سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :19

بَٽَڻ

پرڪاش ڪمار

ثنا سمنڊ ڪناري ٿڌي، نرم ۽ آلي واريءَ تي ويهي رهي. سمنڊ مان اُٿندڙ ڇوليون هن جي نازڪ پيرن کي هڪ پَل لاءِ ڇُهي موٽي ٿي ويون. هوءَ به اُنهن ڇولين سان گڏ پنهنجي ماضيءَ ۾ هلي وئي.

سمير سان هن جي ملاقات حميرا جي مهندان رات ئي ٿي هئي. حميرا سندس تعارف ڪرائيندي چيو هو: ”ثنا! هي آهي سمير، منهنجو ماروٽ.... ۽ سمير! هيءَ آهي ثنا، منهنجي تمام پياري ساهيڙي.“

”ثنا‍ تمام ٻاجهارو نالو آهي، ڄڻ صحرا جي تتل واريءَ تي مينهن ڦڙا وَسي رهيا هجن يا وري ڪن اڻڄاڻ راهُن ۾ ڀٽڪندڙ مسافر کي اوچتو منزل ملي وڃي.“ سمير چوڻ لڳو.

”بس بس، سمير صاحب! اوهان ته شاعري ڪرڻ لڳا!“ هوءَ مُرڪندي چوڻ لڳي ”ڪٿي اوهين شاعر ته ناهيو؟“

هوءَ جڏهن مُرڪي رهي هئي ته هن جا موتين جهڙا شفاف ڏند ڪنهن موتين مالها وانگر پئي لڳا.

سمير کي اها موتين مالها تمام گهڻي وڻي. دل ۾ خواهش اُڀريس ته اها موتين مالها هن لاءِ پيار جي زنجير بڻجي وڃي.

”نه مس ثنا، شاعر ته ناهيان، پر......“ هو چپ ٿي ويو.

”پر ڇا؟“

”پر جيڪڏهن اوهين واعدو ڪريو ته شاعر به ٿي ويندس.“

”اهو وري ڪيئن؟“ هن جي دل ۾ اُتساهه پيدا ٿيو.

”اِهو ائين ته اوهين منهنجي شاعري بڻجي وڃو!“

هوءَ ڪجهه به نه چئي سگهي. بس هن کي ڏسندي رهي.

سمير به هن جي اکڙين جي ڍنڍ ۾ ٻڏڻ لڳو.

“ پوءِ......

پوءِ واقعي ثنا هن جي شاعري بڻجي وئي. موتين مالها هن لاءِ پيار جي زنجير بڻجي وئي.

*  -   *      -   *    -    *

شاديءَ جي پهرين سالگره ۾ صرف ٻه ماڻهو هئا. هڪ هوءَ ۽ هڪ سمير. ثنا گهريو ٿي ته ٻين مهمانن کي به دعوت ڏجي، پر سمير انڪار ڪندي چيو: ”هي پل، هي لمحا، اسان جا ذاتي آهن، ٻين کي مداخلت ڪرڻ ڇو ڏيون؟“

”پر سمير، آءٌ چاهيان ٿي ته ماڻهو اسان سان خوشين جا اهي لمحا شيئر ڪن.“ هن خوشيءَ وچان چيو.

”شيئر ڪرڻ سان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ اهوئي نه، ته هو تاڙيون وڄائين؟ ته محترمه! هي تاڙي اوهان لاءِ.“ هن يڪدم تاڙي وڄائي.

هن جي مرڪڻ تي هو چوڻ لڳو: ”گُڊ، اها ٿي نه سٺي ڳالهه، منهنجي قميص جا بٽڻ!“

سمير اڪثر هن کي قميص جو بٽڻ چوندو هو. جڏهن پهريون ڀيرو سمير ائين چيو ته هوءَ ڪاوڙجي پئي هئي ۽ چوڻ لڳي: ”مون کي ائين نه چوندو ڪر.“

”ثنا! توکي قميص جي بٽڻ جي اهميت جو پتو ناهي.“ هن ثنا جي زلفن کي پنهنجي چهري مٿان رکندي ۽ انهن جي خوشبو چورائيندي چيو: ”اهو بٽڻ ئي ته آهي، جيڪو قميص جو شان به وڌائيندو آهي ته انسان جو مان به. جيڪڏهن بٽڻ نه هجي، ته ڳلو کليل رهندو آهي ۽ کليل ڳلو بدمعاش انسانن جو ترجمان هوندو آهي.“

هن جي وضاحت تي قميص جو بٽڻ خوش ٿي ويو ۽ مرڪڻ لڳو، چيائين: ”ته پوءِ چانهه ٿي وڃي؟“

”۽ چانهه سان گڏ ٻيو ڪجهه به ٿي وڃي ته ڏاڍو سٺو.“ هن جي شرارت کي سمجهندي مرڪندي رڌڻي ۾ هلي وئي.

