سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ

باب: --

صفحو :2

چوڏهين کان سورهين صدي عيسوي تائين دولت، سون، هيرن جواهرن جي ڳولا لاءِ ۽ سورهين صدي کان پوءِ مال وڪڻڻ ۽ مَڏيون هٿ ڪرڻ جي ڳولا لاءِ يورپ جي ٻين ڪيترين ئي قومن جيان انگريز به سندرو ٻڌي نڪري پيو. ڪو آسٽريليا وڃي نڪتو ته ڪنهن اميريڪي کنڊن جي ووڙ ڪئي. واپار ڪيائون، وڙهيا جهيڙيا ۽ حاڪم ٿيا. اسپيني، فرينچ ۽ انگريزي جهڙوڪر سڄيءَ ڌرتيءَ جون حاڪم ٻوليون بنجي ويون ۽ حاڪمن جي ٻولين ۾ ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ سمورن غلامانه ذهنيت جي محڪوم ماڻهن جو شيوو رهيو آهي. دنيا جي ماڻهن، ماڳن، قومن، تهذيبن، وڻن، واهن، جانورن، جبلن، علائقن، مندن، خشڪ توڻي پاڻيائي راهن، وڙن وکرن، مطلب ته هر قسم جي مامرن بابت سفرناما، يادگيريون، تحقيقون ۽ تدبيرون لکجڻ ۽ ڳالهائجڻ لڳيون ۽ ڪجهه ٻين خاص ڪري يورپي ٻولين سان گڏ انگريزي جو علمي ذخيرو به وڌڻ، ڇال ڏيڻ لڳو.

ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري جا ڪيترائي سبب ٿين ٿا. انهن مان پهريون ۽ وڏو سبب هي آهي ته ڌرتيءَ جي لائق پٽن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪيترن املهه علمي ڪتابن، مقالن، مضمونن ۽ خيالن جو واڌارو ڪيو آهي ۽ ڪيترن ۽ ڪهڙن ڪهڙن علمي شعبن ۾ تحقيق ۽ تدريس جون روشنيون پکيڙيون آهن. خاص ڪري چوڏهين صديءَ کان پوءِ انگريزي ٻوليءَ جيڪو ڇال ڏئي ترقيءَ جا ڏاڪا طَي ڪيا آهن انهن جو بنيادي سبب سندن حاڪميت، پنهنجي ڏيهه تي مالڪي، دنيا جي ناياب ڪتابن جو ترجمو، دنيا جي ڪيترن ئي ڏيهن تي سندن اقتدار ۽ سائنس توڻي فن ۽ هنر جي هر شعبي ۾ تحقيق ۽ تدريس آهي. اهو چوڻ ته انگريزي ٻوليءَ جي شاندار ترقيءَ جو راز مخصوص رومن لکيت آهي، هڪ بي عقليءَ واري ڳالهه آهي.

ڇا حليم بروهي صاحب پاران ماڻهو انهيءَ لائق آهن جو پنهنجي سيني تي فخر سان هٿ کڻي ڪا هِن قسم جي دعوى ڪري سگهن ٿا ته پاڻ (1) فلاڻو ڪِي فلاڻو ناياب، علمي، فني، هنري، ٽيڪنيڪي، سائنسي يا ڪو به ٻيو شاندار ڪتاب پنهنجي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ وڌائي چڪا آهن يا (2) فلاڻي يا فلاڻي ڪا هنري، فني يا علمي تحقيق ڪري قلمبند ڪئي اٿن يا (3) پنهنجيءَ قوم جي ڇوٽڪاري، آزادي ۽ پنهنجي ڏيهه تي پنهنجي قوم جي مالڪي موٽائڻ لاءِ فلاڻي يا فلاڻي علمي جدوجهد ڪئي اٿن؟ اهي ڪم ته خير ڌرتيءَ جا ڪي سهڻا پٽ، ڇٽيهه لکڻا پٽ ئي ڪري سگهندا، حليم بروهي صاحب جن ڇا رڳو اهڙن هزار يا سَو به نه، ڏهن ٻارهن سائنسي، فني يا هنري اصطلاحن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ پسند ڪندا جيڪي پاڻ پنهنجي سر نور نچوئي سنڌي ٻوليءَ جي علمي ذخيري ۾ وڌايا آهن؟ جنهن ماڻهوءَ پنهنجي سڄي شعوري زندگيءَ ۾، اڪابر ۽ واقف هجڻ باوجود پنهنجي ٻوليءَ کي نه ته ڪو علمي، فني يا هنري ڪتاب، مقالو، مضمون وغيره ڏنو آهي. تحقيق نه ڏني آهي، قومي ڇوٽڪاري جي واٽ ۽ وقت نه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري چند علمي اصطلاحن جو واڌارو ڪيو آهي اهو ڪهڙي بنياد تي سينو ٺوڪي انهن ماڻهن تي ٺڳ، کائو ۽ ناٽڪي هجڻ جي فتوى جاري ڪري جن سندس ڀيٽ ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي يا ساڄي کان کاٻي لکجندڙ سمورين ٻولين لاءِ مدي خارج هجڻ جو ٺپو هڻي؟

اڻڄاڻ ۽ ڄٽ ماڻهوءَ تي (شايد) ڪا مَيار ناهي جيڪڏهن هو ناڪاره ۽ بيڪار ڪمن ۾ پنهنجي سڄي زندگي وڃائي ڇڏي پر جيڪو ماڻهو علم، ادب، فن، هنر، سائنس، ٽيڪنالاجي وغيره جو ادراڪ ۽ عرفان رکندو هجي ۽ پنهنجيءَ زبان سان اهڙي هام به هڻي ۽ اهو به جيڪڏهن پنهنجي اڪيلي ۽ ناياب زندگي بيڪار ۽ ناڪاره ڪمن ۾ وڃائي ته اهو نه رڳو مياري پر ڏوهاري به آهي. حليم بروهي صاحب جن ته الائي ڪيترن ئي ماڻهن جا الائي ڪيترا لک ڪلاڪ پنهنجون ناڪاره ۽ بيڪار تحريرون پڙهائي برباد ڪيا آهن؟!

حليم بروهي صاحب جن تهمت آندي آهي ته سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي ۾ هر اها ٻولي جيڪا ساڄي کان کاٻي لکي وڃي ٿي، سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ ڇپائي جي معاملن ۾ مدي خارج آهي.

پنهنجو تيسو پورو ڪرڻ، ٻين سان وير پاڙڻ، پرايون عورتون تاڙي عيب جوئي ڪرڻ ۽ ناڪاره ۽ بيڪار ڪمن ۾ پنهنجي حياتي ڳاري ڇڏڻ بدران جيڪڏهن ٻوليءَ جي رڳو ان هڪ پهلو تي ئي تحقيق ڪئي وڃي ها ته شايد وڌيڪ عزت لائق ماڳ ماڻي سگهجي ها!

حليم بروهي صاحب جن مضمون بازي ۽ شعر بازي ۾ پنهنجو ۽ ٻين جو وقت وڃائڻ بدران جيڪڏهن اڄ به ڪو علمي ڪم هٿ ۾ کڻن ته شايد سنڌي ٻوليءَ کي ڪي لاجواب ڪتاب تحفي ۾ ڏئي سگهن پر هتي سوال آهي ته ساڄي کان کاٻي ويندڙ ٻوليون ڇپائي جي معاملن ۾ مدي خارج ڪيئن آهن؟

سنڌي، اردو، فارسي، عربي وغيره ٻولين ۾ ڪمپيوٽر تي سوين ڏهاڙي اخبارون، هزارين ماهوار رسالا ۽ ساليانو لکين ڪتاب ڇپجي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن سندن سونهن سرس ٿيندي پئي وڃي. منجهن الائي ڪيترو سائنسي، فني، هنري، ٽيڪنيڪي ۽ ٻيو علمي مواد وڌندو ئي رهي ٿو، اهي ٻوليون ڇپائي جي معاملي ۾ مدي خارج وري ڪيئن چئبيون؟ ڇا انگريزي ۾ ڇپيل ڪتابن، رسالن، اخبارن وغيره کي ڪي عجيب قسم جا خوشبودار گل پاتل هوندا آهن، جيڪي هنن ٻولين وٽ ڇپائي جي سلسلي ۾ ميسر ناهن؟

