سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :17

”مسلمانن هر طرح سان ادبيات کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي“- انهيءَ مضمون ۾ مسٽر ايرانيءَ جا هي لفظ به غور طلب آهن: جيڪڏهن عرب واقعي انهيءَ شديد جرم جا مرتڪب آهن ته ظاهر آهي ته ڪو به اهڙو شخص نه گذريو هوندو، جنهن اهڙي سنگين واقعي تي عربن تي ملامت نه ڪئي هجي! پر ائين ناهي ٿيو، بلڪه مسٽر ايرانيءَ جي خيال کان سندن راءِ بلڪل برعڪس آهي! هاڻي ٻڌايو ته انهيءَ جو ڇا علاج!

مسٽر ايرانيءَ جي پهرين اجتماعي سَند، فيلسوف بزرگ ۽ مئورخ ابن خلدون 732-808هه ۾ پنهنجي مقدمي جي صفحي 480 مطبوعہ بيروت ۾ فرمائي ٿو ته ”جڏهن ملڪ فارس فتح ٿيو، تنهن وقت ڪيترائي ڪتاب هٿ لڳا. حضرت سعد بن ابي وقاص رضه اميرالمومنين حضرت عمر فاروق رضه کي انهيءَ باري ۾ لکي موڪليو ته مسلمانن لاءِ انهن ڪتابن جي ترجمي ڪرائڻ جي اجازت ڏئي. حضرت عمر فاروق رضه پنهنجي جواب ۾ لکيو ته ”اهڙن ڪتابن کي پاڻيءَ جي حوالي ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ جو، جيڪڏهن انهن ۾ ڪا اهڙي لکت آهي جا مانهن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ليلائي ٿي، ته في الوقت الله تعاليٰ اسان کي ان کان بهتر هدايت ڏني آهي پر جيڪڏهن انهن منجهه غلطيون آهن، ته پوءِ اسان لاءِ الله ڪافي آهي. آخرڪار اهي ڪتاب پاڻيءَ يا باهه جو نذر بڻيا ۽ اهڙيءَ طرح ايرانين جا علوم و فنون جيڪي انهن منجهه موجود هئا، سي اسان جي هٿن تائين نه رسي سگهيا ۽ غائب ٿي ويا.“

مٿئين اقتباس جو اهو ترجمو مون ڪيو آهي ۽ مون مسٽر ايرانيءَ دائود جي فارسي ترجمي کي سامهون رکيو آهي، اگرچ ڪن جاين تي خفيف غلطيون به ڪيون اٿس، تنهن هوندي به مجموعي حيثيت سان سندس معنيٰ به صحيح آهي.

اسان تسليم ڪريون ٿا ته تاريخي فلسفي جي نظري کي پيش ڪندڙ جي حيثيت سان ابن خلدون يقيناً هڪ وڏي رتبي جو مالڪ هو، مگر باوجود سندس بلند پايي جي مصنف هئڻ جي، تاريخي نقطهء نطر کان سندس مٿيون مضمون غلط آهي. ابن خلدون پنهنجو ’مقدمہ‘ اٺين صدي هجريءَ ۾ لکيو آهي، يعني حضرت سعد بن وقاص رضه جي فارس جي فتح ڪرڻ کان تقريباً اٺ سئو سال پوءِ! هن کان ڪيترو ئي عرصو اڳ محمد بن سعد (المتوفي في 276هه)، بلاذري (المتوفي في 279هه)، ديناوري (المتوفي في 281هه)، يعقوبي (المتوفي في 284هه)، حمزہ الاصفهاني (المتوفي في 350هه) ۽ ابن الاثير (المتوفي في 630هه) جهڙن اسلام جي مورخينِ عظام، پنهنجن جڳ مشهور تاريخن ۾، اسلامي فتوحات جو هر ننڍڙي کان ننڍڙو واقعو به تحرير ڪيو هو. اگرچ هنن ”تسخير استخر“ کان بعد عربن جي مالِ غنيمت بابت نهايت مٿاڇرو تفصيل لکيو آهي، تاهم انهن منجهان ڪنهن هڪڙي به انهيءَ واقعي بابت ڪو خفيف اشارو به نه ڪيو آهي، ته ڪو حضرت سعد بن وقاص رحه ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو هو!