*   -     *     -     *     -      *

چپن جي ڪنارن تي آيل سمنڊ جي کاري پاڻيءَ هن کي حقيقت ۾ آڻي بيهاريو. اهو کارو پاڻي هن جي من ۾ وهندڙ سمنڊ جو ئي ته هو. هوءَ ڀلي ڀت سمجهي وئي هئي ته سمير هن کي قميص جو بٽڻ ڇو چوندو هو. اها ته هن کي هاڻ خبر پئي ته هوءَ سمير لاءِ قميص جو سڀ کان مٿيون بٽڻ هئي، جيڪو اڪثر کليل رهندو آهي ۽ جنهن جي بند ڪرڻ سان ٻوسٽ جو احساس ٿيندو آهي. جيڪو صرف ۽ صرف ڏيکاءُ لاءِ هوندو آهي. هوءَ به هڪ اهڙوئي بٽڻ هئي.

 

 ڏهه پندرهن ڏينهن

الهداد ميراڻي

معمول مطابق ڏهين وڳي رات جو ننڊ پئجي ويس. ڪنهن چڱڙي خواب ۾ غلطان هوس ته در جو ڪال بيل هنگامي حالتن مطابق وڄڻ لڳو. ننڊ ڦٽي وئي. گهڙيال ڏانهن ڏٺم ته ساڍا يارنهن ٿيا هئا. وري بيل وڳو. تڪڙو تڪڙو در ڏانهن وڌيس. اندران ئي پڇيم ته، ”ڪير آهي؟“ ٻاهران جواب آيو، ”مان آهيان، در کوليو“. آواز سڃاتم ته منهنجي گهر کان ٻه گهر پري رهندڙ محترمہ هئي. در کوليم ته اندر هلي آئي ۽ پڇيائين، ”ادا، ڀاڄائي جاڳي ٿي؟“ چيم، ”اوهين اندر اچو، در تي زنانو آواز ٻڌندي ضرور جاڳي هوندي، بيل ڀلي نه ٻڌي هجيس.“ ۽ ٿيو به ائين، جو بيگم ڊرائنگ روم جو دروازو کولي ٻاهر نڪري آئي.

ٻنهي کي ڇڏي مان وري ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. ٻه منٽ مس گذريا ته بيگم موٽي آئي ۽ اچي چيائين، ”ادي توکي سڏي ٿي.“ پڇيم ”خير ته آهي!“ چيئين ”خير ئي ته ناهي. ننڍي ننهن اسپتال ۾ داخل اٿس. پيسن جي مدد وٺڻ آئي آهي. چوي ٿي ته ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ واپس ڪندي.“

”مٿان رمضان جو مهينو پيو اچي، سڄي بجيٽ هيٺ مٿي ٿي ويندي.“ مون ڀُڻڪيو.

”هل هلي اُن سان ڳالهاءِ، ڪونه ڪو بهانو ڪري جان ڇڏاءِ.“

ٻيئي ڊرائنگ روم ڏانهن وڌياسين. در کوليندي چيم ”ڀيڻ! مبارڪ هجئي، ڇا ڄائو آهي؟“ ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين، ”ادا اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي. هي ته ڪا بيماري ئي ٻي آهي. ڊاڪٽر چون ٿا ته آپريشن ٿيندو، ۽ سو به سڀاڻي!“

”الله رحم ڪندو،“ آٿت ڏيندي چيم.

”ها ادا، الله رحم ڪندو، پر پيسن جي ضرورت اهي. ڀاڻهين موڪليو آهي اوهان ڏانهن.“

حيرت ۾ پئجي ويس. ”ادي، چئين ڇا پئي! پيسن جي ضرورت وري اوهان کي! جاويد وري ڪهڙي مرض جو علاج آهي.“ (ياد رهي ته سندس پٽ جاويد تازو تازو آمريڪا مان موٽي آيو آهي. سندن ئي چوڻ مطابق ته پيسو به جام آندو اٿائين.)

