سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :3

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ

(سنڌي ٻوليءَ جو پهريون لغت نويس)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پهريون يورپي عالم آهي، جنهن عيسوي اڻويهين  صديءَ جي وچ ڌاري ’انگريزي- سنڌي‘ ۽ ’سنڌي- انگريزي‘  شبدڪوش تيار ڪيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جو انگريزيءَ ۾ وياڪرڻ به لکيو. هُن اَٺن کن سالن جي عرصي ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ملازمت دوران اِهو اَٺڪاٺيو ڪم اُن زماني ۾ ڪيو، جڏهن کيس سنڌي ٻولي پاڙهڻ لاءِ ڪوبه اُستاد نه مليو. اُن وقت تعليمي سرشتي ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪيل نه هئي، فارسي ٻوليءَ جو عروج هو. اُها يارهن کن صدين کان لاڳيتو سنڌ ۾ راڄ ڪاروبار ۽ اَدب جي ٻولي هئي. سنڌي فقط روزاني زندگيءَ ۾ پاڻ ۾ وهنوار رکڻ لاءِ ٻول چال جي ٻولي هئي. ڪن صوفي درويشن ۽ سنتن، سنڌيءَ ۾ پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار به ڪيو. اَهڙين اؤکين ۽ مشڪل حالتن جي وچ ۾ رهندي، جارج اسٽئڪ پنهنجي شخصي شوق وچان سنڌي ٻوليءَ جو اَڀياس ڪيو. هن لغت نويسيءَ جهڙو نهايت ئي ڏکيو ڪم اَڪيلي سر ڪري ڏيکاريو.  اِن ڪم ۾ ڏينهن رات نور نچوئيندي، اسٽئڪ پنهنجيءَ صحت کي ئي جهوري ڇڏيو ۽ نيٺ ساسين سکالو ٿيو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اهڙي شيدائيءَ جي هتي ٿوري ۾ واقفيت ڏيڻ ئي منهنجو مقصد آهي.

اسٽئڪ جي زندگيءَ جو احوال

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي جنم جي تاريخ، سندس فوٽو ۽ هن جي زندگيءَ جو سربستو اَحوال گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي به اَڃا تائين ملي نه سگهيو اٿم. ممڪن آهي ته اهو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جهونن رڪارڊن ۽ سنڌ آرڪائيوز لنڊن ۾ محفوظ هجي. حاصل ٿيل معلومات موجب، هو انگريزن جي اُن فوج ۾ ڪئپٽن هو، جنهن چارلس نيپيئر جي اڳواڻيءَ هيٺ، حيدرآباد ويجهو مياڻيءَ ۽ دُٻي جي لڙاين ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏيئي، سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت جو پايو وڌو هو. اُن بعد چارلس نيپيئر جي ايامڪاريءَ دؤران (1843- 1847ع)، جارج اسٽئڪ حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. اِن عهدي تي رهي، سرڪاري فرض پورا ڪندي، هن پنهنجي شوق وچان سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. کيس سنسڪرت، هندي، اردو ۽ ڪن ٻين هاڻوڪين هندستاني ٻولين جو علم اڳي ئي هو. سنڌي سکڻ لاءِ هن کي ڪوبه لائق استاد ملي نه سگهيو، نڪو اُن وقت ڪنهن ڏيهي عالم جو لکيل ڪوبه سنڌي وياڪرڻ وغيره موجود هو، جنهن جي مدد سان هو سولائيءَ سان انهيءَ ٻوليءَ جو اڀياس ڪري سگهي. اُن زماني ۾ جارج اسٽئڪ اڳيان سنڌي ٻوليءَ جا انگريزيءَ ۾ لکيل فقط ڪجهه مختصر خاڪا موجود هئا، جيڪي پرنسيپ، واٿين ۽ رئموس ست اَٺ سال اڳ ۾ لکي شايع ڪرايا هئا. انهن کان سواءِ وٽس ايسٽوِڪ، ليچ ۽ ٻين ڪن انگريز عملدارن جون چونڊ سنڌي لفظن جون شايع ڪيل فهرستون هيون، جيڪي رومن لکاوٽ ۾ انگريزي معنيٰ سان تيار ڪيل هيون. اِنهن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪرڻ ممڪن نه هو. اهڙين حالتن ۾ اسٽئڪ سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ نرالي واٽ اختيار ڪئي. هو روزاني زندگيءَ ۾ پنهنجي آسپاس جن سنڌين کي ڳالهائيندو ٻڌندو هو، تن جا لفظ ۽ اُچار جاچي پيو پاڻ وٽ قلمبند ڪندو هو. کانئن لفظن جون معنائون پڇي پيو پنهنجيءَ ڊائريءَ ۾ درج ڪندو هو. اوهين خود اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ٻولي سکڻ جو اِهو طريقو ڪيترو نه اؤکو ۽ وقت وٺندڙ آهي. پر اِسٽئڪ اَورچائيءَ ۽ لگن سان اِن ڪم ۾ لڳو رهيو ۽ نيٺ ايتري قدر سنڌي ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين، جو اُنهيءَ جو وياڪرڻ ۽ لغتون به تيار ڪري سگهيو. اُن زماني ۾ ڪنهن به سنڌي عالم اهڙا ڪتاب تيار نه ڪيا هئا.

انگريزيءَ ۾ لکيل سنڌي گرامر جي مهاڳ ۾ ڪئپٽن جارج اِسٽئڪ لکيو آهي ته:

I believe that the forms and rules I have given, will be found the most correct, an to apply generally throughout the country. Should and occasional inaccuracy or omission be discovered, that I have had little aid of any kind from native works, and that the rules I have given, have been fixed solely from watching the conversation of those around me, and noting and comparing all striking points. I have not met a single native of Sindh, who until taught by myself, had any, even the most remote knowledge of the grammar of the language he was talking. The study of it has been always despised- the most by those who had pretensions to education. Learned Muslmans read Arabic and Persian, Hindus the latter, or Punjabi and Hindi. The speech they learned at their mother's breasts, was thought only fit for clowns. Yet I am confident the Sindhi will to the philologist prove a more interesting study than that of many of the other Indian dialects. The habit of affixing signs to words in lieu of the pronouns and the prepositions governing them- the regular forms of the passive voice- the use of impersonals the reduplicated causal verbs- and other points which the learner will mark as he proceeds, give to it beauties distinct from most Indian tongues.

(A grammar of Sindhi Language 1849).

سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ جارج اسٽئڪ مارچ 1847ع ڌاري لکي تيار ڪيو هو. پر اِهو ٻن کن سالن بعد 1849ع ۾ ممبئيءَ مان شايع ٿيو. اِن گرامر سان گڏوگڏ جارج اسٽئڪ انگريزي- سنڌي لغت به تيار ڪندو رهيو، جيڪا پڻ سال 1849ع ۾ ممبئيءَ مان ڇپجي ظاهر ٿي. اِنهن ٻن ڪتابن سان گڏ هن سنڌي- انگريزي ڊڪشنري تيار ڪرڻ جي به رٿا هٿ ۾ کنئي. هڪ طرف سرڪاري دفتر جا ڪم، ٻئي طرف اِنهن ڪتابن تيار ڪرڻ جو جنون، تنهن اِسٽئڪ جي صحت کي هڻي ڊاهي ڇڏيو، اِنڪري مجبورن کيس موڪل وٺي علاج لاءِ انگلئنڊ روانو ٿيڻو پيو. هو سال 1849ع جي آخر ڌاري سنڌ مان روانو ٿيو ۽ ٽي سال کن پنهنجي وطن ۾ زير علاج رهيو. جڏهن تندرست ٿيو ته هن ٻيهر هندستان ۾ اچي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازمت ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو. سرڪار کيس آڇ ڪئي ته سنڌ جي بدران ڪنهن سٺي آبهوا واري علائقي ۾، ڪنهن وڏي عهدي تي ڪم ڪر، اِن ۾ تنخواهه به وڌيڪ ملندءِ. پر جارج اِسٽئڪ سنڌيءَ سان گهڻي سِڪ هئڻ ڪري، اِن آڇ کي ٿوُ کٽا ڪري ڇڏيو. اِن جو هڪ سبب اِهو به هو ته اسٽئڪ جي سنڌي- انگريزي ڊڪشنري تيار ڪري ڇپائڻ جي يوجنا اَڌ ۾ ئي پيئي هئي. اُن جو دستخط هو تيار ڪري رهيو هو، ته بيماريءَ سببان کيس انگلئنڊ وڃڻو پيو. اِن طرح جارج اِسٽئڪ سال 1853ع جي شروعات ڌاري وري سنڌ ۾ موٽيو. هِن دفعي سرڪار کيس جاگيرن واري کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي مقرر ڪيو. آفيس جي ڪمن مان وقت ڪڍي، هو سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ جي مسودي کي مڪمل ڪرڻ ۾ جنبي ويو. اِن يوجنا ۾ کيس حيدرآباد سنڌ جا ٻه سنڌي براهمڻ به گهڻي مدد ڪرڻ لڳا، جن جا نالا ڊڪشنريءَ جي مهاڳ ۾ ڄاڻايل آهن. اِهي هئا- پنڊت برهم سچدانند ۽ پنڊت جيشٺ برهم يا جيتارام. جارج اسٽئڪ اِن ڊڪشنريءَ جي پريس ڪاپي تيار ڪري، قسطن ۾ ممبئيءَ ۾ ڇپڻ لاءِ موڪليندو ويو. ڊڪشنريءَ جا شروعاتي 160 کن صفحا ڇپجي چڪا هئا، ته نائين ڊسمبر 1853ع تي، سنڌي ٻوليءَ جي هن انوکي عاشق ۽ اڻٿڪ شيدائيءَ جو پراڻ پکيئڙو پرواز ڪري ويو! ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو نالو سندس رچنائن ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي اِتهاس ۾ اَمر آهي. سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ جو باقي حصو پوءِ بي- ايڇ- ايلس، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، ڇپائي پڌرو ڪيو.

جارج اسٽئڪ جون رچنائون

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي رچنائن جا تفصيل هن ريت آهن:

(1) A grammar of the Sindhi Language, Printed by American Mission Press, Bombay, 1849, pp. VII+134+37.

(2) English and Sindhi Dictionary, Printed by American Mission Press, Bombay, 1849. pp VI+230.

(3) Sindhi and English Dictionary, Printed by American Mission Press Bombay, 1855, pp VI+437.

اِهي ٽيئي ڪتاب  ممبئي سرڪار ڇپائي پڌرا ڪيا. اِنهن ۾ پهريان ٻه ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ آهن ۽ ٽيون ڪتاب رايل سائيز 21x16 cm. ۾ آهي. انگريزي- سنڌي ڊڪشنري، نئي دهليءَ مان ايشين ايڊيوڪيشنل سروسز طرفان ٻيهر شايع ٿي چڪي آهي. سنڌي- انگريزي ڊڪشنري تازو هريش ڏوڏيجا، نوبل پرنٽرس، پوڻي، ٻيهر شايع ڪئي آهي. اِن لاءِ هن کي ڪجهه مالي مدد راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد، وڊودڙا وٽان ملي آهي.

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي انهن رچنائن جي سڀ کان گهڻي اهميت انڪري آهي، جو اُنهن ۾ اسان کي ڏيڍ سؤ کن سال اڳ واري دؤر جي سنڌي ٻوليءَ جو روپ ملي ٿو. سندس تيار ڪيل ڊڪشنرين ۾ اسان کي گهڻيئي جهونا سنڌي لفظ ملن ٿا، جيڪي اَڄڪلهه جي ٻوليءَ ۾ واهپي ۾ نٿا اچن. جارج اسٽئڪ، سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش مان سنڌيءَ ۾ وراثت ۾ مليل گهڻيئي لفظ ڏنا آهن. اِن سان گڏ هن سنڌ ۽ اُن جي آسپاس وارن علائقن جي ديشي لفظن جو به چڱو ذخيرو ڊڪشنرين ۾ ڏنو آهي. هن جي اِنهن رچنائن جي وڏي اهميت اِها به آهي، ته جارج اسٽئڪ سنڌي لفظن جي اُچارن کي جيئن ٻڌو آهي، تيئن ايمانداريءَ  سان اُنهن کي لکيت ۾ درج ڪيو آهي. اِن خيال کان اسين انهن رچنائن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي ۽ ٻين ٻولين سان مشابهتي اڀياس به ڪري سگهون ٿا. عربي، فارسيءَ ۽ ٻين وديشي ٻولين مان سنڌيءَ ۾ آيل لفظن جي اُچارن ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي، اُنهن جا به تز مثال اسان کي جارج اسئٽڪ جي ڊڪشنرين ۾ ملن ٿا.

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پهريون عالم آهي، جنهن پنهنجي لکيل سنڌي گرامر ۾ سنڌ جي نرالي ۽ نج لکاوٽ جا چارٽ به ڏنا آهن. اُنهن اکرن کي هن ”سنڌي لپي“ ڪري سڏيو آهي. عام طور سنڌي، انهيءَ لپيءَ کي ”هٽ- واڻڪي“ لپي به ڪري سڏيندا آهن. سنڌ جي جدا جدا ايراضين ۾ انهيءَ لپيءَ جا تيرهن- چوڏهن نمونا ملن ٿا. اُنهن مان مکيه لکاوٽ جا طريقا جارج اسٽئڪ پنهنجي وياڪرڻ ۾ ڄاڻايا آهن، جيئن ته خداوادي، شڪارپوري، ساکرو، ٺٽئي (ڀاٽين ۽ لوهاڻن جي لپي)، لاڙائي، ونگائي، راڄائي، خواجڪي، ميمڻڪي، سيوهاڻي ڀاڀڙا، اوچڪي پنجابي. عام طور سنڌ جا واپاري اِهي اکر پنهنجين واپاري وهين ۽ لکپڙهه ۾ استعمال ڪندا آهن. اسماعيلي خوجن جا گنان ۽ ٻيو مذهبي ساهت پڻ اِنهن اکرن ۾ لکيل آهي. هيءَ لپي سنڌ علائقي جي نج پنهنجي نرالي لپي آهي، جنهن جو وڪاس براهمي لپيءَ ۽ موهن جي دڙي جي لکاوٽ مان مڃيو وڃي ٿو. سنڌي لپيءَ جي جهوني ۾ جهوني لکاوٽ اسان کي ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي ملي آهي، جيڪي سنڌ ۾ عربن جي آمد کان اڳ، ڇهين- ستين عيسوي صديءَ جون آهن. اِها لپي کاٻي کان ساڄي پاسي لکي ويندي آهي.

 

جارج اسٽئڪ جو سنڌي ساهت ۾ يوگدان

جارج اسٽئڪ پهريون عالم آهي، جنهن پنهنجي گرامر ۾ ضميمي طور، نثر ۾ چيل پنج سنڌي لوڪ ڪٿائون زباني روايتن مان قلمبند ڪري ڏنيون آهن. اِهي هن ريت آهن:

(1) ٻن عورتن جو ٻار تان جهڳڙو ڪرڻ ۽ قاضيءَ جو فيصلو ڪري، اُهو ٻارُ حقيقي ماءُ کي ڏيارڻ.

(2) ٻن ڄڻن جو پنهنجو ناڻو هڪ مائيءَ وٽ ڌراوت طور رکڻ، پوءِ اُنهن جي جهڳڙن تي قاضيءَ جو فيصلو ڪرڻ.

(3) وانهين جي دوڪان تي ڇوڪري طرفان ڀڳڙا خريد ڪرڻ ۽ ڏاهرين جو فيصلو ڪرڻ.

(4) شهزادي اَملُ ماڻڪ ۽ حسيني پريءَ جي آکاڻي.

(5) راءِ ڏياچ جي آکاڻي.

