سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :12

اُنهن ڏينهن ۾، جڏهن خسرو حيدرآباد ۾ وڏو ٿي رهيو هو، ڪوبه اهڙو اهم واقعو ڪونه ٿيو. البت سن 1807ع ۾ ڪڇ ۾ ڏڪار پيو، جيڪو اهڙو ته سخت هو جو ماڻهو پنهنجا ٻار ٽن يا چئن روپين ۾ وڪڻي وڏي تعداد ۾ سنڌ ڏانهن ڀڄي آيا. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ٿي پيئي ۽ جَوَ، مڪائي ۽ ٻيو اناج وڏي قيمت تي وڪامڻ لڳو. سنڌ ۾ تيمور شاهه جا سڪا روپين جي صورت ۾ رائج هئا. مير ’ڪوڙه‘ نالي رپيو استعمال ڪندا هئا، جيڪو ڏهن آنن يا راڻيءَ جي رپئي جي پنجين ڇهين حصي جيترو هو. مير غلام علي خان غريبن ۽ ڏڪاريل ماڻهن ۾ اناج جو وڏو ذخيرو خيرات ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن ڏڪار جو زور ٽٽو، ڪڇي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.

ڪي سال اَمن سان حڪمراني ڪرڻ کان پوءِ مير غلام علي هڪڙي ڏينهن شڪار ڪرڻ ويو. هن هڪ هرڻ شڪار ڪيو ۽ جڏهن هن هرڻ جي کل پئي لاٿي ته اُن جي مُنڍي اهڙيءَ طرح ڦري جو اُن جي سڱ جي چهنب هن جي پير ۾ چڀي ويئي ۽ اُتي زخم ٿي پيو، جنهن مان ڪيترو سارو رت وهي ويو. سنڌ جي حڪيمن رت روڪڻ لاءِ تيزاب استعمال ڪيو، جنهنڪري هن کي سخت تڪليف ٿي ۽ زخم سُڄي پيو. نيٺ ان زخم جي ڪري مير غلام علي خان 6 جمادي الثاني 1227هه مطابق 1811ع ۾ گذاري ويو. هن جي جاءِ تي مير ڪرم علي خان سنڌ جو حاڪم ٿيو.[1]

مير ڪرم علي خان جي حڪومت:

مير ڪرم علي خان 1811ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. مير غلام علي خان جي وفات جي ستن ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ مير ڪرم علي خان جي تاج پوشيءَ جي رسم ٿي. مير پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير مراد علي خان جي صلاح مصلحت سان سنڌ جو انتظام سنڀاليو. مير فتح علي خان جي حڪومت جي وقت کان وٺي چارئي ڀائر اهڙي ته ايڪي سان گڏ رهي ڏاڍي دانائيءَ سان راڄ ڪندا هئا، جو هنن کي ’چار يار‘ سڏيو ويندو هو.

مير ڪرم علي خان نهايت انصاف پسند ۽ داناءُ حاڪم هو. هن جي حڪومت واري زماني ۾ امن قائم هو ۽ ڪابه جنگ نه ٿي، انڪري هن جو گهڻو ڌيان فني ۽ علمي ڪمن ۽ وڻج واپار ڏانهن رهيو. جيئن ته هو ادب سان چاهه رکندو هو، انڪري هن جي درٻار شاعرن ۽ عالمن سان ڀري پئي هئي. هن جي ايران جي بادشاهه فتح علي قاچار سان دوستي هئي ۽ ٻنهي ملڪن جا سفير هڪ ٻئي ڏانهن تحفا کڻي ويندا هئا. جيئن ته مير کي ترارن ۽ بندوقن گڏ ڪرڻ جو گهڻو شوق هو، انڪري دنيا مان جيڪي به سرڪاري عيوضي ايندا هئا، اُهي مير جي لاءِ قديم ۽ ناياب شيون آڻيندا هئا. ايران ۽ خراسان مان تلوارون ٺاهيندڙ، عالم ۽ اديب، شاعر ۽ نقاش، خوش نويس ۽ هنرمند آيا ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا.

اڻويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ گرجستان تي قبضو ڪرڻ لاءِ روس ۽ ايران ۾جيڪا جنگ لڳي هئي، اُها وڌيڪ ستن سالن تائين هلندي رهي. اُن عرصي ۾ جيڪي لڙايون لڳيون، اُنهن جي ڪري گرجستان مان ڪيترائي ٻار گرفتار ڪري غلام ڪيا ويا، جن کي پوءِ ايران جي گاديءَ واري شهر جي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو.

سن 1811ع ۾ جڏهن مير ڪرم علي خان سنڌ جو حاڪم ٿيو، اُن وقت خسرو جي عمر 21 ورهيه کن هئي. هن جلد ئي مير جو ڀروسو حاصل ڪري ورتو ۽ مير جي پُٽ ۽ وڏي وزير هجڻ جي ڪري هن کي هرڪا آسائش حاصل هئي. هو هڪ وڏو اثر رسوخ رکندڙ درٻاري هو، جنهن جي حوالي مير جون مُهرون هونديون هيون. مرزا خسرو سان صلاح مصلحت ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي ڏيهي توڙي پرڏيهي نيتيءَ جي سلسلي ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو. خط و ڪتابت ۾ پڻ مير هن کي ’ارجمند‘ يا ’منهنجا پيارا پٽ‘ يا رڳو ’مرزا‘ ڪري لکندو هو. مير درٻار ۾ هن کي پيار مان گهڻو ڪري ”خسرو خان“ سڏيندو هو. ننڍا مير هن کي ”برادر“ چوندا هئا.

ڊاڪٽر جيمس برنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ ۾ لکي ٿو ته، ”درٻارين ۾ ڌيان ڇڪائيندڙ پهريون درٻاري مرزا خسرو بيگ آهي، جيڪو هر وقت ميرن سان لاڳاپي ۾ هوندو آهي ۽ انڪري هن جو ذاتي اثر رسوخ گهڻو آهي. هن جو مالڪ مير ڪرم علي خان هن کي پنهنجو پُٽ ڪري سمجهندو آهي. سال 1823ع ۾ هو بمبئيءَ ۾ سفير مقرر هو. هُو هڪ سانتيڪي ڪردار جو مالڪ آهي ۽ سنڌ ۾ هن کي ’شاعر‘ جي شهرت مليل آهي، جنهن کي هو مير ڪرم علي خان جي ذوق جو اثر سمجهي ٿو، جيڪو پڻ شاعر آهي. هڪڙي شعر عنايت ڪن ته جيئن اُهو تلوار تي نقش ڪرايان. مون ڏٺو ته مير هڪدم مرزا خسرو بيگ کي گهرايو ۽ هنن پاڻ ۾ هوريان ڳالهائڻ کان پوءِ هيٺيون شعر جوڙي ڏنو:

آءٌ افلاطون جي دانائيءَ کان وڌيڪ تيز آهيان،

آءٌ سهڻي محبوب جي شوخ اَبرو کان وڌيڪ رت ڳاڙيندڙ آهيان[1]

مير ڪرم علي پهريون حڪمران هو، جنهن انگريز حڪومت سان دوستي ڪئي. هن جي حڪومت واري وقت ۾ بمبئيءَ جي گورنر سر جان مالڪ، ميجر اسڪين کي حيدرآباد ۾ سفير مقرر ڪيو. هن مير ۽ هن جي ڀاءُ لاءِ ڪي قيمتي بندوقون ۽ ٻيا تحفا آندا. جيئن ته اهو سفير ڪڇ جي رستي سنڌ ڏانهن اچي رهيو هو، انڪري مير ڪيترن ئي عملدارن کي هن جي آجيان ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرحد تي موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته هن کي شان مان سان حيدرآباد ۾ آندو وڃي. اُن سفير جي گهڻي مهرباني ۽ محبت سان کُليل درٻار ۾ آجيان ڪئي ويئي. جنهن بعد مير ٽنڊي نواب ولي محمد لغاري ۾ پنهنجي محل ۾ آرام ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا. ٽن ڏينهن کان پوءِ انگريز سفير هڪ ڀيرو وري درٻار ۾ آيو، جتي هڪ واپاري ٺاهه جو مسودو تيار ڪيو ويو، جنهن تي ميرن صحيون ڪيون ۽ اُن تي مُهر هنئي ويئي. اُن ٺاهه ۾ ٽي شرط رکيا ويا هئا:

1- ته ڪوبه يورپي پنهنجي ملازمت ۾ مڪاني ماڻهو نه رکندو.

2- ته سنڌو درياءُ کي ڏسڻ لاءِ جيڪو عملدار ايندو، اُن کي پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ کان نه روڪيو ويندو ۽ نه اُن ۾ رنڊڪ وڌي ويندي.

3- ته جيڪو به شخص ڪڇ جي رستي ايندو ۽ هن وٽ سوداگري سامان هوندو ۽ هن کي بمبئيءَ جي گورنر جو اجازت نامو مليل هوندو، اُن کان ڪوبه محصول وغيره نه ورتو ويندو.

ٺاهه تي صحيحن ڪرڻ کان پوءِ ميجر اسڪين ڪڇ موٽي ويو ۽ اهڙيءَ ريت سنڌ ۽ بمبئيءَ جي وچ ۾ آسانيءَ سان اچڻ وڃڻ جي شروعات ٿي. اُن کان پهرين سنڌ مان جيڪي ماڻهو حج ڪرڻ لاءِ مڪي ويندا هئا اُنهن کي ڊچ سامونڊي ڦورو ڏاڍي تڪليف ڏيندا هئا؛ ٻيو ته بمبئي ۽ ٻين بندرن سان واپار ڪرڻ ۾ واپارين کي گهڻو ڊپ ٿيندو هو. هاڻي جيئن ته اُن ٺاهه جو اعلان هر هنڌ ڪيو ويو هو، انڪري واپاري سلامتيءَ سان بمبئيءَ ۽ ٻين سامونڊي بندرن ڏانهن وڃڻ لڳا. اُن سهولت جي نتيجي ۾ وڻج واپار وڌڻ لڳو ۽ سنڌ جي بازارن ۾ ٻين ملڪن جو سامان سولائيءَ سان ملڻ لڳو.

سن 1817ع ۾ حيدرآباد ۾ خبر پهتي ته پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه مٺڻ ڪوٽ تي قبضو ڪيو آهي ۽ سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ارادو اٿس ۽ اهو به ته هن اڳواٽ ئي پنهنجي پوٽي نهال سنگهه کي هڪ وڏي فوج ۽ توب خانو ڏئي اُماڻيو آهي. ميرن پاڻ ۾ ۽ پنهنجن سردارن سان صلاح ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته شڪارپور پهچڻ کان پهرين ئي سکن کي روڪيو وڃي. اُن فيصلي مطابق مير ڪرم علي خان حڪم جاري ڪيو ته بلوچ ۽ سرائڪي قبيلا حيدرآباد ۾ گڏ ٿين، پر هن جي ڀاءُ مير مراد علي خان جي ذهن ۾ هڪ ٻي رٿا هئي. هن پنهنجي ڀاءُ کي ٻڌايو ته رنجيت سنگهه سان وڙهڻ ممڪن ڪونهي، جو هن سڄي ملڪ کي پشاور ۽ ڪشمير کان ڪرنال تائين فتح ڪيو آهي ۽ ملتان، مٺڻ ڪوٽ کي فتح ڪري اُنهن علائقن تي پڻ قبضو ڪيو آهي جيڪي بهادر افغانن جي قبضي ۾ هئا، انڪري هن صلاح ڏني ته انگريز حڪومت کان مدد ورتي وڃي، جيڪي ميرن جا دوست آهن. مير پاڻ ۾ صلاح ڪري ان نتيجي تي پهتا ته اها رٿ وڌيڪ مناسب آهي، اُن مطابق بمبئيءَ جي گورنر سرجان مالڪم کي خط لکيو ويو. سيد ابراهيم شاهه جي پٽ سيد اسماعيل شاهه کي سفير ڪري بمبئي موڪليو ويو ته جيئن گهربل مدد جو انتظام ٿئي. هن جي روانگيءَ کان پوءِ مير ٽيهه هزار فوجن، توبن ۽ ٻئي فوجي سامان سميت پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد مان روانا ٿيا. ميرن سان گڏ خسرو بيگ به خيرپور ويو. جتي اُهي مير سهراب خان سان مليا، جيڪو پنهنجي فوج سميت هنن جي انتظار ۾ هو. پوءِ ميرن جي سموري فوج شڪارپور طرف رواني ٿي.