حليم بروهي صاحب جن جي ٻي تهمت آهي ته ساڄي کان کاٻي لکجندڙ ٻولين ۾ الڳ نقطا ۽ هيٺان مٿان زير، زبر، پيش وغيره جون نشانيون ڏنل هونديون آهن جنهنڪري اهي مدي خارج ٿي پيون آهن. اهو هڪڙو عجيب قسم جو بي بنياد منطق آهي. سنسڪرت ۽ لاطيني ٻوليون (اڄوڪي حوالي سان) مدي خارج ئي نه مُئل ٻوليون (Dead Languages) به آهن. اها ڳالهه علمي دنيا ۾ مڃيل آهي. ٻئي کاٻي کان ساڄي لکيون وينديون هيون ۽ لاطيني ته آهي ئي رومن رسم الخط جي ماءُ! يوناني ٻولي کاٻي کان ساڄي لکجڻ ۽ سمورن علمن جي ماءُ هجڻ باوجود اڄ جهڙوڪر مدي خارج ٻولي آهي جڏهن ته عربي ٻوليءَ کي فنا ٿي وڃڻ کان بچائڻ ۽ سولو ڪرڻ لاءِ ئي نقطن ۽ زيرن، زبرن، پيش وغيره جو رواج وڌو ويو. هندي ٻولي کاٻي کان ساڄي لکي وڃي ٿي پر رومن رسم الخط ۾ ناهي ۽ عربي ۽ فارسي ٻوليون نه رڳو ساڄي کان کاٻي لکيون وڃن ٿيون پر اکرن جا الڳ نقطا ۽ زيرون، زبرون ۽ پيش به رکن ٿيون ۽ هن وقت اسان جي ڌرتيءَ تي شايد اهي ٽيئي ٻوليون سڀ کان وڌيڪ قديم زماني کان لکبيون ايندڙ ٻوليون آهن. چوٿين ٻولي چيني آهي جيڪا پڻ رومن رسم الخط ۾ نه ٿي لکي وڃي. سنڌي ٻولي باقاعدي تحريري صورت ۾ جهڙوڪر ڪالهه آئي آهي ۽ زبردست رنڊڪن باوجود لاڳيتي ترقي ڪندي رهي ٿي، تنهنڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته زيرون، زبرون ۽ پيش ۽ اکرن جا الڳ نقطا ۽ کاٻي کان ساڄي يا ساڄي کان کاٻي لکجڻ ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقيءَ يا تباهيءَ لاءِ ذميوار يا ان جي مدي خارج هجڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو دليل ناهن. ڀانئجي ٿو ته حليم بروهي صاحب جن انگريزيءَ جي اڄوڪي چمڪ تي ڀنڀلجي ۽ موهت ٿي پيا آهن.

کاٻي کان ساڄي ۽ ساڄي کان کاٻي يا رومن ۽ غير رومن الفابيٽ ۾ لکجڻ واري چڪربازيءَ کان الڳ رهي اچو ته هاڻي ٻوليڄاڻ (Linguistics، لسانيت) جي ڪجهه اصولن جي روشني ۾ انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تحريري گڻن تي هڪ نظر وجهون.

 

ڪي ياد رکڻ جهڙيون ڳالهيون:

1- ٻولي ڳالهائڻ جي ڄمار لکين ورهه آهي ۽ ٻولي لکڻ جي ڄمار رڳو ڪجهه هزار سال.

2- دنيا جي ڪا به ٻولي ناهي جيڪا ڳالهائڻ توڻي لکڻ ۾ سَو سيڪڙو هم آهنگ هجي. لکيت ۾ ڪي نه ڪي خاميون ۽ کوٽون موجود رهن ٿيون. ان هوندي به ڌرتيءَ تي شايد اڪيلي عربي ٻولي ئي آهي جيڪا نسبتاً وڌيڪ جامع تحريري انداز رکي ٿي.

3- ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻِي. هر ٻولي پنهنجي علائقي ۾ ڪجهه وٿيءَ کان پوءِ ٿورو ڪي گهڻو لهجو/محاورو رکي ٿي ۽ هر ڏهن پندرهن ورهين کان پوءِ ڪجهه نه ڪجهه بدلجي ٿي جڏهن ته لکيت عام طرح سڄي علائقي لاءِ ساڳي رهي ٿي ۽ ان جي بدلجڻ جي رفتار ڏاڍي ڍري هوندي آهي.

4- دنيا جي ڪا به ٻولي اهڙي ناهي جيڪا پنهنجيءَ نج ڪلاسيڪل شڪل ۾ مروج ۽ موجود هجي.

5- دنيا ۾ ڪا به اهڙي ٻولي موجود  جيڪا ٻين ٻولين جي سمورن آوازن کي صحيح نموني ادا ڪري سگهي.

6- لکيت ۾ ايندڙ هر ٻولي پنهنجن آوازن کي ڪن مخصوص تحريري نشانن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي محتاج آهي. انهن تحريري نشانن کي اکر سڏجي ٿو. دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هر ممڪن آواز لاءِ هڪ ڌار ۽ مخصوص اکر موجود ناهي.

سنڌي ٻولي پنهنجا مخصوص آواز ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص اکر ڪم آڻي ٿي ۽ انگريزي به اکرن وسيلي ئي لکجي ظاهر ٿئي ٿي. سنڌي اکر کاٻي کان ساڄي لکيا وڃن ٿا ۽ انگريزي اکر کاٻي کان ساڄي. سنڌي ٻولي ڪن آوازن جي لاهه چاڙهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪجهه اکرن ۽ زيرن، زبرن، پيش وغيره جي نشانن کان مدد وٺي ٿي پر انگريزي ٻولي اهم ڪم رڳو پنهنجي اکرن کان وٺي ٿي. سنڌي ٻولي جيڪا هڪ آواز جي نمائندگي ڪندڙ اکر تي هيٺان يا مٿان ڪي نقطا وڌائي ٻئي آواز جو نمائندو اکر مقرر ڪري ٿي، جيئن س اکر تي ٽي نقطا وڌائي ش ڪري ٿي پر انگريزي ٻوليءَ ۾ اهو ڪم به اکرن کان ئي ورتو وڃي ٿو، جيئن ايس (S) اکر سان ايڇ (H) ملائي س جي آواز مان ش جو آواز بنائي ٿي. مقرر تحريري نشانن ۽ آوازي نشانين جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جا آواز وڌيڪ پائدار صورت وٺي بيهن ٿا جڏهن ته نقطن ۽ آوازي نشانين بدران تحريري نشان ڳنڍڻ جي ڪري انگريزي ٻوليءَ جا آواز ڪنهن هڪ پائدار صورت کان محروم ٿيو پون ۽ منجهن ڪيترائي نقص رهجيو وڃن. مثال طور ش کي زبر ڏئي /شَ/ ڪرڻ کان پوءِ اهو آواز ڪنهن به لفظ ۾ ۽ ڪٿي به (يعني لفظ جي اڳ ۾، وچ ۾ يا آخر ۾) اچڻ کان پوءِ هر حالت ۾ پنهنجي اها ئي صورت ۽ آواز برقرار رکندو ۽ /شَ/ ئي پڙهڻ ۾ ايندو جيئن شَڪتي، شَڪي، شَريف، روشَن، فرشَن، جوشَ، هوشَ لفظن ۾ /شَ/ جي صورت ۾ ڪو به ڦيرو يا تبديلي نه ٿي اچي.

انگريزي ۾ به /ش/ آواز موجود آهي پر اهو ڪنهن هڪ مقرر تحريري صورت وسيلي ظاهر نه ٿو ٿئي. مثال طور ش اکر جو آواز ظاهر ڪرڻ لاءِ انگريزي مروج طريقن مان هڪ طريقو S (ايس) جي نشان کان پوءِ H (ايڇ) ڳنڍڻ آهي يعني ايس تي نقطا ڏيڻ بدران اهو ڪم ايڇ ڳنڍي ورتو وڃي ٿو. هاڻي جيڪڏهن /شَ/ آواز ظاهر ڪرڻو آهي ته زبر ڏيڻ بدران انگريزي ۾ مروج طريقن مان هڪ طريقو اهو آهي ته A (اي) ڳنڍيو وڃي يعني /شَ/ جو متبادل ۽ برابر آواز آهي /SHA/، پر اکرن جي انهي ترتيب جو آواز هر حالت م /شَ/ نه ٿيندو:

Shall (شل) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شَ/ آهي.

Sham (شئم) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شئه/ آهي.

Shame        (شيم) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شي/ آهي.

Share (شيئر) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شيئه/ آهي.

Shaft (شافٽ) لفظ ۾ /Sha/ جو آواز / شا/ آهي.

