سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :10

پاٽ شهر جون يادگيريون

قاضي علي اڪبر درازي

سال 1922ع ۾ مان لائڊ بيراج ڊپارٽمينٽ ۾ سروير هئس. انهيءَ زماني ۾ بيراج جي واهن جي کوٽائي لاءِ ”ليولنگ“ ٿي رهي هئي، جنهن لاءِ ليفٽ بئنڪ لاءِ ٻه پارٽيون سرويرن جون مقرر ڪيون ويون هيون. هرهڪ پارٽي لاءِ ٽي سروير ۽ هڪ ايس.ڊي. او مقرر ٿيل هئا. اسان جي پارٽي ۾ جيڪي ٽي سروير هئا، تن مان هڪ مان، ٻيو مسٽر پرسرام هندو ۽ ٽيون مسٽر سالومني يهودي هئاسون. هرهڪ سروير کي ڏهه خلاسي، هڪ پيگ مئن، هڪ جماندار ۽ هڪ پرسنل خلاسي مليل هئا، جن جي مقرر ڪرڻ جا اختيار  به کين ئي سپرد ٿيل هئا. ان  کان علاوه سرڪار جي طرفان هڪ مهري اُٺ ۽ ٻه لاڏو اُٺ سامان کڻائڻ لاءِ جَتن سميت مليل هئا، يعني هرهڪ سروير 16 ماڻهن جو سربراهه هو. جيئن ته انهيءَ ڀرتيءَ ۾ مسلمان عملو ئي موزون هو تنهنڪري هنن ٻن سرويرن جي طرفان چونڊ جو اختيار مون کي مليل هو. جيئن  ته اها جهنگ جي ڊيوٽي هئي تنهنڪري جوان ۽ برجستا آدمي مقرر ڪيا ٿي ويا، مگر ساڳئي وقت جهنگ ۾ مزي ۽ فرحت سان وقت بسر ڪرڻ لاءِ ڪجهه تفريح به لازمي امر هو، جنهنڪري اميدوار کان اهو سوال به پڇيو ٿي ويو ته هو راڳ ڄاڻي يا نه؟ اقرار جي صورت ۾ هن کي يڪتارو ڏنو ٿي ويو ته هو پنهنجو جوهر ڏيکاري، جنهنڪري قابل راڳيندڙ کي ترجيح ڏني ٿي وئي. انهيءَ فارمولا مطابق اسان جي پارٽي ۾ راڳيندڙن جو ڪافي تعداد موجود هو.

هرهڪ سروير کي هڪ وڏو  تنبو پنهنجي لاءِ ۽ چار رانوٽيون خلاسين لاءِ مليل هيون، جنهنڪري جتي به منزل ٿيندي هئي اتي پنهنجو چڱو خاصو شهر ٻڌجي ويندو هو. هر روز رات جو راڳ جي محفل منعقد ٿيندي هئي. راڳ جي مٺي ۽ موهيندڙ آواز تي پسگردائيءَ جا گهڻا ماڻهو  اچي جمع ٿيندا هئا، جنهنڪري وقت نهايت مزي ۽ مسرت سان بسر ٿيندو ٿي رهيو. اسان جي ليولنگ جي حد راڌڻ اسٽيشن کان سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ جهانگارا باجارا تائين مقرر ٿيل هئي.

