سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :20

وقت ڇا آهي؟

شفيق احمد مهيسر

”وقت ڇا آهي؟ هڪ اهڙي مخفي شيءِ، جيڪا مواد نه هجڻ باوجود ديوقامت آهي“، مٿيان لفظ ادب جي نوبل انعام کڻندڙ ليکڪ جرمن ٿامس مَنِ جا آهن، جيڪي هُن پنهنجي ناول ’ميجڪ مائونٽين‘  (1924ع) ۾ لکيا. مَنِ هڪ جديد ليکڪ هو، پر هو به وقت جي تشريح ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي ئي ڪري سگهيو، جيئن رومن چرچ جي پادري فادر سينٽ آگسٽائين پنهنجي سوانح ”ڪنفيشنس مور دين ففٽين هنڊريڊ ييئرس ارليئر“ (پندرهن سو سال پهريان جا اعتراف) ۾ ڪيو هو ته ”پوءِ وقت ڇا آهي؟ مان چڱيءَ طرح سمجهان ٿو، بشرطيڪ مون کان ڪوبه ماڻهو نه پڇي، ڇو ته جڏهن مون کان ڪو پڇندو ۽ مان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته مان گهٻرائجي ويندس.“

قديم يونان ۾ عام طرح ماڻهو وقت کي هڪ حلقو (سرڪل) تصور ڪندا هئا. اٺين صدي قبل مسيح جي مشهور يوناني تاريخدان هيسائيڊ انسانذات جا پنج دور ٻڌايا- شروعاتي اوائلي دور کان وٺي انسان جي لوهه واري دور تائين، جيڪو جهيڙن جهڳڙن ۽ جنگين سان ڀريو پيو آهي. ٻه سو سال پوءِ، سقراط کان پهرين واري دَور جي فيلسوف فيثاغورث تاريخ جي تشريح هڪ عظيم سال طور ڪئي ته جڏهن دنيا جو تاريخي سرڪل پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو ۽ سج، چنڊ ۽ سمورا گرهه پنهنجن اصلي جاين تي پهچندا، تڏهن بلڪل ساڳيا ماڻهو زمين ڏانهن واپس ايندا ۽ هڪ دفعو ٻيهر سڀڪجهه ساڳيو ئي ٿيندو. هن قسم جا ٻيهر ورجايا ويندڙ قدرتي واقعا جديد ليکڪن لاءِ گهڻي دلچسپيءَ جو باعث پئي رهيا آهن، جيئن جرمن فيلسوف فريڊرڪ نٽشي ٻين کي به متاثر ڪيو ۽  جيئن آئرش نوبل انعام يافته وليم بٽلر ييٽس کي مشهور نظم لکڻ لاءِ: اولڊ سٽي آف ٽراءِ، فيمس فرام هومرس لياڊ، وِل برن ونس اگين ۽ جيسن دي مٿيڪل هيرو ول بورڊ هز شپ ايگرو ونس اگين.

دائراتي تصوراتي

جيتوڻيڪ گهيري يا دائري (Cycle) وارو وقت جو نظريو قديم يونان کان به اڳتي وڃي ٿو پر اهو ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا کان آڳاٽن ڪولمبين تهذيبن، قديم انڊين جي سڀيتا مايا ۽ ازٽڪ جي ماڻهن ۾ اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ازٽڪ ماڻهن وڏو گول پٿر (سن اسٽون) گهڙي ان مان ڪئلينڊر ٺاهيو، جيڪو اڄڪلهه ميڪسيڪو سٽي جي ينٿروپولاجيڪل ميوزيم جي خاص ۽ پرڪشش نواردات مان هڪ آهي. هن دائراتي تصوراتي وقت جي تصور اسان جي هن صديءَ جي ڪافي مشهور لاطيني آمريڪي ليکڪن کي متاثر ڪيو آهي. ان جو هڪ اندازو ڪولمبيا جي نوبل انعام يافته اديب گبريل گاشيا مارڪئيز جي عام مشهور ناول ”ون هنڊريڊ ييئرس آف ساليٽيوڊ“ (اڪيلائيءَ جا سَو سال) مان چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو ته  چمڙي جي پڙڇ تي لکيل جنهن تحرير کي هو پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اُها سندس ۽ سندس خاندان ۽ ڳوٺ ”ميڪانڊو“ جي ئي ڪهاڻي آهي. اهو ائين آهي جيئن ناول پڙهندڙ ان جي آخري حصي کي ختم ڪرڻ وقت سمجهندو هجي. پوءِ گارشيا مارڪئيز وقت کي هڪ دائري واري تحرير (سائڪليڪل ٽيڪسٽ) تصور ڪندي  ائين ئي سمجهي ٿو جيئن ناول جي پُڄاڻي ان جي شروعاتي خرابين ۽ جراثيمي ڪيفيت کي لڪائيندي آهي يا کڻي ائين چئجي ته ان جو مثال قديم انڊين ڏندڪٿائن جي ان نانگ (سرپينٽ)  وانگر آهي جيڪو پنهنجي پڇ کي پاڻ ئي چَڪيندو آهي.