ان جو صاف مطلب ٿيو ته A (اي) هر حالت م ساڳيو مقرر آواز پيدا نه ٿو ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ پنجن سُرن (vowels) پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو، تنهنڪري ڪنهن مخصوص لفظ ۾ ان جو آواز ڪهڙو آهي اهو رٽڻو پوندو. زبر جهڙو آواز Shun (شَن) لفظ ۾ u (يُو) اکر پيدا ڪري ٿو پر اهو يُو پڻ هر هنڌ رُڳو زبر جو آواز نه ٿو ڏئي جيئن tube (ٽُوب/ٽيوب)، tumid (ٽيومڊ)، truth (ٽرٿ) وغيره لفظن ۾ آهي. ساڳيءَ طرح shirt (شَرٽ) لفظ ۾ i (آءِ) اکر زبر جو آواز پيدا ڪري ٿو پر آءِ پڻ هر هنڌ رڳو زبر جهڙو آواز نه ٿو ڏئي جيئن shire (شائِر/شاير)، ship (شِپ)، shine (شائين) وغيره جهڙن لفظن ۾ آهي. اهڙي نموني shed (شيڊ) ۽ shell (شيل) ۽ sherd (شرڊ) لفظن ۾ e (اِي) اکر زبر جهڙو آواز پيدا ڪري ٿو پر اِي پڻ هر هنڌ زبر جهڙو آواز نه ٿو ظاهر ڪري، جيئن she (شِي)، recount (رِيڪائونٽ) جهڙن لفظن ۾ آهي. son (سَن) ۽ ڊَن done جهڙن لفظن ۾ o (او) پڻ زبر جهڙو ڪم ڪري ٿو پر tone (ٽون) ۽ record (ريڪارڊ/ريڪورڊ) جهڙن لفظن ۾ نه. ان ڪري بلڪل پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته آواز جي ساڳي حرڪت ظاهر ڪرڻ لاءِ انگريزي ۾ ڏاڍي وڏي ڪمزوري موجود آهي، ڪنهن به مددگار اکر جي مدد سان ڪنهن لفظ يا آواز تي جيڪا مخصوص حرڪت پيدا ڪئي وڃي ٿي، اهو ئي مددگار اکر ڪنهن ٻئي هنڌ وري ڪنهن ٻئي قسم جي حرڪت يا سُر پيدا ڪري ٿو. ان ڪري ڪنهن به لفظ ۾ ڪنهن به اهڙي مددگار اکر وسيلي جيڪا حرڪت يا جيڪو سُر پيدا ڪيو ويو آهي اهو هر لفظ جي لاءِ ڌار ڌار رٽڻو پوي ٿو.

ٻئي پاسي رڳو `SH` واري ترتيب ناهي جيڪا ش اکر ٺاهي ٿي. CH پڻ ڪٿي چ جو آواز ڏئي ٿو (چارم، Charm) ته ڪٿي ڪ جو (ڪئريڪٽر، Character) ۽ ڪٿي وري ش جو (شاونزم، Chauvinsim)، (شِوَلرِي، Chavalry)، (شِڪينري، Chicanery)، وغيره. جنهن لفظ کي اڪيلي صورت ۾ سائنس (Science) چارجي ٿو اهو ئي لفظ شَنس ٿي وڃي ٿو. مثال ڪانشنس (Consience) پر سائنس لفظ ۾ جيڪا تحريري صورت ساءِ (Sci) آواز پيدا ڪري ۽ ٻئي هنڌ /شَ/ آواز پيدا ڪري ٿي، اها صورت ٽئين هنڌ /شِ/ آواز پيدا ڪري ٿي جيئن شِياٽيڪا (Sciatica) ۾ آهي. ڪٿي ڪٿي ته اڪيلو S (ايس) اکر ٻئي اکر u سان ڳنڍجي ش جو آواز پيدا ڪري ٿو: شوئر (Sure).

اهي ته هئا اهڙا مثال جن ۾ /ش/ آواز لفظ جي اڳيان اچي ٿو پر اهو ساڳيو آواز /شَ/ جيڪڏهن ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي ٿو تڏهن SH سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ 12-صورتون ٻيون به رٽڻيون پون ٿيون:

 

(1)  - sio  -         مئنشَن (Mansion)

(2) - ssio -         پئشن (Passion) ، امپريشن (Impression)

(3) - scie -         ڪانشنس (Conscience)

(4) - sia  -         يوريشن (Eurasian)

(5) - cia  -         گِريشن (Grecian) ، اسپيشل (Special)

(6) - cie  -         اينشنٽ (Ancient) ، سَفِيشنسي (Sufficiency)

(7) - cea  -         اوشن (Ocean) ،

(8) - ciou -         ايفِيڪيشَس (Efficacious) ، گِرئشس (Gracious)

(9) - tiou  -  فَسِيشَس (Facitious) ، فئڪٽيشَس (Factitious)

(10)        - tio   -   اسٽيشن (Station)

(11)        - tia   -   جينشن (Gentian) ، اِسينشَل (Essential)

(12) - tie   -   پيشنٽ (Patient)

 

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن اکر جا ڌار نقطا ۽ تحرڪي نشان ڏيڻ ۾ ٿوري گهڻي ڏکيائي ٿئي ٿي جيئن سنڌي جي س مٿان ٽي نقطا ڏئي ش ٺاهجي ٿو ۽ ان مٿان سنهي ليڪ ڏئي /شَ/ ڪجي ٿو پر سنڌي ٻولي کي ان ڏاڪي کان پوءِ اها برتري ملي پوي ٿي ته جتي به /شَ/ اچارڻو آهي اتي اها هڪ ئي تحريري صورت برقرار رهندي جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ کي اهو ساڳيو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 18 (ارڙهن) تحريري صورتون رٽڻيون پون ٿيون ۽ سمجهان ٿو ته اها ڪنهن به ٻوليءَ جي تحريري نشانن جي هڪ ڏاڍي وڏي ڪمزوري/ڪچائي آهي. ڪنهن آواز جي تحريري نشان جي هڪ مقرر صورت ياد ڪرڻ ۽ لکڻ وڌيڪ سولو آهي يا ساڳي ئي آواز جون 18 تحريرون صورتون ياد ڪرڻ ۽ لکڻ؟ ٽي نقطا ڏيڻ ۾ وڌيڪ تڪليف آهي يا ٽي تحريري نشان جيڪي به مختلف لفظن ۾ مختلف هجن؟ ۽ هڪ زبر ڏيڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا اهڙو تحريري نشان جنهن جو هڪ لفظ ۾ آواز هڪ آهي ته ٻئي لفظ ۾ ٻيو؟

هتي اهو به ياد رکيو وڃي ته سنڌي ۾ لکجندڙ هر اکر هر لفظ تي تحرڪي نشانيون ڏيڻ هر حالت ۾ ضروري ناهي، اهي رڳو ابتدائي تعليم مهل سيکارجن ٿيون ۽ عام توڻي خاص تحرير ۾ تڏهن آڻجن ٿيون جڏهن لفظ نئون يا ڪجهه منجهائيندڙ هجي. سنڌي جون سموريون اخبارون ۽ سمورا رسالا ۽ ڪتاب انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن، جڏهن ته انگريزي ۾ هر حالت ۾ هر لفظ کي زير، زبر، پيش وغيره جو ڪارج ادا ڪندڙ تحريري نشان وسيلي ئي لکڻو پوي ٿو ۽ انهن تحريري نشانن جي ترتيب به رٽڻي پوي ٿي.

انگريزي ٻوليءَ ۾ 19 قسمن جا سُر (Vowel) آواز ۽ لڳ ڀڳ 30 قسمن جا وينجڻ (Consonant) آواز موجود آهن جن وسيلي ٿلهي ليکي هڪ سَو قسمن جا صَوتيا (Phonemes) ٺهن ٿا. سُر آواز ملائڻ کان پوءِ اهو صوتياتي ذخيرو 360 تائين پهچي ويندو. انهن سڀني صوتين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وٽس رڳو 26 اکر آهن ان ڪري سڀني صوتين جو گلو گهٽي ۽ اکرن جو ترتيبون بدلائي زوريءَ کين هڪ مخصوص آواز قرار ڏنو وڃي ٿو، ان ڪري ئي ڪيتريون هڪ جهڙيون تحريري صورتون مختلف قسمن جا صوتيا اچارڻ لاءِ مجبور ڪيون ويون آهن. ]Th جو آواز د (دِس this) به ته ٿ (ٿِن. thin) به.[ انگريزي ٻوليءَ جي وارثن کي جيڪڏهن اها صلاح ڏجي ته اهي / شَ/ لاءِ رڳو هڪ تحريري صورت / ترتيب مقرر ڪن ۽ مٿي ڏنل قسم جي لفظن جون اسپيلنگون (Spellings) هن طرح لکن: manshun, pashun, conshunce, urashun, greshun, anshunt, oshun, efficashun, facishus, genshun, pashunt وغيره ته ڇا اها وڌيڪ اصولي ۽ عملي ڳالهه نه ٿيندي؟ ساڳيءَ طرح کين اهو به چئي سگهجي ٿو ته `C` (سِي) اکر جو آواز ڪٿي ڪ (ڪيئر، Care)، ڪٿي ک (کَف، Cough) ۽ ڪٿي س (سٽي، City) يا `G` (جِي) جو آواز ڪٿي گ (گراس، Grass) ۽ ڪٿي ج (جيالاجي، Geology) يا `T` (ٽِي) جو آواز ڪٿي ت ۽ ٽ ته ڪٿي چ (مئچوئر، mature)، (فرنيچر، Furniture) وغيره وغيره نه ٿا ٺهن، اصولي ناهن، تنهنڪري ٻيلي ڏاها ٿيو، سڌرو ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا اکر ۽ آواز ٺيڪ ڪيو ته ان ۾ ڪهڙي خطا ٿي پوندي؟

ڇا حليم بروهي صاحب جن کين اهڙي اصولي صلاح ڏيڻ پسند ڪندا ۽ کين چوندا ته سندن دماغن تان جيڪڏهن سندن ڄَٽ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جو چنبو ڪجهه ڍرو ٿيو آهي ته هڪدم آوازن لاءِ مقرر اکر ٺاهن ۽ پنهنجي اسپيلنگ درست ڪن؟!

