سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :19

سنوار جو ٻيو طريقو آهي تعليم ۽ تربيت وارو طريقو. هن طريقي ماتحت برک زباندان ۽ٻوليءَ جاماهر ڪي قانون ٺاهي رکندا آهن، جن ماتحت زبان ۾ غلط اُچارن ۽ لفظن جي غلط استعمال ۽ جملن جي غلط سِٽا کي سنواري سگهبو آهي.

سويٽ صاحب کان سواءِ ميرنجر صاحب به انهيءَ ڳالهه کي ٽيڪوڏنو آهي ته زبان جي معاملي ۾ ٻارن جو ڪو به هٿ ڪونه آهي. هو صاحب چوي ٿو ته ٻولي به هڪ سماجي معاملو آهي، ان ڪري ان تي اثر فقط سماج جي طاقتور حصي جو پئجي ٿو سگهي. جهڙيءَ طرح سماجي زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ مٽ سٽ جو سبب، بالغ مرد ۽ عورت آهن، تهڙيءَ طرح زبان واري معاملي ۾فقط انهن کي ئي دخل حاصل آهي. زبان جي معاملي ۾ بالغ عورتن ۽ مردن جو جيڪو حصو آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم معاملو آهي، ۽ ان تي هڪ وڌيڪ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. هت فقط ايترو چوڻو آهي ته ٻارن کي به سماج جي سٽا ۾ وڏو هٿ آهي.سماجي زندگيءَ جا ڪيترائي اهڙا معاملا آهن، جن تي ٻارن جي حالتن جو ۽ زندگيءَ جو اثر ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي معاملي ۾ ته ٻار بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، ان ڪري ائين چوڻ ته ”ٻوليءَ سان آخر ٻارن جو ڇا؟“ سا ڪجهه اڻسوهندي ڳالهه آهي.

وڌيڪ وزنائتو خيال، اوٽو جيسپرمن جو آهي. هن صاحب جو خيال آهي ته زبان ۾ مٽ سٽ جو وڏو سبب هي آهي ته مانهو جنهن وقت ڪنهن ڳالهه تي ڳالهائيندو ٿو وڃي، تنهن وقت هيئن ٿو ٿئي، جو ڪنهن معنيٰ جي اۡظهار لاءِ وٽس هڪدم موزون ۽مروج لفظ هڪيا تڪيا حاضر نٿا رهن،ان ڪري هو پنهنجي ذهن جي زور تي ساڳيءَ معنيٰ جي اظهار جي لاءِ نوان لفظ ٺاهي ٿو وٺي. اهڙيءَ طرح اهڙو ماڻهو بيخبريءَ ۾ هڪ انقلاب جو بنياد ٿو رکي، جو اڳتي هلي پنهنجي جاءِ پاڻ ٿو ٺاهي. هن ڳالهه جي بنياد تي اوٽو صاحب هن خيال جو آهي ته زبان ۾ ڦير گهير جي لاءِ جيتريقدر ٽن سالن جو ٻار جوابدار آهي، اوتريقدر ٽياسي سالن جو پوڙهو.

هن باري ۾ هرزاگ صاحب جو خيال به ويچارڻ جهڙو آهي. هرزاگ صاحب جو نظريو صوتي تبديلين جي اصول تي قائم ڪيو ويو آهي. هن صاحب جو خيال آهي ته زبان ۾ صوتي تبديليون ان ڏاڪي تي ٿيون اچن جنهن تي اهل يا نقل ڪم ڪندا آهن، توڙي جو ٻار اهل ڪرڻ ۾ غلطي نٿا ڪن. هن صاحب جي خيال ۾ ٻاراڻي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ڳالهائڻ وارن عضون جي ڪمزور، نامڪمل ۽ اڻپوري هئڻ جي ڪري ڪي اهڙيون ڳالهيون رهجي ٿيون وڃن، جيڪي ٻار وڏي ٿيڻ کان پوءِ وري سنواري ٿو وٺي. اهڙيءَ طرح هڪڙي نسل کان ٻئي نسل تائين ٻولي وڃي ٿي بگڙندي ۽ سڌرندي، تان جو ڪي تبديليون پنهنجي جاءِ پڪي ڪري ٿيون وٺن ۽ ٻوليءَ ۾ هڪ پڪي تبديلي اچي ٿي وڃي. هرزاگ صاحب جي نظريي جو بنياد هن ڳالهه تي آهي ته ڳالهائڻ وارن عضون جي ننڍ-وڏائي ۽ ڊول هرٻار۾ پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، ان ڪري ساڳئي لفظ کي جدا جدا ٻار جدا جدا نمونن سان اچارڻ لاءِ مجبور آهن.

هن صاحب جي خيال کي به رد ڪد ڏنو ويو اهي. چون ٿاته ڳالهائڻ وارن عضون جي ننڍ-وڏائيءَ جو معاملو ايترو اهم ته نه آهي، جيترو هرزاگ صاحب سمجهيو ويٺو آهي. ڳالهه هيئن آهي ته ٻار زبان سکي ٿو ٻڌڻ سان،ان ڪري جيڪڏهن شروعات ۾ هن کان ڪا غلطي ٿي به ويئي ته به هواڳتي هلي اها غلطي سڌاري ويندو. حقيقت هيءَ آهي ته ٻار جي چوڌاري سڀني عمرين جا مانهو رهن ٿا، ۽ هو سڀني عمرين جي مانهن وٽان زبان سکي ٿو، ان ڪري ٻار جي غلطيءَ جو پڪو ٿي وڃڻ، چون ٿا ته مڃڻ جهڙي ڳالهه نه آهي.

اهل ۽ نقل جي معاملي کان پوءِ وري ٻيو معاملو آهي چيٻاڙن ڪڍڻ، يا ويچارن ڪڍڻ جو. چيٻاڙن يا ويچارن ڪڍڻ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ جي جملي، آواز يا لفظ کي ورجايو ويندوآهي، پر اهڙيءَ طرح جوورجائڻ وارو پنهنجن چپن، ڄڀ ۽ گلي کي رواجي صورت مان ڦيرائي ٻي صورت ڏيندو آهي،ان ڪري ورجايل جملي، لفظ يا آواز جي ادائگي نهايت ئي نرالي نموني ۾ ٿيندي آهي. زبان جي آوازن، اچارن ۽ادائگيءَ جو هي طريقو مصنوعي آهي ۽ هٿرادو آهي. اسان وٽ هن کي برو سمجهيو ٿو وڃي، پر ان هوندي به اسان کي هن طريقي جو اڀياس ضرور ڪرڻ گهرجي. اسان جي پنهنجي تجربي جي ڳالهه آهي ته ويچارا يا چيٻاڙا اڪثر ٻار ڪڍندا آهن، ۽ وڏن ۾ هن قسم جي عمل کي ورلي ڏٺو ويو هوندو. هاڻي ڏسڻو آهي ته ٻار هن قسم جو عمل ڇو ٿا ڪن.

چيٻاڙن ڪڍڻ جو پهريون سبب ته اهو آهي ته هرڪو ٻار پاڻ کي ٻئي جي نسبت زبان جو بهتر ڄاڻو تصور ڪري ٿو، ۽ سمجهي ٿوته انڪري هوٻئي جي ٻوليءَ ۽ ڌنَڪ يا لهجي تي ٽوڪ ٿوڪري، ۽ اڳلي کي ٻڌائي ٿوته هن جي ڌنڪ اهڙي آهي، جا هو چيٻاڙن ڪڍڻ سان ڪري ٿو. ظاهر آهي ته ههڙي قسم جو عمل ٻارن ۾ اندر ئي اندر ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ چٽاڀيٽيءَ جي ثابتي ڏئي ٿو، جيڪا زبان سکڻ ۾ ٻارن جي وڏي مدد ٿي ڪري.

پر اسان جي ماحول ۾ وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان چيٻاڙن کي گار سمجهندا آهيون. اسان جو هي تصور ڏيکاري ٿو ته اسان پنهنجي زبان جي قابليت کي، پنهنجي عزت جو سوال بڻايو آهي. ان ڪري پنهنجي لهجي، لوڏ ۽ ڌنڪ تي ٺٺول ڪرڻ کي اسان پنهنجي عزت جو معاملو سمجهي رهيا آهيون. اسان کي معلوم آهي ته ٻارن ۾ چيٻاڙن ڪڍڻ ۽ ويچارن ڪرڻ تي اڪثر جهڳڙو ٿيندو آهي.

هن کان پوءِ اچون ٿا ٻارن کي ٻولي سيکارڻ جي ڪن طريقن تي.

ٻار جن طريقن سان ٻولي سکي ٿو تن مان ڪي ته سڀاويڪ آهن ۽ انهن ۾ ٻار جي ويجهڙي ماحول جو ڪو هٿ ڪونه آهي. اُهي طريقا آهن ٻار جي سڀاويڪ ۽ فطري قوتن ۽ صلاحيتن وارا، ۽ انهن ۾ خود ٻار جي پنهنجي ڪوشش جو به ڪو هٿ نه آهي. انسان جي جسم جي نظام جو هڪ وڏو راز هي آهي ته ڪيترائي عضوا خود اسان جي پنهنجي ضابطي کان ٻاهر آهن، ۽ اهي ڪنهن اهڙي مخفي نظام جي تحت هلن ٿا، جنهن سان اسانجو ڪو واسطو ڪونهي. ڄمڻ کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين ٻار جا سڀ عضوا ڪم ڪن ٿا، پر پنهنجي فطري حالت ۾ ڪن ٿا ۽ انهن تي ٻاهرين دنيا جو اثر ڪونه ٿو ٿئي. هن حالت ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم، ڪن ۽ اکيون ٿا ڪن جو به آواز پيدا ٿئي ٿوسو ڪَنَ ٻڌن ٿا، ٻار چاهي يا نه چاهي اکين جي ڏسڻ جو ڪم به انهنجي قوتن جي آهر پنهنجو پاڻ ئي ٿئي ٿو. اسان چاهيون يا نه چاهيون، پراکيون ضرور ڏسنديون. (جيڪڏهن انهن کي بند نه ڪيو وڃي) هاڻي ڇاڪاڻ ته زبان جي معاملي ۾ ٻڌڻ واري فعل کي وڏي ۾ وڏو هٿ آهي، اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته زبان جو ڳچ جيترو حصو ٻار سڀاويڪ وسيلن سان سکي ٿو ۽ هي وسيلا ايترا مضبوط آهن، جو هنن جو مقابلو ڪوبه هٿرادو وسيلو ڪري نه سگهيو آهي. زبان سيکارڻ جا جيڪي هٿرادو وسيلا اڄ تائين آزمايا ويا آهن،انهن ۾ به سڀاويڪ وسيلن کان وڏي مدد ورتي ويئي آهي. مثال طور (Direct method) سڌو سنئون طريقو جيڪو ٻوليءَ سيکارڻ لاءِ، يورپ ۾ ۽ اسان وٽ استعمال ڪيو ويو آهي، ان ۾ وڏي ۾ وڏو خيال اهو رکيو ويو آهي ته ٻار کي سڀاويڪ طريقن مان فائدي وٺڻ جي وڏي ۾ وڏي سهولت موجود ڪري ڏني وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سڌي سنئين طريقي ۾ ٻڌڻ جي مشق کي بنياد طور قبول ڪيوويو آهي. مادري زبان ۾ ته هي طريقو پنهنجو پان ئي ڪم ڪري ٿو، پر ڌاريءَ زبان ۾ هن طريقي کي ڪم ڪرڻ لاءِ خود آواز پيدا ڪرڻ، ڳالهائڻ ۽ اُچارڻ جي عملن کي سڌاري پوءِ استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻار، جو ڪجهه به ٻڌي ۽ حاصل ڪري سو بي عيب ۽سٺيءَ ٻوليءَ جو مواد هجي. ان ڪري سڌي سنئين طريقي جي تحت زبان سيکارڻ وارو زبان جي پاڙهڻ جي علم جو ماهر ته هوندو آهي، پر ان کي زبان جي مهارت به حاصل ڪرڻي پوندي آهي. هنن ڳالهين کان پوءِ پاڙهڻ وارن لاءِ رڳو اها ڳالهه ضروري آهي ته جا معياري ۽ مڪمل ٻولي هوپاڻ ڳالهائن ٿا تنهن جي ٻڌڻ جو موقعو ٻارن کي موجود ڪري ڏنو وڃي. اهوئي سبب آهي جو ڌاريءَ زبان جي پاڙهڻ واروڪلاس ۾ وڏي ۾ وڏو زور چوڻ ۽ چوائڻ تي ڏيندو آهي. هي طريقو به سڀاويڪ طريقي جو مقابلو ڪري نه سگهيو، ان ڪري انگريزي زبان جي تعليم پاڪستان ۾ ناڪام ٿي ويئي. وڏو مونجهارو هن ڪري پيدا ٿيو جو ٻار مادري زبان جي مقابلي ۾ ڌاريءَ زبان کي قبول ڪري نه سگهيا. خاص ڪري انهيءَ حالت ۾ جو ٻنهي زبانن جي سکڻ جو عمل ٻار ساڳئي وقت ڪري رهيو هو. هن جي لاءِ اهو مشڪل هوته هو فطري ۽ سڀاويڪ طريقن جي مقابلي ۾، مصنوعي طريقن ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏئي. ڪلاس ۾ ڪوبه شاگرد وڌ ۾ وڌ ڏيڍ ڪلاڪ روزانو زبان جي طرف متوجهه رهي ٿي سگهيو، پر ٻاهر هرڪو ٻار چوويهن ڪلاڪن مان باقي سڄو وقت پنهنجي مادري زبان جي ماحول ۾ رڌل ٿي رهيو، ان ڪري ڌاريءَ زبان کي هوپنهنجي فطري قابليت ۾ شامل ڪري نه سگهيو.

