سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: --

صفحو :27

 

ٺٽي جي مغل گورنرن جو حال ۽ ان دؤر جون حالتون

تحفة الڪرام جي ترتيب سان

 

اڪبر جو زمانو

1000هه کان 1012هه

مرزا غازي بيگ ترخان:

مرزا جاني بيگ جي وڇوڙي کانپوءِ بقول مير معصوم، علامي ابوالفضل جي سفارش ۽ بقول صاحب ترخان نامه، نواب خانه خانان جي چوڻ تي مرزا غازي اڪبر پاران پنهنجي گادي تي ويٺو. سيد حسام الدين راشدي ”مرزا غازي ترخان“ ۾ ان جي مقرري جي باري ۾ لکي ٿو ته:

مرزا جاني بيگ جي وفات 27 رجب 1009هه (1600ع) تي برهانپور ۾ ٿي ۽ ان جي ميت ٺٽي ۾ آڻي مٽي حوالي ڪئي ويئي. ان وقت بقول ماثر رحيمي شاهه قاسم ارغون امير الامراءَ هو، جڏهن ته خسرو  خان چرڪس کي مرزا جو وڪيل جو عهدو هو. انهيءَ ٻنهي اميرن ۽ ٻين سردارن گڏجي ڪري مرزا غازي بيگ کي جنهن جي عمر چار سال (؟) هئي، کي ان تخت تي ويهاريو.

ماثر رحيمي جو مؤلف لکي ٿو ته مرزا غازي جي حق ۾ اڪبر طرفان به فرمان جاري ٿيو ۽ حڪم ٿيو ته اهو فرمان باب  طالب اسفهاني بطور ايلچي ٺٽي کڻي وڃي ۽ مرزا غازي ۽ ان جي اميرن کي شاهي عنايتن سان نوازي، پوءِ جڏهن واپس اچي ته مرزا غازي کي پاڻ سان گڏ وٺيو اچي ته جيئن نوجوان حاڪم پنهنجي بادشاهه جي ديدار ۽ آستان بوسي جو شرف حاصل ڪري. اڪبر  نامه جي ليکڪ 1009هه جي واقعن جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو ته:

گيتو خدا وند از قدردائي الکائي او رابہ پور او، مرزا غازي باز گز اشت.

ترجمو: الله تعاليٰ ان جو قدر ڪندي سندس جاگير ان کي ئي عطا ڪري ڇڏي.

بادشاهي حڪم موجب، پيءُ کان پوءِ خودمختيار ٿي تخت تي ويٺو. اميرن جو کيس ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو سو، سندس ڪا به عزت نٿي ڪيائون. سندس ڀاءُ مرزا ابوالفتح جي زندگيءَ ۾، هڪ ڏينهن هيءُ سڀ سوار هئا ۽ هن (ابوالفتح) جي تعظيم خاطر کيس پوئتي ڇڏي ڏنو هئائون. انهيءَ ننڍپڻ جي وقت چيو هئائين ته ”جيڪڏهن مون کي حڪومت ملي ته هنن بد باطن ٻه اکيائي ڪندڙن سان ڇا نه ڪندس؟“ جيئن ته الاهيءَ تقدير موجب مرزا ابوالفتح اڳڀرو وفات ڪري ويو هو. جهڙيءَ طرح بيان ٿي آيو ۽ هن وقت هي ملڪ جو والي ٿي ويٺو، تنهنڪري پنهنجي ڪاروبار ڏانهن توجهه ڪرڻ لڳو ۽ هو پڻ ظاهرداري ڪرڻ لڳا.

يعقوب علي ڪوڪو:

استاديءَ واري وقت ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندو هوس، ۽ مرزا جنهن به ماڻهوءَ کي سروپا بخشيندو هو ته پرپٺ انهيءَ کان کسي، هزارين حيلا هلائي، انهيءَ کي (مس مس) انعام جي ڏهين پتي ڏيندو هو. پهريائين ٻين جي عبرت واسطي انهيءَ جي جاگير ملا يعقوب کي ــ جو ننڍي هوندي سندس مڪتب جو پيش امام هو، ڏنائين. ظاهر ۾ پيءُ جي وڪيلن تي مهرباني ۽ انهن جي خاطرداري ڪندو آيو، پر (اندروني طور) پنهنجن خاص ماڻهن تي هٿ رکڻ لڳو. عرب ڪوڪ ۽ ڀائيخان هن کي خيال ۾ ئي نه آڻيندا هئا پر مرزا غازي بيگ اهڙي طرح معاملو هلايو جو پنهنجي خاص ماڻهن کي به نوازي ڪري اهم عهدن تي آندو ۽ ظاهري طرح پراڻن اميرن تي نوازشون ڪري کين پنهنجو ڪندو آيو.

شهبازي جي مدار لمهامي:

سڀ کان پهريائين شهبازي کي جيڪو سندس ڪتن ۽ ڪبوترن جي سنڀال ڪندو هو، کي مدرالمهام بڻايائين، جيتوڻيڪ شهبازي پاڻ کي ارغون چورائيندو هو پر سندس اٿڻي ويهڻي، ڏيڻ وٺڻ ۽ بهادري ارغونن واري نه هئي، جنهن جي ڪري مرزا غازي جي توقع پوري نه ٿي سگهي  ۽ هو اهڙو ماڻهو ڳولهڻ لڳو جيڪو سندس اميدن تي پورو لهي ۽ ملڪ ۽ ملڪيت کي سنڀالي ڪري انهن بگهڙ اميرن کان نجات ڏياري جيڪي کيس ٻار سمجهندا هئا ۽ ڪائي اهميت نه ڏيندا هئا.

مرزا جي پيءُ جا وڪيل جيڪي خالصه علائقي تي قابض هئا ۽ مرزا جي گهوڙن ۽ هاٿين کي پنهنجي علائقي ۾ چرڻ نه ڏيندا هئا ۽ کيس ننڍو ٻار سمجهي ليکي ۾ ئي نه آڻيندا هئا. انهن جي  لاپرواهيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ڏينهن عرب ڪوڪو مرزا جاني بيگ جي زيارت لاءِ مڪلي وڃي رهيو هو ته سامهون مرزا غازي بيگ کي ايندي ڏٺائين ته لنوائي ڪري  مسجد ۾ هليو ويو. مرزا غازي سپاهين کان پڇيو ته هي ڪير هو؟ ته انهن وراڻيو ته هو عرب ڪوڪو هو.

ڀائي خان ۽ ملا گدا علي جن کي مرزا جاني بيگ دڪن  مان وڪيل بڻائي موڪليو هو، وڏائي ۽ تڪبر ۾ ايڏا وڌي ويا هئا جو ملڪ جي ڪنهن به انتظام ۽ ڪم ڪار ۾ هٿ نه ونڊئيندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن ٻار جي بي ڍنگهن ڪمن ۾ ڪير هٿ وجهي پنهنجو وقت وڃائيندو!

مير احمد بيگ کي عام مختيار بڻائڻ:

اهڙين بي قدرين کي ڏسي ڪري مرزا غازي بيگ ملڪ جو اهم عهدو عام مختيار امير احمد بيگ جي حوالي ڪري کيس تنبيهه ڪيائين ته ملڪي معاملا اهڙي طريقي سان هلاءِ جو ساڙ ڪرڻ وارن کي آڱر کڻڻ جو موقعو نه ملي ۽ کين شرمسار ٿيڻو پوي. احمد بيگ چيو جيڪڏهن توهان جي دعا ۽ هٿ رهيو ته انهن کي جلد ذليل ۽ رسوا ٿيڻو پوندو ۽ ملڪ ٻيڻي ترقي ڪندو پر جڏهن اوهان سندن ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو ۽ سڀني کي حڪم ڪيو ته منهنجي ڪمن جي وچ ۾ ڪوئي ٽنگ نه اڙائي.

