سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :19

(39) ”اخبار الابرار، حاشيه ص 24.

(40) راءِ بهادر هيتورام:ص 778- 779.

(41) مير گل خان نصير: ”تاريخ بلوچستان“، جلد پهريون، ص 7-8)

(42) ملڪ صالح محمد لهڙي، ص 29.

(43) سردار خان گشڪوري: ”بلوچ قوم ڪي تاريخ“ ص 106- 107.

(44) مير احمد يار خان: ص 34- 35.

(45) محمود شاهه بخاري: ”تاريخ بلوچستان“ اردو بڪ لينڊ، ڪوئيٽا، 1983ع، ص 182.

(46) آغا صاحب سبيءَ جي گماشتي جو نالو ”الله دين پوترهه“ لکيو آهي، جيڪو صحيح نه آهي. ”طبقات اڪبري“ (جلد3، ص 517) جي مصنف، ”بهادر خان“ لکيو آهي؛ ”تاريخ فرشته“ (جلد 2، ص 618) جي مصنف ”بهادر خان“ لکيو آهي؛ ”مڪلي نامي“ جي تصحيح ڪندي پير حسام الدين راشدي (ص 131) ”بهادر خان“ لکيو آهي؛ ”تاريخ سنڌ“ جي مصنف عبدالغني عبدالله (جلد 3، ص 131) پڻ ”بهادر خان“ لکيو آهي ۽ غلام محمد لاکي .سمن جي سلطنت“ (ص 32) تي به ”بهادر خان“ لکيو آهي، جيڪو صحيح آهي.

(47) آغا نصير احمد خان احمد زئي: (چار جلد) ص 89- 90.

(48) ”چاڪراعظم“، ص 73- 131.

(49) ايضاً، ص 130.

(50) لانگ ورٿ ڊيمز ”قديم بلوچي شاعري“، اردو ترجمو، مير خدا بخش بجاراڻي، ڪراچي، 1976ع، ص 10- 17.

(51) سنڌ جي تاريخ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا ان طرف نشاندهي ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”جنگناما“ (سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع، ص 45) ۾ لکي ٿو ته:

”نائين صدي هجري (پندرهين صدي عيسوي) ۾ بلوچن جي رند ۽ لاشاري قبيلن جي وڏي جنگ سالن جا سال هلي. رندن جو سردار مير چاڪر هو، جنهن جي حڪومت سبي ۽ فتحپور ۾ هئي ۽ لاشاري قبيلي جو هڪ ذهين ۽ بهادر نوجوان هو، جنهن ٺٽي ۾ اچي نوڪري ڪئي هئي، جتي هو بالآخر سلطان ڄام نظام الدين جو وڏو وزير ۽ سپهه سالار ٿيو ۽ ’مبارڪ خان‘ جي لقب سان مشهور ٿيو.“

پتو نه آهي ته محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڪهڙي سَند جي حوالي سان ائين لکيو آهي؟

ڊاڪٽر غلام علي الانا، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي“ (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1983ع، ص 101- 102) ۾ مير گل خان نصير جي ”تاريخ بلوچستان“ جلد پهرين مان حوالو ورتو آهي. انهيءَ مؤرخ جي مير چاڪر جي باري ۾ لکيل واقعن کي اسان هن مقالي ۾ بحث هيٺ آڻي چڪا آهيون. پوءِ به اسان ڪجهه حوالن جي طرف رجوع ڪيون ٿا، جنهن سان هي حقيقت وڌيڪ واضع طور سامهون اچي ٿي ته ان دؤر ۾ مير چاڪر رند ڪڏهن به سبيءَ تي حملو نه ڪيو هو ۽ نه ئي وري سندس ڪا حڪومت هئي.

“Imperial Gazeteer of India”۾R. Hughes Buller ”سبي“ جي تاريخ بيان ڪندي لکي ٿو ته:

“Up to the end of the fifteenth century the District was always a dependency of Multan. It is known to have formed part of the Ghaznivid Empire, and was ruled by a petty chief in the time of Nasir- ud- din Kubacha. About 1500, it was taken by Shah Beg Arghun, and thus passed under Kandahar, but under the Mughal Empire, it again became Subordinate to Multan.”

(Provincial Series, “Balochistan:, Calcutta, 1908, p 140).

“Gazeteer of Balochistan”۾C.F Minchin  1470ع کان وٺي 1519ع تائين ”سبيءَ“ جي تاريخ پيش ڪندي لکي ٿو ته:*

A.D 1470: In 1470, Sultan Husain Mirza of Herat is said to have made over the territories of Shal (Quetta), Pushang (Pishin) and Sibi to Amir Shujauddin Zunnun, the Arghun, but according to the Ain-i- Akbari, the “Sewi fort” was conferred as a fief in 1488 on Shah Beg, the son of Zunnun by Jam Nizamuddin of Sindh, generally known as Jam Nanda.

* Arghum Dynasity A. D 1511.

About 1511, Shah Beg marched against Sibi to resume his fief and captured the town after a severe struggle. After rebuilding the fort, which he strongly garrisoned, Shah Beg returned to Kandhar. He was however compelled to retire before Babr, and evacuating Kandhar made his headquarters at Shall and Sibi. In 1517 he led an expedition into Sindh and defeating Jam Feroze.