چيائين ”ادا، سچ ٿو چئين ته جاويد هوندي اسين پيا ٻين کان پيسا گهرون. پر هو هن ڀاڄائيءَ لاءِ ٽڪو به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. چوي ٿو ته مري وڃي ته ڀل مري وڃي، پر مان پيسو ڪونه ڏيندس. وري به تازو جهيڙو ڪيو اٿن، ڇوڪري به ته نٿي مُڙي!“

”ادي، تو کي ته خبر آهي ته مان هاڻ رٽائر ٿي ويو آهيان. مٿان رمضان جو مهينو پيو اچي. خرچ وڌي ٿا وڃن. ڪيئن ڪجي؟“

چيائين ”ادا، وڌيڪ پيسا نه گهرجن. فقط ڏهه هزار رپيا کُٽل آهن. جي توهان وٽ ناهن ته جاويد کان ئي وٺي ڏيو. اوهان کي انڪار نه ڪندو، رڳو اسان لاءِ نه ٻڌائجوس.“

دل ۾ سوچيم ته ڳالهه ته چڱي پئي ڪري، سندن ئي پيسو سندن ڪم اچي ويندو ۽ مفت ۾ ثواب مون کي ملي ويندو“.

”ٺيڪ آهي ادي، صبح جو جاويد کان وٺي ڏيندس.“ اُٿندي چيائين ”ادا مهرباني! باقي هڪڙي پارت اٿو ته مهرباني ڪري جاويد کي اصل ڳالهه جي خبر بنهه نه پوي، ٻيءَ صورت ۾ ٽڪو به نه ڏيندو ۽ ويتر گهر ۾ جهيڙو پئجي ويندو!“

اُن پابنديءَ ڏاڍو مجبور ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي به پيسن جي واپسيءَ جو پڇيومانس. چيائين، ”ادا اوهان کي ته خبر آهي ته ڀاڻهين پي. سي. او جو دُڪان واپس ڪيو آهي. ان تي رکيل ڊپازٽ ٽيهه هزار رپيا ملڻ وارا آهن. بس ائين کني سمجهو ته ڏهه پندرهن ڏينهن مس لڳندا.“

صبح جو جاويد ڏي وڃي ضرورت جو ٻڌايومانس. هن ويچاري ته مون يک مان ڏيندي اوڏيءَ مهل ئي پيسا آڻي ڏنا. جيڪي ڪجهه دير بعد لڪندي لڪندي سند سوالد جي حوالي ڪيم. پيسن جي واپسيءَ جو مون ڏهن پندرهن ڏينهن جي بدران مهيني جو وعدو ڪيو هو جاويد سان.

خيرن سان هفتو گذريو، ڏهه ڏينهن گذريا، پر ڪجهه به نه وريو. اٽلندو رمضان جو مهينو به گذري ويو. صاحب وڏو ته مورڳو ملڻ کان به پيو نٽائي. اتفاق سان عيد واري ڏينهن سامهون اچي ويو. ڀاڪر پائيندي ڪن ۾ سس پس ڪئي مانس. معذرت ڪندي چيائين، ”ادا ڇا ڪريان، پي سي او وارو ته مورڳو نوابشاهه شفٽ ٿي ويو آهي. مون کي واندڪائي ملي نٿي، جو مان نواب شاهه وڃان ۽ هو هتي اچي ڪونه ٿو. بس ڪجهه ڏينهن ترس ته تنهنجو ڪم هتي ئي ڪري وٺندس. ڪنهن جڳاڙ ۾ لڳو پيو آهيان.“

هڪ ترڪيب ذهن ۾ اچي وئي. سوچيندي چيومانس ته، ”مان ائين ٿو ڪريان، جو جاويد کي چوان ٿو ته پيسا مان تنهنجي گهر ڏئي آيو آهيان. تو کان پڇي ته هائو ڪندي چئينس ته مليا آهن، پر گهر ۾ کپي ويا آهن.“

”نه نه، ائين اصل نه چئج“، ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ رڙ ڪندي چيائين ”اصل ڳالهه کي سمجهي ويندو شڪ ته اڳيئي اٿس، ويتر پڪ ٿي ويندس. ۽ پوءِ گهر ڇڏي هليو ويندو، جيڪو اسين ماءُ پيءَ برداشت نه ڪري سگهنداسين.“

”پر جاويد ته واٽ ڳليءَ ملڻ وقت تقاضا پيو ڪري!“ مون ڪمزور آواز ۾ چيو، ”بس رڳو هي ڏهه پندرهن ڏينهن ترسائينس. اميد ته ڪم ٿيويندو ۽ مان به تنهنجي خاطر کڻي نوابشاهه وڃان ٿو.“ بزرگ دل وڏي ڪري چيو.

