سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :9

انهيءَ عرصي ۾ هو فوج ۾ به شامل ٿيو ۽ اهڙو ته نالو ڪڍيائين جو اعليٰ عهدي سان گڏ حڪومت ان کي هڪ وڏي جاگير پڻ عطا ڪئي. ليڪن جنهن شئي جو هي ڳولائو هو سا کيس ميسر ٿي نه سگهي. پيار ۽ محبت جي تشنگي کيس جلائيندي رهي. هن محل نما گهر بنايو ۽ ان کي پنهنجي دل تي سينگاريو. باغ ۽ گل پوکيائين، پر سندس روح ۾ تازگي اچي نه سگهي. کيس ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته پنهنجي لاءِ هن اهو مقبرو تعمير ڪرايو آهي، ۽ انهيءَ جي خوبصورت ڇت جي هيٺان هو زنده دفن ڪيو ويو آهي. هو محبت جو متلاشي هو، پر جنهن سوسائٽيءَ جو هو فرد هو، اتي جذبات گهٽ ۽ دولت ۽ فيشن جي نمائش گهڻي هئي. اتي خلوص ناپيد هو. انسان جو قدر جاگيرن جي وسعت، سون ۽ چانديءَ جي انبارن جي ڪسوٽيءَ تي ڪيو ويندو هو. فيدور پنهنجي معاشري کان اهڙو ته بدظن ٿي چڪو هو جو روسي سفارتخاني مان ديس بديس بدليون ڪرائيندو رهيو ۽ روس کان پري ئي پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هو هڪ اعليٰ آفيس هو ۽ جاگيردار پڻ. آمدنيءَ جو ته ڪو شمار ئي نه هو، پر سچي پيار جي تلاش ۾ سندس حالت انهيءَ هرڻ جهڙي هئي جو پنهنجي ئي جسم جي خوشبوءِ جي جستجو ۾ ڀٽڪندو رهيو هجي.

انهيءَ عرصي ۾ سندس ملاقات هڪ روسي ڇوڪريءَ سان ٿي وئي ۽ فيدور جي دل ائين ٽڙي پئي ڄڻ ته هو انهيءَ ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ ملڪن جا ملڪ ڀٽڪندو رهيو آهي. اها ڏاڍي حسين ڇوڪري هئي. ان فيدور جي محبت کي دل ۽ جان سان قبول ڪيو. فيدور انکي ائين فاتحانه انداز سان روس وٺي آيو، جيئن ڪنهن اهڙي خزاني کي زمين مان کوٽي ڪڍي آيو آهي، جنهن جي تلاش ۾ سڄي دنيا چري هجي. انهيءَ ڇو ڪريءَ جو نالو ”ويرا“ هو. فيدور کي ته ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ميلاپ تي خواب جو شبهو ٿيندو هو. ويرا سندس سپن جي راڻي هئي. هو پنهنجن سپنن کي ته هاڻي ڇهي به سگهيو ٿي، ۽ سندس گهنديدار زلفن جي سايه ۾ ۽ سندس گداز جسم جي مهڪ ۽ ڇُهاءَ سان انهن زخمن جو مرهم به ڪندو هو جي کيس ماضيءَ ڏنا هئا.

ليڪن ويرا سچ پچ هڪڙو سپنو ثابت ٿي. هوءَ هڪ اهڙو فريب بنجي وئي جو رڃ ۾ هڪ اڃايل کي نطر ايندو آهي، پر انهيءَ تائين ڪوبه پهچي نه سگهندو آهي. شاديءَ کان پوءِ ٽن مهينن جي اندر فيدور محسوس ڪيو ته ويرا چمن جو هڪڙو آزاد پکي آهي جنهن کي قفس ۾ قيد ڪري نٿو سگهجي. ابتدا ۾ ته  فيدور انکي پيار ۽ محبت جا واسطا وڌا پر ويرا جي دلفريب مرڪن ۽ پرفريب ڳالهين فيدور کي قائل ڪري وڌو ته هوءَ سندس ئي آهي.

