پر هاڻي ته سندن به اکيون پَٽيون آهن ۽ کين کوٽي ۽ کَري جي خبر پيئي آهي. هاڻي روز پيا لاک رتل لوئياريءَ لاءِ ڌڻيءَ در دعائون گهرن ته ڪڏهين ٿي وري موٽي لوئياڻي لڄ وطن اچي، ۽ اُهي خوشيون ۽ کيڻ وري ماڳ موٽن ۽ پلر جي پالوٽ ٿئي. ۽ هي ظلم، زور ۽ زبردستيءَ جا زنجير ٽُٽن، ڏمر ۽ ڏاڍ جا ڏنگ ڏور ٿين! ڏُک ۽ ڏوجهرا ڏيهين تان الائي ته ڪڏهين ڏور ٿيندا، ۽ وُٺي جا واءُ ورندا!

ليڪن- اڳي ته مارن جي ملڪ ۾ ڏمر، ڏک ۽ ڏاڍ جو ته نالو به ڪونه هوندو هو. نه ئي وري ماروئڙن جي مال کي ڪا جهَل هئي ۽ نه وري ڪا پَل هوندي ئي. کائُر ۽ پائُر وارن کان ڍل به ڪانه وٺبي هئي. مارن جو مال پٽن جي پر ۾ سائي ۽ سبزگاهه ۾ ڇيڪ پيو چَرندوهو. نه کين چوريءَ جي چنتا هئي ۽ نه وري مال وڃڻ جو اونو هو. بنان ڪنهن خوف ۽ کٽڪي، ڊپ ۽ ڊاءُ جي خوش ۽ شاد، پنهنجي پَر ۾، حال ۽ قال ۾ خوشيءَ جا ڏينهن گهاري رهيو هو. سندن آرام ۽ آزاديءَ ۾ رنڊڪ ۽ رولو ڪونه هو. آزاد بلبل جيان هنن جي لاءِ ڀٽن جا ڀر ۽ پاسا کليل ۽ واندا هئا، جن ۾ کين ڪابه رنڊڪ ۽ روڪ ڪانه هئي. ۽ پنهنجي پَر ۾ سڀڪو خوش هو، ”نه کين اڄ جو اوسيڙو ۽ نه آئنده جي اون هئي.“

پر اوچتو ئي اوچتو ”باز“ اچي پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي وَلر سان چَهه چَهه ڪري، مٺيون ٻوليون ٻوليندڙ جهرڪيءَ کي پنهنجي چنبن ۾ جهپي ويو. اُهي باغ۽ بُستان جن ۾ بُلبليون نغمه سَرا هيون، جن ۾ چُتُن جي چَهه چَهه ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو لڳي پيئي هوندي هئي، جتي پکين جي مٺڙين لاتين کان روح کي راحت ۽ دل کي سُرور پيو ملندو هو، اڄ اتي ۽ انهن ڀيڻين ڪابه ٻولي نٿي ٻُڌجي. نه چَتونءَ جي چونگار ۽ نه وري بُلبُلين جا دُئارئي ٻڌجن ٿا. اُهي باغ ۽ بُستان ئي ويران ۽ برباد ٿي ويا آهن. اڄ انهن ڀيڻين تي ”رک“ پيئي اڏامي. ڀلا ڇو نه ”رک“ اڏامندي! جو آديسي اٿي ويا آهن. باقي خالي اهي مڙهيون ۽مارڳ موجود آهن، جي ته پاڻ کائڻ پيا اچن. ڇو ته پڃري جو پيد قوي ٿي ويو اهي. ڪڏهن پڃري جو پيد به ڪو موجن جو ماڳ بڻيو آهي؟ پر هتي ته هي حال آهي جو غم، دل کي کائي رهيو اهي ۽ دل، غم کي پِي رهي آهي. باقي هينن هڏن جو ڪهڙو حال هوندو؟ هيڻن هڏن جو پڃرو آهي، ڄڻ ته زنده لاش هجي، جنهن کي ڏسيو ڏيل ئي ڏڪيو وڃي.

