سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

ڀاڱو پهريون

صفحو :2

 

ڀاڱو پهريون

 

سنڌ

اڄوڪي سنڌ جيڪا پاڪستان جو هڪ صوبو آهي، تيرهن سؤ سال اڳ هڪ وسيع علائقي تي مشتمل هئي. اسلام کان اڳ  راجا ڏاهر جي دؤر ۾ هن ملڪ کي سنڌ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جيڪو اولهندي کان مڪران تائين، ڏکڻ کان عربي سمنڊ ۽ گجرات تائين اوڀر ۾ موجود  مالوه جي وچ ۾ راجپوتانا تائين ۽ اتر ۾ ملتان کان ويندي ڏاکڻي پنجاب جي اندر تائين  ڦهليل هو. جنهن کي عرب مؤرخ سنڌ ڪوٺين ٿا.

هن ملڪ جي باري ۾ تاريخ ۾ وڌيڪ ڄاڻ نٿي ملي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن آريا هتي آيا ته هن ملڪ کي ”سنڌو“ جي نالي سان سڏڻ لڳا، ڇو ته سندن ٻوليءَ ۾ درياءَ کي سنڌو چيو ويندو هو. ۽ پوءِ آهستي آهستي اهو نالو سنڌو مان ڦري صرف ”سنڌ“ رهجي ويو ۽ اهو ئي اڄ تائين قائم ۽ دائم رهيو. آريا هن طرف جيڪي به علائقا فتح ڪندا رهيا انهن کي سنڌ جو نالو ڏنائون، توڙي پنجاب ٽپي ويا تڏهن به نالي ۾ ڪائي تبديلي نه آئي. جڏهن اهي گنگا تائين پهتا ته ان کي ”آريا ورت يا سپت سنڌو“ سڏڻ لڳا پر هندستان کان ٻاهر سنڌ نالي کي ئي مڃتا ملي.

ايرانين پنهنجي لهجي آڌار سنڌ کي هند ڪري ڇڏيو ۽ يوناني وري ”هه“ کي ”ا“ ۾ تبديل ڪري اند بڻائي ڇڏيو. رومن ۾ اهو لفظ اند مان ڦري انديا ٿي ويو ۽ انگريزي ٻولي ۾ ”د“ نه هجڻ ڪري ”انڊيا“ بڻجي ويو.

مير علي شير قانع ٺٺوي پنهنجي مشهور ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي مهاڳ ۾ سنڌ نالي تي بحث ڪندي لکي ٿو ته سنڌ ملڪ جو نالو حام بن نوح عليہ السلام جي پٽ هند جي ڀاءُ سنڌ جي نالي تي مشهور ٿيو.دنيا جي نقشي تي هي ٽيتاليهون ملڪ آهي.

سنڌ جون هاڻوڪيون حدون، پکيڙ ۽ شهر:

سنڌ جون موجوده حدون هي آهن جو ان جي اترندي پاسي کان پنجاب، بلوچستان، اتر اولهندي کان هالار جبل جيڪو بلوچستان کان سنڌ کي الڳ ڪري ٿو، اوڀر ۾ جوڌپور، بهاولپور ۽ جيسلمير، ڏکڻ کان ڪڇ رڻ ۽ عربي سمنڊ ۽ اولهندي پاسي کان عربي سمنڊ، هالار جبل ۽ بلوچستان آهي. سنڌ جي ڪل پکيڙ (54123) ميل آهي ۽ 3417 ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن. انهن مان حيدراباد، خيرپور، سکر، روهڙي، ٺٺو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد وڏا شهر آهن.

سنڌ کي طبعي طور ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. هڪ حصي کي مٿانهين سنڌ (اتر سنڌ) ۽ ٻئي کي هيٺائين سنڌ ڏاکڻو  حصو (يا وري سرو ۽ لاڙ) چيو وڃي ٿو.

درياءُ ۽ ان جون شاخون:

سنڌ جي ڌرتي تي جيڪو درياءُ وهي ٿو ان کي مهراڻ يا سنڌو درياءُ سڏيو وڃي ٿو. هي درياءُ تبت ملڪ جي ڪيلاشي جبلن مان نڪري ڪشمير، پنجاب ۽ سرحد صوبي مان گذرندو مٺڻ ڪوٽ وٽان پنج درياءَ کڻي ڪشمور شهر ويجهو سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. اتان وري ڏکڻ اولهندي طرف ست سؤ ميل سفر ڪري ڪيٽي بندر وٽ مختلف شاخن ۾ ورهائجي. وڏو ميدان پائي اچي عربي سمنڊ ۾ ڪري ٿو.

سنڌو درياءُ جون وڏيون وڏيون شاخون هي آهن.

1. اڀرندو نارو: _ اها شاخ درياءُ جي اڀرندي ڪناري کان پوءِ روحي ويجهو نڪري ٿي.

2. اولهندو نارو: هي شاخ درياءُ جي اولهندي ڪناري کان لاڙڪاڻي ضلعي وٽان نڪري منڇر ڍنڍ ۾ وڃي ڪري ٿي.

3. گهاڙ: هي شاخ اولهندي ناري جي اترئين پاسي کان لاڙڪاڻي ضلعي مان نڪري اولهه طرف وهي ٿي.

4. ڦليلي: ڦليلي شاخ حيدرآباد ويجهو نڪري ڪڇ جي ريگستان ڏانهن وڃي ٿي.

ان کان علاوه پنجاري، جمامڙو(جمڙائو) ۽ بگهاڙو شاخون ڪراچي جي ڀرسان نڪرن ٿيون.

زبان:

سنڌ جي هاڻوڪي زبان سنڌي آهي. جنهن جو رسم الخط عربي سان ملي ٿو. مختلف علائقن جو لهجو الڳ الڳ آهي پر سڀني جو اچار ۽ اسلوب مٺو ۽ ماٺيڻو آهي.

 

باب پهريون

 

راءِ حڪومت

 

اسلام کان اڳ کان وٺي 632ع (11هه) تائين.