سنڌي سُر آواز 10 ڏهه چيا وڃن ٿا جيڪڏهن انهن سان ن گُهڻي وارا ڏهه سر به ملائجن (۽ ملائڻ گهرجن) ته اهي ٿيندا 20 (ويهه). سنڌي ۾ وينجڻ آواز لڳ ڀڳ 40 (چاليهه) آهن (هتي مون اهي وينجڻ آواز شامل نه ڪيا آهن جيڪي عربيءَ مان آيل آهن ۽ سنڌي لوڪ جن کي صحيح اچاري نه ٿو سگهي جيئن ث، ح، خ، ذ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ ۽ ق). انهن تي تحرڪي نشانيون آڻڻ وسيلي سندن 120 قسمن جا صوتيا پنهنجين اصولي ۽ مقرر صورتن ۾ ٺاهي سگهجن ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ مروج آهن. انهن سان سُر آواز ملائبا ته صوتياتي ذخيري جو انگ 570 تائين وڌي ويندو ۽ ان جي صورت به مقرر هوندي. انهن سان وري جي مرڪب آواز پنهنجي صوتياتي صورت ۾ ملائجن ته اهو ذخيرو اڃا وڌيڪ ٿي ويندو. رومن الفابيٽ ۾ انهن سڀني آوازن جي صورت ڪيئن بيهندي ان جو هڪ ننڍڙو مثال هيٺ ڏنل آهي. ان هوندي به جيڪڏهن ڪو اڪابر ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيڻ جي بهاني اها صلاح ڏئي ته هروڀرو رومن الفابيٽ اختيار ڪيو نه ته ڄَٽ، کائُو ۽ ناٽڪي دانشورن جي چنبي کان آزاد ٿيل ناهيو ته سندس دماغي صحت تي شڪ جو پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي.

سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ اها اڻٽر مجبوري ناهي ته رومن الفابيٽ اختيار ڪئي وڃي. ان لاءِ پنهنجي تحقيق کي وڌائڻو ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سمجهڻو پوندو ۽ ٻيو نه ته به هڪ مخلص ۽ ڪجهه خرچ ڪري سگهندڙ ادارو گهربو. اسان جا ڪيترائي نوجوان ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي دماغ رکن ٿا، وٽن هنر به آهي ته فن به، کين مناسب سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته ڪو شڪ ناهي جو ايندڙ ويهه پنجويهه ورهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طور ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪري سگهجي!

حليم بروهي صاحب جن پنهنجي انهيءَ نيت سان ڏاڍا مخلص آهن (۽ مون کي سندن اها ڳالهه ڏاڍي وڻندي آهي) ته سنڌيءَ ٻوليءَ کي رومن الفابيٽ ۾ لکيو وڃي. انهيءَ مقصد لاءِ پنهنجي هڙئون وڙئون خرچ ڪري هڪ چَوپڙي به ڇپرائي هئائون. ٻوليءَ جي صوتياتي نظام جي حوالي سان اها ڪيئن آهي، اهو هڪ ڌار بحث ٿيندو، پر ان ۾ سنڌي لفظن جا ڪي ٽپِيڪل مثال ڏئي هڪ اسپيلنگ مقرر ڪئي هئائون. ڇا پاڻ ان چوپڙيءَ جي بنياد تي امتحان ڏيڻ پسند ڪندا؟

منهنجي اکين آڏو مسٽر جِي. اي. گِريئرسن (G.A Grierson) پاران جوڙيل هڪ ڪتاب لِئنگُئسٽڪ سروي آف پاڪستان (Linguistic Survey of Pakistan) جو چوٿون جلد موجود آهي جيڪو اڪيُوريٽ پرنٽرس لاهور وارن ڇپايو آهي. اهو ڪتاب لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جي اٺين جلد جو پهريون ڀاڱو آهي. هن ڪتاب ۾ مسٽر گريئرسن سنڌي ۽ لهندا ٻولين جو جائزو ورتو آهي ۽ منجهس ڪيترن ئي سنڌي آوازن لاءِ رومن الفابيٽ ۾ مقرر ڪيل اسپيلنگون موجود آهن. مسٽر گرئيرسن وڏي پائي جا عالم هئا ۽ پنهنجيءَ وسيع ڄاڻ آهر سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي کي آڏو رکيو هئائون تنهنڪري سندن مقرر ڪيل اسپيلنگون معياري سڏي سگهجن ٿيون. هتي انهيءَ ڪتاب مان حيدرآباد واري معياري لهجي/محاوري جو هڪ ٽڪرو مثال لاءِ پيش ڪجي ٿو.

 مٿي ڏنل هر هڪ لفظ کي پوري ڌيان سان پڙهو ۽ پوءِ پنهنجي راءِ ڏيو ته ڇا ان قسم جي الفابيٽ ۾ لکڻ لاءِ انگريزيءَ جو 26 اکرن وارو سرشتو قابل قبول ۽ لائق ثابت ٿيندو؟ ڇا زيرن، زبرن، پيشن ۽ نقطن جو هڪ نئون سلسلو رومن الفابيٽ ۾ نه وڌائڻو پوندو؟ ڇا ان قسم جي الفابيٽ ڪم آڻڻ لاءِ ٽائيپ رائٽر اوترو ئي ڪارگر ٿي سگهندو جيترو هن وقت انگريزي ٽائيپ رائٽر ڪارگر آهي؟ ڇا ان قسم جي ٽائيپ رائٽر تي ٽائيپ ڪرڻ مهل رڳو ايتري رفتار به برقرار رهي سگهندي جيتري هن مهل سنڌي ڪمپيوٽر ٽائيپ رائٽر تي آهي؟ ان قسم جي الفابيٽ کي هٿ سان لکڻ مهل صورتحال ۽ رفتار ڪيئن رهندي؟ ٻارن کي سيکارڻ، اِنڊا ڀرائڻ ۽ انهن جو امتحان وٺڻ مهل جيڪي ڏکيائون آڏو اينديون، ڇا اهي سڀ اڄوڪين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهنجيون هونديون؟ ڇا ان طريقي سان لکيل پنهنجا هٿ اکر سڀ ماڻهو رڳو پاڻ پڙهي سگهندا؟

1850ع ڌاري سنڌيءَ جي الفابيٽ ترتيب ڏيڻ مهل اهو هڪ وڏو بحث هو ته سنڌيءَ لاءِ ڪهڙي الفابيٽ مقرر ڪئي وڃي گرمکي/هندي يا عربي/پارسي. ڪيترن ئي عالمن پنهنجا رايا ظاهر ڪيا هئا. ساڳيءَ طرح ڪجهه عالم انهيءَ جا قائل به آهن ته سنڌيءَ لاءِ رومن الفابيٽ اختيار ڪئي وڃي، جنهن لاءِ هتي سراج الحق ميمڻ صاحب جن جو نالو کڻي سگهجي ٿو. هاڻي ٻُڌجي پيو ته ڪن علمي سببن جي ڪري انهيءَ راءِ جا حامي نه رهيا آهن. ڪي دوست ته اهو چوندي به ٻُڌا ويا آهن ته سنڌيءَ لاءِ الفابيٽ رومن هجي، هاڻوڪي سنڌي، اهو به ڪو موضوع آهي جنهن تي بحث ڪجي! ان هوندي به سمجهان ٿو ته ڀلي بحث ڪري هڪ ڳالهه کي چٽو ڪيو وڃي. جيڪڏهن مقصد رڳو ڪجهه ماڻهن تي ٽوڪبازي ڪري پنهنجو تيسو مارڻ/ٺارڻ ناهي ته پوءِ خود حليم بروهي صاحب پاران انهيءَ موضوع تي دليلن جي آجيان ڪئي ويندي.

آخر ۾، منهنجو پنهنجو خيال هي آهي ته رومن الفابيٽ اختيار ڪرڻ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي مخصوص آواز جي گم ٿي وڃڻ يا بگڙي وڃڻ جو خطرو هر گهڙيءَ موجود رهندو جن ۾ مکيه آواز هي هوندا: ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٺ، ڄ، جھ، ڃ، ڇ، د، ڌ، ڍ، ڙ، ک، گ، ڳ، گھ، ڱ ۽ ڻ.

        (ماهوار پرهه ]جلد: 3، شماري: 3[ جي ٿورن سان)

آهي ته چُڪ ننڍڙي، پر...