پڃري جو پيد قوي ٿي ويو آهي ۽ عمر جي ڪوٽ جا ڪُنگرا ۽ ڪَڙا، اروڙ بڻيو، کائڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. قيد جي ڪوٽ جون ڀتيون ايترو ته اوچيون ۽بلند ٿي ويون آهن، جو ويچارن غريب ماروئڙن جي پهچ کان بلڪل ٻاهر آهن. ڀلا پٽن ۾ پهرندڙ پهنوار ويچارا! اهڙن محلن ۽ ماڙين ۾ ڪيئن پهچندا؟ جن ڪڏهن عمر جو اڇو ڪوٽ ڏٺو به ڪونه، ته اهو ڪهڙو آهي؟

جتي ڪئين پهريدار پيا ڦرن ۽ حشمت سان هڪلون ڏيو پيا لوڪ کي لوڌين، ته ”پري هٽو، پري هٽو، حاڪم کان دور رهو، ان جي آرام ۾ خلل نه وجهو، ۽ حاڪم سان گهڻي حجت نه ڪريو، نه ته ان جي عتاب هيٺ اچي ويندئو“

هاڻي ته پاڻ وڌيڪ عمر جو ڪوٽ خوفائتو ٿي پيو آهي. جوان ۾ مليرياڻين جي مرڪ، ماروئڙن جي موتين جهڙي مارئي، سندن سونهن، سوڀيا ۽ آزاديءَ جو آواز قيد ۾ قابو ٿيل آهي. مارئي ته ماروئڙن کي ساهه کان به سرس پياري آهي. جنهن بنان، هو ويچارا، گوندر ۽ غم ۾ گڏيل آهن. ان جو اوسيڙو کين ڏاڍو آهي.

جهنگ ۾ رهندڙ جهانگين ۽ پٽن ۾ پهرندڙ پهنوارن جي ننگ ۽ناموس ته مارئي جي آزاديءَ ۾ آهي، جنهن کي هو جان کان به وڌيڪ پياري ٿا سمجهن ۽ جنهن تان سندن ساهه ۽ سر به صدقي آهن. مارئيءَ جي مٺڙي نالي تان ٻلهار ٻلهار پيا وڃن. پر اڄ هو ويچارا ڏاڍو ويڳاڻا آهن: گوندر ۾ گم آهن. ڏکن ۽ ڏولائن جي ڪري سندن سينو ڏڌل آهي. وڇوڙي جا وڍ نئين سج پيا نوان اڀرن. انهي فراق ۽ ڦوڙائي جا سندن سيتل سيني ۾ ڪئين گهاءُ ٿيا آهن. مارن جي من مندر جي ديوي، جنهن لاءِ روز هنجون هاري، ڌڻيءَ در دعائون پيا گهرن ته ”رب پاڪ اهو ڏينهن سدورو ۽ سڀاڳو ڪري، جو مارن جي منهن جو مهت کين موٽ ملي. سندن خوشي ۽ کل، کاڄ ۽ کيڻ سٿرا ٿين، مارئي من موٽي ملير ۾ اچي ۽ ملول ۽ مرجهايل مارن ۾ وري سرهائي ۽ سڳنڌ اچي. سندن روح جي راحت ۽ جيءَ جي جياپي، اکين جي نور ۽ دل جي سرور جي واپس ورڻ ۽ قيد قوي مان نڪرڻ ۽بندن جي بِدا ٿيڻ ڪري، کين ڇو نه خوشي ۽ مسرت ٿيندي؟ اڃا ته مارو ويچارا ملول ۽ مرجهايل، انتظار ۽ اوسيڙي ۾ آهن، ته ڪڏهن ٿو قوي قيد پورو ٿئي ۽ هي ظلم ۽ زور ۽ استبداد جا لوهي زنجير ٽٽن؟ ۽ هي ڏاڍ ۽ ڏمر، ڏک ۽ ڏوجهرا ڏيهه تان ڏور ٿين. ڏيهه مان ڊپ ۽ ڊاءُ، خوف ۽ هراس وارو وايو منڊل دور ٿيندو. جو ويچارا ماروئڙا پنهنجي وطن ۾ بنان جهل پل جي پٽن ۾ پرت سان پهون پهرائيندا. جتي کين ڪابه رنڊ ۽ روڪ ڪانه هوندي. نه وري حاڪم عمر جا ڪمدار ۽ ڪاراوا هوندا، جي مسڪين مارن کي مجبور ڪريو، سندن رهيل رت پُون جوُئن جيان پيئو وڃن.