پر ڪم ڏنل مدي ۾ به پورو نه ٿيو. هڪ ڏينهن سوچيم ته اجايو پاڙي جي ڇوڪري آڏو شرمسار پيو ٿيان، بهتر ته ائين آهي ته پنهنجا پئسا ڏئي جان ڇڏايان، پوءِ اميد آهي ته مهيني کن ۾ پنهنجو به ڪم ٿي ويندو. پنهنجا پيسا ڏئي جان ڇڏايم، پر مون کي اُهي پيسا – جيڪي ”ڏهن پندرهن ڏينهن“ لاءِ ورتا ويا هئا، تن کي اڄ اٺ مهينا ٿيا آهن ته به نه مليا آهن.

پنهنجن ڏنل پئسن جي اُڳاڙيءَ لاءِ ڪجهه تيز ٿيڻ جي ڪوشش به ڪيم، پر مالڪ ملن ئي ڪين!

انگريز چوندا آهن ته ’سڀاڻي ڪڏهن به نه ايندو آهي‘، پر مون سان ته وعدو ئي ڏهن پندرهن ڏينهن جو آهي، جيڪي شايد اچن ئي ڪين.

اوهان سڀن کي استدعا آهي ته مون سان هن دعا ۾ شامل ٿيندا ته ”هي بزرگ ۽ اُن جي زوجه محترمہ وڏي عمر ماڻين ۽ صحتمند هجن ته جيئن مون سان ڪيل واعدو پاڙي سگهن. آمين!“

 


 

پڇتاءُ جا ڳوڙها

گاءِ ڊي مؤپسان/ ولي رام ولڀ

موسيو ساول، جنهن کي سندس پاڙي جا ماڻهو بابا ساول چوندا هئا، اڃا هنڌ مان اُٿيوئي مس هو ته کيس روئڻ اچي ويو. سرءُ جا ڏينهن هئا، وڻن جا پن برسات جي بوندن وانگر ڪڏهن تيز ڪڏهن آهستي زمين تي ڪِري رهيا هئا. رڌڻي جي ڀرواري دريءَ جي ڀرسان وڃي، هُو وري واپس اچي، کَٽ تي ويهي رهيو ٿي. زندگيءَ ۾ سُک جون گهڙيون به اينديون آهن، پر ساول جي زندگيءَ ۾ اڃا تائين اونداهيءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪين هو. سندس ڄمار پورا ٻاهٺ ورهيه اچي ٿي هئي ۽ هو ڪنوارو ئي رهجي ويو هو. هيڪلائيءَ ۾ مرڻ به ڪيڏو نه ڏکيو آهي- بلڪل هيڪلو، بنان ساٿيءَ جي، اڻ ڄاڻ!

هن پنهنجي زندگيءَ تي نظر وڌي، ڪيڏي نه رُکي ۽ کوکلي هئي. هو پنهنجن گذريل ڏينهن کي ياد ڪري رهيو هو..... پنهنجي ٻالڪپڻ کي.... گهر کي.... ڪاليج جي زماني کي.... اُن وقت کي، جڏهن هو پيرس ۾ قانون پڙهندو هو.... پيءُ جي بيماري ۽ سندس موت کي- اهو سڀڪجهه سندس اکين اڳيان گهمي ويو. پوءِ هو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهڻ لڳو هو. خاموشيءَ سان وقت گذرندو رهيو. کين ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانه هئي. نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن سندس ماءُ به مري ويئي. زندگي به ڪيتري نه ڏکن سان ڀريل آهي! هاڻي هُن اڪيلو رهڻ ٿي گهريو ۽ جلد ئي سندس مرڻ جو ڏينهن اچڻ وارو هو. هاڻي ساول وڌيڪ عرصو دنيا ۾ رهڻ نٿي چاهيو. ڪيڏي نه ڀوائتي ڳالهه آهي! دنيا عيش ڪندي، خوش ٿيندي، پر هو زنده نه رهندو! ڪيتري نه عجب جهڙي ڳالهه آهي جو موت اٽل هئڻ جي باوجود، دنيا کِلي عيش پيئي ڪري. جيڪڏهن موت رڳو ممڪن ئي هجي ها، ته پوءِ دنيا ڪهڙي اُميد رکي سگهي ها. پر نه، موت ته لازمي آهي، ائين لازمي آهي- جيئن رات ۽ ڏينهن اڻٽر آهن.

