سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :29

2- انڊيا آفيس لئبريري لنڊن يا برٽش ميوزم لنڊن ۾ موجود صرف سنڌي زبان تي مشتمل ڪتاب ئي سنڌ جو علمي ورثو ڪونهن، بلڪ عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ به اهڙا بي شمار ڪتاب موجود آهن جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ جو حصو آهن ۽ اهي نه صرف لنڊن جي مذڪوره ڪتبخانن ۾ موجود آهن، بلڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڪتبخانن ۾ به قلمي نسخن جي صورت ۾ ڏسي سگھجن ٿا. لهٰذا انهن تي به توجھ ڏيڻ جي ضرورت آهي. الله تعاليٰ لاکي صاحب جو حامي و ناصر ٿئي ۽ سندس هن ڪتاب کي اهل علم وٽ پذيرائي حاصل ٿئي. (ڪتاب جي رونمائيءَ واري تقريب ۾ پڙهيل تاثر).

- ڊاڪٽر خضر نوشاهي

 

قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير

 

سنڌ جي اڀرندڙ محقق ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگھري صاحب جي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز جو اختصار ”قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“ جي عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. انهيءَ موضوع تي اِها پهرين ڀرپور ڪوشش آهي. اڳ ۾ اِنهيءَ موضوع تي صرف هيٺيان چند مختصر مقالا ڇپيل هئا:

(1) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو مقالو ”قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ تفسير“، هي مقالو پهريائين ٽن قسطن ۾ ماهنامه نئين زندگيءَ ڪراچي، سال 1964ع جي ٽن پرچن مارچ، مئي ۽ جون ۾ ڇپيو ۽ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مهراڻ نمبر 1-2/ 1980ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڀيرو ”ماهوار شريعت سکر“ ۾ فيبروري 1987ع ۾ به ڇپيو.

(2) ميرزا عباس علي بيگ جو مقالو ”قرآن جي اشاعت ۽ اُن جا ترجما“، ماهنامه نئين زندگي ڪراچي جي فيبروري 1987ع واري پرچي ۾ ڇپيو.

(3) سيد محمد سليم جو مقالو ”قرآن پاڪ ڪي سنڌي تراجم“، سياره ڊائجسٽ ۾ سال 1984ع ۾ ڇپيو.

مٿين ٽنهي مقالن ۾ انهيءَ موضوع تي تمام مختصر لکيو ويو هو. انهن مقالن ۾ صرف انهيءَ موضوع تي ڇپيل قرآن پاڪ جي چند ترجمن ۽ تفسيرن جو مختصر تعارف ڏنل آهي. شاباس آهي محترم عبدالرزاق گھانگھري کي، جنهن گھڻي محنت ۽ جستجو سان انهيءَ موضوع تي قلم کڻي تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي. انهيءَ موضوع تي اڳ ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪم ٿيو آهي، تنهن متعلق مصنف ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”اِها هڪ واضع حقيقت آهي ته قرآن پاڪ ۽ اُن جي علمن جي باري ۾ جيترو علمي لحاظ کان ڪم ڪيو ويو آهي، ايترو ڪنهن ٻئي آسماني ڪتاب متعلق نه ڪيو ويو آهي. برصغير هند و پاڪ ۾ سنڌ ئي سڀ کان پهريون خطو آهي، جتي قرآن جو پهريون ترجمو ٿيو. ساڳئي وقت هن موجوده دؤر ۾ قرآن پاڪ جا سنڌي زبان ۾ جيترا به ترجما ۽ تفسير قلمي خواه ڇاپي صورت ۾ ملن ٿا، اُهي برصغير جي ڪنهن به ٻي علائقائي زبان ۾ ڪونه ٿا ملن.“ مطلب ته انهيءَ موضوع تي هيءُ ڪتاب هڪ انمول تحفو آهي، جنهن جو هر هڪ لائبريريءَ ۾ هئڻ لازمي آهي ۽ هن جو مطالعو به هر هڪ اسڪالر لاءِ ضروري آهي.“

هن ڪتاب متعلق ڪتاب جو ناشر محترم ميمڻ ”پنهنجي پاران“ ۾ لکي ٿو ته ”هي ڪتاب ’قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير‘، مشهور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھري جي محنت جو نتيجو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي تياري ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. سنڌ ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جي شروعات ڪڏهن ٿي، اُن جو پورو جائزو ورتو اٿس. تنهن کان پوءِ مختلف دورن جھڙوڪ ڪلهوڙا دؤر، انگريز دؤر ۽ آزادي کان پوءِ شايع ٿيندڙ قرآن پاڪ جا ترجما ۽ تفسير بيان ڪيا اٿس. ترجمن ۽ تفسيرن جي تعارف سان گڏ، اُنهن جي ٻولي، نوعيت ۽ فني خوبين تي پڻ روشني وڌي اٿس. اهڙيءَ ريت هي مڪمل Reference Book آهي، جنهن ۾ قرآن مجيد تي سنڌي ٻولي ۾ ڪم جو سربستو احوال ملي ٿو.“