پر- الائجي ته ڪڏهن اُهي واهوندا ورندا؟ جو وري مارن جي ملڪ تي کنوِڻيون کيل لائينديون ۽ موڪ مينهن وسندا، وس ۽ وسڪارو ٿيندو. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هوندي.

مارُو ته سڀڪنهن جا دعاڳو آهن، هو ڪنهن جا به مَٺگهرا ڪين آهن. جي مٿن ظلم ۽ ڏاڍ ٿئي ٿو، ته به ماٺ ۾ آهن ۽ ڪُڇن ڪين ٿا. صبر ڪريو پيا سور ۽ سختيون سَهن ”صبر جن جو سيل، پهرين پتڻ سي لنگهن“ ضرور ائين ٿيندو. نيٺ ماٺ به رنگ لائيندي، ۽ اهي ڪوٽن جا ڪنگرا ڪِرندا. جهروڪ ۾ جهانءِ پوندي. عمر ته سدائين ڪونه رهندو، ضرور سندس انت ايندو ۽ پنهنجي ڪَئيءَ جو ڪِيتو لوڙيندو. ”ظلم قائم آهي پر ظالم قائم نه اهي.“ ڪڏهن زور جي به ميندي لڳي آهي؟ محبت ۽ قُرب سان دلين تي دسترسي ٿيندي آهي ۽ نه ڏاڍ ۽ ڏنڊي سان، جيئن عمر ڪيو آهي. ائين ڪرڻ سان سندس عزت ڪانه وڌي آهي، پر پاڻ عزت گهٽي اٿس، ۽ ماڻهن ۾ سندس لاءِ پاڻ وڌيڪ ڌڪار ۽نفرت پيدا ٿي آهي. جتي اڳي دعا لاءِ هٿ کڄندا هئا، اتي ان جي بدران بد دعا جي لاءِ هٿ کڄن ٿا. حضرت گرهوڙي رحه به فرمايو آهي ته:

”قادر ڪوٽ ڦٽائين عمر جو تون آگا،

ته پسان پاڙيچين کي سبيو جن سان مون ساهه.“

عمر جي ڪوٽ ڦٽڻ بنان ته مارئي مارن کي ڪٿي تي ملي ۽ ڪٿي ٿو بند بِدا ٿئيس، جو وڃي، پنهنجي سهيلين جي سٿ ۾ ويهي ريجهه رهاڻيون ڪري ۽ پرت ڀريون پچارون ڪري. تڏهن ته ماروئڙن جو من مارئيءَ جي لاءِ ڪاڍو آهي، ۽ ان جي آزاد ٿي اچڻ لاءِ روز پيا فالون پائين ته من ڪو واهوندو وري ڪا اُٺي جي خبر کِنياتو آڻي، ته مارئيءَ جو ملوڪ مُهانڊو وري ٻيهر پَسون ۽ قُرب ڪهاڻيون ڪريون. مارو ويچارا هينئر ته گوندرن ۾ گڏيا پيا آهن، مٿن غمن جا پهاڙ پيل آهن، جو هو پنهنجي سونهن سوڀيا ۽ پنهنجي منهن مَرڪ پنهنجي جيءَ جِند مارئيءَ جي ياد ۾ پيا ڏکيا ڏينهڙا گهارين،۽ ڌڻيءَ در دعائون پيا گهرن ته مَن موليٰ پاڪ مِهر ڪري، ۽ اسان اٻالن، اٻوجهن ۽ اڙين جو آڌار ٿي، وينگس جون وطن ڏانهن واڳون واري.

شال عمر جي ڪوٽ جا ڪنگرا ۽ ڪڙا ڪِرن ۽ من مارئي جو بند بدا ٿئي. ڏاتار اهو ڏينهن ڪندو، جڏهن مارن جو مرڪ مارئي وري پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندي ۽ بنان ڪنهن خوف ۽ خطري، بنان ڊپ ۽ ڊاءُ جي آزديءَ سان ملير ۾ ماورئڙن سان پرت مان پور پُسين ۽ ڏونرن جا ڏار نائي پَڪل پَڪا چونديندي، ۽ ڏاڍي هيج ۽ حُب سان پيرُن جون پاٽيون ڀري، ويڙهيچن ۾ ورهائيندي. ڇيلڙا جي پيا ڇيڪ چرندا هئا، سي به اڃا اُڃايا آهن ۽ پيا مارئيءَ کي سنڀارين ته ڪڏهن ٿي اچي، انهن جي اُڃ اُجهائي ۽ کين ڪوس ڀري، پرت مان پاڻي پياري. ڇيلڙن جي ڇانگ ڪاهي ڏاڍي چاهه ۽ چوڄ سان کين ڀٽن جي ڀر ۾ پَهرائي، چاري ڇيڪاري! ويچارا بيزبان به انهيءَ آس ۾ آهن، ته اجها ٿي مارئي موٽي ۽ اسان کي پرت جو پاڻي پياري، ۽ ڀٽن جي ڀر ۾ چاهه سان چاري، ڀاڳ جون بُکون لاهيندي.