پر اڃا به وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ٻوليءَ جو معاملو ٻار جي لاءِ ڪلچر جو معاملو به هو ان ڪري جنهن وقت سنڌ ۾ انگريزيءَ جو ڪلاس شروع ٿئي ٿيو، ان وقت هڪ ئي ڪلاس ۾ رڳو به ٻوليون نه، پر ٻه ڪلچر به ڪم ڪري رهيا هئا. انهن ٻن مان هڪڙوڪلچر ته ٻار جو پنهنجو ۽ ويجهو ڪلچر هو،۽ ٻيو اهو ڪلچر هو جو ٻوليءَ جي معرفت يعني بالواسطه ٻار جي ذهن ۾ داخل ڪيو ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته ٻار جي ذهن ۾ پنهنجي ڪلچر کان سواءِ ڪنهن به بئي ڪلچر جي جاءِ موجود نه هئي، ان ڪري هوانگريزي سکڻ کان پوءِ به سنڌي رهيو، ۽ ان ڪري انگريزي ٻوليءَ کي به جيءَ ۾ جاءِ ڏئي نه سگهيو.

وري هڪ ڳالهه هيءَ به آهي ته طريقو ڪهڙو به هجي پر ٻوليءَ جي سکڻ ۾ وڏو سوال اهي سوچڻ جو. اسان وٽ جنهن وقت ٻار انگريزي دهرائي رهيو آهي،ان وقت به هو سنڌيءَ ۾ سوچي رهيو آهي، جا ڳالهه هن لاءِ سڀاويڪ آهي، ان ڪري اسان جو ٻار سنڌيءَ جي مقابلي ۾ ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ کي قبول ڪري نٿو سگهي.

وري ٻي وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ٻار جي سڀني صلاحيتن مان ٻولي سکڻ واري صلاحيت ئي آهي، جا ٻوليءَ سکڻ ۾ ٻار جي مدد ڪري سگهندي. جيڪڏهن هڪڙي صلاحيت کي جدا جد زبانن جي سکڻ ۾ صرف ڪبوته پوءِ ظاهر آهي ته ڪنهن به هڪ زبان جي طرف ٻار جو توجهه مڪمل طور تي وڃي نه سگهندو، ان ڪري سڄي صلاحيت ورهائجي ويندي، ۽ ٻار ڪابه ٻولي پوري صلاحيت سان حاصل ڪري نه سگهندو، ان ڪري ٻوليءَ جي قابليت ٻار ۾ پوريءَ طرح پيدا نه ٿيندي، يعني هو ڪنهن به زبان ۾ مهارت حاصل ڪري نه سگهندو. اهڙيءَ حالت ۾ وري به هن جي وڏي ۾ وڏي صلاحيت مادري زبان ۾ هوندي ۽ ان ڪري، باوجود تعليم جي سڌريل طريقن جي به، اسان جو ٻار هڪ زبان جو ڄاڻو ئي رهندو.

هنن خطرن کي پاڪستان ۾ انگريزي زبان پاڙهڻ وارن گهڻو اڳي ئي محسوس ڪيو هو. ان ڪري هن صديءَ جي پنجين ڏاڪي ۾ اسان جي تربيتي ادارن ۾ ٻولين پاڙهڻ وارا استاد روزانو اها ڳالهه ڪندا هئا ته انگريزيءَ جو معاملو ته رڳو ايترو آهي ته هُن ٻوليءَ کي ڪم هلائڻ لاءِ سکڻ گهرجي، جنهن جو مطلب اِهو هوته ڪم جيڪڏهن هلي ٿي سگهيو ته رڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ ۽ نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾. ظهار آهي ته اهو تاثر به برٽش ڪائونسل جو پيدا ڪيل ۽ ڏنل هو، ۽ اهڙو تاثر ڏيڻ هنن لاءِ ان وقت تمام ضروري هو، ڇو ته پاڪستان انگريزي ٻوليءَ کي مادري زبان جي مقابلي ۾ رکڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو هو.

ان کان پوءِ زبان پاڙهڻ ۽ ڌاريءَ زبان پاڙهڻ جا نظريا اسان جي ملڪ ۾ ڦري ويا، پر اسان جي آفيسر صاحبن ۽ وڏن مانهن وقت جي هن حقيقت کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ وڌ ۾ وڌ تعداد ٻارن جو انگريزي اسڪولن (Convents) ۾ وڃڻ لڳو.

اڄ حالت هيءَ آهي جو سڀئي زبان جا ماهر متفق آهن ته تعليم رڳو مادري زبان ۾ ڏئي ٿي سگهجي، ۽ ڏين گهرجي، پر اسان جي ملڪ جي ڪانوينٽس ۾ اڄ به ٻار وڏي انداز ۾ شامل ٿي رهيا آهن.

پاڪستان ۾ تعليم جي ناڪاميءَ جو وڏو سبب ته اهو آهي ته ٻار کي مادري زبان کان ڇني ۽ جدا ڪري ڌاريءَ زبان جي ٻوهي ۾ ڏنو ويو آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سائنس ۽ فني تعليم جي ترقيءَ جا جيڪي سبب آهن، انهن مان هڪ ته هي آهي ته هنن ملڪن ۾ تعليم انگريزيءَ ۾ ڏني ٿي وڃي، جيڪا اُتي مادري زبان آهي، ان ڪري انهن ملڪن ۾ ٻارن کي ڪلچرن جي مقابلي ۽ صلاحيتن جي تفريق جو  شڪار ٿينو ڪونه ٿو پوي.

ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ ٻاتائڻ جو معاملو به ڏاڍو دلچسپ آهي. ٻاتائڻ جو سبب ماهر اهو ٿا ٻڌائن ته ٻار جا ڳالهائڻ وارا عضوا ۽ خاص ڪري زبان، پوريءَ ريت ڪم نٿي ڪري، انڪري ٻار لفظ جو اُچار صحيح ڪري نٿو سگهي. ٻاتائڻ لاءِ ٻار جي پوري جسماني صحت کي به جوابدار ٺهرايو ٿو وڃي ۽ ان جي ويجهڙي ماحول کي به ٻاتن ٻارن جي وچ ۾ پلجڻ وارو ٻار به ٻاتائي ٿو، توڙي جو پنهنجي جاءِ تي هو ٻاتو نه آهي. ڪمزور ۽ هيڻو ٻار به پنهنجا چپ ۽ زبان پوريءَ ريت ڪم آڻي نٿو سگهي، ڇو ته ڪي بيماريون به اهڙيون آهن جن جو اثر زبان ۽ چپن تي پوي ٿو. پر ٻاتائڻ وارو ٻار به لفظ جو غلط اُچار ۽ آواز قبول نٿو ڪري. ماحول ۾ ٻوليءَ جي معيار مطابق قبول ڪيل اُچار ٻار جو به قبول ڪيل اُچار آهي، توڙي جو هو درست اُچار پاڻ ڪري نٿو سگهي. اسان جي سامهون اهڙا مثال به آهن، جن ۾ اسان ڏٺو آهي ته جيڪڏهن هڪڙو ٻاتو ٻار ”ٻڪريءَ“ جو اُچار ”ٻتڙي“ ٿو چوي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ٻار جي ذهن ۾ لفظ جو اُچار جيڪو موجود آهي، سو معياري ۽ قبول ڪيل آهي، پر اُها رڳو هن جي زبان جي هٻڪ آهي، جنهن جي ڪري هو اُچار کي درست نموني ۾ ظاهر ڪري نٿو سگهي. اهڙيءَ حالت ۾ اهو نطريو ته ٻار جي غلط اُچار ڪرڻ جي ڪري ٻوليءَ ۾ تبديلي اچي ٿي وڃي، ڪجهه وزندار معلوم نٿو ٿئي.

صوتي تبديلين وارو ويچار هن ڪري به پختو نه آهي، جو انهن تبديلين جي باوجود به زبان جي گنج ۾ ڪو فرق ڪونه آيو آهي. رڳو سنڌ ۾ ئي لوڏا، ڌَنڪون ۽ لهجا ڪيترائي آهن، پر ته به زبان جو گنج انهن کان متاثر نه ٿيو آهي، ۽ پوري زبان پنهنجي گنج هئڻ واري حيثيت ۾ باقاعدي ڪم ڪري رهي آهي.

هن وقت تائين اسان ڏٺو آهي ته ٻار جي مجبورين، عادتن ۽ بيمارين يا ٻين سڀاويڪ حالتن جي ڪري، ٻوليءَ جو گنج متاثر نٿو ٿئي، پر ته به ٻوليءَ جي بيهڪ ۽ ٻاهرينءَ شڪل ۾ تبديل جا اهڃاڻ ملن ٿا. معياري زبان اُها آهي جا عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪم اچي ٿي، ۽ اهڙي زبان ۾ اسان ڪيترائي اهڙا اهڃاڻ معلوم ڪري ٿا سگهون، جن مان ثابت ٿو ٿئي ته ٻوليءَ جي ٻاهرين شڪل ۾ تبديلي اچي ٿي سگهي. سو هيئن جو ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جن جي اڳياڙي ڪٽجي ٿي وڃي، ۽ ڪيترائي ٻيا اهڙا آهن، جن جي پڇاڙي. ٻنهي قسمن جي تبديلين جا سبب جدا جدا ڪري ٿا سگهجن. لفظن جي اڳياڙي ڪٽجي وڃڻ لاءِ سبب هي ٿو ٿي سگهي ته ٻار ٻڌل لفظ جو رڳو ڦڙلاءُ يا پڙاڏو ٿو ٻڌي، ڇو ته آواز هوا ۾ تحليل ٿي ٿو وڃي، ۽ ڇاڪاڻ ته ٻار ۾ اڃا جهٽڻ ۽ هٿ ڪرڻ واري صلاحيت نامڪمل آهي، انڪري هو يا ته لفظ جو اڳيون حصو ٻڌي ئي ڪونه ٿو، يا ٻڌي ٿو ته پوءِ جهٽي نٿو سگهي، يا جهٽي ٿو ته هٿ ڪري نٿو سگهي، يا هٿ ڪري ٿو ته ورجائي نٿو سگهي. ان ڪري ٻار ٻڌل لفظ جڏهن وري ٿو ورجائي يا چوي ته لفظ جو پويون حصو وڌيڪ چٽو ٿو چوي، يا بنهين چوي ئي اُهو ٿو ۽ اڳيون حصو ڇڏي ٿو وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻار جي اڳيان جڏهن لفظ ”ابا“ چيو ٿو وڃي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي صلاحيت مطابق الف واري حرف علت کي ڊگهو ڪيو نٿو وڃي، ۽ اُن ڪري لاشعوري طور تي به الف تي بيهڪ ۽ زور نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري ساڳيو اُچار جڏهن ٻار ٻڌي ٿو تڏهن ساڳي ئي اصول تحت هو لفظ جو اُهو حصو وڌيڪ ٿو هٿ ڪري، جنهن ۾ حرف صحيح يعني ”ب“ جو استعمال ٿيو آهي. انڪري ابا لفظ جو اُچار سنڌي ٻار اڳ ۾ ”ب“ ڪندو ۽ تنهن کان پوءِ اڳتي هلي ”با“ ڪندو ۽ ”ابا“ رڳو تڏهن چوندو جڏهن هو وڏو ٿي ويندو ۽ تنهن کان پوءِ اڳتي هلي ”با“ ڪندو ۽ ”ابا“ رڳو تڏهن چوندو جڏهن هو وڏو ٿي ويندو ۽ ٻاراڻي اوسٿا ۾ نه رهندو. اهڙيءَ طرح لفظ ”اما“ ۽ ”اڙي“ ۾ به پهريون اکر الف ٻار ڪيرائي ٿو ڇڏي. ٻار جي هن سڀاويڪ مجبوريءَ جو اثر اسان جي ٻوليءَ جي سِٽا تي اهو پيو آهي، جو اسان جي ڳالهائڻ واري ٻوليءَ ۾ لفظ ”ما“، ”با“ ۽ ”ڙي“ عام استعمال ٿي رهيا آهن.