طبريءَ جي شهادت

طبري انهيءَ باري ۾ بلڪل خاموش آهي. اگرچ هُن پنهنجي صحيح تاريخ ۾ هر قسم جي شهادتن جي ذريعي، مختلف روايتن جي سلسلن ۽ مختلف ذريعن کي پرکي، عديم المثال صداقت سان گڏ پنهنجي ساري فراهم ڪيل معلومات کي تحرير ۾ آندو آهي. تنهن کان علاوه اهو به ڏيکارين ٿا ته ڪهڙيءَ طرح بيحسيءَ ۽ بيرحميءَ سان فتوحات ڪندڙن عربن، ساساني بادشاهن جي ان عظيم الشان ٺٺ ٺانگر ۽ خواب آور غاليچن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو، جيڪي جيڪڏهن اڄ جي دنيا جي سامهون عجائب- گهرن وسيلي آندا وڃن ها، ته هوند سڀ ڪنهن کي ڏندين آڱريون اچي وڃن ها!

پري ڇو وڃجي، خود ابن خلدون پنهنجي اصلي تاريخ ۾ جتي فتوحات جو ذڪر ڪري ٿو، يا وري ايران جي ڪنهن شهر جي تسخير جو واقعو بيان ڪري ٿو، ۽ جيڪي خالصتاً سندس مقدمي جي تاريخن تي مبني آهن، سي سڀئي سندس تنقيد جو مرڪز پئي بڻيا آهن. ڪٿي به انهن ڪتابن جي ٻارڻ بابت ڪو ذڪر ئي نٿو ٿئي، ته آخر ڇا جي ڪري ۽ ڪهڙي سبب هو پنهنجي مقدمي ۾ هڪ هنڌ انهيءَ جي باري ۾ به اشارو ٿو ڪري!

ظاهر آهي ته اسڪندريه جي ڪتبخاني کي ٻارڻ وارو علط واقعو ڪنهن تاريخي شهادت کان سواءِ ئي سندس دماغ ۾ اچي ٿو وڃي. اهو انهيءَ ڪري جو انهيءَ معاملي ۾ به اميرالمومنين حصرت عمر فاروق رضه جي زبان مان اهو چورايو ٿو وڃي ته ”انهن ڪتابن جي باري ۾ جن بابت توهان لکيو آهي، سواها ڳالهه واضح ٿئي، ته جيڪو ڪجهه انهن ڪتابن ۾ آهي اهو جيڪڏهن ڪتاب الله سان مطابقت ٿو رکي ته اسان کي انهيءَ جي ڪا ضرورت ڪانهي- ۽ جيڪڏهن ڪتاب الله کان مختلف آهي ته اسان کي ڪونه گهرجن؛ تنهنڪري ”انهن کي نابود ڪري ڇڏيو.“

هاڻي مسٽر ايرانيءَ ابن خلدون جي مقدمي وانگر پنهنجي انهيءَ سلوڻيءَ معلومات بابت ڪوبه ٻيو ذريعو بيان نه ڪيو آهي، ته جيئن اسان انهيءَ حوالي جي سچائيءَ ۽ غير سچائيءَ بابت تحقيق ڪري سگهون. جيتوڻيڪ اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن (ابن خلدون) پنهنجي مقدمي جو اختتام ابن سلاميہ جي قلعي ۾ ڪيو هو، جتي سندس ڄاڻڻ وسهڻ جو ذريعو به منقطع ٿي چڪو هو، ۽ ڪي علمي ڪتاب به کيس ميسر نه ٿي سگهيا هئا، تنهنڪري اڪثر واقعات بابت کيس پنهنجي حافظي تي اعتبار ڪرڻو پوندو هو. اهڙين حالتن جي پيش نظر اسان ابن خلدون جي بيان کي صحيح نٿا سمجهي سگهون.