ٿوري عرصي کان پوءِ فيدور کي مختلف ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون. ماڻهو سندس زال متعلق چميگويون ڪري رهيا هئا ۽ اهي ائين به چئي رهيا هئا ته ويرا جو مڙس بيوقوف آهي ۽ زال جي اداڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاسي ويو آهي. فيدور جي دل ٻڏڻ لڳي، پر ويرا جي آوارگيءَ جو انهيءَ کان سواءِ ٻيو علاج به نه هو ته فيدور پنهنجي ٻڏندڙ دل کي سنڀالي، ڇو ته ويرا گناهن ۾ غرق ٿي چڪي هئي. فيدور پنهنجي دل تي پٿر رکي ويرا کان علحدگي اختيار ڪئي. هو نهايت آسانيءَ سان ان کي طلاق ڏئي سگهيو ٿي، پر هن سوچيو ته ائين ڪرڻ سان جنهن سندس رسوائيءَ جو داستان نه ٻڌو هوندو تنهن کي به خبر پئجي ويندي، ۽ بي کيس اها به اميد هئي ته ويرا شايد وري به راهِ راست تي اچي وڃي. پنهنجي محبت کي زنده رکڻ خاطر هن پنهنجي سيني ۾ آس ۽ اُميدن جي شمع کي گل ٿيڻ نه ڏنو، ۽ ويرا کي هر ماهه معقول رقم موڪليندو رهيو.

ويرا ته ڄڻ فيدور کان جدا ٿيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي انتظار ۾ هئي. ان کان نجات حاصل ڪري هوءَ ٻئي ڏينهن ئي فرانس هلي ويئي، ۽ اُت جي بدنام ترين سوسائتيءَ ۾ جذب ٿي ويئي.

فيدور هڪ دفعو وري به محل نما گهر کي تالو هڻي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو ويو.

اڄ وري هو ڪجهه عرصي کان پوءِ روس آيو هو، ۽ پنهنجي گهر وڃڻ بجاءِ لزا جي گهر آيو. لزا جي ماءُ ۽ ماسيءَ هن کي ته کڻي هٿن ۾ کنيو. هو سندن ويجهو مائٽ هو جنهن جي ازدواجي ويرانيءَ جي داستان جي انهن کي خبر هئي. سندس عمر پنجٽيهه سال هئي، پر سندس منهن تي جوانيءَ جي بهار اڃا به موجود هئي. مرڪ ۾ به جوانيءَ جو رنگ نمايان هو، پر انهيءَ بهار ۾ خزان جي اُداسي ۽ مردگي به شامل هئي.

هن جڏهن لزا کي ڏٺو ته کلي چيائين ”اڙي لزا، تون ايڏي وڏي ٿي ويئي آهين؟ توکي ته ياد به نه هوندو ته مان تنهنجي لاءِ ماسڪو مان مٺايون وٺي ايندو هوس.“

فيدور سان سندس زال متعلق ڪنهن رڳو ڳالهه به نه ڪئي. سڀني کي خبر هئي ته اهو اهڙو زخم آهي جو سندس سيني ۾ هر وقت تازو رهي ٿو. انهيءَ ڪري هو ٻين ملڪن جون ڪهاڻيون ڏاڍي دلڪش انداز ۾ ٻڌائيندو رهيو. لزا کي پنهنجي نرس ياد اچڻ لڳي ته اها به ائين رکي رکي پُر اثر انداز ۾ کيس ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.

ايتري ۾ پاشڪن به اچي نڪتو. لزا جي ماءُ ٻنهي جو تعارف ڪرايو. فيدور ڏٺو ته پاشڪن لزا سان گهڻو مخاطب ٿي رهيو هو، ۽ سندس سڀ دلچسپيون ڄڻ ته لزا سان ئي وابسته هيون. پاشڪن اٺاويهن ورهين جو سنجيده جوان هو. انهيءَ مان ظاهر هو ته هو لزا وٽ ڇو ٿو اچي. ليڪن فيدور کي ته گهڙيءَ پلڪ لاءِ به گمان نه ٿيو ته هو ڪو پاشڪن جو رقيب آهي، ڇو ته لزا کي هو انهن نظرن سان نه ڏسي رهيو هو، ۽ نه وري سندس دل ئي ڪنهن عورت جي رفاقت قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئي. ويرا جيڪو سندس سيني ۾ زخم ڪيو هو اهو هر وقت خلش بنجي سندس سيني ۾ هُري رهيو هو.

