سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :5

مقالا

 

سنڌ جي سڄاڻ عالمن جڏهن اهو اصول قبول ڪيو ته سنڌي ۾ ڪتاب لکيا وڃن ته پوءِ ان اصول تي پڪي طرح عمل ڪيائون. سندن پنهنجي سڄي تعليم جي تڪميل فارسي ۽ عربي ذريعي ٿي هئي، پر جڏهن پاڻ سنڌي ۾ ڪتاب تصنيف ڪرڻ شروع ڪيائون، تڏهن هڪ ته نج سنڌي ٻولي ڪم آندائون؛ ٻيو ته هر موضوع کي آسان سنڌي ۾ بيان ڪيائون ته جيئن عام پڙهيلن بلڪ اٻوجهن کي به سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. اهو سندن اعليٰ علمي صلاحيت جو ڪارنامو هو جو الاهيات ۽ عقائد جا ڳوڙها مفهوم، فقہ ۽ تفسير جا ڏکيا موضوع توڙي تصوف ۽ سلوڪ جا مشڪل مضمون سوليءَ سهکي سنڌيءَ ۾ ڪاميابيءَ سان سمجهايائون.

        سنڌي عالمن جي هن ڪاميابي جو مدار سندن اختيار ڪيل ٽن مکيه طريقن تي هو: پهريون ته کين هر موضوع ۽ مضمون جي ماهيت ڪلي طور تي معلوم هئي، ۽ هر موضوع ۽ مضمون جي مختلف مسئلن جي کين پوري ڄاڻ هئي؛ ٻيو ته کين هڪ طرف عربي ۽ فارسي زبانن تي ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ تي پوري مهارت حاصل هئي، ٽيون ته هر موضوع کي صحيح نموني ۽ آسان عبارت ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون. هنن جڏهن ڪنهن به موضوع يا مسئلي تي لکيو ته ان کي اڳ ڪيل تحقيق جي روشني ۾ جامع نموني سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. معاشري جي ڪن خاص مسئلن کي سنڌ جي طبعي ۽ سماجي ماحول جي مناسبت سان سمجهايو؛ سنڌي ۾ اهڙن مسئلن ۽ موضوعن کي صحيح نموني ۾ بيان ڪرڻ خاطر عربي، فارسي ۽ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي.

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي

 

نوٽ: ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ جي عنوان سان هيءُ مضمون، دراصل، ڊاڪٽر صاحب جي تيار ڪيل ساڳئي نالي واري تحقيقي ڪتاب جو مقدمو آهي، جيڪو سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان سن 1992ع ۾ شايع ڪيو ويو. مضمون جي افاديت ۽ اهميت کي محسوس ڪندي، اهو هِت ”مِهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو. مُهڙ ۾، ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته:

”هيءُ ڪتاب سنڌي الف- بي، سنڌي صورتخطي ۽ سنڌي خطاطي جي مطالعي کي وڌائڻ خاطر لکيو ويو آهي، ۽ ان سان گڏ سنڌي قلمي ڪتاب جيڪي ڏينهون ڏينهن زبون ۽ ضايع ٿيندا ٿا وڃن تن جي مثالي صفحن ۽ ورقن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. هيءُ دستاويزي رڪارڊ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ادب جي مطالعي لاءِ پڻ مفيد ثابت ٿيندو.

”مقدمي ۾ مختصر طور تي سنڌي ٻولي، الف- بي، سنڌي خطاطي جي ابتدا ۽ اوسر تي روشني وڌي ويئي آهي. ان سان گڏ خاص تحقيق سنڌي قلمي ڪتابن ۽ سنڌي ليٿو ڇاپن بابت ڪئي ويئي آهي ۽ ڪافي محنت ۽ ڪوشش سان جيڪي قلمي ڪتاب دستياب ٿيا تن جي خاص صفحن جا عڪس هن ڪتاب ۾ بنيادي مواد طور شامل ڪيا ويا آهن. 13 صدي هجري 19 صدي عيسوي جي آخر ۾، سنڌي ڪاتبن ليٿو ڇاپن لاءِ قلمي ڪتاب نقل ڪرڻ شروع ڪيا جيڪي سهڻي صورتخطي جي لحاظ سان معياري هئا. انهن مان اهڙن ڪتابن جا عڪس شامل ڪيا ويا آهن جن جي آخر ۾ ڪاتبن جا پنهنجا لکيل نالا پڻ موجود آهن...“

