سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :34

 

 

ڪلهوڙا خاندان جو ٻيو حڪمران

محمد مراد ياب خان

1167هه (54ــ 1753ع) کان 1170هه (1757ع)

ميان نور محمد جي وڇوڙي کان پوءِ سڀني اميرن وزيرن محمد مراد ياب خان کي عمرڪوٽ ۾ تخت تي ويهاريو ۽ احمد شاهه ابدالي جيڪو ان وقت نوشهري ۾ هو، کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي حڪمراني محمد مرادياب کي ئي ڏني وڃي. احمد شاهه اها درخواست قبول ڪئي ۽ کيس شاهه نواز خان جي خطاب سان نوازيائين.

مير ابو القاسم اها تاريخ ”ان فضلة کان عليک“ سان ڪڍي آهي.

محمد مرادياب کي بادشاهه بڻائڻ واري رسم نصرپور ۾ ادا ڪئي وئي ۽ اتي هڪ نئين شهر مراد آباد جو بنياد وڌو ويو. محمد مراد، شيخ ظفر الله کي ٺٽي جو گورنر ڪيو.

چيو وڃي ٿو ته محرم 1171هه ۾ سنڌو درياءَ جي ٻوڏ مراد آباد شهر کي ميساري ڇڏيو.

ڄام ڪڪرالا سان جنگ:

ڪڪرالي جو ڄام جيڪو هميشه ڪلهوڙن جي اکين جو ڪنڊو رهيو، ان ڪنڊي کي ڪڍڻ لاءِ محمد مرادياب صائب تدبيرن سان جنگ ڪري سندس ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ کيس ڪوداريه کان ديري ڀڄائي خورد، اوڇا، لنجاري، ميران ۽ ڪجي جي زمين تي قبضوڪري ورتو ۽ ان کي ڇانوڻي ڪري اتي هڪ قلعو ٺاهرائي ڇڏيائين.

محمد مرادياب ٻن سالن تائين ته آرام سان حڪومت ڪئي پر پوءِ سندس غلط قدمن جي ڪري ملڪ جي حالت خراب ٿيندي وئي ۽ ماڻهو کانئس بيزار ٿي ويا، جنهن جي ڪري حڪومت کان هٽڻو پيس. تحفة الڪرام جي صفحي 340 تي سندس هٽجڻ ۽ قيد ۾ وڃڻ جي باري ۾ آهي ته: عوام کي ۽ خاص طور تي سرائي سردارن کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيائين. ڇاڪاڻ ته انهن جي گهڻي مداخلت کان تنگ اچي چڪو هو، جنهن جي ڪري هن پنهنجو آهستي آهستي خزانو مسقط منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ۽  پاڻ به اوڏانهن وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو.

محمد مرادياب جي معزولي:

ملڪ جي خير خواهن کان اهو ڪيئن برداشت ٿي پئي سگهيو، سو 13 ذوالحج 1170هه تي سردارن گڏجي ڪري رات جو مٿس حويلي تي حملو ڪيو ۽ ٻارن سوڌي قيد ڪري ورتو.

”انشاءِ عطادر“ ۾ هڪ خط آهي جيڪو ميان عبدالنبي جي عهد ۾ افغانستان جي بادشاهه ڏانهن اماڻيو ويو، ان خط ۾ محمد مرادياب جي معزولي جو ذڪر هن طرح آهي:

محمد مراد ياب خان پنهنجي خانداني طور طريقن ۽ عباسي شان ۽ شوڪت کان باغي ٿي چڪو آهي، تنهنڪري سڀني فقيرن، بلوچن ۽ جاٽن صلاح ڪري ميان غلام شاهه کي پنهنجو اڳواڻ ڪري سڀئي ملڪي معاملا انهيءَ جي هٿ ۾ ڏنا آهن ۽ پاڻ ڏينهن رات سندس حڪمن جي پورائي ۾ لڳا پيا آهن.

(تاريخ سنڌ ــ مولانا مهر ”جلد 2، 551“)

محمد مراد جي وفات:

محمد مرادياب شهدادپور کان پوءِ مراد آباد جي قيد گهر ۾ آيو ۽ جون 1757ع ۾ وفات ڪيائين.

اولاد: محمد مراد ياب کي ٻه پٽ حسن علي ۽ عباس علي هئا، جيڪي ميان غلام شاهه جي وقت ۾ ناحق ماريا ويا.

ميان مراد ياب جي دؤر تي تبصرو:

ميان مرادياب پنهنجي چئن سالن جي حڪومت ۾ ٻه سال ته ڏاڍا سٺا گذاريا پر پوءِ سندس ظلمن ۽ دولت جي حرص ڪري مريد ۽ فقير خلاف ٿيندا ويا ۽ ملڪ بدحاليءَ جي ور چڙهندو ويو.