ڀلا ڇو نه مانهو ۽ مِرون مارئيءَ کي سارين، جو هوءَ سندن جيءَ جي جَڙ ۽ اکين جو نور آهي. اِها مرگهه نيڻ مارئي وري موٽي وطن نه ايندي؟ ڇا اڃا سندس بند بِدا نه ٿيندو؟ ۽ انهيءَ قوي ڪوٽ جا ڪنگرا نه ڪِرندا؟ ۽ عمر جو ڏاڍ، ڏمر ۽ جبر ڏور نه ٿيندو؟ مارو پنهنجي ملڪ ملير ۾ بنان ڪنهن روڪ ۽ رنڊڪ جي اسور جي اٿي، پنهنجي پهن کي پهرائيندا ۽ مال کي جتي وڻندن اتي چاريندا ۽ پکڙا نيئي انهن ڀيڻين تي وڃي اڏيندا، جت وس ۽ وسڪارو هوندو، ۽ مال لاءِ وڏا ويءَ ڇٽل هوندا. جت کين ڪا به جهل پل ڪانه هوندي.

مارن جي ماٺ به نيٺ هڻي هنڌ ڪندي. سدائين ته اهي سور ۽ سختيون ڪونه پيا سهندا. اها گهگهه اونداهي ٽپڙ ويڙهڻ واري آهي ۽ صبح صادق ٿيڻ وارو آهي. جلد ئي کنياتو خير جي خبر آڻيندو ۽ ماروئڙن جي ملڪ۾ پرت جو پيغام پهچائيندو ته مارئي جا بند خلاص ٿيا ۽ ملير ملڪ ڇٽل آهي ۽ هو هان پنهنجي ڏيهه ۾ پرڏيهي نه، پر ڏيهي آهن. شال رب پاڪ اهي واهوندا واري ۽ اهي ساڳيا سک جا سکر ڏينهڙا موٽي اچن!

مقالا

”جڏهن مذهب ڪنهن هڪڙيءَ جماعت يا مخصوص قوم جو اجتماعي دين بنجي وڃي، ۽ انهيءَ ۾ پاڻ کي بدلڻ ۽ ٻين کي بدلائڻ جو جنون يا انقلابي جذبو ٿڌو ٿي وڃي، ان وقت مذهب جي هٿ ۾ اقتدار جي واڳ ڏيڻ دراصل قوم جي رجعت پسند طبقي کي حڪومت سونپڻ آهي، ۽ رجعت پسند طبقي جي حڪومت- ۽ وري جڏهن هوءَ مذهب جو نالو وٺندڙ هجي- خدا شال هن شر کان هر قوم کي امن ۾ رکي.“

- شاهه ولي الله محدث دهلوي

·                    ”زندگيءَ جو نچوڙ اهو آهي ته مانهو هڪ عقيدو رکي، ۽ ان کي عملي دنيا ۾ مادي شڪل ڏيڻ لاءِ لڳو لڳ جهاد ڪندو رهي: انسان پنهنجي پاڻ سان جهاد ڪري، پنهنجي خاندان وارن سان جهاد ڪري، پنهنجي معاشري سان جهاد ڪري، رسمن ۽ رواجن جي خلاف جهاد ڪري، قوم جيڪڏهن سندس عقيدي جي راهه ۾ رنڊڪ ٿئي، ته ان سان جهاد ڪري، ۽ جيڪڏهن هو ڏسي ته سڄي دنيا سندس عقيدي موجب غلطڪار آهي، ته هو اُن جي خلاف به جهاد ڪري.“

- مولانا عبيدالله سنڌي.

