سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :27

”پر سائين، مون ته هر ويل پاڻ ڪُهايو آ.“

”مان مڃان ٿو ته ڪُهڻ وارا به اِهي ئي آهن،“ سندس صاحب چيو، ”پر هاڻي جو مٿان ڏمريا آهن ته پوءِ تنهنجو پاسو ڪير کڻندو؟“

”معنيٰ ته مان ائين ئي مارجي ويندس؟“

”اهو ته بابا تون به ڄاڻين ٿو ته ڪرِيل ماڻهوءَ جو ڪير به نه هوندو آ.“ صاحب چوڻ لڳو، ”پر منهنجو توسان ساٿ آ ۽ تون پڪ ڄاڻ ته هتي منهنجي مرضيءَ کان سواءِ ڪجھ به نه ٿيندو. انڪوائري آفيسر جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نه رکي ته آءٌ پاڻهي مٿين سان ڳالهائيندس... تون الله تي رک.“

”الله تي ته رکيو اٿم، سائين!“

”ته پوءِ سمجھ سڀ خير آ،“ سندس صاحب اٿيو ته هن کي موڪلائڻو پيو ۽ هو وڏي اطمينان سان ٻاهر نڪري آيو. ان ڏينهن هن پاڻ کي هلڪو هلڪو ڀانيو. ذهن تان بار لٿس ته اکيون پاڻمرادو ٻوٽبيون ويس، پر پوءِ به هن نماز پڙهي، قرآن لوڏڻ نه وساريا. تن ئي ڏينهن ۾ کيس سندس هڪ سياسي دوست مليو، صاف دل ۽ سچو، ۽ کيس انهيءَ ڪم لاءِ ڪراچي هلي ڊاڪٽر صاحب سان ملائڻ جو چيائين. ڊاڪٽر صاحب هڪ سياسي پارٽيءَ جي چيف آرگنائيزر هجڻ سان گڏ مالي طور تي به تمام مضبوط ۽ سماجي لحاظ کان اهم حيثيت رکندڙ هو. ڏاڍو ڏکيو هو ته ڪو ماڻهو سندس چوڻ موٽائي. ڊاڪٽر صاحب بنگلي ۾ اچي هن جو وات پٽجي ويو. هن پاڻ کي ڪنهن بادشاهه جي محل ۾ بيٺل ڏٺو.

”ڇا قيامت ۾ اڃان به اسان جھڙن کان پڇا ٿيندي؟“ ڊاڪٽر صاحب جي ڪمري ۾ ايندي، هن کان ماڊرن نموني وارو در به کلي نه سگھيو ۽ تمام گھڻو سوشل هوندي به کيس پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ تي کل اچي ويئي. ڊاڪٽر صاحب جو رعب ڏسي هو پهريائين ته ڳالهائي نه سگھيو، پر پوءِ هوريان هوريان چيائين، ”سائين! مخالف پارٽي وارن جي چوڻ تي منسٽر صاحب منهنجي خلاف ٿيو آ، توهان مهرباني ڪري کيس منهنجي سفارش ڪيو.“ ڊاڪٽر صاحب جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڪيو.

”هي منهنجي ننڍيءَ ڀاءُ جيان آهي، سائين!“ سندس دوست، ڊاڪٽر صاحب کي چوڻ لڳو، ”۽ هو هن جي خلاف انڪري ٿيا آهن جو هن گذريل چونڊن ۾ منهنجي ورڪ ڪئي هئي.“

”تنهنجي خلاف ڪو قدم کنيو اٿن ڇا؟“ ڊاڪٽر صاحب پڇيو.

”قدم ته في الحال ڪونه کنيو اٿن.“

”ته پوءِ کين چوڻ جي ڪهڙي ضرورت آ؟“

”سائين! ان لاءِ جو متان هو ڪجھ ڪري وٺن،“ سندس دوست چيو، ”آفيسر هروڀرو ناراض ٿي پيا آهن.“

”ان جو به ته ڪو سبب هوندو نه؟“

”سبب ٻيو ڪوبه ڪونهي قبلا! رڳو پسند ۽ ناپسند جي ڳالهه آ، ان ڪري اوهان جي مناسب سمجھيو ته...“

مان مناسب نٿو سمجھان،“ڊاڪٽر صاحب سندن ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”منهنجا پنهنجا اصول آهي ڀائو! مان وقت کان اڳ ڪابه ڳالهه ڪونه ڪندو آهيان. هونئن به توکي منهنجي زبان تي اعتبار ناهي.“

”اها ڳالهه ناهي سائين! رڳو اسان جي همراهه جي پارت اٿو.“

”توهان جي همراهه کي تڪليف ڪانه ٿيندي،“ ڊاڪٽر صاحب مڪمل تسلي ڏيندي چوڻ لڳو، ”هروڀرو اسان پنهنجو ماڻهو مارائينداسين ڇا،“ ۽ هو ٻيئي کانئس موڪلائي ٻاهر نڪري آيا. ان ئي ڏينهن هوٽل ۾ چانهن پيئندي هو ڪنڌ هيٺ ڪيون سوچيندو رهيو ته سندس دوست پڇيو:

”ڇا پيو سوچين؟“

”ڪجھ به نه،“ هن کان الائي ڇو ٿڌو ساهه نڪري ويو ته دوست چوڻ لڳس:

”اسان ماڻهن جا اعتبار وڏا هوندا آهن ۽ سوچون گھٽ.“

”مطلب؟“

”مطلب ته سرمائيدار چاهي سنڌ جو هجي يا چين جو، آمريڪا جو هجي يا جپان جو، پر سندن مفاد، مطلب ۽ غرضون مڙني جون ساڳيون هونديون آهن.“ سندس دوست چوندو رهيو، ”هنن ليڊر ماڻهن جي زبان ۽ دل ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آ.“ هنن ماڻهن جو اسان کي اٿي بيهي کيڪارڻ به ڪنهن مقصد کان سواءِ نه هوندو آ، ته جيئن اسان عام ماڻهن ۾ ويهي سندن نيڪي ڪريون.“ سندس دوست ساهي کنئي ۽ چيائين، ”اسين ڪيڏو نه آسرو ڪري آيا هئاسين. ڊاڪٽر صاحب کي بهرحال اهڙو ٿيڻ نه کپي ها...“ ۽ هو سوچڻ لڳو، ”ڇا هي فرعون ناهي؟“ ائين هفتو کن به نه گذريو، جو خبر پيس ته اتر سنڌ جي ڪنهن ضلعي ڏي بدلي ڪيو ويو آ، حالانڪه هو هتي ڏاڍو خوش هو، پر اهڙي پريشانيءَ واري حالت ۾ بدلي جي ڳالهه کيس بُري نه لڳي. باقي ايترو سو سمجھائين ته کيس بدلي ڪرائڻ وارو وڏيرو، سندس غلط ڪم نه ڪرڻ واري ڪنهن به آفيسر کي هتي سولو ٽڪڻ ڪونه ڏيندو. پر هن اڃا چارج ئي ڪانه ڇڏي جو هڪ ڏينهن هڪ دوست کيس ٻڌايو، ”ٻڌو اٿم ته حاجي ٿيو آن؟“ نوڪري واري خيال ۾ ”حاجي“ اکر سندس لاءِ نئون هو، ان ڪري وائڙن جيان وات پٽي کيس ڏسڻ لڳو ته هن پڇيس، ”توکي خبر ڪانهي ڇا؟“

”ڇاجي؟“

”توکي سسپينڊ ڪيو اٿن،“ ۽ هن کان ڇرڪ نڪري ويو. سندس دوست چوندو رهيو، ”ڊويزنل آفيس ۾ آيل نئين صاحب نٿي چاهيو ته تون اتي هجين، انڪري پريشر هيٺ رکڻ لاءِ ته متان اثر هلائي، تون پنهنجي بدلي بند ڪرائين، توکي سسپينڊ ڪيو اٿن. هاڻيءَ توکي ساڳيءَ جاءِ تي اچڻ لاءِ ٻيڻو زور لائڻو پوندو ۽ ظاهر آهي ته اهو ڪنهن به طرح ممڪن ناهي.“