البيرونيءَ جو قصو

پنهنجي بيان جي تائيد ۾ مسٽر ايرانيءَ جيڪا ٻي سَنَد پيش ڪئي آهي، سا البيروني (المتوفي  440هه بمطابق 1048ع يعني قتيبہ جي خوارزم فتح ڪرڻ کان تقريباً 350 سال بعد) جي آهي، جيڪو نجومي، رياضيدان ۽ آثار قديمہ جو ماهر هو، پر اسان کيس مورخ نٿا ڪوٺي سگهون. البيروني پنهنجي مشهور معروف ڪتاب الآثار الباقيه جي صفحن 35 ۽ 36 تي خوارزم جي ماڻهن جي پريشانيءَ  بابات بيان ڪري ٿو ته ”جڏهن قتيبه بن مسلم خوارزم کي اتان جي باشندن جي ڪيل بغاوت کان پوءِ ٻيو دفعو فتح ڪيو، تڏهن هن اسڪمجوڪ کي سندن بادشاهه ڪري مڙهيو. قتيبه انهن مانهن منجهان ڪن کي جيڪي خوارزم جي رسم و رواج ۽ اُٿڻ ويهڻ جو ڏانءُ ڄاڻندڙ هئا، تن کي ختم ڪري ڇڏيو يا کين ڏيهه نيڪالي ڏئي، هيڏي هوڏي منتشر ڪري ڇڏيائن. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو سندن تاريخ اهڙي ته اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويئي جو اسلام جي آغاز کان پوءِ سندن تاريخي ڄاڻ بابت ڄاڻڻ ناممڪن ٿي پيو.“

وري ساڳيو ئي مصنف اڳتي لکي ٿو (ڏسو ڪتاب مذڪوره جو صفحو 48) ته ”جڏهن قتيبه بن مسلم سندن بزرگن ۽ عالمن کي فنا ڪري ۽ ماري مات ڪيو ۽ سندن ڪاغذات ۽ ڪتابن کي به ٻاري ڇڏيو، تنهان پوءِ خوارزم جا رهاڪو پنهنجن وندرن کان پالها ٿي پيا، تنهنڪري کين پنهنجن حافظن تي اڪتفا ڪرڻي پيئي. اهڙيءَ طرح سان جڏهن ڪو سمو ائين ئي گذرندو رهيو، تڏهن گهڻي وقت ٿي وڃڻ سبب، آهستي آهستي اهي پنهنجن وڏڙن جون ڳالهيون پنهنجي حافظي جي فرحيءَ تان به ميساري ويٺا. هاڻي صرف اهڙيون يادگيريون باقي وڃي بچيون، جن بابت سڀئي يڪراءِ هئا.“

اصل ۾ ايرانيءَ ٻنهي عبارتن جو ترجمو غلط ڪيو آهي، اگرچه هن ترجمي جو مفهوم اهو آهي ته ابن قتيبه خوارزم جي علماء ڪرام کي ختم ڪرائي ڇڏيو. پهرين عبارت منجهان اهو ٿو معلوم ٿئي ته ابن قتيبه خوارزم جي رهاڪن کي سندن سرڪشيءَ جي صلي ۾ اهڙي ئي سزا ڏني، جهڙي کين ڏيڻ کپي ها. انهيءَ متعلق اسان جو اهو خيال آهي ته هو ائين ڪرڻ ۾ حق بجانب هو. پر اسان کي اها خبر آهي ته خوارزم تي جڏهن ٻيو دفعو حملو ڪيو ويو، تڏهن قتيبه پنهنجي سِر موجود ڪونه هو. هن پنهنجي زيردست المغيره بن عبدالله کي انهيءَ مهم کي سَر ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو هو. (ڏسو گب جو وسط ايشيا ۾ عربن جون فتوحات صفحو 43).

اهڙيءَ طرح اسان البيرونيءَ جي بيان کي بناوٽي يا خيالي تصور ٿا ڪريون. بار ٿولڊ پنهنجي ڪتاب نالي ”ترڪستان“ جي صفحي پهرين تي لکي ٿو ته ”انهيءَ کان قديم ۽ آڳاٽا ذريعا اهڙي قسم جي واقعي کي بيان نٿا ڪن، جنهنڪري مذڪوره بيان، خود مشتبه معلوم ٿئي ٿو. عربن جي فتحن جا جيڪي واقعات اسان تائين پهتا آهن، تن منجهان ڪوبه اهڙو واقعو بيان ڪيو ويو ناهي، جنهن موجب ڪن بااثر مقامي واعظين جي موجودگيءَ بابت پروڙ پوندي هجي.“