اهڙيءَ طرح منزلون ڪندي ڪندي هڪ ڏينهن اچي پاٽ شهر جي ٻاهران منزل انداز ٿياسون. شهر جي ٻاهران ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ڪشادو مسافرخانو تعمير ٿيل هو، جنهنڪري سامان جي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جي زحمت برداشت ڪرڻ بجاءِ مسافرخاني ۾ رهڻ موزون سمجهيو ويو. مگر مسافرخاني جي استعمال ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ جي منظوري وٺڻ جي ضرورت هئي، مگر اسان جو انهيءَ طرف توجهه قطعاً نه ويو. اسان سامان کولي مزي سان آرامي ٿي ويٺاسون. ڪجهه وقت گذرڻ بعد مسافرخاني جي چوڪيدارن اسان جي ماڻهن مٿان اچي ڇاپو هنيو، جي مسافرخاني کان ٻاهر پڌر ۾ ويٺل هئا ۽ انهن کي دٻائڻ لڳا ته اوهان بنا اجازت ويٺا آهيو تنهنڪري يڪدم مسافرخاني کان ٻاهر نڪري وڃو ۽ انهن جو پاڻ ۾ گرماگرم بحث شروع ٿيو. آخر اها شڪايت مون وٽ پهتي. مان ٻاهر نڪري آيس. انهن چوڪيدارن ساڳيا الفاظ منهنجي اڳيان به دهرايا. مون انهن کي چيو ته اسين به سرڪاري ماڻهو آهيون، ڪي چور نه آهيون. اسين هينئر اچي ويٺا آهيون تنهنڪري قبضو ڪنهن به طرح نه ڇڏينداسون، اوهان کي جيڪي وڻي سو وڃي ڪيو. چوڪيدارن اها حقيقت وڃي پريزيڊنٽ صاحب کي ٻڌائي، جنهن تي پريزيڊنٽ صاحب لٺين سان مسلح ٿيل 15- 16 ماڻهو موڪليا ته هو اسان کان زوري قبضو وٺن. انهن ماڻهن اچي اسان جي ماڻهن تي حملو ڪيو، جي ٻاهر ويٺل هئا. انهيءَ گوڙ تي مان يڪدم ٻاهر نڪري آيس ۽ هنن طيش منجهان مون کي چيو ته مهرباني ڪري مسافرخاني جو قبضو هڪدم ڇڏ،  نه ته اسان توهان تي ڌوڙيو مچائي ڏينداسون. انهن جي بدالفاظن منهنجي طبيعت ۾ جوش جاڳايو. مون هڪڙي جوان کي چيو ته اندر وڃ ۽ سڀني کي چئو ته مقابلي لاءِ سنڀري اچن. جنهن تي پريزيڊنٽ صاحب جا ماڻهو موٽي ويا ۽ وڃي اُتي سموري حقيقت بيان ڪيائون. ايتري ۾ پريزيڊنٽ صاحب هڪڙو ماڻهو موڪليو ته مخفي طرح جاچ ڪري اچ ته اهو سروير ڪير آهي ته اسان هن کي سڌو ڪنداسون. انهي بيلدار جاچ بعد وڃي کيس ٻڌايو ته هو روهڙيءَ جو قاضي آهي ۽ سندس نالو علي اڪبر  آهي. ڪجهه وقت بعد پريزيڊنٽ صاحب مون ڏانهن پيغام موڪليو ته اسان پاڻ ۾ عزيز آهيون تنهنڪري مون سان اچي ملي وڃ. انهيءَ پيغام پهچڻ تي منهنجي ٻن سروير دوستن ۽ خلاسين سڀني مشورو ڏنو ته اوهان کي ڪنهن به صورت ۾ وڃڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته هينئر تازو تصادم ٿيندي  ٿيندي بچيو آهي جنهنڪري مبادا انتقام وٺڻ لاءِ ڪا سازش سٽيل هجي. مگر مون کي يادگيري اچي ويئي ته ڪجهه سال اڳ پاٽ جي قاضي صاحبن جي خاندان مان قاضي نورالدين صديقي منهنجي وڏي ڀاءُ سان جهوناڳڙهه ڪاليج ۾ بي- اي پڙهندو هو ۽ ڪاليج ويندي يا موٽندي هڪڙي رات اسان وٽ ٽڪندو هو. جنهن ٻڌايو هو ته اسان جي خاندان جو پريو مڙس ميان صاحب احمدي قاضي آف پاٽ آهي، جو زميندار اعظم ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ آهي، وغيره. هونئن به ميان صاحب جو والد مخدوم ميان علي گوهر صديقي يا سندن وڏا علم ادب ۾ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن. جڳ مشهور مخدوم و قاضي فضل الله رحمة الله عليه روضي ڌڻي پاٽائي پڻ ميان صاحب احمدي صاحب جو نانو مڪرم آهي، بلڪه سندن پورو خاندان عزت ۽ تڪريم جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تنهنڪري مان قاضي صاحب (پريزيڊنٽ) ڏانهن وڃڻ لاءِ آماده ٿي ويس. بهرحال آيل قاصد سان گڏجي روانو ٿيم ۽ اچي خير سان قاضي صاحب جي بنگلي ۾ وارد ٿيم. قاضي صاحب پاڻ پلنگ تي طول وهاڻي تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو ۽ منهنجي لاءِ پلنگ جي ڀرسان آرام ڪرسي رکائي ڇڏي هئائين ۽ ڇهه ست نوڪر هيٺ گلم تي ويٺل هئا. قاضي صاحب گرمجوشيءَ سان مرحبا ڪري مون کي ڪرسيءَ تي ويهاريو. مون سان گڏ آيل خلاسي پڻ هيٺ گلم تي ويهي رهيا. دستوري خوش خير و عافيت بعد قاضي صاحب مون کان پڇيو ته هي ماڻهو تون خوف جي سبب پاڻ سان وٺي آيو آهين؟ مون يڪدم جواب ڏنو ته ائين نه آهي، بلڪ هي ماڻهو مان پنهنجي شان شوڪت جي نقطه نگاهه کان پاڻ سان وٺي آيو آهيان. جنهن تي قاضي صاحب فرمايو ته جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ هنن کي رخصت ڏي ته واپس هليا وڃن، اوهان جي واپسي تي مان پنهنجا چار ماڻهو همراهه ڪري ڏيندس. گهڻي ردبدل بعد مان پنهنجن ماڻهن کي موٽائڻ تي مجبور ٿيس، جنهن تي قاضي صاحب پنهنجي هڪڙي ماڻهوءَ کي حڪم ڏنو ته هنن کي مسافرخاني وٽ پهچائي اچي رپورٽ ڪر. انهيءَ ماڻهو منهنجي خلاسين کي توڙ رسائي اچي رپورٽ ڪئي. انهيءَ رپورٽ ملڻ بعد قاضي صاحب رعبدار آواز سان پنهنجن ماڻهن کان پڇيو ته هي اُهو ساڳيو ئي ماڻهو آهي جنهن اوهان سان ضد ٿي ڪيو؟ هنن جواب ڏنو ته ها سائين. جنهن تي قاضي صاحب مون ڏانهن مخاطب ٿي سخت غصي مان چيو ته هاڻي ڇا ٿو چوين؟ مون دل ۾ ويچار ڪيو ته هينئر موت اچي مٿي تي بيٺو آهي تنهنڪري مرد ٿي مرڻ بهتر آهي، انهيءَ ڪري مون شوخيءَ سان جواب ڏنو ته مون جيڪي ڪيو آهي سو ٺيڪ ڪيو آهي. منهنجي انهيءَ ناموزون جواب تي قاضي صاحب جو غصو وڌيو، جنهن پنهنجن ماڻهن ڏانهن مخاطب ٿي فرمايو ته اڙي! ويٺا ٿا هن جي بڪواس ٻڌو! هنن جواب ڏنو ته سائين حڪم ڪر ته هن جو بُجُ بچڻ نه ڏينداسون. جنهن تي قاضي صاحب حڪم ڏنو ته بنگلي جا دروازا بند ڪريو. حڪم موجب دروازا بند ٿي ويا ۽  ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته هاڻي وٺوس! مگر مون همت نه هاري ۽ اها دورانديشي ڪيم ته متان هو مون تي ويٺي حملو ڪن ۽ مون تي غالب ٿي وڃن تنهنڪري مون عينڪ لاهي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌي ۽ ڪوٽ لاهي زمين تي ڦٽو ڪيم ۽ ٻانهون کنجي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيٺس ۽ جوش ۽ جذبي سان قاضي صاحب کي چيم ته هڪ مسافر کي دغا سان گهر ۾ گهرائي ستن اٺن ماڻهن کان حملو ڪرايو وڃي، اها ڪٿان جي بهادري آهي؟ ان جي باوجود به اوهان جو پهريون ماڻهو مئو پيو هوندو، پوءِ جيڪڏهن مان ماريو ويس ته حرڪت نه آهي، پوءِ به مرد مان سڏبس. منهنجن انهن لفظن ٻڌڻ شرط قاضي صاحب پنهنجن ماڻهن کي چيو ته اڙي اڃا پيا ٿا هن جي بڪ شڪ ٻڌو، وٺوس ۽ نه ڇڏيوس. قاضي صاحب جي انهيءَ حڪم تي هو مون ڏانهن وڌڻ لڳا. مون ٺونشو تيار ڪري للڪاريو ته جيڪو جوان جو پٽ هجي سو وڌي اچي. قاضي صاحب دورانديشي کان ڪم ورتو ته متان هيءُ ڇوڪر نااميديءَ جي عالم ۾ پاڻ وڌي وڃي منهنجي ڪنهن ماڻهوءَ تي حملو ڪري، تنهنڪري يڪدم اٿي بيٺو ۽ منهنجي پٺيءَ تي هٿ گهمايو ۽ فرمايو ته مون تسليم ڪيو ته بيشڪ تون همت وارو جوان آهين. ائين چئي مون کي ڀاڪر پائي منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏئي ڪرسيءَ تي ويهاريائين ۽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته اچي مون کي پيرين پون. پوءِ هو سڀ اچي منهنجي پيرين پيا ۽ بنگلي جا دروازا کلي ويا ۽ دسترخوان سان ڍڪيل هڪ ٽپائي منهنجي اڳيان رکي وئي. قاضي صاحب پاڻ پنهنجن هٿن مبارڪ سان دسترخوان مٿي کنيو ته ڪيتريون ئي پليٽون بسڪوٽن ۽ مٺائيءَ جون رکيل هيون ۽ فرمايائون ته پٽ! هينئر ويهي مزي سان طعام تناول ڪر ۽ مزيد فرمايائون ته تنهنجي مردانگيءَ جي امتحان وٺڻ لاءِ هيءُ کيل رچايو ويو هو ته برابر تو ۾ ڪو ذاتي جوهر سمايل آهي يا فقط ٻليءَ وانگر گهر اڳيان شينهن هئين-؟ مون صحيح معنيٰ ۾ اوهان کي دعوت ڏئي گهرايو هو. هيءَ ٽپائي ڏس، جا اڳئي تيار ڪري رکي ويئي هئي. پوءِ هن مون کي وڏن وڏن آفيسرن جا چيدا چيدا سرٽيفڪيٽ ڏيکاريا جيڪي بنگلي جي ديوارن تي لڳل هئا ۽ اسپيشل مئجسٽريٽ هجڻ بابت آرڊر ڏيکاريا، وغيره وغيره.