سنڌي گرامر جو هيءُ ڪتاب ناياب آهي، اِنڪري ڪن عالمن اِن ۾ ڏنل لوڪ ڪٿائن جي باري ۾ غلط بيان پئي ڏنا آهن. محمد صديق ميمڻ، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي ته راءِ ڏياچ جو قصو، اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ زباني روايتن مان هٿ ڪري، پهريون دفعو ڇپايو هو، پر حقيقت اِها آهي ته هن جارج اسٽئڪ جي گرامر ۾ ديوناگري اکرن ۾ ڏنل قصي کي فقط عربي- سنڌي لکاوٽ ۾ آڻي ڇپايو هو. منگهارام ملڪاڻيءَ سنڌي نثر جي تاريخ ۾لکيو آهي ته اسٽئڪ جي گرامر ۾ دودي چنيسر جو قصو به ڏنل آهي، جيڪا ڳالهه درست نه آهي. اِنهن غلطفهمين کي دور ڪرڻ لاءِ مون اِهي سڀ لوڪ ڪٿائون، عربي- سنڌي لکاوٽ ۾ آڻي، تنقيدي اڀياس سان گڏ، ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ نالي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن. اِهو ڪتاب پوڻي مان 1986ع ۾ شايع ٿيل آهي.

شهزادي اَمل ماڻڪ ۽ حسيني پريءَ جي آکاڻي ۽ راءِ ڏياچ جي آکاڻي سنڌي لوڪ ڪٿائن جا نهايت ئي عمدا مثال آهن. جارج اسٽئڪ کي جس آهي، جنهن اِنهن آکاڻين کي چارڻن ۽ ڳالهيرن جي اُن عبارت ۽ ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي، جنهن نموني اُهي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ نثري ڳالهيون ۽ نظمي قصا ٻڌائيندا آهن. پهريون چار آکاڻيون نثر ۾ چيل آهن، پر راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ ۾ نثر ۽ نظم جو ميل آهي. سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي لوڪ ادب کي چاليهن جلدن ۾ شايع ڪيو ويو آهي. عجب جي ڳالهه آهي ته اِنهن ڪتابن ۾ شهزادي اَمل ماڻڪ ۽ حسيني پريءَ واري آکاڻي نه اچي سگهي آهي.

جارج اسٽئڪ هتي ڄاڻايل سنڌي لوڪ ڪٿائن کان سواءِ، ”گاسپل آف سينٽ مئٿيو“ جو ترجمو به سليس ۽ سهڻي سنڌيءَ ۾ ڪيو هو، جيڪو ممبئيءَ جي آگزيلئري بائيبل سوسائٽيءَ ديوناگري- سنڌي اکرن ۾ سن 1850ع ۾ شايع ڪيو.

جارج اسٽئڪ جا سنڌي لکاوٽ بابت ويچار

جارج اسٽئڪ هتي ڄاڻايل پنهنجن سڀني ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري- سنڌي لپي ڪتب آندي آهي. سندس ويچار موجب سنڌي ٻولي هڪ اِنڊو- آريائي زبان آهي، جنهن جو مول سنسڪرت ۾ آهي. اِنهيءَ ڪري اُن کي ديوناگري اکرن ۾ گهربل سڌارا ڪري، اُن لپيءَ ۾ ئي  لکڻ بهتر آهي. هن پنهنجي وياڪرڻ ۽ شبدڪوشن ۾ ديوناگري لپي استعمال ڪرڻ جو ٻيو سبب اِهو ڄاڻايو آهي، ته اِهي ڪتاب هن خاص طور اُنهن يورپي عملدارن لاءِ تيار ڪيا آهن، جيڪي هندستان جي جدا جدا پرانتن مان سنڌ ۾ سرڪاري عهدن تي مقرر ٿين ٿا. اُهي ديوناگري لپيءَ کان اڳ ۾ ئي واقف آهن، اِنڪري کين جلدئي سنڌي ٻولي سکڻ ۽ اُن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

هتي اِنهيءَ ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي ته 1843ع ۾ انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪابه هڪ لپي ڪتب نه ايندي هئي. سنڌي مسلمان عربي ۽ فارسي اکرن ۾ ضروري سڌارا ڪري، اُنهن ۾ سنڌي ٻولي لکندا هئا. لکاوٽ جو ڪوبه هڪ مقرر سرشتو نه  هو. هرڪو ڪاتب پنهنجيءَ سمجهه موجب پيو اِنهن اکرن جو استعمال ڪندو هو. ٻئي طرف سنڌي هندو  پنهنجي مادري ٻولي لکڻ لاءِ گهڻو ڪري ديوناگري ۽ گرمکي اکرن جو استعمال ڪندا هئا. سنڌي هندو واپاري توڙي خوجا ۽ ميمڻ مسلمان، وهين- کاتن ۽ ٻيءَ واپاري لکپڙهه ۾ ”سنڌي لپي“ (هٽ واڻڪا اکر، کوجڪي، ميمڻڪي) ڪتب آڻيندا هئا.

اِنهن حالتن ۾ سن 1848ع ڌاري، جڏهن انگريز سرڪار اِهو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ سرڪاري ڪاروبار ۽ لکپڙهه ۾ فارسيءَ بدران مڪاني سنڌي ٻولي استعمال ڪئي وڃي، تڏهن سرڪار اڳيان اِهو مسئلو پيدا ٿي پيو ته سنڌي ٻولي ڪهڙي لکاوٽ ۾ لکجي؟ اِهو سوال وڌيڪ پيچيدو اِنڪري به بڻجي پيو، جو سرڪار پنهنجن يورپي عملدارن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ کي لازمي بڻايو. اِن مسئلي تي ڇهه کن سال لکپڙهه هلندي رهي، ۽ سرڪاري عملدارن ۾ سوچ ۽ ويچار ۽ بحث ٿيندو رهيو. انگريز سرڪار جا ٻه عملدار، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا به ماهر هئا، تن ۾ سخت اِختلاف پيدا ٿي پيا. رچرڊ برٽن جو رايو هو ته سنڌ ۾ پنجهتر سيڪڙو آدمشماري مسلمانن جي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي عربي فارسي اکرن ۾ لکن ٿا، اِنڪري اُنهن اکرن کي معياري روپ ڏيئي، سنڌيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو اِهو ويچار هو، ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ اُنهيءَ جي نج ”سنڌي“ لپي اَپنائڻ بهتر ٿيندو. هن اِنهيءَ لکاوٽ ۾ ضروري سڌارا ڪري، اُن جي هڪ معياري ورڻمالا به تيار ڪري پيش ڪئي. اسٽئڪ جو اِهو به دليل هو ته اِنهيءَ لپيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي نرالي سڃاڻپ قائم رکي سگهبي.

1851ع ۾ بارٽل فريئر سنڌ ۾ ڪمشنر مقرر ٿيو. اُن وقت تعليم کاتي جون واڳون اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس جي هٿن ۾ هيون. هن سنڌ جي سياسي حالتن کي ڌيان ۾ رکندي، گهڻائيءَ کي راضي رکڻ جي خيال کان. سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي- فارسي اکرن جو استعمال ڪرڻ بهتر سمجهيو. سال 1853ع جي شروعاتي دؤر ۾ ايلس پنهنجيءَ صدارت هيٺ سنڌي عالمن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي. اُنهن جي صلاح سان هن عربي ۽ فارسي اکرن ۾ ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪري، اِنهيءَ رسم الخط ۾ سنڌي الف- بي جو هڪ چارٽ تيار ڪرايو، جيڪو جولاءِ 1853ع ۾ سڀني اسڪولن ۽ سرڪاري کاتن کي موڪليو ويو. اُنهن کي هدايت ڏني ويئي ته سرڪاري ڪاروبار ۽ تعليم جي کيتر ۾ سنڌي ٻولي اِنهيءَ رسم الخط ۾ لکي وڃي. سنڌيءَ لاءِ تيار ڪيل اِها معياري الف- بي اڄ تائين هلندي پيئي اچي، جيتوڻيڪ جدا جدا لفظن جي هجيئن ۽ زيرن- زبرن جو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.