مرزا اهڙا حڪم جاري ڪري ۽ سڀئي ملڪي معاملا احمد بيگ جي حوالي ڪري پاڻ پرسڪون ٿي ويهي رهيو.

احمد بيگ اهم ڪاغذ ۽ فيصلا صحيح ڪرائڻ لاءِ انهن وڪيلن ڏانهن موڪليا. جڏهن اهي ڪاغذ وڪلين وٽ پهتا ته سڀ حيران ٿيڻ لڳا ته هي ڪلهه ڪالهوڪا ٻار اسان جي صلاح کانسواءِ فيصلا ڪندا وتن ٿا ۽ اسان ڏانهن ڪاغذ صرف صحيح لاءِ موڪلن ٿا. ٻيا ته ڪنهن مصلحت خاطر چپ ڪري ويٺا پر ڀائي خان ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳو. انهن الڙ جوانن کي ادب سيکارڻ جي ضرورت آهي.

ڀائي خان ڪاوڙ ۾ اهي ڪاغذ ديوان خاني ۾ کڻي آيو ۽ مرزا غازي بيگ کي چوڻ لڳو ته ماڻهو هاڻي ايترا دلير ٿي ويا آهن جو اسان کي گاهه ئي نٿا وجهن ۽ بنا اسان جي مشوري جي اهم ملڪي فيصلا ڪري ويهن ٿا پر هڪ ڏينهن انهن کي پڇتائڻو پوندو!

مرزا غازي بيگ وراڻيو ته اهڙا اختيار مون هن کي ڏنا آهن. جيڪڏهن توکي اهو مڃڻ ۾ ڪوئي مسئلو ۽ شڪايت آهي ته ٻڌاءِ، باقي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ هو ڪهڙو به فيصلو ڪندو ان کي اختيار آهي.

اهڙي جواب تي ڀائي خان ٺري ويو ۽ هو جيڪو غازي خان کي بي سمجهه ۽ الڙ ڇوڪرو سمجهندو هو ۽ ملڪي معاملن ۾ پنهنجي فيصلي کي حرف آخر سمجهندو هو، اهڙي جواب تي حيران ٿيڻ لڳو.

احمد بيگ جڏهن اهو ٻڌو ته ڀائي خان کي چورائي موڪليائين ته هي ملڪ تنهنجي ميراث ناهي مرزا غازي بيگ مالڪ آهي، هو جنهن کي وڻي جيڪو عهدو ڏئي ۽ جنهن کي چاهي ان عهدي تان لاهي ڇڏي، ان ڪري توکي حق نٿو پهچي کانئس پڇڻ جو!

ڀائي خان ان کانپوءِ مولي هندو خدمتگار کي جنهن کي مرزا غازي بيگ، دولت راءِ خطاب ڏئي ماليات جي مٿان رکيو هو، گهرائي مرزا کان معافي جو طلبگار ٿيو. مرزا غازي بيگ ڀائي خان ڏانهن چورائي موڪليو ته توهان منهنجي والد صاحب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، تنهن ڪري هاڻي مان توهان کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان، توهان کي گهر جي ته گهر  ۾ ويهي ڪري آرام ڪريو ۽ ملڪي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙايو ۽ احمد بيگ کي چڱيءَ طرح ڪم ڪرڻ ڏيو.

جڏهن ڀائي خان کي اهڙو فرمان پهتو ته صفا سڙي ويو.ان سان گڏ مرزا جي پيءُ جي وقت جا سڀ وڪيل جيڪي اقتدار جي نشي ۾ ڪنهن کي کنگهندا به نه هئا، هاڻي هيٺاهين وٺڻ لڳا، ٻاهران ته ايمانداري ۽ سچائي جو پوش پاتيون  ڪم ڪارين ۾ مشغول نظر ايندا هئا پر اندران ئي اندران ان ڪوشش ۾ لڳل هوندا هئا ته ڪهڙي به طرح معاملا الجهن، ڪو ڏچو ٿئي ۽ ملڪ ۾ بي چيني پکڙجي ته مرزا جو مٿو ٺيڪ ٿئي.

هيڏانهن احمد بيگ سڀني پراڻن وڪيلن ۽ اميرن کي نظرانداز ڪري ملڪي پيداوار مان جنهن تي انهن جو قبضو هو ۽ مرزا کي ان مان ٽڪو به نه ڏيندا هئا، ٻيڻي اپت ۽ لکين روپيا بچائي ڏنائين. مرزا اها دولت سپاهين ۽ اهم اهلڪارن ۾ ورهائي انهن جي پگهار وڌائي. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي انهن اميرن کي بيڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندن جاگيرون وٺي ڪري خالصه ڪري ان جي عيوض کين نقدي مواجب مقرر ڪري ڏنا ۽ پوءِ مرزا احمد بيگ کي ”احمد سلطان“ جي خطاب سان  سرفراز ڪيائين.

سلطان ابوالقاسم جي بغاوت:

مرزا غازي بيگ جا اهي امير اندر ئي اندر ۾ سڙڻ لڳا ۽ ملڪ ۾ فساد ڦهلائڻ واسطي وجهه ڳولهڻ لڳا. سڀ کان پهريان محمد علي سلطان ڪابلي هڪ مست هاٿي لاءِ جنهن کي گهرائڻ لاءِ مرزا جهنگلي شاهه کي ڏانهس موڪليو هو، مرزا خلاف جنگ جو نعرو هنيو.

هي اهو محمد علي سلطان ڪابلي هو جنهن جو پٽ محمد معين پنهنجي  مامي سيور علي سان گڏ مرزا غازي سان سندس پيءُ (مرزا جاني بيگ) وارن ڏينهن ۾ شطرنج کيڏندي ڪاوڙجي نديم ڪوڪي ۽ قاسم علي ڪوڪي کي ڦٽي ڪري ڪچهريءَ مان نڪري ويو هو.۽ ٻئي ڄڻا پنهنجي حويليءَ جي در تي قتل ٿيا هئا. سو (فقط) هڪ مست هاٿيءَ ڪاڻ، جنهن جي گهرائڻ لاءِ مرزا پنهنجو خاص ماڻهو جهنگلي شاهه موڪليو هو، بغاوت جو دم هڻي، لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺو. مرزا هي ٻڌي چيو ته ”هيءُ سارو ڪم خسرو خان چرڪس جو آهي، پهريائين انهيءَ کي هٿ آڻن گهرجي“. هو مرزا عيسيٰ ترخان جو دلي دوست هو، تنهن کيس خبر ڏيئي واقف ڪيو، اتي مرزا غازيءَ سمجهيو ته خسرو خان کان به مرزا عيسيٰ جو ڪم (پورو ڪرڻ) مقدم آهي، جنهن تي هو ڀڄي وڃي پنهنجن ناناڻن سميجن ۾ ويٺو، ۽ چوڻ لڳو ته ٺٽي ۾ اڄ سڀاڻ فساد ٿيندو، جنهن ۾ اسان به ڪا نه ڪا ڪنڊ هٿ ڪنداسون.، مرزا غازيءَ جو بخت زور هو، نه ته مرزا باقيءَ جو پٽ ڪڇ ۾، ۽ مرزا عيسيٰ ترخان سميجن ۾ ڪي گهٽ نه هئا.