قاضي صاحب جي روشن دماغي، عاليٰ علم ۽ ادراڪ ڏسي مون کي حيرت ۽ عبرت لڳي ته هڪ سن رسيده انسان ٿي ڪري ڪيئن هن هيءُ عجيب ۽ حيرت انگيز نمونو ايجاد ڪري کيل کلائي ڏيکاريو. بعد ۾ ڄاڻ ٿي ته ميان صاحب آنرري مئجسٽريٽ ۽ لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ هئڻ باوجود خوش مزاج، ڪچهري جو مور ۽ اعليٰ ظرف جو زنده دل انسان هو.

خير.... دعوت پوري ٿيڻ کان پوءِ ميان صاحب فرمايو ته مون تنهنجا ماڻهو ڪڍي ڇڏيا، هينئر هيءُ مون تي اخلاقي فرض عائد ٿو ٿئي ته توکي ڇڏي اچان. مون عرض ڪيو ته اوهان بزرگ منهنجي والد مثل آهيو، تنهنڪري اوهان تڪليف نه ڪريو، مون کي ڪو نوڪر همراهه ڪري ڏيو ته مسافرخاني تائين ڇڏي اچي. منهنجي هن اصرار جي باوجود قاضي صاحب مون کي ڇڏڻ هليو ۽ هڪ نوڪر به پاڻ سان کنيائين. جيتريقدر مون کي يادگيري آهي ته بنگلو شايد ڪنهن گهٽيءَ جي وراڪي ۾ هيو جو اُهو وراڪو ڏيئي اسان  اچي وچ بازار ۾ وارد ٿياسون. ان دوران هن مجاهد مرد جو شان شوڪت رعب ۽ رهائي ڏسي مون کي عجب لڳو، جو جيئن ئي اسان جو بازار مان گذر ٿيندو ٿي رهيو ته ٻنهي طرفن کان دڪانن تي ويٺل هندو اٿي بيهي کيس ٻنهي هٿن سان سلام ڪرڻ لڳا ۽ رستي ۾ جيڪو به ماڻهو مليو ٿي تنهن کي اها همت نه هئي جو اسان کي ڪراس ڪري وڃي، مگر تيستائين بيهي ٿي رهيو جيستائين اسان لنگهي وڃون. جڏهن بازار جي حد پوري ٿي ته يڪدم هي صاحب بيهي رهيو. پوءِ هن مون کي پنهنجو نوڪر همراهه ڪري ڏنو جو مون سان مسافرخاني تائين ڪٺو هليو. رخصت پذير ٿيڻ وقت پاڻ فرمايائين ته سڀاڻي ناشتو اچي مون وٽ ڪجو ته پوءِ مان توهان کي زمين گهمائڻ هلندس.