ڊويزنل آفيس ۾ بدلي ٿي آيل سندس هن صاحب کي آئي اڃا ويهه ڏينهن به ڪو نه ٿيا هئا، جو اها مهرباني ڪئي ويئي. هن کي ياد آيو ته چارج وٺڻ جي پهرئين ڏينهن سندس نئين صاحب ساڻس ٻه ڪلاڪ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ڳالهائيندي چيو هو، ”منهنجو اهو خواب هو نه تون ۽ مان گڏجي هن حد تي ڪم ڪيون ۽ ان کي مثالي بڻايون. هاڻي اها مهل آئي آ، تون پڪ ڄاڻ ته توسان ڄڻ تنهنجو ڀاءُ مليو آ. تون اهو وساري ڇڏ ته ڪالهه ڇا ٿيو. پر اهو سوچ ته اسان کي اڳتي ڇا ڪرڻ کپي. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ قرآن ۽ گيتا (گيتا انڪري جو سندس صاحب هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ هو) شاهد آهن ته اسان ڪڏهن به هڪٻئي کي ڌوڪو نه ڏينداسين. تون ٻانهن سيراندي ڪري سمهي رهه. توتي جيڪو آڱر کڻندو، آءٌ ان جي ٻانهن ڀڃي رکندس، ڇو ته مون ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن زيردست کي مرڻ نه ڏنو آ.“

”توهان به پڪ ڄاڻو سر! ته منهنجي پاران ڪڏهن به شڪايت ڪانه ملندي.“ هن چيو هو ۽ هڪ وڏي ويساهه سان نيون رٿائون ڪرڻ لڳو. هن چاهيو ٿي ته نئين شوق ۽ جذبي سان ڪم ڪري ۽ پنهنجن ڪن آفسيرن جو وڃايل اعتماد بحال ڪري وٺي. ائين ئي ٻئي ڏينهن تي، نئين صاحب پنهنجي حد گھمائيندي، آفيسر جون هدايتون ٻڌي هن کي ريس اچڻ لڳي هئي ۽ سوچيو هئائين، ”اسان ته رڳو ڳالهيون ئي ڪري ڄاڻون. صحيح قوم پرست ته هي شخص آ، جيڪو هر وقت تعميري سوچ پيو رکي ۽ واقعي اهڙا ماڻهو هن ڏيهه جو اثاثو آهن.“ پر سندس اهي خيال وقت گذرڻ سان گڏ جھڪا ٿيندا ويا، جڏهن صاحب جي اچڻ جي پهرين ئي هفتي ۾ حڪم مليس ته پراڻن ڪم ڪندڙن کي ورڪ چارج تي رکي، انهن جي جاين تي صاحب جي ڳوٺ جي ڪجھ ماڻهن کي پڪو ڪري رکيو وڃي. ائين ڪن زيردستن کي سندن ڪوڙين صحيحن وارين درخواستن سان موڪل تي اماڻيو ويو ته هڪ ٻن غريبن کي زبردستي چريو قرار ڏياري نوڪري مان ڪڍي، انهن جي جاين تي پنهنجا من پسند ماڻهو رکيا ويا ۽ هو چاهيندي به ڪجھ ڪڇي نه سگھيو يا ائين کڻي چئجي ته هن ۾ آفيسر اڳيان احتجاج ڪرڻ جيتري همت ڪانه هئي.

اهڙي ئي نموني، پندرهن کن ڏينهن کان پوءِ هن کي جڏهن سرزمين تي ڪم لاءِ پنجاهه هزار روپين جو پهريون چيڪ مليو ته ديش پريمي صاحب جي اندر جي حقيقت جي اڀري آيل سج، سندس وجود کي تپائي ڇڏيو. هن جون قوم پرست انسان بابت قائم ڪيل سموريون سوچون برف جي سِرَ جيان ڄمي ويون. هن کي اعتبار ئي نٿي آيو ته سندس صاحب جيڪو ڪجھ چيو، ڇا اهو سچ آهي يا سندس ڪَن وڄي رهيا آهن. هن سوالي نظرن سان ٻيهر پنهنجي آفيسر ڏي ڏٺو ته ٻُڌائين، ”هونئن ته ڪا ڳالهه ڪانه هئي، پر مون کي مٿي ڪجھ ماڻهن سان منهن ڏيڻو آ، ان ڪري انهن مان پنجويهه هزار مون کي ڏي.“

”پوءِ سَرُ! ڪم ڪيئن ٿيندو؟“

”ڪم کي به ڏسنداسين“، صاحب چوڻ لڳو هو: ”تو وٽ پوءِ به ته خاشي رقم آ ۽ مان ٻه- ٽه ڏينهن ۾ وري به توکي ڪجھ رقم ڏيندس.“

”پوءِ به سائين، ٽيهن هزارن ۾ اڌ لک جيترو ڪم ڪيئن ٿيندو؟“ هن چيو ”۽ وڏي ڳالهه ته مان يا منهنجا زيردست به ته سارو ڏينهن اُس ۾ ٿا سڙن. اسان کي به پيٽ آ، ٻچا آهن....ٻيو نه ته پيٽ ڀري کائڻ جيترو ته ملڻ کپي نه“، هن نه چاهيندي به هٻڪندي چيو ته سندس صاحب چڙي پيو.

”تنهن جي معنيٰ ته اهو سچ آ ته تون پنهنجن صاحبن سان صحيح ڪونه هلندو آن؟“

”اها صحيح يا خراب هلڻ جي ڳالهه ناهي سَرُ“، هن هروڀرو سبب ڏيڻ چاهيو، ”اسان جي ته رڳو ڪم ۾ ئي عزت آ ۽ ڪم نه ٿيو ته پاڻ ٻاهرين ماڻهن اڳيان ڪهڙو ڪنڌ کڻي سگھنداسين... پوءِ به جي توهان کي ٻه- ٽي هزار کپن ته...“

”ٻه- ٽي هزار ڪي مان توکان پنان ٿو ڇا؟“ صاحب سندس ڳالهه ڪٽي ڇڏي ۽ بي رخي مان چيائين. ”مون کي ٽڪو به نه کپي. تون سڀ رقم ڪم ۾ وڃي لڳاءِ.“

”توهان جي مرضي سائين.“

”ها... ۽ مان ڪم ڏسڻ کان سواءِ نه رڳو بل پاس نه ڪندس، پر ڪم ۾ به جي ٽڪي پئسي جي کوٽ ٿي ته نه سهندس.“

”توهان تسلي ڪيو سر! مان پاڻ بيهي ڪم ڪرايان ٿو. پوءِ به جي ٻه پئسا بچيا ته اول اوهان، پوءِ اسان...“

”ائين ته بابا پئسا ڪٿي بچندا.“ صاحب مڪاري واري کِل کليو. ”اڳيان به تون آهين.“

”معنيٰ ته اوهان کي مون تي اعتبار ڪونهي.“

”خير، ڪا ڳالهه ناهي. تون وڃي ڪم وراءِ.“ صاحب رُکو ٿي چيو ۽ اڳيان رکيل فائيل ۾ اکيون کپائي ڇڏيائين ته هو مجبوراً ٻاهر نڪري آيو. ائين ان ڳالهه کي هفتو به ڪونه گذريو هو، جو پهريائين سندس بدلي ٿي ۽ اڄ ڪنهن دوست واتان اها خبر ٻُڌائين...  هڪ نئين فرعون جي فرعونيت جي ڳالهه!

        *              *              *

پنهنجي پٽڪي لهڻ جي ڳالهه ٻڌي هو وهاڻي ۾ منهن ڏيئي ڏاڍو رنو، صرف ان لاءِ ته هن محنت ڪئي هئي، پر ان جو اجورو کيس ههڙي نموني مليو هو!