 

سنڌي ٻولي ڏکڻ ايشيائي ننڍي کنڊ جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. تاريخي طور تي اها سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ٻولي آهي، جيڪا سنڌو ماٿر جي ڪنهن مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري. ’مئن جي دڙي‘ واري قبل از تاريخي دور جي ٻولي کي ”سنڌ جي ٻولي“ چئي سگهجي ٿو، پر ”سنڌي ٻولي“ گهڻو پوءِ اُسري. عيسوي پنجين صدي کان يارهين صدي واري عرصي ۾ يعني راءِ گهراڻي، برهمڻ گهراڻي ۽ پوءِ عرب- اسلام حڪومتن واري دور ۾ سنڌ اندر سياسي انتظامي مرڪزيت جي ڪري، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ هلندڙ ”مقامي محاورن ۽ ٻولين“  ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي، جيڪا هڪ عام فهم سنڌي ٻولي جي اوسر لاءِ ڪارگر ثابت ٿي. عرب- اسلامي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي اوسر جا وڌيڪ پڪا پختا حوالا ملن ٿا، جن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هن دور ۾ وڌيڪ سياسي ۽ انتظامي وحدت سببان ”سنڌ جي مقامي ٻولين“ ۾ ويتر وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي ۽ هڪ عام فهم سنڌي ٻولي اُسري. هن دور ۾ دين اسلام جي قبوليت ۽ تعليمي ترقي سان ٻوليءَ جي فڪري ڪيفيت تبديل ٿي، ٻوليءَ جي تمدني سرمايي ۾ واڌارو ٿيو، ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ، صورتخطي ۽ صرف نحو تي اثر پيو.

هن دور ۾، عربي سان گڏ سنڌي کي اهميت حاصل ٿي جو نئين اسلامي معاشري ۾ عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻي سبب ٻيئي هڪٻئي جي ٻولي سمجهندا ۽ ڳالهائيندا رهيا. چوٿين صدي هجري (ڏهين صدي عيسوي) ۾ جڏهن ڪي عرب عالم ۽ سياح سنڌ ۾ آيا ته هنن سنڌي ۽ عربي ٻيئي ٻوليون سنڌ ۾ عام رائج ڏٺيون. اِصطخري ۽ اِبن حوَقَل ٻنهي محققن پنهنجن بيانن ۾ لکيو آهي ته: منصوره (موجوده سنڌ)، ملتان ۽ انهن جي پسگردائي وارن علائقن جي ٻولي عربي ۽ سنڌي آهي، ۽ مڪران (بلوچستان) وارن جي ٻولي فارسي ۽ مُڪري (بلوچي) آهي(1).

هن دور ۾ نئين علمي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي ماحول جي اثر هيٺ سنڌي ۽ عربي ٻولين جو پاڻ ۾ گهاٽو رشتو ۽ عمل ۽ ردعمل پيدا ٿيو، جنهن سان سنڌي ٻولي جي لساني انفراديت مضبوط ٿي ۽ پڻ بين الاقوامي سطح تي ان جي اهميت تسليم ٿي. گاديءَ جو شهر منصوره، جنهن جو بنياد 112- 116 هجري (730- 734ع) وارن سالن ۾ پيو، سو پوءِ تعليم، تحقيق ۽ بين الاقوامي تجارت جو مرڪز بنيو. هڪ طرف سنڌ جي عالمن عربي علم ادب ۾ شهرت حاصل ڪئي ته ٻئي طرف عرب عالمن سنڌي ۽ هندي ٻولين جي مطالعي ۾ گوءِ کنئي. چوٿين صدي هجري ۾ سنڌي ٻولي بابت بين الاقوامي سطح تي معلومات مهيا ٿيڻ لڳا. جاحظ، اصطخري ۽ ابن حوقل جي ابتدائي حوالن بعد، محقق النديم سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي رسم الخط بابت معلومات قلمبند ڪيا. پڻ ساڳئي دور ۾ بشر بن عبدالوهاب فَزاري سنڌ ۾ دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ معدنيات، جڙين ٻوٽين ۽ پسارڪي وکر بابت تحقيق ڪئي، جنهن سان سنڌي جي طبي لغات تي ڪافي روشني پيئي. ان موضوع تي پوءِ سنه 443هجري (51- 1050ع) ۾ محقق بيروني ”ڪتاب الصيدنه“ تصنيف ڪيو جنهن ۾ مُني سو کن معدني دوائن ۽ جڙين ٻوٽين جا سنڌي نالا ۽ تفصيل ڏنائين(1). اهي نالا ان وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي انفرادي حيثيت ۽ طب جي سلسلي ۾ ان جي بين الاقوامي شهرت بابت دستاويزي حيثيت رکن ٿا.