ايتري ۾ ابوالقاسم  سلطان ولد شاهه قاسم خان ارغون جو ڊگهي عرصي کان نصرپور جي پرڳڻي جو حاڪم هو ۽ بهادريءَ ۾ سندس مثال ڏنو ويندو هو. مرزا جاني بيگ جي  ڏينهن ۾ سوڍن کي ڪڍي، ڪيترا ڏينهن عمر ڪوٽ جي قلعي تي متصرف رهيو هو، ۽ آخر سندس پيءُ کيس پنهنجي صوبي ۾ موٽائي آيو هو، سو باوجود سندس ڀيڻ مرزا جانيءَ جي گهر ۾ هئي، ۽ پنهنجي ڌيءَ پنهنجي ڀاڻيجي مرزا ابوالفتح سان مڱائي هئائين. جا هن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ مرزا غازيءَ جي نالي ڪئي هئائين. چوڻ لڳو ته ”مرزا غازي ڪير آهي، جو منهنجي هوندي سندس ملڪ تي نوان نوازيل ماڻهو اقتدار ڄمائين!“ (ائين چئي) اول انهن واپارين کي ڦريائين، جي ٺٽي کان اوڏانهن وڃي رهيا هئا.

مرزا جي انهيءَ باري ۾ لکڻ تي جواب ڏنائين ته ”توهان ۽ اسان  جي وچ ۾ هيءُ ”بارگاهه واهه“ حد آهي، توهان کي پنهنجين حدن جو فڪر ڪرڻ گهرجي، ۽ هيڏانهن جي نيڪيءَ بديءَ جو نالو نه کڻو. ٻيءَ صورت ۾ اسان پنهنجي حد ”عاليجان“ جي ڪناري تي ڪنداسون.“ اهو خط لکي، اهڙو ته فساد برپا ڪيائين جو خشڪي خواه پاڻيءَ جون اچڻ وڃڻ جون سموريون واٽون بند ٿي ويون. هن واقعي تي اڳوڻا ترخان ۽ ارغون امير خوش ٿيڻ لڳا ته خود سر  مرزا اجهو ٿو برباد ٿئي. هوڏانهن بزرگ فطرت مرزا، ظاهر ۾ انهن تي نوازشون ڪري کانئن مدد جو طلبگار ٿيو، ۽ باطن ۾ پنهنجن نون نوازيلن کي نئين انتظام سان نوازڻ لڳو، ته جيئن منافقن کان باخبر رهي، ڪو اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين جو دشمن جي برباديءَ جو سبب ٿئي.

مرزا غازي جو ابوالقاسم سان جنگ ڪرڻ:

مرزا، دشمن جي بيخ ڪنيءَ کي ملڪ جي پائداريءَ جو سبب سمجهي، لشڪر وٺي ٺٽي کان نصرپور تي ڪاهيو، رستي ۾ دشمنن جي راتاهي جي خوف کان هر هنڌ کاهيون کوٽيندا، (رهندا) اچي ڪاتيار ۾ پهتا. اهي کاهي کوٽي، ڇانوڻي هنيائون. ابوالقاسم سلطان، ڪي چالاڪ جوان ساڻ وٺي اچي پيادو کاهيءَ ٻاهران بيهي اواز ڏنو ته ”فلاڻو(ابوالقاسم) دعا سلام چئي پڇي ٿو ته ”توهان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟، ”ابوالقاسم“ اهڙو هيڻو ناهي جو توهان جي ڪاهه کان ڊڄي، راتاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، دلجاءِ ڪري صفن جي جنگ جي تياري ڪريو.“ هيڏانهن جواب ڏنو ويو ته ”تون پنهنجي سر ساهه جو دشمن ٿي بيٺو آهين، جيسين مرزا تو کي برباد نه ڪندو تيسين (آرام سان) نه رهندو.“ قصو ڪوتاه ـــ مرزا اتان نڪري ساڪري جي سامهون منزل ڪري، مورچا قائم ڪيا.

چون ٿا ته ابوالقاسم جوانيءَ جي مستيءَ ۽ هٺ ۾ ڀرجي قلعي جي ڀت تي چڙهي، سپاهين کي  پئي چيو ته ”مرزا جانيءَ جي والده پنهنجي پيءُ کي ڏيندس، مرزا محمد باقي ۽ سڀني ترخانن جون ڌيئرون اوهان کي ورهائي ڏيندس، هن جي نوڪرن جون  جاگيرون  پڻ توهان کي عطا ڪندس!“ پر غافل کي اها خبر نٿي پيئي ته تقدير کيس ڪهڙا ڏينهن ڏيکاريندي، ۽ کيس نمڪ حراميءَ جو ڇا نتيجو ملندو!

صلح جي حقيقت:

ابوالقاسم سلطان جي والد شاهه قاسم، دورانديشي ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي، دل ۾ چيو ته ”سندس پٽ هيءُ ڪم برو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي مربيءَ سان فساد هميشه جي خواريءَ جو سبب آهي، خصوصاً اهڙي ملڪ جي مالڪ سان جو روءِ زمين جي بادشاهه جو مقرر ڪيل آهي. مخالفت ڪرڻ پنهنجي بدبختيءَ جي نشاني آهي، بهتر ائين ٿيندو ته مرزا جي خدمت ۾ پٽ جي جان بخشي ۽ گناهه جي معافيءَ جي درخواست ڪري، هن (قصور) جو تدارڪ ڪيو وڃي.“ ڀائخان ـــ انهيءَ خيال کان ته هن فدائين کيس (مرزا کي) اها ڳالهه دل تي ويهاري، ڪاري نالي نوڪر جي هٿان ڀائيخان کي زهر ڏياريو. هو بيمار ٿيڻ کان پوءِ، موڪل وٺي ٺٽي روانو ٿيو، ۽ گهر  ۾ پهچڻ سان گذاري ويو. انهيءَ روڪ دفع ٿيڻ کانپوء، ابوالقاسم سلطان پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ مقيم سلطان جي معرفت مرزا جي خدمت ۾ حاضر ٿي ٿوري وقت کان پوءِ موڪل وٺي موٽي ويو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڏينهن آمدرفت ڪندو رهيو.

ابوالقاسم سلطان کي انڌي ڪرڻ جي حقيقت:

چون ٿا ته ابوالقاسم سلطان ڏاڍو سخي ۽ مخير هو، پر ريل جي درويشن جو چوپايو مال ڦريو هائين، سو اهي هڪ ڏينهن ڏاڍا رنج ٿي گڏجي ويهي چوڻ لڳا ته ”انهيءَ بدلي وٺڻ لاءِ غيب جي بٿيءَ ما تير ڪڍي، هن ظلم کي هڻڻ گهرجي.“ تنهن تي هڪڙي چيو، ”احسان ۽ سخا ڪرڻ ڪري سندس سڀ عضوا (خدائي) حفاظت جي زره ۾ محفوظ آهن، مگر سندس اکيون انهيءَ کان خالي آهن، جيڪو انهن کي نشان بڻائي سگهي ته ڀلي ڪري.“ اتفاقاً انهيءَ ويجهڙائيءَ ۾ هوڏانهن اهو واقعو ٿيو ۽ هيڏانهن مرزا پنهنجن خاص ماڻهن کي چيو ته ”ابوالقاسم تي اعتبار ڪونه اٿم، ۽ سندس جان بخشيءَ جو قسم کڻي چڪو آهيان، تنهن ڪري کيس اکين جي نور کان محروم ڪري بيخوف ٿيڻ گهرجي“ اهو ٺهراءُ ڪري هڪڙي ڏينهن ڊونڊيءَ جو سير مقرر ڪري، انهيءَ واهه مان لنگهي، جو سندس (ابوالقاسم) جي ديري جي سامهون هو. دريا جي ڪناري تي ساوڪ ۾ وزيرن سان مجلس قائم ڪيائين، ۽ فيصلو ٿيو ته سڀڪو هٿيارن ۽ ماڻهن کانسواءِ حاضر ٿئي. اتي ويهي ابوالقاسم سلطان ڏانهن ماڻهو موڪليائين ته ”چنيسر نامه“ پاڻ سان کنيو اچج، ته هن تفريح گاهه ۾ انهيءَ شغل ۾ مشعول (رهون).“ هو ڏاڍي شوق سان اهو ڪتاب کڻي، جو سندس نالي تي تصنيف ٿيو هو. دستوري شان شوڪت سان سوار ٿيو. اڌ واٽ ۾ کيس محمد علي سلطان ڪابليءَ جو خط مليو، جنهن  ۾ کيس خبردار ڪيل هو، پر ڇاڪاڻ ته تقدير سندس ڪم پورو ڪري چڪي هئي، تنهنڪري اهو خط بنا پڙهڻ جي کڻي کيسي ۾ وڌائين. مرزا جي درٻار ۾ ٺهڻ کان پوءِ دربان کيس ٻڌايو ته ”مرزا ڪن ٿورن وزيرن سان هن ڀر سير ڪري رهيو آهي، توهان اڪيلا تشريف وٺي وڃو.“ هو غرور ۽ تڪبر وچان سڀ ماڻهو ديوانخاني ۾ ڇڏي، فقط هڪ ماڻهوءَ سان وڃي ڊونڊيءَ ۾ چڙهيو، جنهن ۾ مرزا جا ڪي ماڻهو ويٺل هئا، جنهن وقت  وچ واهه ۾ پهتا، تڏهن بابا علي دل جو نهايت قدآور ۽ سگهو مڙس هو، تنهن ٽپو ڏئي کڻي سندس ٻئي هٿ پٺيان محڪم ڪري جهليا. پوءِ ته هڪڙي سندس پڳ لاٿي ۽ ٻئي ترار ۽ جمدر کسيا، ۽ مضبوط ٻڌي مرزا ڏانهن خبر موڪليائون. حڪم ٿيو ته ”اتي ئي سيخون تپائي، سرائيءَ وانگيان سندس اکين ۾ گهمايو.“ جنهن کان هن جا ٻئي تارا وسدانيءَ وانگيان جهانجهرا ٿي پيا. بس پوءِ ته کيس پيرن ۾ ٻيڙيون وجهي، سندس ديري جي لٽڻ تي ماڻهو ڇڏيائون، سندس رفيق، جي سڀ بهادريءَ جي دعوا ڪندڙ هئا، نهايت برباديءَ سان لٽجي ويا. سندس عزيز جعفر علي ارغون ڪجهه ڌڪ هنيا، پر گرفتار ٿي پيو، ۽ ٻيا ماڻهو امان وٺڻ لاءِ وڃي مرزا جي ماڻهن جي چادرن ۾ لڪا. ديري کي ڦري لٽي، لشڪر ساڪري وڃي سندس سمورو مال هٿ ڪيو، پر هن جي تعلقدارن کي ڪو به ايذاءُ نه ڏنو. تنهن کانپوءِ ابوالقاسم ۽ جعفر عليءَ کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي عرب ڪوڪي جي نوڪر دريا خان هٿان، ٺٽي موڪليائون. محمد علي سلطان ڪابليءَ لاءِ حڪم ٿيو ته ”توپچي بندوقن جي قنداقن سان سندس ڪلهن جا هتا چٿين“، ۽ مٿس پٽهنس جي هاٿيءَ نه ڏيڻ جي تهمت رکي، کيس آتش خان جي حوالي ڪيو ويو. مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو پنهنجي  ڳڻتيءَ ۾ (شهنشاهه اڪبر جي) حضور ۾ ڀڄي ويو. هاڻي مرزا (غازي) دلجاءِ ڪري اچي ٺٽي ۾ ويٺو.

بابا طالب جو اچڻ:

چون ٿا ته اڪبر بادشاهه جي درٻار جو ايلچي بابا طالب، هنن ڏينهن ۾ مرزا جي وٺڻ لاءِ آيو هو ۽ اهي سڀ واقعا سندس اکين آڏو ٿيا هئا. اگرچ مرزا جي حضور ۾ پهچائڻ لاءِ هر روز تاڪيد ٿي رهيو هوس، پر ملڪ ۾ هيءُ فساد ڏسي ڍر ڪندو ٿي رهيو، کيس زبردستيءَ کڻي وڃڻ جيترو هن کي زور به ڪونه هو.

ملڪي انتظام سڌارڻ:

آخر پيءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻن سالن جي عرصي ۾ ملڪ جو پورو پورو انتظام ڪري، رعيت ۽ سپاهين کي عطائن ۽ انصاف سان پنهنجو گرويده بنايائين. راتين جو چمڙا پوش ڪري شهر ۾ چڪر ڏيئي رعيت جو پورو پورو احوال معلوم ڪرڻ، سندس دستور هو.

ڄام هالي جي بغاوت:

ڪڪراليءَ جي حاڪم ڄام ڏيسر جي پٽ ڄام هالي، مرزا جي ڪنهن جاگيردار کي سندس حدن اندر ڪهي فساد کڙو ڪيو، جنهن جي وير وٺڻ لاءِ مرزا مٿس حملو ڪيو. بخت جي زور هجڻ ڪري، ڄام هالي جو هڪ مائٽ ڄام داؤد سندس لشڪر جو سونهون ٿي پيو، ۽ دشمن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيائين، جنهن ڪري اهو ملڪ مرزا جي هٿ ۾ آيو.

مرزا غازي جي شادي:

ڄام داؤد ملازمت جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مرزا کي ڏئي، انهيءَ ملڪ ۾ زمينداريءَ جي درخواست ڪئي. هن جي حسن خدمتيءَ جي مد نظر تي (اها درخواست) قبول پيئي ۽ مٿئين ملڪ کي ٽي حصا ڪري، ڇڏيائون. ڄامن جي هيءَ مائٽي مرزا غازيءَ جي خصوصيت آهي، ڇاڪاڻ ته اڳيان ارغون ۽ ترخان انهيءَ لاءِ ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪري ويا، پر ڪجهه نه وريو.

سعيد خان جو اچڻ:

قصو ڪوتاه هاڻي خبر پهتي ته (اڪبر جي) حضور مان مرزا جي آڻڻ لاءِ نواب سعيد خان مقرر ٿيو آهي هيءَ خبر ٻڌي، اميرن کي گڏ ڪري چيائين ته ”جيڪڏهن زر ۽ خزانو هجيم ها ته هڪ دفعو وري به بابي وانگيان زور آزمايان ها. ٻيءَ صورت ۾، پوءِ صلح پري ڪو نه هو، جيئن اسان جو رعب تاب  زائل نه ٿئي ها. پهريائين لڪيءَ جي جبل وٽ آمدرفت جو رستو بند ڪري، هڪ مضبوط ننڍڙو قلعو ٺاهيون  ها پر خزاني جو هٿ اچڻ ڏکيو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته نواب سعيد خان جو لشڪر ۽ طاقت ۾ خان خانان کان وڌيڪ ٿو ٻڌجي. جي اچڻ کان اڳ حضور ڏانهن روانا ٿيون.“ اهو فيصلو ڪري، خسرو خان چرڪس، عرب ڪوڪه آله قلعي ديوان کي اعتماد جوڳي لشڪر سان ٺٽي ۾ ڇڏي، احمد بيگ سلطان لطف الله سلطان، خواجه امير بيگ بخشي ۽ خسرو خان جي پٽ ڀائيخان کي ٻين مقربن سميت پاڻ سان رکي فتح باغ ۾ ويهي حضور ڏانهن روانگيءَ جي تياري ڪرڻ لڳو.