هن ڪتاب جو مصنف محترم عبدالرزاق گھانگھرو هڪ عالم باعمل آهي ۽ اِنهيءَ سان گڏوگڏ تحقيق جي ميدان کان پڻ واقف آهي. هن کي قرآنيات ۽ ٻئي ديني علم تي عبور حاصل آهي، جنهن جو نتيجو اِنهن موضوعن تي هن جو هڪ ڪتاب ”تذڪير المؤمنين تفسير سوره ياسين“ به ڇپجي چڪو آهي. هي تفسير حضرت تاج محمود امروٽيءَ جو ڪيل آهي ۽ پاڻ اُن جو مرتب آهي. اِنهيءَ ڪتاب کان علاوه اِنهن ئي موضوعن تي سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ وقت بوقت ڇپجندا رهيا آهن. سندس لکيل اِهي مقالا پنهنجيءَ جاءِ تي تحقيقي ته آهن، ليڪن مختصر آهن. ليڪن  هي ڪتاب مڪمل ۽ جامع آهي، جنهن ۾ اِنهيءَ خاص موضوع تي ڀرپور روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

پنهنجي اِنهيءَ تحقيقي مقالي متعلق خود مصنف ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”جيئن ته هن موضوع تي هن کان اڳ ڪوبه جامع ڪتاب مرتب نه ڪيو ويو آهي، اِنهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي راقم سنڌي زبان ۾ ’قرآن پاڪ جي ترجمن ۽ تفسيرن جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان سان تحقيقي مقالي لکڻ جو انتخاب ڪيو. هن مقالي لکڻ جو اصل مقصد اِهو ئي هو ته سنڌ جي ديني ادب جي انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ جامع ۽ تحقيقي مقالو لکيو وڃي. انهيءَ مٿئين عنوان تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نامياري استاد ۽ عربي شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي قادريءَ سان رابطو ڪيو ويو. فاضل استاد جي رهبريءَ هيٺ انهيءَ موضوع تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي ويئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختياري وارن پڻ انهيءَ موضوع جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي پي. ايڇ. ڊي. جي سطح تي مقالي لکڻ جي اجازت ڏني.“

جيئن ته هن خالص ادبي موضوع تي اڳ ۾ ايترو جامع ڪم ٿيل ڪونه هو ۽ ٻيو وري انهيءَ موضوع سان واسطو رکندڙ مواد هڪ هنڌ يڪجا نه هو ۽ هنڌين ماڳين ٽڙيل پکڙيل هو، تنهنڪري هن ادبي ڪم جي راهن ۾، جنهن جو دائرو تمام وسيع آهي، مصنف کي تحقيق دوران تمام گھڻين مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻو پيو ۽ ٻين ڪيترين ئي رنڊڪن کي پار ڪرڻو پيو. اِنهن تڪليفن کي مصنف ڪيئن مُنهن ڏنو ۽ ڪيتري محنت ڪئي، تنهن متعلق خود مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”جيئن ته هي نهايت ڪٺن ۽ مشڪل ڪم هو، پر اُن هوندي به مون همت نه هاري ۽ همت جو سندرو ٻڌي ڪم شروع ڪيم. ’همت مردان مدد خدا‘ جي مصداق بنده کي هن ڪم ۾ تمام آساني ٿيڻ لڳي. ڏينهن رات جاکوڙ ڪري سنڌ جي قديم خاندانن جي ڪتب خانن تائين رسائي حاصل ڪئي ويئي ۽ انهن ڪتب خانن جي پراڻن ورقن کي اُٿلائيندي پُٿلائيندي ڪافي مواد هٿ آيو. اهڙيءَ ريت تلاش ۽ جستجو جو سلسلو قائم رکندي سنڌ جي ٻين علم دوستن جي ڪتب خانن مان پڻ مواد فراهم ٿيو.“

اِنهيءَ سلسلي ۾ وري اڳتي لکي ٿو ته ”هن تحقيقي مقالي لکڻ دوران سنڌ کان ٻاهر واري مواد کي به هٿ ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي ويئي. برٽش ميوزم لنڊن ۾ موجود قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جي قديم ترجمن ۽ تفسيرن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪافي جتن ڪيا ويا، جن مان تفسير ”سوره يوسف“ کانسواءِ  تفسير آيت ”بسم الله“، ”تفسير ”سوره الملڪ“ ۽ تفسير ”آية الڪرسي“ جا فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪري، هن مقالي ۾ شامل ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح برٽش ميوزم کان علاوه هندستان جي ندوة العلماء لکنوءَ جي لئبرريءَ ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو تبارڪ الذي جو تفسير محفوظ آهي، جنهن کي پڻ هٿ ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ويئي، ليڪن اُن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي.“