A. D 1519: Jam Nanda, captured and sacked Thatta in January 1519. Shah Beg died in 1522, when leading another expedition against Guzarat and was succeeded by his son Mirza Shah Hussain.”

(Vol: `Sibi` Second edition, 1986, Gosha-e-Adab, Quetta, pp. 24- 24.)

جيڪڏهن مير چاڪر جي سبيءَ تي حڪومت هجي ها ته هنن گزيٽيئرن جا مرتب ڪندڙ ان جو ذڪر ضرور ڪن ها. هنن معتبر حوالن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مير چاڪر ڪڏهن به سبيءَ تي حملو ڪونه ڪيو هو ۽ نه ئي سندس ڪا حڪومت هئي.

(52) ”مڪلي نامو“ تصحيح، پير حسام الدين راشدي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1994ع، ص 98 (۽ پڻ ڏسو) غلام محمد لاکو، ”سمن جي سلطنت“، س.ا.ب حيدرآباد، 1996ع، ص 28- 29.

(53) غلام محمد لاکو، ”سمن جي سلطنت“، ص 41.

(54) ”تاريخ معصومي“، سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع، ص 113؛ ”تحفة الڪرام“ 1976ع، ص 36 ۽ M.H Panhwar, “Chronological Dictionary of Sindh” Institute of Sindhology, 1983, p-355-356. غلام محمد لاکو: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“، مارئي سماجي سنگت، 1997ع، ڪراچي.

(55) ”مڪلي نامو“، ص 177- 178-179؛ غلام محمد لاکو، ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“، ص 101- 102 (۽ پڻ) M. H Panhwar pp 355- 356.

(56) مير علي شير قانع، ”مڪلي نامو“، ص 177- 189.

(57) ايضاً، ص 177.

(58) ايضاً، ص 183 کان 189.

(59) غلام محمد لاکو، ”سمن جي سلطنت“، ص 32؛ ”تاريخ معصومي“، ص 113؛ ”تحفة الڪرام“ ص 136؛ ”مڪلي نامو“، ص 178. (۽ پڻ) M. H Panhwar p 358.

(60) ”تاريخ معصومي“، ص 114؛ ”تحفة الڪرام“، ص 136؛ ”مڪلي نامو“، ص 111- 102- 178؛ غلام محمد لاکو، ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“، ص 90، غلام محمد لاکو ”سمن جي سلطنت“، ص 125 (۽ پڻ) M. H Panhwar p. 358.

(61) ”تاريخ معصومي“، ص 113- 114؛ ”تحفة الڪرام“، ص 136؛ ”مڪلي نامو“، ص 178؛ عبدالغني عبدالله، ”تاريخ سنڌ“ جلد- 3، سنڌالاجي، 1984ع، ص- 131 ۽ M. H Panhwar p. 358.

(62) ”تاريخ معصومي“، ص 114؛ ”تحفة الڪرام“، ص 136؛ ”مڪلي نامو“، ص 118 ۽ M. H Panhwar p. 358.

(63) ”ترخان نامو“، حيدرآباد، ص 109؛ اعجاز الحق قدوسي، ”تاريخ سنڌ“ جلد-2، (اردو) مرڪزي اردو بورڊ، 1985ع، ص 13؛ ”غلام محمد لاکو“، سمن جي سلطنت، ص 66؛ ”تاريخ معصومي“، ص 115- 139- 140-141.

(64) ”ترخان نامو“، ص 11؛ اعجاز الحق قدوسي، ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيو، ص 16؛ غلام محمد لاکو“ سمن جي سلطنت، ص 45 ۽ ”تاريخ معصومي“، ص 143- 144.

(65) ”تاريخ معصومي“، ص 150؛ ”تحفة الڪرام“، ص 138؛ ”ترخان نامو“، ص 12؛ غلام محمد لاکو، ”سمن جي سلطنت“، ص 46.

(66) ”ترخان نامو“، ص 14- 15؛ ”تحفة الڪرام“، ص 139؛ ”تاريخ معصومي“، ص 154 ۽ غلام محمد لاکو، ”سمن جي سلطنت“، ص 47.

(67) ”تاريخ معصومي“، ص 167؛ ”ترخان نامو“، ص 18- 19؛ غلام محمد لاکو، ”سمن جي سلطنت“، ص 50 ۽ M. H Panhwar p. 383-384.

l


 

”جيڪي مشينون حق ۽ انصاف نٿيون ڇپين، اُهي مشينون ناهن، بلڪ لوهه جا ٽُڪرا آهن.“

- هيءُ هڪ وڏي مدبر جو گفتو آهي ۽ جيڪڏهن اسين انهيءَ گفتي کي ٿورو وسيع ڪنداسون، ته ائين به چئي سگهون ٿا ته ”جيڪو ادب انسانيت جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ طرف ڪجهه به رهبري نٿو ڪري؛ پڙهندڙن جي دلين ۾ انسانذات جي مشڪلات دفع ڪرڻ، سندن زنجيرون ٽوڙڻ ۽ کُليءَ فضا ۾ وک وڌائڻ لاءِ اُمنگ پيدا نٿو ڪري، اهو ’ادب‘ ناهي، بلڪ ٺلهي لفاظي آهي.“