مرزا ابوالقاسم جو قيد مان ڀڄڻ ۽ ٻيهر گرفتار ٿيڻ:

جنهن وقت ابوالقاسم سلطان، عرب ڪوڪه جي حويليءَ ۾ هن جي خدمتگار دريا خان جي نگرانيءَ هيٺ قيد ۾ ٿي رهيو، تڏهن ساڻس ايتري ته رعايت روا رکي ويئي جو کاڌي پيتي کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن زال يا لاسڙياٽ ڇوڪري جي گهر ٿي ڪيائين ته به کيس ڪنهن نٿي روڪيو. (هن انهيءَ آزاديءَ جو غلط فائدو وٺي مرزا) غازيءَ جي نڪري وڃڻ کانپوءِ، پنهنجي ڀيڻ سان صلاح ڪئي، جنهن کاڌي جي خونچي ۾ سندس لاءِ هڪ ڪند موڪلي هوڏانهن واهه تي  ٻيڙي تيار رکي، ٻئي ڪپ تي ٻه اٺ بيهاري ڇڏيا. آخر هڪ رات، اکين جي نور نه هوندي به، انهيءَ وڏيءَ حويليءَ مان جنهن کي بادگير کانسواءِ ٻاهر نڪرڻ جو ٻيو ڪو به رستو نه هو. چوڪيدارن جي ننڊ  پوڻ کان پوءِ اٿي اڪيلو ئي اڪيلو سمهڻ واري کٽ سوڌي بادگير هيٺان ڀت سان رکي بادگير مان مٿي چڙهي ويو، ۽ ٽه طبقي حويلي لتاڙي، هڪ سوڙهي دريءَ مان ڪمند محڪم ٻڌي، ايڏي تڪليف سان جو سندس بدن جي اڪثر کل لهي ويئي هئي، پاڻ کي زمين تي پهچايائين ۽ ٻيءَ حويليءَ مان جعفر عليءَ کي پاڻ سان وٺي، ٻيڙين تي واهه ٽپي، اٺن تي چڙهي کڻي شورن جي ڪوهستاني قوم وارو رستو ورتائين، صبح جو چوڪيدارن کي خبر پيئي تن هر طرف سوار خواهه پيادا ماڻهو ڊوڙايا. مرزا غازي فتح باغ ۾ اهو واقعو ٻڌي، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو ته متان اهو رستم ڪو لشڪر وٺي راتاهو ڏئي. دريا خان خانه خرابيءَ جي خوف کان هر گهاٽ ۽ گهيڙ تي انهن جو ڏس پڇندو رهيو. آخر ساموئيءَ جي ڳوٺ ۾ ٻڌائين ته اتان صبح جو ڪن سفيد پوش ماڻهن سان ڀريل ٻيڙي لنگهي هئي، تنهن کان پوءِ معلوم ٿيس ته چار ماڻهو ٻن اُٺن تي، جي ڪالهه هتي پئي چريا، سوار ٿي ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري جبل جو رستو وٺي ويا. سو انهيءَ ڏس تي ڊوڙي وڃي کين پهتو. پيادا جهنگ ۾ لڪي ويا، باقي ٻئي اٺ سوار ــ ابوالقاسم سلطان ۽ ٻيو جعفر علي ــ دريا خان جي اکين چڱيءَ طرح سڃاتا. پوءِ ته هڪدم پرواني وانگيان اڪيلو ئي اڪيلو وڃي جعفر عليءَ تي ڪڙڪيو. هن به گهوڙي جي ٻوٿ تي ڌڪ هنيو. هڪٻئي سان ٻه ٽي دفعا ڌڪا ڌڪي ڪرڻ کانپوءِ آخر ٻئي پيادا ٿيا، ۽ ڪجهه مارڪٽ کان پوءِ نيٺ جعفر علي قتل ٿي ويو. ابوالقاسم سلطان اٺ تان لهي ٿورا پٿر پاڻ وٽ گڏ ڪري هڻڻ لڳو. دريا خان چيس ته ”جيستائين منهنجو ٽڙيل پکڙيل لشڪر گڏ ٿئي، تيستائين اتي ويٺو رهج، چرندين ته ڪنڌ لاهي ڇڏيندوسانءِ!“ چوڻ  ڪاڻ ته اهي الفاظ چئي ويو، پر ساڻس ڪو به همراهه ڪونه هو، تنهن ڪري ماڻهن جي ڳولا ۾ اتان کان پوئتي موٽي آيو، ۽ اهو وقت ابوالقاسم سلطان کي اتي ڇڏي ڏنائين، دريا خان ويجهڙائيءَ واري هڪ ڳوٺ جو وڏيرو ۽ هڪ ٻيو ڳوٺاڻو هٿ ڪري، پاڻ سان رفيق ڪيو، پر ڇاڪاڻ ته بيخود ٿي ماڻهن جي ڳولا ۾ ڊوڙندو ٿي ويو، تنهن ڪري اها جنگ واري جاءِ ڀلجي ويو ۽ ان جي پتي ڪڍڻ کان عاجز ٿي بيهي رهيو. هو وڏيرو ڪارائتو ماڻهو هو، تنهن چيو ته ”جتي ماڻهو قتل ٿيو هوندو اتي ضرو ڪانو پهتا هوندا، تنهن ڪري جاچڻ گهرجي ته ڪانو ڪا جاءِ ڏيکارين ٿا يا نه.“ آخر انهيءَ پتي تي جاءِ هٿ ڪري، جعفر علي جو سر وٺي نيزي تي چاڙهي ابوالقاسم ـــ جنهن کي ٻڌي اُٺ تي ڪڙيو هئائون، جي سامهون رکي، شهر ۾ کڻي آيا، ۽ سڄو شهر ڦيرائي وڃي کيس قيد ڪيائون.

نقل آهي ته جعفر عليءَ جي ڪتي ڏاڍي وفاداري ڏيکاري، جيڪي ٻه ڏينهن سندس مالڪ جو سر بازار ۾ لڙڪيل هو، ته انهيءَ کان جدا نه ٿيو، ۽ دفن ڪرڻ کان پوءِ به ڪيترو وقت ماڻهو هن کي قبر تي ڏسندا رهيا.

عرب ڪوڪه ۽ دريا خان کي انعام سان نوازڻ:

مرزا غازيءَ، ابوالقاسم سلطان جي لڀڻ جي خبر ٻڌي عرب ڪوڪه جي لاءِ گهوڙو ۽ سروپا، ۽ دريا خان لاءِ سروپا ۽ مواجب جي اضافي (جو حڪم) موڪليو.

بکر ۾ سعيد خان سان ملڻ:

مرزا، ابوالقاسم جي ڪم جي دلجاءِ ڪري، فتح باغ کان اڳتي روانو ٿيو. بکر جي شهر ۾ نواب سعيد خان سان ملاقات ڪري کيس نياز واريءَ زبان سان دير جا سبب ٻڌايائين. مٿئين نواب سندس حال تي ڏاڍو توجهه ڏنو ۽ پنهنجي پٽ مرزا سعدالله کي چيائين ته ”هن جوان جي پيشانيءَ ۾ بخت جا نشان ظاهر آهن، ۽ توکي هن جو ڀاءُ بڻايان ٿو، تنهنڪري هڪٻئي سان ظاهري خواه معنوي برادري قائم ڪريو، جيئن دلگير نه ٿئي.“ هو ٻئي گهڻو وقت گڏ رهندا هئا ۽ پولو ۽ شڪار به گڏ ڪندا هئا.

”مرزا غازي ترخان“ ۾ راشدي صاحب مظهر شاهجهاني جو  حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ان وقت اڪبر بادشاهه سيوهڻ جي گورنر ابوالقاسم نمڪين کي به فرمان موڪليو ته هو ٺٽي وڃي مرزا غازي کي وٺي درٻار ۾ پهچائي. ان وقت سعيد خان درٻيلي ۾ هو ۽ ابوالقاسم  چاهيو ته ان کان اڳ ۾ ٺٽي پهچي مرزا کي پاڻ سان گڏ کڻجي، تنهن ڪري نصرپور پهچي مير عطاءُ الله مشهدي کي نياپو ڏئي مرزا ڏانهن موڪليائين. مرزا غازي چورائي موڪليو ته توهان هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نه ڪريو مان سيوهڻ ۾ اچي توهان سان ملان ٿو. ڪجهه ڏينهن بعد سعيد خان ۽ مرزا به اچي سيوهڻ پهتا ۽ اتان ٽئي آگره روانا ٿيا.