گهڻي قدرممڪن آهي ته فارس وانگر وسط – ايشيا ۾ پڻ دور رساسانيءَ تائين موجوده زماني جي مختلف صورتن موجب تاريخي ڪتاب موجود نه هجن. يا وري جيڪڏهن هجن ته پوءِ سواءِ ڪن قومي روايتن جي ٻيو ڪجهه به نه هجي، ڇا لاءِ جو اسلام قبولڻ کان پوءِ انهن جي ساک باقي نه رهي سگهي، ۽ اهڙيءَ طرح سان اهي روايتون مفقود ٿي ويون هجن. جڏهن اهي حالتون هيون تڏهن عين ممڪن آهي ته فاتحين جي تشدد کان سواءِ ئي ۽ ٻيو ته رواج بدلجي وڃڻ ڪري ئي ماڻهن انهن کي وساري ڇڏيو هجي.

حقيقت ۾ البيروني جي تصانيف جو عالم و مولف پروفيسر سخائو پنهنجي راءِ هن ريت ٿو ظاهر ڪري، ته ”فتوحات قتيبه جي بيان ڪرڻ وقت بيرونيءَ اسڪندر جي تسخير استخر جي قصي کي پنهنجي ذهن ۾ ويهاريو آهي.“ (ڏسو تاريخ آثار خوارزم جلد اول صفحو 29). وچ – ايشيا جي اسلامي فتوحات متعلق ٻه مستند يورپي حضرات جڏهن اهو چون ٿا ته اسان کي يقين ڪرڻو ئي پوي ٿو ته بيرونيءَ جي هن بيان جو مقصد صرف خوارزم جي متعلق اسلام کان اڳ واري تحريري ريڪارڊ جي عدم موجودگيءَ جو ثبوت ڏيڻ آهي ۽ انهيءَ کان علاوه ٻيو ڪجهه به ناهي. نه صرف اهو بلڪه پنهنجي عادت جي خلاف ويندي البيروني هن بيان کي ڪنهن تحريري يا لساني سَند سان به تقويت نٿو پهچائي. تنهن کان سواءِ اسان سمجهڻ کان قاصر آهيون ته آخر ڪهري سبب ڪري اهڙي ضعيف دليل کي انهيءَ ڳالهه جي ثابتي پيش ڪرڻ لاءِ بنياد قرار ڏئي ٿو ته عربن ساساني سلطنت جي دور افتاده صوبي خوارزم واري فارسي ادب کي فنا ڪري ڇڏيو!

غني در ملڪ دنيا انقلابي آرزو دارم،

ڪه خاڪ از گردشِ گردون غبارِ آسيا گردد.

دولت شاهه جي شهادت:

مسٽر ايرانيءَ جي ٽين سَنَد اهو مشهور و معروف پر غير مستند مصنف دولت شاهه آهي، جنهن جي غلط بيانيءَ کان هر فارسيدان بخوبي واقف آهي. هو مورخ کان وڌيڪ وچولي درجي جو نقاد هو. پروفيسر برائون انهيءَ تذڪري متعلق لکي ٿو ته ”هيءُ هڪ دلپذير مگر غير مستند ڪتاب آهي، جنهن منجهه شعرن جا متعدد اقتباس ۽ ڪيتريون ئي تاريخي غلطيون موجود آهن، جن منجهان ڪن جي باري ۾ ديوَ جهڙو اسلام جو منڪر عالم به چڪرائجي ويو.“ (تاريخ ادبيات ايران جلد ٽيون، صفحو 436). مان ته اهو ٿو چوان ته دولت شاهه، پروفيسر برائون کي به عبدالله طاهر (المتوفي في 844ع) جي باري ۾ صحيح رخ تان هٽائي ڇڏيو آهي. جنهن متعلق هو هيٺين حڪايت پنهنجي تذڪري جي صفحات 28-29 تي لکي ٿو ته ”چيو وڃي ٿو ته امير عبدالله بن طاهر عباسي خلفاء  جي زماني ۾ (دولت شاهه کي اهو علم به ڪونهي ته اهو ڪو المامون جي زماني ۾ هو) خراسان جو گورنر هو اتفاقاً جڏهن هو نيشاپور ۾ هڪ ڏينهن ترسيو تڏهن هن وٽ  شخص (؟) هڪ ڪتاب هديتہً پيش ڪرڻ لاءِ آيو، امير سوال ڪيو ته اهو ڪهڙي قسم جو ڪتاب آهي؟ انهيءَ شخص ورندي ڏني ته اهو ”وامق عذرا“ جي عشق و محبت جو دل لڀائيندڙ قصو آهي، جنهن کي حاڪمن تاليف ڪري نوشيروان جي نالي تي منسوب ڪيو هو. امير وراڻيو ته اسان قرآن پڙهندڙن منجهان آهيون، اسان کي مصحف مقدس ۽ احاديثِ نبويءَ کان سواءِ اهڙي ڪتاب جي گهرج ڪانهي. وري ٻيو ته اهو ڪتاب ’مغوده‘ جو تاليف ڪيل آهي، تنهن جي ڪري پڻ اسان جي نظر ۾ اهو ملعون آهي. انهن لفظن چوڻ کان پوءِ هن حڪم جاري ڪيو ته ڪتاب کي ناس ڪيو وڃي، ۽ اڄ کان پوءِ هن رياست ۾ جتي به ”مغوده“ جي ڪا تصنيف ڏٺي وڃي، ان کي باهه جي حوالي ڪيو وڃي.“