وري ڪٿي ڪٿي حرف صحيح کي به اسان ڇڏي ڏنو آهي، جيئن لفظ ”عبدالرحمان“ کي اسان”عدرحمان“ ٿا چئون، جيئن لفظ ابراهيم ۾ اسان ”الف“ کي ڪيرائي ۽ ”ي“ کي کائي اسان رڳو ”براهم“ وڃي بچايو آهي. اهري قسم جي ”ڪتر“ جو سبب رڳو ٻار نه اهن، پر وڏا به ڪن اڻٽر حالتن تحت اهڙي قسم جي ڪتر جو سبب بڻجي پيا آهن.

اهڙن لفظن کي اسان وڍيل لفظ ٿا سڏيون ۽ وڍيل لفظن ۾ ”منڍيل“ ۽ ”پڇڙيل“ لفظ اچي ٿا وڃن. منڍيل لفظ اُهي آهن، جن جو منڍ ڪٽيل آهي، ۽ پڇڙيل لفظ اُهي آهن جن جي پڇڙي ڪٽيل آهي.

ڪنهن ويچاري چيو آهي ته ”انسان جي حياتيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي ڳالهائڻ.“ ڊارون صاحب کان پڇيائون ته ”ميان، انسان جي عمر جو اهو ڪهڙو حصو آهي جنهن ۾ هو تمام گهڻو ڳالهائڻ ٿو سکي“. تڏهن چيائين”بابا پهريان ٽي سال“.

ٻار جي زبان جا ٽي دور مقرر ڪري ٿا سگهجن. 1- هنگڙيون ڏيڻ، 2- ٻاتائڻ، 3- ڳالهائڻ. پوئين دور کي وري ٻن دورن ۾ ورهائي ٿو سگهجي. هڪ ٻاراڻي ٻوليءَ جو دور، ٻيوسماجي ٻوليءَ جودور.

پهرئين دور ۾ ٻار کيکراٽيون ٿو ڪري، يا چيخون ۽ ڪوڪون ٿو ڪري، پوءِ روئي ٿو، سِرڪي ٿو ۽ پوءِ ڏکارو ٿي ۽ ويچارو ٿي ٿو ڏيکاري ۽ پوءِ مرڪي ٿو تنهن کان پوءِ هلڪڙا هلڪڙا ٽهڪ ٿو ڏئي. هي سڀيئي ڏاڪا ٻار جي زبان جا پهريان ڏاڪا آهن ۽ هنن مان هڪ – هڪ پنهنجي جاءِ تي زباندانن لاءِ اهم ۽ ضروري آهي. ڇو ته هاني ٻوليءَ جو مقصد ۽ اصل معنيٰ (Meaning) کي سمجهيو ٿو وڃي ۽ نه لفظن کي. (هن باري م ڏسجي منهنجو مضمون ”اسان جي اڻ ڳالهايل زبان“ ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل) هن دور جي ٻوليءَ جي خصوصيت اها آهي ته هن دور ۾ ٻار جي اندر ذهن ۾ هڪ”معنيٰ“ جنم وٺندي آهي. معنيٰ جو هن مقام تي پيدا ٿيڻ فطرت جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي ۽ سماجي زندگيءَ جو هڪ تمام وڏو معاملو. هانوڪي تحقيق مطابق هيءَ معنيٰ هڪ نفسياتي ڪيفيت جي آهي ۽ هن جو اظهار اڳ ۾ سوچڻ (Thinking) سان ٿئي ٿو، ان ڪري هانوڪن اڪابرن کي پَڪ ٿي آهي ته ٻولي رڳو اُها نه آهي، جا لفظن جي صورت وٺي ظاهر ٿي ٿئي، پر ٻولي اُها به آهي جا ذهن ۾ چرپر ٿي پيدا ڪري. هن مقام تي ٻار جي هرڪا حرڪت ماءُ ۽ دائيءَ جي لاءِ ڪانه ڪا معنيٰ ٿي رکي. هن باري ۾ هڪڙو دلچسپ سوال هي آهي ته آخر ٻار جي ذهن جي معنيٰ کي ماءُ ڪيئن ٿي سمجهي سگهي، ۽ وڌ ڳالهه ته دائي ڪيئن ٿي معلوم ڪري سگهي. هن سوال جي جواب ۾ نفسيات جي عالمن ڪجهه چيو هوندو يا چوندا، پر منهنجو خيال آهي ته اُهو هن ڪري آهي جو”معنيٰ“ پنهنجي بڻيادي حالتن ۾ انسان جي سڀاءُ ۽ فطري لڳاءُ ۽ لاڳاپي ۾ پيدا ٿيندي آهي. هاڻي ڇاڪاڻ ته فطري لڳاءُ ۽ لاڳاپي جي لحاظ کان فقط ماءُ ئي ٻار جو پهريون ۽ ويجهي ۾ ويجهو مائٽ آهي، انڪري ان کي ئي سڀ کان اڳ ۾ هيءَ معنيٰ سمجهڻ گهرجي. (هن سڄي ڳالهه کي سمجهڻ جي لاءِ ”مامتا“ کي سمجهڻو پوندو، جنهن کي تفصيل سان لکڻ جي هت گنجائش ناهي).

ٻار جي هنن ڪيفيتن مان ماءُ ڪونه ڪو اندازو لڳائي، ڪونه ڪو تحرڪ وٺندي آهي، ۽ اهڙيءَ ريت ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ هڪ قسم جي معنيٰ جي مٽا سٽا ٿيندي آهي، ۽ انهيءَ مٽا سٽا کي ئي اسان ٻوليءَ جو بنياد تصور ٿا ڪريون.

جڏهن ٻار جي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي ٿي وڃي ته جڏهن به هو رڙيون ٿو ڪري، روئي ٿو، ۽ ٻاڪاري ٿو، تڏهن هن کي ڪانه ڪا شئي کائڻ لاءِ يا ٿڃ پيئڻ لاءِ ملي ٿي وڃي تڏهن هو هاسيڪار روئڻ شروع ٿو ڪري. (ٻار ڪڏهن ڪڏهن هنج ۾ کڻڻ سان، چوڙ کڻڻ سان، ڀاڪر پائڻ سان، پيار ڪرڻ سان يا مٺيون ڏيڻ سان به راضي ٿي ويندا آهن، ڇو ته هن طرح سان هنن جي ڪنهن نه ڪنهن ذهني خواهش ۽ بک جي تسڪين ٿي ٿي وڃي). سڌريل ۽ سمجهدار مائون ٻار جي ذهني خواهشن کي سمجهي سگهنديون آهن ۽ جدا جدا خواهشن جي حالت ۾ جدا جدا تحرڪ وٺنديون آهن. هن منزل تي ٻار جي روئڻ جي نموني مان ئي ماءُ ٻار جو مطلب سمجهي وٺندي آهي. ٻار چٻ ڪڍندو ته ماءُ سمجهندي ته ڏکارو آهي، سو سيني سان لڳائينديس، اڃا نه پرتو ته مِٺي وٺنديس، اڃا نه پرتو ته مُنهن مُنهن تي رکنديس ۽ ريجهائينديس، نيٺ پرچي ويندو.

روئڻ۽ رڙين ڪرڻ جو اثر ٻار جي جسم تي به پوي ٿو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪي ٻار مُنڍ ۾ تمام ڏاڍيان روئندا، سي اڳتي هلي وڏي ۽ چڱي آواز وارا ٿيندا ۽ ٿي سگهي ٿوته ڳائڻا به ٿي پون.

ٻار جي ٻوليءَ جو ٻيو ڏاڪو آهي ٻاتائڻ وارو. ان ڏاڪي تي ٻار ۾ ٻڌڻ، نقل ڪرڻ يا اهل ڪرڻ، ورجائڻ ۽ وري وري چوڻ جو عمل ڪارفرما هوندو آهي. هن دور ۾ ٻار هٻڪندو آهي، هڏڪندو آهي ۽ ڪن لفظن تي زور ڏئي سوچيندو آهي. لفظن سان گڏ ٻوليءَ جا ٻيا وسيلا جهڙوڪ، ”هُون“ ۽ ”اونهون“ به استعمال ڪندو اهي. هن ڏاڪي تي ٻار وڍيل لفظ ۽ پڇڙيل يا منڍيل لفظ پيدا ٿو ڪري. هن ڏاڪي تي ٻوليءَ جا معيار ٻار جي لاءِ گهر جا ڀاتي ۽ خاص ڪري ابو-امان آهن، ڇو ته ٻار جو ماحول محدود آهي. گهر جا ڀاتي ٻار جي ٻوليءَ تي جيڪو اثر ٿا ڇڏين، اُهو ڪيترن ئي نمونن جو آهي. سڀ کان اڳي ٻار وڏن جا آواز ٿو جهٽي، ۽ پنهنجي صوتي زبان ٿو ٺاهي، جا هن جي پهرين زبان آهي. تنهن کان پوءِ ٻار لفظ ٿو سکي ۽ اُچاري تنهن کان پوءِ جملا. مثال طور کير گهُرڻو هوندس ته ٻه طريقا استعمال ڪندو، اڳي چوندو ”کير!“ جنهن جو مطلب آهي کير ڏيو، ۽ پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ چوند ”کير ڏيو“، يعني جملو ٺاهيندو. انڪري ٻوليءَ ۾ ٻاراڻيءَ حالت ۾ هڪ لفظ به ٻوليءَ جي جملي جي حيثيت وٺي ٿوسگهي.

ٻوليءَ جي تربيت هن طرح سان سڀاويڪ وسيلن ۽ طريقن سان ڏني ٿي وڃي، پر اسان جي گهرن ۾ اسڪول جي عمر کان اڳ ۾ ئي هڪ نصاب زبان سيکارڻ جو رائج رهيو آهي. هي طريقو هٿراڌو طريقو آهي، ۽ ڀانئجي ٿوته ڪنهن آڙاهه ڪاريگر ۽ زباندان سنڌي ٻوليءَ جي هن نصاب کي مرتب ڪيو آهي. اُهو نصاب منهنجي گهر ۾ به لاڳو هو، ۽ مون پنهنجي سر پاڻ اسڪول وڃڻ کان اڳي يا ٻاراڻي واري سال ۾ اُهو نصاب به پورو ڪيو هو. انهيءَ نصاب جا ڪي قاعدا مان هت لکي ٿو ڇڏيان ۽ ان کان پوءِ انهن قاعدن تي وڌيڪ سمجهاڻي جي باري ۾ به عرض ڪندس. قاعدا هي آهن:

1. ڏُڌُ چاڏيءَ ۾ چاڏيءَ ۾ ڏُڌَ.