مرزا غازي اڪبر جي درٻار ۾:

آخر مقرر منزلون طئي ڪرڻ کانپوءِ 1013هه ۾ دارالخلافت آگره ۾ اعليٰ حضرت جي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري مرزا غازي، پيءُ واري منصب سان سر بلندي ٿي سنڌ جو پرڳڻو جاگير طور وٺي حضور ۾ رهڻ لڳو. ٿورن مهينن گذرڻ کانپوءِ تقدير سان بادشاهه جو قضيو ٿي پيو.

جهانگير جي حڪومت:

جهانگير جي حڪومت جو ستارو سلطنت جي مٿان چمڪيو. انهيءَ حالت ۾ ڪن بدخواهن جي صلاح تي، مرزا مخفي طور آگري کان ٺٽي ڀڄي آيو. مرزا جي ٺٽي ۾ پهچڻ تي، نورالدين محمد جهانگير بادشاهه جي طلب جو فرمان به اچي پهتو. تنهن سان گڏ مودي خان کي موقوف ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي ملڪ جو امين ۽ سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ضربخاني جي نگرانيءَ ۽ انتظام جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. مرزا غازي بيگ گهرائڻ تي هڪدم اعليٰ حضرت جي بساط بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو، ۽ انهن حاسدن جي مرضيءَ جي برخلاف جن پرپٺ سندس باري ۾ ڪي ڳالهيون عرض ڪيون هيون. اڳئين کان به وڌيڪ سرفراز ٿيو.

چون ٿا ته انهن ڏينهن ۾ بادشاهه جهانگير کي شهزادي خسرو جي مهم درپيش هئي، ۽ ان جي دفع ڪرڻ لاءِ اميرن سان صلاح ڪري رهيو هو. مرزا حضور ۾ پهتو، ته اميرن کي چيائين ته ”غازي مرزا کان پڇڻ گهرجي ته هن باري ۾ سندس راءِ ڪهڙي آهي.“ اميرن وراڻيو ته ”هو نوجوان ناتجربيڪار آهي، بادشاهي معاملات جي کيس ڪهڙي خبر.“ بادشاهه فرمايو ته ”آخر ملڪ جي واليءَ جو پٽ آهي، سندس راءِ ڪنهن به حالت ۾ غلط نه هوندي.“ بس پوءِ ته مرزا کي سڏڻ لاءِ ماڻهو پهچي ويو. زمين بوسيءَ جي شرف حاصل ڪرڻ کانپوءِ، بادشاهه فرمايو ته ”غازي مرزا، هن مهم ۾ تون ڇا ٿو چوين؟“ وراڻيائين”جيڪا راءِ عاليءَ جي تقاضا هوندي، اها ئي صحيح هوندي.“ فرمايائين، ”آخر ڪجهه ته ٻڌاءِ ته تنهنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟“ عرض ڪيائين ته ”دين ۽ دنيا جا قبلا، جڏهن هن ڪمترين غلام کي هن خصوصيت سان مخصوص فرمايو ٿا، تڏهن جيڪي منهنجي دل ۾ آهي سو انهيءَ وقت عرض ڪندس. جڏهن هڪڙو پير مبارڪ رڪيب ۾ وجهندا.“ ظاهراً بادشاهه جي راءِ پڻ پنهنجي سر وڃڻ تي هئي. هن جو مقصد معلوم ڪري، اميرن کي فرمايائين ته ”آخر شهزادو آهي، جيڪي چوي ٿو، اسان جي صلاح به اها ئي آهي، ۽ انهيءَ روانگيءَ جي ڪري، خسرو جو تدارڪ عنقريب دل گهرئي نموني تي ٿي ويو.

خسرو خان چرڪس جي شورش:

خسرو خان چرڪس ترخاني اميرن ۾ سڀ کان مٿانهون مرتبو رکندڙ هو، سندس عروج مرزا جاني بيگ جي دؤر ۾ ٿيو ۽ مرزا غازي جي گورنري واري دؤر ۾ سندس شهرت ۽ عظمت عروج تي هئي.

خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي ان ۾ خسرو چرڪس مرزا جاني طرفان وڏي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. خان خانان جڏهن مرزا جاني کي پاڻ سان گڏ هندستان وٺي ويو ته ٻين اميرن سان گڏ خسرو به مرزا سان هو. اڪبر جڏهن نصرپور، چاچڪان، ٺٽو، هالا ۽ جوڻ مرزا جاني کي جاگير ۾ ڏنو ته ان جو انتظام هلائڻ لاءِ مرزا ٻين سان گڏ خسرو کي به هندستان کان ٺٽي موڪليائين.

جاني بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا غازي جي نابالغ هجڻ ڪري ملڪ جو سڄو ڪاروهنوار خسرو هلائيندو هو ۽ ان جو سڄو خاندان ان ملڪ ۾ موج مستيون ڪندو هو. ان جي ڪري مرزا کي وڏين وڏين مصيبتن سان منهن ڏيڻو پيو ۽ جوانيءَ ۾ به ان جي اثر کي گهٽ نه ڪري سگهيو.

جڏهن مرزا غازي بيگ حضور ڏانهن ٿي ويو، تڏهن احمد بيگ سلطان کي ٺٽي ۾ رهائڻ ٿي چاهيائين ۽ خسرو خان چرڪس کي جنهن کان اطمينان ڪونه هوس، پاڻ سان گڏ وٺي ٿي ويو. خسرو خان کيس اتي ڇڏي وڃڻ لاءِ ماڻهو سفارشي آندا. هوڏانهن احمد بيگ سلطان پڻ چيو ته ”ملڪي ماڻهو خسرو خان سان ٺهيل آهن، تنهنڪري منهنجي هت رهڻ جو ڪو به وزن نه ٿيندو.“ تنهنڪري هن دفعي کيس پاڻ سان وٺي. جڏهن حضور ۾ حاضر ٿي نوازشن سان سرفرازٿيو، تڏهن حضور جي حڪم سان هن کي وري ٺٽي موڪلي، خسرو خان کي فوجداري (معاملات) کان سواءِ ماليات ۾ دخل نه ڪرڻ بابت لکيائين.

مرزا غازي بيگ کي اهو انتظام ان ڪري ڪرڻو پيو جو خسرو اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ سڀ محصول پاڻ وٺي هڙپ ڪري ويندو هو ۽ مرزا کي روپيو به نه ڏيندو هو. خسرو چرڪس جي مائٽن ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پيا ماڻهن کي ماريندا ۽ لٽيندا هئا، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي ويئي هئي. سنڌ جي ماڻهن مرزا ڏانهن لکيو ته خسرو جي سرڪشيءَ جي حالت اها آهي جو او (خسرو خان) خود را گماشته شمانمي پندارند، نواساي، خود رادر صوبه باسر انجام تمام صوبه ساخته، که هريک تقليد شها محدودارد.

محمد بيگ ولد رستم بيگ، نيرون ڪوٽ جي حاڪم متعلق انهن بيان ڪندي چيو آهي ته:

از غرور جواني و نخوت کامراني، بنوعي دماغ  بهم رسانيده کہ اکثر بر ارغون و ترخان تعدي سيد اشت، برکسي کہ بديدن اومي آمد، بجاي دست دادن، پاد راز ميکرد.