اسلام کان اڳ سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ وارا راجا پاڻ کي راءِ جي نالي سان سڏرائيندا هئا. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي هجرت کان اڳ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، جيڪا تقريباً ڏيڍ سؤ سال قائم رهي ۽ ان جا پنج هيٺيان حڪمران رهيا. جيڪي ٻڌ مذهب جا پوئلڳ هئا.

راءِ ديوائج

راءِ سيهرس

راءِ ساهسي

راءِ سيهرس

راءِ ساهسي ٻيو

راءِ سيهرس ٻيو:

اسان کي هيءَ تاريخ جيتوڻيڪ اسلامي حڪومت کان شروع ڪرڻي آهي پر واقعن جو تسلسل قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ هندن جي آخري حڪومت جو معمولي خاڪو پيش ڪيو وڃي، جيئن اڳ ۽ پوءِ وارين حالتن کي سمجهي سگهجي. راءِ خاندان جو پهريون راجا راءِ ديوائج هيو پر جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم مديني پاڪ ڏانهن هجرت ڪئي ته ان وقت سنڌ ۾ راءِ سيهرس ٻئي جي حڪومت هئي ۽ ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ الور (اروڙ) شهر هو. تاريخدانن مطابق هن شهر ۾ عاليشان ماڙيون، باغ باغيچا، آباد زمينون ۽ وڻ ٽڻ هئا. جنهن سان شهر پر رونق هو. راجا سيهرس وڏو ناڻي وارو ۽ نيڪ انسان هو. سندس سخاوت، انصاف ۽ انسان پروري ڪري رعيت ڏاڍي رغبت ۽ محبت رکندي هيس.

راجا سيهرس جي حڪومت جون حدون:

راجا سيهرس جي ملڪ جون حدون تمام وسيع هيون، اوڀر ۾ ڪشمير، اولهه ۾ مڪران، ڏکڻ ۾ محيط درياءَ کان ويندي سمنڊ تائين ۽ اتر ۾ ڪردان جبل ۽ ڪيڪا نان تائين ڦهليل هيون.

سيهرس جا صوبا:

راجا سيهرس پنهنجي ملڪ سنڌ کي چئن صوبن ۾ ورهائي ڪري چار صوبيدار مقرر ڪري ڇڏياهئا. ذڪر ڪيل صوبا هيٺيان هئا.

1. برهمڻ آباد: ان صوبي ۾ نيرون ڪوٽ، ديبل، لوهاڻا، لاک ۽ سما ضلعا شامل هئا.

2. سيوستان: جنهن ۾ ٻوڌيا (ٻڌ پور) جنڪان (جمنڪان) رونجهان (روجيان) ۽ پايا جبل کان وٺي مڪران جي سرحد تائين وارو علائقو شامل هو.

3. اسڪلنده: ڀاٽيا، تلواڙو، چچپور ۽ ديوهپور جي ڪجهه زمين شامل هئي.

4. ملتان: ملتان جي ماتحت سڪا، برهمپور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪيا کان وٺي ڪشمير جي حد تائين جا علائقا هئا. ۽ صوبي جي سرحد ڪشمير سان وڃي ملندي هئي.

مٿين صوبن جا الڳ الڳ گورنر مقرر هئا، جيڪي صوبي جو انتظام هلائيندا هئا ۽ راجا طرفان انهن کي ملڪ جي حفاظت ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ خاص هدايتون ڏنل هونديون هيون. راجا پاڻ الور ۾ رهندو هو ۽ ڪردارن. ڪيڪانان ۽ برهاس شهر سندس نگراني هيٺ هو. راجا سيهرس جي اعليٰ انتظامي صلاحيتن ڪري گهڻي عرصي تائين ڪنهن به بغاوت ڪر نه کنيو.

ايرانين جو حملو:

اوچتو نيمروز جي بادشاه ڪرمان جي رستي اچي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌ جي ماتحت ڪيچ مڪران ۾ لٽ مار شروع ڪيائين.  اروڙ ۾ جڏهن راجا سيهرس کي ان جي خبر پئي ته وڏي لشڪر کي  ساڻ ڪري اچي نيمروز جي مقابلي لاءِ پهتو پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو ۽ سيهرس ٻيو مارجي ويو.

تاريخ معصومي مطابق سيهرس وڏي دليري سان وڙهي رهيو هو پر اوچتو هڪ تير اچي ڀرسان پيل گاهه ۾ ڪريو ۽ ان کي باهه  لڳي ويئي، جنهن ۾ راجا سڙي رک ٿي ويو ۽ نيمروز جي لشڪر مڪران وارن سان خوب ويڌن ڪئي.

هيڏانهن جڏهن سنڌي سپاهين کي خبر پئي ته سڀئي ڀڄي وڃي الور پهتا اميرن وزيرن سيهرس جي مرڻ کان پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪري سندس پٽ سهاسي کي گاديءَ تي ويهاريو. وڏو جشن ٿيو ۽ موتي مڻيا راجا مٿان گهوريا ويا. هاڻي بلوچستان ۽ مڪران سنڌ جي قبضي مان نڪري ايرانين جي هٿ چڙهي ويو.

راءِ ساهسي ٻيو:

ساهسي پنهنجي پيءُ وانگر نيڪ ۽ حليم  ۽ حڪمت وارو شخص هو. هر ڪم حڪمت سان ۽ حالتن پٽاندڙ ڪندو هو. ملڪي ڪمن کان فرصت ملڻ بعد پورو پرڳڻو گهمڻ لاءِ نڪتو، ماڻهن سان مليو جليو، حال احوال ۽ ڏک سور پڇيائين. ان کان علاوه باغين کي به سيکت ڏنائين ۽ پوءِ چئني گورنرن کي گهرائي هيٺيان اصول ٻڌايائين.

1. پهريون قاعدو لشڪر متعلق هو. ته سپاهين کي پنهنجي پگهار وقت سر ملڻ گهرجي.