ڄاڻ هجڻ گھرجي ته مصنف طرفان پي. ايڇ. ڊي. لاءِ لکيل اصل مسودو اٺن بابن تي مشتمل هو، ليڪن هِن وقت اِهو ڇپيل ڪتاب اُن جو اختصار آهي. انهيءَ ۾ پنج باب ۽ آخر ۾ ٽي ضميما شامل ڪيا ويا آهن. اِنهيءَ اختصار متعلق مصنف ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”هتي انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيل تحقيقي مقالو اٺن بابن تي مشتمل هو. جيئن ته راقم طرفان انهيءَ موضوع تي سنڌيءَ ۾ جامع مواد ڪٺي ڪرڻ جي هي پهرين ڪوشش هئي، انهيءَ ڪري مهراڻ اڪيڊميءَ جي محترم قمر ميمڻ کي جڏهن ڪنهن نموني سان اُن ڳالهه جي خبر پيئي ته اُن منهنجي هن مقالي جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪندي، اُن کي اشاعت هيٺ آڻڻ جو ارادو ڏيکاريو ۽ اُن سلسلي ۾ راقم سان رابطو قائم ڪيو. مون جڏهن پنهنجو مقالو مهراڻ اڪيڊميءَ ڏانهن موڪلي ڏنو ته اڪيڊميءَ وارن مقالي جي ضخامت کي ڏسندي موٽ ۾ پنهنجي مالي وسيلن جي محدود هجڻ جي صورت ۾، مقالي کي مختصر ڪرڻ جو اصرار ڪيو. مون پنهنجي لکيل مقالي جي هر باب ۾ شامل قرآن پاڪ جي ترجمن ۽ تفسيرن جي حقيقي جائزي کي مختصر پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُن ڳالهه جو تمام گھڻو خيال رکيو ويو ته اصل مقالي ۾ پيش ڪيل مواد جو ڪوبه پهلو اختصار ڏيڻ وقت رهجي نه وڃي.“

هتي هن ڪتاب جي سٽاءَ متعلق ٻه ڳالهيون ٻڌائڻ ضروري آهن: پهرئين ڳالهه اها آهي ته فاضل مصنف پنهنجي انهيءَ ڪتاب جي هر باب جي شروع ۾ جنهن به دؤر جو ذڪر ڪيو آهي ته انهيءَ دؤر جي سياسي پس منظر تي به مختصر روشني وڌي اٿس ۽ اُنهيءَ دؤر جي ادبي احوال کي به مختصر پيرايي ۾ بيان ڪيو اٿس. ٻي ڳالهه اِها آهي ته مصنف انهيءَ ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جي جنهن به مترجم ۽ مفسر جو ذڪر ڪيو آهي ته ترجمي ۽ تفسير جي تعارف کان اڳ ۾ اُنهي مترجم ۽ مفسر جي سوانح ۽ سندس ادبي ڪارنامن متعلق تفصيلي معلومات فراهم ڪئي آهي، جنهن ڪري هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ لاءِ پڻ ڪارائتو آهي. هر باب جي آخر ۾ ورتل مواد متعلق حوالا پڻ تفصيل سان ڏنا ويا آهن. هيٺ مذڪوره ڪتاب جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

پهرئين باب جو عنوان ”سنڌ ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جي ابتدا“ آهي. هن باب ۾ عرب، سومرا، سما، ارغون، ترخان ۽ مغل دور جي سياسي ۽ ادبي تاريخ تي به مختصر روشني وڌي ويئي آهي. هن باب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن سڀني دورن ۾ قرآن پاڪ جو ڪو به سنڌي ترجمو ۽ تفسير نه لکيو ويو آهي، تنهنڪري هن باب ۾ قرآن پاڪ جي ڪنهن به سنڌي ترجمي ۽ تفسير جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. البته انهن دورن ۾ سنڌ ۾ قرآن پاڪ جي عربي ۽ فارسي ترجمن ۽ تفسيرن تي جيڪو به ڪم ٿيو، تنهن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ۽ انهي دور ۾ جيڪي به مشهور عالم ٿي گذريا، تن جي ادبي ڪارنامن تي به مختصر روشني وڌي ويئي آهي. 

ڪتاب جي ٻئي باب ۾ ڪلهوڙا دور ۾ قرآن مجيد جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن تي ٿيل ڪم جو ڀرپور تعارف پيش ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ انهيءَ ئي دور ۾ قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن لکڻ جي شروعات ٿي. مصنف ڪتاب جي صفحي (16) تي لکي ٿو ته ”ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنڌي زبان کي به مدرسن ۽ مڪتن ۾ تعليم لاءِ رائج ڪيو ويو. دراصل اُن وقت کان وٺي سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جي ترجمن ۽ تفسيرن جي باقاعده شروعات ٿي، تنهنڪري مصنف انهي باب جي شروع ۾ سنڌي رسم الخط جي وجود ۾ اچڻ متعلق تمام بهترين بحث ڪيو آهي.