جِيڻا = جينا = جيناه = جيناح = جنِاح

 

سنڌيءَ ٻولي مٿان جِتي ٻيون هچائون مڙهيون ويون آهن اتي ڪجهه اهي به آهن ته سنڌي جي تاريخي ماڳن، وستين ۽ وڙن سان گڏ خود سنڌي ماڻهوءَ جو نالو ۽ سندس ذات جو به اچار غلط ڪڍيو وڃي. ڪنهن وسنديءَ جو نالو مٽائڻ ته سڌي سئين زوراوري آهي جيئن خان ڳڙهه کي جيڪب آباد ڪري ڇڏڻ يا نيرون ڪوٽ کي حيدرآباد ڪرڻ وغيره پر نالو بگاڙڻ به خراب آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو بگاڙو ڏاڍو خراب ٿيو وڃي، جيئن ڪلهوڙا کي ڪا لوڙا سڏڻ يا ٺٽو کي...

هڪ ڀيري ڄام شوري ڦاٽڪ وٽ بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هوس منهنجي ڀرسان هڪ لئنڊ ڪروزر (ڀُون-چيٿي، ڌرتي چٽيندڙ) جيپ اچي بيٺي جنهن ۾ هڪ ٺاهوڪو يورپي مرد ۽ ڪپهه جهڙي يورپياڻي ويٺل هئا. مرد سَٽ ڏئي در کولي، لهي اچي منهنجي ڀرسان بيٺو، سندس هٿ ۾ نقشو هو ۽ ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هڪ لفظ پويان مون کي رڳو ٺاٺا ٻڌڻ ۾ آيو. کيس ورجائڻ لاءِ چيم. ورجائيندي ساڳيو ئي ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ چئي ٺاٺا چيائين ۽ ان سان گڏ نقشي تي هڪ هنڌ آڱر رکيائين. نقشي تي ڏٺم، سندس آڱر Thatta لفظ ڏي اشارو ڪري رهي هئي جنهن جو اچار ٿيندو ٿَٽا ۽ هُن اچاريو پئي ٺاٺا، جڏهن ته حقيقي لفظ آهي ٺٽو (جيڪو انگريزي سميت دنيا جي هر ٻولي ۾ سولائيءَ سان اچاري سگهجي ٿو). تڏهن سمجهيم ته اهو ڦرڙاٽ ڪندڙ ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ لفظ هڪ نه پر ٻه هئا يعني where is ۽ ٺاٺا جو مطلب هو ٺٽو يعني ٺٽو ڪٿي آهي؟ ۽ هن سموري ڳالهه جو مطلب هو ته ٺٽي ڪهڙي رستي سان وڃي سگهجي ٿو. مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته هن وري به ٺاٺا چيو. جيڪڏهن ٺٽو جي ٺ بدران ٽ جو اچار ڪڍي ها، جيئن ڪيترائي ڀڄي-آيل-ڀارتي اچاريندا آهن، ته به مان ڇا ڪري پئي سگهيس!

جيئن ٺٽو ڦري ۽ بگڙي ٿٽو، ٺٺو .....، ٿٽا، ٺٺا ۽ ٺاٺا پئي ٿيو آهي تيئن موئِن جو ڊارو، ڪوٽڊيجي، لارڪانا يا لڙڪانا سَڪر، سِنڌِ (Scindhe) ۽ سِنڊ (Sind) پڻ زبردست ۽ زوريءَ بگڙيل لفظ آهن. (سنڌ بابت لکيل ڪجهه پراڻن انگريزي ۽ جرمن ڪتابن ۾ سنڌ جو اچار Scindh لکيل آهي جيڪو ٺيڪ آهي.) تازو ئي سرڪاري طور مڃيو ويو آهي ته سنڌ آئينده Sindِنڊ) نه لکبو پر Sindh (سنڌ) لکيو ويندو. انگريزي ۽ قومي ٻولي ۾ سنڌي ۽ سنڌين جون ڪيتريون ئي شيون، جيئريون توڙي اجيو، خاص طور جن ۾ ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ، ۽ ڻ اکر آهن اهڙو ته بگاڙيون وڃن ٿيون جو ڪيترن ئي موقعن تي کِل سان گڏ شرم به اچيو وڃي. انهن اچارن ۾ مجبوري سمجهندي اسين کڻي ڪوٽڊيجي، راءِ ڊِياچ، ڊاهر، الله ڊنو يا ڊينو جام وغيره تي ماٺ ڪري به وڃون پر سَسِي پُنُو (پُنُون)، عمر مارِي، موئن جو ڊارو وغيره جيڪي ٺيڪ اچاري سگهجن ٿا، انهن کي ڇو ٿو بگاڙي وڃي؟

اهو ساڳيو حشر خاص طرح جڏهن ماڻهو جي نالي يا ذات سان ٿئي ٿو تڏهن مورڳو اندر سڙيو وڃي. جُنيجو، برڙو، کوڙو، ڀَٽُو، مَگنيجو تالپُور وغيره جهڙا بگڙيل اچار ڪنهن جا ٻُڌل ناهن! پر وڏي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جنهن فرد کي اپکيڊ جي مسلمانن جو قائداعظم ۽ پاڪستانين جو حقيقي رهبر سمجهيو وڃي ٿو ان جي ذات کي گذريل پنجاهه سالن کان لاڳيتو بگاڙيو پئي ويو آهي.

محمد علي جي جنم جاءِ جِهرڪن ۾ سمجهي وڃي يا لياريءَ ۾ پر ان تي ڪو به اختلاف ناهي ته سندس ذات جِيڻا هئي جيڪا انگريزي ۾ Jina يا Jinah لکي ويندي هئي جنهن کي اپکنڊ جي غير سنڌي آباديءَ ته بگاڙي جينا، جيناهه، جيناح يا جناح چوڻ شروع ڪيو پر جن ٻولين ۾ ڻ اچاري سگهجي ٿو، جيئن سرائيڪي، پنجابي، هندڪو وغيره انهن ۾ به جناح ئي سڏجڻ لڳو ۽ حد درجي خراب ڳالهه اها هئي ۽ آهي جو سنڌيءَ ۾ به جناح چيو، لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. اسان جيڪڏهن ائين ڪندا رهياسون ته پوءِ سوين لفظن جي بگاڙي ۾ پاڻ به شامل هونداسون ۽ اها، بهرحال، سنڌي ٻولي سان هٿچراند آهي، جنهن ۾ اسين پاڻ گڏ رهي ڪورس جي ڪتابن وسيلي پنهنجي ايندڙ نسلن کي به بگڙيل صورت ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون.

جيئن ڀَٽُو، جُنيجو ۽ جام کي ٺيڪ اچارڻ جو جتن ڪندي اڄ ڪلهه ريڊيو ۽ ٽي وي تي غير سنڌي انائونسر به ڀُٽو، جوڻيجو ۽ ڄام چٽو ڪري اچاري سگهن ٿا تيئن جنهن کي قوم جو ابو سمجهيو وڃي ٿو ان جي ذات پڻ ٺيڪ اچارڻ گهرجي.

بظاهر ته چڪ ننڍي آهي پر پوءِ به اهڙيون سوين چُڪون گڏجي ٻوليءَ جي مزاج ۽ ميٺاڄ کي بگاڙيو ڇڏين.

چُڪ ڀلي ننڍي يا ننڍڙي هجي پر ٺيڪ ڇو نه ڪئي وڃي؟

ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ

اهم ٻوليڄاڻِي وِڻڪن جي چونڊ

 

(Isolating Significant Linguistic Variables

for the Study of Variation in Language(

 

ليکڪ: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

نِشانڪ ميڙا (Notational Conventions):

( ) ٻوليڄاڻي وِڻڪي جي نشاندهي ڪندڙ

// ويڻڪ جي وائياڄاڻي نمائندگي جي نشاندهي ڪندڙ

[  ] وڻڪي جي ويڻڪ فهم جي نشاندهي ڪندڙ

 

ٻوليءَ ۾ ايندڙ ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ پهريون ڪم ٻوليڄاڻِي وڻڪَن (Linguistic variables) جي هڪ محدود ڳڻپ ۾ چونڊ ڪرڻ آهي. ٻوليڄاڻي وڻڪن جي سڃاڻپ کان اڳ، خود ٻوليڄاڻي وڻڪي جي سُوجهه (Notion) تي هڪ سڀَار (General) ابتدائي نگاهه، اڀياس دوران ٻوليڄاڻي وڻڪي ڏانهن هڪ محقق (Researcher) جي رويي کي سمجهڻ ۾ پڙهندڙ جي مدد ڪندي.

هڪ ٻوليڄاڻي وڻڪو چيمبرس (Chambers) ۽ ٽرڊگِل (Trudgill) (1880:60) جي وضاحت موجب:

     هڪ ٻوليڄاڻِي ايڪو (Lingusitic unit) جنهن جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ويڻڪ (varients) موجود هجن ۽ ٻين سماجي ۽/يا ٻوليڄاڻي وڻڪن سان هم آهنگ ڦيرڦار هيٺ ايندڙ هجي.