2. عوام کان جيڪا ڍل ورتي وڃي ٿي اها ٽن قسطن  ۾ وصول ڪئي وڃي ۽ جيڪي روڪ رقم جي صورت ۾ نٿا ڏيئي سگهن، انهن کان سندن هنر ۽ محنت جي صورت ۾ الور. اوچ، مئو، سورائي ۽ سيوستان کي سينگارڻ ۽ مٿي ڪرڻ جي مدد طور ورتي وڃي.

3. واپاري مقرر ٽيڪس پوري وقت تي ڏين.

4. چوٿون قاعدو انهن هنرمندن لاءِ هو جيڪي سرڪاري خدمت لاءِ مختلف شهرن ۾ مقرر هئا. راءِ ساهسي جي انهن  اصولن، قاعدن ۽ قانونن ملڪ کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻايو.

ٻڌ يمن وزير:

راجا ساهسي جو ٻڌ يمن نالي هڪ وزير هو، جنهن تي تمام گهڻو اعتبار ۽ اعتماد هيس ۽ سڀني ڪمن جي ذميواري سندس حوالي هوندي هئي. ٻڌ يمن به پنهنجو فرض وڏي ايمانداريءَ سان نڀائيندو هو. ٻڌ يمن پنهنجو منشي وري ”رام“ کي مقرر ڪيو، جنهن کي ٻڌ يمن ڪري ساهسي وٽ وڏو اعتماد حاصل ٿيو.

چچ جي آمد:

هڪ ڏينهن ٻڌ يمن ۽ رام پاڻ ۾ ويٺا درٻار ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته هڪ شخص آيو ۽ پنهنجو  تعارف چچ  بن سيلائج ڪرايائين ۽ چيائين ته منهنجو پيءُ سيلائج ۽ ڀاءُ چندر الور شهر جي وڏي مندر جا راهب پنڊت آهن ۽ هر وقت ملڪ ۽ توهان لاءِ دعائون ڪندا رهندا آهن. ملڪ ۾ راجا ۽ اوهان جي ڪري جيڪا خوشحالي آهي دل چيو ته توهان جو ديدار ڪري اچان ۽ ممڪن هجي ته پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت جو ملڪ کي ڪو فائدو ڏئي سگهان.

چچ جي اهڙي قادر الڪلامي ۽ ڏاهپ کان راءِ ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ چيائينس ته اخلاق ۽ قانون کان به ڪجهه واقف آهين؟ جواب ڏنائين ته خدا جو شڪر آهي جو چئني ويدن جو عالم ۽ حافظ آهيان ۽ جيڪا به ذميواري مون کي سونپي ويندي ان کي اخلاص ايمانداري ۽ احتياط سان انجام ڏيندس.

رام ۽ چچ وچ ۾ گفتگو هلي رهي هئي ته اوچتو سڪا ۽ ديبل کان ڪي سرڪاري خط آيا. رام، چچ کي آزمائڻ لاءِ اهي کيس پڙهڻ ۽ پوءِ جواب لکڻ لاءِ چيو. چچ اهي خط وڏي شيرين بياني سان پڙهيا ۽ پوءِ انهن جو جواب حڪمت، دانائي ۽ خوبصورت ٻوليءَ ۾ لکي ڪري رام اڳيان پيش ڪيو، جنهن کان هو ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس انعام ۽ اڪرام سان نوازي ڪري پنهنجو نائب مقرر ڪيو ۽ ٿوري عرصي اندر پوري ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. ۽ ماڻهن کان رام جو نالو ئي وسري ويو.

راجا ساهسي جي درٻار ۾ چچ جو اچڻ:

چچ نائب وزير بڻجي ڪري وڏي شهرت ماڻي ۽ آخر وزير مواسلات سڏجڻ لڳو. هڪ ڏينهن درٻار هلي رهي هئي، سڀ وزير مشير محفل ۾ موجود هئا ته هڪڙو سيوستان جو ڪارندو ڪجهه ڪاغذ کڻي اچي پهتو. راجا ان جو جواب ڏيڻ لاءِ رام کي سڏ ڪرايو پر رام جي نه هجڻ ڪري چچ اها خدمت سر انجام ڏيڻ جي گذارش ڪئي. راجا چچ کي گهرائي ڪاغذ سندس حوالي ڪيا. چچ اتي ئي ڪاغذن جو اهڙو جامع ۽ خوش خط جواب لکيو جيڪو ٻڌي ڪري راجا ۽ درٻار ۾ ويٺل عالم ۽ فاضل ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ لڳا. ٻئي ڏينهن راجا رام سان مليو ته چچ جي ذهانت ۽ فصاحت جو ذڪر ڪرڻ لڳو ۽ کيس خيال رکڻ لاءِ چيو. رام به چچ جي ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ جي باري ۾ راجا کي ٻڌايو.

رام چچ جي قدرداني ڪندي کيس اهم ملڪي معاملن ۾ ڇوٽ ڏيئي ڇڏي. ان کان پوءِ چچ بنا ڪنهن جهل پل جي راجا ساهسي جي درٻار ۾ ايندو ويندو هو ۽ راجا کيس سوکڙين پاکڙين سان نوازيندو هو، ڇو جو مستقبل ۾ کانئس ڪافي اميدون هيون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن رام گذاري ويو ته راجا ان جو قلمدان چچ جي حوالي ڪيو _ هو نهايت عمدگي ته اها ذميواري نڀائيندو رهيو.

هڪ ڏينهن چچ ڪنهن ضروري ڪم لاءِ راجا سان ملڻ لاءِ محل ۾ آيو، چچ جڏهن محل ۾ پهتو ته راڻي (1) سونهن ديوي کي راجا سهاسي پردي ۾ وڃڻ لاءِ چيو. راڻي وراڻيو ته جڏهن ڪجهه عام ماڻهو محل ۾ منهنجي منهن پون ٿا، هي ته هڪ برهمڻ آهي. جنهن تي راجا چپ ٿي ويو ۽ چچ کي سڏ ڪرايائين. چچ راجا اڳيان پهچي وڏي فصاحت سان پنهنجو مطلب بيان ڪيو.