ان وچ ۾ سيد اسماعيل شاهه بمبئي پهچي ويو هو. سرمالڪم انگلستان موٽي ويو ۽ هن جي جاءِ تي لارڊ ايلفنسٽن گورنر هو. گورنر ڏاڍي گرمجوشيءَ سان هن جي آجيان ڪئي ۽ هن جو روزانو وظيفو ٽيهه رپيا مقرر ڪيو ويو. هنن جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ گورنر مير جو خط پنهنجيءَ سفارش سان گڏ گورنر جنرل ڏانهن ڪلڪتي موڪليو. لارڊ ايلفنسٽن رنجيت سنگهه کي خط لکيو ته ميرن جا انگريز حڪومت سان دوستيءَ وارا لاڳاپا آهن ۽ هنن جو هڪ ٺاهه ٿيل آهي، انڪري رنجيت سنگهه سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ارادو نه ڪري، ٻيءَ صورت ۾ انگريز ميرن جي مدد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيندا. اُن خط جي جواب ۾ راجا لکيو ته سنڌ ۾ وڃي ميرن سان جنگ ڪرڻ جو سندس ڪوبه ارادو نه هو، ڇاڪاڻ ته اُنهن کي هو پنهنجو دوست سمجهي ٿو. البت سندس پوٽو نهال سنگهه دسهڙي جون موڪلون گذارڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اُتي ويل  آهي. راجا دوستيءَ وارو هڪ خط ميرن ڏانهن به لکيو، جيڪو ملتان جي گورنر ساونڻ مل جي معرفت موڪليو ويو. اُنهيءَ خط ملڻ کان پوءِ ميرن کي اطمينان ٿيو ۽ اُهي حيدرآباد واپس ٿيا.

سن 1823ع ۾ سيد اسماعيل شاهه ايران مان فريدون نالي گرجستان جو هڪ خانداني ٻار حيدرآباد ۾ وٺي آيو. اُهو ڇوڪرو خسروءَ جي سرپرستيءَ ۾ رکيو ويو، جنهن جي ڪري ٻنهي جي پاڻ ۾ گهرائپ ٿي.

سن 1828ع مير ڪرم علي خان بيمار ٿي پيو. هن جي اها بيماري وڌندي ويئي. وفات کان پهرين هن قرآن شريف جي هڪ خالي صفحي تي پنهنجي وصيت لکي ته:

بسم الله الرحمٰن الرحيم

جيئن ته مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي ته آءٌ هاڻي ڪيترو وقت زندهه رهندس، انڪري آءٌ پنهنجن مائٽن ۽ عزيزن لاءِ هيءَ وصيت قرآن جي هڪ صفحي تي لکان ٿو ته آءٌ پنهنجي حرمسراءِ جي سموري دولت مرزا خسرو بيگ جي نظرداريءَ ۽ سنڀال ۾ ڏيان ٿو. مون کي پوري خاطري آهي ته هن کي سٺي سکيا ملي آهي ۽ هو هر ڪم کي اطمينان سان اُڪلائڻ جو اهل آهي. ان انتظام لاءِ منهنجن ديرن پڻ رضامندي ڏيکاري آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجون جاگيرون پنهنجي پت خسرو خان جي حوالي ڪريان ٿو، جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو ته هُو اهو سمورو ڪم خوش اسلوبيءَ سان ڪندو. صحيح: ڪرم علي خان، آل رسول ﷺ جو غلام.

مير جا مرزا کي چيل آخري لفظ هئا:

”منهنجا پيارا پٽ! منهنجو آخري وقت اچي ويو آهي. آءٌ جيئن ئي وفات ڪريان ته تون اُها تلوار هڪدم ڀڃي ڇڏجانءِ، جيڪا آءٌ هميشه پاڻ سان کڻندو آهيان ۽ اُن گهوڙي ۽ اُن اُٺ کي ماري ڇڏجانءِ جن تي آءٌ سواري ڪندو آهيان. انهن ٽنهي جي ڪا قيمت ئي نه آهي ۽ اهي ڏسي مون کي خوشي ٿيندي هئي. منهنجي مرضي آهي ته اهي منهنجي لاءِ قرباني ڏين. ان ڪم مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ تون منهنجي وفات جو اعلان ڪجانءِ.“

مرزا پنهنجي مالڪ ۽ اختيار ڪيل والد جي حڪم جي پوري پوري تعميل ڪئي.

مير ڪرم علي خان کي حيدرآباد شهر ۾ اُتر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. اُن کان اڳ ٽالپرن کي خداآباد ۾ دفن ڪيو ويندو هو.

مير ڪرم علي خان جي وفات کان هڪدم پوءِ خسرو سياست ۽ رياستي ڪاروبار کان هڪدم پاسو ڪري مرحوم مير جي ديرن جي سار سنڀال ۽ گهرو وهنوار ۽ پنهنجي ذاتي ڪم ڪار ڏانهن ڌيان ڏنو. ان سلسلي ۾ مرزا فريدون هن جي مدد ڪندو هو. ٻيا مير به مرزا خسرو جو گهڻو ادب احترام ڪندا هئا ۽ ملڪي معاملن ۾ خاص ڪري انگريزن جي باري ۾ هن سان صلاح مصلحت ڪندا هئا. سياسي تڪرارن جي نبيري لاءِ مرزا خسرو کي سفير ڪري موڪليو ويندو هو.

مرزا خسرو بيگ، ميرن جي درٻار ۾:

سال 1823ع ۾ خسرو بيمار ٿي پيو. اُنڪري هن آب و هوا ۽ نظارا مٽائڻ خاطر بمبئي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ميرن اُن موقعي جو فائدو وٺندي هن کي پنهنجي سفون ذميواريون سونپيون ته جيئن ڪن اهم سياسي معاملن تي هنن جي پاران نمائندگي ڪري سگهي. اصل معاملو هيءُ هو ته انگريزن جي مدد سان پئسن جي اُها وڏي رقم حاصل ڪرڻ مقصود هو، جيڪا جيسلمير جي راجا جي هئي. راجا جي رعيت مان ڪن ماڻهن هن کان اُڌارا پئسا وٺي اُتان ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي. راجا گهر ڪئي ته هنن کي واپس موڪليو وڃي، پر ميرن هنن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکيو هو، جنهن سبب جنگ ٿيڻ جو امڪان هو. انگريزن جي وچ ۾ پوڻ جي ڪري ميرن گهربل رقم ڀري ڏني ۽ هنن کي خاطري ڪرائي ويئي ته راجا کان اُن رقم جو حساب ورتو ويندو. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ راجا ۽ سندس ڀاڄوڪڙ ماڻهن جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو ۽ اُهي پنهنجي ملڪ ۾ موٽي ويا. هاڻي ميرن راجا کان گهر ڪئي ته کين اُها رقم موٽائي ڏني وڃي، جيڪا هنن سندس رعيت جي پاران هن کي ڏني هئي، پر راجا بنهه نابري واري ويٺو. ميرن اها دانهن انگريزن کي ڏني ۽ مرزا خسرو کي چيو ته بمبئيءَ جي گورنر ايلفنسٽن سان ملي سندن دعويٰ جو فيصلو ڪرائي.