2. امڙ جي سڄي کٻي چيچ تي طوطو لنوين.

3. ٻن مان هڪ جو نالو آهي ”مانکو“ ٻئي جو ”ٻلو“ هاڻي تڪڙ ۾ نالا وٺو.

4. ”بو“ ۽ ”تو“ کي تڪڙ ۾ چوندا هلو، پر ٻنهي جي وچ ۾ ڳٽڪر جو آواز به پيدا ڪندا هلو.

پهرئين قاعدي جو مقصد آهي انهن حرفن جاآواز ڪرڻ،۽انهن جي مشق ڪرڻ، جيڪي اُچارڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا آهن. ڏال، ڍال ۽ چي جا آواز تمام تڪڙ ۾ ڪرڻ سان، اهڙن ۽ ٻين ڏکين آوازن ۽ اچارن ڪرن ۾ ٻار کي هڪ مشق مل ٿي وڃي. هن طرح سان اسان جي اڪابرن سنڌي ٻوليءَ جي آوازن واري علم جي باب ۾ خدمتون ڪيون آهن.

ٻئي قاعدي ۾ به ڏکين آوازن جي مشق آهي، ک، س، چ ۽ ط جو آواز ٻارن لاءِ خاصو مشڪل آهي، ان ڪري گهر۾ انهن کي مشق ڪرائي ويندي آهي.

ٽئين قاعدي ۾ لفظن جي وچ ۾ دم کڻڻ جي مشق ڪرائي وڃي. هن طريقي ۾ اسان جي گهر وارن استادن ڏاڍو چرچو به رکيو آهي، ۽ ان چرچي ۾ دم نه کڻڻ جي لاءِ هڪ سزا به موجود آهي، جا پنهنجو پاڻ ئي ٻار کي ملي ٿي وڃي، انڪري هي طريقو تمام ئي سڌريل طريقو آهي. جيڪڏهن مانکو ۽ ٻلو جي وچ ۾ دم نه کڻبو ته لفظ گڏجي پوندا ۽ پوءِ جملو ٿيندو ”مان کوٻلو“ کوٻلو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اڻوڻندڙ لفظ آهي، جنهن کي اسان سڀ سمجهون ٿا. پاڻ کي گار ڏيڻ جي خوف کان ٻار ويچارو ٻن لفظن جي وچ ۾ دم کڻندو ويندو. ۽ اهڙيءَ طرح صوتي سرشتي جي سکيا کيس ملندي رهندي.

چوٿين قاعدي ۾”ڳٽڪر“ جو مطلب به دم کڻڻ جهڙو آهي، پر هت ٻار جي لاءِ ڏکيائي ڪجهه وڌيڪ رکي ويئي آهي، انڪري هي قاعدو پوءِ پڙهايو ويندو آهي.

اهڙيءَ طرح جدا جدا هنڌن تي جدا جدا قاعدا هوندا. اسان کي گهرجي ته انهن جو مطالعو ڪريون. پنهنجي ٻوليءَ جي هِجي، صوتي سرشتي ۽ اچارن جي سيکارڻ لاءِ انهن جو استعمال ڪريون. خبر نٿي پوي ته اسان کي پنهنجي شئي پيش ڪرڻ کان لڄ الائي ڇو ٿي ٿئي. اسانجا ٻار انگريزي سکڻ لاءِ ته ٺينگ ٽپا ڏئي ٿا سگهن، پر سنڌيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري نٿا سگهن. هن ڳالهه جي دانهن ڪنهن کي ڏيون!

ٻاتائڻ واري زماني ۾ ڪي مائٽ ٻار کي جلدي جلدي ڳالهائڻ سيکارڻ لاءِ، ان جون غلطيون درست ڪندا ويندا آهن. طريقو غلط نه آهي پر اهڙيءَ تڪڙ جو فائدو ڪونه ٿو ٿئي. مائٽن جو فرض اهو آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي ڳڻتي ڪن، ۽ پنهنجي زبان کي معياري ۽ درست ڪن، ٻار پنهنجي ڳڻتي پاڻ ڪندا.

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ آهن، جن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته اُهي ٻار جي ٻاتائڻ واري عمر کان هليا آهن، ۽ پوءِ باقي سماج ۾ قائم رهجي ويا آهن. مثال طور: بحث جو بگڙيل لفظ ”بئنش“ ۽محشر جو”مهجھر“. ث جو اچار اسان جا ٻار”ش“ جهڙو ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت س جو اچار به ”ش“ جهڙو ئي ڪندا آهن، جيئن ”سائين“ کي ”سائين“ چوندا ۽ ”سون“ کي ”شون“. ان ڪري اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته ”بحث“ ٻاتائڻ واري حالت ۾ ئي ”بئنش“ بڻجي ويو هو. پر لفظ ”محشر“ جو بگاڙو سنڌي صوتيات جي حساب – ڪتاب سان ٿيو اهي. ڇاڪاڻ ته محشر ۽ مهجھر ۾ صوتي وزن ساڳيو آهي، تنهنڪري سنڌيءَ پنهنجو لفظ به پيدا ڪري ورتو آهي، جنهن جي معنيٰ اُهائي ساڳي آهي. اهڙيءَ طرح ”هوش“ لفظ ”هونش“ ٿي پيو آهي ۽ ”حوصلو“ ”حونصلو“. هي بگڙيل لفظ هينئر اسان جي زبان جا پنهنجا لفظ آهن، ۽ هنن جي مطالعي مان اسان جي صوتيات جي سرشتي جو پتو پئجي ٿو سگهي.

ٻوليءَ ۾ پنهنجائڻ ۽ پنهنجائپ جو جيڪو اصول ڪم ڪري ٿو، انهيءَ هت ”بئنش“ لفظ کي اصل”بحث“ لفظ کان هڪ جدا معنيٰ ڏني آهي. اسان وٽ بئنش هوڏ ۽ ضد کي ٿو چئجي. هاڻي جيڪڏهن اسان جا پڙهيل ماڻهو بحث کي سدائين”بئنش“ چوندا ته ٻوليءَ جو هڪڙو لفظ استعمال مان نڪري ۽ آخرڪار مري ويندو. لفظ مئو ڄڻ هن ميخاني جي تنبوءَ جو ڪلو نڪتو۽ ان کان سڄي ماحول ۾ بگاڙو پيدا ٿيندو.

هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته خود ٻاراڻيءَ منزل تي به زبان پنهنجي واڌاري جو ڪم ڪندي ٿي رهي، ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان ٻارن جي لفظن کي هروڀرو”درست“ ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي ٻوليائي قوت ۽ ضرورت کي سمجهون. ٿي سگهي ٿوته ٻارن جا ٺاهيل لفظ اسان جي لاءِ ڪو وڏو ڪم ڏيندا هجن.

ٻارن جي ٻوليءَ جي ڪري اسان جي ٻوليءَ جي اڳئين ۽ هاڻوڪي ڇيد ۾ به لفظن جي حالت ۾ فرق آيو آهي. هن تبديل کي (Metanalyris) اڀياس سان معلوم ڪري ٿو سگهجي. اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ به آهن، جي مٿي ڏيکاريل طريقن کان ٻيءَ طرح بدليا ۽ مٽيا آهن. آوزن جي علم جي اصولن پٽاندر ٻار جڏهن لفظ ٻڌي ٿو، تڏهن لاشعوري طور تي هڪڙي ئي لفظ جي آواز کي ننڍن ننڍن آواز ۾ جهٽيندو ٿو وڃي. مثال طور لفظ کائڻ ۾ ٻه آواز آهن: هڪ ”کا“ ۽ ٻيو”ئڻ“. جيئن مٿي عرض ڪيو اٿم اسان حرف علت کي کائي ويندا آهيون. ان ڪري ساڳيو لفظ ”کيڻ“ ٿي ويو هو، ۽ اڃا به اڳتي هلي اهو لفظ ”کِڻ“ ٿي ويو. اهريءَ ريت ٻن پَدن وارو لفظ وڃي هڪ پَد جو ٿيو. هاڻي اها ڦير گهير هن ڪري ٿي آهي، جو ٻار آواز ورهائڻ ۽ ڀڃڻ جي باري ۾ ڀُل چوڪ جو شڪار به پئي ٿيو آهي، ته زبان جي سڀاويڪ طاقت، جنهن مطبق ”علت“ کي کائي ٿو سگهجي، ان جو اثر به پئي قبول ڪيو اٿس. انڪري لفظ جي اصلي ۽ پوئين ڇيد ۾ فرق اچي ويو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو هڪڙو لفظ آهي ”واندو“، جنهن جي معنيٰ آهي پالهو يا نکمڻو، هي لفظ چون ٿاته اصل ۾ ”واهوندو“ هو، جنهن جي معنيٰ هئي واءُ جهڙو، يا اڃا به واءُ وهينو يعني جاڏي هوا گهليس ته اوڏانهن هليووڃي. اصل لفظ ۾ ٽي آواز هئا ”وا- هون- ۽ دو“. هينئر هن ساڳئي لفظ جا آواز ٻه آهن: هڪ ”وان“ ٻيو ”دو“.

ڪٿي ڪٿي پَدن جو واڌارو به ٿيواهي، جيئن انگريزي لفظ (Dwindle) ڊئنڊل کي اسان ”ڊانوان ڊول“ ٿا چئون. هي به ڇيد جي ڦيرڦار جو مثال آهي. پر سنڌي لفظ ”ويجهو“ مان ”ويجهڙو“ بڻجي پوڻ به ڇيد جي وڌاءَ جو هڪ مثال آهي.

مٿئين بحث مان جيڪي ويچار ڦٽي ٿا نڪرن، اُهي هي آهن ته جهڙيءَ رت اهو خيال اڻپورو آهي ته زبان جي تبديل جو رڳو هڪڙو سبب آهي ۽ اُهو آهي ٻار، تهڙيءَ ريت اهو خيال به اڻپورو آهي ته ٻار جو زبان تي ڪو اثر ڪونه ٿو ٿئي. حقيقت اها آهي ته ٻار ۽ وڏو ٻيئي زبان جي ڦير ڦار ۾ هڪجيترا حصيدار آهن. ٻوليءَ جي معاملي ۾ ٻار ۽ وڏي جي وچ ۾ ”ڏي وٺ“ جو قانون به عمل ڪندو ٿو رهي. هت اسان ٻوليءَ جي انهيءَ پهلوءَ تي بحث ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻولي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچندي ۽ رسندي ٿي هلي. اڳتي هلي اهو ڏسڻو پوندو ته ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ٻوليءَ تي اثر انداز ٿين ٿيون.

ضياء الله غلام علي

قانون ۽ زندگي

جيڪڏهن ڪوبه انسان ايمانداريءَ سان گذاران ڪري، نه ڪنهن کي ڏئي نه ڏکوئي ۽ نه ڪنهن جو حق کائي وڃي ته پوءِ چئبو ته اهڙو انسان قدرتي طرح سان اخلاقي قانون موجب هلي رهيو آهي، ۽ ڪنهن به ملڪ جي قانون جي انحرافي ڪونه ٿو ڪري. ايترو چوڻ ڪهڙونه سولو پيو لڳي، پر قانون هڪ وڏي طاقت آهي جو پاڻهي پاڻ نمودار ٿئي ٿو.