هن کي ياد آيو ته جڏهن چوويهن سالن جي عمر ۾ ڊگري وٺي نڪرڻ تي کيس نوڪري ملي هئي ۽ وڌيڪ فيلڊ سکيا وٺڻ لاءِ، اٽيچ آفيسر طور، سکر واري آبپاشي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، تڏهن هن جو ترت عملدار سروس ته ڇا عمر به اڌ کان وڌ وهي گذاري چڪو هو ۽ پهرين ئي ڏينهن چانهن دوران چيو هئائينس: ”محنت ڪرڻ تنهنجو مقصد هئڻ کپي. ڪاميابي قدرت جو ڪم آ. ياد رک ته خدا ڪنهن به انسان جي ڪابه محنت ڪونه وڃائيندو آ ۽ وڏي ڳالهه ته محنت سان ئي ماڻهو وڌيڪ سکندو آ ۽ ٻيو ته ڪوشش ڪري ڪڏهن به ڪنهن تي گند نه اڇلائبو ڇو ته ائين ڪرڻ سان اڳلي ماڻهوءَ کي نقصان رسي يا نه پر گند اڇلڻ واري جا پنهنجا هٿ اول گندا ٿيندا آهن.“ هن محسوس ڪيو هو ته اهو سندس باس نه پر ان جو تجربو ڳالهائي رهيو هو. صاحب چيو هوس: ”تون هڪ عزت واري عهدي تي آهين. هتي هر ڪو ماڻهو پاڻ وڻائڻ لاءِ توکي پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندو ۽ اصولي طور توکي مڙني کي ٻڌڻو آ پر ياد رکج ته ڪنهن به سلسلي ۾ فيصلو هر حالت ۾ تنهنجو پنهنجو هئڻ کپي.“ سندس باس چوندو رهيو هو: ”ڪوشش ڪري سٺي سوچ رکبي. ضروري ناهي ته بري سوچڻ سان ماڻهو برو ڪري، پر سٺي سوچڻ سان ماڻهو سٺوئي ڪندو.“ ۽ پوءِ پنهنجي نوڪري جي پهرين ڏينهن، پنهنجي ان مهربان آفيسر جي ڪمري ۾ ٻڌل انهن هدايتن کي پنهنجو اصول بڻائيندي هن سارو عرصو محنت ڪندي گذاريو ۽ انڪري کيس عزت به ملي، پر بدقسمتي جو حد کان وڌ ايماندار بڻجڻ جي شوق ۾ هن منسٽر جي دوست هڪ وڏيري کي رنجايو ۽ هڪ ننڍڙي ڳالهه سندس لاءِ ڏکين ڏينهن جو سج بڻجي اڀري. بعد جي خبرن موجب ته سندس خلاف ان معاملي کڙي ڪرڻ ۾ هن جي پنهنجن ڪجھ ساٿين جو به هٿ هو ۽ کيس ٻنهي هٿن سان ڦُرڻ وارا مهربان صاحب به پڙ ڪڍي بيهي رهيا. پيڙائن جي پاتال ۾ غوطا کائيندي، هن محسوس ڪيو ته ويڌن، ظلم، جبر يا ناحق ڇاهي؟ ڇو ته ٻئي کي ٻڏندو ڏسي، سندس سور جو اندازو ڪرڻ بجاءِ، هو ته پاڻ ٻڏو هو. وقت جي فرعونن جي سنگينن جا چهڪ سهي سهي هن اندازو لڳايو هو ته ماڻهوءَ جو ڏک ڇا ٿيندو آ؟ ائين پنهنجي هيڊ آفيس واري آفيسر وٽان، هر قدم لاءِ ”منسٽر جو حڪم“ واري ڳالهه ٻڌي هو ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪراچي هليو آيو هو. کيس اميد هئي ته ڊاڪٽر صاحب جي چوڻ تي نه رڳو سندس سسپينڊ ٿيڻ وارو آرڊر رد ٿيندو پر مقرري به ساڳيءَ جاءِ تي ٿيندي. ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي ڪنهن ڪم سان اسلام آباد ويل هو، جنهن جي اچڻ تائين، هو ٽي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ويٺو رهيو، پر سندس آس جو گھڙو ان ويل پرزا پرزا ٿي ويوجڏهن ڳالهه ٻڌي ڊاڪٽر صاحب چيو هوس: ”مان ڀانيا ٿو ته اسان جي دوست منسٽر صاحب جو ڪو به قدم بنا سبب يا غلط نه هوندو... ان ڪري تون پاڻ ئي وڃي حالتن کي منهن ڏي.“ ۽ پوءِ پاڻ ئي دل ٻڌي پنهنجي کاتي جو وزير سان ملڻ جو سوچيائين. ائين ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ وزير صاحب جي ڳوٺ تائين رُلڻ کان پوءِ، کيس مس مس ديدار ڪرڻ جو موقعو مليو ته هو دانهي اٿيو.

”خدا ٿو ڏسي ته منهنجو ڪو به ڏوهه ڪونهي، سائين!

”پر مون ته تنهنجي خلاف ڪجھ به ڪونه ڪيو آ، بابا!“

”مون کي توهان جي حڪم تي نه رڳو بدلي پر سسپينڊ به ڪيو ويو آ!“

”منهنجي حڪم تي نه پر انڪوائري آفيسر جي رپورٽ تي.“ وقت جي ڪرسيءَ تي ويٺل فرعون کيس جوهه وجھي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو: ”جاچ ڪندڙ آفيسر جو اهو به چوڻ آ ته توکي پوليس جي حوالي ڪيو وڃي.“

”پر منهنجو ڪو ڏوهه به ته هجي نه، سرُ!“

”ڇا اهو ڏوهه ناهي ته تو سائين قاسم شاهه جي ٻنيءَ تي بلڊوزر موڪليا هئا؟“

”اهو ته مٿين آفيسرن جو حڪم هو، سائين!“

”۽ منهنجي ڳالهه ڄڻ ڪنهن ڪلفين وڪڻڻ واري جو هوڪو هئي؟“ صاحب چڙي پيو: ”حڪومت ۾ اچي اسان پنهنجي ڪنهن دوست جو ايترو به ڪم نه ڪيو ته ڇا مئلن کي قبرن مان اٿارينداسين؟“

”مون سان زيادتي ٿي آ، سائين! هو چوڻ لڳو: ”گذريل سورنهن سالن ۾ منهنجي هڪ به سالياني رپورٽ خراب ناهي ۽ نه ئي وري هن معاملي ۾ مون کي ڪوليٽر به مليو آ.“

”ته پوءِ ڪورٽ ۾ وڃ.“

”مان هڪ ننڍو زيردست آهيان، سائين! منهنجي ايتري پهچ ڪٿي آ؟“

”اها ته تنهنجي مرضي، باقي آءٌ ڪجھ ڪونه ٿو ڪري سگھان.“ وزير صاحب، پٿر تي ليڪ جيان، سندس تقدير جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ هو ذري گھٽ ڇهه مهينا ان سور ۾ سڙندو رهيو.

سارو ڏينهن چپ چاپ هو انهن ويساهه گھاتين بابت پاڻ کي ايمان جو پتلو چوائيندڙ بي ايمان عملدارن بابت سوچيندو رهندو هو، جيڪي خود کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ٻين جي ڪنڌ تي ڪات وهائيندي به نه مڙندا آهن. هن ته نوڪري ۾ اهڙا به سرڪاري صاحب ڏٺا، جيڪي پنهنجي پيٽ ۾ به پنهنجو وٺي نه کائيندا هئا ۽ وري جڏهن به ڪا ڳالهه نڪتي ته پاڻ کي ڪنهن غوث ۽ قطب کان به وڌيڪ پاڪ چوائيندا هئا. کيس ياد آيو ته هن جي هڪ آفيسر، هڪ وار کيس چئي ٻن هزار روپين جي قيمت وارو فائونٽين پين جو سيٽ گھرايو ۽ انهن تي پنهنجا نالا لکرايا، پر هن جون ان وقت عجب مان اکيون ڦاٽي ويون هيون، جڏهن انڪوائري تي آيل جاچ آفيسر، هڪ ويلَ کيس ڪو ڪورو ڪاغذ صحي ڪرڻ لاءِ چيو ته اُن آفيسر وٽ اها ساڳي پين هئي، جيڪا هن سندس گھڻگھري دوست ”گلو“ کي وٺي ڏني هئي. هو سوچڻ لڳو ته انهن مڙني ڳالهين جو ذميوار ڪير آ. ڇا ڪو هڪ فرد، هڪ ماڻهو، هڪ طبقو يا هي پورو نظام، جنهن جي مهنداري انهن ئي فرعونن جي هٿ ۾ آ، جيڪي اڪثريتي بنياد تي ان جي رهنمائي نٿا ڪري سگھن. ته ڇا اهڙو ڪو به حل ڪونهي ته ماڻهو پاڻ کي ان ماحول مان آجو ڪري سگھي. ڇا اسان ان نظام جو مقابلو ڪري ان کي ٽوڙي نٿا سگھون.