ڪاش، ساول جي زندگي مڪمل هجي ها! ڪاش هن ڪجهه ڪيو هجي ها! هن ۾ جرئت هجي ها جو هو اعليٰ خوشي حاصل ڪري سگهي ها، ڪامياب ٿي سگهي ها! کيس ڪجهه سُڪون ملي ها، پر نه، ڪجهه به نه، هن ڪجهه به نه ڪيو، سواءِ صبح جو هنڌ مان اُٿي، کائي پي سمهي رهڻ جي. هن پنهنجي زندگيءَ جا ٻاهٺ ورهيه ائين گذاري  ڇڏيا. ٻين مردن وانگر پنهنجي لاءِ هڪ زال به حاصل ڪري نه سگهيو. آخر ڇو؟ آخر هن شادي ڇو نه ڪئي؟ سندس آمدني به چڱي هئي. هو شادي ڪري سگهيو ٿي. ڇا ممڪن آهي ته کيس اهڙو ڪو موقعو نه مليو هجي؟ شايد! پر موقعو ته انسان پاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو. دراصل ڳالهه هيئن آهي ته هو تمام لاپرواهه قسم جو ماڻهو هو. سندس غير سنجيده طبيعت سندس وڏي ڪمزوري هئي، خامي هئي ۽ گناهه هئي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي غير سنجيده طبيعت هئڻ ڪري، پنهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. ڪن ماڻهن کي هنڌ مان اُٿڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ يا ڪنهن مسئلي تي سوچڻ به تمام ڏکيو لڳندو هو.

کيس ڪنهن پيار به ته نه ڪيو هو. اڄ ڏينهن تائين ڪابه عورت محبت جي مڪمل پيشڪش جي طور سندس هنج ۾ نه ڪِري هئي. هُو انتظار جي مٺي درد، پنهنجن هٿن کي مهٽڻ واري بيوسي ۽ فتحمند جذبات جي سُرور کان بلڪل اڻڄاڻ هو.

دل تي ڪهڙي ڪيفيت ڇانئجي ٿي، جڏهن چپ پهريون ڀيرو  ڪنهن ٻئي جي چپن سان ملي وڃن ٿا، جڏهن چئن ٻانهن جي ڀاڪر، عشق ۾ انڌن ٻن جسمن کي هڪ جسم... هڪ نه ٻڌائڻ جوڳي مسرور جسم ۾ بدلائي ڇڏي ٿي.

گائون پائي موسيو ساول بخاري تي پير رکي، باهه جي سامهون ٿي ويٺو هو. سندس زندگي سچ پچ تباهه ٿي چڪي هئي. بهرحال هُن خود هڪ ڀيرو محبت ڪئي هئي. اها محبت به هن پنهنجي عادت مطابق ماٺ ميٺ ۾ غير سنجيدگيءَ سان پنهنجي هڪ پراڻي دوست سانڊرس جي زال سان ڪئي هئي. افسوس! ڪاش، هُو کيس انهيءَ وقت سڃاڻي ها، جڏهن هوءَ جوان هئي! پر هوءَ ساڻس ڏاڍي دير سان ملي، انهيءَ وقت جڏهن هوءَ پرڻيل هئي. پڪ سان هوءَ کيس پنهنجو جيون ساٿي بنائي ڇڏي ها. انهيءَ جي باوجود هو پهرئين ڏينهن کان انهيءَ عورت سان محبت ڪرڻ لڳو هو.

اُهو ڏک ۽ اُهي راتيون جيڪي هن سندس تصور ۾ جاڳي ڪاٽيون هيون، ياد اچي کيس ستائي رهيون هيون. صبح جو، جڏهن هو ننڊ مان اُٿيو ته شام جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غمگين هو. آخر ڇو؟ مئڊم سانڊرس پنهنجن گُهنڊيدار خوبصورت وارن ۽ منهن تي هر وقت مُرڪ جي ڪري ڪيڏي نه حسين ۽ نازڪ لڳندي هئي. اول ته کيس سانڊرس جهڙي مڙس سان شادي ڪرڻي ئي نه هئي.  هاڻي هوءَ ٻاونجاهه ورهين جي ٿي چڪي هئي. ڪاش، هوءَ شروع ۾ ئي ساول سان رڳو محبت ئي ڪري ها! ۽ آخر هوءَ ساول سان محبت ڇو نه ڪري. ڪاش، هوءَ رڳو ڄاڻي سگهي ها! ڇا کيس ڪابه خبر نه هئي؟ ڪجهه به نه سمجهندي هئي؟ ڪجهه به نه سوچيندي هئي؟ آخر هوءَ ڇا سوچيندي هئي؟