هن باب ۾ قرآن پاڪ جي ستن سنڌي تفسيرن ۽ هڪ ترجمي جو تعارف ڏنو ويو آهي ۽ انهن جي مترجمن ۽ مفسيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن مان صرف چار ڇپيل آهن. تفسيرن هاشمي ۽ تفسير گرهوڙي ته ڪيترا ڀيرا ڇپجي چڪا آهن ۽ باقي ٽئي اڃان تائين قلمي صورت ۾ مختلف خانگي ڪتب خانن جي ڪٻٽن جي زينت بنيل آهن ۽ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهن. اهڙيءَ طرح قرآن پاڪ جي جنهن ترجمي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سو به اڃان تائين ڪونه ڇپيو آهي.

هن باب جي صفحي 66 کان 68 تي مخدوم محمد ٺٽويءَ جي هڪ تصنيف ”تفسير آيت الڪرسي“ جو تفصيلي تعارف ڏنل آهي. ڪجھ وقت اڳ محترم غلام محمد لاکي انهيءَ تفسير کي مرتب ڪرڻ وقت غلط فهميءَ سبب مخدوم عبدالله نرئي واري جي تصنيف ڄاڻائي هئي، تنهنڪري اهو مخدوم عبدالله نرئي واري جي نالي سان ئي ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو“ پاران 1990ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ليڪن ڪجھ وقت کان پوءِ ”سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو“ جي لائبرريءَ ۾ موجود انهيءَ تفسير جي هڪ ٻئي نسخي جي ڄاڻ ملي. مرتب، ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھري جي مدد ۽ رهنمائيءَ هيٺ انهيءَ نسخي جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ آخرڪار نتيجو ڪڍيائون ته انهيءَ تفسير جو مصنف مخدوم عبدالله نرئي وارو نه، بلڪه مخدوم محمد ٺٽويءَ آهي. انهيءَ نتيجي ڪڍڻ کان پوءِ غلام محمد لاکي صاحب انهيءَ نسخي کي ايڊٽ ڪري، پنهنجي وضاحتي نوٽ ۽ اضافي معلومات سان گڏ اصل نسخي کي عڪس جي صورت ۾، ٽماهي مهراڻ نمبر 3/1995ع ۾ ”خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جي هڪ وڌيڪ تصنيف“ جي عنوان سان شايع ڪرايو.

ڪتاب جي صفحي 77 کان 82 تي قرآن پاڪ سوره ياسين جي تفسير جو ”تفسير ڪريمي“ نالي سان تفصيلي تعارف ڏنو ويو آهي. انهيءَ تفسير جو مفسر قاضي عبدالڪريم آهي. انهيءَ تفسير جو هڪ قلمي نسخو جيڪو آخر ۾ ناقص هو، تنهن کي محترم غوث محمد گوهر صاحب ”سوره ياسين“ جي نالي سان ايڊٽ ڪري، الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي ڪبير پاران 1991ع ۾ شايع ڪرايو. دراصل سرورق تي ڪتاب جو نالو ”سوره ياسين“ بجاءِ ”تفسير سوره ياسين“ لکڻ گھرجي ها. جيئن ته هيءُ تفسير هڪ ناقص نسخي کي بنياد بنائي مرتب ڪيو ويو، يعني هن نسخي ۾ سوره ياسين جي چند آخري آيتن جو منظوم ترجمو ۽ تفسير کٽل هو، تنهنڪري مرتب پنهنجي طرفان ئي انهن آخري آيتن جو منظوم ترجمو ۽ تفسير ڏيئي ان کي مڪمل ڪيو آهي. حالانڪ انهيءَ تفسير جو هڪ ٻيو مڪمل نسخو ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو“ جي لئبرريءَ ۾ به موجود آهي ۽ جنهن جي ڄاڻ خود مرتب کي به هئي، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي انهيءَ مرتب ڪيل ڪتاب ۾ به ڪيو آهي. تنهنڪري انهيءَ تفسير کي ايڊٽ ڪرڻ مهل مرتب کي گھربو هو ته پنهنجي نسخي ۾ سوره ياسين جي کٽل آخري آيتن جو منظوم ترجمو ۽ تفسير پنهنجي طرفان نه ڏئي ها؛ بلڪ مذڪوره ٻئي نسخي کي سامهون رکي مصنف جو اصل منظوم ترجمو ۽ تفسير ڏئي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها. ائين ڪرڻ سان هن تفسير جي مصنف جو سمورو منظوميه ترجمو ۽ تفسير شايع ٿي وڃي ها ۽ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي ها، تنهنڪري هاڻ به ڪنهن ادبي اداري کي اهو تفسير اصلي صورت ۾ ٻيهر ڇپائڻ گھرجي.