ائين ڪئين باغيانه سوچون هن جي ذهن جي پردن سان ٽڪرائجڻ لڳيون. هن سوچيو....”ڏيهه جي لکين اڻ پڙهيل ۽ بکين ماڻهن بابت، جيڪي پوليس جي سپاهي جي سڏ کي به ملڪ الموت جو نياپو سمجھي، موت کان اڳ ئي مري ويندا آهن يا اهڙا اٻوجھ انسان، جيڪي يزيديت جو پوش پائي مڪاريءَ واري کل کلندڙ شيطانن کي سڄڻ سمجھي، پنهنجو رت به وهائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. پر هي فرعون، جيڪي ڌرتيءَ جا ڌڻي جا ڌڻي بڻجي، پڙهيل لکيل انسانن جوئي جيون وهه ڪيو وتن، ڇا سنڌ جي مسڪين ماڻهن لاءِ ڪنهن وبا کان گھٽ هوندا!“ هن سوچيو ۽ کيس ڪيئي سوال وڪوڙي ويا. ته.....”ڇا اهڙن فرعونن خلاف ڪو محاذ کڙو ڪري نٿو سگھجي.....يا انهن يزيدن جو خاتمو اسان جي قومي جدوجھد جو حصو ناهي.“ هن کي خيال آيو ته، ”اهڙن فرعونن جو علاج صرف ڳاڙهو انقلاب ئي آ، جنهن ۾ ڀلي رت جا نوان ويراواهه به ڇو نه وهائڻا پون....پر کيس لڳو ته هن جا اهي انقلابي خيال، ڄڻ ته ڪنهن شيهي جي ديوارن واري ڪوٺيءَ ۾ قيد ڪيل خواب هجن، جيڪي ڪڏهن به ان طلسم کي ٽوڙي ٻاهر اچي حقيقت بڻجي نٿا سگھن. انهن ئي مايوسي جي ڏينهن ۾، هن جا اعتقاد، عقيدا ۽ ويساهه هر لحاظ کان ڊانوان ڊول ٿيا ته سندس نظريا به ڦرڻ لڳا.

”مون کي هنن تي درخواستون ڪرڻ کپن.“

”ڇو نه ڪن ڌاڙيلن سان ملان.“

”هنن تي ڇاپو هڻائجي.“ ۽ ڪئين ٻيا برا خيال، پر شايد پنهنجي من ۽ وسهي ويل ان سوچ موجب ته ”ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي ڪو ٻيو به مون سان ائين ڪري ته منهنجن ٻچن جو ڇا ٿيندو؟“ هو ڪو به غلط ڪم ڪري نه سگھيو. تڏهن ئي هڪ ڏينهن سندس ماءُ کيس چيو، ”ڏکيا ڏينهن ڏسي تون خدا کي وساري ويٺو آن، پر هن جي وجود جو انڪاري نٿو ٿي سگھن.“ هن جا ماءُ توڙي کڻي گھٽ پڙهيل پر بنيادي طور تي مذهبي عورت هئي ۽ پنهنجي ڏاهپ جي ڪري، ڳوٺ جي سياڻين زائفن مان ليکبي هئي، هن چيو هوس، ”تون ذهني طور تي اها ڳالهه قبولين ٿو ته هن ڪائنات کي هلائڻ واري ڪا ته هستي آ، ته اهائي طاقت اسان جو رب آهي، ۽ الله جو قول آ ته سوڀ سدائين سچ جي ٿيندي، ان ڪري سياڻو ٿي، خدا کي نه وسار....هونئن به ننڍي کي ئي وڏي ڏي اچڻو پوندو آهي.“ ۽ هن کي لڳو ته سندس ماءُ سچ چئي رهي هئي. پر پوءِ به دل عجيب ٻڏتر ۾ ڦاٿل رهيس. تن ڏينهن ۾ اهو به اتفاق ئي چئجي جو صوبي جي سڀ کان مٿانهين عهدي تي ڪم ڪندڙ عملدار جي اوچتي موت ڪري جڏهن صوبائي ڪابينا ٽٽي ۽ هن تي ڏمريل وزير به ٽپڙ ٻڌي گھر ڀيڙو ٿيو ته ٿورو ئي وقت ۾ مٿس مڙهيل ڪيس ڄڻ ته پاڻمرادو ختم ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ نوان وزير کنيا ويا ۽ هڪ وار ڪنهن ڄاڻو کيس چيو، ”تون ذهين ۽ محنتي آن، عمر به ايتري ڪانه اٿئي، پوءِ ائين ڇو پيو پاڻ ولوڙين.“

”ته ڇا ڪيان؟“

”ڪنهن ٻئي کاتي ۾ ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟“

”هتي پڳ ٻڌي اٿم، جو ٻئي هنڌ وڃي ڦاڙها ماريندس.“

”مان مذاق نه ٿو ڪيانءِ،“ سندس دوست سنجيدگيءَ مان چوڻ لڳو، ”ٻه ڏوڪڙ خرچ ڪرين ته مان توکي تمام سٺي نوڪري وٺرائي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ ۽ هن جو ويساهه وڌي ويو هو.

”ڪهڙي کاتي ۾؟“

”جنهن ۾ به چوين،“ دوست چيس، ”مٺائي تي ملهه آ.“

”مطلب.“

”مطلب ته جيترا پئسا وڌيڪ ڀريندين، اوتري ئي وڏي ڪرسي ملندئي.“

”پوءِ اها مختيارڪاري هجي يا ان کان به مٿي،“ هو ڪجھ ڪجھ سيريس ٿيڻ لڳو.

”جيڪا به چوندين، سا ملندي.“

”اي. سي. جا گھڻا وٺندين؟“

”تنهنجي سِرَ کان ڇهه لک.“

”ڇهه لک....!“ هن کان دانهن نڪري ويئي هئي.

”ڇهه لک گھڻا آهن ڇا؟“ سندس دوست کلي ڏنو. ”ذري گھٽ اڌ ضلعي جو مالڪ ٿيندين“ ۽ هو دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳو.