اهڙيون هزارين ڳالهيون ساول پاڻ کان پڇي ورتيون. هو پنهنجي سموري زندگيءَ تي غور ڪري رهيو هو. هزارين ڳالهيون سندس دماغ ۾ اچي رهيون هيون. کيس اُهي سڀ گهڙيون ياد اچي رهيون هيون، جيڪي هُن سانڊرس جي گهر ۾ گذاريون هيون. انهيءَ وقت سانڊرس جي زال جوان ۽ خوبصورت هئي. اُٰهي سڀ ڳالهيون، جيڪي ساڻس ڪيون هئائين، سندس جهيڻو آواز ۽ هلڪي مُرڪ کيس ياد اچي رهيون هيون.

کيس اُهو پسار، جيڪو هو ٽيئي دريا ڪناري ڪندا هئا ۽ اُهو کاڌو، جيڪو هر آچر تي ڇٻر تي ويهي کائيندا هئا، ياد اچي رهيا هئا.

ٽوڪريءَ ۾ کاڌي جون شيون کڻي هُو صبح جو ئي روانا ٿي چڪا هئا. اها بهار جي وڻندڙ موسم هئي. اهو هڪ اهڙو ڏينهن هو، جنهن دماغ ۾ خمار ڀري ڇڏيو هو. هر شيءِ خوش نظر اچڻ لڳي هئي. پکين جي چهه چهه مان مسرت ڇلڪي رهي هئي. هُنن ٽنهي بيد جي وڻ هيٺان ويهي ماني کاڌي هئي، تازن گلن ۽ ساوڪ مان هوا لڳڻ ڪري، فضا ۾ سرهاڻ ڀرجي ويئي هئي. انهيءَ ڏينهن هر شيءِ ڪيڏي نه خوش هئي! ماني کائڻ کان پوءِ، سانڊرس پير پساري سمهي پيو هو. هن چيو هو ته سندس زندگي  ننڊ ڪرڻ ۾ آهي.

مئڊم سانڊرس، ساول جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو هو ۽ هو ٻئي دريا ڪناري پسار ڪرڻ لڳا هئا. هوءَ آهستي آهستي سندس  ٻانهن تي جهڪي ويئي هئي ۽ چيو هئائين ته ”مان نشي ۾ آهيان، پيارا! مان بلڪل نشي ۾ آهيان!“

ساول سندس منهن ڏانهن ڏٺو هو ۽ سندس دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي ويئي هئي. هو محسوس ڪري رهيو هو، ته سندس رنگ اُڏامي ويو هو، هو وحشت ۾ وٺجي ويو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهوئي سبب هجي، جو هو ايڏي بيباڪيءَ سان سندس منهن ۾ نهاري رهيو هو.

ميڊم سانڊرس جهنگلي ڪنول جي گلن جو هڪ هار ٺاهيو ۽ کانئس پڇيائين، ”ڇا مان هن جهڙي خوبصورت لڳان ٿي؟“

هن ڪوبه جواب نه ڏنو، ڇاڪاڻ جو کيس جواب ڏيڻ لاءِ ڪو لفظ نٿي مليو. اصل ۾ هو ايڏي ڪمزوري محسوس ڪري رهيو هو، جو پنهنجا گوڏا زمين تي کوڙڻ چاهيائين ٿي. هوءَ کِلي ويٺي. انهيءَ کِلڻ ۾ ڪي قدر بيوسي ۽ دُک هو، ڇو جو هن ائين به چيو ته ”بيوقوف ڪنهن جاءِ جو، اُداس آهين ته آخر ڪهڙي ڪارڻ؟ گهٽ ۾ گهٽ ڪُڇ به ته سهي!“

هو محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ هو زور سان چئي رهيو هجي. پر اصل ۾ کيس چوڻ لاءِ هڪ لفظ به ملي نه سگهيو.