ٻيو هن مهل تائين آخري لاطيني آمريڪي ليکڪ جنهن ادب جو نوبل انعام ماڻيو، سو هو ميڪسيڪو جو شاعر ”اوڪٽاوپاز“، جنهن هڪ گيت لکي، دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. هن جي گيت جو موضوع هو وقت يا ائين کڻي چئجي ته وقت جو قيد. ”پاز“ انساني تاريخ جو ناڪاري  پهلو، جيڪو ”هيسائيڊ“ جي وقت جي تصور جي جهلڪ آهي ۽ اڻکٽندڙ جنگين جي ورجاءَ ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ سان ڀريل آهي، ان مان دائري واري وقت جي تصور جو هڪ مايوس ڪندڙ تاثر ملي ٿو. گيت جي آخري سٽ  شروعاتي سٽ سان پوري ٿئي ٿي ته: ”ڀيانڪ ڪهاڻي هڪ دفعو وري ورجائي ويندي.“ وقت کان فرار  فقط پيار ذريعي ۽ شايد خود شاعريءَ وسيلي ئي ممڪن آهي. هن گيت جو اهم منظر 1937ع جي اسپيني گهرو ويڙهه ۾ ميڊرڊ شهر جي بمباريءَ دوران هڪ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جو پنهنجي بچاءُ لاءِ پاڻ کي ڪپڙن کان آجو ڪرڻ ۽ پيار ڪرڻ آهي.

اسان جو ازلي حصو

اسان جو رشتو وقت ۽ جنت سان

ڇو نه ڇُهون ان ذريعي کي حاصل ڪرڻ لاءِ

حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ورثو، چورايل

زندگيءَ جي هٿان صديون پهريان.

مٿيون مشهور سٽون ظاهر ڪن ٿيون ته ”پاز“ جو پراڻو خواب ”وقت جو حدن کان ٻاهر نڪرڻ“ هڪ اهڙو خواب آهي، جيڪو مغربي ادب ۾ گهريءَ طرح سمايل آهي ۽ اهو يقيناً موجود آهي. نائيٽز شي چوي ٿو ته ”سڀ خواهشون هميشه موجود رهڻ لاءِ هونديون آهن.“ ساڳيءَ طرح ادب جي 1948ع ۾ نوبل انعام يافته اينگلو آمريڪن شاعر ٽي.ايس. ايليٽ جو مرڪزي خيال پڻ اهوئي هو، جيڪو هن جي شروعاتي نظم ”گرونشن“ ۾ موجود آهي، جيڪو هن پهرين جنگ عظيم کان پوءِ ان جي پس منظر ۾ لکيو.

 