”هڪڙي ڳالهه چوانءِ“ سندس دوست چيس، ”سورنهن سال ڀوڳڻ کان پوءِ رڳو پرايا گھر ڀريا اٿئي.ٻچڙيوال آن، ڪجھ پاڻ لاءِ به ڪر. جيڪڏهن سڀاڻي هيٺ مٿي ٿيندين ته ڪو ويجھو به ته ايندءِ.“ سندس هي دوست، ملڪ جي هڪ وڏي گادي ڌڻي جو ساڄو هٿ ليکبو هو ۽ مشهور هو ته ان جي مرضي سان ئي ماڻهو هٿ ڪري ٺاهوڪين رقمن تي انهن جا ڪم ڪرائيندو هو. هن چيو هوس، ”اعتبار ڪرين ته انهيءَ پوسٽ لاءِ ماڻهو اٺ لک ڏيڻ لاءِ به تيار آهن، پر مان چوان ٿو ته ڪنهن دوست جو ڪم ٿي ته سٺو آ، جو سڀاڻي ڪنهن ڪم ته ايندو...۽ مان ڀانيا ٿو، تون ايترو غريب به ناهين جو اها رقم هٿ ڪري نه سگھين....ٻني جا ٻه نمبر يا ڳهه ڳٽو کپائي به جي اها نوڪري ورتئي ته سڀاڻي لکن ۾ کيڏندين.“

”ڪم ڪير ڪندو.“ هن دل ئي دل ۾ پئسن گڏ ڪرڻ بابت سوچيندي پڇيو، ۽ ان جي پڪ ڪهڙي آ ته سڀاڻي مون کي ڪير لاهي نه ڇڏيندو؟“

”جيڪو ماڻهو ڪم ڪندو، آءٌ توکي ان سان هلي ملائيندس. هڪ هٿ ۾ پئسا، ٻئي ۾ آرڊر، توکي رڳو اها پڪ ڏيارڻي آ ته سائينءَ جو نالو ظاهر نه ڪندين.“ سندس دوست چيو، ”باقي ڳالهه رهي نوڪريءَ جي پڪي هجڻ جي ته اها به سائينءَ جي شخصيت ئي آهي، جنهن جو ڪنهن به حڪومت سان نه پر هن ملڪ جي هجڻ سان واسطو آ.“

”توکي پڪ آ ته ڪم ٿيندو؟“

”بلڪل ٿيندو، ڇو ته ان ڪم لاءِ توکان پنهنجي خرچي پنجاهه هزار روپيه الڳ وٺندس.“

”مون کان ڏوڪڙ وٺندين شرم نه ايندئي؟“ هن کلي ڏنو ته سندس سنگتي ٺيٺ واپاري لهجي ۾ چيس، ”ڌنڌي واپار ۾ دوستي گھٽ هلندي آ ڀائو. باقي هُج هلندي جي ٻه هزار گھٽ ڏنئي ته مڙئي خير آ،“ سندس دوست کيس ٻڌايو، ”مان ته چوان ٿو ته تو هي سور به اجايو کاڌو. مون سان جي ملين ها ته ٿوري خرچ ۾ ئي جان ڇٽي وڃئي ها.....پر تنهنجو ڀاڳ آهي جو مان به ٻاهر هليو ويو هوس.“

”پر چون ٿا ته منسٽر صاحب آنيسٽ هو.“

”ڇڏ يار،“ سندس دوست چيو، ”پاڪستاني وزير ۽ ايماندار؟ اڙي ڀائو اهي ڳالهيون اسان کان پُڇ، هتي ته سڀني جو ڍينگو ڍير لڳو پيو آ.“

”خير ڇڏ انهن ڳالهين کي هل ته سائينءَ سان هلي ڳالهايون.“

”ته پوءِ دير ڇاجي، ويهه گاڏي ۾“ ۽ هو ان وقت ئي وڏي سائينءَ سان اچي مليا ۽ ڪي گھڙيون هن جي دل ۾ خيال آيو، ڪنهن فرعون بابت.

شام ڌاري ڳالهه پڪي ڪري گھر آيو ته سڀ کان اول ڪمري ۾ وڃي ماءُ ۽ زال کي ٻڌائي، ڳهه ڳارڻ ۽ ٻني وڪڻڻ جو چيائين، ”لک کن ته هونئن به هٿ ڪري وٺنداسين.“

”اهي ته گھر جي خرچ لاءِ به کپن....“ هن چيو، ”ڇهه مهينا پشاور وڃي ٽريننگ ڪرڻي آ.“

”تون ڇا ٿو ڀانئين، ڪم ٿي ويندو؟“ جوڻس جي اڻ تڻ وڌي ويئي.

”سمجھ ته ٿيو پيو آ.“ هن اڃان ايترو مس چيو ته ماڻس جا ٻئي هٿ مٿي کڄي ويا.

”شڪر ٿيو ابا، تنهنجي هنن فرعونن مان ته جان ڇٽي. موت پين، جيئڻ ئي وهه ڪري ڇڏيو هئائون!“ ۽ هن کان کل نڪري ويئي.

”مون توکي اڳ ۾ چيو هو، امان! ته فرعون، نمرود يا شداد، ڪنهن ماڻهو جو نه پر هڪ سگھ جو نالو آ، جنهن جي زور تي ئي اهي ماڻهو خدا بڻجي ويندا آهن،“ ائين هن پنهنجي زال ڏي ڏٺو ۽ چيائين، ”هاڻي ته مان به فرعون بنجڻ وارو آهيان.“ هن پنهنجي اصليت ظاهر ڪري وڌي.

”اَئي ابا! ائين ته نه چئو.“ سندس جملو ٻڌي ماڻس دانهن ڪئي ته هن وراڻيو، ”مان ڪوڙ نه پيو ڪيان، امان! پهرين ڳالهه ته ائين ڪري مان ڪنهن حقدار جو حق نه ماري رهيو آهيان، جيڪو غريب آ ۽ پئسا نٿو ڀري سگھي ۽ ٻي ڳالهه ته روڪڙ ڏيئي صاحب بڻجڻ وارو ڀلا ڪنهن سان انصاف ڪندو؟.....هو ته چاهيندو ته ٿوري وقت ۾ ئي ستن لکن جي جاءِ تي ستر لک گڏ ڪري وٺي....“ هن پنهنجي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ چوڻ لڳو. ”هاڻي تون ئي انصاف ڪر، امان! ته ڇا تنهنجو پٽ فرعون ناهي.“ ائين هن ٽهڪ ڏنو ۽ ڪمري مان نڪري ٻني کپائڻ لاءِ ڳوٺ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.

 

احسان دانش

 

پيڙا جو پڙلاءُ

 

هو ڊرامانگار آهي، ملڪ جي مهان ڊراما نگار مان هڪ. ٽي. ويءَ تي پيش ٿيل سندس ڪيترن ئي ڊرامن تي کيس ڪافي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. ٽي. وي، ريڊيو، توڙي اسٽيج جا پروڊيوسر ۽ ڊرامي جي ڪابه قسط مِس نه ڪندا آهن. سندس ڊراما جيئرين جاڳندين حقيقتن ۽ زندگيءَ جي ڳوڙهن مسئلن تي مبني هوندا آهن. سندس هر ڊرامي جو هر ڊائلاگ سيني ۾ سانڍڻ جھڙو هوندو آهي. هن جي لفظن جو ساگر تيز ڇوليون هڻندي فڪر جون سرحدون پار ڪندي ماڻهن جي دلين ۾ سمائجي ويندو آهي. سندس قلم ۽ وڏي رواني آهي. جڏهن به لکڻ ويهندو آهي ته سندس قلم بيهڻ جو ته نالوئي ناهي وٺندو. هو جيترو سهڻو، گھڻو ۽ تيزيءَ سان لکندو آهي، ڳالهائيندو وري اوتروئي گھٽ آهي. ها، پر جيڪڏهن ڪنهن موضوع تي ڪڏهن کُلي پوندو آهي ته ٻڌندڙن جي آڏو علم ۽ عرفان جا گوهر پکيڙي ڇڏيندو آهي. سندس شخصيت نهايت پرڪشش ۽ رعبائتي آهي.