حڪم مطابق ٻئي ڏينهن صبح جو مان پنهنجي هڪڙي ماڻهو سميت اچي حاضر ٿيس. قاضي صاحب پڇيو ته هيءُ ماڻهو وري ڇو آندو اٿئي؟ مون کلي عرض ڪيو ته اوهان جي قرب جون ڪهاڻيون هيءُ شخص ڏسي ۽ ٻڌي ۽ وڃي ٻين خلاسين کي سڻائي، جيئن مون کي تشريح ڪرڻ جي ضرورت درپيش نه اچي. خير، قاضي صاحب پرتڪلف ناشتي جو انتظام ڪيو هو. ناشتي بعد هو مون کي پنهنجي زمين ڏانهن وٺي هليو. اُتي پڻ سندس بنگلو ٺهيل هو جتي وڃي سڪونت پذير ٿياسون. چؤطرف ميان صاحب جي آمد جي خبر بجلي وانگر خلق کي پئجي ويئي. ائين اچي ڪڙمي ڪڙا جمع ٿيا، جيئن پير صاحب پاڳاري جي آمد تي حُر فقير اچي جمع ٿيندا آهن ۽ اُهو نظارو پڻ قابل ديد هو. خير، زمين جو سير ڪري واپس آياسون. مان رخصت وٺي پنهنجي رهائش گاهه ڏانهن راهي ٿيس. ٻن ٽن ڏينهن  کان پوءِ اسان جي منزل پاٽ منجهان ڪوچ ٿي ۽ مان ميان صاحب کان آخرين موڪلاڻي ڪري روانو ٿي ويس.

ميان صاحب نهايت خوش خلق، مهمان نواز، نهايت ذهين ۽ فهيم، تعليمي ماهر، اعليٰ منتظم، نيڪ بخت، نيڪ نيت ۽ جليل القدر هستي هو. خداوندڪريم  پنهنجي فضل عميم سان کيس جنت نعيم عطا فرمائي، آمين. ثم آمين. (1971- 7- 18 تي لکيل)

 


 

ڪوهَه قافَ جي شهزادن کي سلام!

نصير مرزا

هيءُ ڪتاب – جيڪو هن وقت آءٌ پنهنجن هٿن ۾ کوليو ويٺو آهيان "A Georgian Saga: From the Caucasus to the Indus" – اُهو لکيو ڪهڙي صاحبه آهي ۽ اُن ۾ آهي ڇا؟… ۽ اهڙو بيان هن تحرير ۾ اڳتي هلي آءٌ ڪندس، ۽ باقاعدي ڪندس. پر پهرين سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ترين ليکڪن ۽ ليکڪائن منجهان آغا سليم کان وٺي امداد حسينيءَ تائين ۽ ليکڪائن مان ماهتاب محبوب کان وٺي ومي سدارنگاڻيءَ تائين مڙني سنڌي قلمڪارن ۾، مون کي هڪ هڪ گلاب جو گُل ورهائڻ جي اجازت ملي … ۽ اُهو ڀلا ڇو ۽ ڪهڙي خوشيءَ ۾؟

۽ اُهو اِن خوشيءَ ۾، ته شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي اعليٰ تعليم يافتا ۽ ادبي خانوادي جي هڪ مانائتي خاتون، ’مهر افروز مرزا حبيب‘ صاحبه، شاندار انگريزي نثر ۾، پنهنجن وڏڙن بابت، هيءُ پهريون ڪتاب لکي، منهنجي خيال ۾، ته ڄڻ هڪ وڏو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي!

پرڏيهي ناول نويس خاتون ورجينا وولف لکيو هو: ”وقت يا ماضي دراصل هڪ اهڙي ’اوزار‘ جو نالو آهي، جنهن ۾ هر تجربو گڏ ٿيندو رهندو آهي ۽ پوءِ اُن ۾ گڏ ٿيل سڀ تاريخي مواد، ’حافظي‘ جي مدد سان، نيٺ انسان ذات کي، موٽي واپس ملي ويندو آهي.“ هن ڪتاب جي ليکڪا مهر افروز مرزا به، انهيءَ ساڳئي خيال جي پٺڀرائيءَ ۾ ڏسبو ته سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۽ پنهنجي وقت جي ٻن وڏن ۽ عظيم بزرگن مرزا خسرو بيگ گُرجي (1860ع – 1788ع) ۽ مرزا فريدون بيگ گُرجي (1871ع – 1814ع) جي روس ملڪ جي جارجيا شهر مان 1805ع ڌاري سنڌ ملڪ ۾ آمد ۽ اُنهيءَ کان پوءِ اُنهن بزرگن جي اصل نسل بابت اَتو پتو لهڻ جي ڏس ۾ هي جيڪو تاريخي ماخذ تيار ڪري کڻي پڌرو ڪيو آهي، اُن کي پڪ سان ته ورجينا وولف جي اِن ئي خيال جي تسلسل ۾ سمجڻ گهرجي. پر هتي سوال آهي ته پنهنجن اُنهن ٻن بزرگن جي Roots تلاش ڪرڻ جي خواهش اسان جي هِن ليکڪا ۾ ڪيئن پيد اٿي؟ جڏهن ته اِهي ٻئي بزرگَ مهر افروز مرزا جي جنم کان ڪي اسي نوي سال اڳ، هي جهان ئي ڇڏي چڪا هئا.