ايتري ۾ پوڙهو موسيقار به اچي ويو، ۽ چند لمحن کان پوءِ ڪمري ۾ موسيقيءَ جو ترنم گونجڻ لڳو. لزا پياني تي گيت ٻڌايا، پوءِ پاشڪن لزا سان گڏجي ڳايو. فيدور تي وجد طاري ٿيڻ لڳو، پر جڏهن لزا جي گهر کان نڪتو تڏهن کيس پنهنجي دل جي ويراني ۽ گهر جي برباديءَ جو خيال اچي ويو. هن پُٺ ورائي لزا جي گهر ڏانهن ڏٺو جو سهڻن ۽ ساون وڻن ۽ باغيچن جي وچ ۾ بيهي خواب جو منظر پيش ڪري رهيو هو. فيدور جي دل ۾ ڄڻ ته تِير چُڀي ويو، ڄڻ ته کيس جنت مان ڪڍي ڪنهن جهنم ۾ موڪليو آهي.

جڏهن هو گهر پهتو تڏهن نوڪرن سندس استقبال ڪيو، پر نوڪرن جي انداز ۾ نه جذبات جو دخل هو ۽ نه وري دلي اُنس جي جهلڪ هئي. هو سندس غلام هئا، ۽ غلامن وانگر هڪبئي کان وڌيڪ سندس خوشامد ڪري رهيا هئا. فيدور سڀ ڪمرا کولايا ۽ هر هڪ ڪمري ۾ اندر گهميو. ايڏن سينگاريل ڪمرن هوندي به مٿس غشي طاري ٿيڻ لڳي ۽ هو محسوس ڪرڻ لڳو ته ويرا جي ناپاڪ بوءِ اڃا به انهن ڪمرن ۾ موجود آهي. کيس در ديوار کان ۽ پنهنجي پاڻ کان به بيزاري ٿيڻ لڳي. ان طرح سان لزا کيس ڏاڍو ياد آئي. هن چاهيو ته ڊوڙي لزا جي گهر وڃي ۽ انهيءَ پياري فضا ۾ جذب ٿي وڃي، پر هو انهن جو ايڏو ڪو ويجهو مِٽ به نه هو جو هو کيس پاڻ وٽ رهڻ جي اجازت ڏين.

جيڪڏهن هو شادي ڪرڻ چاهي ها ته هڪ نه پر ڏهه ڇوڪريون هڪبئي کان وڌيڪ حسين سندس قدمن ۾ اچي ڪِرن ها. هو دولتمند هو ۽ سرڪاري حلقن ۾ سندس وڏو نالو هو. هن صرف شادي نه بلڪ محبت ڪرڻ چاهي ٿي، پر کيس پوريءَ طرح خبر هئي ته جيڪا به کيس زال ملندي انهيءَ کي سندس ذات سان نه بلڪ سندس دولت سان ئي محبت هوندي. انهيءَ ڪري هن شاديءَ جو ته خيال به دل مان ڪڍي ڇڏيو هو. اڄ هن لزا کي ڏٺو، ان جي سنجيده ۽ معصوم انداز کي ڏٺو ۽ انهيءَ جو ڪومل سنگيت ٻڌو ته هن جي دل اهوئي اثر محسوس ڪيو جو هن ويرا جي پهرينءَ ملاقات ۾ ڪيو هو. پوءِ ڪجهه سوچي، هن پنهنجي دل ۾ اهڙو خيال اچڻ نه ڏنو ته ان جي لزا سان محبت ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي هوان سان شاديءَ جي درخواست ڪري. نه، هر گز نه. لزا به هڪ عورت هئي. ويرا به هڪ عورت هئي. سندس نظرن ۾ هوءَ به نانگڻ هئي ۽ هيءَ به نانگڻ. فرق صرف جسم، صورت ۽ نالي جو هو.