لابوفۡ (Labov) 1966 جي سرواڻ (Pioneering) ڪم تي پيڙهه رکندي، ٻوليءَ ڪيئن ڦيرَ ڪري ۽/يا تبديل (change) ٿئي ٿي ــــــــ اهو سٽاءُ جاچڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻوليڄاڻي وڻڪو ميدان ۾ آندو ويو. تبديلَ، ائين ٿو ڀائنجي ته ٻوليءَ تي اثرانداز ٿيندڙ هڪ سڀاويڪ رڪن آهي. هڪ اڻٻَڌ (non-fixed) وجود طور ٻولي لاڳيتو هڪ وهڪ جي حالت ۾ رهي ٿي، جنهن دوران ان جون ڪي صورتون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڇوهيون ۽ اوتريون ئي وڌيڪ سڃاڻپ جوڳيون ٿين ٿيون. تبديل سان گڏ ٻولي جاگرافيائي ۽ سماجي ڦيرڦار جي اثر هيٺ به اچي ٿي ۽ جنهن ماحول ۾ ٻولي واهپي ۾ رهي ٿي انهيءَ حالت کي نظر ۾ رکندي ٻوليءَ کي ڦيرڦار هيٺ ايندڙ ڏسي سگهجي ٿو. اها ڦيرڦار ٻوليڄاڻي تبديل جي ميدان ۾ اهميت جوڳو اظهار آهي ڇو ته ٻوليڄاڻي ڦيرڦار دوران اها تبديل اَٽل ٿي سگهي ٿي.

ٻوليڄاڻي وڻڪو هڪ ڀاڙيندڙ (dependent) وڻڪو ٿئي ٿو، انهيءَ حوالي سان ته اهو ٻاهرين عنصرن (اڻ-ڀاڙيندڙ وڻڪن) جيئن سماجي طبقي، ڄمار، جنس وغيره تي دارومدار رکي ٿو. جڏهن انهن اڻ-ڀاڙيندڙ وڻڪن مان ڪو هڪ، سڀ يا ڪي جزا مٽجن ٿا، تڏهن سمجهيو ٿو وڃي ته ٻولي تبديل ٿيندي. ڦيرڦار جيئن ته اڀياس جو هڪ مکيه حوالو آهي، ان ڪري اها اميد رکي وڃي ٿي ته ٻوليڄاڻي وڻڪو ٻوليائي تبديلي جو رخ ڄاڻڻ جي معاملي ۾ هڪ اهڙي وکر (tool) جو ڪم ڪري ٿو جنهن کان ڪنڌ ڪڍائي نه ٿو سگهجي.

سوشيو-لِنگئسٽڪ پَيٽَرنۡس (Socio-linguistic Patterns، سماجي-ٻوليڄاڻي ڍنگ) ۾ لابوفۡ لکي ٿو ته هڪ ڳالِڪ (Speech، ڳالهائيندڙ) برادري جي سماجي-ٻوليڄاڻي اڀياس ۾ ٻوليڄاڻي وڻڪو هر هر ۽ ڪيترائي ڀيرا ظاهر ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڇنڊڇاڻ لاءِ چڱو چوکو مواد گڏ ڪري سگهجي. بِرٽين (Britain) 1991:56 اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اهو }ٻوليڄاڻي وڻڪو{ تڏهن خصوصي اهميت وارو ٿي پوي ٿو جڏهن اهو، مثال طور مختلف قسمن جي ماحولن ۾ واياڄاڻِي (Phonological) وڻڪن جي معاملي ۾، ڇيد ڪندڙ (عنصر ٿي) ڪتب اچي ٿو.

ٻيو ته، لابوف (1991:8) وڌيڪ چوي ٿو ته ٻوليڄاڻي وڻڪو اَڏپي (structural) هجڻ گهرجي: هڪ ٻوليڄاڻي وڻڪي کي انهيءَ حد تائين لاڳو-ٿيندڙ (applicable) هجڻ گهرجي جو جڏهن به هڪ وڏي اڏپ (structure)، ممڪن حد تائين سڄي جو سڄِي، جاچجي ته اهو ان ۾ به ايڪيَل (united) هجي.

ٽيون ته، ان کي جڏهن سماجڄاڻِي (sociological) ماڻَن (parameters) يا ٻوليڄاڻي وڻڪن جي ناتي سان ڏٺو وڃي ته اهو تمام گهڻو تَهدار (stratified) هجڻ گهرجي.

سنڌي ۾ ڪهڙا وڻڪا اهميت جوڳا هئا، سنڌي ٻوليءَ جو جيئن ته اهڙي نڪتهء نگاهه کان اڀياس نه ٿيو هو تنهنڪري اها ڄاڻ ڪنهن ٻئي حوالي سان پڌري ٿيڻي هئي. اوائلي اڀياسن جي ان کوٽ ڪي گنڀير رنڊڪون پيدا نه ڪيون ڇو ته ابتدائي سوالنامو ايترو ته وسيع ٺاهيو ويو هو جو اهو سنڌي ٻوليءَ جي سڄي وائيوئي (phonemic) سرشتي کي پنهنجي دائري ۾ آڻي سگهي ۽ ان ڪري، ممڪن اهميت وارو ڪو به وڙ (item) ان ۾ اچي ٿي ويو پر ان هوندي به اهو ضروري هو ته اڀياس کي وڌيڪ مکيه وڻڪن تائين محدود رکجي.

انهن وڻڪن کي کوجڻ لاءِ، نيٺ جيڪو طريقو (method) ڪم آندو ويو اهو ڏاڍو ڪارائتو هو يعني ماڻهن کي ڳاليندي }ڳالهه ٻول ڪندي{ ٻُڌو وڃي، کانئن سندن ٻولي بابت سوال پڇيا وڃن ۽ شروعاتي ڳالهه ٻول دوران جيڪي لَڌپون (findings) ملن انهن وسيلي اڳواٽ ترتيب ڏنل سوالنامي جي اثرائپ (effectiveness) کي چڪاس ڪجي.

ڪنهن به مقامي رهاڪو سان ڳاليندي، جيڪو ابتدائي مواد هٿ آيو اهو هو پَيسو، مَيدان، عَورت ۽ قَوم جهڙن لفظن جو اچار جنهن ۾ يا ته هڪ اَي موجود هو يا وري اَو جيڪو ڪنهن لفظ جي منڍ يا وچ ۾ آيو ٿي. هتي جن وڻڪن جو ذڪر مقصود آهي انهن جو تعلق سنڌي ٻسُرن (disphthongs) /اَي/ ۽ /اَو/ جي مَٽ سَٽ سان آهي. پڙهيل ۽ مراعات يافته شهري ئي انهن کي ٻِسرو (disphthong) اچارن ٿا جڏهن ته اڻپڙهيل ۽ ڳوٺاڻن جي ڳالهه ٻول ۾ اهي يَڪسُرا (monophthongs) آهن.

شروع ۾ /اَي/ ۽ /اَو/ ٻُسرن کي اسان ڌار ڌار وڻڪي جي حيثيت ڏني پر پوءِ اسان ان سوچ جي خلاف فيصلو ڪيو جنهن جا سبب هيـٺيان هئا:

پهريون، جڏهن اسان پنهنجي گڏيل ڪيل ڄاڻ (data) جي چڪاس ڪئي تڏهن اسان ڄاڻي ورتو ته ڳاليندڙ انهن کي هڪ ٻُسري يا يڪسُري طور مقرر صورت ۾ نه ٿا وٺن. اهي، جن انهن کي ٻُسري طور ڳاليو ٿي انهن پنهنجي سڄي ڳالهه ٻول دوران انهن }جي آواز{ کي ائين برقرار رکيو ٿي ۽ اهڙو ئي رويو انهن ڳاليندڙ جو هو جن انهن کي يڪسُرو ڳاليو ٿي.

جن ماڻهن انهن کي يُڪسرو پئي ڳاليو تن انهن ٻنهي /اَي/ ۽ /اَو/ کي يُڪسرو ئي برقرار رکيو ٿي، اهو چوڻ جو مطلب هي آهي ته جنهن ڳاليندڙ (اَو) جي بدران (او) پئي چيو ان پنهنجي ڳالهه ٻول ۾ لاڳيتو (اَي) جي بدران به (اي) وڻڪو ڪم ٿي آندو. ڳاليندڙ انهن ٻنهي وائيَن (phonemes، صوتين) لاءِ هڪ ڪَرو رويو برقرار رکيو ٿي.