حياتيءَ م ڏسبوته انجنيئر فقط مادي شين تي حڪمراني ڪري ٿو، ان جي برعڪس ڊاڪٽر نجي جاندار شين سان وابستہ آهي. ان طرح هر فرد جدا جدا ذميدارين ۾ جڪڙيل آهي. دنيا ۾ هوا ۽ روشنيءَ لاءِ به قانون مقرر آهي. پاڻيءَ جي رسد، واهپي، صفائيءَ ۽ سٿرائيءَ لاءِ به قانون آهي. کائڻ جي شين جي واهپي، انهن جي صفائيءَ ۽ اڻ ملاوت لاءِ به قانون آهي. گهَرو زندگيءَ جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ به قانون آهي جو حڪومت گهَڙي ٿي. اهڙيءَ طرح جاين جي حفاظت لاءِ جاين ٺهرائڻ لاءِ انجنيئر کي ايترو حق نه اهي ته بنياد مان ايتري مٽي ڪڍي وٺي جو ٻئي ڪنهن جي جاءِ يا ڀت کي سلامتيءَ سان بيهڻ ۾ ڪمزوري محسوس ٿئي. هن کي مناسب نموني ۾، پنهنجي ئي زمين جي ايراضيءَ مان مٽي ڪڍڻي پوندي، ايتري تائين جو سندس ڀت ٺهي سگهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر مريض جي آپريشن ڪرڻ وقت پوري سنڀال ڪرن لاءِ جوابدار آهي، ائين نه ته مريض ميز تي مري پوي، ۽ ڊاڪٽر ٻين ڪمن ۾ مشغول هجي ۽ پورو توجهه نه ڏيئي سگهي. ان سلسلي ۾ سندس مائٽ قانوني چاراجوئي ڪري سگهن ٿا. غلط علاج سان اگر هڪ مرض مان وري ٻيو مرض پيدا ڪري وجهجي ته پوءِ به ان صورت ۾ ڊاڪٽر تي قدم کڻي سگهجي ٿو.

اهڙيءَ طرح هر مرهلي تي قانون قانون آهي، يعني ته ڪشش جو قانون، چڱڀلائيءَ ۽ صحت جا قانون، ڪرڪيٽ ۽ فوٽبال راندين جا قانون، جاين جوڙائڻ جا قانون، رستن جا قانون، واهن جا قانون، ڪلبنجا قانون، ايتريقدر جو گهَرو زندگيءَ ۾ به اخلاقي قانون نمودار ٿئي ٿو. مثلاً گهر ۾ جيڪي ڀاتي رهن ٿا ۽ انهن مان جيڪو دير سان ايندو سو ٻاهرين در جو ڪڙو پائي پوءِ ايندو، يا ته جيڪو دير سان ايندو تنهن کي ماني پاڻ ڪوسي ڪري کائڻي پوندي! اهڙي نموني ٻيا به هزارين قانون آهن، جيڪي سول ۽ فوجداري قلمن ۾ نروار ٿيل آهن.

زندگيءَ ۾ ڏسندا ته ماڻهو جو ٻئي ماڻهو سان قانون جي ماتحت لاڳاپو رهي ٿو. قومن جو قومن سان ۽ ملڪن جو ملڪن سان به قانون تحت واسطو رهي ٿو. اهڙي نموني ۾ سموري ڪائنات ۾ قانون ئي قانون موجود رهي ٿو.

قدرت کي ڏسو، قانون موجب ڪيئن نه بهار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، پوءِ اونهارو، پوءِ سرءُ ۽ تنهن بعد سيارو، وري ساموندي ويرن کي کڻي ڏسو ته به قانون پيو ياد پوندو. قدرت کي پنهنجو قانون آهي، ڌرتي ڪيئن نه سج جي چوڌاري پئي ڦِري، ان ۾ ڪابه اهڙي حرڪت نطر نه ايندي جا ان جي قانون کان ٻاهر هجي.

اوهان روزمره جي زندگيءَ ۾ ڏسندا ته هر انسان تي قانون جو خوف طاهري آهي، ڇاڪاڻ جو قانون جي انحرافي ڪرڻ ڪري سزا ملڻ ناگزير ٿئي ٿي.

ان طرح رستي جي وچ تان هلڻ ڪري موٽر سان ٽڪر ٿيندو ۽ جسم کي ايذاءُ رسندو اهڙيءَ ريت جيڪڏهن قانون نه هجي ها ته پوءِ دنيا ۾ بيرحمي پيدا ٿي وڃي ها. اصل جهنگلي حالتون! ها سو ڳالهه ٿي ته هر هڪ انسان کي قانون لاءِ احترام آهي. انهيءَ احترام ڪري انساني دلين ۾ ٻين جي حقن ۽ واسطن لاءِ عزت ۽ حفاظت پيدا ٿئي ٿي، باقي گهڻائيءَ ۾ قانون جو احترام موجود رهي ٿو.

قانوني ڪورٽن ۾ هڪ عجيب ڪيفت ڏسڻ ۾ ايندي. انهن هنڌن تي اڪثر ڪري وڪيل، جج يا مئجسٽريٽ ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس هوندا آهن، رڳو ڳچيءَ واور پاسو سو البت اڇاڻ ڏيکاريندو ٻيو مڙوئي خير. اوهان ڪنهن به جج يا وڪيل کي گلاب جو گل ڪونه لڳل ڏسندا، ڇاڪاڻ جو ان مان ڪورٽ جي بي ادبي محسوس ٿي پوندي. اهڙي لباس ڪري ڪيفيت اهڙي نمودار ٿئي ٿي ته انصاف کي قانوني ترازوءَ ۾ تورڻو آهي ۽ نه خواه مخواه رونشو ڪري ڏيکارڻو آهي. قانون ڪجهه به آهي، پر جيڪڏهن ان جو احترام نه ٿئي، يا ان مان ڪو خوف نه جاڳي سگهي ۽ ماڻهو احتياط ۽ احترام کان پهلو تي ڪرڻ شروع ڪن ته پوءِ قانون ۽ ان جي نفاذ جو مقصد ئي فوت ٿي ويندو.

البت ڪورٽن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن چهچٽا به نظر ايندا آهن، جي خوشمزاجيءَ مان پيدا ٿين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته چرچا به ٿي پوندا آهن، پر اهڙا چرچا سرڪار جي طرفان ڪونه ڪبا آهن. ڪڏهن خوشمزاجي بينچ وٽان ته ڪڏهن وڪيلن جي واتان، ته ڪڏهن شاهد جي پنڃري مان نمودار ٿيندي آهي. مثال ڳوليندا ته لک ملي ويندا.

ڪنهن ڪورٽ ۾ مس ٽِڪل پاران وڪيل پيش ٿي رهيو هو ته جج صاحب فرمايو ته اوهان پنهنجي اصيل تي ٽِڪل (ڪتڪتولي) ڪندا ته وڪيل ورانيو ته سائين منهنجا مون کي ٽڪل ڪرن جي ڪابه نيت نه آهي، ڪورٽ کڻي وارو ڪري ٽڪل ڪري سگهي ٿي.

ٻئي ڪنهن هنڌ هڪ نئين وڪيل ڏٺو ته ڪورٽ سڳوريءَ جو فيصلو سندس حق ۾ نه هو سو اٻهرائيءَ ۾ چوڻ لڳو.“ ته”سائين مون کي تعجب پيو لڳي! ته ٺڪ ڪورٽ جي بي ادبي ڪرڻ جو نوٽيس وڪيل تي نڪتو. انهيءَ وڪيل جي ٻئي ڪنهن عمر رسيده آزمودگار وڪالت کنئي ۽ ڪورٽ کي عرض ڪيوته سائين منهنجا جيڪڏهن منهنجو اصيل مون وانگر تجربيڪار هجي ها ته جيئن مون کي تعجب نه پيو لڳي، تيئن هن کي به تعجب نه لڳي ها! نتجيو اهو نڪتو جو نوٽيس خارج ڪيو ويو.

ڪنهن ٻيءَ ڪورٽ ۾ جج انتهائي عجب ۾ پئجي ويو جڏهن ڏٺائين ته مدعاعليہ ڪورٽ ۾ وڏي ساز سامان سان گڏ ڪلهي تي ڪهاڙي کنيو پيو شاهد واري پڃري ۾  چڙهي. پنڃري ۾ بيهي اول ته جج، وڪيلن ۽ ڪورٽ ۾ ٻين ويٺلن جو سماءَ ورتائين، جج صاحب پڇيس ته ڪورٽ ۾ اهري خوفناڪ هٿيار کڻي اچڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟ ان تي تمام نوڙت ۽ آزيءَ سان وراڻيائين ته سائين منهنجا اوهان جي مليل سمن ۾ لکيل هو ته تون پنهنجو جوڳو بچاءُ ڪري اچجانءِ، سومون سمجهيو ته هي ڪهاڙو بچاءُ لاءِ ڪافي ٿيندو.

ٻيءَ ڪنهن ڪورٽ ۾ هڪ جوابدار تي موٽر جي چوريءَ جو الزام هو، ڪيس سيشن ۾ ڪمٽ ٿيو هو، وڪيل دليلبازي پئي ڪئي ته جوابدار جي وڪيل فرمايو، ”سائين منهنجو اصيل ۽ آءٌ ٻئي هم ڪلاسي آهيون، ورهين جا ورهيه گڏ پڙهيا هئاسين، مون کي ياد آهي ته هن ننڍي وَهيءَ ۾ هنداڻون به چوري نه ڪيو هو! سو هي سڄي ساري موٽر ڪيئن چوري ڪري سگهندو!“ڪورٽ ڪيس ڇڏي ڏنو.

هڪ ڪمسن ڇوڪرو سول ڪورٽ ۾ پنهنجي پيءَ جا ڪپڙا پهري آيو هو. بدن هوس ننڍو ۽ لباس هو وڏو، سو رونشو پئي لڳو. جج صاحب پنهنجي عينڪ لاهي چتائي نهاريو ۽ پڇا ڪيائينس: جواب ۾ عرض ٿيو ته ”سائين بابا جي ڪيل دعويٰ ۾ شاهدي ڏيڻي آهيم سو بابا وارا ڏنل ڪپڙا پهري آيو آهيان!“

هڪڙي ڪورٽ ۾ جج صاحب سرشتيدار کي چيو ته- ”شاهد کان پڇ ته تون اجائي گوٿناٿي پيو ڪرين سو ڇو؟“ سرشتيدار انگريزي وارو سوال سمجهي نه سگهيو سو شاهد کان پڇڻ لڳو ته ”ڇا تنهنجو مغز ٺڪاڻي آهي؟“ جواب ۾ عرض ڪيو ويو ته ”ها سائين“ سرشتيدار ڪورٽ کي ٻڌايو ته ”يس سر!“

سوال ڇا هو ۽ جواب ڇا مليو، مڙوئي قصو پورو ٿيو- انهن مثالن مان ثابت ٿئي ٿو ته وڪيل ۽ جج به مڙوئي انسان آهن، وقت تي ان قسم جي خوشمزاجي هر هنڌ ٿئي ٿي.

ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪيترائي ماڻهو قانون جو احترام لاشعوري نموني ۾ ڪندا رهندا آهن. هيمشه سڌو سنواٽو رهڻ ۽ سنون سڌن خيالن رکڻ سان زندگي سٺي نموني بسر ٿئي ٿي. پر اهڙي زندگي گذارڻ هڪ مشڪل ڪم پڻ آهي، ڇاڪاڻ جو قانون سڀ ڪنهن هنڌ حاضر ناظر نطر پيو اچي ۽ هر شيءِ سان واسطو رکي ٿو- ذرا راهه کان ذرو به هيڏي هوڏي هٽيو ته هڪ غلطي ۽ ذرا هوڏي لڙيو، ٻي غلطي. ماحول ۾ قانون پيدا ٿيو آهي ۽ هزارن سالن کان رهندو اچي ٿو، تنهنڪري قانون ٺاهڻ لاءِ ملڪ ۾ هڪ قومي انجمن ٿيندي آهي، جنهن جو ڪم آهي قانون سازي. ڪي نوان قانون پيا گهڙبا ته ڪي وري پراڻا بحال پيا ڪيا ويندا.