 

ڪهاڻيون

 

 

ارتقا هڪ فطري ڌارا آهي، جيڪا سدائين روان دوان رهي ٿي. فن ۽ ادب جي درياهه جو وهڪرو پڻ ڪڏهن ماٺو ناهي ٿيو. تخليق جي خوشبوءِ ڪڏهن به قيد ناهي ٿي سگهي. فنڪار جي اندر مان اُٿندڙ ڏات جون هوائون بند ناهن ٿيون. تخليقي عمل جي حوالي سان سنڌ جي ڪُک ڪنهن به دور ۾ سنڍ ناهي رهي. شاعريءَ وانگر سنڌي ڪهاڻيءَ جو قافلو پڻ پنهنجي رفتار سان ادب جي پيچرن تي هلندو ئي رهي ٿو. نه امر لعل هنڱوراڻيءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي مري ويئي، نه جمال ابڙي جي وقتي ماٺ کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي خاموش ٿي آهي؛ نه اُتم، ڪيرت ۽ مالهيءَ جي لڏي وڃڻ سان سنڌ مان سنڌي ڪهاڻي لڏي ويئي آهي، ۽ نه ئي نسيم کرل جي بيوقتي ۽ غير فطري موت سان سنڌي ڪهاڻي گوليءَ جو شڪار ٿي ويئي آهي.

        اَسين مڃون ٿا ته سنڌ جي سينئر ۽ حال حيات ڪهاڻيڪارن- جمال ابڙي، ربانيءَ، سوڀي گيانچنداڻيءَ، علي محمد بروهيءَ، رسول بخش پليجي ۽ آغا سليم ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني آهي، پر اياز قادري، نجم عباسي، سراج، امر جليل، علي بابا، غلام نبي مغل ۽ ماهتاب محبوب اڃا تائين لکي رهيا آهن.

        حقيقت اها آهي ته هن وقت به سنڌيءَ ۾ تمام گهڻيون سُٺيون ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن ۽ بنهه نئين ٽهيءَ ۾ پڻ اهڙا ڪيترائي ڪهاڻيڪار موجود آهن، جن جي قلم مان مستقبل جي مهان ڪهاڻين سرجڻ جا روشن امڪان موجود آهن. نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءَ جعفري، رزاق مهر، رسول ميمڻ ۽ طارق عالم کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ رحمت ماڃوٺي، شبنم گل، طارق قريشي، بانو محبوب ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا نالا ملن ٿا، جن مان اسان اِها اميد رکي سگهون ٿا ته اُهي نه رڳو سنڌي ڪهاڻيءَ کي مرڻ نه ڏيندا، پر اُن جي سگهه ۽ سُونهن ۾ واڌاري جو سبب بڻبا ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي زندگي جي نين واٽن سان روشناس ڪندا.

- زيب سنڌي ۽ تاج جويو

(”جنم“ جو مهاڳ- 1993ع)

غلام رباني آگرو

 

لَهرُنِ لَکَ لِباسَ*

 

اسلام آباد بَرساتِ ۽ بِرفَ جو شهر آهي.

اونهاري جي چوماسي ۾، رات ڏينهن وڏڦڙي جا وسڪارا هوندا آهن ۽ سياري ۾، خاص ڪري، فبروري مهيني ۾، ٻه- ٽي- راتيون، لاڳيتو، برسات وسي، وسي، جڏهن بس ٿيندي آهي، تڏهن صبح جو سج اڀرڻ سان مرگلا جي پهاڙين تي برف چمڪندي نظر ايندي آهي. ڪچڙيءَ منجھند جو، ڏهين يارهين ڌاران، ته موسم ڏاڍي وڻندڙ ٿي ويندي آهي. ماڻهوءَ کي جاءِ ۾ اندر توڙي ٻاهر ڏاڍو مزو ايندو آهي.

سياري جي مند جو هڪ اهڙوئي وڻندڙ ڏينهن هو. مان چيئرمن جي ڪمري ۾، ساڻس ڪنهن ڪتابَ ڇپائڻ بابت صلاح ڪري رهيو هئس. اسان ٻنهي جا ڪمرا آفيس جي مٿئين طبقي تي هوندا هئا. اسٽاف سڄو هيٺ ويهندو هو. سو، سدائين سانت لڳي پئي هوندي هئي. پر، ان ڏينهن، اوچتو، ٻاهران ڪنهن عورت جي تيز تيز هلڻ جو کڙڪو ٿيو. اسان جون زالون، هَلِڪڙَي چميل پائي، آهستي آهستي وِکَ کڻي هلنديون آهن، ته ڪا خبر ئي ڪانه پوندي آهي. پر، يورپي ۽ آمريڪي عورتون، هاءِ- هِيل سئنڊل پائي، تڪڙيون تڪڙيون هلنديون آهن، تڏهن پري کان فرش تي ”ٺڪ، ٺڪ“ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. چيئرمن گھنٽي وڄائي، پٽيوالي کي ڪاوڙ ۾ چيو ته، ”ٻاهر ڪير آهي؟“