انگريز سرڪار ڪراچيءَ کان بمبئيءَ تائين مرزا جي سفر لاءِ پاڻيءَ جي جهاز جوانتظام ڪيو. اُنهن ڏينهن ۾ آگبوٽ ۾ سفر ڪرڻ خطرناڪ سمجهيو ويندو هو، يا وري اهو مير جو خيال هو، جنهن کي پنهنجي پٽ جي سلامتيءَ جي ڳڻتي هئي. خسرو جي جماعت لاءِ وڏا ٻيڙا ٺهرايا ويا. خسرو حيدرآباد مان ٽيهن اعليٰ عملدارن کي ساڻ ڪري روانو ٿيو. هن جي محافظن ۽ زيردستن جو تعداد هڪ سَو هو. ننگر ٺٽي وٽ هنن جو وڏن سردارن آڌر ڀاءُ ڪيو. هن کي سون مڙهيل پالڪيءَ ۾ ويهاريو ويو ۽ سندس ڏولي چار حمال کڻي هڪ اهڙي گهر آيا جيڪو فقط ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي اعليٰ انگريز ۽ يورپي شخصيتن لاءِ هوندو هو. ڪراچيءَ کان بمبئي تائين عام طرح نوَن ڏينهن جو سفر هوندو هو.

خسرو جي جهاز جيئن ئي بمبئيءَ جي بندر تي لنگر هنيو ته ڪناري وٽان توبن جي ايڪيهين ٺڪائن سان هن کي سلامي ڏني ويئي. گورنر، ٻين عملدارن ۽ فوج جي 2000 سپاهين هن جي آجيان ڪئي. خسرو کي چئن گهوڙن واري بگيءَ ۾ ويهاريو ويو. هن جي کاٻي پاسي گورنر ويٺو هو. گاڏي شهر جي هڪ شاندار گهر وٽ آئي، جيڪو انگريز سرڪار هن جي رهڻ لاءِ پنج سو روپيا مهينو مسواڙ تي حاصل ڪيو هو. گورنر هر روز صبح ۽ شام جو هن سان ملاقات ڪندو هو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت هن سان گهمڻ به ويندو هو.

هڪڙي رات خسروءَ کي سندس شان ۾ برپا ڪيل محفل ۾ دعوت ڏئي گهرايو ويو، جا گورنر جي گهر ۾ ٿي. مقرر وقت تي هن کي پاڻ سان وٺي وڃڻ لاءِ گورنر آيو ۽ جڏهن خسرو ۽ سندس جماعت – جنهن ۾ هن جا حيدرآباد مان آيل ٻه خاص نائب محمد عابد ۽ محمد بقا هئا ۽ ٻيا صلاحڪار ۽ ملازم – گورنر جي گهر ۾پهتا ته دعوت جي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. اهو اعلان گورنر جي زال ڪيو. اُن بعد ناچ شروع ٿيو ۽ جڏهن اُهو پورو ٿيو ته خسرو پنهنجي هڪ ملازم کي اشارو ڪيو جنهن چانديءَ جي هڪ هزار روپين سان ڀريل هڪ ٻٽون ليڊي ايلفنسٽن جي مٿي تان گهوري ڪمري جي وچ ۾ رکيو. اهو ڏسي انگريز منجهي پيا ۽ گورنر خسرو کي خاطري ڪرائي ته رسم مطابق پئسن جي گهور ضروري ڪانهي. اُن جي جواب ۾ خسرو چيو ته هن اها رسم پنهنجي ملڪ جي رواج مطابق پوري ڪئي آهي. هڪ ڀيرو وري ٻيو ٻٽون گهوريو ويو ۽ اُن ڀيري گورنر ڪجهه به ن چيو. نيٺ خسرو پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿي وڃڻ لڳو ۽ گورنر هن کي رهڻ واري جاءِ ۾ ڇڏي پوءِ پنهنجي گهر موٽيو.

بمبئيءَ جي سفر ۽ آب و هوا جي بدلائڻ سبب خسرو کي گهڻوئي فائدو حاصل ٿيو. سندس صحت، جيڪا ڪري پيئي هئي، اُن ۾ گهڻو سڌارو آيو. هن کي پنهنجي سياسي مقصد ۾ به ڪاميابي حاصل ٿي ۽ جيسلمير جي راجا وٽ جيڪي پئسا هئا اُهي سڀئي هن ميرن کي موٽائي ڏنا. بمبئيءَ جي اُن سفر ۾ هن هڪ وڏي رقم جي خيرات غريبن ۾ ورهائي. هن انگريز عملدارن کي پڻ وڏا انعام ڏنا، جيڪي سندس رهائشي آسائش جا ذميوار هئا. هن وڏي مير لاءِ تلوارون ۽ بندوقون خريد ڪيون ۽ ٻين ميرن لاءِ ڪيترائي تحفا آندا.

هن بمبئيءَ ۾ ايران جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان دوستي رکي. اُتي هو ٽي مهينا رهيو ۽ انگريز سرڪار هر روز هن کي پنج سو رپيا الائونس ڏيندي هئي. اُتي هن جو خرچ اُن رقم کان وڌيڪ ٿيو هو جيڪو هن پنهنجي کيسي مان ڀريو. هن جي گورنر ايلفنسٽن سان آخري ملاقات چار ڪلاڪ هلي ۽ ٻئي ڏينهن مقرر وقت تي گورنر، اعليٰ عملدار ۽ فوج آئي ۽ هن کي بندر تائين وٺي ويا. گورنر پاڻ خسرو سان گڏ هن جي جهاز تائين ويو، جتي هن کان موڪلائي واپس ڪناري تي آيو.

خسرو سلامتيءَ سان ڪراچي پهتو، جتان هو حيدرآباد روانو ٿيو. جتي هن جي غير معمولي آجيان ڪئي ويئي. هاڻي درٻار ۾ خسرو جي حيثيت وارو ٻيو ڪوبه امير نه هو. حاجتمند ماڻهو سولائيءَ سان سندس مدد حاصل ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته مير سندس ڳالهه ٻڌندو هو. مير ڪرم علي خان جي وفات تائين خسرو هن جي ڀروسي وارو ۽ اهم صلاحڪار هو.