۽ ليکڪا ڪتاب جي ’مهاڳ‘ ۾، انهيءَ سوال جي جواب ۾، لکيو آهي ته: ”رات جي وقت، پنهنجي ڏاڏيءَ جي پيءُ مرزا قليچ بيگ جي ڪيڙ ۽ پنهنجي مرزا خاندان جي ٻين هڪ جيڏن ٻارڙن سان کُليل اڱڻن ۽ حيدرآباد جي هير – هڳاءَ ۾ جڏهن رانديون رونديون پيئي کيڏندي هئس، تڏهن ڳالهين ئي ڳالهين ۾، منهنجي ڏاڏي فخرالنساء (بنت مرزا قليچ بيگ) جڏهن ڪوهه قاف جبل جي ملڪ مان سنڌ ۾ پهچندڙ پنهنجن اِنهن ابن ڏاڏن جون ڳالهيون ڇيڙي ويهندي هئي، تڏهن رات جي سناٽي ۾ هُنن بابت ٻڌايل سندن ڳالهيون مون کي بلڪل ڪوهه قاف جي شهزادن، شهزادين ۽ پري زادين جي آکاڻين مثل محسوس ٿينديون هيون. ان کان سواءِ، ڪڏهن ڪڏهن ته ڏاڏي ’جارجيا‘ ۾ پيدا ٿيندڙ اُن صورتحال جي آگاهي پڻ ڏيڻ لڳندي هئي، جنهن تحت هن جي وڏڙن کي سنڌ ڏانهن هجرت ڪرڻي پيي، ۽ اُنهيءَ ننڍي وهيءَ ۾ پنهنجي ڏاڏي فخرالنساء کان ٻُڌل اُهي ڳالهيون، قصا ۽ ڪهاڻيون مون کي تمام گهڻو Haunt ڪنديون هيون ۽ ڏاڏيءَ جي انهن ڳالهين جي سحر ۾ رهندي، وڏي ٿيڻ تي، منهنجي دل ۾ اوچتو هڪ خواهش جاڳي، ته ڇو نه جارجيا مان نڪتل پنهنجن اُنهن ٻنهي بزرگن جو پيرو کڻي، اُتي پهچان ۽ معلوم ڪريان، ته اُهي اصل ۾ هئا ڪير؟ ۽ ڪنهن جو اولاد هئا؟ يا سماجي رُتبو ڇا هو اُتي اُنهن جو؟ ۽ اُهي ڪهڙيون حالتون هيون، جن باعث، ترڪ نسل جا اُهي ٻه شهزادا، سنڌ ملڪ ۾ ٽالپر بادشاهن جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا.

اسان جي مانواري ليکڪا جي ٻڌايل انهيءَ وضاحت کي ٿوري دير لاءِ اِتي ڇڏي، ڇو نه هاڻي ليکڪا جي ڏاڏيءَ جي والد، مرزا قليچ بيگ جي لکيل سوانحي ڪتاب ”سائو پن يا ڪاروپنو“ مان اُنهن ٻن بزرگن بابت سندس لکيل هي جملا پڙهندا هلون … ”منهنجو نانو خسرو بيگ مرزا ۽ والد فريدون بيگ، اصل ۾ روس جي شهر جارجيا جي گُرجستان قصبي جا واسي هئا (۽ هڪ عدد پرڳڻي جا مالڪ پڻ). نادر شاهه جي وفات کان پوءِ ايران جي تخت تي بادشاهه محمد خان قاچار ويٺو، ته اُن وقت گرجستان روس جي قبضي هيٺ هو ۽ ايران جي بادشاهه سان، هِن علائقي تان روس سان اُن جي جنگ ٿيندي رهندي هئي. 1797ع ڌاري، ’گُرجستان‘ تان ايران – روس ويڙهه ۾ ايتري ته شدت ايندي وئي جو هي خاندان ڪوه قاف جي علائقي مان دربدر ٿيندو، اصفهان، تبريز ۽ تهران مان ڀٽڪندو، شيراز ۾ اچي پهتو…!“