ٻئي ڏينهن شام جو فيدور تي وحشت طاري ٿي رهي هئي. کيس پنهنجي انهيءَ غلطيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ته کيس نوڪري ڇڏڻ نه گهربي هئي. هن نوڪري ڇڏي پنهنجي جاگير کي سنڀالڻ چاهيو ٿي. سندس خيال هو ته شهرن جي هنگامن کان پاسو ڪري ٻهراڙيءَ جي سادگيءَ ۾ ڪو سڪون حاصل ڪري، پر پهرين ڏينهن ئي هن محسوس ڪيو ته اڪيلائي کيس اهڙيءَ سر سبز ويرانيءَ ۾ به ٽڪڻ نه ڏيندي. هن پنهنجي زمين جو چڪر ڏنو. دوستن سان تبادله خيالات ڪيائين ۽ پوءِ گهوڙي تي چڙهي سڌو لزا جي گهر پهتو. ظاهر ۾ ته اهو هڪ لاشعوري عمل هو ۽ هن ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ سوچيو به نه هو، تنهن هوندي به سندس دل سندس تشنه احساس جي تابع ٿي وئي هئي.

انهيءَ شام به لزا وٽ اهائي فضا، اهوئي گيت ۽ اهائي رونق هئي، جيڪا ڪلهه شام جو هئي. انهيءَ شام جو کيس لزا سان اڪيلائيءَ ۾ به ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو. پر هن ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي جنهن مان خود کيس يا لزا کي ڪو معمولي شڪ پيدا ٿيو هجي، ته هو لزا کي چاهڻ لڳو آهي. هيءَ معصوم دوشيزه کيس ڏاڍي وڻندي هئي. جڏهن هو گهر مان نڪتو تڏهن پوڙهو موسيقار به هن سان گڏ ٻاهر نڪري آيو.

هو لز اکي سبق ڏئي چڪو هو. فيدور موسيقار کي پاڻ وٽ هلڻ جي دعوت ڏني ۽ چيائين ته کيس موسيقيءَ جو ڏاڍو شوق آهي. پوڙهي موسيقار کي ته هر انهيءَ شخص سان پيار هو، جنهن کي موسيقيءَ سان محبت هئي. هو فيدور سان گڏجي سندس گهر ويو ۽ اها رات اتي رهيو.

فيدور انکان ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇيون، جن مان گهڻيون ته لزا متعلق هيون. هن ڏٺو ته موسيقار لزا جو ذڪر اهڙي ته پيار سان پيو ڪري جيئن هو ڪنهن تمام محبوب ۽ پياري ڌُن جي تعريف ڪري رهيو هجي.

”توهان جو ڪهڙو خيال آهي...؟“ فيدور پڇيو، ”ته لزا پاشڪن سان شادي ڪندي؟“

انهيءَ تي پوڙهي ڇرڪ ڀريو، ۽سندس مرجهايل چهرو چمڪڻ لڳو. چيائين، ”نه....، ائين نه ٿيندو.“ سندس لهجو ڪجهه اهڙو هو ڄڻ ته لزا ان جي پنهنجي ڌيءُ هئي، ۽ ان کي ڪو اغوا ڪري کڻي ويندو هجي. هو چئي رهيو هو، ”مون کي خبر آهي ته پاشڪن انهيءَ لاءِ اتي ويندو آهي ۽ مون کي اها به خبر آهي ته لزا جي ماءُ ۽ ماسي به پاشڪن کي ڏاڍو پسند ڪن ٿيون ۽ شايد لزا به انکي پسند ڪندي هوندي. پر اها شادي نه ٿيندي. پاشڪن خوبرو سهي، دولت ۽ رتبي وارو ئي سهي، پر لزا هڪ معصوم ڇوڪري آهي ۽ پاشڪن سٺو ماڻهو نه آهي. جيڪڏهن لزا جو هٿ پاشڪن جي هٿ ۾ ڏنو ويو ته پوءِ مان سمجهندس ته ڪنهن ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ ساز تي ڪو ڏاڍي بيسري آواز ۾ ڳائي رهيو آهي...“ پوڙهي پُرعزم لهجي ۾ چيو، ”مان اها شادي ٿيڻ نه ڏيندس.“

فيدور به ائين ئي چاهيو ٿي ته لزا جي شادي پاشڪن سان نه ٿئي، حالانڪه کيس پاشڪن متعلق ڪابه خبر نه هئي ته هو سٺو آهي يا خراب، پر سندس دل جو آواز پوڙهي موسيقار جي تائيد ڪري رهيو هو.