”سائين، ڪا ولايتي ميمَ آهي...“ هن غريب اڃا ايترا اکر مس چيا، ته اها ولايتي ميمَ وڏي شانِ بي نيازيءَ سان دروازو کولي، چيئرمن جي ڪمري ۾ داخل ٿي. کيس انهيءَ انداز سان ايندو ڏسي، مون کي لارڊ بائرن آيو:

SHE WALKS IN BEAUTY LIKE THE NIGHT OF CLOUDLESS CLIMES AND STARRY SKIES

مون ڏي نهاري چيائين ته: ”مان صوفيا آهيان. اڄ يارهين بجي اوهان جي ڪمري ۾ پنهنجي ميٽنگ رکيل هئي. مان مقرر ٽائيم تي اتي پهتس. پر، اوهان ڪمري ۾ ڪونه هئا.“

مون کيس چيو ته: ”مون کي ڪنهن تڪڙي ڪم جي ڪري، چيئرمن وٽ اچڻو پيو. پر، هلو ته ميٽنگ شروع ڪيون.“ چيئرمن سان معذرت ڪري، مان ساڻس گڏ پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس.

”سبز چاءِ يا ڪافي؟“ مون کانس پڇيو.

“COFFEE WITHOUT MILK.” هن جواب ڏنو ۽ ساڻ آندل فائيل کوليائين.

مون موضوع تي گفتگوءَ جو آغاز ڪندي کيس چيو ته، ”مون اوهان کي تجويز موڪلي آهي ته اسان جي ملڪ جا ڪي چونڊ ادبي ڪتاب اوهان جي ملڪ ۾ ۽ اوهان جي ملڪ جا ڪي چونڊ ڪتاب اسان وٽ ترجمو ڪري ڇپائجن، ته ٻنهي ملڪن جا دوستانه لاڳاپا وڌندا.“

”اسان اوهان جي موڪليل تجويز اڳيئي منظور ڪري ڇڏي آهي. مان پنهنجي ملڪ طرفان ائگريمنٽ تي صحيح ڪرڻ آئي آهيان. اڳو پوءِ ترجمي لاءِ ڪن ڪتابن جا نالا به چونڊي ٿا ڇڏيون.“ ڪوپ مان ڍُڪ ڀري چيائين ته: ”ڪافي سٺي آهي.“

”مون کي ڪافي کير کان سواءِ ڪانه وڻي،“ مون پنهنجي ڪوپ ۾ کير وجھندي چيو.

”مان به مشرقي ملڪن ۾ کير سان ڪافي پيڻ جي عادي ٿي آهيان. هوئنن، بنا کير جو بهتر آهي.“

مون صوفيا کي چيو ته، ”اسان جي ملڪ جو ڪن ملڪن سان معاهدو آهي، جنهن موجب هڪ سال سندن اديبن جو وفدا اسان جو ملڪ گھمڻ ايندو آهي ۽ ٻئي سال اسان جو وفد سندن مُلڪ گھمڻ ويندو آهي. اوهان جي ملڪ سان به اهڙو معاهدو ٿي سگھي ٿو.“

چيائين ته، ”اها تجويز به سٺي آهي. مان ان جي منظوريءَ جي لاءِ ڪوشش ڪنديس.“

اسان ڪتابن جي ترجمي جي ائگريمنٽ جا ڪاغذ صحيح ڪيا، ته دروازو کليو ۽ چيئرمن اندر آيو. چوڻ لڳو ته، ”ڀائي جان! صوفيا کي لنچ تي وٺي هلون!“ منهنجي جواب جي انتظار ڪرڻ کان سواءِ ڏانهس نهاري چيائينس ته ”اسان اڄ ڪنهن هوٽل تي لنچ لاءِ وڃڻ جو سوچي رهيا هئاسون، ته اوهان اچي ويا. هلو ته گڏجي لنچ ڪريون.“

چيئرمن صاحب خالص مشرقي ميزبانيءَ جو مظاهرو ڪندي، بي تڪلفيءَ سان چيو. پر، کانئس اها ڳالهه وسري ويئي ته، مغربي ماڻهو نڪي ته ايتري تڪڙي ڪا دعوت ڏيندا آهن ۽ نه وري قبول ڪندا آهن. هر ڳالهه سوچي سمجھي ڪندا آهن. صوفيا کان ته ٽهڪ نڪري ويو! سندس شڪريو ادا ڪندي، ڪرسيءَ تان اٿي کڙي ٿي ۽ مون کي چيائين ته ”ائگريمنٽ جي هڪ ڪاپي، سفارتخاني جو ٺپو هڻي، سڀاڻي اوهان کي موڪلي ڏينديس.“

        *              *                      *

صوفيا سان ٻي ملاقات دعوت ۾ ٿي، جا مون ئي سندس اعزاز ۾ ڏني. چيائين ته، ”جن ٻين مهمانن کي دعوت ۾ شريڪ ڪرڻو هجي، تن جو انتخاب مان توهان تي ئي ڇڏيان ٿي.“ مون سندس اعليٰ منصبُ خيال ۾ رکي، وزارت تعليم جي هڪ نامور تعليمي ماهر خاتون، ملڪ جي هڪ اردو شاعره، جا پنهنجيءَ شاعريءَ ۽ سونهن سببان سڄي ملڪ ۾ مشهور هئي، ۽ اسيمبليءَ جي هڪ سنڌي ميمبر کي دعوت ۾ سڏيو. صوفيا کي چيم ته پنهنجي سفارتخاني مان اوهان به ڪنهن اعليٰ عملدار کي سڏيو.