 

ميان غلام شاهه ڪلهوڙو

1170هه (57ـ 1756ع) کان 1186هه (1772ع)

ميان مرادياب کانپوءِ نور محمد ڪلهوڙي جي پنجين پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حڪومت سنڀالي پر ان جي منظوري افغاني درٻار مان ضروري هئي.

اڃا ميان غلام شاهه جي حڪومت کي مهينو مس گذريو ته سنڌو درياءُ جي اڀار مراد آباد شهر کي ٻوڙي ڇڏيو.

الا آباد جو بنياد:

ميان غلام شاهه مراد آباد ڇڏي ڪري پنهنجي والد جي اڏايل شهر محمد آباد ڀرسان هڪ نئين شهر الا آباد جو بنياد رکيو.

احمد يار خان جي بغاوت:

سرائي سردار ۽ ٻيا امير ته ميان غلام شاهه جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳا پر سندس ڀاءُ احمد يار خان جي خدا آباد ۾ بغاوت ڪري ملڪ ۾ بي چيني پکڙجي وئي.

محمد عطر خان جي مخالفت:

افغاني درٻار ۾ ضامن طور رهيل نور محمد جي ڇهين پٽ عطر خان مرادياب خان جي لهڻ جي خبر ٻڌي ته احمد شاهه ابدالي کان سنڌ جي حڪومت جو پراڻو وٺي ڇڏيائين. احمد يار خان کي انهيءَ پرواني جو پتو پيو ته خدا آباد ۾ ويهي ڪري عطر خان جي حمايت لاءِ  لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. هوڏانهن ٻين سردارن به عطر خان کي اصل مالڪ سمجهي ميان غلام شاهه خلاف سازشون ڪرڻ لڳا، جنهن جي ڪري کيس مجبور ٿي جيسلمير ڀڄڻو پيو. جواهر عباسيه مطابق مير بهرام خان ٽالپر به سندس ساٿ ڇڏي ويو ۽ وٽس ڪجهه ماڻهو وڃي بچيا.

محمد عطر خان جي سنڌ ۾ موٽ:

محمد عطر خان وطن موٽيو ته احمد يار خان ۽ عوام سمجهو ته هو ضرور مرادياب کي وري ٻيهر تخت تي ويهاريندو پر هن اچڻ شرط مرادياب کي خدا آباد ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي هر ڪو ڏاڍو مايوس ٿيو.

تحفة الڪرام ۾ آهي ته: سرائين سمجهو هو  ته عطر خان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ڀاءُ مرادياب لاءِ ڪيو آهي. عطر خان آيو ته مرادياب ساڻس ملڻ آيو پر هن ملڻ کانسواءِ کيس خدا آباد موڪلي ڇڏيو، جنهن تي سڀ ماڻهو ڪاوڙجي ويا پر بادشاهه جو پروانو وٺي اچڻ ڪري سڀني کي اطاعت ڪرڻي پئي. (طبع راشدي ـــ ص 466)

بيڪانير ڏانهن وڃڻ:

ميان غلام شاهه بيڪانير پهچي بهاولپور جي رئيس محمد مبارڪ خان ثاني کي پاڻ وٽ رهائش جو بدوبست ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن ميان صاحب ڏانهن ماڻهو موڪلي ڀليڪار چيو.

غلام شاهه کان پوءِ سنڌ جي حالت:

ميان غلام شاهه  جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ عطر خان جي ظلمن، مستين ۽ لاپرواهين جي ڪري وڌيڪ ڏچي ۾ اچي ويئي. مراة عباسيه ۾ آهي ته عطر خان جي غفلت، بد مزاجي ۽ عذابن ڪري سڀ سردار ۽ عوام آزار ۾ اچي ويا ۽ ميان غلام کي گهرائڻ لاءِ هڪ ڳجهو خط لکيائون.

غلام شاهه جو سنڌ اچڻ:

سنڌ جي سردارن ۽ عوام جي انهيءَ خواهش جي ميان غلام شاهه بهاولپور جي رئيس محمد مبارڪ خان سان صلاح ڪئي ۽ کانئس مدد گهري. مبارڪ خان پنهنجي ڀائرن فتح محمد خان، مهرو خان، احمد خان فيروزاني ۽ پنهنجي خاص ماڻهو ڄام خان علاني کي غلام شاهه سان گڏ موڪليو. ميان غلام شاهه پنهنجا ماڻهو ملتان موڪلي سعدالله خان بابي، شير محمد خان ۽ ٻين افغانين کي پاڻ وٽ نوڪري ڏني. رمضان جي مهيني ۾ بهاولپور جي رئيس وٽ پنهنجي پٽ سرفراز خان ۽ گهر ڀاتين کي ميان غلام شاهه ڇڏي سنڌ ڏانهن نڪتو.