/اَي/ ۽ /اَو/ کي اڪيلي وڻڪي طور چونڊي جاري رکڻ جو ٻيو وڏو سبب ان حقيقت مان ڦٽي نڪري ٿو ته انهن هڪ ڳاليندڙ جي ڳالهه ٻول ۾ ان وڻڪي جو واهپو ٻُسري ۽/يا يَڪسري طور تمام گهڻو هر هر نه پئي ٿيو. ٻوليڄاڻي وڻڪن کي چونڊڻ جي ڪسوَٽي اها گُهر ڪري ٿي ته جنهن وڙ کي هڪ وڻڪي طور چونڊيو وڃي اهو اوس هر هر (لابوف، 1966:03) ڪم اچڻ گهرجي. انهيءَ }کوٽ{ تي قابو رکڻ لاءِ اسان انهن ٻنهي وائيَن کي ٻن بدران هڪ ٻوليڄاڻي وڻڪي ۾ سمائي رکيو.

ٻن ٻسُرن کي هڪ نمايان وڻڪي جي حيثيت ڏيڻ وارو اهو رويو جيڪو اسان اختيار ڪيو، اهو طريقو آهي جيڪو ٻين سماجي-ٻوليڄاڻي اڀياسن، خاص ڪري عربي ٻولي جي اڀياسن ۾ ڪم آندو پئي ويو آهي. (ڏسو شمِدۡت 1974، 1985، جابر 1987 ۽ خَتاني 1992)

اهم سمجهي چونڊيل ٻيو وڻڪو اهو ننڍو وائل (vowel، سُر) آهي جيڪو لفظ جي آخر ۾ اچي ٿو. جيئن سِرَ، مَکِ ۽ مَسُ. اهو وڻڪو ننڍن وائلن /اَ/، /اِ/ ۽ /اُ/ کي سمجهڻ سان واسطيدار آهي جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته اهي ڪڍي ڇڏجن.

ڪڍي ڇڏڻ (deletion) جو اهڙو عمل، ائين ٿو ڀائنجي ته، خاص ڪري نوجوان ڳاليندڙن جي ڳالهه ٻول ۾ ظاهر ٿيو پئي. جن جو ٻوليءَ سان بلڪل سڌو تعلق هو تن وٽ نئين رِواجيَل (innovative) ويڻڪ يعني وائل ڪڍي ڇڏڻ جي حوالي سان انتهائي درست ڪَٿَ (approximation) موجود هئي. ڪن پوڙهن ڳاليندڙن، جن وائل ڪڍي ڇڏڻ جي معاملي ۾ ناپسند جو اظهار ڪيو، اسان جي ان مشاهدي جي تصديق ڪئي.

سنڌي ٻولي جي هڪ مکيه خصوصيت اها آهي ته لفظ واياڄاڻي طرح (phonologiccally) هڪ وائل-ڊگهي، ننڍي ۽/يا گُهڻي (nasilized، نڪائين) تي ختم ٿئي. اها خصوصيت هڪ يا ٻن انڊو-آريَن ٻولين ۾، جن ۾ ڪشميري(1) به شامل آهي، ڏيکارجي ٿي. سَنڌائت اچار واري (articulatory) اها عادت ايتري ته پختي آهي جو جڏهن ڪو لفظ، لکت جي صورت ۾ به، ڪنهن وائڄَڻ (consonant، وينجن) تي ختم ٿئي ٿو ته به اڃا سوڌو هڪ ننڍي وائل /اَ/، /اِ/ يا /اُ/ سان اچارجي ٿو. شرٽ (Shirt) (1978) ٻڌائي ٿو ته سنڌي ماڻهو ڪيئن اها سنڌائت اچار واري عادت انگريزي ڳالهائيندي به ظاهر ڪن ٿا. جڏهن هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو انگريزي ڳالهائيندي توهان کي اهو ٻڌائي ته هن گورنمينٽ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي تڏهن هو پهريان ٻه لفظ گورنمينٽَ اسڪولَ اچارڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. پنهنجي بيان کي اجاگر ڪندي هو هڪ جمل ڪم آڻي مثال ڏي ٿو: مون ساڻسِ انجامُ ڪيو. هن جملي ۾ شرٽ اسان کي ٻڌائي ٿو اسين اهو ڏسي سگهون ٿا ته هر لفظ يا ته ڪنهن گهڻي وائل يا وري ننڍي وائل تي ختم ٿئي ٿو، ۽ جملا ڀلي هزارن جي ڳڻپ ۾ گڏ ڪيا وڃن، بنا ڪنهن هڪ به ڇَڏَڇوٽ جي، نتيجو ساڳيو هوندو.

وائل ڪڍي ڇڏڻ جي حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو ته واياڄاڻي (phonological) تحرير ويڻڪَن جي واهپي تي ڪو به اثر نه ٿي وجهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪنهن خاص ويڻڪ جي پسند، اڳيان يا پٺيان ايندڙ وائيي (phoneme) جي پسند هيٺ نه ٿي هلي. جيئن اڳي طَي ڪري آيا آهيون ته اها هڪ سنڌي خصوصيت آهي ته هر لفظ جو ڇيهه ڪنهن نه ڪنهن وائل تي ٿيڻ گهرجي، ۽ ان معاملي ۾ اها ڳالهه ڪا به حيثيت نه ٿي رکي ته اهو لفظ ڪنهن وائل سان شروع ٿئي ٿو يا وائڄڻ سان. مثال طور هيٺ ڏنل جملن جو بيان هن نُڪتي کي چٽو ڪري ٿو، اهي ٻئي جملا تڏهن هر هر پئي بيان ٿيا جڏهن اسان ماڻهن سان خيالن جي ڏي وٺ پئي پئي.

1- هنَ ملڪَ ۾ امنَ امانَ جي صورتحالِ ڏينهون ڏينهن خرابُ ٿيندي پئي وڃي.

هنۡ ملڪَ ۾ امنُ امانۡ جي صورتحالِ ڏينهون ڏينهن خرابۡ ٿيندي پئي وڃي.

2- اڄُ ڪلهَه جا نوجوان مائٽنِ }مائٽرنِ{ جو چوڻُ ئي ڪو نَه ٿا مڃينِ.

اڄۡ ڪلهَه جا نوجوانۡ مائٽنِ }مائٽرنِ{ جو چوڻ ئي ڪونۡ ٿا مڃين.

مٿين مثالن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترن ئي وائڄڻن پٺيان ۽ وائل رکندڙ (vocalic) ۽ وائڄڻ رکندڙ (consonantal) ٻنهي جي ابتدائي صورت اڳيان وائل ڪڍي ڇڏڻ جو عمل ٿئي ٿي.

وائل وڻڪو سنڌ جي سنڌي ڳالهائيندڙ برادرين ۾، جن ۾ لاسِي، لاڙِي ۽ ڪَڇِي(2) محاورا (dialects) شامل آهن، ٿورڙو محاورائي (dialectal) فرق موجود آهي. گريئرسن (Grierson) 1968:169 ]1919[ ٻڌائي ٿو ته لاسي محاورو وچولي محاوري سان ساڳيائپ (similiarity) رکڻ جي حوالي سان سڃاڻي سگهجي ٿو سواءِ ڪجهه مثالن جي، جن ۾ ممڪن آهي ته آخري وائل ڪيرايو وڃي ۽ ان ڪري لفظ چٽيءَ طرح هڪ وائڄڻ تي ختم ٿئي ٿو. وائل ڪڍي ڇڏڻ وارو عمل، بهرحال، ڪڇِي ۽ لاڙِي ۾ ايترو عام ناهي، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي آخري ننڍو وائل ڪڍي ڇڏڻ جو مضبوط رجحان موجود آهي. هيٺ ڏنل مثال سنڌي محاورن بابت محقق جي پنهنجي ڄاڻ جي بنياد تي جدول جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا:

وچولو                  لاڙِي

ڀاءُ                     ڀا

پيءُ                    پِي

ماءُ                     ما

وِيهَه                    وِي

ٽِريهه (ٽِيهه)           ٽِي }ٽيهۡه{

جوءِ                    جو

هرڻُ                    هرنۡ

چانهِه                  چانهۡه

ٺاهِه                    ٺاهۡه

ڳالهائجِ                        ڳالهائجۡ

شامَ                   شامۡ

جاءِ                     جا

 

ٽيون وڻڪو جيڪو سنڌي ۾ ڦيرڦار جي اڀياس جي لاءِ چونڊيو ويو اهو بيڀُڻي (voiceless) مورڌني (retroflen) بندشي (stop) }وائڄڻ{ /ٽ/، ڀڻڀڻي (voiced) مورڌني بندشي }وائڄڻ{ /ڊ/ ۽ وسرڳ (aspirated) ڀڻڀڻي بندشي }وائل{ /ڍ/ جي ڪڍ ايندڙ ڀڻڀڻي مهارئين (aveolar) لرزشي (trill) ر جي موجوديءَ يا اڻموجوديءَ سان واسطيدار آهي جيئن مائٽر (مائٽ)، جنڊر (چنڊ) ۽ ڏڍر (ڏڍ) لفظن ۾ اچي ٿو.