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

ايران ۾ اسلام کان اڳ جو لٽريچر ۽ مسلمان فاتح

ڇا واقعي عربن زرتشتي ادبيات کي نابود ڪري ڇڏيو هو؟

ايڊيٽر ”مهراڻ“ جو نوٽ:

]اسلام ۽ ان جي اخلاقي ۽ اصلاحي نصب العين کي بين الاقوامي تحريڪ ۽ دين جي حيثيت حاصل اهي، ڇا لاءِ ته اسلام انسان جي بنيادي حقن جو محافظ آهي. انساني مساوات جو اهڙو همه گير نظام، جنهن ۾ فرد جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت ڏني ويئي هجي، سو فقط ”اسلام“ پيش ڪيو آهي. چنانچه، يورپ جي مستشرقين ۽ مورخن مان گبن، هِٽي ۽ آرنولڊ پارن محققن، ڪارلائل ۽ برنارڊشا جهڙن صاحب فڪر عالمن تسليم ڪيو آهي ته ”اسلام امن ۽ امان، صلح ۽ سلامتيءَ کي پيدا ڪندڙ دين آهي.“ هٽيءَ ته اهو به لکيو آهي ته ”اهو عربن مسلمانن جو احسان اهي ته هنن ڪنهن به غير مسلم قوم کي بزور شمشير مشرف به اسلام نه ڪيو آهي.“ ان طرح آرنولڊ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب”اشاعت اسلام“ ۾ به تسليم ڪيو آهي ته ”اسلام هڪ عملي، مثالي، اخلاقي ۽ تبليغي دين آهي. ان ۾ جبر ۽ ڏاڍ سان غير مسلمانن کي داخل ڪرڻ جي ڪابه گنجائش ناهي. ڪتبخانن جلائڻ جو الزام هڪ افساني کان وڌيڪ ڪابه حيثيت نٿو رکي.“ ان طرح مشهور مورخ ڊاڪٽر تاراچند پنهنجي ڪتاب”هند تي اسلام جو اثر“ ۾ به ٻڌايو آهي ته ”اسلام فقط صوفياي ڪرام جي اخلاقي تبليغ سان وڌيو آهي.“ قرآن ته صاف صاف حڪم ڪيو آهي ته ”لا اڪراه في الدين“ (يعني دين جي قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به ڏاڍ ۽ جبر جي گجائش ناهي.)

تاريخ جي عالمن اهو به تسليم ڪيو آهي ته عربن مسلمانن جن جن ملڪن ۽ قومن کي فتح ڪيو آهي، تن جي علم ۽ فڪر، تهذيب ۽ ثقافت، زبان ۽ ادب، تاريخ ۽ تمدن جي اشاعت ۽ حفاظت لاءِ وسيع نظام پڻ پيدا ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو اسپين کان سنڌ تائين وارو والاريل وسيع خطو اڄ به اصلوڪن نالن سان موجود آهي، ۽ انهنجون پراڻيون زبانون اڄ تائين محفوظ آهن. ان هڪ موضوع تي فرينچ عالم موسيو ليبان جي جڳ مشهور ضخيم ۽ مفصل تاليف ”تمدن عرب“ کي وڏي شهرت حاصل آهي، جنهن ۾ عربن جا انسانذات تي علمي ۽ فني احسان قلمبند ڪيا ويا آهن ۽ مٿن آيل اعتراضن جا مدلل نموني ۾ جواب لکيا ويا آهن.

ان قسم جي مفتوح علائقن ۾”ايران“ به آهي، جو حضرت عمر فاروق رضه جي دور ۾ فتح ٿيو. ان فتوحات جا اسباب خود ايران پيدا ڪيا هئا. حضرت عمر رضه هميشه چوندو هو ته”ياخدا! ايران ۽ عرب جي وچ ۾ ڪا باهه جي ديوار هجي ها، جنهن جي هوندي عرب جي سرحدن تي ايران طرفان بغاوتون ۽ سازشون نه ٿين ها!“