هن باب ۾ ئي ڪلهوڙا دور جي قرآن پاڪ جي ٻن ناياب تفسيرن ”تفسير آيت بسم الله ۽ تفسير سورت الملڪ“ جو تفصيلي تعارف ڏنو ويو آهي. اهي ٻيئي تفسير مخدوم خليفي محمد ٺٽويءَ جا لکيل آهن. انهن ٻنهي تفسيرن جا اصل نسخا برٽش ميوزم لنڊن ۾ موجود آهن. اهي تفسير مختصر آهن. پهرئين جي ضخامت 42 صفحا ۽ ٻئي جي صخامت 63 صفحا آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي جو اُنهن تفسيرن جون فوٽو ڪاپيون ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھري وٽ موجود آهن. ڏاڍو چڱو ٿئي جو گھانگھرو صاحب انهن ٻنهيءَ تفسيرن کي ايڊٽ ڪري جلد کان جلد اشاعت جي زيور سان آراسته ڪرائي ته جيئن اسان جو اهو متبرڪ قيمتي سرمايو هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي.

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر گھانگھرو صاحب پنهنجي ڪتاب قرآن پاڪ جي ڪيترن ئي اڻڇپيل ۽ ناياب ڇاپي سنڌي ترجمن  تفسيرن (جيڪي اڃا تائين مختلف ذاتي ۽ سرڪاري لائبررين ۾ موجود آهن) جي اشاعت متعلق اهل علم حضرات ۽ سنڌ جي قومي ادارن کي بار بار اپيل پڻ ڪندو آيو آهي ته انهن ناياب ڇپيل ۽ اڻڇپيل ترجمن ۽ تفسيرن کي مرتب ڪرائي شايع ڪيو وڃي ته جيئن اسان جو اهو قيمتي ادبي اثاثو زماني جي دستبرد کان هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي ۽ اشاعت بعد هر هڪ اهل علم انهن جي مطالعي مان استفادو حاصل ڪري سگھي ۽ اسان جي ڇپيل ديني ادب جي ۽ ذخيري ۾ پڻ اضافو ٿي سگھي.

اهڙن ناياب تفسيرن مان ”تفسير احسن القصص“ به هڪ آهي، جنهن جو ليکڪ مخدوم عبدالله نرئي وارو آهي، ۽ ٻيو قرآن پاڪ جي آخري پاري ۾ عم جو ترجمو، جنهن جو مترجم نامعلوم آهي، انهن مذڪوره ٻنهي نسخن مان پهرئين جو ضخيم قلمي نسخو به خود ڊاڪٽر گھانگھري صاحب وٽ آهي ۽ پاري عم جو ترجمو، جيڪو ضخامت ۾ تمام مختصر آهي، تنهن جو قلمي نسخو منصوره جي ڪاليج جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. جيئن ته اهي ٻيئي ناياب ادبي شهپارا ڪلهوڙا دور جا يادگار آهن، تنهنڪري اسان به سنڌ جي اهل علم حضرات ۽ ادبي ادارن کي اپيل ڪريون ٿا ته انهن ٻنهي قلمي نسخن کي هٿ ڪري ڇپايو وڃي ته جيئن هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃن.

ٽئين باب ۾ ٽالپور دور ۾ قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن جو تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي، ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انهيءَ دور ۾ انهيءَ موضوع تي سنڌيءَ ۾ تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي. هن باب ۾ صرف هڪ سنڌي تفسير ”رغبة الطالبين“ (مفسر ميان مهرو) ۽ هڪ سنڌي ترجمي جو احوال ڏنو ويو آهي. اهو تفسير ۽ ترجمو گھڻو آڳاٽو ليٿو ۾ ڇپيل به آهن. تفسير رغبة الطالبين کي عمرڪوٽ جو هڪ محنتي استاد محترم مراد عيل راهمون پي. ايڇ.ڊي لاءِ دوباره تحقيقي انداز ۾ مرتب ڪري رهيو آهي. هن ناياب تفسير جو هڪ تمام آڳاٽو قلمي نسخو راقم الحروف جي لائبرريءَ ۾ به موجود آهي، اهو نسخو حرم پاڪ ۾ ويهي لکيو ويو هو.

باب چوٿين ۾ قرآن جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن تي انگريز دور ۾ ٿيل ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. هن باب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙا دور کان پوءِ انهيءَ موضوع تي وڌ ۾ وڌ ڪم انهيءَ دور ۾ ٿيو آهي. هن باب ۾ قرآن پاڪ جي پنجن سنڌي ترجمن ۽ سورهن تفسيرن جو مفصل تعارف پيش ڪيو ويو آهي. انهن سڀني تفسيرن ۽ ترجمن مان هڪ ترجمو ۽ صرف ٻه تفسير اڃان تائين نه ڇپيا آهن ۽ باقي پرنٽنگ پريس تان ڇپيا آهن. انهن مان ڪجھ تفسير اهڙا به آهن، جيڪي ٻيو ڀيرو به ڇپجي چڪا آهن.