هميشه جيان مسٽر ايرانيءَ جو مٿيون ترجمو به غلط آهي ڇو ته هو هن ڪتاب کي مثنوي ٿو سمجهي، (ڇا قصي جي معنيَ مثنوي يا نظم به ٿيندي آهي؟) ۽ اخري جملو هينئن ٿو غلط استعمال ڪري ته ”جتي ڪٿي به ”مغوده“ جون پراڻيون ايراني لکتون ۽ نظم دستياب ٿي سگهن تن کي جمع ڪيو وڃي، ۽ ٻاري ڇڏيو وڃي.“ انهن لفظن جو ته مطلب اهو ٿيو ته انهيءَ حڪم کان پوءِ عبدالله جي عمال کي جتي به زرتشتي ڪتاب مليا، هن هڪ دفعي سان ئي سڀني کي باهه جي نذر ڪيو. مسٽر ايراني، هنن لفظن تي اختتام ڪري ٿو ته ”اهڙن حالتن منجهه اهو ڪو تعجب خيز امر ناهي ته خلفاءِ بغداد جي زماني ۾، يعني هڪ سئو يا ڏيڍ سئو سالن ۾، ايران جي اصلي آواز کي دٻايو ويو ۽ انهن جي هر قسم جي سرمايي کي ختم ڪيو ويو.“ اسان کي واقعي تعجب ٿئي ٿو ته ڪهڙيءَ طرح مسٽر ايراني، هن قصي جي اهيمت کي خيال۾ رکڻ کان سواءِ فوراً انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿوته دولت شاهه، جنهن عبدالله کان 650 سال پوءِ وفات پاتي، انهيءَ قصي جو بنياد ڪنهن تاريخي واقعي تي رکيو ناهي، بلڪ مڙئي ٻڌ سڌ کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو اٿس. جي آئين آهي ته پوءِ آخر ڪهڙي نموني ٻڌسڌ تي اسان اعتبار ڪري اهو سمجهون ته عبدالله، مغوده جي سڀني تصنيفن کي ٻاري رَک ڪري ڇڏڻ جو حڪم به جاري ڪيو هو؟