عربن جي دور کان پوءِ سومرن وارو دور (1050- 1350ع) عام فهم سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع وارو دور هو، جنهن ۾ سنڌي، سنڌ جي ڏکڻ اڀرندين ڀاڱي کان اڳتي ويندي ڪڇ تائين رائج ٿي. هن دور ۾، سنڌيءَ ۾ وڌندڙ بياني صلاحيت سببان، ٻولي جي عوامي روايت واري ادبي ذخيري ۾ وڏو واڌارو ٿيو- قصا اُسريا ۽ مشهور ٿيا ۽ ڳاهن سان ڳالهيون ڳايون ويون. ان بعد سمن جي دور (1359- 1520ع) ۾، وچولي سنڌ جي سمن قبيلن جي نج سنڌيءَ ٻولي، معياري سنڌي ٻولي جي صورت ۾ ترقي پذير ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون وسيع ٿيون. سنڌي نثر ۾ وڌندڙ بياني قوت سببان قصه- خواني جو فن وڌيو، ۽ شعر ۾ ”سنڌي بيت“ هيئت ۽ فن جي لحاّظ سان قاضي قادن جي ڪلام ۾ پنهنجي تڪميلي صورت کي پهتو.

ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارو دور (1520- 1680ع) سنڌ ۾ فارسي زبان جي اوسر ۽ عروج وارو دور هو مگر سنڌي پنهنجي تاريخي ۽ ارتقائي اعتبار سان اهڙي اعليٰ سطح تي پهچي چڪي هئي جو فارسي جي عمل ۽ اثر جي باوجود سنڌي جي انفراديت ۽ افاديت قائم رهي. هن دور جي آخر (1590- 1680ع) ۾ سنڌي ٻولي جي علمي تاريخ ۾ هڪ وڏو انقلاب آيو جو سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن هڪ خاص تعليمي نظريي ۽ تعليمي تحريڪ جو بنياد وڌو ته ٻارڙن کي بنيادي تعليم سندن ”پنهنجي زبان سنڌي“ ۾ ڏني وڃي ته جيئن هو سولائيءَ سان مڪتبي تعليم پوري ڪري سگهن. هن تحريڪ هيٺ نه فقط مڪتبي سطح تي سنڌي ۾ پڙهائي جو سلسلو شروع ٿيو، پر ان لاءِ سنڌي ۾ درسي مواد مهيا ڪرڻ جي شروعات ٿي.

ان بعد آخري مغلن، عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپور اميرن واري دور (1680- 1860ع) ۾ سنڌي زبان ذريعي بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جا بنياد مضبوط ٿيا. معياري درسي ڪتاب ”ابوالحسن جي سنڌي“ جي عام مقبوليت سان سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ ڪامياب ٿي. ”سنڌي“ جي خاص نالي سان وڌيڪ درسي ڪتاب شايع ٿيا ۽ سولي سنڌي ۾ ڪتابن لکڻ جو نظريو عام ٿيو. ان سان گڏ هن دور ۾ سنڌي اَساسي (ڪلاسيڪي) شاعريءَ جي عمارت اڏجي راس ٿي ۽ سنڌي بيتن ۽ واين جا ذخيرا ”رسالي“ جي خاص نالي سان صورت پذير ٿيا. هن دور ۾ اعليٰ فڪر وارا عارف ۽ وڏا ديده ور داناءَ، ۽ شاعر ساماڻا، جن پنهنجن سنڌي بيتن ۾ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جا سبق سمجهايا.