هن جا مائٽ مرزا جي مائٽن ۽ اهلڪارن سان به تاديون ڪندا هئا. بدين جي حاڪم فتح الله بن ڀائي خان جي تڪبر ۽ وڏائيءَ بابت تاريخ طاهريءَ جو مؤلف لکي ٿو ته:

روز عيد مرشد خارا ـــ کہ مرزا (غازي) اورا از پدرش بهائي خان بيشتر ميخواست بہ تکليف تمام از جاگير کہ در آن صوبہ داشت، طلب نموده، ازين قسم، آن نکتہ چين سخن آفرين را آزار داد، وبہ بي تورگي پيش آمد کہ مرزا هرگز بدين مردم چنين ادهاي ناشائستہ نکرده باشد، عاقبت چون بہ انباري قبل سوار گريده متوجہ عيدگاه گشت، مومي اليہ از آمدن منفعل گرديده بجاگير رفت ـــ طاهر نسياني سندس مائٽن جي باري ۾ اڳي لکي ٿو ته شيخ عبدالباقي جيڪو خسرو جو ڏوهٽو هو ۽ شيخ بهاءُ الدين ذڪريا جي اولاد مان هو، اهڙي خاندان مان هوندي به لوفر عبدالعزيز گوزو رنگريز جي محفل ۾ ويهندو ۽ ريح خارج ڪرڻ تي دوستن کي کلائيندو هو.

عوام خسرو چرڪس کان تنگ اچي چڪو هو ۽ ان کي پٽيندو هو.

احمد بيگ کي ذليل ڪرڻ جي سٽ:

مرزا ٺٽي جي انتظامن لاءِ احمد بيگ سلطان کي موڪليو ته خسرو چرڪس چڙي پيو ۽ شيخ ڪاله ۽ قاسم چرڪس کي گهرائي صلاح ڪيائين ته هڪ ڀيرو احمد بيگ کي ذليل ڪري مرزا غازي ڏانهن موڪلڻ گهرجي جيئن وري ٻيهر حڪومت جي خواهش نه ڪري. اهو فيصلو ڪري، ارغون جماعت کي گهرائي چيائين ته  ”سڀاڻي جيئن مرزا احمد بيگ، مرزا غازيءَ جي والده بيگم جو سلام ڪري ديوان عام ۾ ويهي، تيئن توهان سندس بيعزتي ڪجو.“ صبح جو احمد بيگ اهو معاملو معلوم ڪري جيڪي ماڻهو ساڻ آندا هئائين تن سان تڪڙو تڪڙو پنهنجي حويليءَ ۾ گهڙي ويو، ۽ اتان شاهه ابوالقاسم ارغون جي مدد سان جو نصرپور کان اچي پهتو هو. عمرڪوٽ جي رستي، حضور ڏانهن روانو ٿيو. ارغون جو ٽولو خسرو خان جي چوڻ تي گهڻو ئي سندس پٺيان پيو. پر هو حقيقي حافظ جي حفاظت ۾ سندن شر کان مهفوظ رهي، وڃي حضور ۾ حاضر ٿيو.

قنڌار ۾ گوڙ گهمسان:

سنه 1015هه ۾ شاهه بيگ خان جي ملازم حيدر جي نمڪ حراميءَ ڪري خراسان جو لشڪر، قنڌار تي ڪاهي، پورو سال شاهه بيگ خان تي گهيرو ڪري ويٺو. دارالخلافت مان مرزا فره خان جنهن کي انهيءَ صوبي جي سرداري عطا ٿي هئي (هن مهم کي سر ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. مرزا (غازي) پڻ انهيءَ سان شامل ڪيو ويو. بخت جي تائيد ڏسو، جو فره خان رستي ۾ گذاري ويو. هن جي وڪيلن سندس ڇڏيل سامان ۽ لشڪر سندس پٽ وٽ پهچائڻ چاهيو، جو بکر ۾ رهندو هو. مرزا، لشڪر جي بخشيءَ (خزانچي يا سيڪريٽري) کي چيو ته ”فره خان جي موت ڪري هن مهم کي دير ڪرائڻ، ۽ سندس لشڪر کي سندس پٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ بادشاهه جي خير خواهي ڪا نه آهي. اسان سڀ بادشاهه جا ملازم آهيون، سندس بخت اسان جو سردار آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته جنهن صورت ۾ منهنجو لشڪر ۽ خزانو منهنجي ملڪ ۽ جاگيرن مان اڃان مون وٽ نه پهتو آهي، توهان هي (سڀڪجهه) منهنجي حوالي ڪريو ته الله تي توڪل رکي هن مهم کي منهن ڏيان،. بادشاهي امير هن باري ۾ ويچار ڪرڻ لڳا، ته هوڏانهن مرزا ڪوچ جو نغارو وڄائي، ٻاهر نڪتو. لاچار سڀيئي هن جي مخالفت نافرمانيءَ جو سبب سمجهي سندس پويان لڳا. حسن اتفاق ۽ بخت جي تائيد اهڙي ٿي، جو هيءُ اڃا قنڌار ويجهو ٻه ٽي منزلون ڪري پهتو ئي ڪين، ته خراسان جو لشڪر واپس ڀڄي ويو، ۽ ”فتحنامو“ مرزا جي نالي لکيو ويو.

غازي بيگ کي فرزندي جو خطاب:

جڏهن جهانگير کي مرزا جي فتح جي خبر ملي  ته کيس پنج هزاري منصب کان ٻارهن هزاري منصب عطا ڪيائينس، ۽ ٺٽي سان گڏ قنڌار جي گورنري به ڏنائينس، شاهي فرمان اهو به جاري ٿيو ته ”غازي مرزا کي فرزندي جي خطاب سان نوازيو ويو آهي ۽ شهزادي جا سڀ لوازمات ان اڳيان ادا ڪيا وڃڻ، هڪ هزاري منصب وارا روزانو سندس ديوان ۾ ٻانهن ٻڌي بيٺا رهن ۽ ٻه هزاري وارا به هن جي ڪرسيءَ کان پري بيهن، قنڌار جي هر ڪم جو زمينوار هو آهي ۽ ان جو ئي حڪم هلندو، جيڪو وڻيس ڪري.

قنڌار ۾ ڏڪار:

جنهن زماني ۾ مرزا غازي بيگ قنڌار پهتو ان وقت اتي سخت ڏڪار واري حالت هئي ۽ اناج جي گهٽتائي ڪري مرزا جي لشڪر کي وڏين مصيبتن سان منهن ڏيڻو پيو. تحفة الڪرام ۾ آهي ته:

مرد مان مرزا غازي بسيار تلف وسوار پياده شدند.

تاريخ طاهريءَ جو مؤلف طاهر نسياني مرزا کان ڪجهه پوءِ قنڌار پهتو هو، هو ان ڏڪار کي بيان ڪندي لکي ٿو ته:

ڏڪار ايترو ته شديد هو جو ماڻهو ماني ڳڀي جي لاءِ سڪندا هئا ۽ در در پيا ڌڪا کائيندا هئا، مرزا جا سپاهي به ان ڏڪار ڪري گهڻا زيان ٿي ويا ۽ ڪيئي سوار پيادا ٿي ويا ۽ قرض جي بار ۾ دٻجي ويا.

طاهر نسياني پاڻ مرزا جي پريشانيءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته هو خود سردار خان ۽ مير بزرگ بن معصوم بکريءَ کان قرض وٺي گذاران ڪري پيو. سپاهي پگهار نه ملڻ ڪري مرزا جي حويليء وڃي صدا ڪندا هئا ۽ مرزا هڪ ڏينهن حڪم ڏنو ته مان جيڪو ڪجهه مشڪل وقت لاءِ رکيو هو سڀ انهن ۾ ورهائي ڇڏيو. (تاريخ طاهري ـــ ص 58 ـــ 257)

جهانگير کي اطلاع:

جڏهن حالتون هٿن مان نڪري ويون ته مرزا مجبور ٿي سڄو احوال جهانگير ڏانهن لکيو.