روهڙيءَ جي جنگ:

هيڏانهن عطر خان کي خبر پئي ته لشڪر وٺي اچي 11 جون 1757ع تي روهڙيءَ  ٻاهران انرڪس واهه وٽ جنگ جوٽيائين. ميان غلام شاهه گهٽ لشڪر هوندي به وڏي بهادريءَ سان وڙهيو ۽ احمد يار ۽ عطر خان کي ڀچڻ تي مجبور ڪيائين.

محمد مرادياب جي تعزيت:

ميان غلام شاهه عيد الفطر جي نماز روهڙيءَ ۾ پڙهي پوءِ سيوستان اچي محمد مرادياب جي تعزيت ڪيائين، جيڪو هاڻي گذاري چڪو هو.

شوال 1171هه جي آخر ۾ الا آباد پهچي پنهنجي پٽ ۽ ٻين کي ديدار ڪرايائين ۽ ڪجهه ڏينهن اتي رهي محمد آباد هليو آيو. ميان غلام شاهه هن ڀيري صرف اڍائي مهينا حڪومت ڪئي.

احمد يار ۽ عطر خان جي گرفتاري ۽ آزادي:

روهڙيءَ ۾ هار کائڻ کان پوءِ احمد يار ۽ عطر خان قلات ڀڄي ويا پر قلات جو حاڪم نصير خان ميان غلام شاهه جو دوست هو تنهن ڪري ٻنهي کي جيل ڀيڙو ڪري ڇڏيائين. افغان درٻار ۾ سنڌ جي نمائندو ديوان گدومل ٻنهي جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ احمد شاهه ابدالي نصير خان کان ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿيو ۽ پنهنجون فوجون اوڏانهن موڪليائين. حملي وقت عطر خان ۽ احمد يار قيد گهر مان نڪتا ۽ ديوان گدو مل جي ڪوششن سان عطر خان کي سنڌ جي حڪومت ملي ۽ احمد يار خان، احمد شاهه ابدالي وٽ درٻار ۾ پهتو.

سنڌ جي ورهاست:

تحفة الڪرام ۾ آهي ته عطر خان عطائي نالي هڪ امير کي پنهنجي لشڪر سان گڏ وٺي سنڌ ڏانهن نڪتو. هوڏانهن ميان غلام شاهه کي خبر پئي ته هو به ربيع الثاني 1172هه ۾ ڪجي پهچي ان کي شاهه ڳڙهه جو نالو ڏنائين ۽ ان جي سامهون هڪ بندرگاهه ٺهرايائين ۽ اتي ئي هڪ مضبوط قلعو ۽ حويلي جوڙائي گهر ڀاتين کي پنهنجي پٽ محمد سرفراز جي نگرانيءَ ۾ ڏئي پاڻ ڀائرن جي مقابلي لاءِ نڪتو.

ٻئي ڀاءُ لشڪر سان گڏ اچي چاچڪان۾ پهتا ۽ هڪٻئي تي وار ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون پر عطر خان پنهنجي فوج جو هيڻو حال ڏسي ڳالهين ڪرڻ لاءِ آيو. ملڪ کي ٽن  ڀاڱن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ شاهه ڳڙهه کان وٺي نصرپور تائين، ان ۾ ٺٽو به اچي ويو، ميان غلام شاهه جي حصي ۾ آيو ۽ باقي سنڌ سندس ڀائرن عطر خان ۽ احمد يار کي ملي. هي ميان غلام شاهه جو ٻيو دؤر هو ۽ شاهه ڳڙهه ۾ رهي ڪري ملڪي معاملا هلائيندو رهيو، جڏهن ته عطر خان نوشهري ۾ هو.

رمضان 1172هه تائين ته ان فيصلي تي عمل ٿيندو رهيو، پر پوءِ احمد يار خان ۽ عطر خان ۾ اختلاف ٿي پيا ۽ احمد يار شاهي درٻار ۾ پنهنجو پٽ ضامن رکي سنڌ جو پروانو وٺي نڪتو. غلام شاهه کي خبر پئي ته ٺاهه ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳو. هوڏانهن احمد يار اڃا پروانو کڻي سنڌ پهتو ئي نه هو ته عطر خان، غلام شاهه کي خط لکيو ته مان ملڪ ڇڏي وڃان ٿو، هاڻي توهان ٻئي ڄاڻو!