فيبروري سنه 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي سان، سنڌ جي پنهنجي آزادي وارو دور ختم ٿيو ۽ هڪ ٻاهرين سامراجي حڪومت جي قائم ٿيڻ سان وڏيون تبديليون آيون. پهرين ته فارسي زبان کي ختم ڪري انگريزيءَ کي مرڪزي سرڪار جي زبان طور نافذ ڪيو ويو؛ انهيءَ قدم سان، سنڌ ۾ پڻ صوبائي سرڪاري زبان طور فارسي ختم ٿي ۽ ان جي جاءِ تي مرڪزي زبان انگريزي سان گڏ سنڌي کي ”صوبائي سرڪاري زبان“ طور تسليم ڪيو ويو. هن تاريخي موڙ واري ان اتفاقي فيصلي سان سنڌي جي ترقي لاءِ پڻ راهه روشن ٿي.

سنڌي رسم الخط:

سنڌ ۾ رسم الخط جي تاريخ قبل- از- تاريخي دور ۾ ”مئن جي دڙي“ جي مُهرن تائين پهچي ٿي، پر ’سنڌ جي ان قديم خط‘ ۽ هن پوئين تاريخي دور ۾ ’سنڌي ٻولي جي رسم الخط‘ جي وچ ۾ اڍائن هزارن کن سالن جو خال آهي. سنڌ جي مقامي ٻولين ۽ صورتخطين بابت پهريون پڪو حوالو بغداد جي محقق محمد بن اسحاق النديم جي ”ڪتاب الفهرست“ ۾ ملي ٿو، جيڪو هن سنه 377هه (88/987ع) ۾ مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. ان ۾ ڄاڻايو اٿس ته: سنڌ وارن جون مختلف ’ٻوليون‘ (لغات) آهن ۽ کين ڪيترن ئي قسمن جا رسم الخط آهن. هڪ شخص جيڪو سنڌ ملڪ گهمي آيو آهي تنهن مون کي ٻڌايو ته کين تقريباً هڪ سو خط آهن؛ پڻ چيائين ته سنڌ وارا نون (9) تائين انگ جدا جدا لکندا آهن ۽ پوءِ ڏهاڪن، سون ۽ هزارن لاءِ انگن هيٺان هڪ، ٻه يا ٽري ڏيندا آهن(1). هن حوالي مان ڀانئجي ٿو ته غالباً اسلام کان اڳ واري دور کان وٺي سنڌ جي مختلف ڀاڱن يا شهرن ۾ مقامي طور جدا جدا صورتخطيون هلندڙ هيون، جيڪي ويندي موجوده دور ۾ ويهين صدي تائين هلنديون آيون.

’عربي- سنڌي رسم الخط‘ جي شروعات ڪيئن ٿي تنهن بابت ڪي خاص معلومات موجود نه آهن پر پوءِ وارن ڪن اهڃاڻن مان اهو گمان نڪري ٿو ته عربي- سنڌي رسم الخط ٻن مرحلن ۾ راس ٿيو. پهرئين مرحلي ۾، يعني ٻي کان چوٿين صدي هجري تائين، سنڌي کي جيئن جو تيئن عربي الف- بي سان لکيو ويو؛ ٻئي مرحلي ۾، چوٿين صدي هجري جي آخر ڌاري ’عربي- سنڌي‘ صورتخطي جي شروعات ٿي جنهن ۾ ڪن خالص سنڌي اچارن لاءِ عربي- الف بي جي حرفن تي نقطا وڌايا ويا.