هن ڪتاب جي صفحي 109 کان 116 تي سنڌي زبان ۾ تصنيف ڪيل هڪ منفرد تفسير ”تفسير فاضلين“ (مولانا محمد فضل ۽ سيد فاضل شاهه) جو پهريون دفعو تفصيلي تعارف ڏنو ويو آهي. هن تفسير متعلق مصنف لکي ٿو ته ”تفسير فاضلين، قرآن پاڪ جي سنڌيءَ ترجمن ۽ تفسيرن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هي تفسير هن وقت تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي... اسان سنڌ جي عالمن جو ڌيان ڇڪايون ٿا ته سنڌي جي قومي ادارن کي گھرجي ته هن قيمتي وٿ کي ڇپائڻ جو اهتمام ڪن. جيڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ اوير ڪئي ويئي ته پوءِ ممڪن آهي ته هي علمي خزانو سنڌ جي ٻين خزانن وانگر اڏوهي يا زماني جي انقلابن ۽ حادثن جي ڪري اوجھل ٿي ويندو ۽ سندس نالو صرف ڪتابن ۾ ياد رهندو.“

انهيءَ سلسلي ۾ عرض آهي ته تازو ڪراچي جو هڪ علمي ۽ ديني ادارو ”مفتي اعظم سنڌ اڪيڊمي ادارالعلوم مجدديه نعيميه ٽرسٽ ڪراچي“ هن ناياب تفسير کي ڇپائي رهيو آهي. (خطبات هاشميه، از مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، مرتب صاحبزاده محمد نعيمي، ڇاپو پهريون 1990ع، مفتي اعظم سنڌ اڪيڊمي درالعلوم مجدديه نعيميه ٽرسٽ ڪراچي، صفحو پس ورق).

پنجين باب ۾ آزادي کان پوءِ واري دور يعني پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ ۾ قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن جو تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هن باب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ موضوع تي سنڌيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم اِنهيءَ دور ۾ ٿيو آهي ۽ اڃان به ٿي رهيو آهي. هن باب ۾ قرآن مجيد جي اٺن سنڌي ترجمن ۽ سورهن تفسيرن جو مفصل تعارف ڏنو ويو آهي. انهن سڀني ترجمن ۽ تفسيرن مان صرف ٽي تفسير اڃان تائين ڇپجي نه سگھيا آهن. ڇپيل تفسيرن مان به ٽي ليٿو تي ۽ باقي ٻيا سڀ پرنٽنگ پريس مان ڇپيل آهن.

ضميمي پهرئين جي مواد متعلق مصنف لکي ٿو ته ”هن ۾ قرآن پاڪ جي اهڙن سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن جو ذڪر ڏنو ويو آهي، جيڪي هن وقت دستياب نه ٿي سگھيا آهن ۽ انهن جو ادبي تذڪرن ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني ذڪر ملي ٿو ته جيئن آئنده جو محقق اُن تي وڌيڪ تحقيق ڪري سگھي.“

ضميمي ٻئي ۾ قرآن پاڪ جي اُنهن سنڌي ترجمن ۽ تفسيرن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي اردو ترجمن تان ترجمو ڪيا ويا آهن. انهيءَ ضميمي جي صفحي 265 کان 266 تي قرآن پاڪ جي اردو ترجمي (مترجم مولانا فرمان علي) تان ڪيل سنڌي ترجمي ”قرآن پاڪ مترجم و محشيٰ“ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ترجمي متعلق مصنف لکي ٿو ته ”هن جي سنڌي مترجم جو نالو ڄاڻايل نه آهي.“ انهيءَ سلسلي ۾ عرض آهي ته انهيءَ جو سنڌي ترجمو ڪندڙ ”قاري امان الله ڪربلائي“ آهي. انهيءَ جو ٻيو ڇاپو به تازو ساڳئي اداري مان شايع ٿيو آهي ۽ معلوم ٿيو آهي ته شايد انهيءَ جو ٽيون ڇاپو به ڪراچي جي ڪنهن ٻئي ديني اداري ڇپايو آهي.

انهيءَ ضميمي جي صفحي 269 تي قرآن پاڪ جي هڪ ٻئي اردو ترجمي تان ڪيل سنڌي ترجمي ”ڪنزالايمان و خزائن العرفان“ (اردو ترجمو مولانا احمد رضا خان بريلوي ۽ مولانا سيد محمد نعيم الدين مراد آبادي) جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو سنڌي ترجمو مولانا محمد رحيم سڪندري جو ڪيل آهي. تازو انهيءَ جو ٻيو ڇاپو ”قديم گروپس آف ڪمپنيز ڪراچي“ پاران پڻ شايع ٿيو آهي.

ضميمي ٻئي ۾ قرآن پاڪ جي هڪ اردو ترجمي ۽ تفسير تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيل قرآن پاڪ ”قرآن مجيد المعروف سفينة النجات“ جو ذڪر بلڪل نه ڪيو ويو آهي. قرآن مجيد جي هن ترجمي ۽ تفسير جو واسطو اهل تشيع مسلڪ سان آهي. ترجمو سليس سنڌي ۾ آهي ۽ اُن سان گڏ تفسير ۽ اُن جي مختصر تشريح به ڪئي ويئي آهي. [هن سنڌي ترجمي لاءِ قرآن پاڪ جي هيٺين اردو تفسيرن ۽ ترجمن تان استفادو ڪيو ويو آهي.