مورخن اهو به تسليم ڪيو آهي ته ايران ظاهري طور عربن جي تلوار کان ته شڪست کاڌي، پر قلم ۽ بيان جي محاذ تي اهل مجوس عالمن اعتراضن ۽ خدشن اٿارڻ سان ڪافي پريشاني ۽ غلط فهمي پيدا ڪئي. اهي عالم زردشتي مذهب جا پيورڪار هئا، ۽ پنهنجي مذهب تي سختيءَ سان قائم هئا. حضرت شمس العلماء علامه دائود پوٽه مرحوم جو هيءُ مقالو پڻ اهڙين غلط فهمين ۽ الزام تراشين جي د ۾ لکيو ويو آهي، جي مسٽر ايرانيءَ پنهنجي لکيتن ۾ دهرايون هيون. علامه مرحوم جو هيءُ مقالو بمبئيءَ جي هفتيوار”جوهر“ ۾ چئن قسطن ۾، 1-جون، 8-جون، 15-جون ۽ 6-جولاءِ 1935ع تي ڇپيو، جڏهن پان اسماعيليہ ڪاليج بمبئيءَ ۾ عربيءَ جا پروفيسر هئا. قياس آهي ته علامه صاحب جن اهو مقالو اصل ۾ فارسيءَ ۾ لکيو هو. ان جو اردو ترجمو مسٽر محمد آدم جمعدار ڪيو هو، جو به ڇپيل آهي. ان طرح ان جو ڪراچيءَ جي رڪن مسٽر خليل الرحمان ٻگهيي ڪيو آهي، جو محترمه بيگم خديجه دائود پوٽہ صاحبہ ”مهراڻ“ ۾ اشاعت لاءِ موڪليو آهي. اميد آهي ته مهراڻ جا پڙهندڙ هن علمي ۽ تاريخي شاهڪار مان صحيح معلومات حاصل ڪري سگهندا – غ.م.گ[

ايڊيٽر هفتيوار ”جوهر“ بمبئيءَ جو نوٽ:

جيڪڏهن دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي ته پوءِ حيرت ۾ وجهندڙ تماشو ٿو ڏسجي. مثلاً جنهن وقت ڪنهن قوم جي عروج وارو دور هوندو آهي تنهن وقت دنيا جا اڪثر ماڻهو انهن جي نقل ڪرڻ کي باعث عزت تسليم ڪندي، سندن ڳُڻن ڳائڻ کي پنهنجي لاءِ موجب سعادت دارين سمجهن ٿا. ليڪن جنهن وقت اهائي قوم ڪنهن قانون فطرت مطابق زير و زبر ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اهي ساڳيا ماڻهو سندن اڳين حاڪمن جي ڪيل فرضي ۽ حققي گناهن جو محاسبو ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا. سندن دور حڪومت ۾ ٿيل زيادتين ۽ گناهن کان سواءِ اهڙين اڻ ڪيل غلطين ۽ گناهن کي به سندن اعمالنامي ۾ درج ڪري ڄاڻايو وڃي ٿو، جيڪي هنن کان سرزد نه ٿيون آهن.

غور ڪيوته مسلمانن پنهنجي عروج واري دور ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سڀڪنهن کي معلوم آهي- ليڪن جيئن ته هاڻي بدقسمتيءَ سان سندن عروج هڪ گهڙيل افساني جيتري حيثيت کي وڃي پهتو آهي، انهيءَ ڪري پوءِ اهي سڀئي قومون ۽ جماعتون، جيڪي مسلمانن کان ڪي نه ڪي فرضي يا حقيقي شڪايتون رکن ٿيون، سي اڳتي وڌي انهن خلاف اهڙا اهڙا بيان ڏيئي رهيون آهن، جن کي ڏسندي عقل و دانش حيران ٿي وڃن ٿا، ۽ بي اختيار زبان مان نڪري وڃي ٿو ته يا خداوندا! اسان انهن داستانن کي اصلي ۽ صحيح تاريخن ۾ نه لهي سگهڻ ڪري آخر ڪهڙيءَ طرح مانهن اڳيان صحيح حقيقت پيش ڪري سگهون! اهو سانحو اڃا به وڌيڪ دکدائڪ ٿيو وڃي، جنهن وقت هڪ ئي دين جون مختلف جماعتون ڪنهن غلط فهميءَ يا پنهنجي مفاد يا اعتقاد جي بيناد تي، پاڻ ۾ اختلافي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿين ٿيون. پر ان جي مقابلي ۾ ٻئي دين وارن جي غلط فهميءَ ۽ غلط بيانيءَ کي سڌاري نٿيون سگهن. اهڙيءَ طرح اسين ساڳئي دين وارا پنهنجن مختلف فرقن کي گهٽ وڌ چوڻ ۾ به اڳرا رهون ٿا. نتيجاً انهن فرضي ۽ گهڙيل طعنن ۽ بي بنياد الزامن جي ترديد به ڪري نه سگهيا آهيون، جي مخالفن پاران وقت بوقت لڳايا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح سان اسان انهن ڪوڙن طعنن هڻندڙن جا ساٿي ٿي وڃون ٿا ۽ اها هلت هر حالت ۾ اسان جي مذهب کي ڇيهو رسائيندي رهي ٿي.