غلام شاهه ان خط کانپوءِ وڌي ڪري سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ۽ فساد ڦهلائيندڙ کوسن کي لاڙڪاڻي ۾ ۽ پوءِ جويا ۽ نلي ۾ ماري مات ڏئي پوري سنڌ ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايائين.

ميان غلام شاهه جي حڪومت جو مستقل دؤر:

توڙي جو ميان غلام شاهه جو هاڻي پوري سنڌ تي قبضو هو ۽ عطر خان ۽ احمد يار به ٻاهر هئا پر افغاني درٻار کان پروانو نه ملڻ ڪري کيس پوري طرح اطمينان نه هو ۽ ٻيو ته عطر خان ۽ احمد يار دائودپوٽن سردارن وٽ پناهه ورتي موقعي جي تاڙ ۾ هئا. سنڌ جا ڪجهه سردار به سرڪش ٿي ويٺا هئا. هي هيون سنڌ جون حالتون ميان غلام شاهه جي هن چوٿين دؤر ۾.

ٺٽي تي ڌيان ڌرڻ:

ٺٽو جيڪو مظلوم شهر هو ۽ اتي عطر خان جي ڏينهن ۾ ڏاڍا ظلم ٿيا. تحفته الڪرام  مطابق جوکين جي ڪن ڦورن ڏينهن ڏٺي جو شهر ۾ ڦريون ۽ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا هئا، ٺٽي جي مشهور پاڙي مولا کي لٽي گهر ڊاهي هليا ويا.

ميان غلام شاهه اهڙيون حالتون ڏسي محمد قائم ڪوڪلتاش کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو، جنهن اتي پهچي ماڻهن کي پراڻن ڪارندن ۽ پٺاڻن جي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ افغانين جي آزار کي به ختم ڪيو.

عطر خان ۽ احمد يار جا حملا:

عطر خان ۽ احمد يار سنڌ کان ڀڄي بهاولپور جي اولهندي پاسي ۾ بهار خان علاني ۽ اختيار خان منڌاڻي وٽ رهيل هئا، ٿوري وقت کان پوءِ احمد يار خان ته هندستان هليو ويو پر عطر خان ڳڙهي اختيار خان ۾ رهي ڪري سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ فوج تيار ڪري رهيو هو.

بهاولپور جي والي محمد مبارڪ خان ثاني کي جڏهن بهادر خان ۽ اختيار خان جي اهڙين حرڪتن جي سڌ پئي ته کين چورائي موڪليائين ته ميان غلام شاهه اسان جو گهڻ گهرو دوست آهي ۽ ان خلاف عطر خان جي مدد ڪرڻ کان مڙي وڃو. پر  ٻنهي ڪن لاٽار ڪري ڇڏي.

هيڏانهن جيسلمير جو راجا سالن کان دائودپوٽن خلاف وجهه ڳولهي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته اهي سندس ڪجهه علائقو ڦٻائي ويٺا هئا، سو کڻي غلام شاهه کي خط لکي بهادر خان جي ڪرتوتن جي خبر ڏنائين ۽ پنهنجا علائقا واپس وٺي ڏيڻ لاءِ چيائين. غلام شاهه بهادر خان ڏانهن لکيو ته جيسلمير جي راجا کي پنهنجا علائقا واپس ڏي. بهادر خان اهي واپس ڏيڻ بجاءِ جيسلمير مٿان حملو ڪري ڏنڊ رکي ڇڏيائين.

ميان غلام شاهه جون ٺاهه لاءِ ڪوششون:

ميان غلام شاهه پنهنجي ماٺيڻي طبيعت ڪري بهاولپور جي والي محمد مبارڪ خان کي خط لکي پنهنجي ڀاءُ سان ٺاهه ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ جاگير ۽ خرچ ڏيڻ جو واعدو به ڪيو.

ميان غلام شاهه جي چوڻ تي مبارڪ خان اها زمينواري پنهنجي هڪ مائٽ علي مراد کي سونپي. علي مراد عطر خان کي راضي ڪرڻ ۽ جاگير وٺڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر هو غلام شاهه کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو ۽ هڪ ڀيري ته ڪاوڙ ۾ مٿي تان پڳ ڪري پيس. علي مراد مايوس ٿي ڪري آخر اٽڪل سان رستم خان ذريعي بهادر خان کي چورائي موڪليو ته غلام شاهه وٽ تمام گهڻي فوج ۽ هٿيار آهن، ان سان وڙهڻ لاءِ مبارڪ خان کي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪجي ۽ ان مدد تائين چپ ڪري ويهجي. بهادر خان تڏهن به نه مڃيو ۽ جواب ڏنائين ته عطر خان منهنجي در تي آيو آهي، جيستائين ان کي سنڌ نه وٺي ڏيندس ايستائين آرام سان نه ويهندس.