ٻي صدي هجري کان وٺي جيئن ئي عربي سنڌ ۾ انتظامي ۽ تعليمي زبان ٿي ته سنڌي جيڪا اڳ ئي مختلف مقامي صورتخطين ۾ لکي ٿي ويئي سا عربي خط ۾ پڻ لکجڻ شروع ٿي. سنڌ جي عالمن ئي ان جي شروعات ڪئي هوندي ڇاڪاڻ جو ٻولي جي کين اڳ ۾ ئي پوري ڄاڻ هئي، باقي جي سنڌي لفظن کي عربي اکرن ۾ ٿي لکيائون ته به لفظن جي اصليت کي بخوبي سمجهي ٿي ويا. شروع واري دور ۾ سنڌ اندر عربيءَ جو ڪوفي رسم الخط رائج هو، جنهن ۾ لکيل ڪتبا ڀنڀور جي جامع مسجد جي کنڊرات مان مليا آهن. سنڌي به پهرئين ڪوفي خط ۾ لکي ويئي، ۽ پوءِ جڏهن چوٿين صدي هجري ۾ نسخ خط رائج ٿيو ته ان خط ۾ لکي ويئي. ان بعد ايندڙ صدين ۾ سنڌي هميشه لاءِ نسخ رسم الخط ۾ ئي لکجڻ لڳي، جيئن اڄ تائين لکجي ٿي.

چوٿين صدي هجري جي پوئين اڌ ڌاري سنڌي اچارن جي ادائگي لاءِ عربي حرفن تي نقطن وڌائڻ سان بدليل صورت وارن حرفن جي بنجڻ جو گمان ٿئي ٿو. اهو انهيءَ ڪري جو چوٿين صدي جي پوئين اڌ ۾ لکيل ’ڪتاب الفهرست‘ ۾ سنڌ جي لکيتن ۾ ٽٻڪن جي وڌائڻ سان انگن جي قيمت ۾ تبديل واري روايت جو اهڃاڻ ڏنل آهي. انهيءَ روايت کي سنڌ جي عالمن اکرن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ۽ عربي الف- بي جي ڪن حرفن تي ٽٻڪا وڌائي خاص سنڌي اچارن لاءِ نوان اکر ٺاهيائون. پنجين صدي هجري جي شروعات کان وٺي سنڌي اچارن جي ادائگي وارو اهو عربي- سنڌي رسم الخط، بلڪ صحيح معنيٰ ۾ ’سنڌي رسم الخط‘، ابتدائي طور تي سنڌ ۾ رائج ٿيو. محقق اَبُو رَيحان بيروني پنهنجو ”هند بابت تحقيقي ڪتاب“ پنجين صدي هجري ۾ 410- 420هه (1020- 1030ع) وارن سالن ۾ لکيو، جنهن ۾ هن سڄي هندوستان جي جدا جدا ملڪن ۾ ان وقت جيڪي يارهن مکيه رسم الخط(1) رائج هئا تن جو ذڪر ڪيو.

ان سلسلي ۾ ٻڌايائين ته ’المنصوره‘ (واري ملڪ سنڌ) ۾ ’سيَندَب‘ (سينڌَو يا سَينڌوي) يعني ”سنڌي“ رسم الخط رائج آهي. اهو رسم الخط جنهن کي ”سنڌي“ ڪري سڏيو ويو سو سنڌي اُچارن لاءِ وڌيڪ ٽٻڪن ذريعي بنايل حرفن وارو عربي- سنڌي رسم الخط هو.