ايلس، اُنهيءَ دور ۾ سياڻپ ڪري، اُنهن سنڌي هندن کي به راضي رکيو، جن گُهر ڪئي ته سندن ٻارن کي ديوناگري، گرمکي يا هندو- سنڌي اکرن ۾ سنڌي ٻولي سيکاري وڃي. انهيءَ طبقي لاءِ سرڪار طرفان پرائمري سطح جا درسي ڪتاب اِنهن لپين ۾ به ڇپايا ويا. پر جيئن ته سرڪار سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط اختيار ڪرڻ جي حق ۾ هئي، اِنهيءَ ڪري ٻين لکاوٽن جو دائرو پاڻمرادو ڏينهون ڏينهن محدود ٿيندو ويو.

 


 

هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو درجو

ستيِش روهڙا

هندستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ اُن گهَڻَ ٻوليائي هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪهڙو درجو حاصل آهي؟ هن سوال جي ڇنڊڇاڻ ڪندي اها به لازمي طور وضاحت ٿي ويندي ته هندستان جي ٻين ٻولين جي نسبت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو درجو گهٽ آهي يا وڌ؟

هندستان ۾ سنڌي جي درجي کي سمجهڻ کان اول هندستان جي راڄنيتڪ سِٽاءَ کي سمجهڻ ضروري آهي.

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽ هندستان جي نالي سان سڏجندڙ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ٿلهي ليکي هندو گهڻائيءَ وارو حصو هندستان سڏجڻ ۾ آيو ۽ مسلم گهڻائيءَ وارو حصو  پاڪستان بڻيو. ان جو لازمي نتيجو  اهو نڪتو ته ڪافي وڏي پيماني تي ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي. سنڌ جي ان وقت آدمشماري 60 لک کن هئي، جنهن مان 14 لک کن هندو ۽ 26 لک کن مسلمان هئا. 14 لکن هندن مان 12- 13 لک سنڌ ڇڏي هندستان لڏي آيا ۽ مختلف حصو ۾ ٽڙي پکڙجي ويا. ڪيترن ته هندستان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ وڃي ديرو ڄمايو. هڪ اخبار جي سوچنا موجب هن وقت دنيا جي 156 ملڪن ۾ سنڌي رهن ٿا. ڪن ملڪن ۾ اُهي ڏهاڪن ۾ آهن ۽ ڪن ملڪن ۾ اُهي هزارن ۾ آهن.

هندستان پنهنجي راڄ ڪاروبار هلائڻ لاءِ جوڙجڪ اسيمبليءَ دوران هڪ جوڙجڪ تيار ڪرايو، جيڪو 26- جنوري 1950ع کان لاڳو ٿي ويو ۽ اڃا تائين ان ئي جوڙجڪ جي حوالي سان راڄ ڪاروبار هلي رهيو آهي. ان جوڙجڪ موجب هندستان ۾ هڪ سڌي چونڊيل مرڪزي سرڪار هوندي ۽ هرهڪ صوبي ۾ پڻ هڪ خودمختيار سرڪار رهندي. ان جوڙجڪ موجب 1956ع ۾ هندستان ۾ پرانتن يعني صوبن جي نئين رچنا ڪئي وئي. انهن صوبن جو آڌار ٻولين تي رکيو ويو. مثال طور، جتي گجراتي ڳالهائيندڙن جو تعداد گهڻو هو، ان کي گجرات چيو ويو ۽ جنهن ۾ مرهٽي ڳالهائيندڙ گهڻا هئا، ان کي مهاراشٽر سڏيو ويو.

صوبن جي ٻوليوار رچنا جي مکيه مُراد اها هئي ته صوبائي ٻولين جو واڌارو ٿئي ۽ واسطيدار حصن جا ماڻهو پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ نه رڳو رواجي ڪم ۽ رواجي نوڪريون ڪري سگهن، پر مادري ٻوليءَ ۾ وڏي درجي جي تعليم به حاصل ڪري سگهن، جيئن ڌيري ڌيري انگريزيءَ جو دٻدٻو گهٽجي. ان لاءِ مرڪزي سرڪار جي پاران وڏن درجن جا درسي ڪتاب صوبائي ٻولين ۾ تيار ڪرڻ لاءِ هرهڪ صوبي کي هڪ هڪ ڪروڙ جي مدد ڏني ويئي. هن ٻوليوار رچنا سبب ٽن ٻولين تي ڪافي گهڻو اثر ٿيو. اهي ٽي ٻوليون هيون سنسڪرت، اردو ۽ سنڌي. انهن ٻولين کي ڪوبه صوبو ڪونه هو. ٻولين بابت جوڙجڪ ۾ اهو بندوبست هو ته مرڪزي سرڪار جي ٻولي هندي رهندي، پر پندرهن سالن تائين انگريزي ٻي مرڪزي ٻوليءَ طور قائم رهندي. باقي صوبن ۾ ٻوليءَ ۾ ئي ڪاروبار هلندو. ان بندوبست موجب سنسڪرت، اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪابه قانوني حيثيت ڪانه هئي، پر عجب جي ڳالهه اها آهي ته سرڪار سنسڪرت ۽ اردوءَ کي ’قومي ٻولين‘ جي شجري ۾ جاءِ ڏني، پر سنڌيءَ کي لاوارث سمجهي ڇڏي ڏنو ويو. ان سوال تي سنڌي اديبن، دانشورن، ۽ سياسي مدبرن خاص طور ”اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ زوردار آندولن شروع ڪيو ۽ آخر 10- اپريل 1967ع تي سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊيول ۾ ٻين ٻولين سان گڏ جاءِ ڏني ويئي. اهو هڪ ڪرشمو ئي سمجهڻ گهرجي، ته سنڌيءَ کي ڀارت جي اٺين شيڊيول ۾ شامل ڪرڻ واري بل کي پارليامينٽ يڪراءِ بحال ڪيو يعني هڪ به ووٽ ان جي خلاف داخل ڪونه ٿيو. درجي جي خيال کان سنڌي ٻولي اڄ ڀارت جي جوڙجڪ ۾ ٻين قومي ٻولين، گجراتي، مراٺي، بنگالي، تامل وغيره وانگر هڪ قومي ٻولي آهي ۽ ان کي اهي مڙيئي حق حاصل آهن، جيڪي مرڪز جي حوالي ۾ ٻين ٻولين کي آهن. مثال طور، مرڪزي سرڪار جي وڏن امتحانن، انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس، فارين سروس، انڊين پوليس سروس، وغيره ۾ ٻين ٻولين وانگر سنڌي ٻولي به کڻي سگهجي ٿي. (اسان جي دوست سندر اگناڻيءَ جي فرزند منوهر اگناڻيءَ انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ هڪ وشيه سنڌي به کنيو هو.)

مرڪزي سرڪار سنسڪرت، اردو ۽ سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ ڪائونسلون ٺاهيون آهن. جيئن نيشنل ڪائونسل فار د پروموشن آف سنسڪرت،  نيشنل ڪائونسل فار د پروموشن آف اردو ۽ نيشنل ڪائونسل فار د پروموشن آف سنڌي (سنڌي ڪائونسل جو چيئرمن خود وزير پاڻ آهي ۽ ان جو وائيس چيئرمن شري سُريش ڪيسواڻي آهي). مرڪزي سرڪار جي پاران قائم ٿيل سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف انڊين لئنگويجس (سي. آئي. آئي. ايل) مئسور به ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جون رٿون عمل ۾ آڻيندو آهي. سي.آئي.آئي.ايل، سنڌالاجيءَ سان گڏجي ڪيترا پروجيڪٽ پورا ڪيا آهن، جيئن- گجرات جي سنڌي ماسترن جي ٽريننگ، عام ڄاڻ ۽ سنڌين بابت ڄاڻ جي اينسائيڪلوپيڊيا، نوان ٻاراڻا گيت رچائڻ جي ورڪشاپ. هن وقت به سنڌالاجيءَ ۾، سي.آئي.آئي.ايل سان گڏجي، ’لک پڙهه ذريعي سنڌي سيکارڻ‘ جو پروجيڪٽ هلي رهيو آهي.