بهرحال، هيءُ ته تاريخي وقعو آهي ته اسلام جي اچڻ کان پوءِ ۽ بني اميہ جي خلافت ثانيہ ۾ مصر ۽ ايران جا ملڪ فتح ٿيا. انهيءَ وقت انهن بنهي ملڪن ۾ ٻن مختلف مذهبن جا پيرو آباد هئا: يعني مصر ۾ عيسائي ۽ ايران ۾ زرتشتي. عربن جي انهيءَ فتح کان پوءِ انهن ٻنهي مذهبن جي مڃيندڙن جي حيثيت مفتوح قومن وانگر ٿي چڪي هئي. هاڻي هيءُ بحث طلب امر آهي ته اسلام اتي پهچي ٻنهي ملڪن کي ڇا منجهان ڇا ڪري وڌو، يا انهن کان ڇا کسي ورتو، يا انهن کي ڇا ڏئي ڇڏيو، يا مفتوحن پنهنجن فاتحن کي انهيءَ وقت پنهنجي لاءِ رحمت سمجهيو هو يا زحمت؟ ليڪن هاڻي صدين جي گذري وڃڻ کان پوءِ انهن مفتوح عيسائي ۽ زرتشتي مذهبن جي پوئلڳن جي نمائندگي ڪندڙن انهن رسمن کي لوڏن ۾ ڏسي ٻين الزامن کان سواءِ اهو به چوڻ شروع ڪيو آهي ته ”اسان جا مذهبي ۽ علمي ڪتبخانا انهن مسلمان فاتحن ٻاري ڇڏيا هئا!“

اهي الزام قرون وسطيٰ ۾ دٻيل آواز سان لڳايا ويا هئا، جيڪي هاڻي بلند آواز سان لڳايا وڃن ٿا. افسوس آهي جو انهن الزامن کي قوم پروريءَ ۽ علم نوازيءَ جو ثبوت ڄاتو ٿو وڃي، انهيءَ ڪري مصري ڪتبخاني کي باهه ڏيڻ واري معاملي جي تحقيق ۾ علامه شبليءَ مرحوم ڪيترو وقت اڳ ۾ ئي پنهنجو مقالو بعنوان ”ڪتبخانه اسڪندريه“ شايع ڪيو هو. هاڻي وري ايران جي زرتشتي ڪتبخاني متعلق اهو ئي ساڳيو الزام، جناب دين شاهه ايرانيءَ (زرتشتي) هنيو آهي. ان طرح سو بسٽر بمبئي، پنهنجي تاليف ”شعراء دور پهلوي، جي ديباچي ۾ پڻ ساڳيو الزام ورجايو آهي. انهن اعتراضن جو جواب اسان جي محترم دوست جناب ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب پروفيسر عربي اسماعيليہ ڪاليج بمبئي نهايت تحقيق سان شايع فرمايو آهي.

(ايڊيٽر هفتيوار ”جوهر“، بمبئي)

تهميد:

قديم تعصبات، خصوصاً اهڙا، جن کي مذهبي عناد بقا بخشي آهي، سي ڏاڍي زور سان موجود رهيا آهن. انهن تعصبن منجهان هڪ اسڪندريه جي ڪتبخاني کي ٻاري ناس ڪري ڇڏڻ سان تعلق رکي ٿو، حالانڪ اهو ڪتخانو عربن جي مصر فتح ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي نابود ٿي چڪو هو، ليڪن ڪي حضرات انهيءَ کي حضرت عمر فاروق رضه جي حڪمن جو نتيجو ڄاڻائين ٿا. اگر، گبن کان وٺي بٽلر تائين، اڪثر مشهور مصنفين ظاهري ۽ باطني گهٽ وڌ بيانيءَ سان اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عربن جو انهيءَ جي نابود ڪرڻ ۾ ڪو هٿ ڪونه هو، انهيءَ جي باوجود به اهو تعصب مصنفين حضرات جي هڪ گروه جي دماغن ۾ ايتريقدر ته ڄميل آهي، جو اڄ سوڌو عرب فاتحن تي ملامت ڪندا اچن ٿا.