محقق بيروني ملتان کي پنهنجي تحقيق جو مرڪز بنايو ۽ اتان هو شايد سنڌ ۾ منصوره تائين آيو(1)، جنهنڪري کيس انهي سنڌي رسم روايت جي ڄاڻ هئي، جنهن موجب مقامي اچارن کي نروار ڪرڻ لاءِ عربي حرفن تي ٽٻڪا وڌايا ٿي ويا. بيروني به پنهنجي ”هند بابت تحقيقي ڪتاب“ ۾ جڏهن مقامي لفظ لکيا ته انهي ساڳيءَ رسم روايت کي استعمال ڪيائين. اهو انهي ڪري به جو جيڪي الفاظ بيروني پنهنجي ڪتاب ۾ استعمال ڪيا سي اڪثر سنڌي ٻوليءَ سان ملندڙ هئا. جرمن عالم ايڊورڊ سخاؤ، جنهن بيروني جي ’تحقيقي ڪتاب‘ جي عربي متن کي ايڊٽ ڪيو، سو بيروني جي استعمال ڪيل مقامي لفظن ۽ ڳاڻيٽي جي انگن تي غور ڪندي انهيءَ نتيجي تي پهتو ته اهو الفاظ بنسبت ٻين جديد هند- آريائي ٻولين جي، سنڌيءَ سان وڌيڪ مناسبت رکن ٿا.(1) اهڙيءَ طرح عربي- سنڌي صورتخطي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو نمونو خود محقق بيروني جي لکيتن ۾ ملي ٿو جو هن نقطا وڌائي نوان اکر (ک، ف، ز) ڪڍيا جن سان مقامي لفظ لکيائين: مثلاً ’ملفاري‘ (ملڦاري) بشف، مکر (منگر، سمنڊ جو منگرو)، مکهر (= مگهر، مهينو ناهري)، اکل (= آڱر)، زوک (= جون). انهن صورتن مان مکهر ۾ ’گهه‘ جي صورت پڌري موجود آهي(2). اهڙيءَ طرح ’سنڌي- عربي صورتخطي‘ جيڪا اسان تائين پهتي آهي، ان جا لکيت ۾ آثار (1020- 1030هه) واري عرصي تائين پهچن ٿا.

محقق بيروني کان پوءِ ڇهن صدين جي وڏي عرصي تائين سنڌي عبارتن جا ڪي به نمونا محفوظ نه رهيا آهن جن جي مطالعي سان ’عربي- سنڌي الف- بي‘ جي تاريخي اوسر بابت ڪي خاطر خواه نتيجا ڪڍي سگهجن. ”مقدمة الصلواة“ آڳاٽو ڪتاب آهي جنهن ۾ عربي حرفن تي ٽٻڪن وڌائڻ سان گهڻي ۾ گهڻا حرف سنڌي اچارن لاءِ آندا ويا آهن. اصل ۾ ’مقدمة الصلواة“ (نماز جي سمجهائڻي لاءِ مهاڳ) جي عنوان سان ڪتاب فارسي ۾ لکيل هو، پر جيئن ته هيءُ ڪتاب ’سنڌي‘ ۾ لکيو ويو انهيءَ ڪري ان کي ”مقدمة الصلواة سنڌي“ سڏيو ويو؛ بعد ۾ اهو اڃان به ”ابوالحسن جي سنڌي“ جهڙي سولي نالي سان مشهور ٿيو. هن نالي ۾ آيل لفظ ’سنڌي‘ سببان انگريزن جي دور ۾ ڪن پڙهيلن ائين ڀانيو ته مخدوم ابوالحسن نوان اکر ٺاهي نئين سنڌي الف- ب يا نئي سنڌي ٺاهي. ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ جا جيڪي قلمي نسخا باقي بچيا آهن تن مان موجوده ڄاڻ موجب، سنه 1115هه جو لکيل نسخو سڀ کان آڳاٽو آهي. انهيءَ لحاظ سان مٿئين گمان موجب ائين ڀانئبو ته ڄڻ وڌايل ٽٻڪن سان اکرن واري ’عربي- سنڌي الف- بي‘ سنه 1115هه ڌاري ايجاد ٿي؛ ان جي معنيٰ ته ان کان اڳ ان جي اوسر جي ڪا تاريخ ئي ڪانه هئي. ٻئي طرف اهو معلوم ٿي چڪو آهي ته سنڌي انگن اکرن لاءِ ٽٻڪن وڌائڻ واري رسم مخدوم ابوالحسن کان (جيڪو پاڻ 11 صدي هجري ۾ ٿي گذريو) گهڻو آڳاٽو هئي. وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن مخدوم ابوالحسن ئي پهريون ڀيرو اها ’عربي- سنڌي الف- بي‘ راس ڪري ها ته پوءِ ٻيا سڀ ان کي ساڳي صورت ۾ استعمال ڪن ها، ڇاڪاڻ جو اها هڪ ئي صورت سندن سامهون هئي. پر مخدوم ابوالحسن کان پوءِ واري لاڳيتي دور ۾ جدا جدا ڪاتبن جدا جدا صورتن وارا اکر ڪم آندا، ايتريقدر جو خود مخدوم ابوالحسن جي ڪتاب کي پڻ ڪاتبن جدا جدا صورتن وارن اکرن ۾ لکيو. سنه 1115هه (1703ع) ۾ لکيل ڪتاب ”مقدمة الصلواة سنڌي“ کان وٺي ايندڙ ڏيڍ سؤ کن سالن واري وڏي عرصي ۾، ويندي 1270هه (1853ع) تائين، جيتوڻيڪ ڪاتبن جدا جدا ٽٻڪن جي صورتن وارا اکر پئي استعمال ڪيا، پر جيئن پوءِ تيئن اختلاف گهٽجڻ لڳو ۽ گهڻي حد تائين ساڳي صورت وارن اکرن جي استعمال جو رجحان وڌيو. اهو رحجان اڳتي هلي انگريزن جي اوائلي دور ۾ اکرن جي ساڳين صورتن واري الف- بي جي استعمال لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيو.