هندوستان ۾ هڪ مرڪزي ساهتيه اڪادمي آهي، جنهن ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي به شامل آهي. ان ساهتيه اڪادمي جي پاران منظور ٿيل ٻولين جي هر سال جي بهترين ڪتاب تي اوارڊ ڏنو ويندو آهي. سال 2004ع جو اهو اوارڊ سنڌيءَ جي ليکڪ ستيش روهڙا کي سندس ڪتاب ’ڪوتا کان ڪوتا تائين‘ تي عطا ٿيو آهي.

مرڪزي سرڪار جي قاعدي موجب جي ڏهه ٻار چاهين ته کين سندن مادري ٻولي پڙهائي ويندي ۽ جي پنجاهه وديارٿي هجن، ته انهن کي سڀ وشيه مادري ٻوليءَ ۾ پاڙهڻ جو بندوبست ڪرڻ جي ذميواري سرڪار جي آهي.

مرڪزي سرڪار جي پاران سنڌي جاتيءَ کي ’مئنارٽي ڪميونٽي‘ جو درجو مليل آهي. ان حق موجب سنڌي پنهنجا اسڪول ڪاليج کولي سگهن ٿا ۽ انهن ۾ سنڌي وديارٿين کي داخلا جون رعايتون ڏيئي سگهن ٿا. ان قسم جا ادارا پنهنجو اسٽاف پاڻ چونڊي سگهن ٿا، جيئن هو پنهنجي تهذيب، ٻولي ۽ لپيءَ کي بچائي رکي سگهن.

صوبن  ۾ سنڌيءَ جو درجو

1947ع ۾ سنڌ مان هندستان ۾ لڏي آيل 12-13 لک سنڌي هن وقت 40-50 لکن جي لڳ ڀڳ آهن، پر اُهي هندستان جي جدا جدا صوبن ۾ وسيل آهن. گهڻي ۾ گهڻا سنڌي (لڳ ڀڳ 8 لک) گجرات ۾ آهن. 6 لک کن مهاراشٽر ۾ آهن. ان کان پوءِ گهڻا سنڌي راجسٿان، مڌيه پرديش ۽ اُترپرديش ۾ آهن. سنڌي ڀاشا جي واڌاري لاءِ ڳچ پرانتن ۾ سنڌي ماڌيم جا اسڪول آهن، جيئن احمدآباد، بڙودا، اجمير وغيره ۾. جن هنڌن تي سنڌي ماڌيم جا اسڪول ڪونهن، اُتي ڪيترن ۾ سنڌي هڪ وشيه (سبجيڪٽ) جي روپ ۾ پڙهائي وڃي ٿو. ڪجهه صوبن ۾ سرڪار جي مدد سان  اڪادميون قائم ڪيون ويون آهن. جيئن: دهلي سنڌي اڪادمي، گجرات سنڌي اڪادمي، مهاراشٽر سنڌي اڪادمي، راجسٿان سنڌي اڪادمي، مڌيه پرديش سنڌي اڪادمي ۽ اُتر پرديش سنڌي اڪادمي. اُنهن ڇهن اڪادمين کي سرڪاري گرانٽ ملي ٿي، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جون سرگرميون، جيئن سيمينار ڪوٺائڻ، ڪانفرنسون ڪرڻ، نون ليکڪن کي همٿائڻ لاءِ پرسڪار ڏيڻ، سنڌي ڪتاب ڇپائڻ وغيره، هلايون وڃن ٿيون.

جن صوبن ۾ وديارٿين جو تعداد چڱو آهي، اُتي سنڌي ميڊيم جا اسڪول هلن ٿا ۽ انهن اسڪولن ۾ سڀئي وشيه سنڌيءَ دواران پڙهايا وڃن ٿا. سرڪار جي پاران سنڌي ۾ درسي ڪتاب ميسر ڪري ڏنا وڃن ٿا.

بمبئي يونيورسٽي ۽ اجمير يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي وڀاڳ آهن، جتي وديارٿي ايم. اي تائين سنڌي وشيه پڙهي سگهن ٿا ۽ پي.ايڇ.ڊي لاءِ ريسرچ به ڪري سگهن ٿا. بمبئي ۽ اجمير کان سواءِ دهليءَ ۾ ماڊرن ٻولين جي ڊپارٽمينٽ ۾ سنڌيءَ جو يونٽ به آهي. گجرات ۾ آديپور جي تولاڻي آرٽس ائنڊ سائنس ڪاليج ۾ سنڌي بي.اي تائين ريگيولر نموني پڙهائي وڃي ٿي. اهڙي ئي سهوليت بڙودا جي.ايم. ايس يونيورسٽيءَ ۾ به موجود آهي. خانگي طرح بي.اي يا ايم.اي ڪرڻ لاءِ به ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ سهوليتون آهن.

ائين ڏسجي ٿو ته سنڌيءَ کي هندستان ۾ ٻين صوبائي ٻولين جهڙو درجو ۽ سهوليتون ميسر آهن. ڪن حالتن ۾ سنڌيءَ کي ٻين صوبائي ٻولين کان وڌيڪ سهوليتون ميسر آهن. هندستان جي ڪل آدمشماري 100 ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي، جنهن ۾ سنڌي اڌ سيڪڙو کان به گهٽ آهن، پر سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي لاءِ مرڪزي سرڪار جي پاران نيشنل ڪائونسل فار د پروموشن آف سنڌي لئنگويج جهڙي مرڪزي سنسٿا آهي. ان کان سواءِ ڇهن پرانتن يا صوبن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي لاءِ سرڪاري مدد سان اڪادميون ٺاهيون ويون آهن، جن مان اڪيلي دهلي اڪادمي کي 30 ڪمرن واري بلڊنگ ۽ سالياني ٻه ڪروڙ گرانٽ آهي. سنڌي پنهنجا اسڪول ۽ ڪاليج کولي سگهن ٿا، جن ۾ هو سنڌي جاتيءَ جي شاگردن کي ڪافي گهڻي اڳرائيءَ سان داخلا ڏيئي سگهن ٿا. ائين ٻين ڀاشائن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڀاشا جي باشندن کي انجنيئر، ڊاڪٽر وغيره بڻجڻ جون وڌيڪ سهوليتون آهن.

پر هيءُ سڪي جو هڪ پاسو آهي. سڪي جو ٻيو پاسو به آهي- اُهو آهي درجي موجب مليل سهوليتن جو استعمال نه ڪرڻ. مثال طور، مرڪزي سرڪار جي وڏن امتحانن ۾ سنڌي هڪ وشيه ڪري کڻي سگهجي ٿو، پر منهنجي خيال موجب گذريل 15- 20 سالن ۾ هڪ به سنڌي شاگرد سنڌي وشيه کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيو آهي ۽ جي ڪوئي تيار ٿيو آهي ته اهڙو سڄڻ جنهن ڪڏهن سنڌي پڙهي ئي ڪانهي. هاڻي جنهن سنڌي ڪڏهن پڙهي ئي ڪانهي، اُهو اهڙي وڏي امتحان جي سنڌي ڪيئن پڙهي سگهندو؟ ان کان سواءِ هڪ ٻيو به مسئلو آهي. اميدوار لاءِ موجود ڪتاب گهڻي ڀاڱي سنڌي لپيءَ ۾ لکيل هجن ٿا ۽ اميدوار جوانن کي سنڌي لپي پڙهڻ ئي ڪانه ٿي  اچي.