 

لطيفيات ۽ تاريخي سنڌي روايتون

(هڪ علمي ڪچهري)

غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي

علم دوست  سڄڻن جي ڪچهريءَ ۾ سٿ جو سرواڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هجي ته اُن ڪچهريءَ جو رنگ ئي نرالو ٿيو پوي. 17- نومبر 2005ع خميس جي شام جو سچاروي هائوس حيدرآباد تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پوري اٺين وڳي تشريف فرما ٿيو. دوست اڳ ۾ ئي راهه ۾ اکيون وڇائي آدرڀاءُ جو انتظار ڪري رهيا هئا. خوش مرحبا، خير عافيت کان پوءِ سنڌي  روايتن جي رکوال ڊاڪٽر صاحب ميزبان جي شڪرگذاري ڪئي. هميشه وانگر گفتگو جي سلسلي جي تند چوريندي سيد آفتاب علي شاهه ڄاموٽ چيو ته اڄ ”شاهه لطيف ڀٽائي“ تي گفتگو ٿيڻ گهرجي. سيد حسين فيصل شاهه ڄاموٽ ”سر ڪيڏارو“ تي ڳالهائڻ جو اسرار ڪيو ۽ عنايت بلوچ ”سر سهڻي“ تي گفتگو ڪرڻ جي گذارش ڪئي. عنايت بلوچ جي چواڻي ته ”سر سهڻي“ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو معراج ۽ سندس آخري ڪلام آهي، جنهن ۾ سهڻي جي ڪردار ۽ سر جي اسرار تي بحث ٿيڻ گهرجي.

ڀٽائيءَ جي ڄم جو سال: ڊاڪٽر بلوچ ڀٽائي گهوٽ جي زندگي ۽ سندس خانداني پس منظر جي حوالي سان گفتگو جو آغاز ڪندي فرمايو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ مون کان اڳ جيڪا تحقيق ٿي آهي، ان ۾ گهڻيون ڳالهيون رهيل هيون، جن کي مون وڏي ڪوشش ڪئي ته صاف ڪجي. ائين چئي نٿو سگهجي ته مون اُهي سموريون ڳالهيون صاف ڪري ڇڏيون آهن، پر مان سمجهان ٿو ته اُهي گهڻي قدر صاف ٿي ويون آهن. ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه نه آهي، اڳتي وري ٻيا اڪابر ايندا ۽ اُنهن ڳالهين کي وڌيڪ کڻندا، ٺاهيندا ۽ سنواريندا.

انهن مڙني ڳالهين مان هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ڀٽائي گهوٽ 14- صفر 1165 هجري ۾ وفات ڪئي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته سندس ولادت ڪڏهن ٿي. سندس ولادت 1102 هجري ۾ ٿي آهي. غلام محمد شاهه ”گدا“ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. ساداتن منجهان هو. ڏاڍو لائق انسان هو. تنهن پنهنجي فارسي شاعريءَ ۾ چيو آهي ته ڀٽائي صاحب 1102 هجري ۾ ڄائو. لکت ۾ اسان وٽ رڳو اها هڪ ثابتي موجود آهي. هونئن به اها روايت آهي ته شاهه صاحب جي عمر 63 سال هئي. پاڻ 1165 هجري ۾ وفات ڪيائون ته چئبو ته شاهه صاحب 1102 هجري ۾ ڄائو. هاڻي ڏسڻو آهي ته 1102 هجري ڪهڙو عيسوي سال ٿئي ٿو. دراصل 1102 هجري 5-آڪٽوبر 1690ع تي شروع ٿيو ۽ 23- سيپٽمبر 1691ع تي ختم ٿيو، انڪري اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڀٽائي صاحب آڪٽوبر 1690ع ۽ سيپٽمبر 1691ع جي وچ ۾ ڄائو. هن کان اڳ جيڪو لکيو ويو آهي ته ڀٽائي صاحب 1689ع ۾ ڄائو، اُهو درست نه آهي.

ڀٽائيءَ جي امڙ ڪير هئي: هن سلسلي ۾ ٻي ڳالهه اها آهي ته ڀٽائي گهوٽ جي امڙ ڪير هئي. هن کان اڳ جن به صاحبن لکيو آهي، تن جي راءِ ۾ مخدوم عربي دياني هالن پراڻن واري جي نياڻي هئي. مون جڏهن ان تي تحقيق ڪئي ته معلوم ٿيو ته مخدوم عربي ديانو ڀٽائي صاحب کان 150 سال اڳ ٿي گذريو آهي، انڪري اُن جي نياڻي ته نٿي ٿي سگهي. يا وري ان جي پٽ، پوٽي جي نياڻي ته نه آهي؟ تحقيق مان معلوم ڪيوسون ته ڀٽائي گهوٽ جي امڙ سوئي قندر جي ڏيرن فقيرن مان هئي. اُهي ملتان جي غوث جا وڏا درويش فقير هئا. اُن وقت پنهنجن ڪرامتن جي ڪري جڳ مشهور رهيا. اُنهن فقيرن مان هڪڙا سڏبا هئا ”سايات“، يعني سائو ويس ڍڪڻ وارا ۽ ٻيا سڏبا هئا ”ڌونرات“، يعني سفيد ويس پهرڻ وارا. سايات مان وڏو فقير ثابت پوٽا پاڙي مان عرس فقير هو، جنهن کي ٻه نياڻيون هيون- هڪ نياڻي ڏنائين شاهه حبيب کي، ۽ ٻي نياڻي پنهنجي ماسات رب رکئي کي. جيڪڏهن ڳوٺ مکڻ ڏيرو يا ڏيرن جي ٻين ڳوٺن ۾ توهان ويندا ته سڀ ماڻهو اوهان کي اهائي ڳالهه ٻڌائيندا ۽ اها ڳالهه آهي به صحيح، جنهن جي ثابتي اها آهي ته شاهه حبيب شادي ڪري سوئي قندر ۾ ئي لڏي اچي ويٺو. سوئي قندر جي قبرستان جي الهندي پاسي کان شاهه حبيب جي حويلي هئي، جنهن ۾ ڪنڊا بيٺل هئا. آءٌ اُنهن ماڻهن سان خود مليو هئس، جن اُهي ڪنڊا ڏٺا هئا ۽ ان جي تصديق ڪيائون. هنن اهو به ٻڌايو ته سيد حبيب شاهه جي حويلي هتي ئي هئي. جنهن هنڌ شاهه حبيب رهندو هو، مون ان جو روينيو سروي نمبر به معلوم ڪيو ۽ اُن تي لکيو آهي. فقير رب رکئي جو پٽ محمد عالم ڏيرو شاهه صاحب جو ماسات هو ۽ شاهه صاحب جي خدمت ڪيائين ۽ شاهه صاحب جي روضي جي ٻاهران رکيل آهي. هنن پڪين ثابتين مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه حبيب جي اهليه ۽ ڀٽائي گهوٽ جي امڙ سوئي قندر جي ”سايات“ ڏيرن مان هئي ۽ مخدوم عربي دياني جي ڌي نه هئي.