راڻيءَ جو چچ تي موهجي پوڻ:

چچ صورت ۽ سيرت ٻنهي ۾ وڻندڙ هو، سندس ادائن راڻيءَ کي موهي وڌو هو. چچ جي عشق ۾ هوءَ چري ٿي پيئي هئي ۽ کيس چورائي موڪليائين ته جيڪڏهن منهنجي محبت کي مان نه ڏيندين ته پنهنجي جان توتي قربان ڪري ڇڏينديس. چچ جواب اماڻيس ته مان هڪ برهمڻ آهيان، منهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ سڄي عمر عبادت ۾ گذاري ڇڏي آهي. مان ڄاڻان ٿو ته بادشاهه. باهه ۽ نانگ ڪڏهن به ڦري سگهن ٿا. مون مان اوهان کي اهڙي اميد نه رکڻ گهرجي. راڻي چچ جي انهيءَ جواب تي ڏمرجي پيئي ۽ دل ۾ کيس حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيائين. هيڏانهن راءِ ساهسي بيمار ٿي پيو ۽ چچ جو محل ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿيڻ لڳو. راڻي هر ڀيري کيس پنهنجي نظرن سان گهايل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. جڏهن ساهسي جي علاج ۾ هر طرف کان جواب مليو ته راڻي چچ کي گهرائي چوڻ لڳي. ڏس منهنجي ڪائي اولاد ناهي، راجا جي مرڻ کان پوءِ ڪوئي منهنجو والي وارث نه هوندو. هي راجا جا جيڪي مائٽ ڏسين ٿو اهي سڀ ان جي مرڻ جي انتظار ۾ ويٺا اٿئي. اڄ راجا مئو سڀاڻي تخت ۽ تاج تي قبضو ڪري مونکي پيا ايذائيندا. ان ڪري ڏاهو ٿي، منهنجي صلاح سان هلندين ته سڄي سلطنت جو مالڪ بڻجندين. چچ راڻي جي انهيءَ صلاح سان سهمت ٿي ويو. ٻئي ڏينهن درٻار منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جا سڀ وزير، امير ۽ ڪبير ويٺا هئا، ته راڻي راجا ساهسي جي چالاڪي سان منڊي لاهي کڻي آئي ۽ چوڻ لڳي ته  توهان کي خبر آهي ته راجا جي طبيعت ڪيتري خراب آهي؟ ملڪي انتظام منتشر لڳو پيو آهي، ان ڪري راجا پنهنجي منڊي ڏني آهي ۽ توهان لاءِ چيو  اٿائين ته چچ کي هي منڊي پارائي تخت تي ويهاريو ۽ سندس هر حڪم جي فرمانبرداري ڪريو. سڀني درٻارين راجا جي حڪم تي ڪنڌ نمايو ۽ چچ کي پنهنجو راجا بڻايو.

چچ جي راجا بڻجڻ کان پوءِ راڻي سونهن ديوي ساهسي جي ويجهن مائٽن کي اٽڪل سان وصيت ڏيکارڻ بهاني گهرائي قتل ۽ ڪن کي قيد ڪندي ويئي. باقي جيڪي بچيا انهن جي حوالي قيد ٿيندڙن جي سموري ملڪيت ڪري ڇڏيائين ۽ شرط رکيائين ته انهن سڀني کي پنهنجي هٿن  سان قتل ڪريو. سڀني کان جڏهن مطمئن ٿي ويٺي ته هيڏانهن راجا ساهسي جو ساهه به پرواز ٿي چڪو هو. راجا جي مرڻ کان پوءِ سندس لاش ساڙيو ويو ۽ ڪيترائي ڏينهن ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ راڻي سونهن (سهنديو) ديوي پنهنجي مذهب مطابق چچ سان شادي ڪئي اهڙيءَ طرح راءِ گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ برهمڻ حڪومت جو بنياد پيو.

 

باب ٻيو

 

برهمڻ حڪومت

 

چچ بن سيلائج 11 هه (33_632ع) کان 42هه (662ع)

راءِ حڪومت ختم   ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ 632ع ۾ برهمڻ حڪومت قائم ٿي، جنهن جو پهريون راجا چچ هيو. چچ حڪومت سنڀاليندي ئي خزاني جو منهن کولي ڇڏيو. فوج ۽ ٻين اهم ماڻهن کي انعام ۽ اعزازن سان نوازيائين ۽ عوام تان ٽيڪس ۽ ٻين وصولين جو بار گهٽائي ڪري سڄي ملڪ ۾ سرهائي ڦهلائي ڇڏيائين.