 


(1) اصطخري: ”ڪتاب مسالڪ الممالڪ“، مطبوع لائيڊن، 1870ع، ص 177. ابن حوقل: ”ڪتاب المسالڪ والممالڪ“، مطبوع لائيڊن، 1872ع، ص 232.  

(1) هن حوالي توڙي اڳتي ٻئي تفصيل لاءِ ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (ٽرئو ڇاپو) پاڪستان اسٽڊيز سينٽر، سنڌ يونيورسٽي 1411هه/ 1990ع.

(1) ڪتاب الفهرست، مصري ڇاپو، سال 1348هه، ص 27.

(1) بيروني جي اصل عبارت لاءِ ڏسو ”ڪتاب تحقيق ماللهند“ جو عربي متن، ڇپيل حيدرآباد دکن، سنه 1377هه/ 1958ع، ص 135. بيروني جي مختصر بيان ۾ ٻن ٻين رسم الخطن جي ذڪر هيٺ به ’السند‘ جو نالو آيو آهي، جنهن جو ايڊورڊ سخاؤ منڌل نموني ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. (ڏسو البيرونيز انڊيا، لنڊن ڇاپو، 1910ع. جلد -1، ص 173). ان مان غلط فهمي ٿئي ٿي ته ڄڻ اهي ٻيئي رسم الخط به سنڌ ۾ رائج هئا. هن کان اڳ راقم کي به اها غلط فهمي ٿي جو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (سنڌ يونيورسٽي، 1411هه/ 1990ع، ص 81- 82)    ۾ اهڙو گمان قلمبند ڪيو ويو. بيروني ”السند“ کي وڏي وسيع سياسي حدن واري مفهوم ۾ آندو آهي ۽ ’المنصوره‘ کي خاص ملڪ (موجوده سنڌ جي برابر) جي معنيٰ ۾ اندو آهي، جنهن ۾ ’سنڌي رسم الخط‘ رائج هو. ديوناگري رسم الخط ڀاٽيه (جيسلمير- بيڪانير) ۾ ۽ ’السند‘ جي ڀر وارن علائقن (بهاولپور جي اڀرندين سرحد وارن ڀاڱن) ۾ رائج هو ۽ ملڦاري رسم الخط سنڌ کان ڏکڻ طرف واري ملڪ (ملبار؟) ۾ هلندڙ هو.

(1) ڏسو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ايڊٽ ڪيل بيروني جو ڪتاب ”غُزةُ الزيجات“ ڇپايل انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌيونيورسٽي، سنه 1972ع، انگريزي مقدمو، صفحا 39- 43.

(1) ڏسو ”ڪتاب تحقيق ماللهند“ جي يورپ ۾ ڇپيل عربي متن جو انگريزي ۾ لکيل مقدمو، ص 25.

(2) ڏسو ”ڪتاب تحقيق ماللهند“، عربي متن، ڇپيل حيدرآباد دکن، 1377هه/ 1958ع، صفحا 135، 142، 163، 178، 302، 125.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com