اوٻاوڙي جي جنگ:

جڏهن ميان غلام شاهه سمجهو ته جنگ کانسواءِ ڪو چارو ناهي ته ڇهه هزار سپاهي وٺي اچي اٻاوڙي ۾ بهادر خان سان جنگ جوٽيائين. بهادر خان جيئن ئي مورچي مان ٻاهر نڪتو ته هڪ افغان سپاهي سڃاڻي ورتس ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، پوءِ ته گولين سان کيس گهوڙي سوڌي پروڻ ڪري ڇڏيائونس. ان کانپوءِ اڳتي وڌي هڪ سپاهي بهادر خان جي منڍي وڍي اچي غلام شاهه اڳيان پيش ڪئي ۽ انعام وصول ڪيائين. بهادر خان جي ڀاءُ قائم خان جڏهن پنهنجي فوج کي مرندي ڏٺو ته عطر خان کي وٺي فرار ٿي ويا.

ميان غلام شاهه فتنن جي ڳڙهه ڳڙهي اختيار خان کي صفا برباد ڪرڻ پئي چاهيو پر محمد مبارڪ خان ۽ علي مراد جي چوڻ تي مڙي ويو ۽ اوٻاوڙي کان ئي واپس موٽي اچي 25 محرم 1173هه تي نئين آباد ڪيل شهر شاهپور ۾ رهي پيو ۽ اتي ئي پنهنجي پٽ ۽ ٻين سردارن کي گهرايائين.

ڪڪرالي جي ڄام کي سبق سيکارڻ:

1173هه تي ميان غلام شاهه ڪڪرالي جي ڄام ڏيسر کي سبق سيکارڻ لاءِ محمد صديق ويس ۽ ٻين سردارن کي موڪليو، جن ڄام مٿان حملا ڪري کيس پوئتي ڌڪي قلعي آباد مان ڪڍي ڪڇ ڀڄائي ڇڏيو. ڄام جو پٽ هر دور جي ميان صاحب جو ساٿي هو.

خطاب ۽ انعام:

1175هه (1761ع) ميان غلام شاهه کي شاهي درٻار طرفان ”شاهه ويردي خان“ خطاب ۽ سنڌ جي سند سان گڏ قيمتي تحفن سان نوازيو ويو. مولانا مهر صاحب مطابق اهو سڀ ڪجهه ديوان گدومل جي ڪوششن سان ٿيو.

 

ڪڇ تي ڪاهه

 

پهرين ڪاهه:

غلام شاهه کي ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پونجي سيٺ همٿايو جيڪو پنهنجي پيءُ جي قتل جو بدلو ڪڇ جي راجا لاکي کان وٺڻ پئي چاهيو. راجا لاکي کانپوءِ سندس پٽ گادي تي ويٺو ته پونجي پهرايان ڪنڌ ڪوٽ ۽ پوءِ ديوان گدومل سان خط پٽ معرفت ميان غلام شاهه جي درٻار ۾ اچي پهتو.

تحفة الڪرام ۾ آهي ته 9 ربيع الثاني 1176هه (28 آڪٽوبر 1762ع) تي ڪڇ جي ڪافرن کي سڌو ڪرڻ لاءِ ميان غلام شاهه نڪتو. رستي ۾ سندري قلعو فتح ڪري جاڙي جبل تي اٽڪل ڇهه هزار ڪافرن کي تلوار جو کاڄ بڻايائين.

تاريخ سنڌ جي ٻئي جلد جي صفحي 626 تي مولانا مهر صاحب ان جنگ جي باري ۾ لکي ٿو ته: جاڙي واري جنگ کي ان ڪري اهميت حاصل آهي جو سنڌي صرف ستر هزار هئا ۽ ڪڇ جي راجا لاکي جي پٽ سڀئي کوهه پٿرن سان لٽائي ڇڏيا هئا، تنهن ڪري بنا پاڻيءَ جي ڪڇ جهڙي ملڪ ۾ اڳتي وڌڻ ڏاڍو مشڪل هو پر پوءِ به ميان غلام شاهه جي مضبوط ارادن اڳيان ڪائي شيءِ رڪاوٽ نه بڻجي سگهي.

ٽوبن مل جو بيان آهي ته: جاڙي جبل تي سڀ کان اڳ پهچڻ وارو سردار مير بهرام ٽالپر ۽ سندس ساٿي هئا، نه ته مٿان بارود جو اهڙو وسڪارو سنڌي سپاهين تي ٿئي ها جو ڪو پنهنجي جاءِ تي نه بيهي سگهي ها.