(الف) تفسير نمونه، اردو ترجمو مولانا سيد صفدر حسين نجفي.

(ب) تفسير انوارلنجف (اردو) از مولانا حسين بخش جاڙا.

(ج) قرآن مبين (آسان اردو ترجمو) مولانا ڊاڪٽر سيد محمد حسن رضوي.

(د) تفسير متقين (اردو) از مولانا سيد امداد حسين ڪاظمي]

قرآن پاڪ جي هن سنڌي ترجمي ۽ تفسير ۾ اهل تشيع مسلڪ جي عالمن طرفان لکيل تفسير کان علاوه اهل سنت والجماعت جي ڪيترن ئي معتبر تفسيرن جا حوالا پڻ ڪم آندا ويا آهن. قرآن پاڪ جو هي ترجمو ۽ تفسير هر هڪ پاري جي صورت ۾ جدا جدا شايع ٿيل آهي. انهيءَ ترجمن جو پهريون پارو الم، 1993ع بمطابق 1414هه ۾ شايع ٿيو ۽ هن وقت تائين يعني سال 1997ع بمطابق 1418هه ۾ سورهن پارا شايع ٿي چڪا آهن ۽ باقي پارن جي ترجمي ۽ تفسير جي اشاعت جو ڪم هلندڙ آهي. هن جو ترجمو ڪندڙ ۽ ڇپائيندڙ زوار غلام اڪبر کچي آهي. اهو ترجمو کچي امام بارگاهه لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي. ‏[هن ترجمي ۽ تفسير جو سِٽاءُ هن ريت آهي: هر پاري جي شروع ۾ منجھس موجود مواد جي فهرست ڏني ويئي آهي. هر صفحي جي شروع ۾ هڪ يا ٻه آيتون ڏنيون ويون آهن، انهيءَ صفحي جي کاٻي طرف حاشيه ۾ انهن آيتن جو ترجمو ڏنو ويو آهي ۽ آيتن جي هيٺان تفسير ۽ اُن جي تشريح ڏني ويئي آهي.]

ضميمي ٽئين ۾ قرآن جا متفرقه سنڌي ترجما ۽ تفسير ڄاڻايا ويا آهن ۽ اُنهن جو مختصر تعارف به ڏنو ويو آهي. انهيءَ ضميمي متعلق ڪتاب جي صفحي 20 تي مصنف لکي ٿو ته ”هتي اُن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجھان ته جئين ته راقم هي مقالو 1990ع ۾ پي. ايڇ. ڊي لاءِ پيش ڪيو هو ۽ اُن ۾ قديم زماني کان وٺي. 1990ع تائين قرآن پاڪ جي ترجمن ۽ تفسيرن جو تحقيقي جائزو پيش ڪيل هو، پر جئين ته هن مقالي کي ڇپائي هيٺ آندو ويو آهي، اُنڪري مون اُن ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي ته 1990ع کان 1992ع تائين جيڪي به وڌيڪ قرآن پاڪ جا ترجما ۽ تفسير ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، تن کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن پڙهندڙن ۽ ديني ادب جي سلسلي ۾ تحقيق ڪندڙ کي يڪجاءِ مواد ملي سگھي.“

فاضل مصنف پنهنجي انهيءَ بيان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ لازماً حتي المقدور ڪوشش ڪئي هوندي، جنهنڪري پنهنجي انهيءَ دعويٰ ۾ گھڻي قدر ڪامياب به ويو آهي. ليڪن انهيءَ جي باوجود، عالمن جي چواڻي ته تحقيق جو ڇيهه ڪونه هوندو آهي، قرآن پاڪ جو هڪ تازو ڇپايل ترجمو ۽ قرآن مجيد جي ڪيترن ئي ترجمن ۽ تفسيرن جا ٻيا ڇاپا، جيڪي بعد ۾ ڇپيا آهن ۽ فاضل محقق کي ڪوشش جي باوجود اُنهن جي ڄاڻ پئجي نه سگھي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجھ ٻيا اهڙا ڪتاب ڇپيل آهن، جن تائين مصنف جي رسائي نه ٿي سگھي آهي. اُنهن سڀني جو مختصر تعارف هيٺ پيش ڪجي ٿو ته جيئن انهيءَ موضوع جي سلسلي ۾ ڪجھ اضافو ٿي سگھي ۽ انهن متعلق پڙهندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن کي به ڄاڻ ملي سگھي.

ڪتاب جي صفحي 274 تي قرآن پاڪ جي هڪ ترجمي ”لفظ به لفظ ترجمه قرآن مجيد“ جو تعارف ڏنو ويو آهي. انهيءَ جو چئن زبانن سنڌي، اردو، انگريزي ۽ فارسي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. اهو ترجمو غلام اصغر جو ڪيل آهي. هن ترجمي جو ٻيو ڇاپو تازو 1997ع ۾ ”قرآن ڪائونسل گڊو“ پاران (پندرهن پارن جو، ٻن جلدن ۾) ڇپيو آهي.