ڀٽائيءَ جو جنم ڪٿي ٿيو: ڊاڪٽر گربخشاڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين صاحبن لکيو آهي ته شاهه صاحب هالا حويليءَ ۾ ڄائو. انهن محققن پاڻ وڃي اُها جاءِ ڪانه ڏٺي ته ڪهڙي آهي. لکي ڇڏيائون ته شاهه لطيف هالا حويليءَ ۾ ڄائو جيڪو نصير واهه جي ڪنڌيءَ تي آهي، جڏهن ته نصير واهه جي ڪنڌي کان هالا حويلي گهڻو پري آهي. هالا حويلي دراصل نصرپور ڏانهن آهي. حقيقي ڳالهه اها آهي ته شاهه حبيب سوئي قندر ۾ ڏيرن فقيرن وٽ رهيو، جتي سندس شادي ٿي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اُتي ڄائو.

ڀٽائيءَ جا ڀيڻ ڀائر: ٻي اها ڳالهه به چئي وڃي ٿي ته شاهه حبيب کي پهرين اهليه مان شاهه عبداللطيف ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. اِن ڳالهه جي تحقيق ڪرڻ لاءِ مون سادات خاندان جو شجرو هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اِنهيءَ ڳولا ۾ مٽياريءَ جي محبوب شاهه وٽ ويس ۽ ان سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيم. ان کان پوءِ سيد امير علي شاهه ڄاموٽ وٽ ويس، جنهن کي عرض ڪيم ته سادات جو صحيح شجرو کپي. هن وراڻيو ته اسان وٽ سادات جو شجرو موجود آهي، جنهن جي هُن ڦوٽو ڪاپي ٺهرائي ڏني. ان کان علاوه ٽکڙ جي ساداتن وٽان به شجرو مليو. انهن شجرن جي ڀيٽڻ سان اها ڳالهه درست نٿي لڳي ته شاهه حبيب کي ٻه نياڻيون هيون يا ڀٽائي گهوٽ کي ٻه ڀينرون هيون. البته هڪ ڀيڻ جو نالو ملي ٿو، پر ان ڳالهه جو اڃا پورو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ۽ شايد ٿي به نه سگهي ته شاهه ڀٽائيءَ جون ٻه ڀيڻون هيون يا هڪ ڀيڻ هئي، جيستائين اهڙا پڪا شجرا نٿا ملن جن سان اِنهيءَ ڳالهه جي ثابتي ملي سگهي. درحقيقت ڀٽائي صاحب شاهه حبيب جي ٻئي گهر مان، جيڪو ڏيرن فقيرن مان هو، اڪيلو فرزند هو. بعد ۾ جمال شاهه ڀٽائيءَ جي گادي تي ويٺو. جمال شاهه جي ڀٽائي گهوٽ سان رڳو عزازت هئي، پر ڪا ويجهي نسبت ڪانه هئي. هو لاڙ ۾ رهندو هو، جنهن کي ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي چوڻ تي غلام شاهه لاڙ کان وٺي آيو ۽ اچي ڀٽائي صاحب جي گاديءَ تي ويهاريو.

درگاهه شاهه ڪريم ٺهرائڻ: مير عبدالحسين خان سانگيءَ لکيو آهي ته شاهه ڪريم- جيڪو ڀٽائي جو ڏاڏو پڙڏاڏو هو- تنهن جي درگاهه ڀٽائي صاحب جوڙائي. پاڻ ملتان ويا ۽ اتان ڪاشيءَ جون سرون وٺي آيا. واقعي ڀٽائي گهوٽ ملتان ويو هو يا نه؟ مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي اِنهيءَ حوالي جي ثبوت ۾ مون کي ملاڪاتيار جي بزرگ ميون محمد اسحاق وٽان خبر ملي. هو پاڻ وڏو بزرگ، ڏاهو ۽ داناءُ درويش هو. هُن ٻڌايو ته اسان ملتان وارن بزرگن جا مريد آهيون. اسان جو ڏاڏو ڏاتر ڏنو نالي هو، جيڪو ڀٽائيءَ کي ملتان وٺي ويو، جتان ڪاشيءَ جون سرون وٺي آيو، جيڪي درگاهه شريف ۽ مسجد شريف تي لڳارايائين. اڃا تائين شاهه ڪريم جي درگاهه لڳ هڪ ننڍڙو گنبذ بيٺو آهي، جتي ڀٽائي صاحب درگاهه جوڙائڻ لاءِ اچي رهيو هو. بعد ۾ ميين غلام حيدر شاهه درگاهه ۽ مسجد شريف جي مرمت ڪرائي ۽ اصل ڪاشيءَ جون سرون ڪڍرائي نيون لڳايون. مون درگاهه جي مجاور صوف فقير کان ڪاشيءَ وارين اصل سِرن بابت پڇيو جنهن تي هن چيو ته هڪ سر هن وٽ موجود آهي. پوءِ صوف فقير غلاف ۾ ويڙهيل اُها سر کڻي آيو. اُها سر هن پوري داستان جي اصل ڪهاڻي هئي، جنهن تي لکيل هو ته هي درگاهه 1156 هجري ۾ ٺهرائي وئي، يعني ڀٽائي صاحب پنهنجي وفات کان 9 سال اڳ درگاهه شريف جوڙائي تيار ڪئي هئي. صوف فقير ٻڌايو ته خيرپور طرف جو لونگ فقير مهيسر  پاڻ ۽ سندس فقير مسجد ۽ درگاهه شريف جي مرمت به ڪندا هئا ۽ نئين سري کان جوڙائيندا به هئا. انهن فقيرن درگاهه شريف ۽ مسجد شريف جي مرمت جو ڪم ڪيو ۽ شاهه ڀٽائيءَ واري وقت جون درگاهه جي تاريخ بابت لڳل ڪاشيءَ جون سرون ميين غلام حيدر شاهه لهرايون، جي پراڻيون هيون ۽ نيون سرون لڳايون. صوف فقير واري سر تي مون ڏٺو ته سن لکيل هو، جنهن مان معلوم ٿيو ته اها ڪتبي واري سر آهي ۽ ڪتبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 سرون هونديون، انڪري باقي سرن جي تلاش ڪيم. روضي جي پٺيان وڃي ڳوليونسون ته اسان کي هڪ سر جو ٽڪرو هٿ آيو، جيڪو صوف فقير جي سر جهڙو هو. ڪنهن ائين ٻڌايو ته هڪ فقير کي هڪ سر اتان هٿ آئي هئي، جيڪا هُن سر جي حرمت ۽ عزت خاطر درگاهه جي اتر طرف ڦٽل کوهه ۾ اُڇلائي ڇڏي هئي. پوءِ کوهه ۾ ماڻهو لاٿوسون، تلاشي ڪئي سون، مگر اتان سر هٿ ڪانه آئي. ان کان سواءِ باقي سرن جي تلاش ۾ پنهنجي سڄڻ محمد ابراهيم سنڌيءَ وٽ ويس، جنهن ٻڌايو ته هڪ سر موجود آهي. ان سر تي لکيل الفاظ ڀيٽياسون ته پاڻ ۾ ملي آيا. صوف فقير واري سر جو سن 1156 هجري، ساڳيو سن درگاهه وارين نين سرن ۾ به لکيل آهي. انهيءَ اهڃاڻ مان معلوم ٿيو ته واقعي شاهه ڪريم جي درگاهه ڀٽائي گهوٽ ٺهرائي ۽ ان جي تاريخي ڪتبي لاءِ ملتان کان ڪاشيءَ جون سرون آندائين.