چچ کي حڪومت ڪندي اڃا ٻه چار مهينا ئي مس گذريا هئا ته سهاسي جي موت جي خبر سندس ڀاءُ چتور جي راجا مهرت کي پئي ته سندس اندر باهه وانگر ڀڙڪڻ لڳس. وڏو لشڪر ساڻ ڪري راجا چچ کان ڀاءُ جو بدلو  وٺڻ لاءِ اچي الور نڪتو. شهر کان ٽي ميل پري خيما کوڙي چچ ڏانهن خط اماڻيائين ته جنهن تخت تي تون ويٺو آهين اهو اسان جي خانداني ملڪيت آهي. جيڪڏهن تون منهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو منهنجي حوالي ڪندين ته پوءِ تو سان سهڻو سلوڪ ڪيو ويندو. تون هڪ برهمڻ آهين ۽ تنهنجو ڪم پوڄا پاٽ ڪرڻ آهي. ناحق هن جنگ ۾ پنهنجي جان نه وڃاءِ _ راجا چچ اهو خط کڻي سڌو سونهن ديوي وٽ آيو ۽ چيائينس ته دشمن اچي سر تي بيٺو آهي ۽ تخت جو دعويدار آهي، تنهنجي ڇا صلاح آهي؟ راڻي مسڪرائي ڪري وراڻيو، جنگ وڙهڻ جوڌن جو ڪم آهي، جيڪڏهن تون ان کان ڊڄين ٿو ته منهنجو لباس پائي گهر ۾ ويهه ۽ مان وڃان ٿي تنهنجي بدران ميدان مارڻ. تون ملڪ جو والي آهين ۽ تو کي شينهن وانگر وڙهڻ گهرجي، زندگي موت ته مولا جي هٿ ۾ آهي ۽ سڄي فوج تنهنجي هڪ حڪم تي پنهنجي جان تريءَ تي رکڻ لاءِ تيار آهي. راجا غيرت ۾ آيو ۽ تلوار هٿ ۾ کڻي راڻيءَ جي مشوري مطابق لشڪر کي دولت سان نوازي ٻاهر نڪتو ۽ مهرت ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته هي جنگ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي، فوج کي مارائڻ مان ڪهڙو فائدو. سٺو  ائين آهي ته پاڻ ٻئي دوبدو مقابلو ڪريون ۽ جيڪو جيئرو رهي اهو ئي هن ڀونءِ جو والي بڻجي. مهرت کي پنهنجي طاقت تي ناز ۽ چچ جي برهمڻ هجڻ ڪري ڪمزوريءَ تي يقين هو، ان ڪري جلدي تيار ٿي ويو. ٻئي شرط آڌار پيادل جڏهن هڪٻئي سامهون ٿيا ته چچ چالاڪي سان پويان اشارو ڪيو ۽ سپاهي گهوڙو ڀڄائيندو اچي ڀرسان پهتو، چچ جلدي ۾ گهوڙي تي سوار ٿي تيزيءَ سان مهرت تي حملو ڪري کيس ختم ڪري ڇڏيو. مهرت جي مرڻ کان پوءِ سندس فوج جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ مٿن وري چچ جي لشڪر جي حملي وڌيڪ اڌ مئو ڪري وڌو. ڪي ئي ماريا ويا ۽ باقي بچيلن ڀاڄ کاڌو.

راجا چچ دهلن ۽ شريانين سان الور ۾ داخل ٿيو ۽ ملڪ ۾ وڏو جشن ملهايو ويو. ان کان پوءِ چچ ٻوڌي راجائن کان به پنهنجا کسيل علائقا واپس ورتا.

چندر جي وليعدي:

راجا چچ پنهنجي ڀاءُ چندر کي الور جو والي بڻائي فرمان جاري ڪيائين ته هي راهبن جو سردار هاڻي هر ماڻهوءَ جو سردار آهي. منهنجي موجودگي ۽ اڻ موجودگيءَ ۾ سڀني ملڪي معاملن کي هي نڀائيندو. راجا جي ان حڪم تي سڀني وزيرن ۽ ڪارندن اطاعت جو دم ڀريو. ان کان پوءِ چچ پنهنجي وزير ٻڌيمن کي  گهرايو ۽ کانئس راجا راءِ سهاسي جي زماني جون حدون ۽ انتظام معلوم ڪيو. ٻڌيمن وراڻيو، خدا مهاراج جي عمر دراز ڪري، جنهن وقت هي ملڪ سيهرس جي هٿ ۾ هو ۽ ان ايراني لشڪر کان هار کاڌي جنهن کان پوءِ راءِ سهاسي ٻئين سنڌ جون واڳون سنڀاليون ۽ ملڪ ۾ چار گورنر مقرر ڪيا، گڏوگڏ سرڪاري اوڳاڙين کي بهتر بڻائي فوج ۾ واڌارو آندو، جنهن سان خوشحالي آئي ۽ امن امان قائم ٿيو. جيڪڏهن اوهان به اهڙا اپاءَ وٺو ته پوءِ ملڪ هميشه  لاءِ هر طرح سان محفوظ ٿي ويندو. چچ پنهنجي هن عقلمند وزير جي عالماڻي تقرير ٻڌي سندس صلاحن مطابق ملڪ جي چئني طرف پنهنجا قاصد روانا ڪيا، جيئن اتان جي راجائن کي سنڌ ۾ شامل ڪري هن ملڪ کي پراڻي حالت ۾ وسيع ۽ مضبوط بڻائجي.

ڀاٽيا جي فتح:

چچ الور ۾ پنهنجي ڀاءُ چندر کي منصب تي ويهاري پاڻ لشڪر سوڌي آڻ نه مڃيندڙ راجائن کي  سيکت ڏيڻ لاءِ نڪري پيو. سڀ کان پهريان ان   لشڪر ڀاٽيا (بابيا) جيڪو بياس درياءُ جي ڏکڻ کان هو، تي حملو ڪيو. خونريز جنگ لڳي ۽ آخر ڀاٽيا جي والي ڀڄي وڃي اسڪلنده ۾ پناهه ورتي.

اسڪلنده جي فتح:

جڏهن چچ کي خبر پيئي ته ڀاٽيا جي والي اسڪلنده ۾ پناهه ورتي آهي ته پاڻ اسڪلنده جي هڪ هلندي پڄندي واري ماڻهو شجاع ڏانهن جنهن سان سندس پراڻا واسطا هئا، کي پيغام موڪليو ته جيڪڏهن تون اسڪلنده جي راءِ چتر (چتيسر) کي مارائيندين يا قيد ڪرائيندين ته تو کي اسڪلنده جو والي بڻائيندس. شجاع ان جو ذمو کڻي ضمانت طور پنهنجو پٽ چچ ڏانهن اماڻيو. آخرڪار شجاع،  چتر کي سازش ڪري مارائي وڌو ۽ سندس سر چچ ڏانهن موڪلي انعام ۽ اسڪلنده جو  قبضو ورتو.