ڪڏهن ته ظاهر ٿي پوي ٿوته ننڍڙين حرڪتن تي به قانون اچي گرفت ڪري ٿو مثلاً اوهان پنهنجي گهر مٿان بيهي لغڙ چاڙهيو ۽ ٻئي ڪوٺي تي ٽپڻوپيو ته ڏور سلجهائي وٺان اهو به هڪ ڏوهه ٿئي ٿو.ا وهان ڪنهن ڀت تي ويهي ايتريقدر ٽنگون ٽيڙيون جو ٻئي کي ڌڪو کارايو اهو به ڏوهه آهي، يا ڪنهن ماڻهوءَ ڀت ۾ ڪوڪو ٺوڪيو، سو ٺوڪيندي ڪنهن ٻئي جي گهر ۾ داخل ٿي وڃي ۽ ات ڪو نقصان ڪري وجهي ته پوءِ اهو به قانون جي دائري اندر ڏوهه ٿي سگهي ٿو. يا اوهان پنهنجي گهر مان گند ڪچرو ڪڍي ٻئي جي گهر جي ڀت جي آڙ ۾ ڪٺو ڪريو ٿا سو به قانوني دائري ۾ اچي سگهي ٿو. يا اوهان پنهنجي گهر جي دريءَ مان ٻانهن ڪڍي ڪنهن کي روڪي وجهو ٿا، پوءِ اهو معمولي ڪم آهي، اهڙين ننڍين ڳالهين لاءِ هروڀرو قانون گردش ۾ نه ايندو. ماچيس جي چوري به اصل چوريءَ ۾ داخل آهي پر هلڪي شيءِ آهي، سو قانون جي مقصدن ۾ انسان لاءِ هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته پاڻ به جيئو ۽ ٻين کي به جيئڻ جو حق ڏيو. قانون سماج جي ميلاپ لاءِ هڪ رشتو قائم ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو هر هنڌ هر ڪم لاءِ قانون نروار ٿيل اهي. قدرت به قانون کي مڃي رهي آهي. سڀاڳا ۽ سدورا آهن اهي انسان جي قانون کي قانون سمجهي زندگي گذارين ٿا.

قريشي حامد علي”خانائي“ ايم. اي.

ممڙن جا درويش پوٽا

سنڌ جي سر زمين صدين کان وٺي هڪ تاريخي حيثيت جي حامل آهي. قديم زماني کان وٺي هيءُ ملڪ علم ۽ عرفان جو مرڪز، تهذيب ۽ تمدن جو گهَوارو پئي رهيو آهي. سنڌڙيءَ جي خاڪ جي ذرڙن کي اهو شرف حاصل آهي، جو هن جي مٽيءَ ۾ ڪيترائي درويش، ولي ڪامل، عارف، عالم، قلندر، قطب ۽ بزرگ هستيون ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. مادر وطن سنڌ جو هر شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ خدا جي نيڪ بندن ۽ نامور بزرگن جي مقدس مزرن، مقبرن، قبن ۽ خانقاهن سان سَٿيو پيو آهي. اوائلي زماني ۾ انهن درگاهن ۽ خانقاهن ۾ تصوف ۽ روحانيت جو فيض جاري هو. ساڳي وقت سڀاڳي سنڌ جي سرزمين اهڙي ته پرڪشش ۽ من موهيندڙ آهي جو هر دور ۾ ڪيترن ئي اعليٰ ۽ بزرگ شخصيتن پنهنجي اصل وطن جا وڻ ڇڏي، هن ملڪ کي پنهنجو دائمي گهر بڻايو. سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي وڏا خاندان آهن، جن جا وڏا عربستان ڏيهه کان ڪهي، سنڌ ۾ اسلامي تبليغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ آيا ۽ پوءِ هميشه لاءِ هتي رهجي پيا ۽ هن ملڪ کي ئي پنهنجو آخرين آرامگاهه بڻايائون. اهڙن عرب کان آيل جليل القدر بزرگن جي ”خالدي قريشين“ جي سلسلي جي هڪ شاخ ”ممڙن جا قريشي درويش پوٽا“ جي عرف عام ۾ ”کوهارا قريشي“ به ڪري سڏيا ويندا آهن[1]، ساهتي پرڳڻي جي هڪ پراڻي ڳوٺڙي ۾ علم و عرفان جا روشن چراغ هئا.

سندن وڏو بزرگ قاضي محمد درويش[2]، محمد بن قاسم فاتح سنڌ سان گڏجي سنڌ ملڪ ۾ آيو هو ۽ سنڌ جي قديم شهر ڪوٽ راءُ (ڪوٽڙي ڪنبير) جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، اتان جو قاضي مقرر ٿيو. قاضي صاحب اتان جي اصل هندو قلعدار جي نياڻيءَ سان عقد ڪيو، جنهن مان سندس سنڌ ۾ سلسله نسب شروع ٿيو. قاضي محمد درويش کي انهيءَ مذڪور سنڌي گهر واريءَ مان ٻه پُٽ ڄاوا: هڪ قاضي ميان عبدالوالي ۽ ٻيو قاضي ميان عبدالمعالي. اهي ٻيئي بزرگ ڪوٽڙي ڪنبير جي سوا لک مقام ۾ محو خواب آهن.

انهيءَ خاندان جي قاضي ميان عبدالوالي جي اولاد مان قاضي محمد ايوب ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ڪوٽڙي ڪنبير جي ڦٽڻ کان پوءِ لڏي درياء سنڌ جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ٻٻر ممڙ“ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي[3].

ممڙن جو نننڍڙو ڳوٺڙو ساهتيءَ جي قديم ڳوٺن مان هڪ آهي. هن موجوده دور ۾ صرف ”ممڙ“ جي واحد نالي سڏجڻ ۾ اچي ٿو. هن ڳوٺ جي متعلق ”تذڪره“ وارو صاحب لکي ٿو ته

”ممڙن جو ڳوٺ درياءَ سنڌ جي ڪناري تي مٿاهينءَ واري جاءِ تي ٻڌل آهي ۽ ساهتيءَ جي پراڻن ڳوٺن مان هڪ آهي. قريشي ميان محمد ايوب ارغونن ۽ ترخانن جي صاحبيءَ ۾ ڪوٽڙي ڪنبير جا ڀاڻ ڇڏي، اچي هن شهر ۾ سڪونت پذير ٿيو. قاضي موصوف وڏو جيد عالم ۽ اهلِ دل بزرگ هو. وقت جو حڪمران طبقو ساڻس اخلاق ۽ محبت جو برتاءُ ڪندو هو. سندس اولاد مان سڀيئي ولي الله، حال ۽ قال جا صاحب ٿي گذريا آهن“[4]

هن بزرگ اسلام جي تبليغ ۽ روحاني فيض ڏيڻ واسطي پنهنجو ابا جدي شهر ڇڏي اچي هن ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو. هن فقير جي بزرگيءَ، پاڪيزگيءَ ۽ پارسائيءَ وارو عارفانه مقام نهايت اعليٰ ۽ بلند هو. سندن پوين مان ڪيئي وڏا ڪامل بزرگ، متقي، زاهد، عابد ۽ فياض ٿي گذريا آهن. هنن سڀني درويشن جي طريقت جو سلسلو اويسي هو ۽هو هڪٻئي پٺيان پست بپشت ذڪر جي تلقين ڪندا هئا ۽ اهو طريقت جو سلسلو مرحوم عبدالخالق، آخري سجاده نشين تي اچي ختم ٿيو. افسوس جو قاضي عبدالخالق صاحب لاولد وفات ڪري ويو ۽ روحاني امانت سان گڏ سجاده نشيني به ختم ٿي ويئي. ائين کڻي چئجي ته هن خانقاهه جو روشن ڏيئو هميشه لاءِ گل ٿي ويئو.

اسان کي اهو ڏسي تعجب لڳي ٿو ته سنڌ جي مشهور مورخ ۽ تذڪره نگار مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي مشهور تصنيف تحفہ الڪرام۾ ساهتيءَ جي سواءِ ڪن چند شهرن جي، باقي اڪثر ڪيترن ئي قديم شهرن، ڳوٺڙن ۽ اتي جي عالمن، درويشن، شاعرن ۽ خانقاهن جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري هن خطي جي تاريخ تي اڃا تائين اونداهيءَ جو پردو ڇانيل نظر اچي ٿو. هن عالي نسب خاندن مان جيڪي اهل الله ۽ بزرگ شخصيتون پيدا ٿيون آهن، تن سڀني جو احوال تذڪره قريش ۽ تذڪره يعقوبي [5] ۾ بيان ڪيل ملي ٿو. اسان هت انهن قلمي مخطوطن مان منتشر احوال چونڊي چپوٽي يڪجاءِ ڪري وضاحت ۽ تفصيل سان بيان ڪريون ٿا. اگر اڃان به هن ڏِس ۾ گيسر ۽ اوير ڪجي ها ته زماني جي رفتار سان گڏ ماضيءَ جي تاريخ جو هي انمول ذخيرو به هميشه لاءِ اکين کان اوجهل ٿي وڃي ها! هن مضمون ۾ هن گهراڻي جي اڪثر سڀني بزرگن جي احوال ڏيڻ جو خيال هو، پر ڪن بزرگن جو احوال اڃا تائين دستياب ٿي نه سگهيو، تاهم هن وقت جيڪو به احوال ملي سگهيو آهي، سو پيش ڪجي ٿو.

قاضي صاحبن جي حويليءَ جي اُڀرندي طرف پراڻي درياءَ جي ڍوري مٿان هڪ قديم قبرستان آهي. جنهن جي وچين حصي ۾ هنن درويش پوٽن فقيرن جي آخري آرامگاهه ۽ خانقاهه آهي. شروعات ۾ هنن فقيرن جا لاش دفن ٿيڻ لاءِ، سندن اباجدي مقام ڪوٽڙي ڪنبير ۾ ”سوا لک“ ۾ آندا ويندا هئا، ليڪن سفر جي ڪٺن دشوارين ۽ زماني جي ڦرندڙ حالتن جي سببان قاضي ميان غلام علي بن محمد ايوب پنهنجن مريدن کي اها هدايت ڪئي هئي، ته جتي فقيرن جو ماڳ اهي اتي ئي آخرين آرامگاهه ٿيڻ گهرجي. کانئس پوءِ جن به بزرگن هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو، تن سڀني کي هتي جي خاڪ ۾ پيوند ڪيو ويو.[6]

مٿي بيان ڪيل قبرستان جي وچ ۾ ڪچي سرن جي چوديواريءَ جي اندر درويش فقيرن جا آخري آرمگاهه آهن. جيئن ته هي فقير تن ۽ جلالي طبع جا درويش هئا، کين زماني جي مشائخي ۽ مشهوريءَ سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي، ان ڪري سندن مزارن ۽ مقبرن تي ڪتبا لڳل نه اهن ۽ نه وري ڪو نقش نگار ئي آهي. هت انهن بزرگن جو احوال تفصيل سان بيان ڪجي ٿو.

1. قاضي محمد ايوب:

قاضي محمد ايوب وڏو متبحر عالم هو. هميشه عبادت الاهي ۽ مجاهدي ۾ رهندو هو. صاحبِ ڪرامت ۽ ولي ڪامل هو. وقت جي حاڪمن وٽ سندس وڏو اثر رسوخ هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪيترائي ناياب ۽ نادرالوجود ڪتاب تاليف ۽ تصنيف ڪيائين، جي اڄ زماني گذرندي عدم موجود آهن. سندس آخرين مسڪن ڪوٽڙي ڪنبير جي سوا لک ۾ آهي[7]

2. قاضي ميان غلام علي بن قاضي ايوب:

قاضي ميان غلام علي ارغونن جي پوئين دور ۾ حال حيات هو. پنهنجي دور جي تجريد ۽ تفريد جي صاحبن مان هو. وڏي ڄمار ۾ هن خاڪي جهان جو جامو بدلايو[8].