هڪڙي ڀيري ڊرامي تي ليڪچر ڏيندي چيو هئائين: ”ڊراما- رائيٽر خوبصورت کان خوبصورت ڊراما لکن ٿا، ۽ آرٽسٽ وري مختلف ڪردارن جو روپ وٺي انهن ۾ جان ڀرن ٿا. خير ڊارما آرٽسٽ ته ڊراما ڪن ئي پيا پر حقيقت اها آهي ته اسان جي اردگرد هر ماڻهو ڊرامو ڪري پيو؛ ڪو ڏکن، پيڙائن، صدمن، حسرتن ۽ خوابن جو ڊرامو ته ڪوئي وري خوشين، مرڪن، ٽهڪن ۽ جادوگري وارو ڊرامو. زندگي خود هڪ طويل ڊرامو آهي، جنهن جا اسين سڀ ڪردار آهيون- ڪي هيرا ته ڪي وِلين، ڪي ماني ڳڀي لاءِ واجھائيندڙ غريب، مسڪين ۽ يتيم ته ڪي وري ڪتن جي آڏو عمدو کاڌو اڇلائيندڙ ڌنوان. هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪردار سان پورو پورو انصاف ڪري پنهنجي حياتيءَ جي ڊرامي جي ڪلائميڪس تي پهچي فنا ٿي وڃي ٿو. پوءِ انهن مان ڪي ڪردار امر ٿي وڃن ٿا ته ڪي وري ڌرتيءَ جي وشال سيني ۾ هميشه هميشه لاءِ دفن. پر ها، زندگيءَ جو ڊرامو هڪ حقيقت آهي، هڪ سچو ڊرامو آهي، سچا ڪردار آهن، ان جا ڊائلاگس ڪنهن به ليکڪ نه لکيا آهن، اهو ڊرامو ڪنهن به پروڊيوسر جي پروڊڪشن نه آهي، ڪوبه ڪردار ڪنهن ڊائريڪٽر جي ڊائريڪشن جي مطابق پارٽ پلي نٿو ڪري، پر پوءِ به هر ڪو خوب انداز سان زندگيءَ جي ڊرامي سان نڀائي رهيو آهي...“

هن جو اهڙو فلسفياڻو ليڪچر هر ماڻهو غور ۽ نهايت سنجيدگيءَ سان ٻڌي رهيو هو. سندس گفتگوءَ جي ميٺاج کي محسوس ڪندي ماڻهو تاڙين جي روپ ۾ کيس خراج پيش ڪري رهيا هئا. فنڪشن ختم ٿيڻ کان پوءِ کانئس ڪيترن ئي ماڻهن آٽوگرافس ورتا ۽ تعريف جا گل نڇاور ڪيا.

سندس آٽوگراف کي ماڻهو پنهنجي لاءِ وڏا اعزاز سمجھندا هئا.

هڪڙي انٽرويو ۾ جڏهن کانئس پڇيو ويو ته محبت ۽ نفرت اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي، ته جواب ۾ چيائين: ”محبت دراصل هڪ فطري عمل آهي، پوءِ اها فطرت جي رنگن، خوشبو، گلن، پوپٽن يا وري ڪنهن ماڻهوءَ جي حسن، سونهن، شخصيت يا فڪر ۽ ڏاهپ سان ئي ڇو نه هجي. محبت هڪ اهڙيءَ خوشبو آهي، جيڪا ڪنهن گل ۾ موجود نه آهي. محبت سچائي، بي باڪي ۽ ٻن دلين جي سچن جذبن جي وڏي و‎ٺ جو نالو آهي. محبت دل جي بند دروازي جي چاٻي آهي. اندر جي گھٽ کي بهار جي موسم به دور نٿي ڪري سگھي. ها، پيار ۽ محبت جي چاشني سان ڀريل ٻول اها ٻوسٽ ختم ڪري سگھن ٿا. محبت جو ٻوٽو قرب جي پاڻي سان وڌي پيار جو ڦل ڏيندو آهي. ڌرتي کان آڪاس تائين رڳو محبت جو ئي پڙاڏو آهي، ڪوئي اُن کي ٻڌي ته ڏسي! اوهان نفرت لاءِ به پڇيو هي. بس نفرت جي باري ۾ آءٌ فقط اهوئي چوندس ته نفرت هڪ اهڙو ٻج آهي جيڪو جيڪڏهن هڪ دفعو دل جي زمين تي ڇٽجي ويو ۽ ڦٽي پيو ته اُن کي پٽڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ٻين لاءِ نفرت ڦهلائيندڙ شخص پاڻ به ڪڏهن محبت حاصل نٿو ڪري سگھي. دل مان نفرت کي فقط محبت جي طاقت سان ئي مٽائي سگھجي ٿو. رويو به نفرت ۽ محبت جو اظهار هوندو آهي. محبت زندگيءَ بخشي ٿي نفرت موت. بنيادي طور انسان محبتن جو پيغامبر آهي. نفرتون ڦهلائڻ ته شيطان جو شيوو آهي، پر ها، انسان به ڪڏهن ڪڏهن ابليس ٿي پوندو آهي. حقيقت اها آهي ته اسان اڃا لفظ ’محبت‘ جي وسعت کي سمجھيو ئي ڪونه آهي، پر پوءِ به ان کي هر هنڌ پيا ٿا ٽنبيون.“

”ڀلا زندگيءَ کي اوهان ڪهڙي اک سان ٿا ڏسو؟“

”مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته اوهان جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي آءٌ زندگيءَ کي لفظن جي زنجير ۾ ڪيئن قيد ڪيان، پر پوءِ به ٽٽل لفظن ۾ ان سوال جي جواب ۾ هيئن ئي چئي سگھان ٿو ته زندگيءَ قيد به آهي ته آزادي به، گلن جي سيج به ته ڪنڊن جو بستر به، جيون امرت پيالو به آ ته وِههُ جو وٽو پڻ. زندگيءَ خواب به آهي ته حقيقت به. زندگي مسلسل جاکوڙ ۽ مسئلن جي پلصراط تان گذرڻ جو نالو آهي. ها، زندگي غمن، خوشين، خوابن، حسرتن ۽ اميدن جو مجموعو آهي. زندگي هڪ جھرندڙ پل آهي جنهن تان هر ماڻهوءَ کي احتياط سان گذرڻو آهي. زندگي هڪ اهڙي ٽاري آهي جنهن ۾ ڏک ۽ سک ڪنڊي ۽ گل وانگر موجود آهن، يا هڪ اهڙي آڊيوڪيسٽ جنهن جي اي سائيڊ ڏانهن ٽهڪ ۽ بي پاسي ڏانهن سڏڪا رڪارڊ ٿيل هجن. خوابن جي دنيا ۾ رهڻ وارا زندگيءَ جي تلخ حقيقتن مان ڪڏهن به سبق حاصل نٿا ڪري سگھن. مون هي جيڪي ٻه ٽي لفظ زندگي تي ڳالهايا، مان سمجھان ٿو ته اُن جي باوجود به آءٌ زندگيءَ جي فلسفي يا مفهوم کي واضع ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ويو آهيان، ڇو ته فقط لفظ ’زندگي‘ کي ئي ڪوبه ڪڏهن به واضع نٿو ڪري سگھي، ڇو ته زندگي هڪ منجھائيندڙ ۽ ڏکيو سوال آهي. بقول شاعر:

ڪو پڇي ٿو ته ڏک يا خوشي ڇاهي،

ڪو پـڇي  ٿو  ته  روشني   ڇاهي

مون کان ايڏو ڏکيو سوال نه ڪر،

تو   پڇيو   آ   ته   زندگي ڇاهي.