تحفة الڪرام ۾ آهي ته: جاڙي جبل کان پوءِ سوڀارو ٿي ميان غلام شاهه ڀڄ جي تخت گاهه کان صرف ٻارهن ڪوهه پري وڃي پهتو. بستا بندر ۽ لکپت بندر به فتح ڪري ورتائين.

تاريخ سنڌ ۾ مولانا غلام رسول مهر صفحي 228 تي لکي ٿو ته ميان غلام شاهه جون فوجون جڏهن ڪڇ جي ڀرسان پهتيون ته راءِ لاکي جي پٽ پونجي سيٺ کي صلح لاءِ موڪليو ۽ بستو بندر ۽ لکپت بندر ميان صاحب جي حوالي ڪيائين. شرطن ۾ راءِ جي ڀيڻ ميان غلام شاهه کي ڏني ويئي ۽ انهيءَ جي ذمينواري پونجي سيٺ کنئي.

انهيءَ سڀ کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 17 جنوري 1763ع تي شاهه پور ۾ موٽي آيو.

ٻين ڪاهه:

ميان غلام شاهه جي موٽڻ کان پوءِ راءِ لاکي جو پٽ پنهنجي واعدن کان ڦري ويو، سيٺ پونجي کيس  گهڻو سمجهايو پر هو نه مڙيو ۽ ڪاوڙجي ڪري سيٺ کي زهر جو پيالو پياري ڇڏيائين، جنهن تي ميان غلام شاهه  هڪ ڀيرو ٻيهر 65 ــ 1764ع ۾ ڪڇ تي فوجون ڪاهي آيو. رستي ۾مورو قلعو لتاڙي ڪڇ جي ڀرسان پهتو ته راءِ وري ايلاز منٿون ڪري معافي گهري ۽ بدلي ۾ پنهنجي سؤٽ ايسو جي ڌيءَ ميان جي نڪاح ۾ ڏني، ميان غلام شاهه 13 مارچ 1762ع تي ساڻس شادي ڪري کيس سنڌ راڻيءَ جو خطاب ڏنو.

ٻيون خطاب:

ڪڇ جي سوڀ کان پوءِ افغاني درٻار مان ميان صاحب  کي ”صمصام الدوله“ جو خطاب مليو. ڪڇ کان موٽي اچڻ تي گهڻي مٽي ۽ هوا جي ڪري پراڻي شاهپور کان ميان صاحب نئين شاهپور لڏي آيو، جيڪو اڄ به سڪرنڊ ۾ هڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آهي.

انگريزن جو اچڻ:

26 سيپٽمبر 1613ع تي انگريزن پهريون ڀيرو سنڌ ۾ قدم رکيا ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو جهاز ديبل بندرگاهه تي پهتو. وري انگلستان جي بادشاهه جيمس پهرين جو سفير سنڌ ۾ تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ جو سنيهو کڻي آيو، جنهن کي عملي شڪل 1635ع ۾ ملي. انهيءَ ڪوٺيءَ جو مقصد هتان جو قلمي شورو يورپ پهچائڻ هو پر 1662ع ۾ اها ڪوٺي انگريزن کي ڪنهن سبب ڪري بند ڪرڻي پئي. پنجانوي سال کانپوءِ انگريزن کي 22 سيپٽمبر 1758ع تي رابرٽ سمپٽن جي مدد سان وري ٻيهر ميان غلام شاهه کان ڪوٺي کولڻ جو اجازت نامو مليو ۽ ان ڪوٺيءَ جو انتظام سيمرئيل بوشيئر کي ڏنو ويو. 22 اپريل 1761ع تي مسٽر ارسڪن قلمي شوري جي واپار جو لائسنس به حاصل ڪري ورتو.

واپار جي اجازت ۽ رعايتن جي باوجود به انگريزن جي دلين ۾ کوٽ هئي. ميان غلام شاهه ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ مهل انگريزن کان جنگي ٻيڙو گهريو ته انهن اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ڪڇ جي راجا سان اسان جا ويجها لاڳاپا آهن، جيڪي ان سان ختم ٿي ويندا.

اهڙيءَ طرح ميان صاحب علي نواز خان کي سورت مان پڪڙڻ لاءِ انگريزن کان مدد گهري پر ان ۾ به هو ڪن لاٽار ڪري ويا. ان کان علاوه ميان صاحب کين ڏهه هزار گولا مناسب معاوضي تي ٺاهي ڏيڻ لاءِ چين ته به ڪو بهانو ڪري ويا.