اڻ موٽندڙ عمل

پر مغربي تاريخ جي وچولي ۽ جديد دَور ۾ وقت کي سرڪل (دائرو) نه پر هڪ ليڪ (لائين) طور پيش ڪيو ويو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته هڪ اڻ موٽندڙ عمل، جنهن جي هڪ منفرد شروعات ۽ منفرد پڄاڻي آهي. ان سلسلي ۾ سڀني کان اڳرو شايد سينٽ آگسٽائين ئي هو، جنهن وقت جو  ايڏو وڏو ۽ پراثر تصور ڏنو. ان جو ماخذ  پراڻا يهودي لاڙا آهن، جن کي شروعاتي عيسائي فيلسوفن پنهنجي نئين مذهب ۾ لاڳو ڪيو ته خدا هن دنيا کي ڪنهن به شيءِ جي استعمال کان سواءِ ۽ هميشه لاءِ هڪ ئي دفعو وجود ۾ آندو ۽ تاريخ حضرت عيسيٰ جي ولادت سان پنهنجي عروج تي پهتي ۽ جلد ئي يوم حساب ٿيڻ سان پنهنجي مستقل پڄاڻيءَ تي پهچندي. سينٽ آگسٽائين پنهنجي مشهور شهپاري ”خدا جو شهر“ (سٽي آف گاڊ) ۾ وقت جي سڌي (لينيئر) تصور جي ڀرپور نموني سان وڪالت ڪئي آهي ۽ اوائلي يونان جي دائري (سائڪلڪ) واري وقت جي تصور جي اِهو چئي نندا ڪئي آهي ته اهو فقط هڪ وهم آهي. وقت جو مسيحي تصور، جيڪو اڻموٽندڙ عمل تي ٻڌل آهي، جنهن جي شروعات ڪائنات جي تخليق سان ۽ پڄاڻي يوم حساب سان ٿئي ٿي. عجيب ڳالهه آهي ته يورپي تاريخ جي مختلف دورن، پوءِ چاهي اهي فڪري (انٽليڪچوئل) هجن يا هنري (آرٽسٽڪ) هجن، ۾ نظر ايندو. ان تصور پنهنجي جامد صورت ۾ ئي جديد دَور کان اڳ جي مغربي ادب جي عظيم شهپارن جي تخليق لاءِ اُتساهيو، جيئن وچئين دَور جي اطالوي شاعر ”ڊانٽي“ ۽ ان جو ڪتاب ”ڊوائين ڪاميڊي“ ۽ وري ان جو پوئلڳ، سترهين صديءَ جو جان ملٽن، جنهن ”وڃايل جنت“ (پيراڊائيز لاسٽ) لکيو.

ساڳيو ئي خيال روشن خياليءَ جي حمايت ڪندڙ فيلسوفن ارڙهين صديءَ ۾ نئين صورت ۾ ڏنو، جن وقت جي تصور کي تڪي توري جديد وقت جو تصور پيدا ڪيو ۽ پيش ڪيو ۽ هاڻ وقت هڪ اڻکٽندڙ عمل تصور ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نه ته ڪا شروعات آهي ۽ نه پڄاڻي! واقعن جو هڪ غيرجانبدار  پيچرو، جيڪو نظرياتي طور گرهن ۽ موسمن سان قديم تعلق سبب پيدا ٿئي ٿو، ۽ جنهن کي وقت جي لامحدود ننڍن ننڍن دقيقن (فريڪشنس) ۾ ورهائي سگهجي. وقت جو سائنسي تصور جديد دَور جي شروعاتي حصي ۾ ايجاد ٿيل مڪينيڪل واچن جو محتاج آهي. اڃا به ڪجهه وڌيڪ اهم ڳالهه اِها آهي ته ليکڪ، فيلسوف ۽ سائنسدان ان لائق ٿيا جو اُهي وقت جو هڪ ٻئي جديد تخيل يعني بتدريج ترقيءَ (پروگريس) سان ڳانڍاپو پيدا ڪري سگهيا. اوڻيهين صديءَ جي فيلسوفاڻي سرشتي ڏيندڙ جرمن نظرياتي دانشور هيگل ۽ چارلس ڊارون جي ”هڪ عام گهرڙي مان انساني دماغ تائين ترقي“ ۽  ”سروائيول آف فٽيسٽ“ جي قانون کان وٺي سرمائيدارانه ۽ کاٻي ڌر جي سياسي انقلابي سوچ تائين سڀني شين وقت جي هاڪاري تبديليءَ واري تصور کي ئي هٿي ڏني، باوجود ان حقيقت جي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن هاڪاري تبديلي ناڪاري اڳڀرائيءَ جو شڪار ٿئي، جنهن ۾ هڪ روشن مستقبل ضرور اچڻو هو. اڄ به موجوده وقت جا ڪجهه تمام با اثر ليکڪ وقت جي ان هاڪاري تصور ۾ ويساهه نٿا ڪن. انهن مان ڪن ماڻهن ته ان تصور ذريعي انساني تاريخ کي درپيش مسئلن تي شڪ ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار به ڪيو آهي. جيئن اتر آمريڪي ليکڪ وليم فالڪنر (ادب جو نوبل انعام يافته 1949ع) پنهنجي عظيم ناول ”سائونڊ اينڊ فيوري“ ۾ ڏکڻ آمريڪا جي هڪ آسودي گهراڻي جي زوال جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب سڀ کان وڏو پٽ ذهني طرح معذور هو، وڏي ڌيءَ بدپيشو اختيار ڪيو، ان کان ننڍي ڀيڻ گهران ڀڄي ويئي ۽ چوٿين ٻار خودڪشي ڪئي. زندگيءَ جي آخري لمحي ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگرد ڪوئنٽين کي پنهنجي پيءُ جا اِهي لفظ ياد آيا ته ”گهڙيال وقت کي ماري ٿو.“ هن چيو هوس ته وقت تيستائين مرده آهي، جيستائين ان کي گهڙيال جي ننڍڙين چڪرين ذريعي چوريو وڃي ۽ جڏهن اهو عمل ختم ٿئي ٿو تڏهن ئي وقت ۾ زندگي ڀرجي ٿي. ڪوئنٽين ان ”مڪينيڪل هاڪاري تبديلي“ (يعني گهڙيال جي وقت) کي سڄو ڏينهن لنوائيندو رهي ٿو ۽ آخر ۾ پنهنجي پيءُ طرفان ورثي ۾ مليل گهڙيءَ کي ڀڃي ڇڏي ٿو، ايستائين جو هن يقين ڪرڻ چاهيو ته ان جا سمورا پرزا الڳ الڳ ٿي پون، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. 2- جون 1910ع جو اهو ڏينهن هن کي وقت جي هرهڪ شيءِ جي ياد ڏياري ٿو: تيزيءَ سان وهندڙ نديءَ جو پاڻي، چرچ جا وڄندڙ گهنڊ ۽ فيڪٽريءَ مان نڪرندڙ سيٽيءَ جو آواز! ڪوئنٽين پوءِ سمجهي ٿو ته پڪ ”هڪ گهڙيال“ مٿي سج ۾ آهي، جيڪو بنان ڪنهن ساهيءَ جي پنهنجي رستي مطابق ٽِڪ ٽِڪ ڪري سفر ڪري رهيو آهي، شفق ڏانهن يا موت ڏانهن.