”سائين! اوهان هاڻي ڏک ۽ خوشيءَ جو به ذڪر ڪيو. انسان جي زندگيءَ ۾ انهن ٻنهي ڪيفيتن کي اوهان ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟“

”ادا، مان ته ائين چوندو آهيان ته ڏک انسان جو ڏاج آهن. ڏک خوشيءَ جي جھول ۾ پلجندا آهن. عام طور هر ماڻهو جڏهن پنهنجي مٿان دردن جا ڳورا پهاڙ ڪرندي ڏسندو آهي ته ڊڄي ويندو آهي، پر انهن ڏکن جي ڏونگرن ۾ دٻجي وڃڻ کان پوءِ به مرڪي جيئڻ ئي انسان جي وڏي ۾ وڏي دليري آهي. منهنجي خيال ۾ اهي ڏک ئي آهن جيڪي ماڻهوءَ کي جيئڻ جو سليقو سيکاريندا آهن. دراصل غم خوشيءَ جي اولاد آهي. ها، ضروري نه آهي ته هر مرڪ پويان خوشيءَ ۽ هر لڙڪ پٺيان غم موجود هجي. ڪڏهن ڪڏهن چند لمحن لاءِ مليل خوشيءَ به دل مان سمورا درد دور ڪري ڇڏيندي آهي. ان وقت خوشي جي اُنهن ٻن ٽن گھڙين جي به وڏي قيمت هوندي آهي. ڏک ۽ سک جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي جھڙو سمنڊ ۽ ڪناري جو هڪ ٻئي سان هوندو آهي. غم خوشي جي دامن مان ائين ظاهر ٿيندو آهي جيئن گھاٽن ڪڪرن جي وچ مان سج جو ٻرندڙ گول. ڏکُ ۽ سک انسان جي زندگي ۾ ائين اچن ٿا جيئن رات ڏينهن ۽ يا سردي ۽ گرمي. خوشين جا بادل جڏهن انسان جي مٿان حد کان وڌيڪ وسي پوندا آهن ته غم جي تکي اس ماڻهوءَ جي وجود کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي صحرا ۾ جيڪڏهن غم جي تيز اس ۽ تپش ۽ خوشيءَ جون بوندون نه پون ته شايد انسان حياتيءَ جو هڪڙو پل به نه گھاري سگھي يا ان مان لطف اندوز نه ٿي سگھي....“

سندس ڳالهيون ڪيڏيون نه خوبصورت ۽ دانشمنديءَ سان ڀرپور هيون، پر افسوس جو هاڻي هو ڊگھا ڊگھا ليڪچر ۽ ڏاهپ سان ٽمٽار انٽرويو ته ڇا بلڪ پنهنجن جذبن جي اظهار لاءِ فقط هڪڙو جملو ڳالهائڻ لاءِ به لاچار آهي. کيس ڏسي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سندس زبان کي تالو لڳي ويو هجي يا سندس سوچن جي ڇولين هڻندڙ دريا جي آڏو ڪنهن وڏو مضبوط بند ٻڌي ڇڏيو هجي، هن جا محبت سان معمور ٻول ٻڌي جيڪي ماڻهو ٻهڪي پوندا هئا، اڄ انهن سمورن جا چهرا لٿل لٿل آهن. هو، جن  جي ستل جذبن کي جاڳائي منجھن جاکوڙ ۽ ولولو پيدا ڪندو هو، اهي ڄڻ هاڻي بي يارومددگار ڏانهس واجھائن پيا ڪنهن  نئين راهه جو ڏس وٺڻ لاءِ. اڄ سندس هزارين پرستار پنهنجي پنهنجي اندر سان غم جو اظهار ڪري رهيا آهن، پر هو موٽ ۾ کين شڪريي جو هڪ لفظ به نٿو ڏيئي سگھي. هو ڏيڻ چاهي ٿو پنهنجي قوم کي، گھڻو ڪجھ. هو پنهنجن گھٽيل احساسن کي اندر جي زندان مان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر هر ڀيري ان حسرت کي پنهنجن اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ وهائي ڇڏي ٿو. هو پنهنجي وجود کي ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ٿيل ڪنهن قيدي کان به وڌيڪ اذيت ناڪ سمجھي ٿو، ڇو ته اهڙو قيدي به پنهنجن جذبن جو اظهار لفظن ذريعي ڪري سگھي ٿو.

لفظ، جيڪي سندس ٻڌا ٻانها هوندا هئا، هاڻي ڄڻ کانئس رسي ويا آهن. جڏهن کان فالج جو اٽيڪ ٿيو اٿس، تڏهن کان سندس زبان تي مهر لڳي ويئي آهي. سندس جسم جي اڌ حصي کي ان فالج جي اٽيڪ اُڏوهيءَ جيان کائي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ها، زندگيءَ جي ٽاري کي سائو رکڻ لاءِ سندس جسم جو باقي اڌ حصو ڪم ڪري رهيو آهي. هاڻي ته هو ڪجھ به نٿو ڪري، ڪوئي ادبي ۽ فڪري ڪم نٿو ڪري، بلڪ ڪري ئي نٿو سگھي. ها، وٽس هڪڙو ڪم آهي، پنهنجي بيوسيءَ تي ڳوڙها وهائڻ جو ڪم. ان کان سواءِ هو ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگھي؟ بس، هاڻي ته هو پنهنجي بيڊروم ۾، ڪنهن لاوارث مريض جيان گذاري رهيو آهي. ها، هن جو ڪوبه ڪونهي، سواءِ سندس پرگھور لهندڙ چند دوستن جي. عظيمه، جنهن سان کيس سچي محبت هئي ۽ هوءَ به کيس چاهيندي هئي، اُن جي شادي ٿي وڃڻ کان پوءِ سڄي حياتي اڪيلي رهڻ جو عهد ڪري ڇڏيو هئائين. هن حالت ۾ کيس ڪنهن جيون ساٿي جي شدت سان ڪمي محسوس ٿئي ٿي.

سامهون ڀت تي لڳل خوبصورت وال ڪلاڪ ميوزڪ وڄائڻ شروع ڪيو. رات جا ڏهه ٿيا آهن؛ هي سندس چِڪن سوپ پيئڻ جو ٽائيم آهي. پنهنجي کٻي هٿ کي سوري پريان رکيل گھنٽي جي بٽڻ کي دٻائي ٿو. انهيءَ گھڙي، ڪمري جو دروازو کولي نوڪر اچي سندس آڏو بيهي احترام سان چوي ٿو؛ ”سر! سوپ آڻيان؟“ هو ڪنڌ کي آهستگيءَ سان هاڪار ۾ ڌوڻي ٿو. چند ئي لمحن ۾ نوڪر سوپ کڻي ڪمري ۾ حاضر ٿئي ٿو ۽ پوءِ ان مان چمچا ڀري آهسته آهسته کيس پياريندو وڃي ٿو. ڪجھ وقت سوپ پيئڻ کان پوءِ هو نوڪر کي هٿ جي اشاري سان روڪي ٻاهر وڃڻ لاءِ چوي ٿو. سوپ پيئڻ لاءِ کان پوءِ سندس جسم ۾ گرمي ٿي محسوس ٿئي.

بيڊ سان اٽيچ ٽيبل جي هڪ پاسي ڪاري رات ۾ ليمپ جي جھيڻي روشني ڪمري کي اداسي جو ويس پارائي ڇڏيو آهي. هر شي ڌنڌلي ۽ ميرانجھڙي ٿي نظر اچي. هو ڪمري جي هر ننڍي وڏي شيءِ تي نظر ڦيرائي ڇڏيو وڃي ٿو. ڪتابن جي شيلف ۾ رکيل ڪتاب، رائيٽنگ ٽيبل تي رکيل ننڍڙي ليمپ، شوڪيس ۾ رکيل خوبصورت شوپيس، کيس مليل ايوارڊ، هڪ پاسي کان رکيل ٽي. وي ۽ اُن جي مٿان گلدستو، ٽرالي ۾ پيل وي. سي. آر، ڊيڪ، اسپيڪر، آڊيو وڊيو ڪيسٽس، هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي ڏسي ٿو. پاڻ کي صحيح جاءِ تي نه ڏسي اٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ناڪام وڃي ٿو.

کن پل لاءِ اکيون پوري سوچن جي صحرا ۾ ڀٽڪي وڃي ٿو، جتي پنهنجي چوڌاري ڪيئني ماڻهو ڏسي ٿو، کيس چاهيندڙ ماڻهو، ڪي کانئس آٽوگراف پيا وٺن ته ڪي وري سوکڙيون پيا ڏين. انهن مان هڪ آرٽسٽ خوبصورت فريم ۾ بند ٿيل هڪ پينٽنگ ڏيندي کيس چوي ٿو: ”سر! ڪافي ڏينهن جي محنت کان پوءِ مون هي پينٽنگ مڪمل ڪئي آهي. اوهان کي انهيءَ جي ڪري پيش ڪري رهيو آهيان ته ههڙين شين جو فقط اوهان جھڙن ماڻهن وٽ قدر هوندو آهي ۽ هن قسم جي تجريدي آرٽ کي اوهان جھڙا ڏاهائي صحيح سمجھي سگھن ٿا، ۽ هڪ آرٽسٽ کي اها ڳالهه وڏي خوشي ڏيندي آهي ته سندس Abstract Art ۾ لڪل ڳجھي ڪهاڻي کي ڪو پڙهي سگھي. مان اوهان کي هي ننڍڙو تحفو ڏيندي خوشي ٿو محسوس ڪيان.“

هن جون اکيون کُلي وڃن ٿيون. ڪنڌ کي آهستگيءَ سان کٻي پاسي لاڙي ٿو. سامهون ڀت تي ٽنگيل ساڳي خوبصورت فريم ۾ قيد ٿيل تصوير ۾ اکيون اٽڪائي ٿو ڇڏي...