دعوت ۾ هِتان هُتان جون ڳالهيون نڪتيون: اول مند ۽ موسم جون، پوءِ ماحوليات جون، آخر ۾ عالمي امنَ ۽ اَدب جون، جيڪي اقوام متحده جي اڳواڻي سيڪريٽري جنرل، ڊئگ هئمر شولڊ جي شخصيت تي وڃي منتج ٿيون. ڊئگ هئمر شولڊ کي بين الاقوامي معاملن توڙي عالمي ادب، ٻنهي تي ملڪو هو. سندس ڪلام جو مجموعو MARKINGS ڏاڍو سٺو آهي. مون ۽ اردو شاعره، ٻنهي ڊئگ هئمر شولڊ جي ساراهه ڪئي. ليڪن، انگريزي ادب ڪو صوفيا جو دلپسند موضوع هو. سو، ڊئگ هئمر شولڊ جي ڪلامَ توڙي ڪردار جو اسان کان گھڻو بهتر تجزيو ڪيائين.

قدرت صوفيا کي سُونهنَ، سياڻَپَ ۽ عِلِمَ جي نعمتن سان نوازيو هو. سندس شخصيت ۾ هڪ قسم جِي مقناطيسي ڪشش هئي. ان ڏينهن، پاڪستاني ميزبانَ ۽ مهمانن کي خيال ۾ رکي، پاڪستاني لباس پائي آئي هئي: آسماني رنگ جي ريشمي قميص ۽ شلوار. مغربي عورتون نيم سرڪاري دعوتن ۾ زيور جو استعمال مناسب ڪونه سمجھنديون آهن. پر، صوفيا جي گلي ۾ سوني زنجير چمڪي رهي هئي. اهڙو شخص جنهن اڳي کيس يورپي لباس ۾ ڏٺو هوندو، سو، ڏسيس ها، ته منجھي پوي ها، ته هوءَ پنهنجي مغربي لباس ۾ وڌيڪ ٺهي ٿي يا پاڪستاني لباس ۾؟ ليڪن، محفل تي بهرحال، هوءَ پنهنجي علم ۽ ڏاهپ ڪري ڇانيل رهي. سندس گفتگو ٻڌي، مون کي ته عمر خيام ياد اچي ويو:

”بهشت جي دلفريب نظارن کان وڌيڪ،

هڪ عقلمند زالَ، ۽ ٻه پيالا شراب جا.“

جڏهن اسان دعوت مان فارغ ٿياسين ۽ مهمانن موڪلايو، تڏهن اسيمبليءَ جي ميمبر، صوفيا کان پڇيو ته: ”HOW ABOUT THE NIGHT- CAP?

صوفيا مون ڏي نهاريو. مون چيو ته، ’مون کي اعتراض ڪونهي. اسان ٽئي ڄڻا انهيءَ دوست جي رهائشگاهه تي پهتاسين. مان ۽ صوفيا صوفن تي سولا ٿي ويٺاسين ته منهنجي دوست صوفيا کان پڇيو ته ”اوهان ڇا پيڻ پسند ڪنديون؟“

صوفيا چيس ته: ”COFFEE WITHOUT MILK

منهنجي دوست کي اڳيئي خبر هئي ته مون ته گھڻي زماني کان سگريٽ ڇِڪِڻُ به ڇڏي ڏنو آهي. سو، مون لاءِ چيني سبز چاءِ گھرايائين. پنهنجي لاءِ ڊمپل جو گلاس ٺاهيائين.

عراق ۽ ايران جنگ جو ذڪر نڪتو. ٻنهي پاسي لکين ماڻهو مارجي ويا هئا. پر، جنگ اڃا ختم ڪانه ٿي هئي. گفتگوءَ جيو آغاز ٿيو ته صوفيا چيو ته: ”ڏسو، مان اوهان سان صاف صاف لهجي ۾ ڳالهيون ڪيان ٿي، پر، ائين نه، جو پوءِ اوهان مان ڪو ڪٿي چئي ته ’فلاڻي ملڪ جي هڪ اعليٰ سفارتڪارَ هيئن پئي چيو.‘“

عراق- ايران جنگ بابت اسان جي معلومات اخباري خبرن تائين محدود هئي. پر، جڏهن صوفيا ان جو تجزيو ڪيو، ته اسان کي انهيءَ ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو، ته مغربي ملڪ جيڪڏهن اڄ دنيا تي ڇانيل آهن، ته ان جو بنيادي سبب سندن دولت ۽ هٿيارن جي طاقت کان وڌيڪ سندن ’ذهانت‘ آهي. صوفيا بي پناهه ذهين هئي. بنيادي طرح سندس مطالعي جو موضوع برابر انگريزي ادب هو. پر، فارين سروس ۾ ڪم ڪندي، هن بين الاقوامي معالمن جو به ايڏو ته ڪو اونهو اڀياس (IN DEPTH STUDY) ڪيو هو، جو اسان کي ”اڻڄاڻائيءَ“ (IGNORANCE) جو احساس ڏئي ڇڏيائين.