ڀٽائيءَ بابت جيتري به کوجنا ڪجي، اوتري گهٽ آهي. ڀٽائي دنيا جي وڏن شاعرن مان آهي. هو هڪ وڏو شاعر، صوفي ۽ درويش آهي. ڀٽائيءَ جو قد ماڻهو پنهنجي قد مطابق مقرر ڪن ٿا. اسان ننڍڙا ماڻهو آهيون، انڪري ڀٽائي گهوٽ جهڙي قدآور شخصيت ۽ سندس وڏي قد جو درست اندازو ڪري نه سگهيا آهيون. اسان ۾ جيتري علمي وسعت وڌندي ويندي ڀٽائيءَ جو بلند قد اوترو دنيا آڏو ظاهر ٿيندو ويندو.

ڊاڪٽر عبدالحليم قريشيءَ جي پڇڻ تي ڊاڪٽر بلوچ ٻڌايو ته سوئي قندر جو ڳوٺ ڀٽ شاهه جي اوڀر ۾ ٽي ميل کن ٽنڊي آدم طرف ويندڙ رستي لڳ سکر بئراج جي اوڀر طرف آهي. آسپاس ست اٺ ڳوٺ ڏيرن جا آهن. ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي چيو ته هالن پراڻن ۾ اڄ سوڌو ڏيرا موجود آهن، جنهن مان مخدوم شاهه دياني واري ڳالهه صحيح لڳي ٿي. هن چيو ته مخدوم عربي ديانو ۽ مخدوم شاهه ديانو ٻه الڳ شخصيتون آهن، جن جون قبرون شاهه دانو (شاهه ديانو) جي قبرستان ۾ موجود آهن. ڏيرن جو وڏو پيرمحمد وَسو هو، جيڪو مخدوم شاهه ديانو جو مجاور (مزاور) هو. جنهن جا چار پٽ هئا. ڊاڪٽر بلوچ هڪ سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته محمد عالم هالن پراڻن وارو، جنهن جي تربت به اُتي آهي، اُهو ٻيو ماڻهو آهي ۽ ڀٽائي گهوٽ جو ماسات محمد عالم ٻيو آهي، ان جي قبر ڀٽائي صاحب جي روضي لڳ اڄ به موجود آهي. هيءُ محمد عالم رب رکئي ڏيري جو پٽ ۽ ڀٽائيءَ جو ماسات آهي.

سُر ڪيڏارو: سُر ڪيڏاري بابت ڊاڪٽر بلوچ ٻڌايو ته اهو ڪيڏارو شاهه عبداللطيف حسني پراڻن هالن واري جو آهي، جنهن جي درگاهه اُتي رستي جي اُتر طرف کان آهي. شاهه عبداللطيف حسني پيران پير دستگير جي اولاد مان آهي. هن امامن سڳورن جي ياد ۾ سُر ڪيڏارو پاڻ به ڳايو ۽ سندس فقير هر مهيني جي يارهين تاريخ تي ڳائيندا هئا ۽ اڄ سوڌو اهو ڪيڏارو اُتي ڳائيندا اچن ٿا. ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي جيڪو پاڻ به هالن پراڻن جو آهي ۽ هڪ علمي خاندان سان سندس تعلق آهي، ان تصديق ڪئي ته اڄ به چار حجام فقير سر ڪيڏارو هر يارهينءَ تي ڳائيندا آهن. محمد ابراهيم، جيڪو ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو، اُهو به هر يارهينءَ تي ايندو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ محمد آچر حجام سان گڏ ڪيڏارو ڳائيندو هو.

هي بزرگ (شاهه عبداللطيف حسني) ڀٽائيءَ کان هڪ سو کن سال اڳ ۾ ٿي گذريو آهي. وڏي شان شرف وارو هو جو سندس نياڻيون مخدوم نوح جي فرزندن جي گهر ۾ آيون.  ڀٽائيءَ ڏانهن منسوب اهو ڪيڏارو دراصل اُنهيءَ شاهه عبداللطيف حسني ۽ سندس فقيرن جو چيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڀٽائي گهوٽ ڪيڏارو چيو هجي، پر جيڪي بيت ڪيڏاري جا رسالي ۾ موجود آهن، اُهي شاهه عبداللطيف حسني پراڻن هالن واري ۽ سندس  فقيرن جا چيل آهن ۽ اڄ به سندس درگاهه تي فقير ڳائيندا آهن. مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ بيگ، مولوي دين محمد وفائي، محمد صالح ڀٽي پراڻن هالن واري به ساڳئي ڪيڏاري تي بحث مباحثا ڪيا آهن. مير عبدالحسين خان سانگي چوي ٿو ته سُر ڪيڏارو آهي ڀٽائي جو پر ان ۾ هڪ داستان فتح فقير جو آهي. فتح فقير جو اوتارو حيدرآباد ۾ مدرسة البنات لڳ آهي. فتح فقير ڪلهوڙو مشهور شاعر آهي. احسان، گدا علي فقير- اهي سڀ شاهه عبداللطيف حسني پراڻن هالن واري جا فقير آهن، جن ڪيڏاري جا بيت چيا. مرزا قليچ بيگ لکيو ته ڪيترا بيت رسالي جي سُر ڪيڏاري جا ۽ پراڻن هالن وارن فقيرن جا ساڳيا آهن. ڪيترن بيتن کي بمبئي ڇاپي ۾ ”احسان چئي“ کي ”احسان سين“ ڪري لکيو ويو آهي. ”اڳلو ڪري احسان سين“ دراصل ”اڳلو ڪري احسان چئي“ آهي. محمد صالح ڀٽي جي پٽ پروفيسر محمد امين، جيڪو ٽنڊي ڄام ۾ زرعي ڪاليج ۾ استاد هو، تنهن اهي بيت شايع ڪرايا آهن. ڊاڪٽر بلوچ چيو ته کانئس اڳ ڊاڪٽر دائودپوٽي، مولوي دين محمد وفائي ۽ محمد صالح ڀٽي تحقيق ڪري پنهنجي راءِ ڏني آهي ته رسالي ۾ موجود سُر ڪيڏارو شاهه ڀٽائيءَ جو چيل ناهي. اهو سوال صاف نه هو ته ڪنهن جو چيل آهي. مون هالن پراڻن ۾ يارهينءَ تي ڳايل ڪيڏاري تي تحقيق ڪئي ته معلوم ٿيو ته شاهه عبداللطيف حسني پراڻن هالن واري جو آهي، جيڪو ڀٽائي کان هڪ سو سال اڳ ٿي گذريو. ڊاڪٽر بلوچ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڀٽائي گهوٽ به ڪيڏارو ڳايو هجي، پر ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.