هاڻ وقت اچي ويو ته موضوع کي سهيڙجي. هڪ طرف جديد ادب ان ڪوشش ۾ مصروف آهي ته اُهو پاڻ ۾ مستقل تبديلي آڻيندو رهي ۽ پاڻ کي مسلسل تجربي ۾ رڌل رکڻ گهري ٿو- ڇاڪاڻ ته تبديلي، ائين کڻي چئجي ته زندگيءَ جو روح آهي. ٻئي طرف اهو تنقيد وسيلي ”مڪينيڪل هاڪاري تبديلي“ جي خيال کي ئي رد ڪري ٿو- بلڪل ائين جيئن فالڪنر جو ڪوئنٽين. شايد اِهو جديد ادب جو وڏي ۾ وڏو ۽ دلچسپ تضاد آهي، جيڪو مشهور نوبل انعام يافته اديبن جي شاعريءَ ۽ نثر مان پڌرو آهي.

هيرالڊ پنٽر ادب جو نوبل انعام ماڻيو

برطانوي پلي رائيٽ (ناٽڪ ڪار) هيرالڊ پنٽر 2005ع جو ”ادب جو نوبل“ انعام ماڻيو آهي، ڪجهه اهڙين تخليقن ڪارڻ جيئن ”برٿ ڊي پارٽي“ ۽ ”ڪيئرٽيڪر“. هيرالڊ پنٽر جو  شمار اهڙن لکندڙن ۾ ڪيو ويندو آهي، جيڪي غير سنجيده ليکڪ سمجهيا ويندا آهن، پر سئيڊن جي اڪئڊميءَ جو چوڻ آهي ته ”پنٽر ٿئيٽر کي ان جي اصل روح ڏانهن موٽايو آهي.“

[انٽرنيٽ تان کنيل: اينڊرس ڪُلهيڊ]

 

”ابڙو وَڏ وَڙو“

(هڪ اڀياس)

دين محمد ڪلهوڙو

تاريخ لکڻ جو مطلب آهي ته مؤرخ جنهن به موضوع تي لکي ته اُن جي واقعن، دورن يا ڪيفيتن کي پيش ڪرڻ ۾ پنهنجي ذاتي پسند، ناپسند، مسلڪ يا نظريي کان ڪٽجي وڃي. جيتوڻيڪ مڪمل طرح اڻ ڌُري تاريخ لکڻ ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ نه آهي، پر تنهن هوندي به غير جانبدارانه تاريخ لکڻ لاءِ بيحد ضروري آهي ته موضوع جي داخلي شاهدين کي انهن جي ئي مزاج ۽ سٽاءَ ذريعي اهڙي نموني پيش ڪيو وڃي، جهڙي نموني اُهي بروقت هجن ٿيون.