رات جا ٻارهن ٿيا هوندا، جو اسان ڪچهري ڪري اُٿاسين ۽ وڏي ادب ۽ احترام سان صوفيا کي بنگلي جي گيٽ وٽ، سندس ڪار ۾ وهاري، ’شب بخير‘ چئي، موٽي، ڊرائنگ روم ۾ آياسين. مون پنهنجي دوست کي چيو ته، ”گھڻي دير ٿي ويئي آهي. سو، مان به هلان ٿو.“

منهنجو دوست مون کي ’خدا حافظ‘ چوڻ لاءِ وري ٻاهر آيو. ڪار ۾ ويٺس ته چيائين ”هڪڙيءَ ڳالهه جو خيال رکڻ گھرجي.“

مون چيو، ”ڪهڙي؟“

چيائين ته ”صوفيا سان سوچي سمجھي ڳالهائڻ گھرجي.“

مون سندس ’عقل ڀري صلاح‘ پنهنجي پَلَوَ ۾، قابو ڪري ٻڌي، ۽ رهائشگاهه ڏي روانو ٿيس.

        *              *              *

مهينو ماسو گذريو، ته ڪنهن سفارتخاني مان ’رسيپشن‘ جو دعوت نامو آيو. مان اتي پهتس ته لان ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي اعليٰ عهديدارن، مردن توڙي زالن جو وڏو هجوم نظر آيو. سفارتخانن جي دستور موجب، سفيد وردين ۾ ملبوس بيرر، ٽري ۾، مختلف ميون جي رَسُ جا گلاس ۽ کائڻ جون چهريون شيون کنيون مهمانن کي آڇي رهيا هئا.

خواتين جي هڪ گروهه ۾ صوفيا پنهنجيءَ انهيءَ سهيليءَ سان نظر آئي، جا پاڻ سان گڏ منهنجيءَ دعوت ۾ و‎ٺي آئي هئي. جڏهن مون سان ملي، ته مون کيس چيو ته، ”ملاقات ٿيڻ کپي. گھڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. دعوت جو بندوبست ڪريان.“

چيائين ته، ”نه هاڻي منهنجو وارو آهي.“ پنهنجيءَ سهيليءَ سان واقفيت ڪرائيندي چيائين ته ”هيءَ منهنجي هم وطن آهي. اوهان جي دعوت ۾ مون سان گڏ آئي هئي. پر، اتي سندس مفصل واقفيت ڪرائي ڪانه سگھيس. هڪ پاڪستاني باشندي سان پرڻيل آهي، جو سرائڪي ڳالهائيندڙ علائقي جو ويٺل آهي.“ هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪيوسون. چڱي دير ڪچهري ٿي ۽ پوءِ هڪٻئي کان موڪلائي، گھر روانا ٿياسين.

جڏهن مان پنهنجن ٻين دوستن کان موڪلائي، سفارتخاني مان نڪتس، ته گيٽ وٽ صوفيا جي سهيلي، اڃا پنهنجيءَ ڪار جي انتظار ۾ بيٺي هئي. پنهنجي خاوند سان ملائيندي چيائين ته: ”منهنجو خاوندُ سرائڪي آهي ۽ توهان سنڌي آهيو.“

مون سندس خاوند سان هٿ ملائيندي چيو ته: ”منهنجي مرحوم والد جي مادري ٻولي سنڌي هئي ۽ سنڌي ڪتاب رسالا گھرائڻ ۽ پڙهڻ سندس وڏي ۾ وڏو شوق ۽ شغل هو. پر، منهنجيءَ مرحومہ ماءُ جي مادري ٻولي سرائڪي هئي.“

هن يارَ مون کي سڪ سان ڀاڪر پائي چيو ته، ”پوءِ ته پاڻ ٻيئي ڀائر آهيون.“

        *              *              *

هفتو ڏيڍ گذريو هوندو، جو مون کي لنچ لاءِ صوفيا جو دعوت نامو مليو. مٿس سندس گھر جي ايڊريس ڏنل هئي. مان سندس گھر پهتس، ته ٽي چار يورپي ۽ آمريڪي زالون ۽ مرد نظر آيم. ڳالهين جو موضوع پاڪستان جا اتريان علائقا: هُنزا، دِير، ڪاغان، سوات ۽ چترال هئا.

صوفيا چيو ته، ”چترال جي پاسي جيڪا ’ڪافر- ڪلاش‘ قوم رهي ٿي، تنهن جي اصل نسل بابت اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟“

مون کيس جواب ڏنو ته، ”عام طرح ائين ئي چوندا آهن، ته اهي سڪندر اعظم جي يوناني فوج جي انهيءَ برگيڊ مان آهن، جا مکيه لشڪر کان پهاڙن ۾ گم ٿي ويئي هئي.“

”سندس چهرن جا گورا ۽ گندمي نقش و نگار ته واقعي انهيءَ روايت جي گواهي ڏين ٿا،“ ڪنهن يورپي خاتونءَ رايو ڏنو.