هتي هڪ دکدائڪ سوچ جو بيان ڪرڻ ضروري آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ جيڪي سنڌي سياسي مدبر هندستان ۾ اچي پهتا، تن کي ائين محسوس ٿيو ته موجوده سنڌي لپي ’مسلمانڪي لپي‘ ٿي لڳي، جو اها اردو ۽ عربي لپيءَ جهڙي آهي ۽ ان جو نالو ئي ’سنڌي عربي لپي‘ آهي، انڪري سنڌي ڀاشا کي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيو وڃي، جنهن ۾ سنسڪرت ۽ هندي ڀاشائون لکجن ٿيون. انهن جو اهو به دليل هو ته سنڌي هڪ آريائي ڀاشا آهي، انڪري اها ديوناگري لپيءَ سان لکڻ سان وڌيڪ سولائي ٿيندي. ائين سنڌي ڀاشا ٻن لپين جي وچ ۾ ڦاسي ويئي ۽ اڃان به ڦاٿل آهي ۽ دهلي، اجمير ۽ گانڌيڌام جي ڪيترن ئي اسڪولن  ۾ اڃا به سنڌي ديوناگري لپيءَ ۾ پڙهائي وڃي ٿي. هن تجربي جو نتيجو نهايت ڀيانڪ نڪتو. ڪورٽن ۾ ڪيس هليا. سرڪار پنهنجي سياڻپ ڏيکاريندي ٻنهي لپين کي منظور ڪري ڇڏيو. ٻيون وڏيون ڳالهيون ته پري رهيون، اسين رڳو ان هڪ ڳالهه تي به يڪمشت نه ٿي سگهيا آهيون ته سرڪاري نوٽن تي جيئن ٻين ٻولين ۾ نوٽن جي رقم لکيل آهي، اها سنڌيءَ ۾ به لکجي، پر ڪهڙي  لپيءَ ۾ لکجي؟ سنڌي لپيءَ ۾ يا ديوناگري لپيءَ ۾؟ هن لپيءَ جي جهڳڙي هندستان ۾ سڄي سنڌي جاتيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ اڄ ٻئي حصا پنهنجو پاڻ ۾ ڳري سڙي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي، ته سنڌي ڪتاب گهڻي ڀاڱي سنڌي لپيءَ ۾ ئي ڇپجندا آهن.

سنڌيءَ جي وهنوارڪ حيثيت

اسان ڏٺو ته قانون جي خيال کان گَهَڻ ٻوليائي ڀارت ۾ سنڌيءَ جي حيثيت ڀارت جي ٻين ٻولين کان الڳ يا گهٽ نه آهي، پر وهنوار جي خيال کان ڏسجي ته سنڌيءَ جي ننڍي ۾ ننڍي صوبائي ٻوليءَ جهڙي به حيثيت ڪانهي. سڄو هندستان صوبن ۾ ورهايل آهي ۽ هندستان ۾ سنڌين جو ڪوبه صوبو ڪونهي، انڪري سرڪار جي ڪنهن به ڪم ۾ سنڌيءَ جو نالو ڪونهي. مثال طور، هندستان ۾ هن وقت ٻه سؤ کن يونيورسٽيون آهن. اڪيلي گجرات صوبي ۾ پنج يونيورسٽيون آهن، پر ”سنڌيءَ“ جي نالي سان هڪ به يونيورسٽي ڪانهي. يونيورسٽي ته پري رهي، هڪ به اهڙو ڪاليج ڪونهي، جنهن کي ”سنڌي ڪاليج“ چئجي. ها، سنڌين جي ڪوششن سان کولايل ڪاليج آهن، پر اُهي سنڌي ٻوليءَ جا ڪاليج ڪونهن.

سرڪار جي ڪنهن به ڪاروبار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال نٿو ٿي سگهي. سنڌيءَ ۾ درخواست نٿي ٿي سگهي، ڪورٽ ڪچهريءَ ۾ سنڌيءَ ۾ وهنوار نٿو ڪري سگهجي. ٻيو ته ٺيڪ، ڪنهن بزار- مارڪيٽ ۾ رڳو سنڌيءَ ۾ گفتگو نٿي ڪري سگهجي. اسين هڪ اهڙي خوفناڪ حالت مان گذري رهيا آهيون، جو سنڌي اسان جي گهرن مان به غائب ٿي رهي آهي. مائٽ سڄو وقت سنڌيءَ کان سواءِ ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. ٻار به ٻيءَ ٻوليءَ دواران تعليم وٺن ٿا، ته پوءِ گهر ۾ به ڌاري ٻولي ئي سندن وهنوار جي ٻولي بڻجي پئي آهي!

سنڌيءَ جي وهنوارڪ حيثيت جي گهٽجڻ جا ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آهن. جيئن ته سنڌي سڄي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ٽڙيل پکڙيل آهي، انڪري سنڌي جاتي ’ووٽ بئنڪ‘ نٿي ٺاهي سگهي، جنهن جو ڪا سياسي پارٽي خيال رکي. هندستان ۾ سنڌي گهڻي ڀاڱي رڳو شهرن ۾ رهن ٿا، انڪري اُهي زمين ۾ لڳل وڻ نه آهن، اهي ڪونڊين ۾ لڳل ٻوٽا آهن، جن جون پاڙون گهرائيءَ تائين نه ويل آهن.

- نئين پيڙهي سنڌي ٻوليءَ کي سکڻ اجايو ٿي سمجهي. نئين پيڙهيءَ جو سوال آهي ته سنڌي ڇو سکجي؟ سنڌي سکڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟ ۽ اها ڳالهه سچي آهي، ته سنڌي ٻولي روٽي روزيءَ جو وسيلو نٿي بڻجي سگهي.

- نئين پيڙهي وڏين سرڪاري نوڪرين يا پرڏيهي ملڪن جي ڪمپنين ۾ ڪم حاصل ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏيئي رهي آهي، جنهن لاءِ کين انگريزيءَ ۾ مهارت جي ضرورت آهي.

- ٻين جاتين سان ٿيندڙ شادين به سنڌيءَ جي واهپي کي گهٽايو آهي. ٻين جاتين مان جيڪي ڇوڪريون سنڌين سان شادي ڪري اچن ٿيون، اُهي سنڌي سکڻ جي بدران گهوٽ ۽ ٻارن کي پنهنجي ٻولي سيکارڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.

- سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته نئون طبقو، خاص ڪري پڙهيل طبقو، سنڌي ٻوليءَ کي گهٽ درجي جي ٻولي ٿو سمجهي ۽ جنهن جي ڳالهائڻ ۾ هو شرم ٿو محسوس ڪري.

- ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري جو اثر هندستان جي سڀني ٻولين تي ٿيو آهي. سنڌي به ان جي اثر کان آجي ڪانهي. انگريزيءَ جو ايترو گهڻو اثر ٿيو آهي، جو تازو گجرات سرڪار پڌرائي ڪئي آهي، ته اُها ٻه سَو ڪروڙن جو انگريزي اڀياس لاءِ هڪ مرڪز قائم ڪري رهي آهي.

- جيستائين ادب جو سوال آهي، ته ان جي حالت هڪ ئي وقت خوش ڪندڙ ۽ اُداس ڪندڙ به آهي. هن وقت سنڌيءَ ۾ ڏهه ٻارهن روزانيون اخبارون، ويهه پنجويهه هفتيوار ۽ پنجويهه ٽيهه ماهوار يا ٽِه ماهي مئگزن نڪرن ٿا ۽ هر سال ڏيڍ سَو کان ٻه سَو ڪتاب به ڇپجن ٿا، پر اهو سوچي روئڻ ٿو اچي ته اڄ سڄي هندستان ۾ سنڌي ڪتابن جو هڪ به دڪان ڪونهي. سچ ته جيڪي ڏيڍ ٻه سَو ڪتاب هر سال ڇپجن ٿا، اُنهن مان پيسن تي خريد ڪري پڙهڻ وارو شايد هڪ به سنڌي بچيو ڪونهي. جيڪي اديب دوست ڪتاب ڇپائيندا آهن، سي سچ ته پنهنجو شوق پورو ڪندا آهن. جيڪي چار- پنج سَو ڪاپيون ڇپبيون آهن، تنهن مان اڌ کن ڪاپيون پنهنجا پيسا خرچ ڪري دوستن کي ڪامپليمينٽري ڪري موڪلبيون آهن ۽ اِها اميد به ڪبي آهي ته ”سنڌي ڪائونسل“ ڏيڍ سَو ڪاپيون وٺندي، جنهن مان ڪتاب جو اَڌ- مُنو خرچ نڪري ايندو ۽ ڪتاب ۾ ڪجهه اشتهار وجهي مڙيئي خرچ پورو ڪبو. جيڪو کُٽندو آهي، ان کي شوق جي قيمت سمجهي قبول ڪبو آهي.