صاحبو! مرزا قليچ بيگ صاحب جي ان بيان مان نڪري، جهٽ لاءِ ڇو نه دنيا جي عظيم روسي شاعر ۽ آوار ٻوليءَ جي بي مثل نثر نويس رسول حمزه قوف جي لاثاني ڪتاب ”منهنجو داغستان“ ۾ به جهاتي پائيندا هلون ۽ هن صاحب کان معلوم ڪريون ته هُو ’داغستان‘ جي ڀر واري علائقي يعني گُرجستان بابت ڪهڙيون ٿو خبرون ٻڌائي. ”…ڪوهه قاف جبل جي ڊگهي پَٽيءَ سان آذربائيجان، ڪرغستان، آرمينيا ۽ داغستان جيان ’گرجستان‘ به جنت نظير نظارن جو جهان آهي، جيڪو اصل ۾ ’ترڪستان‘ جو علائقو سڏبو هو. جتي جا ماڻهو پهاڙن وانگر حشمت ڀريا، وجيهه، سهڻا ۽ سگهارا سمجهيا ويندا هئا.“

۽ سَو سال اڳ اِنهن ئي تُرڪ نسل ۽ ٻئي ڀر واري سموري جهان جي ماڻهن جي اُن بُڻ بابت حضرت شيخ سعدي شيرازي وري هيئن فرمائي ويا آهن:

سعدي! روزِ ازل حُسن به تُرڪان دادند

علم و دانش و فرهنگ به ايران دادند

ناز و انداز و ڪرشمہ هم بامردم هند

خَري و احمقي و جهل به افغان دادند.

(معنيٰ … سعدي چوي ٿو ته: ”خالق جڏهن پنهنجي مخلوق ۾ حسن پئي ورهايو ته اُهو ’تُرڪن‘ جي حصي ۾ آيو؛ علم، هنر ۽ ڏاهپ ’ايران‘ جي ماڻهن کي مليو؛ ناز، انداز ۽ تڪلف ’هند‘ جي ماڻهن کي مليا ۽ خردماغي، احمق پڻو ۽ جهالت ’افغاني‘ ماڻهن جو نصيب بڻيا.“

۽ تُرڪ نسل سان وابسته حسين ۽ وجيهه ’جارجيا‘ جي ماڻهن جي سڀاءُ ۽ اُنهن جي سهڻي سرزمين بابت هن ڪتاب جي ليکڪا مهر افروز مرزا جارجيا جي لوڪ ادب مان جارجيا بابت هڪڙي دلچسپ ڪٿا اجهو پنهنجي ڪتاب ۾ هن ريت بيان ڪئي آهي ته، ”ڪائنات جي خالق، مخلوق ۾، جنهن وقت هيءَ ڌرتي پئي ورهائي، اُن وقت جارجيا جا ماڻهو چنگ و رباب واري ڪنهن محفل ۾ غلطان هئا ۽ اهڙي ڪِرت ۾ مصروف هجڻ سبب پنهنجي لاءِ ڌرتيءَ ٽُڪر وٺڻ جي لاءِ ڌڻيءَ جي درٻار ۾ دير سان پهتا. ۽ جڏهن اُهي اُتي دير سان پهتا ته کين اطلاع ڏنو ويو ته … عزيزو! ڌرتي ته سموري ورهائجي چڪي! تنهن تي جارجيا جي ماڻهن نهايت نوڙت ۽ ذهانت سان ايلاز ڪندي عرض ڪيو ته، جيئندا قبلا! دير سان پهچڻ جو ڪارڻ اِهو هو جو، اُنهيءَ وقت دوران اسين اُتي ڌرتيءَ ڌڻيءَ جي واکاڻ ۽ ’وهه وا‘ جي وِرد ۾ مصروف هئاسين. سو بس انهيءَ ڪري اسان کي اچڻ ۾ اوير ٿي ويئي! ۽ بس هُنن جو ايترو چوڻ هو جو ڪائنات جو خالق اُنهن منجهان ايترو ته خوش ٿي ويو، جو حڪم ڪيائين ته جارجيا جي هنن ماڻهن کي ڌرتيءَ جو اُهو ”خوبصورت ترين“ حصو الاٽ ڪيو وڃي، جيڪو مون پنهنجي رهائش لاءِ بچائي رکيو آهي.

منهنجي تبصري هيٺ هن ڪتاب جا مکيه ڪردار يعني اِهي ٻيئي صاحب، مرزا خسرو بيگ ۽ فريدون بيگ، ڌرتيءَ جي اُنهيءَ خوبصورت ترين خطي ”جارجيا“ جا واسي هئا، جنهن کي ڌرتيءَ ڌڻيءَ خود پنهنجي رهڻ لاءِ بچائي رکيو هو.