اهڙيء موٽ کان پوءِ ميان صاحب سندن نيت سمجهي ويو هو ۽ انهن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جون تدبيرون سوچي رهيو هو. ٺٽي ۾ جنگي آفيسر گلاب راءِ هو، انگريزن جڏهن ان جي شڪايت ميان صاحب سان ڪئي ته ميان غلام شاههه چين! توهان کي مان هت ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڪيتريون رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون آهن پر توهان منهنجي هڪ به خواهش پوري نه ڪئي آهي. ميان غلام شاهه اهڙين ميارن ڏيڻ جي باوجود  به انهن جي هت ڪاروباري ڪوٺي بند نه ڪئي.

عطر خان جي اطاعت:

تحفة الڪرام جي اردو ترجمي ۾ صفحي 348 تي آهي ته عطر خان جي مقصودي فقير جي مرڻ کان پوءِ جڏهن طاقت ٽٽي پئي ته 65 ــ 1764ع ۾ ڪنڌ جهڪائي اچي ميان غلام شاهه اڳيان حاضر ٿيو ۽ اطاعت قبول ڪيائين. ميان غلام شاهه وڏي عزت ۽ احترام سان پيش آيس، ۽ ڊگهي عرصي کان ٻنهي ڀائرن ۾ جاري جنگ ختم ٿي.

ديرن جي حڪومت:

تحفة الڪرام مطابق 1767ع ۾ احمد شاهه ابدالي ميان غلام شاهه جي انتظام کان خوش ٿي ڊيرا غازي خان ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي حڪومت به ان کي ڏني. ربيع الاول ۾ اوڏانهن وڃي سرڪشن جو ڪنڌ ڀڳائين ۽ پوءِ اتي ماڻهو مقرر ڪري موٽي آيو. موٽڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن جي اندر نصرت نالي هڪ شخص اتي فساد ڦهلائن شروع ڪيو ۽ ميان صاحب پوري هڪ سال تائين ان سان وڙهندو رهيو. 1768ع ۾ سردار جهان خان اتان جو پروانو وٺي ميان صاحب جي ماڻهن کي ڪڍي ڇڏيو پر 1769ع ۾ وري ميان غلام شاهه جي حوالي حڪومت ڪئي وئي ۽ هو انتظام ڪرڻ لاءِ اتي پهتو ته ملتان به سندس نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو.

ٺٽي جي سنڀال:

ٺٽو جيئن ته سنڌ جو مرڪزي شهر هو، تنهن ڪري ميان صاحب اهو پهريان محمد قائم ڪوڪلتاش جي سنڀال ۾ ڏنو پر پوءِ حبيب فقير نائچ ۽ ان کان پوءِ وري مراد فقير نظام جي نگرانيءَ ۾ ڏنو. جيڪو 1774ع تائين ٺٽي جو ناظم رهيو.

حيدرآباد جو بنياد:

ميان غلام شاهه کي اڏاوتن جو ڏاڍو شوق هو، ڪيترائي ڀيرا ملڪ جو راجڄڌاني بدلايائين، آخر ۾ سنڌو درياءُ جي ڪپ تي انهيءَ جڳهه کي پسند ڪيائين، جيڪا پراڻي وقت ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هئي. مارچ 1769ع ۾ اتي قلعو اڏڻ جو حڪم ڏنائين ۽ جڏهن قلعو جڙي راس ٿيو ته قلعي جي حفاظت لاءِ اتي ماڻهن کي آباد ڪرڻ شروع ڪيائين. پاڻ به ذوالحج ۾ ڊيري غازي کان موٽيو ته اتي ئي رهيو.

مختلف شاعرن ان جي بنياد جون تاريخون لکيون آهن، ميان سرفراز خان جي ڪڍيل تاريخ هن طرح آهي:

از عطا هاۓ واهب و مناں،

حيدر آباد گشت آباداں.

1182هه

يا  رب اجعل هزا البلد آمنا 1182هه

وفات:

ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سورهن سال حڪومت ڪري خميس 3 جمادي الاولى 1186هه (2 آگسٽ 1772ع) تي وفات ڪري ويو. مولانا مهر صاحب اها تاريخ 13 جمادي الاوليٰ ٻڌائي آهي. ڇاڪاڻ ته 3 تي اهو ڏينهن نٿو بيهي. چيو وڃي ٿو ته مٿس اڌرنگي جو حملو ٿيو ۽ هو ڳالهائڻ کان لاچار ٿي ويو، سندس پٽ ميان سرفراز ۽ ٻين عزيزن اميرن کي گهرايو ويو، علاج وغيره ڪرايو ويو پر فائدو نه ٿي سگهيو ۽ هو الله کي پيارو ٿي ويو. هن شعر مان سندس وفات جي تاريخ نڪري ٿي.