ٽي همعصر شاهه عبداللطيف: ڊاڪٽر بلوچ ٻڌايو ته ساڳئي وقت ۾ ٽي شاهه عبداللطيف ٿي گذريا آهن: هڪ ٺٽي ۾، هڪ نصرپور ۾ ۽ هڪ ڀٽ شاهه وارو. نصرپور وارو شاهه عبداللطيف تارڪ (تارڪ الدنيا) هو، پر نالي ڀُل جي ڪري ڀٽائي گهوٽ کي تارڪ سڏيائون. ٺٽي وارو شاهه عبداللطيف، نصرپور وارو شاهه عبداللطيف ۽ ڀٽ شاهه وارو شاهه عبداللطيف الڳ الڳ شخصيتون آهن ۽ هڪ ٻئي جا همعصر آهن. عبدالحليم قريشيءَ پڇيو ته ڇا هالن وارن پيرن شاهه عبداللطيف کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي ڊاڪٽر بلوچ وراڻيو ته اها ڳالهه درست نه آهي. پر اها ڳالهه ضرور آهي ته ميان نورمحمد ڪلهوڙو ڀٽائي صاحب جي فائدي ۾ ڪونه هو، ڇو ته ڪلهوڙا به فقيري مان امير ٿيا هئا، انڪري کين ڊپ هو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي زور وٺي وڃي ۽ سندن حڪومت کسي وٺي. انهيءَ شڪ ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙو ڀٽائي صاحب جي فائدي ۾ ڪونه هو، پر زهر ڏيڻ واري ڳالهه درست ناهي.

سر سهڻي: سر سهڻي ۾ سهڻيءَ جي ڪردار کي ڪجهه ماڻهن انڪري پسند نه ڪيو آهي، جو سهڻي پنهنجي وَر جي بدران غير مرد جي عشق ۾ مست ٿي ان جي پٺيان جان گنوائي ويٺي. شاهه جي ٻين سورمين جهڙوڪ: مارئي، نوري، سسئي، سورٺ پنهنجي مرد سان محبت جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو سنڌي عورت جي تهذيب جو نشان آهي، انڪري سهڻي جي ڪردار ۽ سر سهڻي جي رمزن تي ڪجهه ڳالهه ٻولهه ٿئي. ڊاڪٽر بلوچ چيو ته سر سهڻي ۾ سهڻيءَ جي پنهنجي ذاتي قصي جي اهميت نه آهي. شاهه صاحب سهڻيءَ جي ذاتي قصي بدران سندس ان لازوال محبت جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ طالب پنهنجي مطلوب جي طلب ۾ جان جو نذرانو پيش ڪري سرخرو ٿئي ٿو. سهڻيءَ جي عشق ۽ محبت جو اهو ڪردار لازوال به آهي ته بي مثال به آهي. سر سهڻي ڀٽائي گهوٽ جو آخري ڳايل سُر آهي، جيڪو سندس شاعريءَ جو معراج سڏجي ته به ٺهي ٿو.

مشتاق سچارويءَ چيو ته ڀٽائي جون سڀ سورميون ڌرتي ڄايون آهن، جن جي لازوال محبتن کي ڀٽائي امر بنائي ڇڏيو آهي. ڀٽائيءَ جي سهڻي ميهار وارو قصو پنجاب جي سوهني مهيوال واري قصي کان گهڻو اڳ ۽ الڳ آهي. شايد سنڌ جي سهڻيءَ جو هيءُ لازوال داستان پنجاب تائين پهچي ويو، جتان ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه ڦيرڦار اچي وئي، جنهن کي اتان جي ليکڪن پنجاب ڌرتيءَ جي ڪهاڻي ڪري پيش ڪري ڇڏيو. پر جهڙيءَ طرح ڀٽائيءَ سهڻيءَ جي عشق و محبت واري ڪردار کي پيش ڪيو آهي، اهو نه رڳو بي مثال آهي، پر ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو عروج به آهي. ڊاڪٽر بلوچ فرمايو ته اها ڳالهه درست آهي ته سنڌ جي سهڻيءَ وارو قصو پنجاب جي سهڻيءَ واري قصي کان گهڻو قديم آهي. ڀٽائي گهوٽ کان اڳ سهڻيءَ جو ذڪر قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي شاعريءَ ۾ به ملي ٿو. سنڌ جي قصي موجب سهڻي ذات جي ڪنڀار به نه آهي، پر هو ذات جي سامٽي آهي. مون کي ياد آهي ته سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀار چيو هو ته جيڪڏهن سهڻي ڪنڀار هجي ها ته ڪچو دلو کڻڻ وقت کيس اها ڄاڻ ڇو نه ٿي ته هي گهڙو ڪچو آهي يا پڪو، انڪري ڪچي گهڙي کڻڻ جو بيان مشڪوڪ ٿو لڳي. جنهن تي ديوان جهمٽ ڄيٺانند چيو ته شين کي محسوس ڪرڻ لاءِ برابر پنج حواس آهن. پر جڏهن انسان عشق ۽ محبت ۾ غرق ٿي ويندو آهي، ته پوءِ هن کي اها سُڌ نه رهندي آهي ته هو ڪچي ۽ پڪي گهڙي ۾ فرق ڪري سگهي. ڇو ته حواس (يا ڪابه هڪ حس) جڏهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته پوءِ اُن حس جا نتيجا حاصل ٿي نه سگهندا آهن. مثال طور  هٿ ۾ ڇهڻ جي خاصيت آهي. ڇهڻ سان شين جي ڪيفيت جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. پر جڏهن ڪنهن خاص ڪيفيت جي ڪري هٿ جي ڇهڻ واري ڪيفيت ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته پوءِ ڪچي يا پڪي گهڙي جو فرق محسوس ٿي نٿو سگهي. ممڪن آهي ته عشق ۽ محبت ۾ به سهڻيءَ تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي هجي، جو هن جي هٿن ۾ ڇهڻ واري حس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هجي.


[1] مرزا قليچ بيگ، سنڌ جي تاريخ (انگريزي) ڪمشنرس پريس، ڪراچي، 1902ع.

[1] خسرو بيگ جون يادگيريون (انگريزي) فارسي مان ترجمو از: مرزا قليچ بيگ، اڻ ڇپيل مسودو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com