”هائو. پر، چون ٿا ته ڪافرَ ڪلاشَ پنهنجي مِٽ مائٽ جي موت تي خوشي ڪندا آهن. ناچ ڪندا آهن. سازَ وڄائيندا آهن، راڳ ڳائيندا آهن ۽ اعليٰ درجي جا طعام کائيندا آهن. چوندا آهن ته ”اسان جو عزيزُ دنيا جي دوزخ مان نڪري ويو.‘ جيڪڏهن اها روايت صحيح آهي ته پوءِ سوال آهي ته اها رسمَ سڪندر مقدونيءَ جي زماني ۾ سندس وطن ۽ رائج هئي؟ جي نه، ته پوءِ هي سڪندر جا هم وطن ڪيئن ٿيا؟“ صوفيا انهيءَ يورپي مهمان خاتونءَ کان سوال ڪيو.

ايتري ۾ بٽلر آيو ۽ صوفيا کي اطلاع ڏنائين ته ”لنچ تيار آهي.“

صوفيا اسان کي ڊائننگ هال ۾ وٺي هلي. سڀ وڃي کاڌي جي ميز وٽ بيٺاسين. مغربي ماڻهن وٽ اهو دستور آهي، ته روايتي ۽ سفارتي دعوتن ۾، ماني کائڻ لاءِ، ميز تي درجي وارَ ويهندا آهن.

سو، اها ڳالهه ذهن ۾ رکي، هڪ خاتونءَ صوفيا کان پڇيو ته: “SOPHIA, HOW SHALL WE SIT?”

صوفيا مون ڏي نهاريو چيو: “HE IS FIRST ON MY RIGHT. ALL OTHERS, AS THEY LIKE.

مون لاءِ اهو غير متوقع اعزازُ هو. پر، ايڏو ڀاري، جو انهيءَ جي بار هيٺ دٻجي ويس. خاموشيءَ سان ماني کائيندو رهيس. جڏهن هڪ ڪورس کان پوءِ ٻيو شروع ٿيو ۽ ٻئي کان پوءِ ٽيون ۽ ٽئين کان پوءِ چوٿون آيو، ته مون کان رهيو نه ٿيو. حيران ٿي، صوفيا کان آهستي پڇيم ته، ”اوهان روز هيتري لنچ کائيندو آهيو؟“

کلي ڏنائين. چيائين ته، ”مان لنچ کائيندي ئي ڪانه آهيان.“

مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ڇو ته ڳالهه پڌري پيئي هئي: صوفيا سَرِوَ جي وڻ وانگر سنهڙي، ڊِگِهڙي ۽ سهڻي هئي. اڄڪلهه اهڙيءَ هلڪڙيءَ بُتَ (FIGURE) واريءَ عورت کي MODERN VERSION OF BEAUTY ڪوٺيندا آهن. پر، پنهنجي ڳالهه جاري رکي، کانئس پڇيم ته، ”پوءِ اوهان کي بک ڪانه لڳندي آهي؟“

چيائين ته، ”لنچ مهلَ فقط ’گِرين سلاد‘ کائيندي آهيان.“

ماني کائي، اسان وري ڊرائنگ روم ۾ آياسين. ميوو کاڌو سون. ڪافي پيتيسون. بعد ۾، سڀڪو صوفيا جو شڪريو ادا ڪري، پنهنجي گھر روانو ٿيو.

گھر پهتس. منجھند جي مَهَلَ. سٺا ماڻهو. سٺيون ڳالهيون. سُٺيِ مَحَفَلَ. سٺو کاڌو، ڄڻ ته اڻ- پيتي جا کيپ چڙهي ويا. بستري ۾ ليٽيس، ته اهڙي ننڊ وٺي ويئي، جو جاڳيس ته ڀانيم ته ورهين جا ٿَڪَ لهي ويا آهن. شايد، ننڊ جو واسطو ماڻهوءَ جي جسماني ٿَڪَ کان وڌيڪ سندس ذهني سُڪوُنَ سان آهي.

        *              *              *

پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ واريون هيون. اخبارن ۾ خبر آئي، ته دنيا جي هڪ وڏيءَ طاقت جو سفيرُ اسلام آباد ۾ ’اليڪشن- بُوٿِ‘ ڏسڻ ويو هو. ستت، سندس RECEPTION CARD آيو.