اهڙوئي هڪ مثال سر سي.وي.رامن جهڙي سائنس جي ميدان ۾ ماهر شخص، 1932ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾، سَندن ورهائڻ واري موقعي تي، پنهنجي تقرير دوران پيش ڪيو هو. انهيءَ جلسي ۾ مذڪور عالم شخص ائين چوڻ جي جرات ڪئي هئي ته مٿيون ڪتبخانو عربن ئي ختم ڪرايو هو.

حقيقت اها آهي ته علم جو ميدان ايترو ته وسيع آهي، جو ڪو به شخص ڪنهن وقت به سندس ڪامل پيمائش ڪرڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، ليڪن انهيءَ جي معنيٰ اها به نه آهي ته ڪو شخص ثابت ٿيندڙ دليل کي به ڇڏي ڏئي ۽ محض ٻين جي نقطه نگاه تي ئي اڪتفا ڪري، جڏهن ته ڪنهن واقعي متعلق وسهڻ جوڳيون شهادتون به موجود هجن. اهڙيءَ حالت ۾ ڪن خيالن ۽ مفروضن جي بنياد تي جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو، ته اها ڳالهه اسان کي نٿي آئڙي. حقيقت ۾ اسلامي مضمونن تي يورپ جون ڪيتريون ئي تصنيفون، انهيءَ مٿئين گروه جي راءِ کي وزن ڏيڻ ڪري، حقيقت کان خالي رهجي ويون آهن، تنهنڪري مسلمانن جي متفقه راءِ انهن کي ضعيف ۽ ناقابل اعتبار قرار ڏنو آهي. هن وقت جڏهن به اهي مصنف پنهنجي مطلب جي ڪنهن خاص مضمون تي بحث ڪن ٿا، جيڪو اسلام کي نقصان رسائي سگهي ٿو، تڏهن اهي ڪنهن ضعيف سَنَد جو سهارو وٺي حقيقت کي ڇا منجهان ڇا بنائي ٿا ڇڏين.

اهڙي ئي ذهنيت، ڪجهه عرصي کان، ايران جي ڪن اديبن منجهان هڪ جماعت جي دماغن تي تسلط حاصل ڪري ورتو آهي. اهم قديم ايراني ادبيات جي فقدان کي عربن جي خراب هلت جو نتيجو ٿا چون، حالانڪ انهن وٽ انهيءَ جي ثبوت لاءِ ڪو به علمي دليل موجود ناهي. انهن جي مفروضن جو خلاصو هيءُ آهي ته جيئن ته ساساني ادبيات جو ذخيرو موجود ڪونهي، تنهنڪري لازمي طرح سان انهيءَ کي فارس جي عرب فاتحن ئي نابود ڪري ڇڏيو آهي. انهن منجهان ڪي ته انهيءَ نظريي کي ايتريقدر ته ايراني اک سان ٿا پرکين، جو کين هر اسلامي شيءِ خراب ٿي معلوم ٿئي. اُهي، فارسي زبان کي عربي جزن کان پاڪ ڪرڻ جي جنون ۾ ايتريقدر ته وڌي وڃن ٿا، جو عربي زبان جي لفظن جي بجاءِ، جيڪي صدين کان وٺي فارسيءَ جو جزو ٿي ويا آهن، فرانسيسي لفظن جي استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. اهڙن مصنفن منجهان ”تجليات روح ايران“ جومصنف ڪاظم زادو ۽ ابراهيم پوردائود- جيڪو اوستا ۽ پهلويءَ جو عالم آهي، ۽ جنهن اوستا جي ڪتابن جو ترجمو فارسيءَ منجهه ڪيو آهي، جن منجهان گاٿا ۽ يشتا خاص آهن- سي ٻيئي ڄڻا پيش پيش آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com