اک کلي ته سج بيٺو هو ۽ جڏهن هو نيرن تي ويٺا تڏهن فيدور ان پوڙهي کي چيو ته ”مان ائين محسوس ڪري رهيو آهيان ته مونکي لزا سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. پر ڪيئن ڪيان؟ انهن سڀني کي هتي مدعو ڪيان؟“

پورهي صلاح ڏني ته انهن کي پاڻ وٽ پڪنڪ جي دعوت ڏي، مان به لز اکي هتي اچڻ تي آماده ڪندس.

ٻئي ڏينهن فيدور لزا وٽ وڃي کيس سندس ماءُ ۽ ماسيءَ سميت پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏني. لزا جي ماءُ چيو، ”پاشڪن کي به مدعو ڪر ته اسان اينداسين.“ پر فيدور چيو ”مان ته صرف پنهنجي مائٽن کي سڏڻ چاهيان ٿوته جيئن فضا گهريلو رهي. پاشڪن ته بهرحال ڌاريو ماڻهو آهي.“ ٻنهي پوڙهين کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه گوارا نه هئي، تنهن هوندي فيدور انهن کي قائل ڪري وڌو.

ٻئي ڏينهن علي الصبح فيدور انهن لاءِ هڪڙي وڏي ۽ سهڻي بگي موڪلي، جنهن ۾ اهي ٽيئي ڄڻيون چڙهي آيون. فيدور انهن کي ڍنڍ جي ڪناري تي مڇيءَ جي شڪار لاءِ وٺي ويو. اتي هن ڪيترائي قيمتي غاليچا وڇائي ڇڏيا هئا. ٻيئي پوڙهيون انهن غاليچن تي ليٽي پيون. فيدور، لزا کي پاڻ سان ڍنڍ جي ڪانري تي انهن کان پري وٺي ويو ۽ ٻنهي ڄڻن ڪنڍيون ۽ رسيون کڻي ڍنڍ ۾ ڦٽيون ڪيون. فيدور جو ڌيان شڪار ۾ ايترو نه هو جيترو لزا ۾ هو. هن لزا سان پاشڪن متعلق ڳالهيون شروع ڪيون. فيدور جي لهجي ۾ پيار ۽ خلوص هو، جنهن کي لزا خاص طور سان محسوس ڪري رهي هئي. لزا به اڻڄاڻ ٻارن وانگر سندس هر سوال جو جواب معصوم لهجي ۾ ڏيئي رهي هئي.

”پاشڪن ڪهڙي نموني جو ماڻهو آهي؟“ فيدور پڇيو.

”مان ڪجهه به چئي نٿي سگهان...“ لزا آهستگيءَ سان چيو. ”ظاهر ۾ ته سٺو مانهو آهي. مونکي سندس ڪنهن به برائيءَ جي خبر نه آهي.“

”معلوم ٿو ٿئي ته هو توسان شادي ڪرڻ چاهي ٿو؟“

فيدور بنان هبڪ چئي ڏنو ۽ لزا شرمائجي وئي، پر فيدور جو لَب- لهجو ۽ انداز ڪجهه اهڙو هو جنهن ۾بدنيتي ياشرارت جي هلڪي جهلڪ به نه هئي. فيدور سندس جواب جي انتظار ڪرڻ کانسواءِ چيو، ”جيڪڏهن تون ان کي چاهين ٿي ته پوءِ اها شادي ٿيڻ ئي گهرجي.“

”نه....“ لزا ٿورو گهٻرائجي چيو، ”مان اڃا ڪجهه چئي نٿي سگهان ته مان ان کي چاهيان ٿي. منهنجي ماءُ ۽ ماسي ان کي ضرور چاهين ٿيون پر مان اڃا ڪجهه چئي نٿي سگهان!“

”توهان ڇو ٿا پڇو؟“ لزا مرڪي پڇيو.

”صرف انهيءَ ڪري جو مونکي تنهنجي ذات سان دلچسپي آهي، لزا!“

فيدور شفقت ڀَرئي لهجي ۾ چيو، ”تون بلڪل معصوم ڇوڪري آهين، ڊڄان ٿو ته متان اڻڄاڻائيءَ ۾ تون ڪنهن مرد جي فريب ۾ نه اچي وڃين. گهر ۾ توکي صحيح راه ڏيکارڻ وارو به ته ڪونهي!“

”نه، ائين نه آهي“ لزا چيو، ”مونکي خدا راه ڏيکاريندو رهندو آهي. مان ٻه وقت عبادتگاه ۾ ويندي آهيان ۽ ٻئي وقت دعا گهرندي آهيان ۽ خدا مون کي سڌي راه ڏيکاريندو رهندو آهي.