اهي سڀ ڳالهيون هوبهو سندس سامهون اچي رهيون هيون. نيٺ هن کيس ائين ڇو چيو هو ”بيوقوف ڪنهن جاءِ جو، اُداس آهين ته آخر ڪهڙي ڪارڻ؟ گهٽ ۾ گهٽ ڪُڇ به ته  سهي!“

”کيس ياد آيو ته ڪيئن هوءَ سندس ٻانهن تي جهڪي ويئي هئي ۽ هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان گذرندي هن جو ڳل سندس ڪن کي ڇهي ويو هو ۽ هن يڪدم پنهنجو مٿو انهيءَ ڪري هڪ پاسي ڪيو ته متان هوءَ ائين نه سمجهي، ته ساڻس بي تڪلف ٿي رهيو آهي.

جڏهن ساول کيس چيو ته ”هاڻي اسان کي واپس ورڻ گهرجي.“ ته هن ساول کي تکي نگاهه سان ڏسندي، عجيب نگاهن سان چيو هو، ”ها ها، ڇو نه!“ انهيءَ ڳالهه کي هُو اُن وقت سمجهي نه سگهيو هو، پر هاڻي سندس دماغ ۾ سڀڪجهه اچي رهيو هو.

”جيئن تون چاهين پيارا، تون ٿڪجي پيو آهين، ته هلو ته واپس هلون،“ ۽ هُن به جواب ڏنو هو، ”مان ته ڪونه ٿڪو آهيان، پر ٿي سگهي ٿو ته هاڻي سانڊرس جاڳيو هجي.“

هن چيو هو، ”جيڪڏهن توکي منهنجي مڙس جي جاڳڻ جو خوف آهي، ته ٻي ڳالهه آهي. چڱو هلو ته هلون.“

واپسي مهل هوءَ خاموش هئي. هوءَ منهنجي ٻانهن تي جُهڪي نه هئي. الائجي ڇو؟ انهيءَ وقت کيس پنهنجي پاڻ کان پڇڻ جو بلڪل خيال نه آيو هو، ته آخر ائين ڇو ٿيو. هاڻي ائين ٿي لڳو ڄڻ هو هر ڳالهه سمجهي ويو آهي.

ڇا ائين ٿي سگهي ٿو؟

موسيو ساول جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. هو  اُڇل سان ائين اُٿيو ڄڻ سندس ڄمار ٽيهه ورهيه گهٽجي ويئي هجي ۽ مئڊم سانڊرس کان ائين چوندي ٻڌي ورتو هجي، ’مان توسان، پيار ڪريان ٿي ساول.‘

اهو ممڪن هو؟ کيس پنهنجي انهيءَ خيال کان سخت تڪليف پهچي رهي هئي. ڇا اها ڳالهه جيڪا هِن اُن وقت نه سمجهي هئي ۽ نه سوچي هئي، ممڪن هئي؟

جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اُن خوشيءَ جي موقعي کي حاصل ڪرڻ کان سواءِ وڃايو هئائين، ته افسوس صد افسوس!

هو پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ ۾ محو هو: ’مون کي سُڌ لهڻ گهرجي، مان اهڙي شڪي حالت ۾ رهي نٿو سگهان. مان ضرور پڇندس.‘ هن سوچيو، ’هاڻي جڏهن مان ٻاهٺ ورهين جو ٿي چڪو آهيان ۽ هوءَ ٻاونجاهه ورهين جي آهي، ته مان بنان ڪنهن هٻڪ جي کانئس پڇي سگهان ٿو.‘

۽ هو سندس گهر ڏانهن هلڻ لڳو.

سانڊرس جو گهر گهٽيءَ ۾ سندس گهر جي لڳ ڀڳ بلڪل سامهون هو. هُن در کڙڪايو ته نوڪرياڻي اچي در کوليو.

”ساول، توهان ۽ هن وقت! خير ته آهي؟“

”سڀ ٺيڪ آهي،“ هن وراڻيو. ”وڃ، پنهنجي مالڪياڻيءَ کي وڃي چؤ ته مان ساڻس هاڻي ئي ملڻ چاهيان ٿو.“

”اصل ۾ سانئڻ سياري لاءِ ناسپاتين جو مُربو ٺاهي رهي آهي. کيس ڪپڙا به پاتل نه آهن، توهان سمجهو ٿا نه!“

”ٺيڪ آهي، پر تون وڃي چئينس ته مان هڪ اهم مسئلي تي ساڻس ڳالهائڻ آيو آهيان.“

نوڪرياڻي هلي ويئي ۽ ساول ڊرائنگ روم ۾ پسار ڪرڻ لڳو. ڏسو ته سهي، هو کانئس رڳو هڪ ننڍڙي ڳالهه پڇڻ وارو هو، ڄڻ کيس ٻوڙ رڌڻ جو طريقو پڇڻو هجي. سندس عمر به ته ٻاهٺ ورهيه هئي.