انهيءَ اصول کي سامهون رکندي جڏهن مهدي شاهه جي لکيل ڪتاب ”ابڙو وَڏ وَڙو“ جو اڀياس ڪنداسين، ته اهو ڪتاب سراسر جانبدارانه ۽  فقط جزوي تاريخ جو هڪ جائزو ثابت ٿيندو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ ليکڪ مڪمل طرح پنهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند جو مثال بڻجي ويو آهي، جنهنڪري تاريخ تي ڪيل سندس بحث درست نموني اُڪلجڻ بجاءِ ويتر سخت مونجهارن ۽ اختلافن جو شڪار ٿي ويو آهي. ليکڪ جي انهيءَ رويي سان غير جانبدارانه تاريخ ۽ خود علم تاريخ جو تقدس به برقرار رهي نه سگهيو آهي، جنهن ڳالهه سندس ڪيل سموري محنت کي متاثر ڪيو آهي ۽ ليکڪ درست ۽ غلط نُقطن جي وچ ۾ فرق ڪري نه سگهيو آهي ۽ هڪ قبيلي کي خوش ڪرڻ دوران ٻئي قبيلي کي رنجائي محققانه قدرن کان ڪٽجي ويو آهي.

مون پنهنجي تحرير ۾ مهدي شاهه لاءِ ’محقق‘ بجاءِ ’ليکڪ‘ لفظ استعمال ڪيو آهي، ڇو ته موصوف تاريخ ۾ رڳو هڪ مخصوص دور ۽ خاندان کي پچار ۽ گلا هيٺ آندو آهي. تاريخ تي تحقيق ڪرڻ هڪ وڏو ذميواريءَ جو ڪم آهي. ان کي نڀائڻ لاءِ هڪ بااُصول محقق تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي لکت ۾ مهذب ۽ ادبي ٻولي استعمال ڪري.

عام طور تي سنڌ ۾ سيد سڳوري کي مرشد جو رُتبو حاصل آهي. مرشد يعني  ٻيا ماڻهو سيد سڳوري جي تعظيم ڪندا ۽ مريد پيا ٿيندا، پر هتي قصو اُبتو پيو محسوس ٿئي! مهدي شاهه سيد خاندان جو سيد زادو ٿي ڪري، سماٽ قبيلي جي عقيدت ۾ ايترو ته مدغم ٿي ويو آهي، جو پنهنجو مرشديءَ وارو رتبو به کانئس وسري ويو آهي ۽ پنهنجي ”ممدوح خاندان“ جي ساراهه ۾ 622 صفحن تي مشتمل ضخيم ڪتاب لکندي ڪلهوڙن خلاف نهايت اشتعال انگيز ۽ مفروضن ۽  من گهڙت روايتن تي ٻڌل هڪ زهر ڀريو تذڪرو تيار ڪيو آهي. لکندڙ، مير علي شير قانع، جيڪو پڻ سيد هو، کي ته ڪلهوڙن جي مدح سرائي ڪندي لويو آهي. ليڪن حقيقت هي آهي ته ابڙو وڏَ وَڙو جو ليکڪ قلم ڪاهيندي ابڙن ڪلهوڙن  جي حوالي سان مير علي شير جيترو به غيرجانبدار نه رهي سگهيو آهي.

ليکڪ پنهنجي ڪتاب کي ڪل چوڏهن بابن ۾ ورهايو آهي، جن ۾ ست باب خاص ابڙن تي لکيا آهن، باقي ستن بابن ۾ ٻه باب سمن تي مشتمل آهن ۽ پنجن بابن ۾ ترتيبوار: ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا، ٽالپر ۽ انگريز دور شامل ڪيا آهن. ليکڪ پنهنجي تحرير ۾ ڪلهوڙن کان سواءِ باقي دورن کي ”خودمختيار“ حڪومتي دور ڪري ڄاڻايو آهي، پر ڪلهوڙا دور کي ”نائبيءَ“ وارو دور قرار ڏنو آهي. ليکڪ جي انهيءَ سراسر متعصب رويي مان پڙهندڙ آڏو سندس جانبدارانه روش ظاهر ٿئي ٿي. جيڪڏهن ليکڪ سواءِ انگريزن جي، باقي دورن کي نائبيءَ وارو دور ڪري لکي ها، ته ڳالهه واجبي ۽ مڃڻ لائق هئي. سومرا دور کان وٺي ٽالپري دور تائين سنڌ جون مقامي رياستون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ايران، افغانستان ۽ هندستان جي حالتن موافق ڪڏهن آزاد ته ڪڏهن نيم خودمختيار رهيون آهن.