فيدور نطر کڻي لزا ڏانهن نهاريو ته کيس سندس چهري تي پاڪائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ فيدور ائين محسوس ڪيو ته هوءَ انسان نه بلڪ فرشتو آهي، يا ستن پاڻين ۾ ڌوتل جلپري آهي جا ڍنڍ جي شفاف نيراڻ تان اٿي ڪناري جي ساوڪ تي اچي ويٺي آهي.

”منهنجي لاءِ به دعا گهرندي آهين لزا؟“ فيدور التجا ڪئي. لزا جيڪڏهن روس جي ٻين ڇوڪرين وانگر شوخ ۽ چنچل هجي ها ته فيدور سندس هٿن کي چُمي چوي ها ته ”لزا! مونکي توسان محبت آهي ۽ مان توکان سواءِ جِي نٿو سگهان.“ پر ان تي لزا جو اهڙو ته تقدس طاري ٿيو جو هن بيوس ٿي چيو:

”مون ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن لزا! منهنجي لاءِ به دعا گهرندي ڪر... منهنجي محبت فريب کاڌوآهي لزا! ڏسجانءِ متان تون به نه ڪٿي دل وڃائي ويهي رهين.“

”ڇا توهان کي پنهنجي زال سان دلي لڳاءُ هو؟“ لزا ڪجهه هٻڪندي پڇيو، ”جيڪڏهن توهان کي ان سان روحاني محبت هئي ته پوءِ توهان ان کي گهر مان ڇو ڪڍي ڇڏيو؟“

”تون منهنجي زخمن کي جهوري رهي آهين لزا!“ فبدور چيو، ”اهو قصو به ڪڏهن ٻڌائيندو سانءِ. جيڪڏهن تون سمجهي سگهين ته ايترو ئي چوڻ ڪافي آهي ته هوءَ به تو وانگر ڏاڍي حسين ۽ دلڪش آهي. ليڪن فرق روپ ٻهروپ جو آهي. تنهنجي چهري جو حسن تنهنجي روح جي پاڪيزگيءَ جي غمازي ڪري ٿو، پر هن پنهنجي چهري جي حسن سان روح جي ناپاڪيءَ کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مان برو مانهو نه آهيان لزا! انهيءَ ڪري برائيءَ کي گهر ۾ پالي نه سگهيس.“

شام جي وقت جڏهن لزا پنهنجي ماءُ ۽ ماسيءَ سان گڏ گهر وڃڻ لاءِ بگيءَ ۾ ويٺي تڏهن هوءَ فيدور جي متعلق مختلف انداز ۾ سوچي رهي هئي. انهيءَ کان اڳ ۾ هوءَ ان کي هڪ عام ۽ رواجي مائٽ سمجهي رهي هئي. هن فيدور سان ڪافي ڳالهيون ڪيون هيون، کيس ياد اچي رهيو هو ته هوءِ نرس سان اهڙيءَ طرح ڳالهيون ڪندي هئي. پاشڪن ان سان مڪمل طور کُلڻ جا انداز اختيار ڪيا هئا، پر لزا ان سان به اهڙيءَ طرح ڳالهيون ڪري نه سگهي هئي، ۽ نه وري ڪڏهن پنهنجي ماءُ ۽ ماسيءَ سان اهڙي بي تڪلف ٿي هئي. ليڪن فيدور جي انداز ۾ خبر نه اهي ته ڪهڙي ڳالهه هئي جو ان جي سامهون سندس دل ۾ جيڪي به ٿي آيو سو چوندي ٿي رهي.

سندن بگي هلي رهي هئي ۽ فيدور بگيءَ سان گڏ گهوڙي تي سوار انهن سان وڃي رهيو هو. جڏهن بگي ٻهراڙيءَ جي علائقي مان نڪرڻ لڳي تڏهن فيدور ڏٺو ته لزا جو هڪڙو هٿ بگيءَ جي دريءَ مان ٻاهر هو. فيدور پنهنجو هٿ ڊگهيري ان جي هٿ مٿان کڻي رکيو. لزا ڇرڪ ڀري ڏٺو. فيدور آهستگيءَ سان پنهنجو هٿ کڻي ورتو. لزا جي چپن تي هڪ شرميلي مرڪ اچي وئي. فيدور پنهنجي گهوڙي کي روڪيو. بگي اڳتي نڪري وئي. شام جي انداهيءَ ۾ کيس بگيءَ جي دريءَ مان لزا جو لڏندڙ هٿ نظر اچي رهيو هو.