3. قاضي محمد ايوب بن غلام علي:

هي قاضي غلام عليءَ جو ناليرو فرزند هو. پنهنجي جد امجد وانگر ولي ڪامل ۽ ڪرامت ۽ ڪشف جو صاحب هو. شاگردن ۽ مريدن جي زور ڀرڻ تي، پنهنجي اباڻي وطن ڪوٽڙي ڪنبير ۾ اچي مدرسو کوليائين. هن وقت جتي سندس مزار آهي، اهوئي سندس رهڻ جو حجرو هو. زندگيءَ ۾ به اتي رهيو ۽ جهان ڇڏڻ کان پوءِ به آخرين آرامگاه ان کي بڻايائين. انهيءَ ساڳئي حجري ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪندو هو، جتي ڪيترائي ظاهري خواه باطني طالب علم ۽ فيض پرائڻ لاءِ ڪهي ايندا هئا. هن وقت حجرو ڊهي زمين دوز ٿي ويو آهي ۽ سندس مزار به ڊهي مٽيءَ جو ڍير ٿي پيئي آهي. تذڪره وارو صاحب لکي ٿو ته”بزرگ جي وفات کان پوءِ ان زماني ۾ هر ڪنهن رات جو سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ مدرسي جا شاگرد سندس مقبري تي حاضر ٿي ڪسب ڪمال، انشراح قلب ۽ ذڪي ذهن واسطي دعا گهرندا هئا. سندن سڀ مطلب پورا ٿيندا هئا[9].

4. قاضي ميان غلام علي:

فقير غلام علي وڏو عالم ۽ فاضل، صالح ۽ متقي، ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب هو. طريقت جي راهه ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽان نقشبندي ۽ پوءِ وري قادري طريقي ۾ راهه سوڪ جون منزلون طيءِ ڪيائين. تذڪره وارو صاحب هن بزرگ جي باري ۾ هن طرح سان رطب اللسان آهي ته ”هڪ دفعي فقير صاحب جي غير موجودگيءَ ۾ هڪ سيلاني فقير سندن خانقاه ۾ اچي ٽڪيو. هو سيلاني يقين ۽ معرفت جي مقام ۾ اعليٰ درجي تي هو. فقير ميان غلام عليءَ کي نرينو اولاد ڪونه ٿيندو هو. سيلاني فقير، وڃڻ وقت سندس شاگردن ۽ مريدن کي اها بشارت ڏيندو ويو ته فقير صاحب کي هڪ سعادتمند فرزند ڄمندو ۽ جنهن وڻ هيٺ سمهندو ان جو سايو نه ڦرندو. پنهنجي وقت جو وڏو ولي ڪامل، حال ۽ قال جو صاحب ٿيندو“[10]. انهن نشانين سان فقير صاحب کي پيريءَ ۾ ميان ٺاري نالي فرزند ڄائو. چون ٿا ته ميان ٺارو اڃا چوڏهن ورهين جي عمر جو مس ٿيو هو، ته کيس هڪ رات جو حضرت علي ڪرم الله وجہ جن زيارت ڪرائي ۽ خواب ۾ ذڪر جي تلقين ڏني، جنهن کي اويسي طريقو ڪري چوندا آهن[11]. فقير ميان غلام علي وڏي ڄمار ۾ ڪلهوڙن جي شروعاتي دور ۾ وفات ڪئي.

5. فقير ميان ٺارو:

فقير ميان ٺارو پنهنجي وقت جو وڏو عارف ۽ ولي ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ ڄمندي ڄام هو. هزارين عقيدتمند مريد ۽ روحاني فيض جا طالب سندس محبت جي منڌ جي سرڪي لاءِ دور کان ڪهي هلي اچي مخمور ٿيندا هئا. تذڪره وارو صاحب هن درويش جي متعلق لکي ٿو ته ”ميان ٺارو هڪ دفعي وڻ هيٺ گَهريءَ ننڊ ۾ ستل هو ته هڪ سيلاني درويش اچي اتان لانگهائو ٿيو. کيس ڏسي چيائين ته ”ڇوڪر ته ڀاڳوند آهي، پر نڌڻڪو ڏسڻ ۾ ٿو اچي. جڏهن اها ڳالهه سندس ڪن پيئي، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿيو. آخر هڪ رات ميان صاحب کي حضرت علي رضه جي زيارت نصيب ٿي ۽ کيس ذڪر جي تلقين ڪيائين“[12]

سندس متعلق هڪ ٻيو واقعو به مشهور آهي، جنهن کي اڪثر سڀني تذڪره نگارن مختلف نمونن ۾ ورجايو آهي. چون ٿا ته هڪ رات فقير صاحب خواب ۾ ڏٺو ته هڪ عورت ”مهر خاتون“ نالي حضور سرور ڪائنات جن جي حضور ۾ حاضر ويٺي آهي ۽ کين پکو پئي هڻي. فقير صاحب خواب ۾ ان پاڪباز عورت جي هڻ جو ڳوٺ به ڏٺو. ان کان پوءِ فقير صاحب ان نيڪ سيرت عورت سان عقد ڪرڻ جو خيال ڪيو. انهيءَ واٽ ۾ ڪشالا ڪٽيندي نيٺ هن کي ڳولي هٿ ڪيائين. ان ڳوٺ جو نالو وير ملو[13] هو. مائي صاحبه جي عزيزن کان سندس سڱ گهريائين. هنن ڏيڻ لاءِ هائو ڪئي پر اهو شرط وڌائون ته شادي ڪرڻ کانپوءِ وري واپس وطن نه ويندين ۽ پنهنجي ذات سان گڏ اسان جي ذات سڏائيندين. هو ذات جا کوهارا هئا، انهيءَ ڪري هي فقير صاحب پاڻ کي کوهارا قريشي به سڏائيند آهن. وفات ڪرڻ کان پوءِ سندس آخرين آرامگاهه به اتي ٿيو[14].

6. فقير ميان الهه بخش:

فقير ميان الهه بخش ميان ٺاري جو پٽ هو، هي سندس ڏاڏي پوٽيءَ گهر واريءَ مان هو. وڏي پايي جو عالم ۽ پرهيزگاريءَ ۽ دينداريءَ جي زيور سان سينگاريل هو. سندس زهد ۽ تقويٰ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. پاڻ سموري حياتي باوضوءَ گذاري ۽ ڪڏهن به پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺائين. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي، سان شروع ۾ سندس تعلقات ڪجهه وقت لاءِ ڪشيده رهيا. فقير صاحب کي پنهنجي آباء اجداد کان جيڪا سيري ورثي ۾ مليل هئي، سا به ميان صاحب کانئس زوريءَ کيسي ورتي. فقير صاحب صابر قسم جو مانهو هو تنهنڪري پاڻ صبر ڪيائين. آخر هڪ دفعي ميان نور محمد ڪلهوڙي سخت عليل ٿي پيو ۽ ڇوٽڪاري جي ڪابه واهه ڪانه هئي. ڪنهن کيس صلاح ڏني ته فقير ميان الهه بخش کي رنج ڪيو اٿوَ، هن کي گهرائي دعا ڪرايو. آخر ۾ فقير صاحب کين دعا ڪئي ۽ ميان صاحب نوبنو ٿي پيو. ان کان پوءِ کين هميشه لاءِ خداآباد ۾ رهائي ڇڏيائين (خداآباد موري جي ڀرسان آهي)[15]

هن درويش جي طبع ۾ سوزگداز گهڻو سمايل هو. عشق حقيقي سندس رڳ رڳ ۾ واسيل هو. پنهنجي انهيءَ عشق جي جذبات جو اظهار ڪڏهن ڪڏهن شعر ۾ پڻ ڪندو هو. شعر ڪيترو ۽ گهڻو چيو اٿس، ان جي ڪابه خبر پئجي ڪانه ٿي سگهي.

هن فقير وفات به ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ ڪئي. وفات کان ٿورو اڳ ۾ پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته منهنجي جنازي نماز اهو پڙهائي جنهن ۾ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جون وصفون هجن. سندس مقبرو موري جي ڀرسان ميان جي قبن ۾ آهي[16]

7. ميان محمد فريد:

پنهنجي ڀاءُ الهه بخش وانگر وڏو درويش ۽ صوفي بزرگ هو. هن بزرگ جي مزار به ميان جي قبن ۾ پنهنجي ڀاءُ جي ڀرسان آهي.[17]

8. ميان غلام علي بن ميان الهه بخش:

ميان الهه بخش جو ننڍو پُٽ هو. فقير صاحب جيئري پنهنجي روحاني امانت سان کيس سرفراز ڪيو هو. فقير صاحب زاهد، عابد، توڪل ۽ تقويٰ ۾ برک هو. هن فقير جو مقبرو به ميان جي قبن ۾ واقع آهي[18].

9. ميان ٺارو (ثاني):

مجذوب، سالڪ ۽ پنهنجي وقت ۾ معرفت جو صاحب هو. سندس صحبت مان ڪيترائي طالب فيض جا صاحب ٿيا. چون ٿا ته ڪنهن ڪنهن وقت شعر گوئي به ڪندو هو، پر زماني جي نيرنگين سببان سندس سمورو ڪلام ڪمياب آهي. سندس مزار ممڙن ۾ چوڪنڊيءَ جي ٻاهران ڪچين سِرن جو ڍير آهي[19].

10. فريد محمد

هيءُ بزرگ پنهنجي والد وانگر بلند مقام جو صاحب هو. سندس روشون ڪرامتون ۽ خوارق عادات عام ۽ خاص ۾ گهڻو مشهور آهن. سندس مزار سندس والد جي پهلوءَ ۾ ممڙن ۾ آهي[20].

11. ميان گنج بخش:

ميان گنج بخش وڏو ولي، اهلِ دل ۽ ڪشف ڪرامت جو صاحب هو. سندس مقبرو دادو ضلعي ۾ موندر ڳوٺ جي آسپاس آهي. سموري زندگي مجرد ٿي رهيو[21].

12- فقير ميان الهه بخش:

ميان غلام علي فقير جو فرزند هو. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿي گادي وسايائين. معقول ۽ منقول، فروع ۽ اصول، حديث ۽ تفسير ۾ کيس وڏو درڪ حاصل هو. علم ظاهريءَ کان فراغت حاصل ڪري، روحاني منزل جي طرف لاڙو رکيائين. ان راهه ۾ سلوڪ جون سڀ منزلون طيءِ ڪيائين. سندس ڪيتريون ئي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ناياب تصنيفون هيون، جي اڄ خبر نه آهي ته ڪهڙي اوڙاه ۾ گم آهن. سندس مزار ممڙن ۾ درويش پوٽن جي قبرستان ۾ آهي[22].

13. فقير ميان غلام محمد عرف غلام فقير[23]:

غلام فقير سالڪ مجذوب، حال ۽ قال جو ڌڻي هو. هميشه ڪاري کٿي پهريندو هو. سموري زندگيءَ ۾ شادي ڪانه ڪيائين۽ سمورو وقت زهد، فڪر ۽ ذڪر ۾ گذريائين. هي پنهنجي دور جو غوث هو. قلبي ذڪر بيهي ڪندو هو. کيس روحاني فيض جي امانت پنهنجي والد فقير ميان الهه بخش کان ورثي ۾ ملي. کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ لعل خان ۽ پنهنجي هميشره بيبيءَ ڌياڻيءَ سان ڏاڍو قرب هو. انهن ٻنهي جي وفات کان پوءِ اڪثر رنجور گذاريندو هو. سنه 1313هه ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس مزار ممڙن ۾ درويش فقيرجي مقام ۾ قبي اندر آهي[24]. سندس مزار اڄ به مرجع عام ۽ خاص آهي.

14. لعل خان فقير:

هيءُ غلام فقير جو وڏو ڀاءُ هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جو يگانو عالم هو. طريقت جي راهه ۾ پڻ ڏاڍا ڪشالا ڪيائين ۽ آخر ولايت واريءَ منزل کي رسيو. رسول الله صه، جن جي ساراهه ۾ هڪ مدح چئي هئائين، جا اڄ عدم پيدا آهي. کيس ميان حبيب الله ۽ ڀائي خان نالي ٻه پُٽ ڄاوا. ميان ڀائي بنان اولاد وفات ڪري ويو[25].