سڪا ۽ ملتان جي فتح:

اسڪلنده کان فارغ ٿي ڪري چچ  سڪا ۽ ملتان ڏانهن وڌيو، جتي راجا سهاسي جو ويجهو مائٽ بجهيراءُ حڪومت ڪندو هو. بجهيري جڏهن چچ جي حملي جو ٻڌو ته لشڪر جرار تيار ڪري اچي راوي ڪناري پهتو، هوڏانهن سڪا جو گورنر سندس ڀائٽيو سيهول (سوهيول) ۽ ان جو سؤٽ اجسين چچ جي مقابلي لاءِ اچي نڪتا. راءِ چچ ۽ سندس لشڪر بياس نديءَ جي ڪناري تي هن ڀر ٽن مهينن تائين ترسي پيو ڇاڪاڻ ته درياءَ جو گرمين ڪري پيٽ تمام ويڪرو هو. جڏهن پاڻي لٿو ته درياءُ پار ڪري وڃي سيهول سان جنگ جوٽيائين ۽ سڪا جي قلعي جو گهڻي وقت تائين گهيرو ڪري کيس اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، سيهول سڪا مان ڀڄي وڃي ملتان ۾ پناهه ورتي. هيڏانهن چچ سڪا شهر ۾ داخل ٿي دشمن جي فوج مان پنج هزار سپاهين کي موت جو کاڄ بڻائي ۽ باقين کي گرفتار ڪري  غلام بڻايو. چچ سڪا  ۾ پنهنجي هڪ خاص ماڻهوءَ (1) عين الدين ريحان مدني کي سردار بڻائي ملتان ڏانهن روانو ٿيو.

ملتان جو حاڪم بجهيراءَ وڏو لشڪر ساڻ ڪري هاٿين تي چڙهي مقابلي لاءِ شهر کان ٻاهر آيو، پر پهرين جهڙپ ۾ ئي همت هاري وڃي قلعي اندر ويهي رهيو ۽ ڪشمير جي راجا ڏانهن مدد لاءِ ماڻهو موڪليائين ته اروڙ جو راجا چچ فوج سوڌو مون کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويو آهي. جلدي اچي منهنجي مدد ڪريو. اتفاق سان جنهن وقت قاصد ڪشمير پهتو ان وقت ڪشمير جو راجا گذاري چڪو هو ۽ سندس هڪ ننڍڙو پٽ گادي تي ويٺو هو. اميرن وزيرن مدد کان معذرت ڪندي لکيو ته اسان پاڻ هن وقت اندروني بغاوت جي ڪري ڏچي ۾ آهيون. آخر بجهيراءَ مجبور ٿي ڪري چچ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ کيس ملتان جو قبضو ڏئي ڪري ٻارن ٻچن سوڌو ڪشمير جي جبلن ڏانهن نڪري ويو. چچ ملتان ۾  داخل ٿي ڪري سڀ کان اڳ مندر ويو ۽ مورتي اڳيان سيس نوائي شڪر ادا ڪيو ۽ ٻل چاڙهيائين.

ملتان هڪ ٺاڪر جي حوالي ڪري چچ برهماپور، ڪرار ۽ اشهار ۾ آيو جتان جي والين بنا ڪنهن ٽڪراءَ جي اطاعت قبول ڪئي. اتان وڌي ڪري چچ مشهور قلعي شاڪلها وٽ پهتو، جيڪو ڪمبا جي نالي سان به سڃاتو ويندو هو. شاڪلها تاڪيا کان ڪجهه پرڀرو ڪشمير جي سرحد ويجهو هو. هتي چچ هڪ مهيني تائين ديرو ڄمائي ويٺو رهيو ۽ آس پاس جي سردارن کي سيکت ڏئي امن امان قائم ڪري، سنڌ جي سرحد جي دنگ طور ٻه وڻ لڳايا، جن جي جوان ٿيڻ تائين اتي ئي ترسيو ۽ پوءِ الور ۾ واپس آيو.

الور ڏانهن موٽ:

راجا چچ الور واپس اچي سال تائين آرام ڪندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي وزير کي گهرائي اولهه ۽ ڏکڻ جو  حال ورتائين. وزير وراڻيو واقعي اوهان جي اوڀر ڏانهن وڃڻ ڪري ڏاکڻي علائقي وارا والي بي فڪر ٿي ويٺا آهن ۽ ڍل ڏيڻ کان کٿو جواب ڏنو اٿائون.

سيوستان طرف روانگي:

انهيءَ صلاح کان پوءِ چچ دهتايت ڳوٺ وٽان مهراڻ پار ڪري جيڪا سما قوم ۽ الور جي سرحد هئي،ٻڌيا ۽ سيوستان ڏانهن روانو ٿيو. ٻڌيا تي ان وقت سرڪونڌ پٽ ڀنڊرگو ڀاگو حڪمراني ڪندو هو ۽ پرڳڻي جو تخت گاهه ڪاڪا راڄ هو. اتان جي ماڻهن کي سيويس چوندا هئا. چچ تيزيءَ سان قلعي تي حملو ڪري فتح ڪري ورتو ۽ اتان جي ئي هڪ ٻئي حاڪم ڪاڪا جي پٽ وڪيي هر سال ڏن ڏيڻ جو واعدو ڪري اطاعت قبول ڪئي.

هتان چچ سڌو سيوستان تي چڙهائي ڪئي. سيوستان  جو گورنر متو، مقابلي جي سگهه نه ساري سگهيو ۽ قلعي ۾ وڃي قيد ٿيو. هفتي جي گهيري کان پوءِ آڻ مڃي اچي چچ اڳيان ايلاضي ٿيو. چچ مٿس رحم کائي سندس گورنري واري حيثيت رهڻ ڏني پر ساڻ نائب جي حيثيت ۾ پنهنجو ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيائينس. ڪجهه ڏينهن اتي رهي ڪري چچ برهمڻ آباد اچي نڪتو.