بکر ۾ اچڻ:

جهانگير جي حڪم تي مرزا سڄو لشڪر وٺي بکر آيو ۽ ملڪي حالتون سڌارڻ ۾ مصروف ٿي ويو. پهرين سال جي ربيع الثاني مهيني جي روزنامچي ۾ جهانگير لکيو آهي ته مرزا غازي کي ٽيهه لک دام انعام ڏنو ويو. اندازي مطابق اهو انعام گهڻو مرزا کي قنڌار جي مهم ۾ سوڀ ماڻن تي ڏنو ويو هوندو.

قنڌار جي دلجاءِ کانپوءِ جهانگير تفريح لاءِ لاهور کان نڪتو ته سندس ڪن مخالفن بادشاهه کي عرض ڪيو ته مرزا هاڻي پنهنجي وطن کان موٽي نه ايندو. تاريخ طاهريءَ ۾ آهي:

بعضي بعرض اقدس واعلى حضرت چناب معروض داشتند کہ او بعتبہ بوسي از ملڪ خويش بازنخواهد آمد.

جهانگير ان مهل ئي مرزا جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو فرمان جاري ڪيو. مرزا ان فرمان جي ملندي ئي بکر مان روانو ٿي اچي لاهور ۾ جهانگير جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. جهانگير کيس انعام سان نوازي قنڌار جي صوبيداري به ڏني، اهڙيءَ طرح اهي مخالف بادشاهه اڳيان ڏاڍا خوار ٿيا. ترخان نامي ۾ قنڌار واري مهم جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مرزا غازي قنڌار جي حڪومت سنڀالي ته ان جي قدرداني ڪري ڪي ئي عالم، فاضل، درويش ۽ شاعر سندس درٻار جي زينت بڻيا ۽ سڄي صوبي ۾ مرزا جي هاڪ ڦهلجي ويئي، ملڪي معاملن ۾ اهڙا سڌارا آندائين جو سڀ ماڻهو سندس ساراهه ڪرڻ لڳا ۽  شاهه ايران کيس پنهنجو پٽ چوندو ۽ قيمتي سوکڙيون پاکڙيون موڪليندو هوس. اهڙي دوستي ۽ ساراهه تي جهانگير جا ٻيا امير سڙڻ لڳا ۽ بادشاهه کي شڪايت ڪيائون ته مرزا شاهه ايران سان دوستي وڌائي اسان کي ڌوڪو ڏيندو ۽ باغي ٿي بيهندو. جهانگير امتحان طور ان مهل ئي کيس گهرائڻ جو حڪم جاري ڪيو. مرزا کي جيئن ئي قنڌار ۾ اهو حڪم مليو ته سترهن ڏينهن جي ٿڪائيندڙ مسافري ڪري لاهور بادشاهه جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو، بادشاهه ان وقت شڪار ۾ مصروف هو مرزا غازي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مختلف مهربانين سان نوازي پنجاب جا ڪجهه پرڳڻا به کيس جاگير ۾ ڏنا. (ص 91 ــ 92)

واقعن جي حساب سان تاريخ طاهريءَ جو بيان صحيح لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته مرزا غازي کي ملتان جي جاگير بادشاهه لاهور ۾ موجود هئڻ وقت ڏني هئي ۽ هو اتان قنڌار ويو هو، ڏڪار وقت سردار خان بادشاهه جي حڪم سان قنڌار پهتو ۽ مرزا بکر آيو. انهيءَ وچ ۾ بادشاهه جا ڪن ڀريا ويا ۽ مرزا لاهور درٻار ۾ حاضر ٿي بادشاهه کي پنهنجي فرمانبردريءَ جو يقين ڏياريو ۽ جهانگير خوش ٿي ڪري قنڌار انعام طور ڏئي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو. ايران جي بادشاهه سان لاڳاپا ۽ ان هنڌ سندس شهرت بعد جون ڳالهيون آهن. ان ڪري توزڪ جهانگيري جي جشن ٽين جي تحريرن مان جيڪو نتيجو نڪري ٿو ته اهو هي آهي ته جڏهن هو ٻيو ڀيرو قنڌار ويو آهي ته اهو بکر کان ويو آهي. ۽ ملتان آگره کان لاهور پهچڻ وقت مليس، ڇاڪاڻ جو ٺٽو ته اڳ ۾ هن وٽ هو، قنڌار وڃڻ وقت پنج هزاري منصب سان گڏ نقارو به ڏنو ويو ۽ اتان موٽڻ وقت ٽيهه لک دام سان نوازيو ويو. آخر م ٺٽو، بکر ۽ ملتان سان گڏ قنڌار جي حڪومت به حوالي ڪئي ويئي.

وطن ڏانهن ورڻ:

مرزا غازي بادشاهه کان اجازت وٺي ملتان پهتو، تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته:

چون از حضور مرخص گرديد، در بلده ملتان رسيد صلاح دولت درين يافت کہ معاملات آنجا را فيصل داده بحال مدي پردازد، واحب دخلان را طلب نموده (ص ـــ 259)

مرزا غازي ملتان ۾ معاملا سڌاري وطن وريو ۽ سوچڻ لڳو ته في الحال هتي ئي رهي ڪري اندروني خلفشار دور ڪجي ۽ پنهنجو نائب قنڌار موڪلجي، ان لاءِ پنهنجي مائٽ مرزا بهرام ولد مرزا امان ترخان جي چونڊ ڪيائين ۽ ان لاءِ هڪ سٺو هاٿي، گهوڙا ۽ گهر جي سامان سان گڏ چونڊ ارغون ۽ ترخان سپاهي تيار ڪرايائين. پر بهرام عين روانگي وقت بهانو ڪري بيهي رهيو ته مون کي هي پٽڙو پنهنجي ماءُ وٽ پهچائڻو آهي، ان ڪري هينئر مون کي اجازت ڏيو، اتان موٽي پوءِ جيڏانهن موڪليندؤ ويندس. مرزا کي پنهنجي انهيءَ مائٽ جي چونڊ تي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ۽ پوءِ آخر زمينداري ۽ انعام احمد بيگ سلطان جي حوالي ڪري کيس معتمد خان جي خطاب سان نوازي قنڌار ڏانهن اماڻيو.

احمد بيگ سلطان قنڌار پهچي ڪم ڪارين کي ڏاڍي سهڻي نموني هلايو ۽ عوام ۽ لشڪر ۾ سرهائي ڦهلجي ويئي.

مرزا غازي جو بکر ۾ ترسڻ:

احمد بيگ کي قنڌار روانو ڪري ملتان جي عملدارن ۾ جيڪي خرابيون پيدا ٿي چڪيون هيون، انهن کي رفع ڪري بکر هليو آيو. بکر ۾ خسرو چرڪس جي ڪاررواين جي خبر پيس ۽ هونئن به ٺٽي جي ڍلن مان مرزا کي صرف نالي ماتر ئي پيسا ملندا هئا، ان ڪري ڪي اهم فيصلا ڪرڻ واسطي تاريخ طاهري مطابق پنهنجي ماءُ ڪلان ۽ ٻين اهم سردارن کي ٺٽي مان گهرايائين، سڀني سان صلاح ڪري ۽ ڪي خاص فرمان جاري ڪري ڪن سردارن کي پاڻ سان جنهن ۾ خسرو چرڪس جو پٽ ڀائي خان به شامل هو، گڏ قنڌار وٺي ويو ۽ باقين کي واپس ٺٽي موڪليائين.

عجيب ڳالهه اها آهي ته مرزا غازي بيگ، خسرو چرڪس جون ايتريون حرڪتون ٻڌي به عوام کي ان بدبخت جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو ۽ اقتدار کان کيس الڳ نه ڪيائين. لڳي ٿو ته هو ان معاملي ۾ مجبور هو تنهن ڪري عوام جي ڀلائي لاءِ ٻيون ڪوششون ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org