سفير جي رهائشگاهه ڇا هئي، ڄڻ ته مومل جو ڪاڪِ محلُ هو. ڪار گيٽ مان داخل ٿيڻ کان پوءِ به الائي ته ڪيترين ”سڪيورٽي پائنٽس“ ۽ پيچرن تان لنگھي، مکيه عمارت تائين پهتي. ڊرائننگ روم ۾ گھڙيس، ته اهو ڏسي حيرت لڳم، ته غير معمولي طور ننڍڙي هئي. منجھس ويهارو کن مرد ۽ زالون گفتگوءَ ۾ مصروف هئا. پاڪستاني مهمانن ۾ اڪثر، ملڪ جا اعليٰ عملدار، اسيمبليءَ جا ميمبر، وزير ۽ اڳواڻا وزير اعظم به هئا. ڪي غيرملڪي سفيرَ به هئا. سڀني کي ميوي جي رَسُ جا گلاس هٿن ۾ هئا. سفير صاحب، واري واري سان، هر ڪنهن سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هو. اوچتو مون کي پري کان صوفيا نظر آئي. پر، مجموعي مان نڪري، ساڻس دعا سلام ڪرڻ مناسب ڪانه سمجھيم. ايتري ۾ سفير صاحب آيو. مون کيس چيو ته ”ڪالهه هيئن هڪ اخباري خبر آئي هئي؟“

چيائين ته ”هائو، اسان جي دلچسپي آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ڪامياب ٿئي.“ هو مون سان گڏ صوفي تي ويهي رهيو ۽ ڳالهيون ٻوليون ڪندو رهيو. سندس خيال هو، ته ٽينءَ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾، جمهوريت تڏهن ئي صحيح معنيٰ ۾ ڪامياب ٿيندي، جڏهن اتان جون اقتصادي حالتون سڌرنديون.

سفير مون وٽان اٿي، ٻئي ڪنهن مهمان ڏي ويو، ته صوفيا آئي. مون کيس چيو ته، ”ٽائيم‘ رسالي ۾ SONG- LINES نالي هڪ ڪتاب تي تبصرو آيو آهي. اوهان جي آفيس جي لئبرريءَ مان ملي سگھندو؟“

چيائين ته، ”مون کي خاطري ڪانهي، ته اسان وٽ پهتو آهي يا نه؟ بهرحال، مان توهان لاءِ لنڊن مان ڪاپي گھرائي ٿي وٺان. مصنف جو نالو ڇا آهي؟ پر، ڪتاب ۾ ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“

مون چيو ته، ”مصنف جو نالو بروس چَئِٽِوِن آهي. ڪتاب ۾ منهنجي دلچسپي هيئين آهي، جو تبصري ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته:

“THE ACT OF WALKING THROUGH THE WILDERNESS WAS SUPPOSED TO BRING YOU BACK TO GOD.

صوفيا کي چيم ته اهو جملو پڙهي، مون کي ياد آيو ته ڪنهن زماني ۾ اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو پيادل حج تي ويندا هئا. منهنجو ڏاڏو ست دفعا پيادل حج ڪري آيو هو. اها به روايت آهي ته ڪنهن زماني ۾ هنگلاج جا زيارتي اوڀر هندستان مان پيادل هلندا هئا. سڄو هندستان پار ڪري، هنگلاج پهچندا هئا. زيارت ڪري، وري واپس پيادل ويندا هئا. ”پوربيا“ سڏبا هئا. اها ماجرا ڪافي دلچسپ آهي. سمجھڻ گھرجي.“

صوفيا پڇيو ته، ”هنگلاج ڪٿي آهي؟“

مون چيو ته ”ڪراچيءَ کان سؤ ڏيڍ سؤ ميل اولهه طرف بلوچستان جي جبلن ۾.“

پڇيائين ته ”ڪهڙي زماني جو آهي؟“

مون چيو ته ”شايد، چار پنج هزار ورهيه پراڻو هوندو.“

پڇيائين ته ”توهان اتي ويا آهيو؟“

مون چيو ته ”هائو. پر، پوربي ياترين وانگر پيادل ڪونه ويو آهيان. هيلي ڪاپٽر ۾ چڙهي، اتي وڃي لٿو آهيان. ڪنهن غير ملڪي سرڪاري ’معرز مهمان‘ کي گھمائڻ وٺي ويو هوس.“

چيائين ته ”صلاح ڪريو ها، ته مان به هلان ها. آئينده ڪو پروگرام ٺهي، ته ٻڌائجو.“

مون سنڌيءَ ۾ چيو ته: ”منهنجين اکين تي.“

چيائين ته: ”ڇا مطلب؟“

مون چيو ته، ”سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي، جنهن جو ٿلهي ليکي مطلب اهو آهي ته ’حاضر، خوشيءَ سان.‘ پر، پوري چوڻي هيئن آهي ته ’ڀلي آيا، جيءُ آيا، نچ آيا، منهنجين اکين تي.‘ انگريزيءَ ۾ ان جو مفهوم شايد هيئن ادا ٿيندو: ”YOU CAN WALK OVER MY EYES

اهو ٻڌي صوفيا کلي ڏنو ۽ چيو ته، ”اهو ترجمو ته وري ٻڌايو.“

جڏهن مون ٻيهر کيس ترجمو ٻڌايو، ته هوءَ ٽهڪ ڏيئي کِلڻ لڳي ۽ مون کي فارسي شعر جي هڪ مصر ياد آئي: ”جڏهن خوبصورت اِنسانَ ٽهڪَ ڏيئي کِلندا آهن ته باغن ۾ گُلَ ٽڙي پوندا آهن.“

        *              *              *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com