انهيءَ رات فيدور کي ننڊ نه آئي ۽ لزا به سمهي نه سگهي. لزا هاڻي عمر جي انهيءَ حصي ۾ هئي، جو هوءَ پنهنجي چڱي ۽ بري کي سمجهي سگهي ٿي. سڄي رات پاشڪن ۽ فيدور سندس تصور ۾ اکٻوٽ راند کيڏي رهيا هئا، حالانڪ فيدور کيس ڪا اهڙي ڳالهه به نه چئي هئي.

فيدور پهرين ته سوچيو به نه هو ته ان جي لزا سان اهڙي محبت به ٿي سگهي ٿي جا کيس ويرا سان هئي. هو ته ان کي محض هڪڙي معصوم ۽ اڻڄاڻ ڇوڪري ئي سمجهندو رهيو هو. پر هاڻي هو شدت سان محسوس ڪري رهيو هو ته لزا سان سندس اهڙي ئي محبت ٿي وئي آهي، جنهن کي ويرا رتو رت ڪري چڪي آهي.

ٽئين ڏينهن هو لزا جي گهر ويو. اتفاق سان هوءَ کيس اڪيلي ملي وئي. لزا کيس ٻڌايو ته پاسڪن کيس خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن شاديءَ جي درخواست ڪئي آهي.

”تو ڪهڙو جواب ڏنس؟“ فيدور نرميءَ سان پڇيو، ”ڇا انڪار ڪيئيه؟“

”مان اڃا ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهي آهيان فيدور!“ لزا اڀريل آواز ۾ چيو، ”مونکي ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته ڪهڙو جواب ڏيان، هو لکي ٿو ته مان تنهنجي محبت ۾ چريو ٿي پيو آهيان.“

فيدور بنان ڪنهن تمهيد جي انکي چيو ته هوءءَ شاديءَ کان انڪار ڪري، ليڪن لزا وٽ پاشڪن کان نفرت يا ان کي ٺڪرائڻ جو به ته ڪو سبب ڪونه هو. هن فيدور سان انهيءَ باري ۾ کليل بحث ڪيو. فيدور ان کي ٻڌايو ته مونکي به پنهنجي زال ٻڌايو هوته مان به تنهنجي محبت ۾ چري ٿي پيئي آهيان، پر اهو فريب هو.

ليڪن لزا ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهي. فيدور جي نيت ۾ ته انکي ذري جيترو به شڪ نه هو، ۽ هوانهيءَ حقيقت کان به آگاه هئي ته فيدور ساڻس شادي ڪري نٿو سگهي، ڇو ته هن پهرينءَ زال کي اڃا طلاق نه ڏني هئي.

انهيءَ رات فيدور کي پنهنجي نيت ۾ شڪ پوڻ لڳو هو. هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته لزا کي ذهن مان ڪڍي ڇڏي. هو پاشڪن سان شادي ڪري يا سڄي عمر ڪنواري رهي، انهيءَ سان سندس ڇا؟ پر لزا جو تصور سندس ذهن ۾ اڀرندو ئي رهيو ۽ ان جو سحر انگيز خيال سندس دل ۽ دماغ تي حاوي ٿيڻ لڳو، ۽ انهيءَ رات هن پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته پاشڪن سندس رقيب آهي. پر انهيءَ هوندي به هن قسم کنيو ته لزا سان پنهنجي محبت جو اظهار نه ڪندو. البت ان کي پاشڪن کان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ضرور ڪندو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو لزا جي گهر ويو تڏهن هن اتي جي فضا ۾ دکدائڪ تبديلي ڏٺي. لزا جي ماءُ ۽ ماسيءَ نمايان طور ساڻس بيرخيءَ جو رستو اختيار ڪيو، ۽ کيس ايترو به نه چيائون ته اچ ۽ اچي ويهه. ماسيس ان کي ڏسندي ئي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي ۽ ماڻس بهانو ڪري ٻاهر نڪري ويئي. فيدور سمجهي ويو ته هو هن گهر ۾ اڻ سڏيو مهمان آهي، ۽ لزا جي ماءُ ۽ ماسيءَ کي شايد شڪ پئجي ويو آهي ته هو به لزا جو چاهيندڙ آهي.