پر اُميدون اڃا ختم نه ٿيون آهن. اڄڪلهه نئين پيڙهيءَ ۾، خاص ڪري هندستان کان ٻاهر، تهذيبي سجاڳي وڌي رهي آهي. ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري سبب دنيا ۾ ڦهليل سنڌي هڪٻئي سان جُڙي رهيا آهن ۽ پنهنجي تهذيبي پاڙن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهو وقت پري ڪونهي، جڏهن دنيا جا سنڌي تهذيبي طرح سان هڪٻئي سان جُڙي ويندا ۽ سنڌي ٻولي پنهنجي اوج ڏانهن موٽ کائيندي.

مان شيخ اياز جي هنن سٽن سان پنهنجو پيپر پورو ڪندس ته:

اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ايئن سمجهين، مُئا  مور سارا!

 

پير حسام الدين ر اشدي

(هڪ مثالي تاريخدان)

ايم. ايڇ. پنهور

[هي مختصر مضمون ”دي آرڪيالاجي“. (جلد 4، نمبر 1-2 سال 1991ع) جي پرچي ۾ ڇپيو هو. پنهور صاحب هن تحرير ذريعي پير حسام الدين راشدي بابت پنهنجين ساروڻين کي محفوظ ڪندي سنڌ جي هن سڄاڻ تاريخدان کي عقيدت جو خراج پيش ڪيو آهي.]

آءٌ پير حسام الدين کي ويهين صديءَ جي چاليهن واري ڏهاڪي کان وٺي سڃاڻندو هئس. اُن وقت منهنجي عمر ويهن سالن کان گهٽ هئي ۽ پاڻ ٽيهن ورهين کان مٿي هو. انجنيري تعليم سان گڏ منهنجو ڌيان ”تاريخ“ جي مطالعي ۾ به چڱو هو. مون کي ياد پوي ٿو ته اُن وقت حسام الدين جي گهڻي دلچسپي سنڌي ادب ۽ سنڌي شعر، خاص ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام سان هئي. مون کي سندس وفات بعد خبر پيئي ته پاڻ به ڪنهن دَور ۾ شعر چيائين. اُن دَور ۾ اسان جون ڪجهه سر سري ملاقاتون ٿينديون رهيون، ليڪن اسان جا گهاٽا تعلقات 1964ع کان پوءِ پيدا ٿيا. آءٌ روس وڃي رهيو هئس. پاڻ مون ڏي نياپو ڪيائين. آءٌ وٽس پهتس ته مون کي ڪجهه سنڌي ڪتاب ريڊيو ماسڪو تان سنڌي خبرون پڙهندڙ هڪ روسي خاتون لاءِ تحفو ڪري ڏنائين. مون هن کي پنهنجو تازو ڇپيل ڪتاب ”گرائونڊ واٽر اِن سنڌ“ پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته اُن ۾ سنڌو درياهه جي تبديل ٿيندڙ تاريخ لکي وئي آهي. هن ڪتاب جا ڪجهه صفحا ڏٺا ۽ پوءِ دوستن کي تحفي ڏيڻ واسطي مون کي ويهه ڪاپيون فراهم ڪرڻ لاءِ چيائين.

اُن بعد اسين پاڻ ۾ گهڻو ملندا رهندا هئاسين. هن مرحلي تي مون هن کي گهڻو تبديل ٿيل ماڻهو ڏٺو. پاڻ تاريخ ۽ اتهاسڪ ڪتابن بابت پختي راءِ وارو اسڪالر هو. هن فارسي گو شاعرن جا ڳچ تذڪرا ايڊت ڪيا هئا ۽ سنڌ بابت ڪافي تاريخي ڪتاب پڻ مرتب ڪري چڪو هو. ڪيترن ئي ڪتابن تي وٽس تحقيقي ڪم جاري هو.

منهنجو ڪتاب ”گرائونڊ واٽر اِن سنڌ“ ٻارهن سالن جي محنت کان پوءِ تيار ٿيو هو. سنڌو درياهه جي وهرڪن جي تبديليءَ بابت، هن اڀياس لاءِ مون فارسي ۽ انگريزي تاريخي ڪتاب، سنڌ جي قديم آثارن بابت محڪمئه آثار قديمه جا مطالعا، سنڌ جي جاگرافي ۽ جيالاجي ۽ خاص ڪري ٿر ۽ ڪوهستان بابت ٿيل تحقيقي توڙي دنيا جي ويهن وڏن بيابانن جي باري ۾ دستياب مواد کي ڪتب آندو هو.

ان زماني ۾ مون پنهنجي ڪتاب ”سورس مٽيريئل آن سنڌ“ تي ڪم شروع ڪيو هو. منهنجي رٿيل ڪم واسطي پير صاحب جي ڪتبخاني ۾ گهڻو مواد موجود هو، پر پاڻ بنيادي طرح سان ڪتابن ڏيڻ جي خلاف هوندو هو. وٽانئس مون کي ڪتابن جي نالن ۽ ناشرن جي ڄاڻ ملي ويندي هئي، جي پوءِ ڪٿان هٿ ڪري وٺندو هئس. هن ئي مون کي سيکاريو ته ڪتاب جي اوڌر نه ڪجي.

1970ع کان وڍي اسين هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا ملندا هئاسين. آءٌ پنهنجي ڪتاب ”ڪرانا جيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ تي ڪم ڪري رهيو هئس. هن رٿا ۾ سندس گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هُو سنڌ جي ”واقعاتي لغت“ کي گهڻو پسند ڪندو هو. اڪثر محقق واقعائي لغت کي گهٽ اهميت ڏين ٿا ۽ ڪجهه ته وري اُن جو بنهه خيال نه ڪندا آهن. سندس ميز تي هجري سالن کان عيسوي سالن (تاريخن ۾) ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ چارٽ موجود رهندو هو. تاريخن، مهينن ۽ سالن جي اهڙي ڀيٽا جي ڏس ۾، مون ”تحفة الڪرام“ جي ترتيب ۽ ايڊيٽنگ وقت سندس مدد ڪئي هئي.

جڏهن آءٌ شروع ۾ حسام الدين سان مليو هئس، تڏهن کان ڪري ورندڙ ويهن سالن جي عرصي اندر پاڻ ذهني طرح وڏي پختگي حاصل ڪري چڪو هو. مون ڪوشش ڪئي ته اُنهن سببن جي ڄاڻ حاصل ڪريان، جن سندس مزاج ۾ غير معمولي ذهني انقلاب آندو هو. آءٌ سَون ماڻهن ۽ هزارن ڪتابن مان متاثر ٿيو هئس، جن جو بهرحال انجنيري دنيا سان ڪوبه تعلق نه هو، انڪري مان پير صاحب جي شخصيت ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳس. حسام الدين هڪ ”مڪمل اسڪالر“ هو. ان تي اثر انداز ٿيندڙ شخصيتن بابت آءٌ وري ڪنهن ٻئي موقعي تي لکندس.

”پير حسام الدين راشدي – هڪ تاريخدان“، اڄوڪي مضمون جو عنوان آهي. پاڻ جيڪي فارسي ڪتاب ايڊٽ ڪيائين، اُهي 1539ع کان 1700ع جي وچ ۾ لکيا ويا هئا. البت ٻه ڪتاب ”منشور الوصيت“ ۽ ”تحفة الڪرام“ 1753ع ۽ 1776ع ۾ لکيا ويا هئا. اُنهن ڪتابن ۾ تاريخي طور تي اسان کي 1500ع کان وٺي 1700ع تائين جو مواد ملي ٿو. مير قانع جو ڪتاب ”تحفة الڪرام“ اسان کي سنڌ اندر مغل گورنرن جو احوال 1736ع تائين ڏئي ٿو. اُن بعد 1776ع تائين ڪلهوڙن جي تاريخ به هن ڪتاب ذريعي ملي آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي ”منشور الوصيت“ پنهنجن پٽن لاءِ نصيحت واسطي نهايت افسردگيءَ جي حالت ۾ لکيو، جڏهن نادر شاهه جي حملي هاڃيڪار اثر ڇڏيا هئا. حسام الدين انهيءَ ڪتاب ۾ نادر سان لاڳاپيل وڌيڪ پنجن فارسي ماخذن مان اقتباس ڏئي ”منشور“ جي اهميت کي وڌايو آهي. ان ڪتاب جي شايع ٿيڻ کي ٽيهه سال گذري چڪا آهن. اُن بعد مون کي ٻن وڌيڪ فارسي تاريخن تائين پهچ ٿي، جن ۾ نادر شاهه بابت مواد آهي. اُنهن مان هڪ دهليءَ مان ۽ ٻيو ماسڪو مان ڇپيو آهي. ”منشور“ ۾ حسام الدي جي ڏنل ضميمن جي ذريعي نادر کان پوءِ پيدا ٿيل سنڌ جي بدترين حالتن جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو. اها پڻ سُڌ پوي ٿي ته ميان نور محمد ڪهڙين حالتن ۾ ”منشور الوصيت“ لکيو هو. مغلن کان پوءِ جي چاليهن سالن بابت ”تحفة الڪرام“ اڪيلو ماخذاتي ذريعو آهي. منهنجي نظر ۾ پير حسام الدين راشدي، هيٺ ڏنل موضوعن تي هڪ مستند ۽ بهترين اسڪالر مڃيو ويو آهي.