نه صرف اهو پر اسان کي ته اهو به معلوم ڪرڻو اهي ته عبدالله ڪير هو؟ ۽ ڇا هو انهيءَ قصي واري ڏنل نقشي جهڙو ئي بدنام هو؟ جيتريقدر اسان کي سندس خاندان بابت ڄاڻ آهي ته هو فارسي نسل جو هو، سندس ذات طاهري هئي، ۽ طاهري خاندان اهو پهريون فارسي خاندان هو، جيڪو خراسان ڏانهن لڏي ويو هو، ۽ جنهن کي نشاہ ثانيہ جو گهَوارو سڏيو ٿي ويو. هيءُ سڄو خاندان پنهنجي علم ۽ ادب جي ڪري ممتاز حيثيت جو مالڪ هو ۽ عبدالله خود شاعر به هو ۽ ان سان گڏ شاعرن جا ڳڻ ڳائيندڙ ۽ سندن مربي به هو. جيڪڏهن ڪو ڪتاب هن کي بطور هديتہً ڏنو وڃي ها، ته جيڪر هو پنهنجي جند جان کان به وڌ ان جي حفاظت ڪري ها! الجاحظ پنهنجي ڪتاب التاج (مئولف ذڪي پاشا صفحو 149-150) ۾ لکيو آهي ته: ”مسلمان امراءِ منجهان فقط امير عبدالله ئي هو، جيڪو نوروز ۽ بهرگان وارن ڏڻن جي موقعن تي ساسانين جي قديم رسم و رواج تي عمل پيرا ٿيندو هو، يعني موسم جي تبديل ٿيڻ جي لحاظ کان يعني سياري ۽ ساوڻ جي مختلف وڳن سان پنهنجي زيردستن کي خوش ڪندو هو، ۽ عام ماڻهن ۾ پڻ اهي وڳا ورهائيندو هو. تنهن کان سواءِ پنهنجي سرڪاري خط ۽ ڪتابت منجهه عادتاً نوشيروان عادل جا قول به استعمال ڪندو هو. مثلاً هي قول ته ’هر ڪه ردد چردد هر ڪه خسپد خواب هنيد‘.

انهيءَ ڪري اسان وٽ عبدالله جي هن چريائپ واري حرڪت جو ڪوبه ثبوت ڪونهي. وري عبدالله به اهڙو، جنهن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ منجهان ايرانيت پئي بکندي هئي، تنهنڪري لازم آهي ته پورهي دولت شاهه جي بيان ڪيل ڪيترن ئي ٻين بي بنياد قصن وانگر، هن کي به رد ڪري ڦٽو ڪريون. اهڙيءَ طرح سان اسان اڄ هڪ غلط نظريي جي بنياد ۽ خود نظريي کي ئي رد ڪري ڇڏيون ٿا، ته جيئن ٻيو ڪوبه انهيءَ بي بنياد نظريي کي بنياد نه بنائي گهي.

طوطي مينا جي ڪهاڻي

ويچاري عبدالله بن طاهر جي ڇا حقيقت آهي، جڏهن ته ان جليل القدر وسيع الخيال آقا مامون الرشيد تي به فارسي شاعريءَ جي گل جهڙيءَ ڪَليءَ کي ڇنڻ کان اڳئي زخمي ڪري وجهڻ جو الزام رکيو ويو آهي. مسٽر ايراني، پنهنجي ماخذ جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ ئي پنهنجي مقدمي جي صفحن 56-57 تي هيٺين حڪايت بيان فرمائي ٿو:

”چيو وڃي ٿو ته 199 هجريءَ ۾ خليفي مامون، عيد جي موقعي تي شهر مَروَ ۾ درٻار منعقد ڪرائي. جڏهن سموري درٻار ڪوٺ ڏنل ماڻهن سان ڀرجي وئي، تڏهن مامون انهن سان مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته ڇا هن جلسي منجهه ڪو اهڙو ماڻهو به آهي جيڪو فارسي زبان سٺي نموني لکي ۽ پڙهي ڄاڻندو هجي؟ ان تي هڪڙي پنجويهن ورهين جي جوان، نالي عباس بيهي بادشاهي آداب ادا ڪيا ۽ عرض ڪيو ته مان فارسي نه صرف ڳالهائي ڄاڻان ٿو، پر شعر پڻ چوندو آهيان. خليفي اهو ٻڌي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ هن کان سوال ڪيائين ته تو اها زبان ڪنهن کان سکي؟ تنهن تي هن نوجوان وراڻيو ته والد کان، جيڪو فارسيءَ جو عالم هو، مون کي هر روز گهر ويهاري فارسيءَ جو درس ڏيندو هو. خليفي چيو ته جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ هڪ قصيدو منهنجي شان ۾ چئي ٻڌاءِ. هن نوجوان هڪ ڪاغذ ڪڍيو ۽ قصيدو لکي ڏيکاريائين.

تنهن کان پوءِ خليفي حڪم ڏنو ته هن جو سِرُ تن کان ڌار ڪيو وڃي. ڀلا ڪنهن جي مجال هئي جو کڻي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com