آرٽسٽ جو ٿورو مڃي، پينٽنگ گھر وٺي اچي جڏهن کولي ڏٺي هئائين ته ڏاڍي چڙ آئي هئس ۽ ائين پئي لڳس ڄڻ آرٽسٽ ساڻس ڪا بري مذاق ڪئي هجي.

”هيءَ به ڪا پينٽنگ آهي؟....هون!“ هٿ ۾ جھليل پينٽنگ کي بيڊ تي اڇلائيندي چيو هئائين: ”ماڻهو ٺاهيو اٿئين، جو ڊيڄاري پيو! اُف، هي ته وحشي ٿو لڳي! ڏند ته ڪيڏا ٻاهر نڪتل اٿس. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ واڇون چيريل هجنس ۽ اکين مان تارا نڪتل.“ ڪوٽ جا بٽڻ کولي لاهي هينگر ۾ وجھندي چيائين: .هن آرٽسٽ کي دنيا ۾ ڪو حسن ئي نظر نٿو اچي، جو هي بدصورت انسان ٺاهيو اٿائين! جنهن کي ڏسندي ئي ڀؤ ٿو ٿئي. هن جي بجاءِ ڪا خوبصورت ڇوڪريءَ يا ڪوئي حسين چهرو ٺاهي فريم ۾ وجھي ها ته ڪيڏو نه سندر لڳي ها.“ بيڊ جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي جھڪي بوٽ جون ڪهيون کوليندي تصوير جي فريم کي ڏسندي چيائين: ”ايڏي بي ڊولي تصوير لاءِ ڪيڏو نه خوبصورت فريم سيڙايو اٿائين، پاگل!....“ پينٽ مان بيلٽ ڪڍيائين ته دروازي تي ناڪنگ ٿي. “Yes” ڪيائين ته سندس گھاٽو دوست فريد اندر گھڙي آيو.

”يار! ناڪنگ جي ڪهڙي ضرورت هئي......هليو اچين ها، اچ ويهه.“ صوفي تي ويهڻ جو اشارو ڏيندي چائين:

فريد بيڊ تي رکيل تصوير ڏانهن گھوريندي ڪجھ مُرڪندي چيو: ”هي ڇا رکيو اٿئي؟“

”بس سائين....!“ ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين: ”گفٽ آهي!“

”ڪنهن ڏنئي؟“

انهيءَ آرٽسٽ، جنهن اها تصوير ٺاهي آ، نالو لکيل اٿس ڪنڊ تي.“

فريد تصوير کڻي چپن ۾ نالو پڙهيو: ”رضوان“. هڪ دفعو ٻيهر تصوير کي گھوريندي هن کيس چيو: ”پوءِ ڪٿي هڻندين هيءَ تصوير؟“

”نه بابا..... تون سمجھين ٿو ته مان هيءَ تصوير ڪنهن ڀت تي هڻندس؟ مون ته سوچيو آهي ته هن جي خوبصورت فريم ۾ ڪا ٻي سهڻي تصوير سجائيندس.“

”نه يار، اها ويساهه گھاتي آهي. هن ويچاري نهايت محبت سان توکي هيءَ تصوير ڏني آهي. گھر جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ضرور ٽنگ، ڇو ته سوکڙي ڪهڙي به هجي اُن جي پنهنجي اهميت هوندي آهي....“

”چڱو يار، هاڻي ليڪچر نه ڏي، ٽنگيندس.“

هاڻي هن جون تصوير ۾ کتل نگاهون نهايت باريڪيءَ سان ان چچريل ماڻهوءَ جو جائزو وٺي رهيو آهن. هن جا نرڙ وٽان کٿل وار، ڇڪيل ڪاريون ڀرون، ٿلهو نڪ ۽ اکيون جن مان تارا نڪتل هئا، ڏسڻ کان پوءِ هن جون نظرون سندس ٽيڏن ڦڏن ڏندن، ڪٽيل چپن ۽ چچريل واڇن تي پون ٿيون، جنهن تي هو ڇرڪي ٿو پوي. هاڻي هو ماڻهوءَ جي سڄي چهري ۾ چتائي ڏسي ٿو، جنهن تي ڳاڙها، نيلا، پيلا، ساوا رنگ بي ترتيب وکريل آهن. ڪجھ گھڙيون اڃا تصوير ۾ اکيون اٽڪائي رکي ٿو. هاڻي سندس تارا ڦاٽندا وڃن ٿا. هن کي ان ماڻهوءَ جي چهري ۾ لڪل اصل پيڙا نظر اچي وڃي ٿي. ان ماڻهوءَ جي چهري تي ڦهليل رنگ سندس پريشانين ۽ گنڀير مسئلن جا بدزيبا رنگ ٿا لڳن. هن جا کٿل وار، ڇڪيل ڀرون ۽ تارن نڪتل اکيون کيس زماني پاران مليل اذيتن جا نشان ٿا محسوس ٿين. ها، سندس ڪٽيل چپن ۽ چچريل واڇن تي نظر پوندي ئي هن جو توجھ هڪ پاسي ڇڪيل پنهنجي واڇ ڏانهن هليو وڃي ٿو. کيس ائين لڳي ڄڻ ڀت تي لڳل تصوير سندس پنهنجي ئي هجي. هاڻي هن کي ماڻهوءَ جي مُک ۾ لڪل سمورين پيڙائن جن ريکائون چٽيون ٿيون نظر اچن. هن جا درد ۽ اذيتون سندس سامهون صاف صاف ٿي بيٺا آهن، ۽ کيس ان تصوير ۾ لڪل ڳجھي ڪهاڻي به سمجھ ۾ اچي ويئي آهي.

ڪجھ گرم لڙڪ هن جي اکين مان نڪري وهاڻي ۾ جذب ٿي ويا. هو پنهنجي کاٻي پاسي ڏانهن رکيل ٽيبل تان پيڊ ۾ ڦاٿل ڪجھ اڇا پنا ۽ پين کڻي پنهنجي سامهون رکي ٿو. هو چاهي ٿو ته پنهنجيءَ زندگيءَ جي هڪ يادگار لکڻي سرجڻ. قلم پنهنجي ساڄي فالج زده هٿ ۾ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سندس هٿ ۾ سگھ نه هجڻ جي ڪري قلم بار بار بيڊ تان ٿو ڪري! هو پنهنجي بيوسيءَ تي لڙڪ لاڙي ٿو. کيس ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس ذهن جي ساگر ۾ اٿندڙ خيالن جي تيز ڇولين جي آڏو ڪنهن وڏو ۽ مضبوط بند ٻڌي ڇڏيو هجي. هو  پنهنجن هزارين پرستارن کي ان موضوع تي ڪو ڊگھو ليڪچر ڏيڻ ٿو چاهي، پر سندس اها آس به من ئي من ۾ دٻجي ٿي وڃي. هو واڪا ڪري پنهنجي من جي پيڙا ٻاهر ڪڍڻ ٿو چاهي، پر ائين به نٿو ڪري سگھي، ڇو ته سندس زبان تي تالو لڳل آهي. هو اندر ئي اندر ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي  ٿو ۽ سندس من ۾ ”پيڙا جو پڙلاءُ“ گونجندو رهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com