هو اٿي وڃڻ وارو ئي هو ته لزا اچي ويئي. فيدور سوچيو ته لزا کي چئي ڏئي ته هوءَ حسين سهي، جوان سهي، ليڪن پاڻ سندس اميدوارن مان نه آهي، ۽ نه وري اهڙي ڪا ڳالهه وات مان ڪڍندو- پر انهيءَ کان اڳ ۾ جو هو ڪجهه ڪُڇي، لزا رازدارانه لهجي ۾ چيو، ”مون پاسڪن کي جواب ڏيئي ڇڏيو آهي.“

”ڪهڙو؟“

”ته مان توسان شادي نه ڪنديس.“

فيدور جهٽ ڏئيي کڻي سندس هٿن کي جهليو، خوشيءَ کان سندس دل باغ باغ ٿي ويئي. لزا ان کي ٻڌايو ته اما ۽ ماسي منهنجي انهيءَ فيصلي تي ڏاڍو ناراض آهن. سندن خيال آهي ته منهنجي انهيءَ فيصلي ۾ توهان جي راءِ جو وڏو دخل آهي. خبر نه اهي ته انهن کي الائي ڇو اچي شڪ پيو آهي ته توهان مون کي چاهيو ٿا، ۽ مون توهان جي خاطر پاشڪن کي جواب ڏيئي ڇڏيو آهي!

فيدور کان ته اها ڳالهه ئي وسري وئي ته گهر جون وڏيون پوڙهيون کيس اڻسڏيو مهمان سمجهي رهيون آهن. هو لزا سان ويهي ڳالهيون ڪندو رهيو. لزا کيس اهو به ٻڌايو ته پاشڪن کي جڏهن مون چيو ته مان توسان شادي نه ڪنديس ته هن انهيءَ نموني چيو ”مهرباني“ ۽ پوءِ ويندو رهيو. ”جيڪڏهن ان کي مون سان محبت هجي ها ته ڇا هو ائين ئي ٻاهر هليو وڃي ها؟“

شام جو اوندهه پکڙجي رهي هئي. فيدور اتان اٿي هليو آيو. ڏاڍو خوش هو ته لزا پاشڪن کي ٺڪرائي ڇڏيو، پر سندس دل تي غبار به هو ۽ سندس ذهن ۾ ڪيترا وهم به اڀري رهيا هئا ۽ هو ڪنهن هڪڙي کي به سمجهڻ کان قاصر هو. کيس اها حقيقت به پريشان ڪري رهي هئي ته هوشادي شده آهي ۽ لوهه جي گرم سيخن ۾ قيد آهي.

رات گهَري ٿيندي ويئي، ۽ هو پيادل ئي ڪنڌ جهڪائي هلندو رهيو. سندس گهر تمام پري هو انهيءَ ڪري هو بگيءَ تي ايندو ويندو هو. پر اڄ رات هو پوکن ۽ باغن مان ائين ڪنڌ هيٺ ڪيو هلندو رهيو، ڄڻ ته سندس ضمير ڪنهن ٻئي جي گناهن جو بار پاڻ تي کنيو هو. هو گهر طرف وڃي رهيو هو، پر خبر نه آهي ته ڪيترو مفاصلو طئي ڪري آيو هو. کيس نه وقت جو خيال هو نه پنڌ جو. هن اوچتو ڏٺو ته هڪ باغ مان لنگهي رهيو آهي. هينئر هو ٿڪجي پيو هو، انهيءَ ڪري هڪڙي وڻ هيٺان هڪ سيمنٽ جي بينچ تي ويهي رهيو. هن آسپاس جو جائزو ورتو، چو طرف گهگهه اوندهه هئي، پر چند قدمن تي کيس هڪ محل نما گهر نظر اچي رهيو هو. درين مان نڪرندڙ روشنيءَ مان کيس شڪ پيو ته هو انهيءَ گهر کي سڃاڻي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com