ڪلهوڙن بابت زهر اوڳاڇيندي لکيل آهي ته:”اڪبر جي دور ۾ ڪلهوڙا عباسي، آدم شاهه جي سرواڻيءَ ۾ پيري مرشديءَ جو ڍونگ رچائي، ابڙن ۽ پنهورن جي زمينن تي قبضا ڪيا. اورنگزيب جي زماني ۾ ميان نصير محمد، مغل حڪومت کي ڍل ادا ڪري پاڻ کي زميندار جي حيثيت ۾ مڃرايو. شهنشاهه اورنگزيب جي زماني ۾ يار محمد ڪلهوڙي ضرورت کان وڌيڪ ڍل ڏئي ’خدا يار خان‘ جو لقب حاصل ڪري مغلن جي غلامي قبولي.“ (ص - 22)

جڏهن ته اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته عام طرح سان ڪلهوڙا شروع کان وٺي ۽ خاص طرح سان ميان آدم شاهه کان پير مرشد بنجي چڪا هئا. اڄ به هزارين ماڻهو ڪلهوڙا خاندان سان عقيدت ۽ احترام برقرار رکندا پيا اچن. خبر ناهي ته ليکڪ کي ڪهڙو الهام ٿيو، جو کيس خبر پئي، ته ڪلهوڙن پيري مرشديءَ جو ڍونگ رچايو هو. ليکڪ تاريخ جي انهيءَ مڃيل سرويچ سپوت ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي ”ڍونگي“ قرار ڏنو آهي، جنهن پنهنجي ساري حياتي سنڌ وارن جي روحاني تربيت ڪندي مغلن خلاف جهاد ڪندي گذاري. سنڌ جي تاريخ ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي شخصيت ۽ حب الوطنيءَ جي متفقه طور تي واضح لفظن ۾ واکاڻ ڪئي وئي آهي. اڪثر ڏيهي توڙي پرڏيهي محقق به انهيءَ حقيقت تي اتفاق ڪن ٿا.