برهمڻ آباد جي والي ڏانهن پيغام:

برهمڻ آباد جي ويجهو پهچڻ کان پوءِ چچ برهمڻ ۽ لوهاڻا جي والي لاکن، سمن ۽ سهتن جي سردار اگهم ڏانهن پنهنجي اطاعت ڪرڻ جو پيغام اماڻيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ خط اگهم جو سيوستان جي گورنر متي جي نالي پڪڙجي پيو جنهن مان ٻنهي جي سازش جو ڀانڊو ڦاٽي پيو. ان خط ۾ ٻنهي جي اتحاد ۽ هڪ ٻئي جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جو ذڪر هو.

اگهم لوهاڻي جي خط پڪڙجڻ جي خبر جڏهن متي کي پئي ته ڀڄي وڃي ريگستان جي راجا نيرمل وٽ ويٺو، جنهن کي ڀٽي به چون ٿا. چچ وري ٻيهر اگهم ڏانهن پيغام موڪليو ته ”تون پنهنجو پاڻ کي هن دؤر جو وڏو راجا سمجهين ٿو ۽ تو کي پنهنجي انهيءَ خانداني رياست تي وڏو ناز آهي پر مون کي دولت ۽ طاقت، وراثت ۾ ناهي ملي، ايشور جي ان ۾ مهرباني شامل آهي. هي سڄو ڪم انهيءَ ذات جو آهي جنهن جو ڪوئي شريڪ ناهي.“

منهنجي هر ڪم ۾ سيلائج جي دعا ۽ مولا جي مدد شامل هوندي آهي ۽ مان ٻي ڪنهن کان ڪائي اميد ناهيان رکندو. منهنجي سڀني ڪاميابين جو سرچشمو اها ئي ذات آهي. پر جيڪڏهن تون پنهنجي طاقت ۽ قوت کي ذاتي ڪوشش جو نتيجو سمجهين ٿو ته پوءِ زوال تنهنجي ويجهو آهي ۽ تو کي مارڻ جائز آهي.

برهمڻ آباد جي فتح:

ان پيغام کان پوءِ چچ، اگهم تي حملو ڪيو، پر ان وقت هو دوري تي ٻاهر ويل هو ۽ حملي جي خبر پيس ته جلدي واپس اچي فوج کي تيار ڪيائين، جنگ جو بغل وڳو. ٻنهي طرفن کان تيزي سان حملا ٿيڻ لڳا، پر چچ جي اڳيان ڪنهن کي بيهڻ جي طاقت هئي! اگهم ڀڄي وڃي قلعي ۾ ويٺو ۽ قنوج جي راجا راسل جي پٽ ستياب کان مدد لاءِ ماڻهو موڪليائين پر جواب اچڻ کان اڳ ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويو. سندس پٽ سربند سال ڊگهي محاصري جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ چچ سان اچي ٺاهه ڪيائين.

اگهم جو هڪڙو ٻڌمت جو پروهت جوشمني المعروف ٻڌرڪو مرشد هو ۽ هو مشهور بتخاني ٻڌنو وهار ۾ ڪنوهار بت جو پڄاري ۽ سنڀاليندڙ هو. اگهم پاڻ ٻڌ مذهب جو پيروڪار هجڻ ڪري ٻڌر ڪو جي هر صلاح تي آمنا صدقنا چوندو هو. اگهم جي مرڻ کان پوءِ ٻڌرڪو، مندر ۾ وڃي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. ٻڌرڪو جي ڀڳتي ۽ بندگي ڪري شهر ۾ سندس هزارين پوئلڳ هئا. هن اصطرلاب کڻي حساب ڪتاب لڳايو ته هي ملڪ راجا چچ جي  حوالي ٿيندو ۽ هو منهنجو معتقد رهندو. جڏهن چچ سوڀارو ٿي شهر ۾ داخل ٿيڻ لڳو ته ڪنهن ان ڊگهي محاصري جو سبب پروهت ٻڌرکو جي چالاڪين ۽ چالبازين کي ٻڌايو. پاڻ عهد ڪيائين ته ان کي هٿ ڪري سندس کل لهرائي نقارن  تي مڙهائيندس ته جيئن هر وقت ڪٽيو وڃي. ٻڌرڪو کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته چيائين ”چچ کي  ايتري طاقت ناهي جو مون کي مارائي سگهي.“

چچ شهر ۾ داخل ٿيندي ئي سربند ۽ ٻين ماڻهن کي اجازت ڏني ته هو هتي رهڻ چاهين ٿا ته آزادي سان رهن ۽ وڃڻ پسند ڪن ٿا ته انهن جي مرضي. سربند اتي ئي رهي پيو.

چچ برهمڻ آباد ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ اگهم جي بيوه گهرواري کي پنهنجي عقد ۾ ورتو ۽ پنهنجي ڀائٽيي ڌرسيا جي ڌيءَ کي سربند سان شادي ڪرايائين. ٻٽن ڏينهن جي آرام کانپوءِ پنهنجي وزيرن کان ٻڌرڪو ڀڳت جي باري ۾ معلومات ورتائين جن کيس ٻڌايو ته هو ڪنوهار بت جي پوڄارين مان آهي، تنهن ڪري اتي ئي هوندو. چيو وڃي ٿو ته سندس دانائي ۽ ڪمالات ڪري سڀ ڀڳت ۽ پروهت وڏي عزت ڪندا اٿس. چچ فوج ساڻ ڪري ڪنوهار بتخاني ڏانهن وڌيو ۽ سپاهين کي چئي ڇڏيائين ته منهنجي هڪ اشاري سان سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجوس. بتخاني وٽ پهچي چچ اندر داخل ٿيو ته ٻڌرڪو ڳوهيل مٽي مان مهر سان وڏي ڌيان ۽ گيان سان بت پيو ٺاهي. چچ احترام خاطر ڪلاڪ بيٺو رهيو. ٻڌرڪو جڏهن فارغ ٿيو ته چيائين ”سيلائج ڀڳت جو پٽ آيو آهي“ چچ جواب ڏنو ها عبادت گذار پروهت! پروهت گاهه جي ٺهيل موڙي تي چچ کي ويهاري پڇا ڪئي ته خير ۾ آيو آهين؟ چچ چيو، مان چاهيان ٿو ته تون برهمڻ آباد ۾ هلي  سربند کي پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازيندو رهه. پروهت وراڻيو مون کي تنهنجي حڪومت جي ڪائي ضرورت ناهي. مون کي انهن معاملن سان ڪائي دلچسپي ناهي. پوءِ چچ چيس، ڀلا اهو ٻڌاءِ ته تون سربند جي منهنجي خلاف مدد ڇو ڪئي؟ مان ته سر بند کي مصالحت جو مشورو ڏنو هو ڇو ته هو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڏاڍو پريشان هو. منهنجي خيال ۾ دنيا جي سرداريءَ کان ٻڌ جي خدمت ۽ فقيري بهتر آهي.  ان سان آخرت ٺهي ٿي. پروهت جواب ڏنو. چچ جي گهڻي چوڻ کان پوءِ آخر پروهت پنهنجي قبيلي ۽ پيروڪارن سوڌو شهر آيو ۽ چچ جو  ساٿاري بڻجي ويو ۽ مندر جي حفاظت جي به ضمانت ورتائين. هن ٻڌنو وهار مندر جي قديم عمارت کي جوڙائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيڪا چچ خوشيءَ سان قبولي ورتي.