غلام شاهه کہ بوده غلام شاه نجف،

مقام کرده ارم همدلي بشاه نجف.

سندس پٽ ميان سرفراز خان به ان جي وڇوڙي جي هيٺين تاريخ ڪڍي آهي.

آه از بي مسري گردون دون،

آه از نيرنگ چرخ نيلگون،

خسرو دوران غلام شاهه دين،

آن کہ بوسيده فلڪ او را زمين،

روضہء، پر نور چون قصر بهشت،

دل کشا چون جنت مينو سرشت،

سال تاريخش سر افراز از خيال،

جستجو مي کرد باصد اختلال،

ناگہ از تنزيل در داد اين ندا،

هاتفه جنات فيها خاندا.

1186هه.

ميان صاحب کي حيدرآباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ مٿان هڪ شاندار قبو جوڙايو ويو.

مائي گلان:

چيو وڃي ٿو ته ميان غلام شاهه جي هڪ بازاري عورت مائي گلان سان محبت هوندي هئي. ان توبه تائب ٿي اچي ميان سان نڪاح ڪيو هو، ان جي باري ۾ سرائيڪي زبان ۾ هڪ محاورو مشهور آهي ته:

گلان وچون گل پيدا ٿيا،

ڪجهه کليا هي، ڪجهه کلسي.

ترجمو: گلان مان جيڪو گل ڄائو آهي اهو ڪجهه ٽريو آهي ۽ اڃا ٽڙندو.

اولاد:

ميان غلام شاهه ڪيتريون ئي شاديون ڪيون هيون، جنهن ۾ راءِ ڪڇ جي سؤٽ جي ڌيءَ، ٻي بهو بيگم جيڪا دولت جي نالي سان مشهور هئي ۽ نثار خان گوجر جي ڌيءَ ۽ نواب الله داد خان جي ڀيڻ هئي.

ميان صاحب کي ٻه پٽ سرفراز خان ۽ ميان محمود خان هئا. سرفراز خان ميان غلام شاهه کانپوءِ تخت تي ويٺو، محمود خان به ڪجهه ڏينهن سنڌ جو حڪمران رهيو.

ميان غلام شاهه جي حڪومت:

ميان غلام شاهه ڪلهوڙو تمام نيڪ، بهادر ۽ اڏول انسان هو. سنڌ ۾ سندس سورهن سالن جو دؤر امن ۽ ترقي وارو هو. ڪن مطابق ڪلهوڙن حڪمرانن ۾ سڀ کان ڪامياب حڪومت ڪرڻ وارو ميان غلام شاهه ئي هو.

سنڌ جي ترقي ۽ امن امان لاءِ هن ڪيترائي اپاءَ ورتا، نوان شهر جوڙايا ۽ ملڪ ۾ فساد ڦهلائيندڙن کي جوڳيون سزائون ڏنائين. اهڙي سهڻي انتظام جي ڪري احمد شاهه ابدالي کيس ٻه ڀيرا خطاب ۽ انعام سان نوازيو، بستابندر ۽ لکپت راءِ ڪڇ کان، اچ ۽ قلعو سبزل دائودپوٽن کان ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارا ٻيا علائقا خان قلات بروهي کان وٺي سنڌ کي وسيع ۽ ويڪرو ڪري ڇڏيو. عوام جي اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.

ان وقت جي وڏي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ميان غلام شاهه کي شريعت خلاف ٿيندڙ ڳالهيون ۽ براين طرف ڌيان ڇڪايو ۽ ان جي صلاح سان ميان صاحب هيٺيان حڪم جاري ڪيا.

محرم ۾ ماتم ۽ پڙ نه ڪڍيا وڃن، نشي واريون شيون بند ڪيون وڃن، جوئا ۽ رنڊي بازي کي ختم ڪيو وڃي، جاندارن جون تصويرون نه ڪڍيون وڃن، ڏاڙهي مٺ رکي وڃي ۽ ڪنهن کي به ڪوڙڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، مسلمانن کي نماز، روزي ۽ ٻين جاني ۽ مالي عبادتن جو پابند بڻايو وڃي.

ميان غلام شاهه جي شخصيت جي هڪڙي خامي جيڪا ڪنهن مؤرخ کي خٽڪي ٿي اها هي ته پنهنجي خاص مشير راجا ليکي جي مشوري تي پنهنجي ڀاءُ جي ٻن پٽن عباس علي ۽ حسين علي کي ٻيڙين ۾ ويهاري غرق ڪرائي ڇڏيو. بهرحال پوءِ به هو ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو ۽ هڪ حڪمران جي حيثيت ۾ سندس نالو سڀني کان روشن آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org