15. قاضي ميان حبيب الله[26]:

قاضي حبيب الله عربيءَ، فارسيءَ ۽ علم فقہ جو وڏو ماهر ۽ خدا ترس بزرگ هو. ممڙن مان هجرت ڪري بهلاڻيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس مقبرو بهلاڻيءَ ۾ پير قيصر وٽ آهي. قاضي صاحب کي چار فرزند ٿيا: قاضي عزيز الله، قاضي فيض محمد، قاضي نور الله ۽ قاضي ميان مير محمد. اهي سڀئي وقت جا وڏا عالم ۽ علم طب جا ماهر ٿي گذريا آهن.


[1]  هن خاندان جي سلسلي نسب جو بيان ”تذڪره خاندان قريش“ تان نقل ڪري، قاضي محمد درويش جي احوال تان ڏنو ويو آهي. (ڪوٽڙي ڪنبير – رسالو مهراڻ نمبر 1 ص 219-220 سال 1968ع)

[2] قاضي محمد درويش جو فصيل سان ذڪر قاضي محمد يعقوب خانواهڻ وارو ”تذڪره يعقوبي“ سن 1950ع ۾ هن طرح سان ڪري ٿو ته: ”قاضي محمد درويش ولي ڪامل، زماني جي مشائخن جو اڳواڻ ۽ جملي برڪتن ۽ فضيلتن جو صاحب هو. سندس مزار ڪوٽڙي ڪنبير جي سوا لک مقام ۾ واقع آهي. روايت آهي ته انهيءَ قربستان ۾ سوا لک اولياء الله جا آرامي آهن ۽ وڏيءَ برڪت ۽ انوار الاهيءَ جي  جاءِ آهي. ليڪن اڄ هي سارو قبرستان نابود۽ برباد حالت ۾ پنهنجي شڪسته حال تي مرثيہ خوان آهي. ڪوٽ راءُ (ڪوٽڙي ڪنبير) جي فتح کان پوءِ، پاڻ شهر جو قاضي بڻيو. قاضي صاحب هن شهر ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي هئي، جنهن ۾ اڪثر رات جو تهجد جي نماز اچي ادا ڪندو هو. اُتان جي هندو سردار، شهر تي ٻيهر قبضي ڪرڻ خاطر، قاضي صاحب کي ختم ڪرڻ ٿي گهريو. هندو نوجوان سپاهي کين مارڻ واسطي رات جي ڪنهن حصي ۾ لِڪي اچي مسجد ۾ ويٺا ۽ ڏسن ته قاضي صاحب اڳ ۾ ئي ٽي ٽُڪر ٿيو پيو آهي ۽ هر حصي مان ”الله، الله“ جو بلند آواز جاري هو. اها حالت لاڳيتي ست راتيون ڏٺائون. آخر هندو سردار خود اها روئداد پنهنجي اکين سان اچي ڏٺي ۽ ان واقعي کان متاثر ٿي هن قاضي موصوف کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو، جنهن مان کين ٻه ناليرا فرزند قاضي ميان عبدالمعالي ۽ قاضي ميان عبدلاوالي ٿيا جن جو سلسله نسب سنڌ ۾ شروع ٿيو (تذڪره خاندان قريش قلمي ف باب اول فصل دوم، تذڪره يعقوبي ق.س. باب پهريون ص5 کان 12 سن 1950ع)

[3] ڪوٽ راءُ (ڪوٽڙي ڪنبير) جو ڳوٺ ٽي دفعا تباهه ٿيو ۽ آباد ٿيو آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هن شهر کي باهه ڏني ويئي هئي ۽ ماڻهو لڏي ٻين هنڌن وڃي آباد ٿيا هئا.

[4] تذڪره خاندان قريش (ق-ف) در بيان ممڙائي درويش. ممڙن جو ننڍڙو ڳوٺ تعلقي ڪنڊياري ۾ محبت ديرو جتوئيءِ جي اولهه ۾ بچاءَ بند جي ڀِڪ سان آباد آهي. هن شهر جا اصلي رهواسي سيال قوم جا آهن. قديم زماني کان وٺي سندن آل ”ممڙ“ آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي انهيءَ نالي سان اڄ تائين سڏبا اچن ٿا. ٻيڙو سيال قاضي صاحب جو مريد هو جنهن کين لڏائي پنهنجي زمين ۾ اچي رهايو (قاضي عبدالخالق مرحوم ”ساهتي“ جا قديم علمي مرڪز)

[5] تذڪره يعقوبي: هن قلمي ڪتابجو مصنف سنڌ جو گوسي نشين اديب، عالم ۽ شاعر حڪيم قاضي محمد يعقوب بن امام بخش آهي. پاڻ هي ڪاب سنه 1951ع ۾ لکڻ شروع ڪيو هئائون. ڪيترن فارسي قلمي نسخن ۽ روايتن کي ڀيٽي هي ڪتاب تيار ڪيائون. هن جا ٻه باب مڪمل آهن ۽ باقي اڌ ۾ آهي. پاڻ نوابشاهه ۾ جناب خواجه صاحب جن جي هاءِ اسڪول ۾ انگريزي مدرس هئا، نظر جي خرابي سببان سنه 1962ع ۾ نوڪريءَ تان پينشن تي لٿا. هن وقت حال حيات آهن ۽ پنهنجي پيريءَ جا ايام نهايت ئي سڪون ۽ آرام سان بسر ڪري رهيا آهن. سندن هيٺيان ڪتاب سنڌي ادب ۾ يادگار جي حيثيت رکن ٿا: (1) سيده جو لال (شعر ۾) قلمي صورت ۾. (2) راهب ۽ جميلا شايع ٿيل سنه 1939ع لطيف پريس نوابشاهه. (3) فرياد قريشي (شعر). (4) ڪلام قريشي. (5) دلبر قريشي 2-1 (شعر ۾). (6) ذڪره يعقوبي. (7) بياض يعقوبي (علم طب) وغيره.

[6] قاضي ميان عبدالخالق مرحوم لک ٿو ته قبرستان جي ڀرسان هڪ وڏو پپر جو وڻ هوندو هو، جتي فقير غلام علي صاحب اڪثر اڪيلائيءَ ۾ وڃي ذڪر ۽ فڪر ڪندو هو. چوندو هو ته ان هنڌ مون کي بهشت جي ٿڌي ۽ مٺي هير لڳي ٿي. منهنجو آخري آرامگاهه به هتي ڪجو. ان کان پوءِ سندس سمورو اهل خاندان ا انهيءَ واريءَ جي ڪڻن هيٺ محوخواب آهي (قاضي ميان عبدالخالق مرحوم جي تحرير ڪيل قلمي چوپڙي سن 1959ع تان). اسان جڏهن انهيءَ قبرستان جي زيرت لاءِ وياسون، تڏهن اسان جي رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ لاءِ مقبرن ۽ مزارن جي نشاندهيءَ لاءِ، بيبي وڏي، جيڪا هن وقت قريباً 75 سالن جي عمر جي آهي، تنهن اسان کي هر هڪ مقبري جي لاءِ ٻڌايو. پاڻ سخا جو ڪڪر بڻجي ڪيترائي خانداني قلمي مخطوطا استفاده لاءِ ڏيکاريا (بيبي وڏي هن بنده راقم الحروف جي ماسي ٿئي)

[7] تذڪره خاندان قريش (ق-ف)، تذڪره يعقوبي (ف – س)

[8] مرحوم عبدالخالق صاحب جي دستخط چوپڙي سن 1959ع

[9] تذڪره خاندان قريش (ق-ف)، تذڪره يعقوبي باب پهريون (ق-س-1951ع)

[10] تذڪره خاندان قريش ضميمون نمبر 2 وڌايل قاضي ميان نورالله بهلاڻي وارو سن 1939ع

[11] قاضي ميان نورالله صاحب ان متعلق لکي ٿو ته خواب ۾ حضرت علي ڪرم الله وجہ فقير صاحب کان پڇيو ته ڇا کپئي: ڪيميا، سون يا دنيوي جاه و جلال گهرجئي؟ فقير صاحب عرض ڪيو ته مون لاءِ پارس ۽ سون توهين آهيو. مون کي دنيوي جاه ۽جلال سان ڪابه دلچسپي نه آهي. تنهن تي حضرت عليءَ جن کين ذڪر جي تقلين ڪئي ۽ علم معرفت جو سبق سيکاريو.. مون کي اها روايت ٻئي ڪنهن به نسخي ۾ ڏسڻ ۾ نه آئي آهي.

[12] قاضي ميان قطب الدين – تذڪره خاندان قريش (ق-ف)، قاضي ميان نورالله- تذڪره- ضميمون نمبر-2 (ق-س) حڪيم قاضي محمد يعقوب – تذڪره يعقوبي (ق-س).

[13] حڪيم قاضي محمد يعقوب لکي ٿو ته وير ملي جو ڳوٺ روهڙي تعلقي ۾ بقار جاگير جي ڀرسان هو. هن وقت ان جو ڪنهن به طرح سان پتو ڪونه ٿو پوي. قاضي صاحب جو جد امجد قاضي ميان غلام النبي سنه 1892ع ۾ اهو ڳوٺ ڏسي آيو هو. (تذڪره يعقوبي)

نوٽ: قاضي ميان نورالله جي لکيت موجب ”وير ملو“ جو شهر اپر سنڌ جي مشهور شهر جيڪب آباد جي ڀرسان آهي.

[14] قاضي ميان نورالله لکي ٿو ته ميان ٺاري کي خواب ۾ حضرت علي رضه جن فرمايو ته ڇا کپئي: ڪيميا، سون يا دنيوي جاه و جلال گهرجئي؟ فقير صاحب جواب ۾ عرض ڪيو ته مونکي ڪجهه نه گهرجي. مون لاءِ توهين سڀڪجهه آهيو. مون کي روحاني فيض سان مستفيض ڪيو. پوءِ حضرت علي رضه جن کين ذڪر جي تلقين ڪئي ۽ علم معرفت جو سبق سيکاريو.

[15] تذڪره قريش (فارسي قلمي نسخو)

[16] تذڪره قريش (فارسي قلمي نسخو). (سونو فقير عباسي فقير صاحب جو وڏو خليفو هو). هي وڏو باڪمال بزرگ ۽ ڪشف ڪرامت وارو هو. اڪثر تازي کير تي گذران ڪندو هو. هي روحانيت جو روشن ڏيو عين جوانيءَ ۾ گل ٿي ويو. سندس مزار پنهنجي مرشد فقير ميان الهه بخش جي پيرانديءَ کان ميان جي قبن ۾ آهي.

[17] تذڪره خاندان قريش – قاضي قطب الدين”خانائي“ ق-فارسي.

[18] تذڪره خاندان قريش – قاضي قطب الدين”خانائي“ ق-فارسي.

[19] تذڪره خاندان قريش – قاضي قطب الدين ”خانائي“ ق-فارسي.

[20] تذڪره خاندان قريش – قاضي قطب الدين ”خانائي“ ق-فارسي.

[21] تذڪره قريش ضميمو نمبر 2 قاضي نور الله صاحب بهلاڻي ۽ تذڪره يعقوبي – حڪيم قاضي محمد يعقوب.

[22] تذڪره قريش ضميمون نمبر 2 قاضي نور الله صاحب بهلاڻي ۽ تذڪره يعقوبي – حڪيم قاضي محمد يعقوب.

[23] تذڪره يعقوبي

[24] هن درويش ۽ پوئين سجاده نشين ميان عبدالخالق مرحوم جي مٿان سندس همشيره جي پٽ قاضي غلام سرور عرف عبدالجبار فقير قبو تعمير ڪرايو آهي. دراصل پَڳ جو حقدار قاضي ميان عبدالله ولد نورالله صاحب آهي. ليڪن هو آزاد طبع ماڻهو آهي ۽ ان طرف ايترو توجهه نه اٿس. فقير صاحب ڪنهن لاءِ به وصيت ڪري نه ويو هو.

[25] تذڪره يعقوبي.

[26] ايضاً.

[27] پير قيصر پرديسي پير آهي ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ وفات ڪيائين. وڏو برڪت وارو آهي.

[28] قاضي مرحوم عبدالخالق جي والد جو اسم شريف هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com