هن ڪتاب جو ٽيون ضميمو جنهن موضوع سان تعلق رکي ٿو، هيٺ انهيءَ موضوع سان واسطو رکندڙ چند اهڙن مختصر تفسيرن جو ذڪر پيش ڪجي ٿو، جن جو فاضل مصنف پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ احوال بلڪل نه آندو آهي. اهو انهيءَ لاءِ ته جئين اهي ڪتاب به پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هت شامل ٿي وڃن ۽ پڙهندڙ به اُنهن جي مواد کان واقف ٿي سگھن.

1- وظائف رحماني يعني اعمال قرآني: هي ڪتاب اصل اردو ۾ آهي ۽ مولانا اشرف علي شاهه ٿانوي جو لکيل آهي. سنڌي ترجمي ڪندڙ جو نالو ڪونه ڄاڻايل آهي. هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جون چند چونڊ آيتون ڏيئي، اُنهن جا فائدا بيان ڪيا ويا آهن ۽ اُنهن کي صحيح طرح سان استعمال ڪرڻ لاءِ طريقا به ٻڌايا ويا آهن. هي ڪتاب ”حافظ برادران“ مڪتبه شمسيه سکر وارن جو ڇپايل آهي، ڇپائي جو سال ڄاڻايل نه آهي.

2- الدولة الڪبريٰ شرح اسماءِ الله الحسنيٰ: هن ڪتاب جو لکندڙ مولانا محمد ادريس ڏاهري آهي ۽ ڇپائيندڙ سيد قمرالزمان شاهه حيدرآباد وارو آهي. ڇپائيءَ جو سال 1986ع اٿس. هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد مان الله تعاليٰ جا خاص نالا چونڊ ڪري، انهن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏني ويئي آهي ۽ ان سان گڏ انهن جي پڙهڻ جا فائدا بيان ڪيا ويا آهن.

3- ايمان، نماز ۽ چڱا ڪم: هن ڪتاب جو مرتب، ر-ا- جوڻيجو آهي. اهو ڪتاب ”مسلم سوسائٽي حيدرآباد“ طرفان 1993ع ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ايمان، نماز ۽ ٻين چڱن ڪمن متعلق صرف قرآن شريف جي آيتن جي روشنيءَ ۾ وضاحت سان تشريح ڪئي ويئي آهي.

آخر ۾ اِها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته هن دور ۾ عام طرح ڏٺو ويو آهي ته ڪيترائي عالم پنهنجي ڪتابن ۾ پنهنجي مسلڪ وارن عالمن ۽ اديبن جي سوانح، ڪردار ۽ ادبي خدمتن کي ته نمايان حيثيت سان پيش ڪندا آهن، ليڪن ٻئي مسلڪ سان واسطو رکندڙ عالمن ۽ اديبن جي سوانح، ڪردار ۽ علمي ادبي خدمتن جو ذڪر ڪندا به نه آهن ۽ جي وري ڪندا به آهن ته نالي ماتر، ليڪن انهيءَ جي برعڪس اسان جي هن محقق ۽ عالم پنهنجي انهيءَ تحقيقي ۽ ادبي ڪتاب ۾ جتي پنهنجي مسلڪ جي عالمن جي سوانح ۽ ادبي ڪمن تي ڀرپور روشني وڌي آهي جائز تنقيد به ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح انهيءَ موضوع سان وابسته ٻئي مسلڪ جي عالمن ۽ اديبن جي ڪردار، سوانح ۽ ادبي ڪارنامن کي پڻ وڌ کان وڌ اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ جو مثال ڪتاب جي صفحي 150، 153، 261، 262، 265، 270 ۽ 283 تي پڙهي سگھجي ٿو. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته فاضل مصنف هڪ فراخدل، راست گو ۽ بالغ النظر محقق، مورخ ۽ عالم دين آهي، تنهنڪري انهي معياري ۽ ڪامياب ڪوشش ۽ محنت تي فاضل محقق واقعي کيرون لهڻيون. اسان به کيس انهيءَ تي دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وڏي ڳالهه اها آهي جو مصنف پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ جنهن به ٻئي مسلڪ جي عالم جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جو تعارف ڏنو آهي ته اهو وڏي ادب ۽ احترام سان پيش ڪيو آهي. دراصل تحقيق چئبو به انهيءَ وضعداري ۽ اصول کي آهي. هونءَ به تحقيق جو صحيح حق به اهو ئي شخص ادا ڪري سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي اکين تان تعصب جي عينڪ کي لاهي ڦٽو ڪري. هن دور ۾ تعصب کان پاڪ عالم، محقق ۽ مورخ اٽي ۾ لوڻ برابر يا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رهجي ويا آهن. اهڙن عالمن ۽ محققن ۾ حضرت علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نمايان نانءَ سان گڏ هن ڪتاب جي مصنف ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھري صاحب کي به شمار ڪري سگھجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com