جڏهن سنڌ مغل دور ۾ ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي هئي، تڏهن هتان جي وطن دوست قبيلن ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي سرواڻيءَ ۾ ان جبر خلاف کُليو کلايو اعلانِ جنگ ڪيو، ۽ ان تحريڪ چانڊڪي پرڳڻي کان زور وٺڻ شروع ڪيو. تحريڪ جو مقصد هو سنڌ ۾ مغل راڄ ختم ڪري مقامي حڪومت قائم ڪرڻ. ڪلهوڙن وٽ مريدن جو هڪ وسيع حلقو هو، تنهنڪري هنن وٽ ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾، مغلن سان ڊگهي مهاڏي اٽڪائڻ جي سگهه ڪجهه سرس هئي. مغلن جي هر طرح سان اها ڪوشش هئي، ته ڪنهن نه ڪنهن نموني سنڌ جي انهيءَ قومي تحريڪ کي دٻايو وڃي ۽ انهن وڏا زور به لاتا، ايستائين جو چانڊڪي پرڳڻي جي آشيرواد ورتل مقامي قبيلن جي سردارن کي وڌيڪ رعايتون ڏئي، انهن کي هن تحريڪ جي خلاف ڀڙڪايو. مقامي قبيلن ۾ ابڙا، پنهور، سانگي وغيره مغلن جا مراعات يافته قبيلا هئا، پر انهن وٽ سياسي طور تي ڪو به وطني پروگرام نه هو. هو فقط انهيءَ سوچ تائين محدود هئا، ته زمينداري ڪيئن وڌائجي ۽ وقت جي مغل حاڪمن جي آڏو خوشنودي ڪيئن حاصل ڪجي؟ پر سڄاڻ ڪلهوڙا اڳواڻن وٽ پوريءَ سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ هڪ باقاعده منظم ۽ وطن دوست پروگرام هو. هنن وٽ هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهڻ جي قوت هئي. مڙني تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مغل پنهنجي دور ۾ ارغون ۽ ترخان گورنرن کان ڏيهي ناظمن تائين، سنڌ جا مختلف علائقا ٺيڪن جي صورت ۾ ڏيندا هئا. جيڪي قبيلا وڌيڪ واڪ ڏيندا هئا، ته سنڌ انهن وٽ گروي رهندي هئي. جزا ۽ سزا جو قانون به انهن ڏن ڀرو منصبدارن جو ئي هلندو هو. مغلن جو اهو بيٺڪي سرشتو، سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن کان وٺي مقامي ناظمن تائين، يعني 1521ع کان 1700ع تائين مُنيون ٻه صديون رائج رهيو. ڪلهوڙن جي اُڀرڻ دوران چانڊڪي ۾ ابڙا، پنهور ۽ سانگي مغلن طرفان آشيرواد ورتل زميندار هئا. شروع ۾ اهي قبيلا ڪلهوڙن جا مريد ٿيا هئا، پر پوءِ ڏٺائون ته سندن مرشد مغل منصبداري نظام خلاف ڪم ڪري رهيا آهن، ته پوءِ هنن آهستي آهستي مريديءَ جا حق وسارڻ شروع ڪيا، ڇو ته هنن ڪلهوڙن کي فقط مرشديءَ واري مَسند تي ڏسڻ ٿي گهريو. هيڏانهن ڪلهوڙن جڏهن پنهنجي خلاف شورش وڌيل ڏٺي، ته هنن ديري غازي خان ۽ ملتان مان پنهنجا ڪجهه مريد قبيلا گهرائي آباد ڪرايا. مغلن سنڌ ۾ انهيءَ تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ابڙن ۽ پنهورن جي مدد ڪئي، پر جڏهن ڏٺائون ته سندن مدد ڪارگر نه ٿي آهي، ته پوءِ هنن ڪلهوڙن جي قوت کي تسليم ڪندي سن 1700ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي کي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو باقاعدي پروانو ڏنو. جيتوڻيڪ اهو پروانو بظاهر مغل منصبداريءَ جي عڪاسي ڪندڙ هو، پر ميان يار محمد ڪلهوڙي نهايت معامله فهميءَ کان ڪم وٺندي، اهو موقعو غنيمت سمجهيو ۽ سنڌ جي گاديءَ تي ويهندي ظاهري طرح ته مغل شهنشاهيت جي رسمي تابعداري قبول ڪئي، پر اندروني طرح پنهنجي ڏاڏي ميان آدم شاهه جي شروع ڪيل ”مهدوي“ نظريي تي هلندو رهيو. جتي جتي حالتن کيس مدد ٿي ڏني، ته اُتي مغلن کي ڏَنُ ڏيڻ کان نابري ٿي واريائين. جتي سمجهيائين ٿي ته نقصان ٿيندو، ته اُتي مصلحت سمجهندي جزوي طرح پوئتي هٽڻ کي ترجيح ٿي ڏنائين. اها پاليسي پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي به ڪجهه عرصو جاري رکي. ڪلهوڙن جي انهيءَ حڪمت عمليءَ کي محققن ”دورانديشي“ سڏيو آهي، جنهن مان سنڌ کي وڏا فائدا ان طرح رسيا، جو سنڌ اقتصادي طور پاڻڀري ٿيڻ لڳي، زراعت ۽ آبپاشي سرشتي کي نئين سر هٿي ملي، نوان نوان واهه کڄڻ لڳا ۽ غير آباد زمينون آباد ٿيڻ لڳيون. نتيجي ۾ سنڌ ۾ امن ۽ يڪجهتي، سک ۽ سُڪار جي هڪ سهڻي سمي جي شروعات ٿي.