دروازو کُليو. مئڊم سانڊرس سامهون هئي، هاڻي هوءَ هڪ ٿلهي ۽ بي ڊولي عورت هئي، سندس ڳل ڀريل ۽ لڙڪيل هئا. هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ جي عادي ٿي چڪي هئي. سندس هٿ ميوي جي رس سان ڀريل هئا. هُن بيقراريءَ وچان پڇيو، ”ڇا حال آهي دوست؟ طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“

”مان توکان هڪ ڳالهه پڇڻ آيو آهيان. مون لاءِ اها ڳالهه تمام اهم آهي. مون کي نهايت اذيت ٿي رهي آهي. مان چاهيان ٿو ته تون وعدو ڪرين، ته جواب بنان هٻڪ جي ڏيندينءَ.“

هوءَ کلڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي، ”مان اڳي ئي توسان بي تڪلف آهيان. تون چؤ نه!“

”چڱو جڏهن کان مون توکي ڏٺو آهي، مان تڏهن کان توسان محبت ڪريان ٿو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي.“

هوءَ هميشه وانگر ٽهڪ ڏيئي رهي هئي.

”بيوقوف ڪنهن جاءِ جو. تون اُداس آهين، انهيءَ ڳالهه جي مون کي شروع کان وٺي خبر آهي.“

ساول ڏڪڻ لڳو ۽ ڀڳل ٽٽل لفظن ۾ چيائين، ”توکي خبر هئي؟ پو”....“ هو اَٽڪي بيهي رهيو.

هوءَ پڇڻ لڳي، ”پوءِ....پوءِ ڇا؟“

هُن وراڻيو، ”پوءِ تون.....ڇا سوچيندي هئينءَ؟ تون- ڪهڙو جواب ڏئين ها؟“

هوءَ کِلي پيئي. سندس آڱرين مان ٽمندڙ ميوي وارو رس غاليچي تي ڪِري پيو.

”مان..... تو اها ڳالهه مون سان ڇو نه ڪئي؟ خود پنهنجي واتان چوڻ منهنجو ڪم نه هو.“

هو هڪ وک وڌائي کيس ويجهو آيو، ”ٻڌاءِ.....توکي ياد آهي اُهو ڏينهن، جڏهن ماني کائڻ کان پوءِ سانڊرس ڇٻر تي سمهي پيو هو.... جڏهن پاڻ ٻئي سير ڪندا پري دريا جي موڙ تائين هليا ويا هئاسين.“

هُو جواب جي اوسيئڙي ۾ سندس اکين ۾ نهارڻ لڳو.

”ها، چڱي طرح ياد اٿم.“

هو ننهن کان چوٽي تائين ڏڪي رهيو هو.

”چڱو....انهيءَ ڏينهن جيڪڏهن مان ڪجهه ڪري ويهان ها..... ته تون ڇا ڪرين ها؟“

هوءَ هڪ خوش مزاج عورت وانگر، جنهن کي ڪا ڳڻتي نه هجي، مشڪڻ لڳي ۽ ٿورو طنزيه لهجي ۾ بي تڪلف ٿي چيائين، ”پيارا، مان تنهنجي بنجي وڃان ها.“

پوءِ هوءَ جلد ئي مربو ٺاهڻ اندر هلي ويئي. ساول جلدي گهٽيءَ ۾ آيو. سندس چهري جو رنگ اُڏامي ويو هو. هُو ڊگها قدم کڻندو، برسات ۾ پُسندو، کاٻي طرف مُڙي، دريا جي ڪناري تي پهتو. ڪافي دير تائين هو هلندو هليو، ڄڻ ڪنهن جذبي کيس ائين ڪرڻ تي مجبور ڪري رکيو هجي. سندس ڪپڙا پاڻيءَ ۾ پُسي پيا هئا. منجهانئس پاڻي ٽمي رهيو هو. نيٺ هُو انهيءَ هنڌ تي آيو، جتي گهڻو اڳ انهن ماني کاڌي هئي، جنهن جي مٺي ياد کيس ستائي رهي هئي. هو پن ڇڻ جي ڇڻيل وڻ هيٺ ويهي روئڻ لڳو ۽ گرم لڙڪ سندس اَڇي ڏاڙهيءَ مان ڇڻي زمين تي ڪِرڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com