سمن جو اُڀار ۽ زوال.

ارغونن ۽ ترخانن جو عروج ۽ زوال.

مغلن پاران سنڌ جي فتح ۽ حڪومت.

سنڌ ۾ مغل حاڪميت جي پڄاڻي.

نادر شاهه جو سنڌ اچڻ ۽ ڪلهوڙن کي نقصان پهچائڻ.

هڪ مؤرخ طور سندس گهڻو مدار فاسي ڪتابن تي هو. هن وڏيءَ محنت سان ارغونن، ترانن ۽ مغلن بابت معلومات ڪٺي ڪئي آهي. ان لاءِ هندستان کان ڪري ايران ۽ مرڪزي ايشيا تائين مواد گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻ گهڻي جاکوڙ ڪيائين. ترخانن جي شجرن لاءِ ته پاڻ وڏيءَ محنت سان مرڪزي ايشيا جي تاريخي ماخذن کي ڪتب آندائين. شاعرن جو تذڪرو ”رضة السلاطين“ اٽڪل روءِ ڇپجي چڪو هو، ليڪن بعد ۾ روس مان مليل هڪ وڌيڪ قلمي نسخي جي آڌار تي پاڻ نئين سر اُن ڪتاب تي محنت ڪيائين.

پاڻ مڪليءَ تي مدفون شخصيتن جي مقبرن ۽ قبرن تي موجود ڪتبن کي ”مڪلي نامہ“ ۾ ڏئي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيائين. اُن ڪم لاءِ پاڻ گهڻي جاکوڙ ڪيائين. اُن لاءِ خداداد خان جي بياض کي به استعمال ڪيائين. مغل گورنر تي ڪم ڪندي ڪيئي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ماخذ سندس سامهون هئا. ان ڏس ۾ مواد گڏ ڪندي هن کي گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي. پاڻ وڏيءَ محنت سان سنڌ جي تاريخي ماڳن جا دلڪش فوٽو ڪڍي ڪتابن ۾ شامل ڪري اُنهن جي اهميت وڌائيندو هو.

سمن ڄامن بابت پڻ ناياب مواد هٿ ڪرڻ ۾ کيس ڪاميابي ٿي. ان ڏس ۾ 1352ع کان 1368ع واري دور تي ته اهم مواد شايع ڪيائين. سندس دوست ڊاڪٽر رياض الاسلام، مخدوم جهانيان جهان گشت تي ڊاڪٽريٽ جو مقالو لکيو هو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن مخدوم، سياسي ڪردار ادا ڪندي ڄام بابيني کي مجبور ڪيو ته فيروز تغلق سان ٺاهه ڪري. حسام الدين کي ان طرح ذڪر هيٺ دور بابت ججهي ۽ اصلي مواد تائين پهچ حاصل ٿي. سندس هڪ ٻئي عالم دوست شيخ عبدالرشيد وٽ ”انشاء ماهرو“ جي ڪاپي موجود هئي. ”انشاء ماهرو“ مان پير صاحب ”مڪلي نامہ“ ۾، سمن ڄامن سان تعلق رکندڙ اهم خط ڏنا آهن. ان ريت ڄامن جي تحريڪ بابت پهريون ڀيرو نئون مواد سامهون آيو. جيتوڻيڪ ”مڪلي نامہ“ 1965ع ۾ ڇپجي چڪو هو، پر وڌيڪ مواد جي حاصلات ۽ تصويرن واسطي اُن کي ٻه سال ترسايو ويو. نيٺ هي ڪتاب 1967ع ۾ نروار ٿيو. ان ريت خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو هيءُ ناميارو مؤرخ ۽ محقق، پنهنجي اتهاس جي حوالي سان سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ پوءِ ڪلهوڙن بابت هڪ مڪمل مڃيل اسڪالر هو.

حسام الدين تي تنقيد ڪئي ٿي وڃي ته پاڻ يورپ جي لکندڙن جي باري ۾ احتياط نه ڪيائين. ڊچ، فرينچ، پورچوگيز ۽ انگريز هند ۽ سنڌ ۾ آيا ۽ هتي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيائون. ان ريت ننڍي کنڊ جي واپار، اقتصاديات ۽ ڪاروباري سرگرمين بابت توڙي سنڌ جي هنرن جي باري ۾ يورپي لکندڙن گهڻو مواد ڇڏيو آهي؛ پر حسام الدين راشدي پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ انهن کي نظر انداز ڪيو آهي. هي تنقيد درست ڪانهي. مشرق ٻولين جي ماهر (Orientalist) طور پاڻ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪيائين. ان ريت مشرقي ۽ مغربي علمن جي ميلاپ جي پاڻ خلاف رهيو. هن جي ادبي ڪارج ۾ فارسي گو شاعرن جي تذڪرن جي ايڊيٽنگ به شامل آهي، جن تي پاڻ مفصل حاشيا لکيائين. ان هوندي به پاڻ واقعاتي تسلسل جو هميشه خاص خيال رکندو هو، ڇو ته هن کي وڇوٽي ۽ وقت جي اهميت جو پورو احساس هو، جا هڪ سائنسي سوچ رکندڙ تاريخدان لاءِ لازم آهي. حسام الدين جي ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتابن جي اهميت ”ببليوٿيڪا انڊيڪا“ جي ڇپيل فارسي ڪتابن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي، جي رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال پاران شايع ٿيا هئا. هو مشرقي ٻولين جي هڪ ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو. هو خاص سنڌ جي تاريخ جو عالم هو، پر 1500ع کان 1753ع تائين واري زماني جي تاريخ جو کيس خاص طرح سان ڄاڻو ليکيو وڃي ٿو. سندس اردو ڪتاب ”مرزا غازي بيگ (1555 – 1612ع) بابت احوال سان گڏ ارغون، ترخان ۽ مغل دور تي به تفصيلي احوال ميسر ٿئي ٿو. سندس ڪجهه ضخيم مقالا: ”آخوند محمد بچل انور“، ”منشي صاحب راءِ آزاد“، ”ٽالپر حڪمرانن جون مهرون “، ”مير علي شير قانع“، ”ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي“ ۽ ”ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ خاص تحقيقي مطالعا آهن، جي ٽِه – ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهن.

ويهين صديءَ جو آخري اڌ ڪنهن به مضمون ۾ مهارت (Specialization) جو دور آهي. ان پس منظر ۾ ڏسجي ته حسام الدين، عنوانن جي چونڊ بعد، انهن بابت بهترين ۽ مثالي تحقيقي ڪم ڪيو. انڪري رڳو ملڪ ۾ نه پر ٻاهرئين دنيا جي مستشرقين ۾ به هن جي نالي جي هاڪ ٿي ۽ اُنهن مان ڪجهه ته سندس بهترين ذاتي دوست بنيا، جي هن جي زندگيءَ جي آخر تائين ساڻس علمي تعلق قائم رکندا آيا.

 

مترجم: غلام محمد لاکو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com