ليکڪ جو ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي باري ۾ اهو رايو نهايت ئي سطحي آهي، ته ميان صاحب ابڙن، پنهورن ۽ سانگين کان زمينون ڦُريون هيون. هن مسئلي کي سنجيده ٿي سمجهڻ لاءِ مغلن جي منصبداريءَ واري سموري سرشتي کي سمجهڻو پوندو. ان بابت سبط حسن ”مارڪس اور ايشيائي طرز پيداوار“ ۾ لکي ٿو ته:”مغل دور ۾ زمين جو مالڪ بادشاهه جي ذات کي سمجهيو ويندو هو. منصبدارن کي تمام وڏا وڏا علائقا جاگير طور ڏنا ويندا هئا، پر اهي جاگيرون سندن ذاتي ملڪيت نه سمجهيون وينديون هيون. منصبدارن جي بدلي ٿي وڃڻ يا سندن موت جي صورت ۾ جاگير ٻيهر مغل بادشاهه ڏانهن منتقل ٿي ويندي هئي. جاگيردار تي ملڪيت جي حق طور فقط جاگير مان پيداوار جو حصو ڏنو ويندو هو، پر زمين کي سندن ملڪيت نه سمجهيو ويندو هو.“

سُڄاڻ ڪلهوڙا قيادت اهو بخوبي سمجهيو پئي، ته زمينداريءَ جو اهڙو سرشتو جيستائين ختم نه ٿيندو، تيستائين سندن تحريڪ نتيجه خيز ثابت نه ٿيندي. ان ڪري مغلن جي فرمانبردارن ۽ ملازمن سان گڏوگڏ زميندار ۽ جاگيردار طبقي سان به ڪلهوڙن جو هميشه جهڳڙو هلندو هو. مغلن چانڊڪو پرڳڻو ميان آدم شاهه کي نذراني يا ٺيڪي ۾ ڪونه ڏنو هو، اهو به تاريخن جو ابهام آهي. مغل سياسي طور تي وڏا حرفتي هئا. هو سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن مقامي قبيلي کي طاقت وڌائيندي ڏسندا هئا، ته پهريائين انهن تي لشڪر چاڙهي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ان ۾ به جي ناڪام ويندا هئا، ته پوءِ دوستيءَ جو هٿ وڌائيندا هئا. مغلن سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن کي اُڀرندي ڏٺو، ته شروع ۾ انهن جي طاقت کي ڪچلڻ لاءِ لشڪرڪشي ڪيائون. جڏهن هو سنڌ ۾ باقاعدي هڪ منظم سياسي تحريڪ کي ماٺو ڪري نه سگهيا، ته چانڊين جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ مجبور ٿي چانڊڪو پرڳڻو  ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي حوالي ڪري کيس ٿوري مڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اها مغلن جي سياسي حڪمت عملي هئي. ڪلهوڙن سنڌ ۾ تلوار جي زور سان حڪومت حاصل ڪئي هئي. نامياري محقق ايم.ايڇ. پنهور پنهنجي هڪ مضمون: ”ڪلهوڙن جي عروج ۽ زوال تي ماحولياتي اثر“ ۾ ڪلهوڙن جي طاقت ۽ دانشمنديءَ ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو ته:”مغلن جي دور ۾ سنڌ جا مقامي قبيلا ڪلهوڙن جي اڳواڻيءَ ۾ هَلان ڪري، مغلن جي شاهي لشڪر کي مات ڏئي سندن نامزد منصبدارن کي هڪالي، هڪ ئي وار سان موجوده لاڙڪاڻي ۾ اترادو ضلعن تي حڪومت قائم ڪئي.“

ليکڪ، ڪلهوڙا دور تي تحقيق ڪندڙ باوقار عالمن بابت پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته:”ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ ڪلهوڙا پرور محققن خصوصاً پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام رسول مهر، توڙي تاريخ جي علم ۾ آيل وسعتن ۽ جديد گهُرجن کي سامهون رکي ڪم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ وقت ابڙا قبيلي کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪرڻ واري عمل ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.“ (ص -23)

ليکڪ کي اها تڪليف پهتي آهي، ته مذڪوره محققن ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ تي ڇو لکيو ۽ ابڙن تي ڇو نه لکيو؟

سنڌ ۾ جيڪا تاريخ ملي ٿي، اها ”دَور وار“ لکي وئي آهي، جنهنڪري اهڙن قبيلن جو مفصل ذڪر ڪونه ٿو ملي. جيڪڏهن سماٽ قبيلي مان ابڙا سنڌ تي حڪمراني ڪري وڃن ها، ته ضرور اُهي به محققن جي قلم مان نڪري اچن ها. ابڙا قبيلو سنڌ جي حڪومت حاصل نه ڪري نه سگهيو، ته اهو ڏوهه مؤرخن تي ڏيڻ، مان سمجهان ٿو ته هڪ سنجيده ليکڪ کي نه ٿو جُڳائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com