ان کان پوءِ چچ برهمڻ آباد قلعي ۾ اچي ملڪي معاملن کي نئين سر سنواريو ۽ جتن ۽ لوهاڻن کي سڌاري، انهن جي ڏنگن  سردارن کي قلعي ۾ نظربند ڪري مٿن قوم تي هيٺيان قاعدا ۽ قانون مڙهيا.

اصلي تلوار ساڻ نه کڻندا.

ريشمي، مخمل ۽ ٻيا قيمتي ڪپڙا نه پائيندا.

گهوڙي سواري لغام بنا ڪندا.

پير ۽ مٿي اگهاڙا گهمندا.

برهمڻ آباد جي گورنر جي باورچي خاني لاءِ ڪاٺيون ڍوئيندا ۽ سندس لاءِ جاسوسي ۽ ٻيون خدمتون ڏيندا.

جيڪڏهن انهن مٿين قانونن جي پابندي نه ڪئي ته پوءِ کين سخت سزا ڏني ويندي. اهڙيون شرطون لاڳو ڪري انهن مان ڪن چڱن ماڻهن کي چونڊي ڪري ملڪي معاملن ۾ شامل ڪيو ويو.

ڪرمان جي فتح:

چچ هتان فارغ ٿي ڪري 2 هه (613ع ) ايران جي قبضي هيٺ آيل ڪرمان تي ڪاهه ڪئي. هي اهو زمانو هو جڏهن ايران جو بادشاهه ڪسريٰ بن هرمز گذاري چڪو هو ۽ سندس تخت تي هڪ عورت قابض هئي، جنهن جي ڪري سڀ امير ۽ وزير پريشان هئا.

چچ سڀ کان اڳ ۾ ارمابيل (لس ٻيلو) پهتو، جتان جو راجا ٻڌ مذهب جو پنڊت ۽ راجا سيهرس راءِ جي گورنرن جي اولاد منجهان هو ۽ ايمانداري ڪري اتي مقرر ڪيو ويو هو، پر پوءِ بغاوت ڪري خود مختار بڻجي ويو. ارمابيل جي راجا کي جڏهن چچ جي اچڻ جي خبر پيئي ته سندس آڌرڀاءُ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيو. چچ کانئس وفاداريءَ جو واعدو وٺي پنج پور جنهن کي عرب تاريخدانن، فنزپور لکيو آهي، پهتو ۽ اتي هڪ پراڻي قلعي جي مرمت ڪرائي هندن جي رسم مطابق پنجتوري يعني پنجن سازن واري نوبت رکرائي ڪري جيڪا باک ڦٽڻ ۽ سج لهڻ مهل وڄائي ويندي آهي، ڪرمان ۽ مڪران جي وچ واري ندي جي ڪپ تي خيما کوڙيائين. ان جاءِ تي کجي جا وڻ پوکي ايران ۽ سنڌ جي اوڀر کان  حد قائم ڪيائين، جيڪا اڄ تائين موجود آهي.

قندابيل تي ڪاهه:

اتان چچ ارمابيل واپس پهچي توران آيو ۽ يورال ندي کان مٿان ٿيندو اچي قندابيل (قنڌار) تي حملي ڪرڻ جو سوچي سيني درياءُ جي ڪپ تي خيما هڻي سندن گهيرو ڪري ويهي رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شهرين مجبور ٿي ڪري سؤ خچر ۽ هڪ لک درهم ڍل طور ادا ڪيا ۽ آئنده ڏيڻ جو به واعدو ڪيائون.

چچ جو وڇوڙو:

مٿئين معاهدي کان پوءِ چچ واپس الور آيو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ چاليهه سال حڪومت ڪري 40 هه (660ع) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس گهر واري سونهن ديوي مان ٻه پٽ ڏاهر ۽ ڏهرسين ۽ هڪڙي ڌيءَ مائين هئي. نجومين نقشو ڪڍي ۽ تارن جي ترتيب آڌار چچ کي سندس حياتي ۾ ئي ٻڌايو هو ته تنهنجي ڌيء سنڌ  پرڳڻي کان ٻاهر نه ويندي ۽ ان جو مڙس هن ملڪ جو مالڪ بڻجندو. چچ نجومين کي ان اڳڪٿي کي راز ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو هو.


 


(1)  انهيءَ راڻيءَ کي سوڀن ديوي ۽ شوڀا به لکيو ويو آهي(سنڌيڪار)

(1)  عبدالحليم شرر ۽ مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جي ”تاريخ سنڌ“ ۾ اهو نالو ”امير علاؤالدين الدوله“ لکيل آهي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org