پر هيڏانهن خود … مهر افروز مرزا … يعني ڪتاب جي ليکڪا، جنهن جي هِن ڪتاب لکڻ جي خوشيءَ ۾ مون قلمڪارن ۾ گُل ورهايا آهن، اُن جو، پنهنجو جنم ٿيو هو ته ڪٿي؟ جوان ٿي ته پرڻي ڪنهن سان؟ ۽ مصروفيتون ڪهڙيون آهن اڄڪلهه هن صاحبه جون؟ ته ٻڌو … اسان جي هيءَ ليکڪا سائڻ، ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي هئي. سندس والد هو فيروز بيگ مرزا، پٽ سڊني بيگ، پٽ ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ (مرزا قليچ بيگ ڀاءُ) ۽ جديد سنڌي افساني جو پرنس چارمنگ … نادر بيگ مرزا … اسان جي ليکڪا جي ڏاڏيءَ جو سڳو ننڍو ڀاءُ هو، ۽ مهر افروز جي گهر واري جو نالو هو: ‘سليمان محمد علي حبيب‘، ۽ آگاهه رهو ته، هيءُ حبيب صاحب اُهوئي سرمائيدار شخص هو، جنهن پاڪستان ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جو پايو وڌو هو. گويا اسان جي هن ڪتاب جي ليکڪا مهر افروز مرزا جي ڏاڏاڻي خاندان جي هڪڙي پاسي ويهين صديءَ کي ’سنڌي ادب‘ جي خزاني سان مالا مال پئي ڪيو ته ٻئي پاسي سندس ساهراڻي پريوار وري اقتصادي طرح سان ملڪ پاڪستان کي پاڻڀرو ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا. آل پاڪستان وومينس ائسوسيئيشن جي وائيس پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾، بطور سماجي ڪارڪن، اسان جي اهائي مهر افروز مرزا اڄڪلهه ٻارن ۽ خواتين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ گهڻو active رهندي پئي اچي. پنهنجي پهرين لکيل هن ڪتاب کي، مهر افروز 28 بابن ۾ رقم ڪيو آهي ۽ 29 باب ۾ ڪتاب کي مڪمل ڪري، پجاڻيءَ تي ضميمو (Appendix) ۽ ڪتابن جي فهرست (Bibliography) ڏئي، مرزا خسرو بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ جي قصي کي هُن سماپت ڪيو آهي. علاوه ازين ڪتاب ۾ انهن ٻنهي مرزا صاحبن جي اولاد مان مرزا علي محمد بيگ، مرزا ولي محمد بيگ، مرزا محمد رحيم بيگ، مرزا غلام مرتضيٰ بيگ، مرزا صادق قلي بيگ، مرزا قليچ بيگ، مرزا جعفر قلي بيگ ۽ اُنهن جي آڪهه جون اڻلڀ تصويرون ڏيئي، ليکڪا، ڪتاب جي اهميت ۾ ڄڻ اڃان به اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪتاب جي مهاڳ ۾ مهر افروز مرزا اِهو به لکيو آهي ته مون هي تذڪرو ’ارسٽو ڪريٽ ڪلاس‘ سان تعلق رکندڙ پنهنجي خاندان جي پس منظر ٻڌائڻ يا پاڻ کي پڏائڻ جي خيال سان نه، پر خالصتاً اِن خيال سان لکيو آهي ته ايندڙ نسل آگاهه رهي ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾ گرجستاني گرجي مرزا صاحبن جا اصل وڏا ڪٿان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا ۽ ڪهڙيءَ صورتحال ۾ پنهنجي اباڻي ملڪ ’جارجيا‘ جي مٽيءَ کان ڌار ٿيا هئا.

دل گداز انگريزي نثر ۾ مهر افروز صاحبه جو لکيل هيءُ خانداني تذڪرو (فيملي ساگا) سنڌ جي عام پڙهندڙن کي ڪيئن ٿو لڳي، آءٌ اُن لاءِ ڇا ٿو عرض ڪري سگهان. مون لاءِ ڇا ڪاڻ ته هيءُ ڪتاب خود منهنجن پنهنجن بزرگن جي احوال تي ٻڌل آهي، اِنڪري مون ناچيز ته، سڀاويڪ، هن ڪتاب کي ائين پڙهيو آهي، جيئن دلچسپ ناول يا افسانا آءٌ عام جام پڙهندو رهيو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com