(ر) وڻڪي سان لاڳاپيل ڄاڻ گهٽ آهي پر ميَسر ساهت (Literature)، جيڪو گهڻي ڀاڱي گريئرسن (1919)، بلوچ (1965) ۽ الانا (1976) مهيا ڪري ڏنو آهي، جي بنياد تي اهميت جوڳي ڄاڻ چونڊڻ لائق ٿي سگهيا آهيون جيڪا جاچ هيٺ آندل ڳالڪ برادرين ۾ ٻن ويڻڪن تي روشني وجهڻ ۾ مدد ۽ ويڻڪن ۾ فرق جي وضاحت ڪري ٿي.

گريئرسن، 1919 ۾ لکندي، پرکيو ته مخصوص محاورن پٽاندر ر جو آواز بدليو پئي: لاڙِي ۾، هن چيو ]ر[ اچار دوران ڪڍي ڇڏيو پئي ويو جيئن ٽري بدران ٽي، کُنڊر بدران کنڊ ۽ ڏڍر بدران ڏڍ، جڏهن ته سرولي ۽ وچولي ۾ اها }ر{ اچاري پئي وئي.

لڳ ڀڳ پنجاهه ورهه پوءِ بلوچ (1965) ۽ الانا (1967) ڏٺو ته اهو لرزشي ]ر[ رڳو سرولي ۾ اچاريو ٿي ويو ۽ وچولي سميت ٻئي ڪنهن به ۾ محاوري ۾ ان جو اچار موجود نه هو. چٽيءَ طرح ڏسي سگهون ٿا ته (پراچين ڏيهي) ]ر[ جي اچار کان ]ر[ نئين رواجيل (innovative) ويڻڪ جي ڪڍي ڇڏڻ تائين هڪ وڏي ٻوليڄاڻي تبديلي واقع ٿي چڪي.

فرض ڪري سگهون ٿا ته اها تبديلي وڌندڙ سجاڳي سان لاڳاپيل آهي جيڪا خاص ڪري 1936 کان پوءِ، جڏهن سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪري ان کي هڪ پاڻ تي ڀاڙيندڙ (independent) صوبو ٺاهيو ويو ۽ عام طرح 1930 ۾ سنڌي ۾ تعليم ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿي. تعليم ۾ واڌ جو سڌو مطلب اهو ته معياري سنڌي لکيت ڏانهن وڌندڙ واقفيت ٿيڻ جنهن ۾ ]ر[ کي اخبارن، درسي لکپڙهه وغيره ۾ خارج ڪيو ويو، ۽ اهو وڏو امڪان آهي ته لکيت جِي ان وڌيل ۽ لاڳيتي واقفيت تعليم يافته ماڻهن تي اثر وڌو جنهنڪري اهي ]ر[ نه اچاريندا هئا.

ان مان تت ڪڍي سگهون ٿا ته اسان جي ٻنهي ڳاليندڙ برادرين ۾ ]ر[ کي ڪڍي ڇڏڻ پڙهيل کي ظاهر ڪندڙ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ]ر[ جي اچار (پراچين ڏيهي ويڻڪ) کي جهوني ۽ اڻپڙهيل جو گڻ سمجِهي سگهجي ٿو.

وچولي محاوري بابت هڪ ٻيو مکيه وسيلو خوبچنداڻي (1961) جو ڏنل مختصر جائزو آهي. وچولي محاوري بابت خوبچنداڻي جي ذڪر هيٺ لکت ۾ اهو متان عجيب ڀانئجي ته وائڄڻ رکندڙ ٽولي ٽر، ڊر، ڍر بابت ڪو به حوالو موجود ناهي. ممڪن آهي ته اهو ان ڪري ٿيو هجي ته لکيل متن سان گڏ خوبچنداڻي رڳو پنهنجو ڳالهائڻ مشاهدي هيٺ آندو هجي. توڙي جو هو پاڻ کي وچولي محاوري جو مقامي رهاڪو ڄاڻائي ٿو، اهو ذهن ۾ ضرور رکيو وڃي ته هن جي ڳالڻ تي متان ان ڪري اثر پيو هجي جو هن پنهنجي جوانيءَ (teenage) ۾ ئي سنڌ مان لڏپلاڻ ڪئي (ڏسو خوبچنداڻي، 1961:03) ساڳيءَ طرح الانا جي تحرير (1991، ]1963[) به آهي. توڙي جو هن پنهنجي ڳالڻ جو ڇيد ڪيو، جنهن بابت هو سمجهي ٿو ته وچولي محاوري سان تعلق رکي ٿو، ٽر، ڊر ۽ ڍر جي معاملي ۾ ڪو به حوالو نه ٿو ملي جنهن مان اهو مطلب وٺي سگهون ٿا ته لاڙِي محاوري جو اثر، جيڪو سندس اصلي محاورو آهي، مٿس اڃا سوڌو موجود آهي ۽ اهو ئي ]ر[ ڪيررائڻ (elision) جو سبب آهي.

اهڙي اثرائتي جائزي جي نتيجي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن ٽنهي وڻڪن کي اڀياس جو مامرو (crux) بنايو وڃي، توڙي جو، جيئن هر هڪُ مَيسر ڄاڻ/سوالنامي مان کوجي وٺندو، دلچسپي جو ڪارڻ اهي وايا (phones، صوتَ) نه هئا. ابتدائي خيالن جي ڏي وٺ دوران، جن ۾ اهي به شامل آهن، جيڪي سوالنامي کي چڪاسڻ لاءِ ظاهر ٿيا، خصوصي ڏيان انهن وڻڪَن تي ڏنو ويو آهي.

 

نوٽۡسۡ (Notes):

(1) انهيءَ سلسلي ۾ چڱو چوکو ناٺاهه موجود آهي ته ڪشميري ٻولي درحقيقت ٻولين جي ڪهڙي گهراڻي سان تعلق رکي ٿي: ڪي ان کي انڊو‑ايراني ٻولين جي داردي سٿ ۾ رکن ٿا. انهيءَ سان گڏ داردي ڪڏهن ڪڏهن ٻولين جو انڊو‑آرين شاخ (اتر‑اولهائين ٽولي) ۾ شامل سمجهي ويندي آهي. تفصيلي بحث لاءِ ڏسو گريئرسن، 1968 ۽ ڪِرسٽل (Crystal) 1992.

(2) ٻولي جي ڄَڻڄاڻِي (Genetic) تفصيل موجب، ڪڇِي کي سنڌي جي هڪ محاوري طور درجبيند ڪيو ويندو آهي. اها حقيقت آهي ته هاڻي ڪڇ ڀارت ۾ گجرات صوبي جو هڪ حصو آهي ۽ ان جو مطلب هي آهي ته ڪڇي ڳالهائيندڙ اڪثر ڪري پاڻ کي گجراتي ڳالهائيندڙ سمجهندا آهن. (تفصيلي بحث لاءِ ڏسو الهه ڏنو، 1948).

 

ڪتابَسُڌ (Bibliography)

 

الانا، غلام علي، سنڌي صوتيات 1967. ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد.

Allana, G. 1991. The Arabic Element in Sindhi (Dissertation submitted in 1963 to the University of London for the partial fulfilment for the degree of M.A in Linguistics). Lahore: Muktab-e-Danishwaran.

Alladina, Safdar. 1984. The status of Kachchi in India and Britain implication for language teaching. Paper read at the conference on Language without a Written Tradition and their Role in Education, 1984 London.

Baluch, N.A. 1965. Introducing a comprehensive dictionary of classical and current Sindhi: In Dil, A.S Studies in Pakistani Linguistics 93-114. Lahore.

Britain, D. 1991. Dialect and Space: a geolinguistic study of the speech variables in the Fens. Ph.D. thesis, University of Essex.

Chambers, J.K and Trudgill, P. 1980. Dialectology. Cambridge: Cambridge University Press.

Crystal, D. 1992. An Encyclopedic Dictionary of Language. Oxford: Basil Black well.

Greirson, G. [1919] 1968. Linguistic Survey of India. Volume VIII Part II. Delhi: Motilal Bansaridas.

Jabeur, M. 1987. A Sociolinguistic Study in Tunisia: Rades. Ph.D thesis, University of Reading.

Khtani, A.S. 1992. The Impact of Social Change on Linguistic Behaviour. Ph.D. thesis, University of Essex.

Khubchandani, L.M. 1961. The Phonology and Morphophonemics of Sindhi. M.A. dissertation, University of Pennsylvansia.

Labov, W. 1966. The Social Stratification of English in New York City. Washington D.C. Centre for Applied Linguistics.

1972. Sociolinguistic Patterns. Oxford: Basil Blackwell.

Schmidt, R.W. 1974. Sociolinguistic Variation in Spoken Egyptian Arabic: An examination of the concept of Diglossia. Ph.D. dissertation, Brown University.

Shirt, G. 1978. Traces of Dravidian elements in Sindhi: The Indian Antiquary Volume II 292-293.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com